سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :21

سعيد سومرو

مٽيءَ مان اُٿڻ جو سڏ

شام کان بارش ۾ بيٺل اڪيليءَ ڇوڪريءَ جو هٿ، تنهنجي روح جيترو سرد اڃا ناهي ٿيو، وڃ کيس پڪڙي وٺ.

منهنجي ماءُ جون اکيون، منهنجو انتظار ڪندي پٿرائجي وڃن، مان اهڙي پرديس جي پيسي کي ئي کڏ ۾ هڻان!

سرنهن جي کيت ۾، اڪيلو بيٺل سورج مُکي تنهنجي مرڪندڙ سلام جي انتظار ۾ پريشان آهي. تون اڄ رستو بدلائي ڪيئن هلي وئي آهين؟!

تون صبح سوير اٿي، باغيچي ۾ آرس ڀڃي، پوءِ ڀلي سمهي پوندي ڪر، ڇو جو ڪجهه پکي تنهنجي دعا جھڙي مرڪ ڏسڻ بنا، پنهنجو آکيرو نه ڇڏيندا آهن!

ستارن جي دعا ۾ مٽيءَ جا ذرا شامل ڪرڻ واري  روح کي مان اڪيلو ئي مڃتائي سلام پيش ڪرڻ چاهيو هو، هيءَ هيڏي ڀيڙ ڪٿان آئي!؟

 

تنهنجو ڳوڙهو ڳوڙهو، منهنجي گيت جيان هجي هان ته مون کي امرتا جي ڪلپنا ئي نه هجي هان!

 

تنهنجي لڙڪن جي ٻوڏ ۾ منهنجا ڪيترا نوان نظم لُڙهي ويا. ٻوڏ کي بندَ ٻڌُ ته ڳهير ڳالهين جي ڳوٺ واپس وَرون!

 

پوسٽ مارٽم ۾ ڪٽجي ويل لاش جا وارث، پنهنجا ڳوڙها ڪٿي رکي آيا آهن!

 

مرحيات مرڪن جا مامرا نبيرڻ وارا، ڪنهن بيواهه دل جي پاراتي کان وَئون وڃن، ته جيڪر ڳڀرو ڳڀا ڳڀا نه ٿين!

 

اوتارن جي عشق ۾ انساني چڱائيءَ جو باب بند ڪندڙ فرد کي ’جلاد‘ سان ڀيٽيندي، منهنجو قلم نٿو ڏڪي.

 

مان اهڙو صوفي ناهيان، جيڪو  منصور بن حلاج جي وڍيل ٻانهن ڏسي مسڪرائي سگھان.

 

اڌ وهيءَ ۾ ڇڻيل گلن جو غمُ ڏسڻ لاءِ، پوپٽ جھڙي دل گھرجي.

 

آءٌ پنهنجي مصلوب محبتن  جي اڌ ڪٿا ٻڌائڻ کان پوءِ، تنهنجا ڀنل نيڻ ڏسي، ماٺ آهيان. اکيون اُگهه ته درد جا ٻيا دور دهرايون.

 

اڌو اڌ ٿيل چاهتن جا خواب ميڙيندي، نيڻن جا هٿ زخمي زخمي ٿيڻ جي شڪايت ڪرڻ رَوا ناهي!

 

اسان پنهنجي روح جون اکيون پاڻ ئي ڪڍي ڇڏيون آهن ــ هاڻ هُو ڪنهن به نئين حيرت جي صورت سڃاڻي نٿو سگھي!

 

اسان ته ڪائنات کي نئون رقص سيکارڻ چاهيو پئي، پر هوءَ اڀاڳي پراڻيون بيساکيون ڀڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئي!

 

منهنجي معصوم دل جي پيرن ۾ ڪروڌ جا ايترا ڀڳل شيشا رکي، کيس مرڪڻ لاءِ چوندڙ ڇوڪري! منهنجي دل ’سنڌ‘ ناهي، جو هر حال ۾ ’راضي‘ هجي!

 

تنهنجو حُسن ئي اسان جي ايمان سلامتيءَ جي عمر آهي.

 

جن يارڙن بنا، حياتيءَ جو تصور به بيڪار هجي، اُهي به جڏهن اگھاڙي تلوار ٿي وڃن ته ڇا ڪجي!؟

ڪاش! اُن مختصر ملاقات جو آغاز، دُکائيندڙ نه هجي ها، ته اسين دير تائين مرڪندڙ احوال ڪري سگھون ها!

 

ڪتاب جي آخري خالي پني تي مون کي جيترو پيار آيو، اُن پوري ڪتاب ۾ ڪنهن سٽ تي به نه آيو هوندو!

 

خاموشيءَ کي ڪيڏا سڏ آهن! مان لنوائي به ڪيترو لنوايان!

 

هيلوڪيءَ ٻوڏ ۾، جيڪي رڳو پاڻ بچائي نڪتا آهن، تن کان سندن محبوبن جي ٻُڏل قبرن جو احوال نه پڇ!

 

هن ديس ۾، هوائن ۾ اڏامندڙ ردي پنن جھڙا، اسان جھڙا گھڻا ئي ماڻهو، خودڪشيءَ کي حرام قرار ڏيڻ  خلاف، بک هڙتال ڪرڻ لئه تيار آهن!

 

اسان پنهنجي نجي ڳوڙهن جا بينر کڻي، ڪٿي احتجاج ڪريون؟ هتي ته چونڪ چونڪ تي اجتماعي بک هڙتالي ڪئمپون لڳل آهن!

 

سوچيان پئي: لڙهي ويل اميدن جو ماتم ڪريان، يا بچي ويل آسرن سان عيد ملهايان!؟

 

هڪڙي ڪتاب ۾ ’راين‘ جا انبار ڏسي، الاءِ ڇو مون کي مٺائيءَ جي دڪان تي مڙيل مکيون ياد آيون پئي.

 

راشن جي قطار ۾ بيٺل منهنجي پاڙيسري جو ٻارُ، ڇا منهنجي ڀريل پيٽ مٿان ملامتون نه پيو ڪري!؟

 

مينهن ۾ پُسيل ڇوڪريءَ جا انگ، ايترا رنگ رکندڙ  آهن جو ڪيترا شاعراڻا ڪتاب لکي سگهجن ٿا.

 

ڪيبل تي سنڌي چينل جا ’رنگ‘ ڏسي، منهنجيءَ امڙ ٽي ـ ويءَ کي گهروڙي ڀونڊو ڏنو. مان سوچيان پيو، ڇا اُن رڳو ٽي ــ ويءَ کي ئي ڀونڊو ڏنو!؟

 

ڪتاب جي آخري پني جي نصيب ۾، ڇا تنهنجي ڪا رقص ڪندڙ سٽ نه هئي، جو تو کيس خالي ڇڏي ڏنو!

هلو هلو، هن گنهگارن جي ڀـيڙ کان ٿورو اڳتي هلو. فرشتا، اسان معصومن جي انتظار ۾ بيٺا آهن.

 

اڙي عالمي نقاد! بند ڊائريءَ ۾ مري ويل ڪيئول جي غم ۾، نظم لکندڙ شاعر کي ايترو نه ساراهه جو  هُـو بي گناهه ماڻهوءَ جي فوتگيءَ تي ڪجهه لکي ئي نه سگھي!

 

نم هيٺان ونجھڻي جي جَھلڪيءَ تي ننڊ ورتل ڪراڙيءَ جا نيڻ، ڪهڙو سک جو سپنو ڏسندا هوندا!؟

 

اسان پنهنجي پنهنجي گناهن جي بار سان، پشيمان بيٺا آهيون، ’يوم ِ حساب‘ جو سج اسان تي کلي رهيو آهي!

 

سچل سرمست!

ماڻهو خدا آهي ڪه انسان؟ هاڻ اهو بحث ڇڏ، هل ته هلي ڪنهن ٻار جا لڙڪ اگھون.

 

آنءُ، تنهنجي پيرن جي دزَ چمي مسڪرايان پيو. مون کي هاڻ فنا ۽ بقا جو ڪو خوف ناهي.

 

تنهنجي سوچ ٻار هئي! جنهن منهنجي ڀنڀوريءَ جھڙي جسم پويان ڊوڙي، کيس پڪتو. راند کيڏندي تو منهنجا ڪيترا املهه رنگ رهڙي ڇڏيا، توکي ان جي ذري به پرواهه نه ٿي، ڇو جو تنهنجي سوچ ٻار هئي!

 

اسان پنهنجي خيال جي خدائيءَ ۾ مري ويا آهيون. مدتون ٿيون آهن، اڃان ڪنهن مٽيءَ مان اُٿڻ جو سڏ ناهي ڏنو!

 

 اي ستار ايڌي! اُهي لاش، جيڪي بنا ڪفن جي دفن ٿي ويا، تن جي حصي جي ’هرک‘ ڪنهن کي ملي!؟

 

ياخدا! تو جڏهن ’يوم ِ حساب‘ مقرر ڪيو آهي ته هي تنهنجا ماڻهو، اسان کان روز روز حساب ڇو ٿا گھُرن!؟

 

امان! ڇا تو منهنجو نالو ’سجده‘ مون کي ’ڪاري‘ ٿي مرڻ کان بچائڻ لاءِ رکيو هيو!؟

آهي ڪوئي، جيڪو سڏ ڏئي ته جيڪر اسان مٽيءَ مان سجاڳ ٿيون.

