ساجن بن هر شام اڌوري
رات کُٽي ۽ باک انگوري
دوري دوري توکان دوري
سارُون هيرُون سپنا جهولا
او ڪانويلا! ڪنهن جي ڳولا
(فياض ڏاهري)
دنيا جي هر ديس ۽ هر ٻوليءَ ۾، ادب جي ابتدا
شاعريءَ سان ٿي آهي، ۽ شاعريءَ جو سلو وري سنگيت
جي ٻج مان ئي انگوريو آهي. اسان جي سنڌي شاعري به
ساڳيءَ طرح سان، تمام ڪنهن قديم جڳ ۾، ڳائڻ مان ئي
سرجي اهي، جنهن جو بنيادي روپ، اوائلي آلاپ توڙي
تنوارون، يا جهيلون ۽ جهونگارون آهن. انهيءَ
بنيادي روپ جو بنيادي نالو ’ڳاءُ‘ رکيو ويو، جنهن
جي قدامت ڪٿڻ ته تاريخ جي پهچ کان ئي پري آهي. مگر
اهو ڳاءُ لفظ اڃا تائين به زناني عالم جو عام لفظ
آهي. اُلهندي- ڏکڻ ڪوهستان ۾ خاص طرح سان اِهو لفظ
”ڳاءُ“ عام طرح سان ڪتب ايندو آهي.
گهريلو ڪم ڪار ڪندي ڪي زالون، پنهنجيءَ ذاتي
ورونهه خاطر، هلڪيءَ هونگ ۾ ’ڪي ڪجهه‘
هونگارينديون رهنديون آهن. انهيءَ کي ’ڳاءُ‘ چون،
اهو نالو هڪڙي پراڻي ڳاج ۾ به ڪم آيو آهي:
ٿا مڱڻي جا سانباهه، ابل ڙي،
تنهنجيءَ امڙ هينئڙي هُري ڳاءَ.
اهو ساڳيوئي بنيادي لفظ ڳاءُ آهي، جنهن کي ڳاج،
ڳاڄ ۽ ڳاچ ڪوٺيو ويو. هاڻي اهو نالو نيٺ وڃي ڳيچ
بڻيو آهي، جيڪو شايد گيت لفظ جي ئي بيهڪ تي بڻيل
آهي، خود انهيءَ ڳيچ يا گيت جي به لفظي معنيٰ
اهائي آهي ته: اهو ’ڪي‘، جيڪي ڳائجي.
(ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري (آڳاٽو دورُ) ص 169
تان ورتل)
مخدوم محمد زمان "طالب الموليٰ“
غــــزل
دردن غمن کي ڪيئن ڪري کائي کپائجي،
او خود ڪفيلِ رنج و محن ڪجهه، ٻڌائجي.
چهرو چغل ٿئي ٿو ڀلا ان کي ڇا ڪجي،
سوز و گداز عشق جو ڪيئن ڪيئن لڪائجي.
حاذق جو وس هلي نٿو مجبور ٿي پيو،
اي ساقي دل جي آڳ تي پاڻي ڪو نائجي.
صحرائي زهد ۾ اڙي زاهد ڪي پوک گل،
لڙڪن جو مينهن خشڪ زمين تي وسائجي.
ويجهو اچڻ جي لاءِ نه تيّار جو ٿئي،
غيرت چوي ٿي تنهن ڏي قدم ڪيئن وڌائجي.
جنهن کي ڪجي ٿو خويش سو بيگانو ٿيو وڃي،
دنيا ۾ پاڻ کي به نه پنهنجو بنائجي.
لامذهبي به مذهبي قيدن جان قيد آهه،
ڪنهن اهل دل کي سور هي ساري سڻائجي.
اولاد جو هئاسون ته البيلايون هيون،
مائٽ ٿيڻ کان پوءِ ٿي هيڻپ هلائجي.
حجرو يا خانگاه نه جائي پناهه ٻيئي،
رندن سان ميڪدي ۾ ٿي عزّت بچائجي.
اي بت فروش اٿ اٿي تون دل فروش ٿي،
ڪنهن بي نياز آڏو وڃي سر جهڪائجي.
وٺڻو جي ڪنهن کي آهه ڪو دشمن کان انتقام،
اخلاق پنهنجي پاڻ ۾ ويتر وڌائجي.
پي پي وري به پيئجي مستي اندر اچي،
ساقي کي پنهنجي نرگس گهورن سان گهائجي.
