گلاب خان سولنگي
اَندر جِنين اُڃَ
عيد جون موڪلون جيئن ختم ٿيون مان گهران موڪلائي،
ٿيلهو ڪُلهي تي کڻي بس اسٽاپ تي اچي بيٺس. انهن
ڏينهن ۾ منهنجي ڊيوٽي پنوعاقل ڇانوڻيءَ ۾ هئي. نيٺ
گهڻي انتظار کان پوءِ سکر جي بس ملي وئي، بس ۾
ڪافي رش هئي. مون کي آخري سِيٽ ملي. ڪرايو گهرڻ
وقت، بس جو ڪنڊيڪٽر ڪافي مسافرن سان الجهي پيو،
تنهن تي هڪ ڪُراڙيءَ عورت ڏاڍيان ڳالهيندي چيس،
”ابا ڪجهه ڏينهن ڪرايو گهٽ هيو، اڄ وري يڪدم ايترو
وڌي ويو ڇا؟“
”امان مان ڇا ڪيان! حڪومت، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه
وڌائي ڇڏيا آهن، انڪري ڪرايو وڌيڪ پيو وٺان.“
ڪنڊيڪٽر بيزاريءَ ۽ بيوسيءَ جي ڪيفيت ۾ ڪُراڙيءَ
عورت کي جواب ڏنو.
ابا، حڪومت بسن ۾ سفر نه ڪندي آ ڇا؟ ڪراڙيءَ عورت
آهستي ۽ ڏاهپ واري انداز ۾ ڪنڊيڪٽر کان سوال پڇيو،
پر ڪنڊيڪٽر ان جو ڪوبه جواب ڏئي نه سگهيو ۽ ٻين
مسافرن کان ڪرايو وٺڻ لڳو.
”سائين ڪرايو“ ڪنڊيڪٽر جي آواز تي مان خيالن جي
دنيا مان واپس آيس ۽ ٻين وانگر مون به وڌيل ڪرايو
ڏنو. دراصل مان سوچي رهيو هئس ته ڪراڙي عورت جي
سوال جو جواب ڪنهن کي ڏيڻ کپي....؟ بس رڙهندي
رڙهندي سکر پهچايو. سکر مان پنوعاقل ڇانوڻيءَ واري
گاڏي ۾ ويٺس ۽ شام جو ٽيپهريءَ ڌاري ڇانوڻي ۾
پهتس. جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيس ته حيران ٿي ويس،
ڇاڪاڻ ته سپاهي مظهر هن دفعي به موڪل تي ڳوٺ ڪونه
ويو هو، ڪمري ۾ منهنجي واپسيءَ جو شدت سان انتظار
ڪري رهيو هو. ۽ جيئن ئي مون تي نظر پيس ته ڀاڪرين
پئجي ويو. ”يار پراڻي عيد مبارڪ هجيوَ.“ هن جو
آواز ڀرجي آيو ۽ مون ان کي آٿت ڏيندي پهريون ئي
اهو سوال ڪيو ”تون هن دفعي به ڳوٺ نه وئين؟ آخر
ڪهڙي ڳالهه آهي، جو تون سڀني کان لڪائين پيو؟“
منهنجي سوالن تي ويتر پريشان ٿي ويو ۽ نه چاهيندي
به کِلي چيائين ته ”ڇڏ يار انهن ڳالهين کي تون
ٿورو آرام ڪر باقي ڳالهيون رات ڪنداسون.“ مان به
ٿڪيل هئس، انڪري کٽ تي آهلي پيس ۽ آرام ڪري،
سانجهيءَ جي نماز ادا ڪري ميس تي ماني کائڻ ويس.
فوج ۾ هر ڳالهه ٽائيم ٽيبل مطابق ٿيندي آهي، اتي
ٽريننگ جو ٽائيم، آفيس جو ٽائيم، مانيءَ جو ٽائيم،
آرام جو ٽائيم، راندين جو ٽائيم ۽ رات جو ڪمرن ۾
جنهن کي فوجي زبان ۾ بئرڪون چوندا آهن، سمهڻ جو به
ٽائيم مقرر هوندو آهي ۽ هر آفيسر ۽ جوان کي ٽائيم
جي پابندي ضرور ڪرڻي پوندي آهي. هونءَ اسان جي
آفيس ۾ پاڪستان جي هر علائقي جا ماڻهو ملازم هئا،
پر اسان صرف پنج سنڌي هئاسون، جن جو تعلق سنڌ جي
مختلف علائقن سان هئو. اسان سڀ هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا
هئاسون، انهن مان چار سپاهيءَ جي عهدي تي هئا ۽
منهنجو عهدو انهن کان ٿورو وڏو هئو ۽ تعليم به
ڪجهه وڌيڪ هئي، اسان سڀئي گڏجي هڪٻئي جو گهڻو خيال
ڪندا هئاسين.
