ڪليم ٻُٽ
هوءَ ڪير آهي؟ دماغ جي پردن سان هڪ ڀيرو ٻيهر
اهوئي سوال ٽڪرايو هو....... ڇو سندس چهرو ڄاتل
سڃاتل ٿي لڳو! ڇو سندس ويران ۽ زندگي کان خالي
اکين ۾ پنهنجائپ جي جهلڪ هئي..... هن سان ڪٿي مليو
آهيان...... ۽ اهو به ڇو لڳم ته هن سان منهنجو جنم
جنم جو ناتو آهي!
ڪيڏيون نه پراسرار هيون سندس اهي ڪاريون اکيون،
انهن ۾ ڪهڙي ڪشش هئي جو منهنجي روح کي پاڻ ڏي ڇڪي
ويون...... مون اڄ تائين ڪيترن ئي دماغي مريضن کي
ڏٺو آهي، ڪنهن به مريض کي ڏسي بيچين ڪونه ٿيو
آهيان، پر هوءَ سڀني ۾ بدليل هئي....... ڪي ڌنڌلا
عڪس ذهن تي ڇڏي وئي، اهڙن چهرن مان ڪو هڪ ته نه
هئو، جن کي ڇڏي زمانو ٿيو اٿم. ڪافي عرصو پهرين
آمريڪا مان
Behavorial Psychdogy
۾ Ph.D ڪرڻ
بعد سنڌ وريو آهيان، هتي ڪجهه به ڪين بدليو آهي،
نه وري ڪجهه بدلجڻ جو امڪان آهي.
آءُ هڪ سرڪاري اسپتال جي مينٽل وارڊ جي نگرانيءَ
سان گڏ حيدرآباد جي مختلف يونيورسٽين ۾ ليڪچر پڻ
ڏيندو آهيان، ان کانسواءِ هڪ مشهور انگريزي اخبار
۾ آمريڪين جي نفسيات سان هتان جي ماڻهن جي نفسيات
ڀيٽڻ وارو هفتيوار ڪالم به لکندو آهيان. ڏهه سال
اڳ جڏهن خاندان وارن مون سان سڀ رشتا ناتا ٽوڙي
ڇڏيا ته هٿين خالي حيدرآباد آيو هوس، بدين اسٽاپ
کان ويندي ٽاور مارڪيٽ تائين. هيءُ شهر پاڻ جيان
اجڙيل لڳو هوم. آءُ بابا، امان جو اَڪيلو اولاد
آهيان، بابا جي وفات کان پوءِ ٻنهي چاچن هر شيءَ
تي قبضو ڪري، مونسان لاتعلقي جو اعلان ڪيو هو،
بابا جي ٽيجهي تي امان پاڻ مٿان گاسليٽ هاري ساڙي
ڇڏيو. الائي ڇو مون کي لڳندو آهي ته امان خودڪشي
نه ڪئي هئي کيس زندهه جلايو ويو هو.
اهڙن مڪار ماڻهن سان رشتو ٽٽڻ تي ڪوبه ڏک ڪين هوم،
جي ڪو رنج، ڪو افسوس هو ته نسيمه، پنهنجي سؤٽ جا
وڏي چاچي عباس جي ٻيو نمبر ڌيءَ هئي، ۽ ننڍي لاءِ
کان منهن جي نالي ڪيل هئي، سان رشتو ختم ٿيڻ جو
هو. هن مونسان زندگي گڏ گذارڻ جا سپنا ڏٺا هئا....
مونسان پيار، محبت، عشق ۽ وفا جو ڪلمو ڀريو
هئائين، سندس گول، معصوم ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان
حسين چهرو هر وقت پيو اکين آڏو ڦرندو هو.... خبر
ناهي مونکان پوءِ انهن ظالمن هن ويچاريءَ سان ڇا
ڪيو!! ان وقت سندس عمر 19 سال هئي ۽ آءُ 24 سالن
جو سانوري شڪل وارو جوان
پر جڏهن ان وکريل وارن، جنهن ۾ مٽي ۽ دز هئي،
ڳاڙهين اکين هيٺان ڪارا نشان، بي رونق چهري، ۽ جسم
۾ ڀريل عورت در در جا ڌڪا کائي هتي پهتي هئي تي
نظر پئي هئم ته اندر اڌ مئو ٿي ويو، نسيمه جي ياد
جا ڳاڙها گل من جي چمن تي ٽڙي پيا، ڄڻ اجڙيل
واديءَ ۾ ڪنهن سندس ياد جي آزان ڏئي ڇڏي، چتائي ان
عورت کي ڏٺو هئم، ذهن ۾ صرف هڪ ئي نالي جو پڙلاءُ
ٿيو هو، نسيمه.... نسيمه......!! شيشي جي در مان
ٻاهر نڪري سيمنٽ جي وڏي ميدان تي بيهي، ڏکڻ کان
هلندڙ هير ۾ وڏا وڏا ساهه کڻڻ شروع ڪيم، پوءِ به
دماغ جائتو ڪين ٿيو هو....... ان وقت اڇي لباس ۽
مٿي تي اڇو رئو رکيل سسٽر ارم کيس ڇڙٻون ڏيندي
وارڊ ڏئي وٺي وئي، سسٽر ارم هن سان ائين ٿي
ڳالهايو ڄڻ هوءَ ڪا گهٽ ذات واري عورت هجي، ۽ پاڻ
اوچي ذات واري
مان پنهنجي گاڏي جا اسپتال جي پارڪنگ ۾ بيٺل هئي
تي سوار ٿي قاسم آباد ۾ ٻن ڪمرن واري فليٽ تي آيس،
ٻن مان هڪ ڪمرو ڪتابن سان ڀريل آهي، جنهن کي اسٽڊي
طور استعمال ڪندو آهيان، جڏهن ته ٻيو بيڊروم،
فرنيچر، ڪالين ۽ پردن سان سينگاريل. رستي ۾
ڪيترائي ڀيرا دماغ هڪ ئي سوال کي ٿي ورجايو: آخر
هوءَ ڪير آهي؟ هن سوال جو جواب ڪٿان به ڪونه مليو
هو، بيقراريءَ ۾ انٽرلاڪ ۾ چاٻي ڦيري ڪاٺ جو در
کولي اندر داخل ٿيس ۽ جيڏي مهل در کي ڇڏيم ته
پاڻمرادو بند ٿي ويو، اندر اچڻ ساڻ ئي سامهون واري
ننڍڙي ڪچن تي نظر پئي، جنهن جي روشندان مان سج جي
روشني فليٽ اندر جهاتي ٿي پاتي، ٿانو وکريا پيا
هئا ۽ فليٽ هر ڇڙي ڇانڊ وارو ڏيک ٿي ڏنو. ڪمري ڏي
وڌي ويس، بنا لائيٽ کولي وچ ۾ پيل ڊبل بيڊ تي
ويهي ان رات بابت سوچڻ لڳس جنهن رات ڳوٺ ڇڏي
حيدرآباد پئي آيم. ڪيڏي نه ڪاري هئي اها رات بلڪل
منهنجي جيون جيان! آخري دفعو نسيمه سان مليو هوس.
