سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :9

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

شاهه جي داستانن ۾ عورت جي حيثيت

 

تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ اُهي قصا جن کي صديون گذري ويون آهن. اُهي روايتن ذريعي نسل در نسل، مختلف مرحلن مان گذري اسان تائين پهچن ٿيون. انهن کي ڏند ڪٿائون چيو وڃي ٿو. پر اهي قصا جيڪي وچ واري دؤر جا آهن يعني تاريخ ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. انهن کي لوڪ داستان چئجي ٿو. ڏند ڪٿائن ۽ لوڪ داستانن ۾ فرق اهو آهي ته ڏند ڪٿائون ڌرتي کان آسمان تائين ڦهليل ۽ مبالغي آرائي تي ٻڌل آهن، پر لوڪ داستان صرف ڌرتيءَ سان لاڳاپيل نيم حقيقي ۽ مبالغ آرائي تي ٻڌل آهن. جڏهن ڪنهن به ڊگهي رستي تي توهان نهاريندا ته ويجهيون شيون صاف ۽ چٽيون نظر اينديون. ٿورو پري واريون شيون چٽيون نه پر انهن جا عڪس  نظر ايندا،  جن مان اندازو لڳائبو ته هيءَ شيءَ آهي، پر اڃا پري نهاريندا ته ڪنهن شيءَ جو ڌنڌلو عڪس نظر ايندو، توهان اندازو به نه ڪري سگهندا ته، اها ڪهڙي شيءَ آهي، البته ڪجهه آهي ضرور بس انهي کان وڌيڪ ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندو. اهي ڏند ڪٿائون به بلڪل ائين آهن.  جڏهن تاريخ وقت جي وهڪري ۾ لُڙهي ويندي آهي ته حقيقت ۽ واقعا به ڏند ڪٿا بنجي ويندا آهن.