سپاهي مظهر اسان سڀني کان مختلف هئو. هُو نه گهڻو
ڳالهائيندو هئو ۽ نه ئي وري کلندو هئو. هر وقت
پريشان رهندو هئو ۽ ڪنهن سان پنهنجي دل جو احوال
نه ونڊيندو هئو. گذريل عيد کان مظهر کي ڏهه مهينا
ٿي ويا هئا، پر تڏهن به هُو پنهنجي ڳوٺ موڪل تي نه
ويو هو ۽ جڏهن مان عيد تي ڳوٺ پئي ويس ته مظهر مون
کي بس ۾ ويهاري وعدو ڪيو هو ته هن دفعي هُو ضرور
ڳوٺ ويندو، پر جڏهن مان موڪل گذاري واپس آيس ۽
مظهر کي موجود ڏٺو ته حيران ٿيو هئس. توڙي جو مظهر
اسان سان گڏ رهندو هو، پر اسان دوستن کي صرف ايتري
خبر هئي ته مظهر جو تعلق ٿرپارڪر ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ
سان آهي ۽ هر مهيني جي پهرين تاريخ تي هُو ڪجهه
رقم پنهنجي ننڍي ڀاءُ ڏانهن ڳوٺ مني آرڊر ڪندو
آهي، ٻيو اسان سڀني دوستن ۾ مظهر ئي غيرشادي شده
هيو. مان جڏهن به پنهنجي آفيس مان شام جو ڪمري ۾
ايندو هئس ته منهنجا سڀئي دوست اڳواٽ ئي ڪمري ۾
موجود هوندا هئا، ڪنهن وٽ جلال چانڊئي جا گانا پيا
هلندا هئا ته وري ڪنهن وٽ شمن علي ميرالي جا ائين
محسوس ٿيندو هو ڄڻ سڄي سنڌ جي ثقافت اسان جي ڪمري
۾ سمائجي وئي هجي ۽ سڄي ڏينهن جو ٿڪ ئي لهي ويندو
هو، پر انهي ميلي ۾ به مظهر اڪيلو ۽ پريشان رهندو
هئو. مان هن کي هميشه اهو مشورو ڏيندو هيس ته ”يار
مظهر، واندي ويهڻ کان بهتر آهي، ڪو ڪتاب ئي پڙهه،
مون وٽ ڪافي ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن ۽ پوءِ هُو
ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب وٺي پڙهندو به هئو. ۽ آهستي آهستي
ڪتابن سان چاهه وڌندو ويس ۽ هاڻي هر وقت ڪتاب ۽
رسالا پڙهندو نظر ايندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن اها فرمائش
ڪندو هئو ته مون کي جلال چانڊئي مرحوم جو گانو
”اهي وڻ به ويا ۽ وٿاڻ به ويا.“ ٻڌراءِ ڇاڪاڻ ته
مون کي پراڻن سنڌي گانن جي ڪافي ڪليڪشن موجود هئي.
ائين ئي مون کي موڪل تان ايندي ٻه مهينا گذري ويا،
وقت جي خبر ئي نه پيئي. هڪ رات مون کي آفيس ۾ گهڻو
ڪم هئو، مان ڪمپيوٽر تي ڪجهه ڪم ڪري رهيو هئس،
”مان اندر اچي سگهان ٿو.“ اوچتو مظهر جو آواز
ٻُڌم. ”اڙي يار تنهنجي ئي آفيس آهي، هلي آ“ مون
چيو:”اڄ سوچيم ته شام جي چانهه اوهان سان گڏ
پيئجي، پر توهان ته مصروف آهيو.“ مظهر مون کي
مصروف ڏسندي چيو. ”نه ڪو خاص ڪم ڪونهي.“ مون
وراڻيو. مظهر ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. مون پنهنجي
آفيس رنر کي چيو ته ”ٻه چانهه جا ڪوپ ٺاهي کڻي
اچ“. ”سائين اجهو آيس“ ائين چئي آفيس رنر هليو
ويو. ڪجهه دير خاموشيءَ کان پوءِ مظهر اٻوجهي
انداز ۾ پڇيو ته: ”ادا توهان ناراض ته ناهيو، هن
ڏکاري لهجي ۾ چيو.