”مان سدائين تنهنجو انتظار ڪنديس سجاد،“ سُڏڪو
ڀريندي چيو هئائين، سندس زم زم جهڙي شفاف چهري ۾
ڏٺو هوم، هوءَ وڏا وڏا ساهه کڻي رهي هئي. سج مڪمل
طور لهي ڪاراڻ ڪري چڪو هو، هميشه جيان اوطاق جي
ڀرسان واري ٻني، جنهن کي دن واري ٻني سڏيندا
هئاسين ۾ مليا هئاسين، پوکيل چار جريبن جي ٻنيءَ ۾
صرف سائي ڀاڄي. اصل ۾ هيءَ ٻني منهنجي حصي ۾ آيل
هئي. مان مذاق ڪندي نسيمه کي چوندو هوس.
”شادي جي پهرين رات هن ٻنيءَ ۾ ضرور اينداسين،“ ته
هوءَ شرمائڻ لڳندي هئي. آخري دفعو به اسان ان ساڳي
ٻنيءَ ۾ ملاقات ڪئي هئي، هوءَ سُڏڪا ڀري رهي هئي ۽
مان وچ ۾ بيٺل هيڪلي اُداس نم جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي
پنهنجي درد کي لڪائڻ جي راند ڪري رهيو هوس. واٽر
مان ايندڙ پاڻي جي شر شر وانگي تيز ساهه کڻندي
پڇيو هئائين. ”مونکي وٺڻ ايندين نه؟“ هڪ دفعو
جهڪيل ڪنڌ کڻي سندس معصوم مُک کي تڪيو هوم، ڪارين
وڏين اکين مان موتي جهڙا لڙڪ ڳلن تي برف جيان ڄمڻ
لڳس. اڇي گلن واري رئي جي پلوَ سان آليون ٿيل
اکيون اگهندي مٽي جي ننڍڙي دڙي تي ويهي رهي هئي.
منهنجو سمورو جسم ٿي ٿڙڪيو مٿان وري ڪتن جو ڀونڪڻ
هانؤ ڏڪائي ٿي ويو، ائين پي لڳو اجهو ڪنهن ٻارَ
مان نڪري حملو ڪندا. ”ڳالهائين ڇو نٿو.“ مٽيءَ جي
دڙي تان اٿندي ڏکايل لهجي ۾ چيو هئائين.
”ڇا ڳالهايان نسيمه!“ هڪ دفعو کيس ڏسي هوا ۾ لڏندڙ
لوسڻ ۽ گاهه کي ڏسندي ٻڏندڙ آواز ۾ چيوهومانس.
”ٻڌاءِ نه“ ساڳي غمگين لهجي ۾ چيو هئائين! ”ته تون
موٽي ايندين نه!“
”خبر ناهي“ ڏڪندڙ چپن سان چيو هوم ۽ آلي چيڪي مٽي
۾ اکيون وجهي ڇڏيون، ٻين تاريخ جو چنڊ ڪنهن وڻ جي
سُڪل ڇوڏي جيان بي نور بيٺل هو ۽ ويتر جهان ۾
اُداسي ٿي پکيڙيائين. منهنجي ويجهي ايندي چيو
هئائين: چئبو سڀ رشتا ختم ڪيو پيو وڃين.“
”مون ختم ڪيا آهن رشتا!“ حيرانيءَ ۾ کيس ڏسندي
چيم، لهجو سرد ٿي ويو هو. منهنجو هن ڪوبه جواب نه
ڏنو هو ۽ مان هُن کي پُٺي ڏئي هلڻ لڳو هوس.
”سجاد...... “ پويان کان سڏيو هئائين، ٻه قدم مس
هليو هوندس، سندس واتان نڪتل منهنجي نالي قدمن کي
آلي زمين ۾ ڄمائي ڇڏيو يا ڪنهن پيرن ۾ وزني
زنجيرون وجهي ڇڏيون هيون. پويان کان اچي ڪلهي تي
هٿ رکندي چيو هئائين: پوءِ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي،
جنهن جي مونکي سزا ٿو ڏين؟“ سندس آواز ۾ هڪ درد
هو، پر سڀ ديوتا پٿر جا بُت بڻجي چُڪا هئا، سندس
درد ۾ نه آسمان ڪِريو نه ڪو وري زمين ڦاٽي هئي.
”اسان جهڙن انسانن جي نصيب ۾ بنا ڪو ڏوهه ڪئي ئي
سزا لکيل هوندي آ، نسيمه“ جواب ڏنو هئم، اندر صفا
ڀرجي آيو هو.
”جي تون چئين،“ همت ڪندي چيوهئائين ”آءُ توسان ڀڄي
هلڻ لاءِ به تيار آهيان.“
”ڀڄي هلنداسين به ڪاڏي؟“ مُڙي سندس مُک کي هٿن جي
پيالي ۾ پڪڙيندي چيوهومانس. ايتري ۾ ڳوٺ جي مسيت
مان سانجهيءَ جي آذان آئي هئي.