سنڌ جي تاريخ ۾ ائين قصا ۽ ڪهاڻيون ملن ٿيون. جن جي حيثيت هاڻ نيم حقيقي ۽ نيم تاريخي لوڪ داستانن واري آهي. جن کي اسان سنڌ جون ڏند ڪٿائون ۽ داستان  چئي سگهون ٿا. ”ڏند ڪٿائون پاڻ ڪجهه به نه هونديون آهن، اديب ۽ شاعر يا دانشور انهن کي جياريندا آهن“(1). هُو پنهنجي فڪر کي  انهن ڏند ڪٿائن ذريعي ماڻهن تائين پهچا.ئيندا آهن هومر کان وٺي شيڪسپيئر تائين سوفوڪليز کان وٺي سگمنڊ فرائيڊ تائين سڀني ڏند ڪٿائن جو سهارو ورتو. ڪارل مارڪس به ڏند ڪٿائن جو استعمال ڪيو، سندس پسنديده هيرو ڏند ڪٿائي ڪردار ”پروميٿس “ هو.(2) ان کان علاوه هرڪيوليس، سسيفس، ايڊيپس، پينڊورا، وينس، سڀ ڏندڪٿائي ڪردار آهن. انهن سڀني ۾ عورت جا مخلتف تصور  موجود آهن. ڪٿي عورت مصيبتن جي علامت پينڊورا آهي،(3) ته ڪٿي ايفروڊائيٽ جنس جي ديوي آهي. ڪٿي وينس حسن جي ديوي آهي. هندستان ۾ به اهڙن ڪٿائن جون ديويون ۽ ديوتا موجود آهن. ڪٿي عورت دُرگا آهي، ته ڪٿي مهالڪشمي، اهڙي طرح سنڌ ۾ عورت  ڪٿي ڀاڳوان آهن، ڪٿي ماءُ آهي، ڪٿي ڌُوتي آهي، ته ڪٿي شهزادي ته ڪٿي مايا ۽ ڏائڻ آهي. سنڌ ۾ موهن جي دڙي مان مليل مهرن، مجسمن، رسمن، قدرن ساٺن سوڻن مان ۽ اهڃاڻن مان عورت جي حيثيت جو  بنيادي تصور ملي ٿو . قديم سنڌ ۾ مدري نظام جا اهڃاڻ ملن ٿا، جنهن ۾ عورت قبيلي جي يا گهر جي وڏي هئي.(4) اڃا ائين چئجي ته قبيلي جي يا گهر جي ديوي هئي ته وڌاءُ نه ٿيندو. سنڌ جي ڪلچر جي ٺهڻ ۾ يا سنڌ جي بنيادي حيثيت ٺهڻ ۾ زراعت جي نظام جو ئي هٿ آهي. توهان غور ڪندا ته سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت ٻنهيءَ جو عڪس فطري ۽ زرعي نظام وارو آهي. زرعي نظام ۾ عورتون ۽ مرد گڏجي ڪم ڪندا هئا جن ۾ ٻني ٻارو، مال چارڻ، مال جي سورائي، ويرون، لابارو، عورت ۽ مرد گڏجي ڪندا هئا ان کان علاوه عورت گهر جو ڪم جنهن ۾، ڏڌ ولوڙڻ،  جنڊ هلائن، ڏوائي ڪرڻ، رليون ٺاهڻ، ڀرت ڀرڻ، پاڙي اوڙي جي پرگهور لهڻ جهڙا ڪم ڪندي هئي .جيڪڏهن اسان ائين چئون ته سنڌ جي ڪلچر جي امين عورت هئي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. هونئن به عورت فطرت جي ويجهو آهي، جيڪو فطرت جي ويجهو هوندو آهي اهو ڪلچر جو امين هوندو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي ٿيسز ”شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ ۾ مختلف حوالن جو جائزو وٺندي انهيءَ ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته ”سنڌ ۾ عورتن جو ڪردار تمام مٿانهون هو“(1)  عربن جي اچڻ کان پوءِ سنڌي سماج ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي، جيڪا فطرت کان مذهب ڏانهن وڃي ٿي، تنهنڪري ڪلچر ۾ نوان لاڙا آيا . پيري مريدي، عورت جو پردو ڪرڻ، ڪپڙن ۾ تبديلي،  وغيره جو سلسلو شروع ٿيو. وڏا وڏا جاگيردار وجود ۾ اچڻ لڳا. حويليون، ملڪيتون، گاديون، ننگريون، ۽ وڏ گهراڻو ڪلچر وجود ۾ اچڻ لڳو. وڏيون جاگيرون ۽ ملڪيتون وجود ۾ اچڻ ڪري انهن جي جائز وارث جي ضرورت به پئي. انهيءَ ڪري عورت جي پرديداري ۽ ملڪيت جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو، پر سنڌ ۾ پردي جو رواج صرف اميرن ۽ پيرن ۾ رائج هو، باقي گهراڻن ۾ عورتون مردن سان ڪُلهو ڪُلهي سان ملائي کيتيءَ جي ڪمن ۾ حصو وٺنديون هيون. مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته سنڌ جي عورت جي بيداريءَ جو دور عربن جي دور کان شروع ٿئي ٿو.(2)  اها ڳالهه صحيح آهي ته عورت جي بيداري عربن کان شروع ٿئي ٿي  ڇو ته ان کان اڳ هندو ڌرم ۾ ته عورت  مرد جي داسي هئي، سَتي جو رواج ۽ شادي ستن جنم جو رواج عورت جي آزادي جي تصور کي رد ڪري ٿو، پر سنڌ ۾ جين ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم  جي اچڻ کان پوءِ  عورت جي حيثيت وڌيڪ بهتر ٿي هئي. هونئن به عورت جي حيثيت هجي يا مرد جي اها مذهب کان وڌيڪ معاشي نظام طئي ڪندو آهي. انهيءَ جي باوجود جو سنڌي سماج ۾ عربن جي اچڻ جا تمام وڏا اثر پيا، پر پوءِ به سنڌ جو اصلي ڪلچر گم نه ٿيو. ڇو ته بنيادي معاشيات ۾ ڪو فرق نه ٿيو. اهو ئي زرعي نظام اها ئي ٻهراڙي system  self sufficient   وارا ڳوٺ. تنهنڪري گهر جي وڏي وري به عورت هئي. ان وڏي جو لقب ماءُ يا ڏاڏي هو. مرد به انهيءَ کي پنهنجو مسئلو ٻڌائيندو هو ته عورت به انهيءَ کي پنهنجا مسئلا ٻڌائيندي هئي. اهو ئي سبب آهي، جو شاهه لطيف زياده تر ماءُ کي مخاطب ٿئي ٿو:

آيل آئون نه وسان ، هنجون جي هارين.

يا

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرين کي.

مرد جو ڪردار سماجي ۽ سياسي ضرور هوندو هو، پر مرد به ان وقت فيصلائتو هوندو هو جڏهن ڏاڏو يا بزرگ ٿيندو هو. زرعي سماج ۾ وڏيرو هندوستان جي ٻين جاگيردارن وانگر ظالم نه هو، نه وري يورپ جي لارڊ وانگر سندس ڪردار هو، پر وڏيرو سڀني جي وڏي هئڻ جو ڪردار ادا ڪندو هو. حڪمران گهڻو ڪري ڌاريان هوندا هئا، پر اهم ڳالهه اها ته سنڌ ۾ جيڪو سنڌين حڪمرانن جو دور  آيو يعني ”ڪلهوڙا“
دور بقول ڊاڪٽر فهميده جي ته سڀ کان وڌيڪ ڪلهوڙن سنڌ کي نقصان پهچايو“
(3).  ان صورت حڪمرانن سنڌين سان هميشه ظلم ڪيو معنيٰ عورت  هجي يا مرد، پر اصل ۾ مظلوم طبقو هيٺيون طبقو هو، ان ۾ عورت جي تفريق نه هئي. مطلب طبقاتي ظلم ۾ هميشه غريب طبقو پيسجندو آهي.  