 

توکي ڀري محفل ۾ نه ڳالهائڻ گھربو هيو. ڇو جو جيستائين چُپ هئين، وڏو داناءُ پيئي لڳين!

 

ڪراڙا هٿ، جوان هٿن مان وڏيون اميدون رکندا آهن. پر جوان هٿ، ڪراڙن هٿن مان ڪي اميدون نه رکندا آهن!

 

جن کي منهنجي وجود مان ڪرڀ ٿي اچي، مان انهن جي مسڪرائي آجيان ڪرڻ جو فن ڪنهن کان سکي اچان!؟

 

پنهنجا پنهنجا ننڍڙا خواب کڻي، اسين بي شڪسته وقت هٿان شهيد ٿيڻ نڪتا آهيون، ڪوئي آهي، جيڪو اسان کي ’غازي‘ بڻائي!

 

پراڻيءَ بس جي سيٽ تي لکيل اُن تازي شعر جي خوشبوءِ کي مان ڪيتري دير تائين محسوس ڪندس؟

 

تنهنجيءَ وڏيريءَ دل کي اسان جي هارياڻيءَ جھڙي ساهه تي ترسُ اچي به ته ڇو اچي!

 

سانوڻي جي چاندني ڪيتري به وڻندڙ ڇو نه هجي، اُها تنهنجي اجريءَ مرڪ جي مَـٽِ نـٿي ٿي سگهي.

 

اسان کي اُن سفر تي نه اماڻ، جتان واپس اچي وڃون.

 

پاڻ ٻئي هڪ ٻي جي تقدير جو ڪيتو لوڙيون يا هڪ ڀيرو ملندڙ حياتيءَ جي بهار جا مزا ماڻيون!؟

اسان جي هڪ مرڪ جو پوسٽ مارٽم ڪندينءَ ته ايترن المين جا آثار ملندئي جو اکيون ڇنڀڻ وسري ويندئي!

 

مان قيامت اچڻ جي دعا، ان لاءِ نه گھري ته ڪو هيءَ ڌرتي هاڻ رهڻ لائق جاءِ ناهي، پر ان لاءِ گھري ته مون کي خدا جي ديدار ڪرڻ جو شوق، هت سڪون سان رهڻ نٿو ڏئي!

 

اسان، جنهن شهر کي ’محبوب ِ شهر‘ سمجھي ڏسڻ گھريو سي، اُتي قاتلن جي ڀيڙ ڏسي ، وائڙا نه ٿيون ته ڇا ٿيون!؟

 

پنهنجي پنهنجي حصي جا حوصلا سنڀالي رکو، متان ڪنهن شڪسته شڪاريءَ لاءِ ڏڍ ٿين!

 

ننڍڙا ننڍڙا حادثا ڏيکاري، اسان جي ساهه کي ڪنهن وڏي حادثي لاءِ تياري پئي ڪرائين ڇا!؟

 

جلاد جي ماءُ به ڇا پنهنجي جلاد پٽ لاءِ ، ڊگھي عمر جا وظيفا پڙهندي آهي!؟

 

ننڍڙي پهاڙِي، وڏي پهاڙَ جي پاسي ۾ ائين بيٺل هئي، ڄڻ پيءُ ڀرسان، ننڍڙا وار کولي بيٺل ڌيئڙي هجي.

 

جنهن به شخص کي ڳوڙهن جي ذائقي جي ڄاڻ آهي، تنهن اڳيان شاعري پڙهڻ مون لاءِ بيشڪ ’حق‘ آهي.

 

فضول عمر جي اجاڙ لمحي لمحي کي، مون تنهنجيءَ سڌيءَ سينڌ وانگر سنوارڻ چاهيو پئي ته تو پنهنجا هٿ ٻئي جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيا.

 

هيترن حادثن جي هجوم ۾ِ به مان زنده آهيان. مون کي ته ڪو ايوارڊ ملڻ گهرجي!

 

تنهنجي دل ۾ مون لاءِ محبت جو ڪو ’بيلنس‘ باقي ناهي، مان آهيان جو ’مس ڪال‘ تي پيو ’مس ڪال‘ ڪيانءِ!

 

هٿيارن جو هانءُ هجي ها ته نابين ٻار جو سينو چيرڻ کان اڳي ڦاٽي مرن ها!

 

تڙ تڪڙ ۾ sms ڪري، ’نه اچڻ‘ جو ٻُڌائي، تو ته منهنجي من کي انتظار ۽ اڻ تڻ جي مزي کان ئي محروم ڪري ڇڏيو!

اسين ديوانگيءَ جي داستان کي ڪيترو به ننڍڙو ڪريون، ٻڌڻ لاءِ توکي شايد ٻيو جنم به ترسڻو پوندو!

 

آئيني تي ڪريل ڳوڙهي جو داغ ته ڌوئي وٺبو، تنهنجي ارپيل صدمي جي صدي، وقت ڪڏهن ختم ڪندو، مان ڇا ڄاڻان!

 

ميگهه ڏڻ ۾  آلي ٿيل گھاٽ ــ واٽ جي ڀنيءَ سڳنڌ جو ساءُ وٺندڙ اُها ڪنواري دل، خبر ناهي، هاڻ ڪهڙي حويليءَ جي قيدياڻي آهي!

 

سنڌوَ جو پاڻي اغوا ڪندڙ کي ڪيستائين روز روز پيا نئون ’ڀُـنـگُ‘ ڏينداسي؟ اسين نيٺ اُن ڌاڙيل جي انت جو ڇو نٿا سوچيون؟

 

پنهنجي ناسي نيڻن واري برگر ٻارڙيءَ جي گلابي ڳل تي چمي ڏيندڙ ماءُ! جھُوپڙي ٻاهران کيڏندڙ ڪوجهن ٻارن جي ميرن ڳٽن جي پارت اٿئه!

 

اسان جي ڌڙڪنن کي ترتيب مان ڪڍندڙ سونهن جو قسم! اسين مرڻ قبول ڪيو پر بي وفائيءَ ڪرڻ جو گناهه نه کنيو.

 

زماني جي دلين جي امامت ڪندڙ ڇوڪري! اسان جي نهارن جي ثوابن کان خائف ڇو آهين!؟

 

منهنجي روح جو رهيل رقص ڏسڻ لاءِ، تون پنهنجون اکيون اڃان ڪڏهن کوليندين!؟

 

هن ’جھنم‘ ۾ پهچڻ جو حادثو اسان سان ان ڪري پيش آيو، جو اسان ’جنت‘ جي گھٽين ڏانهن ويندڙ پيچرو وساري ڇڏيو!

 

چانڊوڪيءَ ۾ تنهنجي اڌ کليل چهري جو منظر، مون لاءِ اهڙو ئي مقدس آهي، جيئن ڪنهن راهبا لاءِ انجيل جو ورق، جيئن ڪنهن بُکي لاءِ ماني ڳڀو ......

 

هن حياتيءَ جو فنا جي هٿن ۾ اچڻ به اهڙو ئي هيو، جھڙو اونداهيءَ ۾ ڪنهن اڌ سڙيل سگريٽ جو ڏيک ...

پنهنجا احساس گل فروشڻ جي ٽوڪريءَ مان ڪريل اُن گل جھڙا آهن، جنهن کي کڻي ڪنهن به ڀنڀن زلفن ۾ سجائڻ پسند ناهي ڪيو.

 

خبر ناهي ته تنهنجي حُسناڪين جا حوالا، حقيقت ۾ ڏسڻ لاءِ، هن  جڏي جيءَ کي  اڃان اميدن جا ڪيترا رڻ جھاڳڻا پوندا! 

منهنجي دل کي مقدس ڪتابن جي ڪا دعا سمجھي ياد ڪرين ها ته اُها ايترو جلد فنا نٿي ها!

جن کي پوپٽ جي پرن تي لکيل نظم پڙهڻ ۾ اچن ٿا، سي گھٽيءَ ۾ ستل اڌ اگھاڙي ٻار جي درد کان شل آشنا ٿين!

اُهو نظم، جيڪو تو بي حس ماڻهن جي لوڌ ۾ پڙهيو، مون اُهو هڪ جھرڪيءَ جي تنهائيءَ تي بارش ۾ لکيو هيو!

ڇڻيل گُل، اُتر جي تيز هوا کي ٽڙيل گُلن جي ڪهڙي پارت ڪن!؟

ڪنهن نه ڪنهن خوشيءَ جي جنم جو انتظارُ، دک ۾ ورتل هر دور ۾  زنده رکيون ٿو اچي!

اسان پنهنجي خوابن جي قاتل کي ’معاف‘ ڪري ڇڏيو آهي، آهي ڪو، جيڪو اسان کي ’ولي‘ سڏي!

مان پنهنجي تنهائيءَ جي محفل ڇڏي، تنهنجي نيڻن ۾ صحرا جي ٻيـپهري ڏسڻ ته نه آيو هئس.

مان جيڪر ڪٿي ساهي پٽيان ها ته منهنجي ڊگھي پنڌ جو اتهاس پڙهندي، تنهنجا نيڻ ٿڪي نه پون ها!

بي پرواهه ٿيڻ جيڪڏهن خدا جو اولين ڳڻ آهي ته مان خدا ٿيڻ نٿو چاهيان.