”هاڻي گهر وڃ، دير ٿي وئي آهي.“ هن ڪوبه احتجاج نه
ڪيو هو، وڏي چادر ۾ منهن لڪائي تڪڙيون وکون کڻڻ
لڳي هئي، نم هيٺان بيهي کيس تڪيو هوم، هوءَ ويران
۽ ٿڪل قدمن سان هلندي مونکان پري وڃي رهي هئي، هن
ساڻ ڪو ٻيو به هو.... ها، ها، هوءَ پاڻ سان گڏ
منهنجي زخمي روح کي به وٺي وڃي رهي هئي.... آءُ ڄڻ
مٽيءَ جو ٺهيل هڪ مجسمو هجان، ڳوٺان نڪري سڌو راڌڻ
اسٽيشن تي آيس، کيسي ۾ صرف ٻه سو رپيا هئا، 75
روپين ۾ ٽرين جي ٽڪيٽ وٺي حيدرآباد اچي نڪتس. هتي
پنهنجي دوست واجد سان رابطو ڪيم جيڪو ڳوٺائي به
هو ۽ هاڻي ڪنهن اين.جي.او ۾ وڏي پوسٽ تي ڪم ڪري
رهيو هئو ۽ کيس پرپوزل لکڻ ۾ مهارت هئي، اهڙو
ڪاغذن کي ٺاهي پيش ڪري ڊونر پيسا ڏيڻ تي مجبور ٿيو
پون ۽ پوءِ هن مون تي مهرباني ڪري انهيءَ
اين.جي.او ۾ پڻ لڳرايو ۽ ڳوٺان منهنجون ڊگريون ۽
ڪاغذ جيڪي نسيمه جي حفاظت ۾ ڇڏي آيو هوس کڻي آيو
هو.
”نسيمه توکي ڏاڍو ٿي ساريو.“ هن ٻڌايو هو. هوٽل تي
ويهي کليل آسمان ۾ نهاريو هوم، ڪوبه جواب نه ڏئي
سگهيو هوس ته چيو هئائين: ”هن چيو مرڻ گهڙي تائين
تنهنجو انتظار ڪندي.“ روح چچريل محسوس ڪيو هوم،
اکيون ڀرجي آيون هيون ڄڻ روح اڻ کٽندڙ پيڙا کي ڪو
رستو ڏينديون هجن، واجد کي ڇڏي ويران روڊ تي نڪري
آيو هوس.
واجد ئي اهو شخص هو جنهن زور ڀريو ته
P.h.D لاءِ آمريڪا
وڃان، انهن ڏينهن ۾ ايجوڪيشن پروجيڪٽ مليو هو ته
منهنجو اسڪالرشپ فارم ڀري پنهنجي اداري جي خرچ تي
موڪليو هئائين، ۽ آءُ آمريڪا هليو ويس.
هڪ دفعو وري ماضيءَ کي لتاڙيندو اچي حال ۾ بيٺس،
ڪمري ۾ اڃا به ڪا روشني ڪونه ڪيم، ڪجهه سمجهه ۾
نٿي آيو ته ان ويران اکين واري چري عورت سان ڪهڙو
رشتو هو، ڪهڙو تعلق هو...... دماغ ۾ هڪ ٻي سوال به
جنم ورتو ته: هوءَ پيدائشي چري هئي، يا کيس چريو
ڪري اڇلايو ويو آهي؟ کيس ان حالت ۾ ڏسي منهنجو روح
ڇو تڙپي پيو آهي..... ڪير آهي هوءَ؟
بيڊ تان اُٿي پهرين بتي کولي ۽ پوءِ در کي وٿي ڏئي
ڪچن ڏي آيس، فرج مان پاڻيءَ جي بوتل ڪڍي ڍڪ لاهي
وات تي رکيم. ٿڌو پاڻي نڙيءَ کان هيٺ لٿو هو، آس ۽
نراس ۾ غوطا کائڻ لڳس. نسيمه ۽ ايليءَ کان پوءِ
هيءَ چري ٽين عورت هئي جنهن لاءِ بيچين روح جسم جي
پڃري ۾ ڦٿڪڻ لڳو هو
ايليءَ سان آمريڪا ۾ مليو هوس، دنيا جي ڪجهه وڏين
عمارتن مان هڪ جي آخري فلور تي بيهي ميڊسن اسڪوئر
تي نظر وڌي هوم جتان انسان ڪيڙن ماڪوڙن جيان
رڙهندا لڳا هئا، ان وقت دنيا جي مهذب ترين ماڻهن
جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. هيءُ اهي ماڻهو هئا. جيڪي
پاڻ کي زميني ديوتا سمجهندا آهن. ”ڇا هي واقعي
مهذب آهن؟“ پاڻ کان پڇيو هوم، پري کان ويهي
سمجهندو هوس ته هي ڪي وڏي شيءَ، ڪا خلائي
مخلوق...... هر ڳالهه ۾ اسان کان اڳيان، پر سندن
وچ ۾ اچي هر سوچ جي ترديد ٿي وئي.
Cell
Lift ذريعي گرائونڊ
فلور تي آيس ۽ عمارت کان ٻاهر نڪري ميڊيسن اسڪوئر
جي کاٻي پاسي هڪ گهٽي ڏئي مڙڻڻ لڳس، رات جو پهريون
پهر هو. قدرتي روشني کي مصنوعي روشني ڳڙڪائي ڇڏيو
هو، نيويارڪ جي سماجي زندگي ڪنهن جوان ٿيندڙ
دوشيزه جيان پنهنجو روپ بدلي رهي هئي. ڪي ڀٽڪيل
ڪاليجي ڇوڪرا جن ۾ ٻه ڄڻا بلڪل گنجا، جسم تي عجيب
شڪلون (Tattoos)
هون، شراب جون بوتلون ليمپ
پوسٽ تي ڀڃي، ڪتي جيان ڪيهون ڪندا ايڊمس اسٽريٽ
ڏانهن هليا ويا، سندن هيءَ حالت ڏسي سنڌ جي
موالين جي شرافت جو ثبوت مليو هو. آءُ هيڪلي سر ان
گهٽيءَ طرف هلڻ لڳس جو پويان کان ڪنهن جون رڙيون
ٻڌيون هوم:
”هيلو مسٽر....... مسٽر.....!“ مڙي ڏٺم هڪ ٿلهن
چپن ۽ گنڊي وارن واري ڇوڪري، جنهن کي بليڪ شرٽ ۽
شارٽس پاتل هئا، مونکي سڏي رهي هئي بيهي سوچڻ لڳس
ته: هوءَ ڪير آهي...... ڇا مسئلو آ..... آءُ ته
کيس سڃاڻائي ڪونه ......!! تڪڙيون وکون کڻندي مون
وٽ آئي هئي، ڪلهي ۾ ناسي رنگ جو بيگ ٿي لڙڪيس،