وعده خلافي ”طالب مولا“ نه ٿي سگهي،
هن سان نڀائبو پيو ۽ پيو نڀائجي.
امداد حسيني
زندگي
چاهه جي
شهه راهه تان
گهوٽ جان
زندگي گذري پئي
گذرڻ ڏيوس!
مرحلا
هر گهٽيءَ کان ٻي گهٽيءَ
هڪ چوڪ کان ٻئي چوڪ
هڪڙي موڙ کان ٻئي موڙ تائين
هر قدم تي
مرحلا
هي کُتل ڪاون جيان
زندگي تن جي مٿان
هير جان
اُڪري پئي
اُڪرڻ ڏيوس!
زندگي
مينهن ۾ ۽ اُسَ ۾
چيٽ جي چانڊاڻ ۾
پوک جان
اُسري پئي
اُسرڻ ڏيوس!
سِڄَ سان
ڪنهن ڪويءَ جي شعر جان
زندگي اوڀري ڪنان
اُڀري پئي
اُڀرڻ ڏيوس!
اُهو ڏينهن!
اُهو ڏينهن
جنهن ڏينهن جي لاءِ
تون آءٌ
راتين جون راتيون
اکين ئي اکين ۾
ڪَٽي ٿا ڇڏيون
اُهو ڏينهن
ٿيندو به يا ڪونه ٿيندو!؟
ٽيڙُو
پِتو نه جنهن کي ناسَ،
اُوچي ڳاٽ اسٽيج تي-
ڪري پيو بڪواسَ!
ڪَتي هجي يا چيٽُ،
آڱرين ۾ ٿو ڦري-
اَڻَ دُکيل سگريٽ!
ٽيڙُو رچڻ جو موهُه،
ڄڻ ته سُوئا مينهن جو-
ڦاٽي ٿو پيو اوهُه!
عبدالقيوم صائب
غزل
سهڻن سندا ته ڪيئي وعده وعيد آهن،
فهم و ذڪا کان منهنجي سي سڀ بعيد آهن.
فرضي شناختن جا بوتا بڻيل ڏٺاسين،
حق کي ڇڏي ڪيا مون پٿر خريد آهن.
سک جو ڪو ساهه کڻجي ڪهڙي ليکي يارو،
حالاتِ دور حاضر، ڏاڍا شديد آهن.
ماکيءَ جو ساءُ وٺبو، ماکي مڻين ملي پئي،
هٿراڌو ٺاهه جا ڪي، رستا جديد آهن.
پيرِ مغان جون ڳالهيون، ويسهه کان دور آهن،
ويسَهه ۾ اڄ به ورتل، تاهم مريد آهن.
دورِ قديم کان ئي، ور ور تي خانقاهون،
ڪنهن جون اکڙيون ڪيل هي، ڪنهن لئه مفيد آهن؟
پنهنجن جي شہ تي ڌاريا، اڳتي وڌيو اچن پيا،
ڏيئي رٿون نيون ڪي، ٿي پيا پريد آهن.
اهڙن جي ڳالهه جي ڪا، وقعت رهي نه آهي،
جي جعل ساز آهن ۽ زر خريد آهن.
تاريخ آهه پڙهڻي، هر ڳالهه ناهه مڃڻي،
دستِ سوال جنهن ۾، هُل من مزيد آهن.
سڀڪجهه ٻڏي وڃي ٿو، ڪن حرفتي هٿن سان،
جو ڌوڙ ٿي ئي ويندا زنگيل ڪليد آهن.
ڦٽ ڪي پراڻا يارو، تازه ٿيو پون ٿا،
ميٽڻ لئي تني کي، ڪي ئي پليد آهن.
صائب غريب آهي، پنهنجي خيال ۾ اڄ،
هن لئه صنم ڪده جون خبرون نويد آهن.
غزل
عزت و ناموس پنهنجيءَ جو ڪبو آهي خيال،
ائين نه ٿئي جو زندگي پنهنجي ئي بڻجي پئي وبال.
رونقِ گلزار و گل ۾ محو ٿي ڇو ٿا وڃو،
ڇا، گلن جي لئه ڪبو سارو گلستان پائمال.
باده و ساغر ڇڏيو ۽ ساقي و مينا ڇڏيو،
هوش کان ٻاهر رهي، ٿي نه پئي جيئڻ محال.