توکي تنهنجي نئين عشق جون مبارڪون ڏجن يا پراڻي نينهن جي فوتگيءَ تي تعزيت ڪجي!؟

تنهنجي نصيب جو ڪاتب ، منهنجي مقدر جي ڪاتب جو مخالف نه هجي ها ته هوند ’تون ۽ مان‘بدران اڄ ’اسان‘ هجون ها.

اسان موت کي جيتڻ جي جستجوءَ ۾ ، پنهنجي مرضيءَ سان حياتي هارائي آهي. تون ڪير ٿيندو آهين جو اسان کي ’چريي‘ جو خطاب ڏئين!

کدڙو، پنهنجي پيءُ ماءُ  کي پاراتو ڏيندي، ڇا خدا کي وساري ڇڏيندو آهي!؟

اڙي زمانا! وڃ وڃي، ٻيو ڪو ڳول! اسان تنهنجي امامت ڪرڻ نٿا چاهيون!

سڀ سرحدون تو تائين آهين، مان توکان آزاد ٿيان به ته  ڪيئن ٿيان!

مون پنهنجو پاڻ کي هاڻ انا ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان مون کي ڪير به آزاد نٿو ڪري سگھي. سواءِ منهنجي.

ڪتاب جي ٽائيٽل وانگر وڻندڙ ڇوڪريءَ جو اندر ، ايترو موهيندڙ ڇو نه هيو!؟

مان، خدا سان گڏ رهڻ نٿو چاهيان. ڪوئي آهي، جيڪو اسان کي ڌار ڪري.

اسان جي رولاڪ پيرن لاءِ، هڪ جاءِ ترسڻ جي دعا ٿي گھرين يا سزا ٿي طلبين!؟

عمر جي شراب جو قطرو قطرو ڪاٿي زيان ڪري آئين جھونا! جو هاڻ سنڀالڻ چاهيندي به نٿو سنڀالي سگھين! 

منهنجي جسم ۾ هاڻ، روح ناهي ..تون چاهين ته تون به دور وڃي سگھين ٿي!

مون پنهنجي اندر جو آئينو ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي. تون پنهنجو چهرو ٻي ڪنهن وٽ وڃي ڏس.

اُن بت کي سجدي لاءِ نه چئه مون کي، جنهن کي مون پاڻ ٺاهيو آهي.

مان هُن جي قبر تي گل رکڻ نه ويندس. هو جيستائين مون سان آهي، زنده آهي.

جنهن اڌ ٽڙيل گلن لاءِ به فنا آندي، ان وحشي هوا کي سزا ڪير ڏيندو؟

ٽهڪن جا ننڍڙا ننڍڙا بند ٻَڌي، تو منهنجي ڳوڙهن جي ٻوڏ روڪي ڇڏي.

تون، منهنجي لفظن ۾ الجھي نه پوندي ڪر. توکي هر معنا سمجھائڻ لاءِ، منهنجا ناسي نيڻ ڪافي آهن.

تنهنجي حُسن ڊڪٽيٽر ٿي، منهنجي من تي مارشلا هڻي ويو آهي. مان چاهيندي به پنهنجي مرضيءَ جي جمهوريت آڻي نٿو سگھان.

مان پنهنجي ان بيواهه ڀيڻ ڏانهن ڪيئن وڃان؟ جيڪا مون کي مٺي چانهه بدران لڙڪن جي ذائقي واري چانهه پيش ڪندي آهي.   

توکان سواءِ گھر، جھنم جي وچ ۾ ٺهيل ڦاهي گھاٽ جھڙو ٿو لڳي.

* ثناخوانيءَ جي زماني ۾ اسان جھڙن تنقيدي تلوارون کڻي بيٺلن کي تو پارا گھڻا ئي نفرت سان ڏسندي، منهن ڦيري ويندا آهن.

سمنڊ ترسي ته جيڪر لهر لهر تي تنهنجو نانءُ لکان.

منهنجا ڳوڙها مون وانگر پوڙها ٿي ويا آهن.

اسان جھڙن جي جذبن تي ئي ڪنهنجو ڌيان ناهي ته اي وقت جا قلندر! تون ته بي ڌيانيءَ جي زماني سان شڪايت نه ڪر.

آنءُ پنهنجو خوابن جو پاڻ قاتل آهيان، پوءِ به ماڻهو مون کي مقتول ٿا سمجھن!

هي پهاڙين تي ايترا اگھاڙا گل، ڇا منهنجي نهار لاءِ ترسيل ها!

مون کي تو وٽ پنهنجي مصلوب ٿيل خوابن جو قسم! مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن، تون جنهن کي چاهين پهرين قتل ڪر.

منهنجي خوابن جو قاتل سڏائڻ کان پهريان تنهنجي سڃاڻپ ڇا هئي!

هر ورهيه هڪ نئون دک جنمڻ کان بهتر آهي ته منهنجي گرڀ خالي ئي هجي!

امڙ! اسان جي نصيب جا نيلامي ڪپڙا ڪير چورائي ويو!؟ ڇا ان کي اسان کان به وڌيڪ ضرورت هئي؟

پنهنجي هجڻ تي تون نظم ٻڌڻ ٻي دفعي اچجانءِ، هن مهل مان روئڻ ٿو چاهيان، پنهنجي هجڻ تي!

اڃا ڪيترا تخليق جا پهاڙ کوٽجن؟ دل جي ڌرتيءَ تان بارُ هلڪو ٿيندو الئه نه!؟

اي وقت جا قلندر!

تنهنجي جنون جي سڪون جو نالو قيامت آهي ڇا!؟

ورق ورق تي ورائي ورائي تنهنجو نالو لکڻ کان بهتر آهي ته ’تون‘ ــ ’مان‘ بدران ’اسان‘ ٿي وڃون.

 

ابن منصور!

منهنجي خوابن ۾ اچڻ کان توکي ڪنهن منع ڪئي آهي!؟

 

روپا راڻيءَ جون رڳون، تندور وانگر نه تپجن هان ته دودا، دودا ٿي نه ڄمن ها!

 

منهنجي ڪمري جا ميرا ٿي ويل ڪاغذي گل!

معاف ڪجانءِ، منهنجو ڌيان توتان ڇا، پاڻ تان به هٽي ويو هو!

 

صبح سان هي يتيم ٻار ڪيڏو نه خوش آهي ايڌي!

ڄڻ رات خواب ۾ خدا کيس خرچي ڏئي ويو آ.

سعيد!

پنهنجي يقين تي ڀروسو ڪندڙ ڇوڪريءَ کي تنهنجي عشق بزدل ڪري ڇڏيو آهي.

چاندنيءَ ۾ ندي ڀرسان بڙ، وار کولي ڪنهن ڳڀرو بيواهه مثل بيٺل آهي.

زندگيءَ جي حساب مان تنهنجا ڏنل ڳوڙها مائينس ڪيان ته ڪيئن ڪيان، پاڇي ۾ ڪجهه به نٿو بچي.

اي ديس!

تنهنجي ايندڙ حادثن تي سوچي، منهنجي اکين تي بي انت ڪوهيڙو لهي ٿو اچي.

پوري عمر جي پونجي، تنهنجي رستن تي خام خرچجي وئي. هاڻ حاصلات جو حساب گھرندڙ کي ڪهڙو جواب ڏيان!

آنءُ پنهنجو حق به ادا نه ڪري سگھيو آهيان ته ’حقوق انسان‘ ادا ڪرڻ جي دعويٰ ڪيئن ڪريان.

شعر جي عمر ڪٿجي يا اُن جي لکندڙ جي ....!؟

ڪا به مجلس ڪو به واعظ، تنهنجي حسن جو ذرو به حق ادا ڪري نٿا سگھن. مان شريڪ ٿيان  ته روز روز ڪٿي ڪٿي شريڪ ٿيان!

سيءَ ــ سانجھيءَ ۾ اڪيلي ٿي ويل گھٽيءَ جو قسم!

 رات بارش ۾ انتظار جو ننڍڙو ثواب به نه کٽي سگھيس.

تون جو ڳاڙهي ساڙهيءَ ۾ ملڻ آئينءَ ته مون کان مقتل جي رتول سانجھه وسري وئي!

ڪاغذ جي هڪڙي هڪڙي ننڍڙي ٽڪريءَ تي، هڪڙو هڪڙو لفظ لکي، چٺي اماڻيندڙ ڇوڪريءَ کي چئه ته مختصر جوانيءَ ۾ ڊگھا عشق نه ڪبا آهن.

آٺريل نديءَ ۾ چنڊَ جو  پويون عڪس ، ڪائنات ۾ تنهنجيءَ جوانيءَ کان پوءِ جي ڪهاڻي آهي.

آءٌ اڃا تائين توکان جدا نه ٿي سگھيو آهيان، تون آهين جو مون کي ڌار ڪري به ڌار ڇڏيو ناهي!

اعتراضن جي آسمان تي اڏرڻ جي منع آهي، هن ديس ۾ ...!

هن ديس جي وائڙي تاريخ واري گرڀ مان هيل جيڪي بقايا خودڪش بمبار ڄمندا، خدا جون لکين مهربانيون، جو اُهي اسان جون اکيون نه ڏسنديون. ڇو جو پاڻ اڳيئي شهيدن جي لسٽ ۾ ڳڻجي ويل آهيون.

منهنجي ماءُ سورن سان، مون کي انهيءَ لاءِ ڄڻيو هيو ڇا، ته مان وچ بزار ۾ ننڍڙي ڀيڻ کي رانديڪا وٺي ڏيندي، خودڪش بمبار هٿان شهيد ٿي وڃان!