ٿلهن چپن تي چمڪندڙ لپ اسٽڪ، وڏا وڏا ساهه کڻندي
پڇيو هئائين:
”ڇا واقعي ان ڳالهه جو شوقين آهين، هي رت ايشيا ۾
به آهي ڇا؟“ پريشانيءَ مان کيس ڏسندي چيم: ”معاف
ڪجو مون ڪجهه سمجهيو ڪونه!“ ”اهو علائقو“ هن اک
هڻي مرڪندي چيو هو. ”جنهن ڏي تون وڃي رهيو آهين سو
هم جنس پرست مردن جو آهي“ هن جي اها ڳالهه ٻڌي
منهنجا تاڪ لڳي ويا هئا
”باقي“ هن شرارت ڀريءَ انداز ۾ چيو هو!“ شوقين
آهين ته ڀلي وڃ، نه ته ان گهٽيءَ ۾ پير رکڻ سان ئي
ڳڀرو جوانن جي عزت نيلام ٿي ويندي آهي.“
”نه، نه، بلڪل به نه......“ هڪ دم سندس ٿورو
مڃيندي جواب ڏنو هئم: ”مان ته بس گهمڻ لاءِ نڪتو
هوس.“
”ته پوءِ اچ مونسان.“ هن اهڙي انداز ۾ چيو ڄڻ هوءَ
جهڙو ورهين کان سڃاڻندي هجي، آءُ به بيشرمن جيان
هن پٺيان لڳي پيو هوس، اسان پيلي ۽ اڇي پٽي واري
فٽ پاٿ تي هلڻ لڳاسين، ڪجهه گاڏيون ۽ هڪ ڊبل ڊيڪر
بس هارن وڄائينديون اسان کان اڳيان وڌي ويون،
وڏيون وڏيون ٽي.وي جون اسڪرينون، بل بورڊ ۽ اشتهار
چمڪي هڪ عجيب ماحول جو ڏيک ڏئي رهيا هئا. روڊ جي
ٻنهي پاسي ٺهيل وڏين عمارتن جون لائيٽون به کليل
هيون. ٻاهر ته هر طرف روشنيءَ جا منظر هوندا هئا،
پر آمريڪين کي ڏسي لڳندو هوم ته سندن من آجهل ۽
ويران آهن، هر آمريڪي کي ابدي روشنيءَ جي تلاش
لاءِ ڀٽڪندو محسوس ڪندو هوس. ايلي سان گڏ هڪ اوپن
ايئر ريسٽورنٽ تي آيو هوس، ڄاريءَ جي پاسي ۾ رکيل
خالي ڪرسين مان هڪ تي ويهي چؤطرف نظر ڦيرائي.
ريسٽورنٽ ۾ تمام گهڻي رش هئي، هر ٽيبل تي بيئر جون
کُليل بوتلون ۽ فضا ۾ سگريٽن جو دونهون شامل هو.
”منهن جو نالو ايلي آهي.“ هن منهنجي سامهون واري
ڪرسيءَ تي ويهندي ٻڌايو ۽ پوءِ چيز برگر جو شلف
سروس ذريعي پنهنجي ۽ منهنجي لاءِ وٺي آئي
”سجاد“ مرڪي کيس پنهنجو نالو ٻڌايو هوم.
”ڇا ڪندو آهين؟“ مونکي ڏسندي دوستاڻي انداز ۾ چيو
هئائين.
Behavorial Pschology
۾ PH.D
ڪرڻ آيو آهيان،“ سلجهيل لهجي ۾ کيس جواب ڏنو هوم
”مان هڪ ڪورئير ڪمپني ۾ ڪم ڪندي آهيان، ”واڇن وٽان
ٽشو سان چيز صاف ڪندي چيو هئائين: ”هتي ميڊيسن
اسڪوئر جي ٻي پاسي ٽي بلڊنگون ڇڏي رهندي آهيان.“
مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو هو ته پڇيو هئائين:
”تون ڪٿي رهندو آهين؟“
”آءُ به ميڊيسن اسڪوئر وٽ ئي رهندو آهيان، هفتي
فليٽ ڇڏڻو اٿم.“ کيس ٻڌايم، ته چيائين:
”مان اڪيلي آهيان، جي تون چاهين ته منهنجو پيئنگ
گيسٽ ٿي رهي سگهين ٿو.“ سندس هن آڇ تي اندران ڏڪي
ويو هوس. تاثر منهن تي صاف ظاهر ٿيڻ لڳا هئا، جن
کي هن توري ورتو ۽ مرڪندي چيو هئائين:
گهٻراءُ نه اهڙو ڪجهه به ڪين ٿيندو.“
”ڇا؟“ ڏڪندي ڏڪندي حيرانيءَ مان پڇيوهومانس.
”جيڪو تون سوچين پيو.“ ساڳي مرڪ برقرار رکندي چيو
هئائين. خاموشي سان ڪنڌ هيٺ ڪري برگر کائڻ لڳس،
ڪمري جو ڪرايو ٻڌايائين ته هڪدم هامي ڀري هئم،
پوءِ هن ايڊريس سمجهائي هئي. ٻئي ڏينهن سامان
کڻائي ايليءَ جي فليٽ تي آيس. ٻن ڪمرن ۽ هڪ هال،
هڪ ڪچن واري فليٽ ۾ گڏ رهڻ لڳاسين. ايليءَ سان گڏ
رهندي خبر پئي ته ڊالر کان وڌيڪ قيمتي شيءِ هن
لاءِ ٻي ڪا ڪونه هئي. هن اهو به ٻڌايو ته سندس
ماءُ حد کان وڌيڪ ٿلهي آهي، ڪاري جسم تي گوشت جو
جبل اٿس، ڊاڪٽرن سندس چرٻي ڪڍڻ لاءِ ميڊيڪل سينٽر
۾ رکيو آهي، ۽ ايلي پنهنجي ماءُ کي سنهو ڪرڻ لاءِ
ڪمائي رهي هئي.
هتان جي زندگي ايتري تيز هئي جو وقت ڪاڏي ويو ڪنهن
کي ڪا خبر ئي نه پئي، ماڻهن جي زبان تي هڪ جملو
عام ملندو هو ته هنن وٽ وقت ڪونهي، ۽ اهو سچ به
هو، دنيا جي هر شيءَ موجود هئن سواءِ وقت جي. هڪ
ئي فليٽ ۾ رهندي ايليءَ سان قسمتي ملاقات ٿيندي
هئي. اهو آچر جو ڏينهن هو، ايلي اُٿي پنهنجي ڪمري
کان ٻاهر آئي ته مان لائونج ۾ اخبار ٿي پڙهي ۽ گرم
ڪافيءَ جون سُرڪيون ٿي ڀريون.