انهيءَ پس منظر ۾ اسان سنڌي داستانن کي ڏسنداسين. ڪتاب روح رهاڻ ۾ اسان کي پهريون داستان ليليٰ چنيسر“(1) جو ملي ٿو. جنهن مطابق ڪوئنرو جڏهن چنيسر تي عاشق ٿي پنهنجي ماءُ سان ان جو ذڪر ڪري ٿي. ماءُ پنهنجي مڙس کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ٿي ۽ ٻئي خوش ٿين ٿا ته اسان جي ڌيءَ جو آدرش ڪيڏو اعليٰ آهي ۽ اوچو آهي. چنيسر سان  رشتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ناڪامي جي صورت ۾ پاڻ ماءُ ۽ ڌيءَ گڏجي چنيسر وٽ نوڪري ڪن ٿيون ۽ ڪوئنرو چنيسر کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هڪ ڏينهن ليليٰ ڪوئنرو وٽ نو لکو هار ڏسي هرکي پئي ٿي ۽ چنيسر کي هڪ رات جي عيوض اهو هار حاصل ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هن داستان جا ڪردار سڀ مٿئين طبقي سان واسطو رکن ٿا، پر پوءِ به سماجي رسمن ۽ سُڀاءَ مان خبر پوي ٿي ته ان وقت عورت کي پنهنجي پسند جي شادي ڪرڻ جو حق هو. ٻي طرف ڪاري ڪاريءَ جو رواج نه هو. نه ته ڌيءَ ڪنهن تي عاشق ٿئي ۽ ان جو کُلو اظهار ڪري ته ڪارِي ٿي مارجي وڃي ها. پر والدين پنهنجي ڌيءَ جي پسند جي شادي جو احترام ڪن ٿا بلڪ خوشيءَ سان ان جو رشتو ڪرڻ جا جتن ڪن ٿا .

اها به روايت ملي ٿي ته ليليٰ جا افعال ڪي چڱا ڪونه هئا. ليليٰ جو ڪنهن جوڳيءَ سان نينهن جي ڳالهه کان علاوه هيءُ بيت به ملي ٿو ته:

جڏهن جر هاريو ٿي  جکري، رنو ڏئري ڍار

ڍولي تڏهن ڍيليي، سو پي ٿيڙئي نه سار

چنيسر ڀتار، حيلو ڪيڙئي هار جو

( ليليٰ چنيسر3/27 (

جڏهن ليليٰ چنيسر کي وهنجاري رهي هئي مٿان پاڻي جو لوٽو وجهندي، ليليٰ جي نظر گذرندڙ جکري تي پئي ۽ ليليٰ لوٽو پاڻي جو چنيسر مٿان هارڻ بجاءِ جکري ڏانهن نهارڻ لڳي ته پاڻي جو لوٽو ٻي پاسي هارجڻ لڳو. چنيسر ان وقت ڪڇيو ڪين پر ڳالهه دل ۾ رکيائين. روايتن مان ظاهر آهي ته ليليٰ  جي ڪا ڳالهه هئي جيڪا چنيسر کي  پي کُکي پر هار جي مسئلي چنيسر کي موقعو مهيا ڪري ڏنو ته ليليٰ کي ڇڏي ڏي . ڇو ته ٻڌل ڳالهين ۽ هلڪي ڦلڪين ڳالهين جو اثر ته چنيسر برداشت پي ڪيو، پر جڏهن هار تي وڪڻڻ جو عمل کُلي ڪري سامهون آيو ته چنيسر برداشت نه ڪري سگهيو.

ان کان پوءِ ٻيو قصو مومل راڻي(2) جو آهي. مومل ڇا هئي، ڇا نه هئي ان اها ڳالهه راڻي عملن ڪانه ڏٺي هئي، پر مومل ماڻڻ کان پوءِ کيس دل سان پنهجو ڪري چڪو هو. قصي جي وچ ۾ راڻو جڏهن هڪ رات جو مومل وٽ اچي ٿو ته مومل کي ڪنهن غير مرد سان سُتل ڏسي ٿو. جيتوڻيڪ اها روايت آهي ته مومل سندس ڀيڻ سومل سان مردانو ويس ڪري ستل هئي، پر راڻي کي ڪهڙي خبر؟. هن ته غير مرد ڏٺو ڇو ته ڪپڙا، پٽڪو، ۽ جُتي به مرداني رکيل هئي. ان وقت راڻو غصي ۾ پنهنجو لڪڻ اتي ڇڏي هليو وڃي ٿو. راڻي جي لاءِ Ground reality  جيڪا هئي اها ڏاڍي خراب هئي. ان وقت راڻي مومل کي ڪاري ڪري ڪونه ماريو، بلڪ جڏهن راڻي ڏٺو ته مومل جي پسند بدلجي چڪي آهي ته هن مومل کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو .

مومل راڻي کي پرچائڻ جا حيلا ڪندي رهي پر راڻو نه پرچيو، ساڳي طرح ليليٰ به چنيسر کي پرچائڻ جا جتن ڪيا پر چنيسر نه پرچيو. ڇا ٻئي مرد ظالم  ۽ ڪٺور هئا. اصل ۾ بظاهر ائين ٿو لڳي، پر اصل ۾ ائين ناهي . مومل پنهنجي شرطن ۽ آزمائشن تي راڻي کي حاصل ڪيو هو. راڻي جو مومل حاصل ڪرڻ وڏي مهم جوئي هئي. راڻي پنهنجي بهادري ۽ وجود جي مڃتا ماڻڻ لاءِ اها مهم جوئي ڪئي ۽ قبيلائي رواج دنيا ۾ اهڙا به رهيا آهن جن ۾ گهوٽ ڪنهن ٻي قبيلي مان زوري ڪا مائي کڻي ايندو هو ، حصول کان پوءِ عورت غير اهم بنجي ويندي هئي، ڇو ته اها محبت نه پر پنهنجي وجود جي سڃاڻپ لاءِ مهم جوئي هئي. انهيءَ ڪري راڻي جي مهم جوئي ان وقت بي معنيٰ رهجي ويئي جڏهن مومل راڻي کي غير اهم قرار ڏئي ڪنهن ٻي کي سمهاري ڇڏيو. اهڙي طرح چنيسر لاءِ هڪ ٻي شادي ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو نه هئي. ان وقت بادشاهه ڪيتريون ئي شاديون ڪندا هئا، ڪوئنرو سان شادي ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. پر چنيسر ليليٰ  جي شخصيت انڪار مان پنهنجي وجود جو هز پي پرايو ۽ شڪ کي يا ساڙ کي دل ۾ جڳهه نٿي ڏيڻ چاهي، پر اوچتو ليليٰ جي هن عمل مان بي معنويت (Absurdity)  ظاهر ٿي پئي. هر منزل ۽ حاصلات ۾ بي معنويت ظاهر ٿيڻ قدرتي هئي . زندگي جي علامت جدوجهد آهي، پر زندگي جي بي معنويت ذهني دٻاءَ جو شڪار ڪري سگهي ٿي. وري زندگي ڏانهن موٽڻ لاءِ  شاهه لطيف جي چواڻي ته:

ٻڏندڙ ٻوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجهن

ٻنهي قصن جي پڄاڻيءَ ۾ ڪردارن جي هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ ڇڪ ظاهر ٿئي ٿي، پر زندگي ۾ انا(ego)  حاوي رهي ٿو، انهيءَ جو مطلب اهو به ٿيو ته عورت ۽ مرد جي رشتي ۾ جتي انا حاوي ٿي ويندي اتي ٽريجڊي ٿيندي ۽ وڇوڙو ٿيندو. اڄ ڪلهه جو جديد فيمينزم جو مسئلو دراصل عورت ۽ مرد جي وچ م حاوي ٿيندڙ انا جي ڪري آهي، اتي آزادي يا غلامي جو سوال ناهي . ٽيون قصو عمر مارئي(1) جو آهي. مارئيءَ جي سونهن ۽ سوڀيا ٻڌي عمر بادشاهه غريب ڇوڪري کي اغوا ڪري اچي ڪوٽ ۾ قابو ڪري ٿو. کيس لالچون ڏي ٿو ته جيئن ساڻس شادي لاءِ راضي ٿئي. مارئي غريب گهر جي ڇوڪري آهي ۽ عمر بادشاهه آهي. هتي اهم ڳالهه آهي طبقاتي ويڇي جي. جي مارئي چاهي ها ته عمر جي راڻي بنجي وڃي ها، پر مارئي فطرت ۽ وطن سان ايترو رليل مليل آهي جو هوءَ هڪ طاقتور مزاحمتي ڪردار بنجي اڀري ٿي. ٻي طرف عمر وٽ قدرن جي پاسداري جو مسئلو آهي، ته هو مارئي کي راضي ڪرڻ کان بغير ساڻس شادي نٿو ڪري سگهي.  انهيءَ مان اها ڳالهه ضرور سمجهه ۾ اچي ٿي ته عورت جي مرضي کان بغير ساڻس شادي نه ڪئي ويندي هئي. اها ئي ڳالهه سهڻي ميهار جي قصي ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا، جنهن قصي ۾ سهڻيءَ جي زوري شادي ڏم سان ڪرائي ويندي آهي. اهو قصو پنجاب جو آهي(2) * جيڪو شاهه قصو ڳايو آهي سو سنڌ جو آهي ڇو ته شاهه جن گاهن جو ذڪر ڪيو آهي ، جن مينهين جو ذڪر ڪيو آهي اهي صرف سنڌ ۾ ٿينديون آهن

سنڌ واري  قصي ۾ ڏم ۽ سهڻيءَ جي شادي ٿي ۽ ڄڃ پتڻ تي پهتي اتي ڪا رسم ادا ڪرڻ لاءِ ميهار کان کير چڪو ورتو ويو. ان وقت سهڻي ۽ ميهار جي پاڻ ۾ ڇڪ پيدا ٿي ويئي. (3) هن قصي ۾ سهڻي پرڻيل عورت ميهار سان رات جو ملڻ وڃي ٿي، جنهن جي خبر سندس سس، نڻان ۽ ڏم کي به پوي ٿي، پر سهڻي ڪارِي ڪري ماري ڪانه ويئي. سهڻي دادادليريءَ سان دريا پار ڪري ميهار سان رس رهاڻ ڪري موٽي اچي ٿي، پر نه تاريخ ۾ اسان کي نه ميهار نه وري سهڻي ڪاري يا ڪارو ڪري مارڻ جي ڪا روايت ملي ٿي. نه وري ان ڳالهه جي حمايت ملي ٿي ته سهڻيءَ ڪو چڱو ڪم ڪيو .