منهنجيءَ هٿ ــ تريءَ تي ڀلي ٽانڊا رک، محبوب جي چمي ميسارجي نه سگھندي.

اکين کي آکيرو چئي، تو خوابن کي پکي ڪري ڇڏيو.

وطني مٽيءَ کان پري، ماڻهوءَ جو روح، فوت ٿيڻ کان پوءِ به سڳنڌي هوندو آهي. شرط اها آهي ته ماڻهو مرڻ وقت مري ته ديس ۾ مري.

ابابيلن جي آههَ کان ڊڄڻ سکي ورتو اٿئه ته وڌيڪ عبادت نه ڪر.

منهنجي چپن تي مرڪ جي سُکي دعا گھرڻ کان وڌيڪ، امڙ جي اکين جا لڙڪ روڪڻ سکين هان ته بهتر هو.

دليل کي دل هجي ها ته ورچي ئي نه هان!

پوپٽن جا پٽيل پــرَ ...... شاعرَ ڏانهن تحفي ۾ اماڻي، تو ڪيترن پکين جون بدعائون کٽيون آهن!!

تون ڄاڻين ٿي ته ڪنول کي پٿر چوڻ کان اڳي، مان شاعر نه هيس!

هيءُ زندگيءَ جو بُور ناٽڪ .... يا خدا! يا ته ختم ڪر، يا ان ۾ ڪو نئون ڪردار آڻ.

هن ڌرتيءَ تي رهڻ جو ڪرايو ادا ڪرڻ ويو هئس، پر مون ڏي ايترو ته گندگيءَ جو بـل نڪتو جو مان سڄو پُـورجي ويس!

اسان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي، ضروري ناهي ته توهان به ماٺ ٿي وڃو.

هي ڀٽائيءَ جي پيرن ۾ ڪير ستل آهي اياز! جيڪو اُٿي ئي نٿو ۽ توکي ڀٽائيءَ جا پير ڇهڻ نٿو ڏي!

ڪامريڊ! مرڻ کان پوءِ قدر ڪرڻ واري قوم سان جيئري ڪهڙي شڪايت ...!؟

زاهد! عبادت مان اکيون کولين ته اسان سان اچي ٻي خدائيءَ جو منظر نامو ڏسجانءِ.

اڙي منهنجا روئڻا روح! رڙيون نه ڪر! متان ڪير ڪنهنجا نيڻ چمندي ڇرڪ نه ڀري.

جلادن سان جام پيئندڙ! تون هتان نه گذرندو ڪر، توکي ڏسي ڪوئل ڪوڪندي ڪوڪندي چپ ٿي ويندي آهي.

ڪيترا نام نهاد دوست، اُوڪاري اڇلڻ جھڙا هوندي به، هانوَ تي تُورَ بڻجي، زندگيءَ سان پيا هلندا آهن!

تون دعويٰ ڪري سگھين ٿي ته  تون مون کي سمجھي وئي آهين، پر مان توسان وار چاندي ڪري به اِهو دمُ نٿو ڀريان!

اي پوڙها نقاد! چمي ڪڏهن به پراڻي ناهي ٿيندي ۽ چاندنيءَ ۾ اڪيلي رستي تي پاتل ڀاڪر، ڪڏهن به ’ورجاءُ‘ ناهي ٿيندو!

ڳوڙها ڳڻڻ کان واندڪائي ملي ته ڪوئل جي ’ڪو .. ڪو ..‘  ٻُڌجي ...!

سومرا! تون ڪنهن ساديءَ مٽيءَ جو ٺهيل رانديڪو آهين. جنهن تي ڪنهن ’چالاڪڙ‘ جو ليبل هڻي ڇڏيو آهي!

پرخلوص مرڪ جي ٽول سان پرچي پوندڙ سادي دوست تي، ڏيکاوَ واري چانهه جا پيسا خرچ نه   ڪر.

مريم جي پوترتا جي گواهي ڏيندڙ عيسيٰ کان، هيءُ ڪير پوترتا گھري پيو!؟

گھٽيءَ ۾ ٻرندڙ بلب جي روشنيءَ ۾ گذرندڙ هاڻ رڳو ڪُتن جا قافلا ئي آهن! رات جا رولاڪ سڀ اغوا ٿي ويا آهن سنڌ ۾!؟

مون کي ٻاري وسائي ڇڏين ٿي، وسائي ٻارين ٿي. تون ٻي ڪا راند ڇو نٿي کيڏين!؟ 

زندگيءَ جو آخري سُک قبر آهي، ته ماڻهو جبر ۾ صبر ڇو ڪيون ويٺو آهي!؟

آڱر ڪپائي انقلابي ٿيڻ جا ناٽڪ روز ٿين پيا. اسين ڪهڙا چينل بدلائي ڪهڙا بدلايون!؟

محترم آهن اُهي اکيون، جيڪي وحشي ٿيڻ بدران حسن جي اُگھاڙي پڻ جي تعظيم ۾ جھڪن ٿيون!

ماءُ! اسان جو پنهنجي جيءَ سان جھاد پورو ٿيو ته زماني جا ٻيا به جھاد ڪنداسين!

تنهنجي ’سهڻيءَ‘ مان ’ميهر‘ بنجڻ، معجزو نه هجي ها، ته صوفي اعتبار جا ڇوڏا لاهي ڇڏيان هان!

زندگيءَ کي جڏهن پورو پورو سمجھيو سين ته اُها هُئي ئي ڪا نه ....

مريم جي جھوليءَ ۾ مرڪندڙ عيسيٰ جي اکين ۾، ڪائنات سنوارڻ جو خواب بي معنا ته ناهي!

چنڊ راتڙين جي ڪٽار لمحن کي مرڪندڙ سلام ڏيندڙ اکين کي، اسان جا به سلام پهچائڻ وارا ڪٿي رهجي ويا آهن!؟

ڀڳت ڪبير جي دوهن جو ترجمو پڙهي پڙهي دانشور سڏائيندڙ عينڪ پاتل ڪاڪي جي خالي ڊائري! هُن سان گھمندي لڄ ته ايندي هوندءِ!؟

يا خدا! سنڌ جي ايندڙ اڻ پڙهيل نسل کان، مون جھڙن کي پناهه ڏجانءِ.

تنهنجي وارن ۾ سفيد چانڊوڪيءَ ڏسڻ کان اڳ مان خودڪشي ڪري ڇڏيان ته مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ.

هڪ نئين ڳائيندڙِ کي ’لتا‘ جي آشيراود نه مليل هجي ها ته شايد مون کي نه وڻي ها!

ننڍڙا ننڍڙا نظم لکي، پنهنجي جيئري هجڻ جو دوستن کي اطلاع ڏيندڙ شاعر کي، خبر ناهي، وقت جي ڪهڙي اُڏوهي کائي وئي!

ننڍي لاڪون هٿ مان کير هارجڻ تي ’بدشگني‘ جو وهم پاليندڙ  ابي ٿڦ هنئي، هاڻ مون کان هفتي ٻي هفتي کير هارجي پوندو آهي، پر مون کي پُٽ اڃا ٿڦ ناهي هنئي!

جلادن جي شهر ۾ پکين جون اکيون رکندڙ ڇوڪري جي در تي، خدا پاڻ پهرو ڏيندو آهي.

قدرت جو ڪارخانو آهي، ته ’ڪمائيءَ‘ جو سرس حساب ڪتاب به ٿيڻ گھرجي.

گرڀ ۾  ئي مري ويل اٺاوڙي ٻار جي ماءُ! تنهنجي انتظار جو درد لاهيندڙ ديوتا جلد جاڳندو.

هجرت جي شام قبوليندڙ پکين کي، واپسي جي سوچ ناهي هوندي.

تنهنجي پيرن ۾ جنت نه به هجي هان، مان تڏهن به توسان ايترو پيار ڪيان هان!

ايترا ڏيندڙَ آهن، پوءِ به يا خدا! تنهنجي مَٽُ ته ناهن ني!

تون ڏئين ٿو، مان ورهايان ٿو، خبر ناهي ته ماڻهو معتبر مون کي ڇو ٿا سمجھن!؟

اي بلهي شاهه جي مزار جا مٽَ ڀريندڙ مائي! تنهنجي تعظيم ۾ اسان جھڙا گنهگار اُٿي نه بيهن ته ٻيو ڇا ڪن!

رشتن جي رش ۾ مان جنهن کي وڃائڻ نٿو چاهيان، اُها ماءُ جي دعا آهي فقط.

آءٌ افسوس جو سمنڊ آهيان سعيد! مون لاءِ حوصلي جي وڏي هوا جي دعا گھر.

مون کي قرآن جو ڪو لفظ سمجھي ياد رکين هان، ته جيڪر خودڪشي نه ڪيان ها!

سعيد! اُها سٽ ڊاهڻ ڪيڏي سولي لڳندي اٿئه، جيڪا سمجھي ناهين سگھندو!

ڀٽائيءَ کي ’بابا بابا‘ سڏيندڙن کي چئو، ته نافرمان اولاد کان بي اولادي هجڻ سٺو تصور ڪيو ويندو آهي.

ڀٽائي کي نه سمجھي سگھندڙ اسان جو هيءُ نسل، اسان کي ڪهڙا ايوارڊ ڏيندو!!