”گڊ مارننگ،“ اُوٻاسي ڏيندي چيو هئائين ته مارننگ
به گڊ ٿي وئي، هوءَ منهن تي خماريل مرڪ سجائي
ننڍڙي ڪچن جنهن ۾ اوون، هڪ مني سنگل ڊور فرج ۽ ٻه
ڪٻٽ لڳل هئا ڏانهن وئي، ڪجهه گهڙين کان پوءِ ڪچن
وٽ بيهي چيو هئائين.
”مهرباني.“
”ڇاجي لاءِ!“ اخبار مان نظرون ڪڍي حيرت مان کيس
ڏسندي پڇيو؟
”ڊسٽ بن صاف ڪرڻ لاءِ“ هن مرڪندي چيو هو.
”اهو ته منهنجو فرض هو“ هروڀرو فلمي ڊائلاگ
هنيومانس. ”او اڇا،“ هن مرڪي چيو هو ته ها ۾ ڪنڌ
لوڏيو هوم، مونکي پُٺي ڏيندي چيو هئائين:
”اوهان ايشائي ماڻهن کي فلرٽ ڪرڻ ڪونه ايندو آهي.“
”اها“ کيس شرارت ڀري لهجي ۾ جواب ڏنو هوم!“ ئي ته
اسان جي خوبي آهي ته اسين من جا سچا هوندا آهيون.“
هن وڏو ٽهڪ ڏنو هو، پوءِ چيو هئائين: ”ڪافي عرصي
کان مان ٻاهر گهمڻ نه وئي آهيان،“ اخبار ڪاري صوفي
تي اڇلائيندي ڪچن طرف ڏٺو هوم.
”هونءَ ته اڪيلي به وڃي سگهان ٿي.“ ڪافيءَ جي ڪٽلي
اوون تي رکندي چيو هئائين!“ پر نيويارڪ جي ڊگهن
رستن تي اڪيلو گهمندي بيزاري ٿي پوندي اٿم.“
”ها.“ ٽنگ ٽنگ تي رکندي جواب ۾ چيو هومانس؛ ”آءُ
به هن روٽين لائيف مان بور ٿي ويو آهيان.“
”پوءِ مان تيار ٿي اچان ته هلون ٻاهر؟“
ڪاري ڪافي مگ ۾ لاهيندي پڇيو هئائين.
”ها، ها بلڪل،“ جواب ڏنو هومانس، ڪٻٽ کولي بسڪوٽن
جو پاڪيٽ ڪڍيو هئائين ۽ ڪمري ۾ هلي وئي.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هوءَ نيري ڊريس پائي ٻاهر نڪتي،
اڃا بلڊنگ مان پير مس ٻاهر ڪڍيا هئا جو مينهن وسڻ
شروع ٿي ويو. ايلي مرڪي منهنجي پاسي کان هلڻ شروع
ڪيو هو، اُداس نظرن سان چانديءَ جي ڪلر واري روڊ
تي ڦُڙيون ڪرندي ڏٺيون هئم، مينهن اسان جي ارادي
کي بدلائي نه سگهيو، هونءَ به آمريڪا ۾ مينهن پوڻ
ڪري ڪوبه ڪم ملتوي ڪين ٿيندو آهي. اسين نيويارڪ جي
هڪ مشهور پارڪ ڏي پنڌ هلڻ لڳاسين، اهو پارڪ شڪل ۾
بيضوي ٺهيل هو، هڪ قطار ۾ ڪيڪٽس جا 150 خوبصورت
وڻن جا قسم لڳل هئا، دلڪش نموني سائي آسٽريلوي
ڇٻر، وچ ۾ گول ڦوهارو جنهن ۾ رنگ برنگي بتيون لڳل
هيون. اسين وجيٽيبل برگر ۽ ڪوڪ جا ٻه گلاس وٺي هڪ
بينچ تي ويهي رهياسين، ڪلاڪ کن اُتي ئي ويهي آس
پاس جي ماحول کي ڏسندا رهياسين، ان دوران ايلي
پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو هو، کيس ٿلهي ماءُ جو
تمام گهڻو فڪر هئو، هو پاڻ ۾ ست ڀاءُ ڀيڻ هئا، پر
ٻيا سڀ ماءُ کي ڇڏي پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ لڳي ويا،
هو ڳالهائيندي ٿي وئي ۽ منهنجو روح هن طرف ڇڪجندو
ٿي ويو. ان وقت احساس ٿيو هوم ته دنيا جي هر مڊل
ڪلاس ۽ لور ميڊل ڪلاس انسان جا مسئلا، چاهتون ۽
ارمان ساڳيا ئي آهن.
”ايلي“! سندس نالو کنيو هوم
”هون.......!“ هن گنڊي وارن ۾ آڱر ڦيرندي چيو هو.
”تنهنجيون اکيون تمام خوبصورت آهن.“ سندس وڏن نيڻن
۾ ڏسندي چيو هومانس ته کلڻ لڳي هئي ۽ غور سان
منهنجي منهن ۾ ڏسندي چيو هئائين:
”فلرٽ پيو ڪرين؟“
”نه؛“ سائي ڄاريءَ جي ٻي پاسي برساتي پاڻيءَ کي
نالين ۾ ويندي ڏسي چيوهومانس: ”سچ پيو چوان.“ جيڏي
مهل آسمان پاڻي وسائڻ بند ڪيو. هو ته اسان اٿي
ٿيئٽر آياسين ۽ هڪ ڪلاسڪ ڊرامو ڏٺو هو.
”تون اڪثر ڪري ايترو بيچين ڇو رهندو آهين؟“ ڊرامو
ڏسي ٻاهر نڪتاسين ته ايلي پڇيو هو.
”ڇو ته“ پينٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهندي جواب ڏنو
هومانس؛“ جو منهنجي زندگي ۾ ڪو ساٿي ڪونهي.“ ۽ آهه
ڀري آسمان ڏي ڏٺو هوم.
”ڪهڙو ساٿي؟“ ويران قدمن سان هلندي پڇيو هئائين.