”نه يار، ناراض ته نه آهيان، پر ڪجهه ڏينهنِ کان
آفيس جو ڪم وڌي ويو آهي ۽ هونءَ به توهان ته ڪنهن
کي به پنهنجو دوست ئي نه ٿا سمجهو ۽ نه ئي ڪا
ڳالهه ڪنهن سان ٿا شيئر ڪيو“. مون شڪايت ڪندي چيو.
مظهر منهنجو جواب ٻڌي ٿوري دير خاموشي اختيار ڪئي
۽ پوءِ ٿورو شرمساريءَ واري موڊ ۾ چيائين ته: ”نه
يار اهڙي ڳالهه ناهي، دراصل مان پنهنجي پريشاني
ٻڌائي توهان کي به پريشان ڪرڻ نه ٿو چاهيان.
پر....پر اڄ آءٌ چاهيان ٿو ته مان توهان کي پنهنجي
پريشانيءَ جو سبب ٻڌائي دل جو بار لاهيان“. ۽ پوءِ
مان خاموشيءَ سان هن کي ٻڌندو رهيس. هُو
ڳالهائيندو ويو.
جيئن ته توهان کي خبر آهي ته منهنجو تعلق ٿر جي هڪ
غريب گهراڻي سان آهي، منهنجي والد صاحب مزدوري ڪري
اسان کي پڙهايو، منهنجي امڙ سدائين بيمار رهندي
هئي ۽ منهنجي وڏي ڀيڻ اسان جي ويجهن عزيزن وٽ
پرڻيل هئي، باقي مان ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ جنهن جو
نالو عابد آهي. اهو نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هئو. مان
جنهن رستي تان ڪاليج ويندو هئس ان جي ڀرسان سورٺ
جو اسڪول به هو. ۽ مان روز سورٺ کي پهريائين اسڪول
ڇڏي، پوءِ ڪاليج ويندو هئس. سورٺ منهنجي ويجهي
مائٽياڻي هئي ۽ اسان جو هڪٻئي جي گهرن ڏانهن اچڻ
وڃڻ به هوندو هئو. سورٺ جي ماءُ جي چوڻ تي روز
سورٺ کي اسڪول وٺي وڃڻ ۽ ڪاليج مان واپسيءَ تي ان
کي به اسڪول مان واپس گهر ڇڏي ايندو هئس.
سورٺ جو پيءُ ڪپڙي جو وڏو واپاري هئو، ان جو واپار
پوري علائقي ۾ ڦهليل هو. ڪڏهن ڪڏهن سورٺ پنهنجي
ماءُ سان اسان جي گهر به ايندي هئي، هُن جي سونهن
۽ اخلاق ڏسي هرڪو چاهيندو هو ته سورٺ ان کي ملي ۽
مان به اهو ئي چاهيندو هئس. پر، غريب جو ٻار هئس
انڪري ڊڄندو هئس. پر هڪ ڏينهن هُن سورٺ اسان جي
گهر آئي، اتفاق سان گهر ۾ آءٌ اڪيلو هيس. سورٺ
ڪافي دير ڳالهيون ڪندي مون کي ڏوراپي واري انداز ۾
چيو ته: ”مظهر، رات اسان جي گهر چاچا ۽ چاچي آيا
هئا ۽ اهي بابا کان منهنجو سڱ گهُرڻ آيا هئا.“
”توهان جي پيءُ انهن کي ڪهڙو جواب ڏنو“؟
مان فوراً بيقراريءَ واري ڪيفيت ۾ وچ ۾ ان کان
سوال ڪيو. ”بابا به اهو چين ته اسان سوچي
ٻڌائينداسون.“
سورٺ جي آواز ۾ عجيب درد هئو، ۽ هن جي اکين جي
نهار ۾ مون لاءِ پيار جو اظهار هو، مون پڻ اهو ئي
ٿي چاهيو، پر اسان پنهنجي پيار جي سچائيءَ جو ڪنهن
ڪنهن کي يقين ڏياريون. اسان جي دلين جو سودو ٿي