’سدا منهنجي ساهه کي، ڳڀي جي ڳولا‘ شيخ اياز جي اها سٽَ، تنهنجي قسمت ڇو ٿي وئي آهي!؟

مون پنهنجي يتيمي جي دکدائڪ آتم ڪٿا لکڻ اڌ ۾ ان لاءِ ڇڏي ڏني، جو ڪالهوڪي خودڪش بم ڌماڪي ۾، منهنجي پاڙي جا پنج ٻار يتيم ٿي ويا!

بارش کان اڳ ابابيلي هجوم، ڀونءِ کي ايندڙ سرهائي جي اڳواٽ مبارڪ ڏيڻ ايندو آهي، پر اسان جي شهر جا ڪچا گھر کين ڏسي الائي ڪيتري ڊپ ۾ ويڙهجي ويندا آهن.

غلام سرور سيف

پنو عاقل جا چار چنڊ

(عبدالقادر پنهواري، عبدالعزيز ٿريچاڻي، محمد صالح بائجي،حماد الله هاليجوي)

پنوعاقل ضلعي سکر جو اهم تعلقو آهي. جيڪو پنهنجي زرخيزيءَ ۽ مردم خيزيءَ کان مشهور رهيو آهي، جتي ڀلا فصل ۽ ڀلا ماڻهو پئي پيدا ٿيندا رهيا آهن، جنهن مان سنڌو وهي ٿو. جنهن جا هتي ٻن کان وڌيڪ گهاڙ آهن، جنهن جون ڍنڍون ڍورا، وڻ ڦڳڻ، جهنگ ٻيلا مشهور آهن. جتي انسان ذات جي هر مادي ضرورت جو سامان ملي ٿو. جنهن کي وسيع، سرسبز، شاداب ڪچو آهي، جنهن جون حدون شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن سان ملن ٿيون، جنهن ۾ مٺو ۽ لذيذ جر آهي، جنهن کي جنهن پيتو تنهن ياد ڪيو، جنهن کي وارياسو ٿر آهي، جيڪو انڊيا سان ملي ٿو. جتي خوبصورت تل ترايون آهن، اُوچا ۽ ڀٽون آهن، ڄار، پَسون پيرون آهن، خوبصورت منظر آهن، جتي زرخيز مٽي آهي، جنهن ۾ ماڻهو پوک ته ڄمي پوي، هر پوک هر فصل ٿئي، جيڪو ٻيرن، انبن، کجين، جو ديس آهي، جتي ڪوهن ۾ رابيل ۽ گلاب پوکجن ٿا. جتي جي سبزي ڪريلو، ڀينڊي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ٿي. جنهن کي عظيم اتهاس، ثقافت، ۽ تاريخ آهي، جنهن کي طويل سياسي، مذهبي ۽ سماجي تاريخ آهي، جيڪو هر دور ۾ هر هلچل جو مرڪز رهيو آهي. جنهن جي سياسي ۽ ديني بيداري سڃاڻپ رهي آهي، جيڪو شاعرن مشاهيرن جو وطن آهي، ولين اوليائن جو مسڪن آهي، جيڪو عاقلن ۽ عالمن جو چمن آهي، شاعرن اديبن جو زمن آهي. جيڪو الله لوڪن، درويشن، صوفين ۽ سنتن جو صحن آهي، جن جي بٺين تي ڪوڙين ماڻهو سلامي آهي، جيڪي آرزوئن ۽ التجائن جا سهانا سپنا اکين ۾ سجائي پيرين اگهاڙا مَٽيون ڀريندا آهن، باسون باسيندا آهن. جتي احمد سلطان، پير حضوري، جاني شهيد، شيخ المشائخ، نول مشائخ، ابراهيم شاهه، ميان تاجو، محمد شاهه مست، ميان ميرو، احمد غبارو، پير بعد، صديق سيهڙ سميت ولايت جي صاحبن ستن سلطانن جا آستانا آهن، جتي وڃڻ وارن جي روحن کي قرار، دلين کي سڪون ملي ٿو، جتي بگو شير، فقير صالح، ميان حنيفو، ميان جماالدين، ميان ابوبڪر، ميان بيگ، پير قريشي جون خانقاهون آهن، جتي بائجي شريف، هاليجي شريف، ٿريچاڻي شريف جون درگاهون آهن. جتي طريقت ۽ معرفت جي موتين جي پالوٽ ٿئي ٿي، جتي شريعت جا شعاع دلين کي منور ڪن ٿا، رشد و هدايت جا ڪرڻا ظلمتن ۾ روشني پکيڙين ٿا. گمراهن جا سونهان ٿين ٿا.

پنوعاقل سنڌ آهي ۽ سنڌ امن و سلامتي جو ديس آهي، روحانيت جو ديس آهي، جتان جي هوائن لاءِ جنت جي هيرن جي بشارت آهي، جتي ڪيئي غوث ۽ قطب پيدا ٿيا، عالم ۽ ابدال پيدا ٿيا، جن معرفت جي مينهن سان راڄن کي ريج ڪيو، عالم کي آگاهه ڪيو. اهڙن مڻيادار مانجهين مان هڪ مجتهد عصر، قطب الزمان مولانا تاج محمود امروٽي صاحب به هو، جنهن پوري جڳ کي معرفت جون مامون سمجهايون. اسلام جي اشاعت ڪئي، خدا تعالي جي ڪلام ۽ مٺي محمد ﷺ جن جو پيغام گهٽي گهٽي گام گام پهچايو. ان جو پنوعاقل سان گهرو سٻند ۽ واسطو آهي. هو پنوعاقل مان فيض ياب ٿيو ۽ پني عاقل کي فيضياب ڪيو. هن جو استاد پني جو، هن جا ٽي اهم خليفا پني جا. امروٽي صاحب جي نسبت سان انهن چئن شخصيتن، جن کي پني عاقل جا چار چنڊ چئجي ٿو. انهن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

استاد العلماء علامه عبدالقادر پنهواري شريف

پنهواري، پنوعاقل تعلقي جو قديم واهڻ ۽ سنڌ جو آڳاٽو پتڻ آهي. جتي محمد بن قاسم اچ ويندي ٽي ڏينهن ڊاٻو ڪيو هو. جنهن جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. هتي مغل دور ۾ وڏي فوجي ڇانوڻي هئي، جنهن کي مدد خان پٺاڻ پنهنجي گهوڙن سوارن جي حملي سان تاراج ڪيو هو، سو اڄ به سنڌ جي ديني ادب ۽ اشاعت اسلام جي تاريخ ۾ مٿاهون مقام والاري ٿو. سنڌ جي عظيم شخصيت علامه عبدالقادر هن ئي شهر ۾ هڪ عظيم درسگاهه قائم ڪئي. جتان دين اسلام جا ڪيئي نامور علماء بزرگ فارغ التحصيل ٿيا. علامه عبدالقادر غالباً 1218هجري ۾ قاسم پور ۾ پيدا ٿيو. سندس خاندان علمي ۽ ادبي خاندان هو، سندس وڏو ڏاڏو محمد فاضل السنڌي (1145هه) شاهه ولي الله محدث دهلوي جو استاد هو. علامه عبدالقادر پنهواري جي علم دوست سيد شاهه عثمان جي گذارش تي قاسم پور کان پنهواري لڏي اچي ويٺو ۽ درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيو. قاسم پور، پنهواري کان سڏ پنڌ تي هڪ وسندڙ پاتڻي شهر هو. جنهن جا ڪي نشان اڄ باقي آهن. علامه عبدالقادر صاحب همايون جي مدرسي مان مولوي محمد يعقوب همايونيءَ کان دستارِ فضيلت حاصل ڪئي. وقت جو جيد عالم عارف ۽ شاعر مولوي عبدالغفور همايوني سندس هم سبق هو. جتي وقت جا ناميارا عالم جن ڏيهن کي روشني پهچائي. مولوي عبدالرحم!ن سکر وارو، مولوي عبدالله سومراڻي، مولانا عبدالستار مهر، مولوي عبدالغفار مهر (احمد خانڳڙهي جو والد) ۽ نور محمد شهداد ڪوٽي سندس جماعتي هئا.

علامه عبدالقادر صاحب باطني فيض مجذوب سيوهاڻي کان حاصل ڪيو ۽ سهروردي سلسلي جي بزرگ نظام الدين جو مريد هو.

علامه عبدالقادر سموري ڄمار رشد و هدايت ۽ درس تدريس ۾ گذاري. سندس نامور شاگردن ۾ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي، خليفو عبدالعزيز ٿريچاڻوي، شيخ احمد بن حيات، مولوي غلام حيدر شاهه، حڪيم قائم الدين، ميان فيض الڪريم، مولوي غلام محمد پيرزادو، حڪيم عبدالڪريم، مولوي محمد عيسي! وغيره شامل آهن.

علامه عبدالقادر هڪ نامور عالم دين ۽ اعلي مدرس سان گڏ قادر الڪلام شاعر ۽ فاضل مصنف هو. سندس لکيل فارسي ڪتابن ۾ خلاصه حدود امراض، فرهنگ ڪبير ۽ خلاصة الاوزان مشهور آهن. مولوي صاحب جي هٿ جو لکيل هڪ وڏو بياض پڻ آهي جنهن ۾ علمي ۽ طبي ذخيرو موجود آهي.