”خبر ڪونهي“ اُداس لهجي ۾ جواب ڏنو هومانس: بس
ايترو ٿو ڄاڻان ته دوستن جي دوستي وقتي هوندي آهي،
۽ ان ساٿي جو ساٿ ابدي، مونکي ان جي تلاش آهي جو
منهنجي روح کي سڪون ڏئي سگهي.“
”آءُ سندس تلاش ۾ مسلسل رُلندو ٿو رهان.“ ڪنڌ
جهڪائي هلندي کيس چيو هوم. ”۽ اها تلاش ڪڏهن ختم
ٿيندي؟“ ”شايد“ کيس هڪ دفعو ڏسي نظرون هٽائيندي
چيو هومانس: ”هينئر ئي ختم ٿي وڃي يا وري متان مرڻ
گهڙيءَ تائين ائين ئي ڀٽڪندو رهان.“ ”مطلب!“ ويتر
حيراني مان اکيون ڦاڙيندي پڇيو هئائين. ”اهوئي ته
بنا کيس ڏٺي چيم: ”يا ته هو هڪدم زندگي ۾ اچي
ويندو يا وري ڪڏهن به ڪونه ايندو.“
”تون شادي ڇو نٿو ڪرين؟“ ايلي پڇيو هو. ”منهنجي“
سرد لهجي ۾ چيو هومانس: ”هٿ جي لڪيرن ۾ حياتيءَ جي
ليڪ تمام ننڍي ۽ شادي جي ليڪ آهي ئي ڪونه.“ اسان
جي ڳالهين سبب سمورو ماحول اداس ٿي ويو هو. ڪجهه
لمحا خاموش هلندا رهياسين. سندس اکين ۾ اُداسي
ڇانئجي وئي هئي، آهه ڀريندي چيو هئائين.
”باقي ڇهه مهينا آهن، پوءِ شايد پاڻ ڪڏهن به ملي
نه سگهون.“ آءُ خاموشي سان هلندو رهيو هوس ڄڻ هن
سان هئس ئي ڪونه. ”پوءِ ڇا سوچيو اٿئي؟“ ساڳي
انداز ۾ پڇيو هئائين ”ڇا جي باري ۾؟“ حيرانيءَ مان
پڇيوهومانس. پنهنجي باري ۾“ هن ترت جواب ڏنو هو.
مون روڊ ڪراس ڪندي چيوهومانس.
”پنهنجي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي.“ ايلي خاموش ٿي
وئي هئي، ۽ ويران قدمن سان روڊ ڪراس ڪيو هئائين،
اسان اول بلڊنگ ۽ پوءِ فليٽ ۾ داخل ٿياسين، بنا
ڳالهائڻ جي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي هئي ته ويتر روح
بيچين ٿي پيو هو
جڏهن آمريڪا کان واپس وري رهيو هوس ته ايلي بيحد
اداس ٿي وئي، ايئرپورٽ جي لائونج ۾ آخري
انائونسمنٽ ٿي ته چيو هئائين:
”آءُ توکي ڪڏهن ڪونه وساري سگهنديس.“
”شايد مان به.“ جديد طرز جي ٺهيل ڇت ۾ اکيون
کپائيندي چيوهئومانس ۽ هوا ۾ هٿ لوڏي اُداس مرڪ
سان هڪ ٻئي کي الوداع ڪيو هو.
نسيمه ۽ ايلي کان پوءِ هيءَ چري...... اهڙي عورت
هئي جنهن روح ۾ هٿ وجهي جسم مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ جي
ڪوششن ڪئي هئي، پر هوءَ ته مونکي هڪ پاڳل خاني ۾
ملي آهي! پاڻ کي چيو هوم. زندگي ۾ هڪ دفعو ٻيهر
واجد جي مدد جي ضرورت محسوس ٿي هئي، هڪ دم کيس ڪال
ڪيم. هن ”هيلو“ ڪيو ته خشڪ لهجي ۾ پڇيومانس:
”اوهان واري اين- جي- او جي ڪا آفيس پنهنجي ڳوٺ ۾
به آهي يا نه؟“ ”ها ڇو؟“ هن جواب ڏنو، سندس لهجي ۾
حيرانيءَ جو عنصر ظاهر هو.
”هڪ ننڍڙو ڪم آهي.“ ٿورو سوچڻ بعد کيس سرد لهجي ۾
چيو هوم
”ها حڪم ڪر.“ هن ساڳي نوع ۾ ڳالهايو، هو. ”مون کي
پنهنجي خاندان بابت ڪجهه معلومات کپي.“
”اڇا!“ ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين: ”آءُ پاڻ ٻن
ڏينهن ۾ ڳوٺ ويندس، پر تولاءِ هڪ ڏک جي خبر آهي“
منهنجي هانوءَ ۾ هٿ پيو هو، لاشعوري طور دماغ
نسيمه ڏي لڙي ويو دل جو دڙڪو تيز ٿي ويو، لوندڙين
وٽان رڳون سيٽجڻ لڳيون، من اندر هڪ طوفان اٿل کائڻ
شروع ڪئي.
”ها ٻڌاءِ“ ٻيهر ڳيت ڏئي کيس چيو هوم.
”خبر ناهي“ هن چيو هو: ”هي ڳالهه چوڻ گهرجي يانه،
پر......“ جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هئائين.
”واجد“ وساميل لهجي ۾ چيو هوم: ”منهنجي خاندان
بابت جيڪو به ڄاڻين ٿو سو ٻڌاءِ.“
”هوءَ نسيمه“ هن جيڏي مهل نالو کنيو ته دل ڪنهن
زخمي پکيءَ جيان ڦڙڪو کاڌو، اکين آڏو اوندهه اچي
وئي سو اکيون بند ڪري ڇڏيون، واجد عنقريب هڪ طوفان
جو اطلاع ڏيڻ وارو هو.
”ها ڇا ٿيو نسيمه کي!“ تڪڙ ۾ زبان کي طاقت ڏيندي
پڇيوهومانس ”هوءَ ڪنهن ٻئي سان ڀڄي وئي......“ هن
افسوس ڪندي چيو هو، سندس هن هڪ جملي اندر جي
ڪائنات ۾ اٿيل سڀني طوفانن کي روڪي ڇڏيو، ڄڻ هڪ
اونهي سمنڊ مان لڙهندو لڙهندو ڪناري تي اچي پهتو
هجان.