ڏيهان گهارڻ ڏم سين، راتيان ساڻ ميهار

کنيائين ٻه پار، تڏهن ٻڏي مئي سهڻي

يا وري هيءُ بيت ڏسو:

ور سين وجهيو ڪاڻ، کر سين کلون پائين

ڀوري منڌ اڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو تو ميڙيين

اهڙيءَ طرح سسئي پنهون(4) جي داستان ۾ سسئي جي جو پيتي ۾ لڙهي اچي ڀنڀور کان نڪرڻ ۽  محمد (لالا) کٽي جو اها پيتيءَ کڻي ٻار کي هٿ ڪرڻ ۽ لاڏ ڪوڏ سان پالڻ جي روايت ملي ٿو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇوڪريءَ کي پيتي ۾ وجهي لوڙهڻ جي روايت ظالمانا روايت ناهي؟؟ ها بلڪل آهي. اتي اسان کي عورت ۽ مرد جو فرق ملي ٿو. بلڪ ائين چئجي ته سنڌي سماج  تي هندو سماج جو اثر نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ذات پات، اونچ نيچ، پتي ورتا، ۽ ڀاڳ اڀاڳ جو تصور عورت سان منسوب ٿيندي نظر اچي ٿو. ان جي باوجود به سسئيءَ جي شادي پنهنجي مرضي سان ٿئي ٿي. البته  پنهون جي ڀائرن کي اهو اعتراض هو ته سسئي سندن ذات برادر جي ناهي تنهنڪري هيءَ ٽريجڊي ٿي. نوري ڄام تماچي ۾ نوري جي حيثيت ۽ اهميت تڏهن اجاگر ٿئي ٿي جڏهن هوءَ عاجزي، ۽ انڪساري اختيار ڪري پاڻ کي راڻي بنجڻ  جي احساس برتري کان بچائي ٿي.  ايرڪ فراهم  چيو هو "The ordinary man with extraordinary power is the chief danger for mankind -- not the fiend or the sadist”(1)." پر نوري غريب ضرور هئي، پر هن  ثابت ڪري ڏيکاريو ته هوءَ ڪا ordinary  مائي نه هئي، نه وري هن پنهنجي اختيار کي غلط استعمال ڪيو نه هن ۾ غرور پيدا ٿيو نه وري ڪنهن  به مونجهاري ۾ ڦاٿي، عورت يا مرد ٻنهي جي حيثيت تڏهن شروع ٿئي ٿي جڏهن هو مادي حاصلات کان پوءِ به ماڻهپي ۾ رهي ۽  پنهنجي رويي ۾ انڪساري  رکي. بنيادي طرح نوريءَ جو روپ سنڌ جي ان سٻاجهڙي عورت جو روپ آهي جيڪا سنڌ جي اصلي فڪر سان گڏ لاڙ جي ماڃر واري علائقي جي عورت جي ترجماني ڪري ٿي، جيڪا مادي ڏيکاءَ يا مايا جي چڪر ۾ ڦاسڻ بجاءِ عام عوام سان بيهڻ پسند ڪري ٿي.

هاڻي اچو ته سنڌي سماج جي تاريخ ۾ عورت کي ڏسون:

موهن جي دڙي مان هڪ ته ناچڻي جي مورتي ملي آهي. ٻيو مهرن مان هڪ عورت جي تصوير آهي جنهن ۾ عورت جي اندر مان وڻ ڦٽندي ڏيکاريو ويو آهي. هن مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ عورت ۽ ڌرتي جي پوڄا ٿيندي هئي. ٻئي تخليق جا ذريعا هئا ۽ زندگيءَ کي اڳتي وڌائڻ جا ذريعا هئا. وري سنڌ ۾ پٽ کي کير پٽ، مال (چوپايو) خوشحالي ۽ ڀاڳ جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. انڪري اڃا چيو ويندو آهي ته ”مڙس ته ڀاڳ نه ته ڄانڀي جو ساڳ“ اهڙي طرح عورت کي وري ”نياڻي ست قران“ چيو ويندو هو، يعنيٰ نياڻي جي پاڪائي ۽ اهميت جي تشبيهه  قران سان ڏني ويندي آهي. نياڻين جي ميڙ سان ست خون به معاف ٿي ويندا هئا .خاص طور سان ٻهراڙي واري ڪلچر ۾ عورت ۽ مرد جي، پر تفريق ۽ رک رکان وارا قدر نه هئا. عورت ۽ مرد پاڻ ۾  هٿ ملائي هڪ ٻئي کي کيڪاريندا هئا/ آهن. هٿ نه ملائڻ عيب ۽ ناخوش گوار ڳالهه سمجهي ويندي هئي/آهي. اڃا تائين ٻهراڙين ۾ اهو ئي ڪلچر موجود آهي. خاص طور سان لاڙ ۾ ماڃر واري علائقي ۾ ته ٻولي به کلي ڳالهائي ويندي هئي، حق بخشرائڻ وارو لاڙو  عربن جي اچڻ کان پوءِ شروع ٿيو، سو به سيد خاندانن ۾، ڪارو ڪاري وارو لاڙو وري ٻروچن جي اچڻ کان پوءِ شروع ٿيو. پر حق بخشرائڻ جو لاڙو هاڻ ختم ٿي چڪو آهي، البته ڪجهه گهراڻن ۾ اڄ به حق بخشايل ناريون موجود آهن، پر  عجيب ڳالهه ڏٺي ويئي آهي ته انهن نارين کي هر قسم جي سهوليت ميسر آهي. سير سفر، شاپنگ، شهرن جي بنگلن ۾ وڃي رهڻ، گهمڻ ڦرڻ جهڙيون سهولتون انهن کي ميسر آهن. باقي ڪارو ڪاري جي رسم سنڌ ۾ اتر واري پاسي اڄ به موجود آهي. زياده تر ٻروچ خاندانن ۾ اها رسم هلي رهي آهي. موجوده دور ۾ سنڌي ميڊيا انهيءَ مسئلي کي ايتريو ته اڀاريو جو ماڻهن ۾ ڪاري ڪري مارڻ جو شعور پيدا ٿيو ته هڪ طرح هي به واٽ آهي قتل ڪرڻ جي، پر ان جي باوجود به لاڙ واري علائقي ۾ ڏهن سالن ۾ چار واقعا ٿيا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ اتر ۾ هزارين واقعا ٿيا آهن. وري 99 فيصد اهي واقعا ٻروچ خاندانن ۾ ٿيا آهن. ٻروچن تي وري اهو اثر عربن جو ٿيو آهي، عربن ۾  نياڻي ته ڄمڻ سان زندهه پوري ڇڏيندا هئا، ڇوڪري جي شادي ڪرائڻ هڪ قسم جي گار سمجهندا هئا. بلوچستان ۾ اهڙو به رواج هو جو ڌيءَ جي شادي ۾ پيءُ نه ويهندو هو، جهنگ منهن ڪري هليو ويندو هو، ڌيءَ جي شادي چاچو يا ڏاڏو ڪرائي ڏيندو هو. (2) 

ٻهراڙيءَ ۾ مرد جي عزت ته بزرگي اچڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿي پر عورت جي عزت ڄمڻ کان شروع ٿئي ٿي. نياڻي جي اڳيان ته وڏا به سر نوائين ٿا، باقي امير طبقي ۾ جتي وارث پيدا ڪرڻ جو مسئلو هوندو آهي، اتي عورت مرد جي تفريق  ضرور آهي. باقي غريب طبقي ۾ اها تفريق ناهي. اڄ به ڪول سنٿال، ملاح، ماڇي،  ڪنگاڻي، بنڊ، ڀٽ يا وري خانه بدوش ذاتين ۾ وڃي ڏسو، عورت مرد ۾ ڪابه تفريق ناهي. سنڌي سماج عورت گهر جي سردار هوندي هئي. رڌ پچاءَ، پاڙي اوڙو، مرڻو پرڻو، رسم رواج، مال جي ڏهائي، سورائي، جنڊ پيئڻ، پاڻي ڀرڻ، مطلب ته عورت ڪمزور نه هئي، نه وري اڄ به عورت ڪمزور آهي، ڀٽائي جي داستان، موکي ۽ متارا ۾ ڏسو عورت نانوائي هئي، ۽ اهو سنڌ ۾ رواج هو ته عورتون هوٽل جو بزنيس ڪنديون هيون ، مهان خانه ، سراءِ خانه، ماني جي هوٽل، گتو، سنڌ ۾ مايون هلائينديون هيون، عورت ڪمزور نه هئي. ڪمزور ته هيءُ جديد سماج عورت کي ٺاهڻ ٿو چاهي، ڇو ته هن سماج کي عورت سلم سمارٽ کپي، نازڪ ڪانچ جي گڏي کپي، جيڪا صرف گلئمر جو حصو هجي، جيڪا فيشن ڪري، جيڪا شاپنگ ڪري، جيڪا بيوٽي پارلر وسائي، جيڪا فرمائشيون ڪري. حقيقت اها آهي ته هن نام نهاد آزاد سماج عورت کي جيترو غلام ٺاهيو آهي اوترو به عورت غلام نه هئي.