علامه عبدالقادر جا ٻه فارسيءَ جا بيت ڏجن ٿا:

نام من مسکين عبدالقادر است
بن محمد بن محمد فاضل ست
نوبکند يد چاهه حامد شاهه
برتوڪل خدائي برسر راهه
 

مولوي عبدالقادر صاحب هڪ وڏو عالم هئڻ سان گڏ يگانو عالم هو. سندس دعا تعويز پري پري تائين مشهور هئا. سندس ورد وظائف مشهور هئا. دلائل الخيرات هميشه سندس مطالعي ۾ هوندو هو. مشهور صاحب طريقت ۽ عارف باالله پير عبدالرحمٰن سکر واري سان خاص انس ۽ محبت هئس. ياد رهي ته هيءُ ئي اهو بزرگ آهي، جنهن ڏانهن مولوي عبدالقادر پنهنجي پياري شاگرد ۽ مستقبل جي روشن چراغ تاج محمود امروٽي صاحب کي موڪليو هو ۽ جنهن امروٽي صاحب جي روشن پيشاني ڏسي کيس ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي معرفت جو موتي دل ڏانهن منتقل ڪيو هو ۽ امانت جي حقيقي منتقلي تي شڪرانو بجا آندو هو.

پير حزب الله شاهه پاڳاري سان به گهاٽو واسطو هئس ۽ ٻنهي بزرگان جون رهاڻيون ۽ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. پير صاحب جو اهڙو مڪتوب، حافظ علي گوهر انڍڙ وٽ موجود آهي. چون ٿا ته پير سائين شاهه مردان شاهه پاڳارو به ٻه دفعا وٽس دعا تعويذ لاءِ آيو هو ۽ هڪ ڀيرو رات جو اچي ساڻس نويڪلائيءَ ۾ ڪچهري ڪئي هئائين. پير جان الله شاهه رضوي صاحب سان به گهرو محبت جو رستو هوس ۽ سندن وچ ۾ دلچسپ گفتگو جو احوال ’ديوانِ بيدل‘ ۾ موجود آهي.

مولوي صاحب کي امروٽي صاحب سان بيحد انس ۽ پيار هو. هن پنهنجي وڏي نياڻي سان، جيڪا خود وڏي عالمه، عارفه ۽ حافظه هئي جو رشتو امروٽي سان ڪيو هو، پر خانداني قبيلائي رنجشن ڪري ۽ مٽن مائٽن جي ڪروڌ ڪري رخصتي ٿي نه سگهي. انهيءَ مائي جنهن جي خود امروٽي صاحب سان محبت هئي. تنهن ڪٿي به شادي نه ڪئي.

امروٽي صاحب جڏهن قرآن مجيد جو ترجمو ڪيو ۽ تفسير لکيو ته اهو علامه عبدالقادر صاحب کان پڙهائي، تصحيح ڪرائي، رايا وٺي پوءِ ڇپرائي پڌرو ڪيو.

وقت جي هن عظيم استاد کي آخري عمر ۾ فالج جو حملو ٿيو ۽ 4 ذوالحج 1328هه ۾ 110 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين، کيس پنهواري ۾ شاهه عثمان جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو.

2. ٻيون چنڊ:

خليفو شيخ عبدالعزيز ٿريچاڻوي

شيخ عبدالعزيز ٿريچاڻوي صاحب امروٽي صاحب جو خاص خليفو ۽ معاونِ خاص هو. جيڪو تقريباً سن 1865ع ۾ قاسم پور ٿريچاڻي ۾ مشهور بزرگ آخوند شيخ محمد حيات جي گهر توليد ٿيا. ابتدائي تعليم پنهنجي والد صاحب وٽ حاصل ڪيائون. بعد ۾ پنهواري جي مشهور زمانه مدرسي ۾ مولانا عبدالقادر پنهواري واري وٽ پڙهڻ لاءِ ويٺا. جتي علامه تاج محمود امروٽي صاحب به پڙهندا هئا جيڪي اڳتي هلي سندن طريقن جا رهبر ۽ مرشد بڻيا. بعد ۾ پنهواري ڇڏي امروٽ شريف جو مدرسو وسايائون. مولانا عبيدالله سنڌي کان شاهه ولي الله جو فلسفو پڙهيا ۽ مولانا سنڌي سان نشر و اشاعت اسلام جي شعبي ۾ معاون ٿيا.

امروٽ ۾ ئي امروٽي صاحب جي نظر فيض حاصل ڪيائون. طريقت جا سلسلا طئي ڪري منصب خلافت تي پهتا. کيس اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد سان مسلسل گڏ رهيا. امروٽ شريف جو لنگرخانو سنڀالڻ سان گڏ سياسي، سماجي ۽ تبليغي تحريڪن ۾ برابر شريڪ رهيا. حضرت امروٽي صاحب جي وفات کان پوءِ ٿريچاڻي آيا ۽ هتي پنهنجي رشد و هدايت جي سلسلي کي قائم ڪيائون. ديني مدرسن جي سرپرستي ڪرڻ سان گڏ ذڪر و اذڪار ۽ سياست ۾ مصروف رهيا.

خلافت تحريڪ ۾ پنهنجي مرشد جي اڳواڻيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتائون ۽ مصائب ڏٺائون. مسجد منزل گاهه واري واقعي وقت سندن اثر ڪري انگريز سرڪار کين خانپور ڪٽورو پنجاب ۾ نظر بند ڪري رکيو. قيد و بند جي صعوبتن کي خوشيءَ سان قبول ڪيائون ۽ ثابت قدم رهيا.

مولانا عبدالعزيز جي حلقئه احباب ۾ مولوي احمد علي لاهوري، خليفو محمد صالح، مولانا حماد الله هاليجوي، مولوي عبدالڪريم ڪهاڙو، ميان دين محمد شاهه ۽ عبدالڪريم چشتي شامل آهن. مولانا احمد علي لاهوري جا پويان اڄ تائين سندن درگاهه جا پانڌيئڙا آهن ۽ هر سال درگاهه ٿريچاڻي شريف تي سورت يوسف جو لک ڪڍرائيندا آهن.

خوش طبع، خوش مزاج، قاطع شرڪ و بدعت، مهمان نواز ۽ سنت رسول جو پابند مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻوي صاحب 6 آگسٽ 1950ع ۾ رحلت ڪري ويو. سندس مرقد ٿريچاڻي لڳ سانگي ۾ آهي.

3 چنڊ:

خليفو محمد صالح بائجوي

ولي ڪامل خليفه محمد صالح ڌاريجو پنوعاقل تعلقي جي مشهور زميندار خاندان ۾ خدا بخش خان ڌاريجي جي گهر تقريباً 1850ع مطابق 1269هه ۾ بائجي ۾ ڄائو. بائجي اصل ۾ با يزيد آهي، جيڪو تخفيف ٿيندو بائجي سان مشهور ٿي ويو. اوائلي داخلا رڪارڊ ۾ با يزيد جي تعلقي نندا پور ضلع شڪارپور لکيل آهي. خليفي محمد صالح جي جد اعلي جو نالو بايزيد هو. جيڪو ”بايزيد ثاني“ جي نالي سان مشهور پنو عاقل کان ڏکڻ تي ميل پنڌ تي مشهور ماڳ پير احمد سلطان جي ڀر ۾ واقع ڳوٺ بائجي پراڻي جي ساڪن هو جو لڏي سلطان پور ۾ وڃي ويٺو، جتي سندس تربت ”پير مشائخ جي قبي“ سان مشهور آهي ۽ جتي ساليانو وڏو ميلو لڳندو آهي.

خليفو محمد صالح جيڪو پنهنجي پيءُ جو ٻيو نمبر پٽ هو، پنهنجي تعليم سنڌي، فارسي ۽ عربي مشهور عالم دين مولوي جمال الدين ڀٽي صاحب کان پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي. بعد ۾ پنهنجي اباڻي ڌنڌي زمينداري ۾ مصروف ٿي ويا، جواني ۾ ”ملهه“ جا ڏاڍا شوقين ۽ پهلوان هئا، وڏن وڏن ملاکڙن ۾ وڃي ملهون وڙهندا هئا ۽ فتح حاصل ڪندا هئا.

چون ٿا ته هڪ ڀيري ڪنهن مقدمي جي سلسلي ۾ روهڙي ويا، اسٽيشن کان ڪورٽ ڏانهن پئي آيا ته رستي ۾ هڪ مست اچي وچ تي بيٺو، پاڻ ٽڪو ڪڍي فقير کي هٿ ۾ ڏنائون ته ان مجذوب ساڳيو ٽڪو کيس واپس ڏيندي چيو ته ”فقيري ايسي شاهي هي، جس کو گدائي نهين“. مٿيون جملو درويش ٽي دفعا دهرايو. خليفي صاحب جڏهن فقير کان سڪونت پڇي ته فقير جواب ۾ چيو ته

نشا نم بي نشان، باشد، مڪانم لامڪان باشد

نه تن باشد نه جان باشد، نه باشد جان جانا باشد

ائين چئي مست الوپ ٿي ويو. مست جي هن گفتگو خليفي صاحب جي دل تي ايڏو اثر ڪيو جو طبيعت ۾ رقت ۽ غم جي ڪيفيت طاري ٿي ويئي. دنيا کان دل کڄندي ويئي ۽ دين ڏي دلچسپي وڌندي ويئي. مالڪ حقيقي ڏانهن رجوع شروع ڪيائون.