منهنجي خاموشيءَ تي واجد چيو هو: يار معاف ڪجان پر
اهو سچ آهي.“ سندس آواز ۾ آٿت هئي. فون بند ڪري
خوش ٿيو هوس ته نسيمه محفوظ آهي، مون لاءِ پنهنجي
زندگي برباد نه ڪيائين.
شام ٿي چڪي هئي، من اڃا به بيچين هو، ان چريءَ جون
اکيون، سندس چهرو تير جيان دل ۾ ٿي اٽڪيا، شعور
کيس نسيمه مڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو ۽ لاشعور کيس
نسيمه ئي مڃي ويٺو هو. سو گاڏي ڪڍي وري اسپتال آيو
هوس، ڪائونٽر تي ويٺل خوبصورت رسيپشنسٽ کان پنهنجي
ان چريءَ جا پار پتا پڇيا هئم.
”سر ان مريض جي ڪا به ڪيس هسٽري ڪونهي، ٻه چار
ڏينهن اڳ هتي بيهوشيءَ جي حالت ۾ آندو ويو هيس،
جسم تي انيڪ نشان اٿس، ڪنهن به اڃا تائين هن لاءِ
رابطو نه ڪيو آهي.“
”او اڇا!“ ٻڏندڙ لهجي ۾ کيس چيم ۽ پُٺي ڏئي هلڻ
لڳس. ”سر“ هن جي سڏ تي سندس ٽيبل کان پرڀرو بيهي
رهيس. ”هوءَ پريگننٽ به آهي“ رسپشسنٽ طنزيه انداز
۾ چيو هو: ”مونکي ته ڪا بازارو عورت ٿي لڳي.“
پنهنجي سوچ ۾ گم ٿي ڪاٺ جي ٻن تاڪن وارو در جنهن
جو چوڪ اُڏهي کاڌل هو مان ٻاهر نڪري آيس، آسمان تي
ڳاڙهاڻ ڦهلجڻ لڳي هئي، جهرڪيون ۽ ڪانوَ اڏام ڀري
اوچي آڪاش تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، دل
گهريو ته ڪاش آءُ به ڪو پکي هجان ها، ايتري ته وڏي
اُڏام ڀريان ها جو هن ڌرتيءَ جي گولي کان ڏور هليو
وڃان، پوءِ ڀلي جهرڪيءَ جهڙو ڪمزور پکي ئي ڇونه
هجان!!، پر افسوس جو مان انسان آهيان...... جنهن
جو حالتن تي ڪو به وس نه هلندو.
ٽن ڏينهن بعد اسپتال ۾ پنهنجي آفيس ۾ ويهي ڪنهن
مريض جو فائيل ڏسي رهيو هوس، شيشي جي ٽيبل تي ليپ
ٽاپ کُليو پيو هو، سائيڪالاجي جا مختلف تحقيقي
مقالا ڪيس سان نبرڻ لاءِ ٿي ڏٺم، ليپ ٽاپ جي پاسي
۾ پيل ڪاري موبائيل وڳي هئي ته هٿ وڌائي کنيم،
واجد جو نمبر هو، جيئن ئي سائو بٽڻ دٻائي ”هيلو“
ڪيم ته هن چيو هو: ”ها سجاد“ هن ڳالهيو هو: ”جلدي
منهنجي آفيس ۾ اچ ضروري ڪم آهي.“
”خير ته آهي نه!“ کانئس پڇيو هوم,
”ها“ هن جواب ڏنو هو: ”تون جلدي اچ.“
”اوڪي،“ چئي ڪال ڪٽي، ليپ ٽاپ وغيره بند ڪري،
ڪائونٽر تي آيس.
”آءُ اڌ ڪلاڪ ۾ اچان ٿو.“ اُتي ويٺل ڇوڪري کي چئي
پارڪنگ ۾ اچي پنهنجي گاڏي ڪڍيم. اين- جي- او ساڳي
ئي علائقي ۾ هئي. ڏهن منٽن ۾ واجد جي آفيس وٽ هوس.
اين.جي.او ٻاهران ڪيترائي قسمت جا ماريا سنڌي، مٿي
کي هٿ ڏيو ويٺا هئا، جن کي راشن پاڻي لاءِ ٽوڪن
ملڻ جو انتظار هو...... فنڊن مان سجايل واجد جي
آفيس ۾ آيو هوس، ڀتين تي چئني پاسي فلاح ۽ بهبود
جا پوسٽر لڳل، جهڙو ماڻهن جي زندگي سنوارڻ جو ٺيڪو
صرف هنن کي مليل هجي. واجد چانهه گهرائي هئي،
خاموشيءَ سان چانهه پيڻ لڳا هئاسين.
”نسيمه“ هن خاموشيءَ کي ٽوڙيندي نيٺ پريشان لهجي ۾
ڳالهايو هو: ”توکي ڳولهڻ لاءِ گهران اڪيلي نڪتي
هئي.“ سندس جملي تي چانهه جو آخري ڍُڪ زهر بڻجي
نڙي ۾ اٽڪي پيو هو، هٿ ڏڪڻ لڳا، ڪوپ کي ساسر تي
رکي ڇڏيو. ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو ته واجد کي ڇا
چوان، سندس پيشانيءَ تي به گهنج اچي ويا هئا. نظر
جو چشمو لاهيندي چيو هئائين: ”گهر وارن زوريءَ
نسيمه جي شادي سندس ماسات سان ٿي ڪرائڻ گهري،“
واجد جا لفظ
بي معنيٰ لڳا هئا، جي صرف هوا ۾ ٿي تريا. بي دليءَ
سان مٿي کي هٿ ڏئي شيشي تي لڳل بروشر ڏسڻ لڳس
”نسيمه“ هڪ دفعو وري ساڳي انداز ۾ چيو هئائين:
”کين چيو ته هوءَ مرڻ گهڙي تائين تنهنجو انتظار
ڪندي، ڳالهه ان حد تائين وڌي وئي جو سندس پيءُ کيس
مارڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ انهيءَ رات.... ..“ واجد جملو
پورو نه ڪري سگهيو هو، ڪجهه گهڙين جي خاموشي بعد
هن وري ڳالهايو هو: ”هوءَ گهران ڀڄي وئي، اڪيلي
تنهنجي تلاش ۾، جنهن کان پوءِ نه هن ڪڏهن ڳوٺ وارن
سان رابطو ڪيو، نڪو وري ڳوٺ وارن کيس ڳولهڻ جي
ڪوشش ڪئي.“ مان قبرستان جيان ويران ۽ خاموش ٿي
ويس...... هاڻي نسيمه کي ڪٿي ڳولهان! دل سوال ڪيو
هو، ڪٿي اها چري نسيمه ته نه آهي! بادل جيان هڪ
ڀٽڪندڙ سوچ آئي هئي ته آءُ اٿي بيٺس.