سنڌي سماج ۾ نياڻي“ اهڙو لفظ آهي، جنهن جو مفهوم وجداني طور عزت و احترام لاءِ ڪتب اچي ٿو. مطلب ته توهان جيئن ئي نياڻي لفظ جو اچار ڪريو ٿا ته ذهن ۾ هڪ سٻاجهڙي، معصوم، عزت واري ڇوڪري جو تصور اڀري اچي ٿو  ۽ پنهنجي لاءِ شفيق، خداترسي، بزرگي، جو تصور اڀري اچي ٿو . 

شاهه لطيف  جي گهڻن داستانن جي سورمي عورت آهي، ۽ شاهه شاعريءَ ۾ پاڻ کي به عورت بنجي ڳايو آهي ۽ مخاطب به عورتن کي ٿيو آهي. شاهه جي شاعري جو سفر ”اديون عبدالطيف چئي“ کان شروع ٿي ”لالئون لال لطيف چئي“  تي ختم ٿئي ٿو، آخر شاهه عورت کي ايڏي اهميت ڇو ٿو ڏي؟ ڇا شاهه ڪمزور عورت کي اخلاقي سهارو ڏي ٿو يا مردن کي غيرت ڏيارڻ چاهي ٿو ؟ اصل ۾ ائين ناهي شاهه جو آئيڊيل سماج عورت کان بغير نامڪمل آهي، شاهه جي جماليات  عورت کان بغير نامڪمل آهي، بلڪ زندگيءَ جو سفر جدوجهد ، اڻانگا پيچرا عورت ئي طئي ڪري سگهي ٿي، مرد ته ان جو ساٿ ڏئي ٿو، ان مان انسپائيريشن وٺي ٿو. شاهه جي شاعري ۾ مسلسل ارتقا ۾ آهي، شاعريءَ ۾ ٻين ڪردارن وانگر عورت جو سفر به  ”وهيڻي“ کان پاڻ وهيڻي“ تائين جو  آهي. عورت ايٽم جي ذري وانگر ناچيز آهي. جيڪا شرم، حيا ۽ قدرن، جي خول ۾ قيد آهي، جڏهن ان قيد مان نڪري ٿي ته خطرناڪ ايٽم بم بنجي وڃي ٿي، جنهن کي ڪوبه ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي.

نو نير ڏهه ڏاوڻيون، پندرنهن پيند پياس

جڏهن ساجن ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.

ان منزل تي پهچي لطيف ”لال“ جو لفظ ڪتب ٿو آڻي ۽ چوي ٿو:

سسئي لنگهي سو، جنهن مرد مات ڪيا.

شاهه جي سڄي شاعري ۾ جز کان وحدت جو ارتقائي سفر آهي، شاهه جي هر داستان ۾ عام ڪردار لاشعيت nothingness  کان پنهنجو سفر شروع ڪري ٿو. سندس هيءُ ڪردار جو وجود Becoming  آهي. عورت جو شروعاتي ڪردار عام وهنوار وارو دنيائي آهي جيڪو ڪنهن وڏي ٽرئجڊي کان پوءِ اظطرابي ڪيفيت (Anxiety) ۾ اچي وڃي ٿو.  ۽ هڪ وڏي جدوجهد مان گذري ”شيءَ“ (Being)   بنجي ٿو، تڏهن هو وحدت ۾ سمائجي وڃي ٿو .

        پنهون پنهون ٿي ڪريان ، پنهون آئون پاڻ

شاهه جي سورمي پهرين هڪ عام عورت آهي جيڪا  بي چين  آهي ، روڄ راڙو ڪري ٿي:

صبر ۽ شڪر کي، ڪاڏي ڪندي آئون،

آهيان جنهن سندي، سو ئي گهرجي ساڻ مون.

پر اها ئي عورت  جدوجهد جي مرحلي مان گذري جڏهن ”شي“ بنجي ٿي ان وقت ٿانيڪي ٿي وڃي ٿي

صبر ۽ شڪر کي هٿ ڪيو مون هاڻ

پريم اچي پاڻ پٽي کي پڇيج تون.

ڪجهه دانشورن جا خيال آهن ته اسان جي ٻوليءَ ۾ عورت جي خلاف لفظ موجود آهن يا مرد ۽ عورت جي تفريق موجود آهي، حقيقت اها آهي ته دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ضرور آهي، پر سنڌي ۾ ناهي، انگريزي ۾ ضرور  Miss  مان Mrs.  ٿيو پوي، پر سنڌيءَ ۾ ته نياڻيءَ مان ڀاڳوان يا ڀاڳڀري ٿيو پوي. ٻولي ”پاڻ مرادو علامتن جي تنظيم آهي.“ تنهنڪري اها فطرت ۽ سماج مان ڦُٽي نڪرندي آهي اها مردن ڪانه ٺاهي آهي، بلڪ ٻوليءَ جي رکوالي ته عورتن ڪئي آهي.

