تهمينه مفتي
سنڌ جي ڪوپائي ڪٿا دودي چنيسر جي ڳالهه، لوڪ ادب ۽
تاريخ جي روشنيءَ ۾ هڪ اڀياس
سنڌ جا قديم داستان ۽ قصا سنڌ جي آڳاٽي تمدن ۽
تهذيب جا نشانبر ۽ يادگيريون آهن، جن جي ذريعي
اسان پنهنجي قديم ورثي ۽ لوڪ ادب جي اورچائي تي
فخر ڪري سگهون ٿا ۽ اوڻائين جي نشاندهي ڪري اصلاح
ڪري سگهون ٿا. هي قديم داستان، ڪٿائون ۽ قصا عوامي
تهذيب ۽ تاريخ جا بنيادي ٿنڀا آهن. عوامي لوڪ
ڪٿائون ۽ نظمي قصا
(Folk
Poetic Narration)
لوڪ ادب ۽ ثقافت جو هڪ اهم حصو آهن، جنهن مان ان
قوم جي مزاج ۽ جمالياتي شعور ۽ سمجهه کي سمجهڻ ۾
مدد ملي ٿي. تصور ۽ تخيل جي منفرد رنگن سان گڏ
هيءُ داستان، ڳالهيون ۽ ڪٿائون جذبن ۽ احساسن کان
خالي نه آهن، اهي انساني امنگن کي جيارڻ لاءِ آهن.
لوڪ ادب جو مطالعو اهو ٻڌائي ٿو، ته انساني سماج
جي ارتقا ۽ نشوونما ڪيئن ٿي. علم البشريات، لوڪ
ادب جي مطالعي کي اهميت ڏئي ٿو. قديم تهذيب جي ڄاڻ
لوڪ ادب مان ئي معلوم ٿيڻ تي انساني زندگي جو جيوت
(Way
of life)
رهڻي ڪهڻي، واقعن ۽ حالتن جي اوسر مان معلوم ٿئي
ٿي. اٺين صديءَ ۾ ٿيل هيءُ مطالعو ظاهر ڪري ٿو ته:
"A Usually Chronological record of events as of
the life or development of people or
insdtitution often includes an explanation of or
commentery on those. e.g. history of Viking" (1)
‘Viking’
جو لفظ، سوداگرن، قزاقن
ويڙهاڪن جي تاريخ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن جو تعلق،
عام ماڻهن ۽ هيٺين طبقي سان هو. تاريخ جو مضمون ۽
موضوع، ماضيءَ جي ورقن، حادثن، جنگين ۽ مقابلن سان
واسطو رکي ٿو. مؤرخ پنهنجي دؤر کي ماضي ۾ رونما
ٿيندڙ تبديلين سان جوڙي ڇڏي ٿو. اهڙيءَ ريت تاريخ
اسان کي ماضي ۽ حال کان واقف ڪرائي ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل، سوداگرن، قزاقن، ٺڳن ۽ ويڙهاڪن جي
تاريخ جو ذڪر ٿيو. ننڍي کنڊ جي تاريخ به اهڙن
ڪردارن جي تاريخ ۾ به موجود آهي. واقعن ۽ حادثن کي
ڪهاڻي يا آکاڻي جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو. ڪرشنا ۽
پانڊو ۽ رام جا ڪردار، ويڙهاڪن جي صورت ۾ نظر اچن
ٿا. محبت ڪندڙ، عاشق به آهن. سيتا ۽ راڌا جا ڪردار
به انهن ڪٿائن ۾ اهم آهن، جو هنن جي ڪري ڪٿائن ۾
رنگيني ۽ سونهن پيدا ٿئي ٿي ۽ ڪٿائن ۾ ڪلائيميڪس
يا عروج به ٿئي ٿو. بعد ۾ انهن ڪٿائن مذهبي ويس
پهريو. حضرت آدمؑ ۽ بيبي حواؑ جو قصو به قرآن پاڪ
۾ پڙهجي ٿو، ته اهو ٻن وجودن جي پيدا ٿيڻ ۽ جنت ۾
رهڻ تائين هڪ سڌو سنئون قصو آهي، پر اڳتي قصي ۾
منع ڪيل حدن کي پار ڪرڻ تي کين جنت کان نيڪالي ملي
۽ ڀوڳڻو پوي ٿو ۽ هيءُ سهڻو احسن قصو پنهنجي
اختتام تي پهچي ٿو.
مٿي ڏنل پس منظر جي روشنيءَ ۾ تسليم ڪري سگهجي ٿو
ته اهي قصا، ڪٿائون ۽ داستان، ادب ۽ تاريخ جو حصو
بڻجي ويا، جن جو واسطو صرف لوڪ ادب ۽ روايت سان
آهي.