”ڇا ٿيو!“ واجد حيرانيءَ مان مون ڏي ڏسندي پڇيو
هو. ”مونکي لڳي ٿو نسيمه هتي ئي آهي.“ در ڏي ويندي
کيس چيو هوم. ”ڇا؟“ هن ويتر حيرانيءَ مان چيو هو ۽
اٿي منهنجي پويان اچڻ لڳو، آءُ در کولي ٻاهر آيو
هوس، واجد به نڪري آيو، سندس آفيس وارن حيرت ڀري
نظرن سان اسان کي ڏٺو هو ۽ وري پنهنجي ڪم ۾ لڳي
ويا. اسين تڪڙيون وکون کڻندا ٻاهر نڪتاسين ۽
منهنجي گاڏي ۾ چڙهي اسين سڌو اسپتال جو رخ ڪيو، ان
دوران واجد هڪ لفظ به نه ڳالهيو هو، جنرل وارڊ ۾
اچي ان چري عورت جي بيڊ وٽ بيٺاسين.
”نه، نه......“ جيئن ئي سندس نظر واجد تي پئي ته
رڙيون ڪرڻ لڳي، وکريل وارن کي پٽي، آڱر سان هن ڏي
اشارو ڪندي چوڻ لڳي: ”منهنجي ويجهو نه اچجان
حرامخور مان تنهنجو رت پي ڇڏينديس.“ ۽ پاڻ کي منهن
تي ٿڦڙون هڻڻ لڳي ته وارڊ ۾ موجود ٻيون چريون
عورتون هن تي کلڻ لڳيون هيون، سندن وڏا ٽهڪ جن ۾
درد جو پڙلاءُ هو وارڊ جي ڇت سان ٽڪرايا هئا.
حيرانيءَ مان واجد کي ڏٺو هوم، هن اکيون جهڪائي
ڇڏيون، ڄڻ ڪنهن ڪيل گناهه تي پشيمان ٿيندو هجي،
منهنجي پيرن هيٺان زمين کسڪڻ لڳي، ڪاوڙ ۽ نفرت سبب
اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، نسيمه واجد وٽ آئي هئي،
هن کيس استعمال ڪري وڪرو ڪري ڇڏيو، صرف اين. جي.
او جي پروجيڪٽ واجد منهنجي نسيمه کي نيلام ڪيو
هو...... ”واجد“ ڳيت ڏئي سندس مڪروه وجود کي ڏسندي
چيو هوم: ”مان ته توکي فرشتو سمجهندو هوس، پر تون
ته شيطان نڪتين.“ هن ڪجهه نه ڪڇيو هو، ڪنڌ هيٺ ڪري
وارڊ مان ٻاهر وڃڻ لڳو. مون کي دوستيءَ جهڙي لفظ
کان نفرت ٿيڻ لڳي. اڃا به يقين نه ٿئي آيو ته ڪو
واجد اهو سڀ ڪري سگهي ٿو. سو به مون سان! پر پوءِ
انسان جي درندگي جا ڪارناما اکين آڏو ترڻ لڳا.
واجد جي ويساهه گهاتي ۽ نسيمه جي رڙين تي دل ٻڏندو
ٿي ويو.
”نسيمه“ اکيون بند ڪري دل کي طاقت ڏئي. سندس نالو
کنيو هوم ته هو لاش وانگي چپ ٿي وئي.
”آءُ سجاد آهيان.“ سندس ويران ۽ اُجڙيل مُک ڏي
ڏسندي چيوهومانس، چتائي منهنجي منهن ۾ ڏٺو هئائين.
”ها
نسيمه“ وري نرم لهجي ۾
چيوهومانس:
”مان تنهنجو سجاد آهيان.“ ۽ سندس ويجهو آيو هوس.
”نه،“ هن رڙ ڪئي، جنهن منهنجي وجود سان گڏ آتما کي
به ڏڪائي ڇڏيو هو، ۽ پوءِ بيڊ تي کُرڙيون هڻي روئڻ
لڳي ته کيس ڀاڪر ۾ ڀري سيني سان لاتو هوم، اڃا به
وڌيڪ روئڻ لڳي، سندس بي ترتيب اَڻڀن وارن ۾ هٿ
ڦيرندي دلاسو ڏنو هومانس: ”بس نسيمه بس، آءٌ اچي
ويو آهيان صرف تنهنجي لاءِ“ پر هن روئڻ بند نه ڪيو
هو، سندس ڳوڙها منهنجي قميص سان گڏ روح کي به
پُسائيندا ويا.
کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪرائي گهر وٺي آيس.....
سندس علاج لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيم، سندس جسم
تي آيل گهاءَ ته ڀرجڻ لڳا هئا، پر روح تي آيل زخم
اڃا به تازا هئس. ڪجهه ئي مهينن ۾ سندس پيٽ ظاهر
ٿيڻ لڳو، سو سندس نگرانيءَ لاءِ هڪ پرائيوٽ نرس
رکي ۽ هتان جي مشهور
گائنا ڪالاجسٽ، نسيمه جو چيڪ اپ ڪندي هئي، جنهن
ٻڌايو ته سندس بدن
damage ٿيل آهي هن
تي لوهه جي راڊن ۽ مضبوط ڪات سان جنسي تشدد ٿيل
آهي، ڊاڪٽر اهو به چيو هو ته: ”هيءَ ڊيلوري تمام
ڏکي آهي، اسان جي پهرين ڪوشش اها هوندي ته ڪنهن به
صورت ماءُ بچي وڃي.“ پر قدرت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور
هو، نسيمه ته ڪونه بچي سگهي، پر پنهنجي بدن مان هڪ
زندگيءَ کي جنم ڏئي وئي.......اڄ مان ان ٻار کي
نپائي رهيو آهيان، اهو ٻار هن مطلبي ۽ دغا باز
سماج، ۽ هن دوکي جي ديوار تي بيٺل سماج جي صاف
سُٿري منهن تي هميشه پيو ٿُڪيندو!! |