محفلون مچنديون رهن ۽ ٿاڪ ٿاڻاپڻ وسن،
پير ڌارين جو نه پئي اُت، ٿي نه پنهنجن جو زوال.
ڀِر سڃاڻي، پير کڻ، ويسهه وسوڙيل ڪيم ٿي،
ورنه ويندي پيسجي، بڻجي ويسهه جو سوال.
تڇ ڪري توکي ڇڏي، ڌاريو اڏي پنهنجو اڏو،
تنهنجي عظمت کي ڏئي، تاريخ جو ٿو قيل و قال.
اڄ غلامن جان هلايو ٿو وڃي توکي اگرچه،
تنهنجو ماضي هو برابر شاندار و بي مثال.
وقت جو ڪجهه قدر ڪر، جهل پنهنجي پٺ ۽ پنهنجي ڀر،
ڪم نه ايندءِ ڪنهن به پر، ڌارين سندو مال و منال.
ست رڇين جي ساءَ جو، ڪو وقت هو، گذري ويو،
هوشور ٿي، حال کي ڏس، ڇو ٿيو آهين بتال.
ڪنهن کي صائب ڪينڪي وڻندو رهيو محفل مٿي،
کوکلو جنهن کي وڻي، هرگز نٿو جاه و جلال.
ادل سومرو
تُنهنجي دل تائين پهتي منهنجي شاعري
(بيت)
جيڪو تنهنجي درد کي، تو وانگر سمجهي،
سڀڪجهه ڏي ارپي، پنهنجي اهڙي دوست کي.
اجرڪ پائي اوچتو، سامهون جو آئي،
اياز جي وائي، مون کي لڳي هُوبهو.
تنهنجيءَ ڳولا ۾ ملي، مون کي رولاڪي،
هرڪا حُسناڪي، توبن اُجڙيل ٿي لڳي.
وڃي وڏو مرتبو، آخر پاتائين،
تنهنجي دل تائين، پهتي منهنجي شاعري.
زماني جي حالتن، هيڻو هانءُ ڪيو،
اُڻي عشق ويو، ڌاڳا منهنجيءَ دل جا.
منهنجي جيون ۾ هُجي، هُن جو حوالو،
پنهنجو ئي نالو، مون کان وڃي وسري.
گهڻن جُملن کان ڀلي، آهي هڪڙي سِٽَ،
جيڪا دل تي چٽ، چٽي ڇڏي پيار جا.
پنهنجو حُسن جمالَ ۾، پختو آ وشواس،
ڪڏهن نه آئي راس، دنياداري پاڻ کي.
پريت جي پرمار جو، ٿيندو ڌُوڙ دليلُ،
جنهن جو عشق وڪيل، سو هارائيندو ڪينڪي.
هر صفحي تي پيار جو، پڌرو آ تفسير،
سُڏڪيو ڪالهه فقير، پڙهي بيت لطيف جا.
وائي
لکن
ٿا شاعري ڪيئي
لکي جي، تو
ته ڇا ٿي پيو!
وري ديوان شعرن جو
ڇپيو تنهنجو
ته ڇا ٿي پيو!
ڪوي! توکي جي سرڪاري
مليو تمغو
ته ڇا ٿي پيو!
عذابن ۾ وئي توسان
ڇني ناتو
ته ڇا ٿي پيو!
پڙهي تخليق هي تُنهنجي
نٿو جي، ڪو
ته ڇا ٿي پيو!
ڏنو جي زندگيءَ توکي
ڌِڪو ٿاٻو
ته ڇا ٿي پيو!
شهر ۾ ڪين ڪو توکي
سُڃاڻي ٿو
ته ڇا ٿي پيو!
وائي
واٽون ته ڪيئي آهن، هڪڙي ئي شخص ۾،
ڳولي تُون ڪيئن سگهندين!
هُن جو ظهور آهي، تُنهنجي ئي عڪسَ ۾،
ڳولي تون ڪيئن سگهندين.
ناتر ٻُڏي وئي آ، پنهنجي ئي رقص ۾،
ڳولي تون ڪيئن سگهندين.
ناهي، جُدائي روڪڻ، ڪنهن جي به وسَ
۾،
ڳولي تون ڪيئن سگهندين.
گُم ٿي ويا گهڻا، ئي دلبر جي گسَ ۾،
ڳولي تون ڪيئن سگهندين. |