انهن ئي ڏينهن ۾ سائين تاج محمود امروٽي صاحب جي عرفان جي مشهوري ظاهر ٿيڻ شروع ٿي. گگل ڳوٺ جو عباس ڊکڻ امروٽي صاحب جو معتقد ۽ پانڌيئڙو هو. خليفي صاحب ان جي هٿان امروٽي صاحب کي سلام موڪلڻ شروع ڪيا. انهيءَ عباس فقير جي دعوت تي جڏهن علامه تاج محمود امروٽي صاحب گگل ۾ آيو، ته ان دعوت ۾ خليفو محمد صالح به پنهنجي استاد مولوي جمال الدين ڀٽي سان اچي شريڪ ٿيو. دعوت ۽ صحبت کان واندا ٿي جڏهن خليفي صاحب جن موڪلايو ته سائين امروٽي صاحب جن کين اڳڀرو ڪرڻ لاءِ ٻه فرلانگ پنڌ ڪري آيا، ۽ ماڪي واهه جي پل تي کيس ڀاڪر پائي موڪلايو. بس انهي ڀاڪر ۾ سڀ ڪجهه ٿي ويو. خليفو صاحب ڪافي وقت غشي جي حالت ۾ رهيو ۽ وڏي مشڪل سان مولوي جمال الدين کيس کڻي بائجي پهچايو. ستت ئي خليفي صاحب امروٽي وڃي سن 1310هه ۾ امروٽي صاحب کان بيعت ورتي. بيعت ڪري کيس خاندان وارن جي مخالفت سهڻي پئي. زمين، مال ملڪيت کان هٿ ڌوئڻو پيس، پر پاڻ مرشد جي عشق ۾ ثابت قدم رهيا.

1312هه ۾ سائين تاج محمود امروٽي وڏي جماعت جي اڳيان کيس خلافت جي خلعت عطا ڪئي ۽ خلقِ خدا جي رهبري ڪرڻ جي اجازت فرمائي. ان کان پوءِ بائجي بائجي شريف ٿي ويئي. درگاهه قائم ٿي ۽ ذڪر فڪر جاري و ساري رهڻ لڳو. خليفي محمد صالح جي خليفن ۾ مخدوم غلام رسول، مولانا محمد حيات ناڙي وارو، ميان صابل شاهه ۽ فقير ولي محمد شيخ مشهور آهن.

درگاهه بائجي تي ننگر عام هلندو هو پوشاڪ شاهاڻي پائيندا هئا، غذا سادي کائيندا هئا.

ظاهري تعليم توڙي جو محدود هئن پر حديث ۽ فقه جي وڏن وڏن ڪتابن تي کيس دسترس حاصل هئي. انگريزي به سٺي نموني پڙهي ويندا هئا. سندس علمي بصيرت جي اها حد هئي جو ڪيترائي ديني نُڪتا جي وڏا وڏا ولي ڪامل ۽ ديني عالم سُلجهائي نه سگهندا هئا، اهي خليفو صاحب گهڙيءَ ۾ حل ڪري وٺندو هو.

امروٽي صاحب جو سندس متعلق چوڻ هو ته ”اسان کان ٻين خليفن امروٽ اچي فيض ورتو، پر محمد صالح کي الله تعالي جي حڪم سان ان وٽ وڃي فيض ڏنو.“

پنوعاقل جا ماڻهو مريد جڏهن امروٽ شريف ويندا هئا ته سائين امروٽي کين فرمائيندو هو ته ”هتي جيڪا باهه ٻريل آهي ان مان خليفي محمد صالح چڻنگ کڻي وڃي بائجي شريف ۾ ٻاري آهي، اوهان آئنده اتي ويندا ڪريو ۽ هيڏانهن اچڻ جي تڪليف نه ڪندا ڪريو.“ ان بعد فقير اڪثر بائجي شريف اچڻ لڳا.

خليفي صاحب جا خاص صحبتي مولوي عبدالرحمٰن سکر وارو ۽ عباس فقير ڊکڻ هئا. لنجاري شريف جا بزرگ به سندس درگاهه جا طالب هئا. خليفي صاحب 92 سالن جي عمر ۾ 6 اپريل 1942ع ۾ وفات ڪئي. سندس ٻاريل مشعل درگاهه بائجي شريف تي مسلسل ٻرندي رهي ٿي.

4 چنڊ:

مولانا حماد الله هاليجوي صاحب

سنڌ جا صالح پٽ جن هميشه رشد و هدايت ۾ حياتي گذاري اسلام جو بول بالا ڪيو، ۽ وطن جي خدمت ڪئي انهن ۾ هڪ وڏو نالو هڪ عظيم روحاني شخصيت مجتهد العصر، سلطان اولياء حضرت مولانا حماد الله هاليجوي شريف جي آهي، جيڪي حضرت تاج محمود امروٽي صاحب جا خاص خليفا ۽ فيض يافته هئا، پاڻ پنوعاقل تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ هاليجوي شريف ۾ هڪ غريب درويش ۽ فقير خاندان ۾ ميان محمود عيساڻي انڍڙ جي گهر سن 1310هه ۾ تولد ٿيا. سندن جد اعلي حماد الله (اول) به اهل الله ۽ درويش هئا. سندن والد صاحب ولادت کان پنجن ڇهن سالن بعد گذاري ويو، جنهن ڪري ننڍپڻ يتيمي فڪر واري زندگي گذاريائون. خدا تعالي جي هن نيڪ بندي علم جي حاصلات لاءِ ڏاڍا ڏاکڙا سٺا، شروعاتي تعليم مولوي ابراهيم ۽ مولوي مٺا صاحب وٽ حاصل ڪيائون. آخوند حبيب الله وٽ نام حق پڙهيا، فارسي تعليم مفتي عبدالڪريم عباسي، آخوند عبدالرحيم عباسي ۽ مولانا نور محمد عادلپوري کان حاصل ڪيائون، ڪجهه وقت پنهواري جي مشهور مدرسي ۾ مولوي عبدالقادر وٽ به پڙهيا، عربي تعليم وقت جي وڏي عالمه استاد قمرالدين انڍڙ حاصل ڪيائون، بعد ۾ پير جهنڊي واري مدرسي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا محمد صاحب لغاري کان حاصل ڪيائون. تعليم کان فارغ ٿي پنهنجي ڳوٺ هاليجي ۾ مدرسو قائم ڪيائون. بعد ۾ ٺيڙهي واري مدرسي ۾ مدرس ٿيا جتي ڪيترائي ناميارا عالم سندن علمي بصيرت کان فيضياب ٿيا، اونهاري ۾ ٺيڙهي ۾ پڙهائيندا هئا ۽ سياري ۾ پنهنجي ڳوٺ هاليجي شريف ۾ درس و تدريس ڏيندا هئا، اڄ تائين پنهنجي مدرسن ۾ سندن فيض عام جاري آهي، سندن لائق شاگردن جو هڪ وڏو تعداد سڄي سنڌ خواهه پاڪستان ۾ روحانيت ۽ موحديت پرچار ڪرڻ لاءِ پکڙيل آهي، ٺيڙهي واري مدرسي ۾ مدرس دوران وقت جي قطب حضرت تاج محمود امروٽي جي بعيت ڪيائون، جنهن سڃاڻ ڪري، معرفت جي فيض سان کين مالامال ڪيو. امروٽي صاحب جي بيعت ڪري سندن مٽ مائٽ ناراض ٿيا پر پاڻ ان اٽل ارادي تي بيٺل رهيا. موحدن جي واٽ وٺي شيخ الموحدين جو رتبو ماڻيائون ۽ هر قسم جي شرڪ، بدعت ۽ الحاد جي خلاف جنگ جوٽيائون، سڄي عمر شريعت ۽ سنت نبوي جا پابند رهيا، سندن مجلس ۾ اڪثر قرآن مجيد ۽ حديث جو دور هلندو رهيو. مولانا رومي جي مثنوي ۽ ابن فارض جي شاعري سان سندن خاص شغف هو.

مولانا حماد الله صاحب سڄي عمر فرنگين جي خلاف جهدوجهد ڪندي گذاري. پاڻ آزادي پسند ۽ سر فروش عالمن جي جماعت جمعيت العلماءِ هند سان/ وابسته رهيا. سندن ڪوشش سان 1942ع ۾ پنوعاقل جي تاريخي لوڙهي واري مدرسي ۾ ڪل هند ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جا عظيم عالم مولانا حسين احمد، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حفظ الرحمٰن سهارنپوري، مولانا احمد علي لاهوري، سيد عطاءالله شاهه بخاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. سندن تعلقات وسيع هئا. مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد اجمل، مولانا غلام الله، مولانا غوث هزاروي، مولانا ٿانوي، مفتي محمد شفيع، مولانا محمد علي جالنڌري سميت ڪيترائي هاڪارا عالم هاليجي شريف ايندا رهندا هئا. خدا تعالي کين قرآن خواهه حديث ۾ ايڏو ملڪو عطا ڪيو هو جو جڏهن بيان فرمائيندا هئا ته گويا بحربيڪران جاري ٿي ويندو هو، جنهن ۾ ويٺل سيراب ٿيندا هئا.