ويو هو، پر اسان جي قسمت جو سودو ٻين جي هٿن ۾
هيو. ”مظهر تون مون سان شادي ڪندين؟“ هُن جي اميد
ڀريل سوال جو مان ڪهڙو جواب ڏيان هان، ڇاڪاڻ ته
مون کي خبر هئي الفت جي هن سفر ۾ اسان جهڙي طبقي
وارن کي منزل ڪونه ملندي، پر تڏهن به منهنجي وات
مان ”ها“ نڪتي. سورٺ منهنجي هائوڪار ٻڌي ڏاڍو خوش
ٿي ۽ خوشيءَ منجهان مُرڪي ڏنائين. هن جي مرڪ ايتري
ته مِٺي هئي جو دل چيو ته ان لمحي کي قيد ڪري
ڇڏجي، پر وقت کي ڪير به قيد ناهي ڪري سگهندو، ان
وقت اسان هڪٻئي سان مرڻ، جيئڻ جا قول اقرار ڪياسين
۽ پوءِ هوءَ گهر ڏانهن هلي ويئي. منهنجي ته دنيا
ئي بدلجي ويئي ته کائڻ، پيئڻ ۽ مُرڪڻ سڀ ڪجهه وسري
ويو. وقت تيزيءَ سان گذرندو ويو. مون انٽر جو
امتحان پاس ڪيو، ڪاليج وڃڻ به هاڻ بند ٿي ويو ۽
سورٺ پنهنجي ننڍري ڀاءُ سان اسڪول وڃڻ لڳي، ۽ ان
وقت اهو سوچيم ته انٽر ۾ پاس ڇو ٿيس؟ جيڪڏهن فيل
ٿيان هان ته ڪاليج وڃڻ جو بهانو ته ملي پوي هان.
هاڻي سورٺ ميٽرڪ ۾ پڙهندي هئي، پر اسان جو هڪٻئي
جي گهر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. انڪري انهيءَ بهاني
روزاني ملاقات ٿيندي هئي. هر ملاقات کان پوءِ
بيقراري وڌندي ويندي هئي، پر شايد اسان جي نصيب ۾
وڇڙڻ ئي هئو. هڪ ڏينهن سورٺ سهڪندي سهڪندي منهنجي
گهر پهتي. آءٌ ان وقت اڪيلو گهر ۾ هئس، سورٺ اچڻ
سان ئي خوف ۽ اميد جي مليل جليل ڪيفيت ۾ مون کي
ٻڌايو ته: ”مظهر مون کي بچاءِ، خدا جي واسطي مون
کي بچاءِ“ مان پهرئين ته گهٻرائجي ويس. ”آخر ڳالهه
ڇا آهي؟“
مون کانئس پڇيو. ”بابا منهنجي شادي منهنجي سؤٽ
زاهد سان ڪرڻ چاهي ٿو، ڪالهه رات چاچي وارا وري
اسان جي گهر منهنجو سڱ گهرڻ آيا هئا ۽ توکي ته خبر
آ زاهد ڪهڙي قسم جو ماڻهو آ.“
اها ڳالهه ٻُڌي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي،
”تون فڪر نه ڪر مان اڄ رات ئي بابا وارن کي تنهنجي
گهر تنهنجي سڱ لاءِ موڪليندس، اسان جو پيار سچو آ
۽ اسان کي ڪير به جدا ڪري ڪونه ٿو سگهي“. مون همٿ
ڪري هن کي ڪجهه دلاسا ڏنا ۽ پوءِ هوءَ گهر واپس
هلي وئي.
”سائين چانهه“ اوچتو اسان کي آفيس رنر جي آواز،
خيالن جي دنيا مان جاڳايو. ”ٺيڪ آ تون چانهه رکي
هليو وڃ، مان پاڻهي آفيس بند ڪندس“. آفيس رنر
چانهه رکي هليو ويو. مون چانهه جو ڪوپ مظهر ڏانهن
وڌايو ۽ چانهه پاڻ به پيئڻ لڳس. ٿوري دير خاموشيءَ
کانپوءِ، مظهر پنهنجي ڪهاڻي وري شروع ڪئي.