نتيجو:

بنيادي طرح عورت سنڌي سماج ۾  يورپ جي اونڌاهي دور واري عورت وانگر ڪمزور يا مظلوم نه رهي آهي . عورت نه ڪُند ذهن، نه نٻل، نه غلام رهي آهي، بلڪ سنڌ جي تاريخ ۾ عورت انتهائي مظبوط ۽ ذهين رهي آهي، سنڌ جو  پسمنظر، پيش منظر وانگر ناهي، اڄ جديد ڪمرشل دنيا عورت کي وکر ٺاهي  ڇڏيو آهي. جنهن ۾ عورت نازڪ، نفيس، گليئمرازڊ،  ڪانچ جي گڏي آهي، عورت به آهستي آهستي پاڻ کي مارڪيٽ جو وکر بنائڻ جا جتن ڪندي جنسي گڏي جو نمونو ٺاهي رهي آهي، پر سنڌ جي تاريخ
۾ عورت مظبوط رهي آهي، گهرڌڃاڻي کان وٺي حڪمراني ڪئي اٿس، جبل جهاڳيا اٿس، درياءَ پار ڪيا اٿس، سر جو سودو ڪيو اٿس، پر وطن جو سودو نه ڪيو اٿس، جبر اڳيان  مزاحمت ڪئي اٿس، اهو ئي سبب آهي جو شاهه عورت جي ڪردار کي ئي پنهنجي سورمي ٺاهيو. ان جو مطلب اهو نه هو ته شاهه ڪو فيمينسٽ هو ڇو ته شاهه کي فيمنسٽ چئي شاهه کي اسان زمان ۽ مڪان  جي حدن ۽ واپاري دنيا جو رکوالو نٿا ڪري سگهون، شاهه جو سچ کي زنجير وجهي يا شاهه جي سچ جي معنيٰ مقرر ڪري اسان شاهه جي سچ کي سسئي سوڙهو ڪرڻ نٿا چاهيون.

حوالا

1.             Camus Albert “ The Myth of Sisyphus”, Hamish Hamilton London first Edition P -97.

2.           سبط حسن ”موسيٰ سي مارڪس تڪ“   مڪتبه دانيال ڪراچي   ٽائيٽل ڪور ۽  اندروني ڪور تي تصوير ۽ لکيل اسٽوري .

3.           يوسف سنڌي   ”قديم يونان جون ديويون ۽ ديوتا“، سنڌ بڪ ڪلب  2003 ص 36.

4.           ڊاڪٽر  فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993 ص 32 کان 34.

5.            ڊاڪٽر فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“  ڊاڪٽر فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“  ثقافت کاتو سنڌ 1993 ص 80.

6.           مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو سنڌ 1995ع، ص372 .

7.           ڊاڪٽر  فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز   1993 6.

8.           ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ”روح رهاڻ“، اپريل 1980   ص   6.

9.           ڊاڪٽر گربخشاڻي  روح رهاڻ  ص 11 .

10.    روح رهاڻ    ص39  

11.      ڊاڪٽر رخمان گل کان ٻڌل   6 مارچ بحوالو ذاتي ڪچهري.

12.    Camus Albert “ The Myth of Sisyphus”, Hamish Hamilton London first Edition P -97. 11.

13.    سبط حسن ”موسيٰ سي مارڪس تڪ“   مڪتبه دانيال ڪراچي   ٽائيٽل ڪور ۽  اندروني ڪور تي تصوير ۽ لکيل اسٽوري.

14.    يوسف سنڌي   ”قديم يونان جون ديويون ۽ ديوتا“    سنڌ بڪ ڪلب  2003 ص 36

15.     ڊاڪٽر  فهميده حسين ” شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993 ص 32 کان 34.

نوٽ: شاهه جا سڀئي شعر ٻانهي خان جي رسالي تان ورتا ويا آهن.


(1)  Camus Albert “ The Myth of Sisyphus” , Hamish Hamilton London first Edition P -97

(2)   سبط حسن ”موسيٰ سي مارڪس تڪ“ مڪتبه دانيال ڪراچي، ٽائيٽل ڪور ۽  اندروني ڪور تي تصوير ۽ لکيل اسٽوري

(3) يوسف سنڌي ” قديم يونان جون ديويون ۽ ديوتا“، سنڌ بڪ ڪلب، 2003ع،  ص 36

(4)  ڊاڪٽر  فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع، ص 32 کان 34

(1)  ڊاڪٽر فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“  ڊاڪڙ فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“  قافت کاتو سنڌ 1993 ص 80.

(2)  مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو سنڌ 1995ع، ص372  

(3) ڊاڪٽر  فهميده حسين ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع، ص83

(1) ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ”روح رهاڻ“، اپريل 1980ع،  ص  6

(2)  ڊاڪٽر گربخشاڻي،  روح رهاڻ،  ص 11 

(1)  روح رهاڻ، ص 39  

(2)  روح رهاڻ، ص   72

(3)   روح رهاڻ، ص  73 

(4)   روح رهاڻ، ص 79

(1) Erick from: “To have or to be”  continuum London 1997 page 37

(2)  ڊاڪٽر رحمان گل کان ٻڌل 13 مارچ بحوالو ذاتي ڪچهري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com