پاڻ ڪافي ڪتابن جا مصنف هئا، سندن تصنيف ۽ تاليف ٿيل ڪتابن ۾ الياقوت والمرجان، شرح قصيده باخت سعاد خطبات، سورت بقره، خطبات سورت حٰم مومن، خطبات سورت آل عمران، خطبات سورت النساء، ملفوظات الغت القرآن، اٺ مسئلا، الوء لو والمرجان ۽ تعليقات سبع تعلقات، جيڪي سڀئي ديني ادب جوبيش بها خزانو آهن، وقت جو هيءُ ولي اٺ مهينا بستر تي علالت جي حالت ۾ رهي 12 ذوالقعد 1381هه بمطابق 1962ع ۾ 80 ورهين جي عمر ۾ گذاري ويا.

حضرت حماد الله لاءِ سندن مرشد حضرت تاج محمود امروٽي صاحب جا چيل شاندار لفظ تاريخ جو حصو ۽ پنهنجي پياري مريد ۽ خليفي لاءِ خراج تحسين آهن ته ”اسان جيڪو ڏڌ ولوڙيوسون، ان مان جيڪو مکڻ نڪتو سو مولانا حماد الله کڻي ويو، هاڻي ته اسان لسي پيا ٿا ورهايون.“

حافظ احمد الدين انڍڙ

نيشنل بوڪ ڊي فيئر

 

ڪتاب جي قومي ڏينهن جي حوالي سان نيشنل بوڪ فائونڊيشن طرفان، اسلام آباد ۾ پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾، 22- اپريل 2012ع کان 26- اپريل 2012ع تائين (پنج ڏينهن) ڪتابي ميلو لڳايو ويو.

وزيراعظم پاڪستان جناب سيد يوسف رضا گيلاني صاحب جن 22- اپريل 2012ع تي شام جو 5:00 وڳي هن ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪيو.

هن ڪتابي ميلي ۾ پوري پاڪستان مان ڪتابن جي 84 پبلشرن ۽ بوڪ سيلرن شرڪت ڪئي.

سنڌ مان سنڌي ڪتابن جي پبلشر ادارن مان صرف سنڌي ادبي بورڊ شرڪت ڪئي.

جناب مخدوم جميل الزمان صاحب چيئرمن، سنڌي ادبي بورڊ جي هدايت تي، سائين نظر محمد ڳاهو صاحب جن جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري الهڏتو وگهيو صاحب، اڪائونٽ آفيسر غلام حيدر ڪڇي، پبلڪ رليشن آفيسر حافظ احمد الدين انڍڙ، بڪ اسٽال جو سيل مين سڪندر ملاح ۽ نائب قاصد جمشيد سومرو ان ڪتابي ميلي ۾ شريڪ ٿيا.

سنڌي ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال تي اسلام آباد جي سنڌي ماڻهن، ڪتابي ميلي ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي اسٽال کي ڏسي تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. انهيءَ موقعي تي عبدالمجيد نظاماڻي بورڊ کان ڪتابن جو مڪمل سيٽ خريد ڪيو ۽ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ لاءِ پڻ ڪتاب خريد ڪيائين. هتي محترم عاصم جهانگير صاحب موٽروي آفيسر صاحب کي به نٿو وساري سگهجي، جنهن اسان کان روزانو ڪتاب خريد ڪيا. بلڪ وي.پي ذريعي اڃا تائين ڪتاب گهرائيندو رهي ٿو. اِهي اُهي ماڻهو آهن، جيڪي زبان ۽ نسل کان مٿي علمي سوچ رکندڙ آهن، ڇاڪاڻ جو سندس مادري زبان پنجابي آهي، پر هميشه اهي ماڻهو سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ کي پڙهڻ جو وڏو ذوق رکن ٿا. اسلام آباد جي سنڌي ماڻهن اميد ظاهر ڪئي ته ادبي بورڊ آئنده به اهڙن ڪتابي ميلن ۾ شريڪ ٿي اسلام آباد ۾ اسان کي سنڌي ڪتابن جي خريداريءَ جو موقعو فراهم ڪندو رهندو.

سنڌي ادبي بورڊ جي بوڪ اسٽال تان ملڪ جي جن ناليوارن سياستدانن، اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن ڪتابن جي خريداري ڪئي، انهن ۾ جناب حسين هارون صاحب، جناب مظهرالاسلام صاحب، جناب مستنصر حسين تارڙ صاحب ۽ جناب قوي احمد صاحب شامل هئا.

اسلام آباد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي عملي جي رهائش ۽ ٻين بندوبستن جو انتظام محترم خادم حسين ڀٽي صاحب ڊائريڪٽر پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل اسلام آباد ڪيو، جنهن ڪري اسان جي رهائش جا مشڪل مرحلا آسان ٿي ويا. خادم حسين ڀٽي صاحب اسان لاءِ اسلام آباد ۾ بڙ جي گهاٽي ۽ ٿڌي ڇانوَ وانگر هو، اسان جي پهچڻ کان اڳ اسان لاءِ رهائش جو بهترين بندوبست پاڪ چائنا سينٽر جي بلڪل ڀرسان آب پاره جي سٽي رائل هوٽل ۾ ڪيل هو، جتان سڏ پنڌ تي پاڪ چائنا سينٽر هو. صبح- شام اچڻ وڃڻ پنڌ ٿيندو هو، رستي ۾ اسلام آباد جو خوبصورت جاسمين پارڪ جيڪو گلابن جي مختلف قسمن جي ڪري مشهور آهي. جنهن جي گُلن جي خوشبو پاڪ چائنا سينٽر تائين مهڪندي رهندي هئي. پاڪ چائنا سينٽر جي مين گيٽ اڳيان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو ٺهرايل چنڊ ستارا (چاند تاره) چوڪ آهي. جنهن کي ڏسندي ئي شهيد ڀٽو ياد اچيو وڃي. پاڪ چائنا سينٽر جي پوئين پاسي اسلام آباد جي خوبصورت وادي شڪرپڙيان هئي. خادم حسين ڀٽي صاحب ڏينهن ۾ ٻه دفعا ايندو هو ٻنپهرن جو ۽ رات جو، هر دفعي ڪانه ڪا شيءِ کائڻ لاءِ ضرور کڻي ايندو هو. دير سوير ڪنهن به شيءِ جي ضرورت پوندي هئي ته صرف فون ڪريو ڀٽي صاحب ڪجهه ئي دير ۾ ان شي سميت حاضر هوندو هو.

سنڌي ادبي بورڊ جي ان سڄي عملي جو مير ڪاروان وزيراعليٰ سنڌ جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ بورڊ جي مالي ڪاميٽيءَ جو چيئرمن سائين نظر محمد ڳاهو صاحب هو، سائين ڳاهي صاحب جي رهائش اسان کان الڳ اسلام آباد جي ”سنڌ هائوس“ ۾ هئي، سائينءَ کي سنڌ هائوس طرفان گاڏي به مليل هئي، ۽ شام جو ڳاهو صاحب ۽ ڀٽي صاحب گاڏيون کڻي ايندا هئا ۽ اسان کي اسلام آباد جو سير ڪرائيندا هئا. آخري ڏينهن تي سائين ڳاهو صاحب ۽ ڀٽي صاحب راول ڊيم/جهيل گهمائڻ وٺي هليا ۽ ان کان پوءِ شاهه فيصل مسجد، زيرو پوائنٽ، پارليامينٽ هائوس، ايوان صدر ۽ سپريم ڪورٽ، شڪر پڙيان، لوڪ ورثه ڏيکاري ٻنپهرن جو ڪوه مري وٺي هليا، ڪوه مريءَ ۾ ڳاهي صاحب سنڌ هائوس ۾ مانجهاندي جو انتظام ڪيو هو، ڪوه مريءَ جي سنڌ هائوس ۾ ٻن ملازمن جا نالا حيرت انگيز طور عاشق، معشوق هئا، عاشق 50 سالن جو پٺاڻ بورچي هو ۽ معشوق 22 سالن جو اٽينڊنٽ گهوٽڪيءَ جو سنڌي نوجوان هو، بهرحال ٻنهي عاشق معشوقن جي مهرباني، اسان جي سٺي خدمت ڪيائون. مانجهاندي کانپوءِ چانهه پي، سائين ڳاهو صاحب ڪوهه مريءَ جي مال بازار، زيرو پوائنٽ گهمايو.

ڪتابي ميلي جي آخري ڏينهن جناب وزيراعليٰ سنڌ سائين سيد قائم علي شاهه پنهنجي ڪابينه سان گڏ اسلام آباد آيل هو، ان موقعي جو فائدو وٺندي بورڊ جي سيڪريٽريءَ جناب الهڏتو وگهيو صاحب، سائين نظر محمد ڳاهو صاحب کي تجويز پيش ڪئي ته سائين سيد قائم علي شاهه، وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات ڪجي ۽ بورڊ جي ڪارگذاري پيش ڪري، بورڊ لاءِ مالي مدد حاصل ڪجي. ان سلسلي ۾ سائين نظر محمد ڳاهو صاحب ۽ جناب سيڪريٽري صاحب رات جو 8:00 وڳي سنڌ هائوس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سائين سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي ان ملاقات ۾ سنڌ ڪابينه جا وزير به موجود هئا. جناب وزيراعليٰ سنڌ، بورڊ جي ڪم ڪار کان مطمئن ٿيندي بورڊ جي چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان جن جي تعريف ڪندي چيو ته مخدوم صاحب بورڊ جي بهتريءَ لاءِ تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، سائين، بورڊ جي هر طرح مالي مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته بورڊ ان سلسلي ۾ جيڪا به اسڪيم ٺاهي ڏيندو اها منظور ڪئي ويندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com