”پهريائين ته بابا بلڪل نه پئي مڃيو. آخر منهنجي
مسلسل اسرار ۽ بيقراري کي ڏسي چيو ته: ”ٺيڪ آ رات
جو مان ۽ تنهنجي ماءُ، سورٺ جو سڱُ گهرڻ وينداسون،
هاڻي ته خوش ٿيءُ“.
بابا جو جواب ٻڌي ٿوري تسلي ٿي، هونءَ به بابا
غربت هوندي به منهنجو تمام گهڻو خيال رکندو هو ۽
هر انگل پورو ڪندو هو. رات جو دير سان بابا ۽
امان، سورٺ جي گهر ويا هئا. مان پنهنجي گهر انهن
جي واپسيءَ جو شدت سان انتظار ڪندو رهيس. هونءَ به
اسان غريبن کي هر ڳالهه جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي.
ڪافي انتظار کانپوءِ بابا وارا واپس آيا ته انهن
جا منهن لٿل هئا ۽ مايوس ۽ نااميد نظر آيا.
”پٽ هن کي تون وساري ڇڏ“. بابا جي واتان اهي جُملا
ٻڌي منهنجي ته دنيا ئي ويران ٿي وئي ۽ سڀئي خواب
چڪنا چور ٿي ويا. ”بابا آخر ڇا ٿيو؟“ مون بابا کان
سوال پڇيو؟ ”پٽ اهو ئي ٿيو جيڪو ٿيندو ايندو آ.“
”سورٺ جي پيءُ اسان جي غربت جي ڪري مون کي ڌڪا
ڏيئي پنهنجي گهران ڪڍي ڇڏيو. پٽ غربت هڪ وڏو عيب
آهي ۽ اميرن کي غريب جي سٺائي ۽ شرافت نظر ڪونه
ايندي، صرف نظر ايندي آهي ته اُها غربت.“
پهريون دفعو مون بابا ۽ امان کي روئندي ڏٺو، ۽ اهو
صرف منهنجي ڪري ٿيو هو، پر، بابا اهو صدمو برداشت
ڪري ڪين سگهيو ۽ بيمار پئجي ويو ۽ ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ بابا وفات ڪري ويو.... ۽ ڊاڪٽر به اهوئي
ٻڌايو ته بابا کي ڪو گهرو صدمو رسيو هئو. مان به
ڪافي عرصو صدمي واري ڪيفيت ۾ رهيس ۽ صرف سورٺ جي
ماءُ، بابا جو ٿيڻ آئي هئي. هڪ ڀيري رستي ويندي
سورٺ کي آخري دفعو مون ڏٺو هو. هن جي نظرن ۾ لکين
سوال هئا، پر مون وٽ انهن جو ڪوبه جواب نه هئو.
هاڻي گهر جون ذميواريون منهنجي ڪلهن تي هيون ۽ آخر
اهو ڏينهن به اچي ويو جو سورٺ جي شادي ان جي
مرضيءَ خلاف، زاهد سان ڪئي وئي. زاهد جو حيدرآباد
۾ ڪو ڪاروبار هئو. ماڻهو چوندا هئا ته زاهد ماڻهن
جي پلاٽن تي ناجائز قبضا ڪرائيندو آهي ۽ ان جو
واسطو ڪرمنل ماڻهن سان آهي. ها هن ۾ صرف اهائي
خوبي هئي ته هُو ناجائز ڌنڌا ڪري دولتمند هئو ۽
سورٺ جي پيءُ کي هن ۾ اها خوبي نظر آئي هئي ۽
مان...................
منهنجي پيءُ سان گڏ سورٺ جي محبت به منهنجي دل ۾
دفن ٿي وئي هئي ۽ هاڻي ڳوٺ ۾ منهنجي لاءِ ڪجهه ڪين
رهيو هو، صرف هڪ ننڍو ڀاءُ ۽ بيمار ماءُ جي، انهن
جي سارسنڀال هاڻي منهنجي ذمي هئي. مون کي اڃا
نوڪري به نه هئي، پر هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ ۾ فوج ۾
ڀرتيءَ ٿيڻ لاءِ ٽيم آئي ۽ ڳوٺ جي ڪافي بي روزگار
نوجوانن سان گڏ مان به فوج ۾ ڀرتي ٿي ويس ۽ ٽريننگ
مڪمل ٿيڻ کان پوءِ منهنجي پوسٽنگ پنوعاقل ڇانوڻيءَ
۾ ٿي ۽ اڄ تنهنجي سامهون آهيان.
مظهر جي ڪهاڻي ٻڌي ائين محسوس ٿيو ته وقت رڪجي ويو
هجي ۽ هُن جو درد مون کي پنهنجو درد محسوس ٿيڻ لڳو
۽ ان سان گڏ مون کي به اکين ۾ پاڻي اچي ويو، پر
مظهر جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي وعدو ورتو ته ”هاڻ
توکي پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ بيمار ماءُ جي لاءِ جيئڻو
پوندو. اهو فرض ضرور نڀائڻو پوندو ۽ تون موڪل ڪري
ڳوٺ ضرور ويندين.“ مظهر به اکين سان اقرار ڪيو.
صبح جو مون پنهنجي آفيسر کان سفارش ڪرائي، مظهر جي
موڪل ڪرائي ۽ موڪل لاءِ تياري ڪرائي سڀ دوست گڏجي
هن کي بس تي ڇڏڻ آياسين.
اڄ ڪافي عرصي کان پوءِ مظهر ڳوٺ موڪل تي وڃي رهيو
هو ۽ جڏهن وري ڪجهه ڏينهن کان پوءِ موڪل پوري ڪري
واپس آيو ته ڪافي خوش نظر آيو ۽ هو پنهنجي ماءُ ۽
ڀاءُ سان ملي آيو هئو ۽ پنهنجو ڳوٺ به گهمي آيو
هو. هن جي طبعيت ۾ اهڙي تبديليءَ تي مان الاهي خوش
هئس.
مون سورٺ بابت ان کان ڪوبه سوال نه ڪيو. ڪجهه عرصي
کان پوءِ مظهر جي پوسٽنگ ڪوئيٽا ۾ ٿي ۽ هو اسان
يارن کان موڪلائي ڪوئيٽا روانو ٿي ويو. ويندي مهل
مون هن کي ڪجهه نصيحتون به ڪيون هيون، ته هُو
پنهنجي اڌوري تعليم مڪمل ڪندو. هُن به مون سان
واعدو ڪيو ته هو ائين ضرور ڪندو. وقت ڪنهن جو
انتظار نه ڪندو آهي، ڪجهه سالن کان پوءِ مظهر جو
مون ڏانهن هڪ خط آيو، جنهن ۾ هن اسان سان گڏ
گذاريل اهي پل ياد ڏياريا جيڪي اسان گڏ گهاريا هئا
۽ هُن اهو به لکيو هو ته هاڻي هن ماسٽرس پاس ڪئي
آهي ۽ هن جو پروموشن پڻ ٿي ويو آهي.
مون کي انهيءَ وقت انتهائي خوشي ٿي ۽ ڏک به، خوشي
انهيءَ ڳالهه جي ٿي ته مظهر پنهنجو مشن جاري رکيو
۽ ڪاميابي ڏانهن وڌي رهيو هئو. ۽ ڏک انهيءَ ڳالهه
جو ٿي رهيو هئو ته اڄ به اسان جي سماج ۾ ذات پات،
رنگ نسل، اميري غريبيءَ ۾ امتياز ڪيو ٿو وڃي! ۽ اڄ
به سورٺ جهڙيون هزارين ڇوڪريون سماج جي ٺيڪيدارن
جي هٿ ٺوڪين رسمن ۽ رواجن جي ور چڙهي وڃن ٿيون، ۽
پنهنجي اڻپورين خواهشن سان گڏ هميشه لاءِ دفن ڪيون
وڃن ٿيون......
چترڪار: نعمت خلجي
ڀٽائي به سنڌو ڏٺو اوج ۾ هو،
سمندر جيان ان کي وهندي ڏٺو هو،
”متل مئه“ جو مهراڻ تنهن کي چيو هو،
تڏهن سُر سهڻي به تخليق ٿيو هو،
اهو شاهه درياءُ سُڪندو ڏسان ٿو،
تڏهن مان لُڇان ٿو، تڏهن مان لڇان ٿو.
(سوز هالائي) |