تاريخ جو اهو دؤر جنهن کي سومرن جو دؤر چئجي ٿو.
هن دؤر جون آڳاٽيون ڳاهون، عشقيه داستان، ڪوپائي
ڪٿا يعني دودي چنيسر جي ڳالهه ڌيان ڇڪائين ٿيون.
هيءَ ڪٿا سومرن جي ان دؤر جي نشاندهي ڪري ٿي، جڏهن
اُهي ڪمزور ٿيڻ لڳا. هن ڪٿا جو ذڪر سنڌ بابت لکيل
تاريخن ۾ موجود آهي ۽ ان کان علاوه به مختلف
داستانن ۽ قصن جو ذڪر به جن بابت لکيو ويو، ملي
ٿو. جيئن مير محمد معصوم بکري ”حسن ناز“ جي عنوان
سان 1002 هجري سنه کان اڳ ۾ سسئي پنهون جو قصو
لکيو. تاريخ سنڌ ۾ هن ڪٿا جي ڪن اهڃاڻن کي ڏسي
سگهجي ٿو. هجري سنه 1017 ۾ ادراڪي بيگلاري پنهنجي
”بيگلار نامي“ ۾ چنيسر نامه (ليلا چنيسر جو قصو)
ملي ٿو. بيگلار نامي جو مواد ارغون ۽ ترخان دؤر
بابت آهي ۽ ان جي مرڪزي حيثيت سوانح عمري جي آهي،
جيڪا ادراڪي بيگلار پنهنجي سرپرست شاهه قاسم خان
ارغون جي ڪمن ڪارين بابت لکيو هو.
سيد طاهر محمد نساني ٺٽوي جي تحرير تاريخ طاهري
”تاريخ بلدة المعروف تاريخ طاهري“ ۾ جنگ نامي يعني
دودي سومري ۽ سلطان علاءُ الدين جي معرڪي جو احوال
ملي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تعليقات ۾ لکن ٿا:
”جيستائين سيد طاهر محمد جي ڪم جو واسطو آهي، هيءُ
لوڪ ڪٿائون ماڻهن کان ٻڌل ۽ اکين ڏٺل شاهدن جا
بيان ڪيل احوال آهن، جيڪي اصلوڪي حيثيت رکن ٿا.
سومرن ۽ سمن بابت تفصيل اڳ جي واقعن تي مبني
روايتن متعلق آهن، جيڪي دلوراءِ، اولياءُ ڇتو
عمراڻي ۽ مشهور لوڪ ڪهاڻيون بديع الجمال، عمر
مارئي، سسئي پنهون، ليلا چنيسر ۽ مشهور ڪٿا لاکي
ڦلاڻي ۽ مشهور جنگنامي دودو سومرو ۽ سلطان علاءُ
الدين جو تفصيل ڏنل آهي.“ (2)
سنڌ جي تاريخ جي ماخذن ۾ قصن جي حوالي سان خاص طرح
سومرن ۽ سمن جي دؤر جي ڪهاڻين جو زور ۽ اهميت
معلوم ٿئي ٿي. قصن ۾ اهي قصا ۽ اهڃاڻ، حاڪمن سان
جڙيل هئا ۽ اهي تاريخ جو حصو هئا. جيئن تاريخ جو
هڪ سلسلو قائم رهي. ساڳي روايت تحفة الڪرام
(1182هه) ۾ مير علي شير قانع (تاريخ طاهري تان
ورتل) پنهنجي تاريخ ۾ درج ڪئي ۽ اختيار کان ڪم
ورتو.
دنيا جي ادب جي تاريخ تي نظر وجهبي ته ادب جي
شروعات رزميه شاعريءَ (Epic
Poetry)
سان ٿئي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ ڪوپائي ڪٿا
روايتي ذخيري ۾ موجود هئي، جنهن کي، ڊاڪٽر بلوچ
نروار ڪيو آهي. هن ڪوپائي ڪٿا دودي چنيسر جي ڳالهه
جو اثر سنڌي شاعرن تي پڻ ٿيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب ميين شاهه
عنات ۽ شاهه لطيف جي بيتن ۾ ڏنل اهڃاڻن، هن ڳالهه
مطابق ٽاڻن جي صورت ۾ بيان ٿيل آهي. اهي ٽاڻا هي
آهن:
1. علاءُالدين بادشاهه جي لشڪر جي دودي تي ڪاهه ۽
دودو وڙهيو.
2. سومريون سامهون ٿيون. ابڙو ڪڇ جو حاڪم جنهن سر
ڏنو ۽ نڀايو.
3. ابڙي سامن خاطر سر ڏنو. هو وڏو سورهيه هو. جهڙي
ريت ٻيلي ۾ سپڙ جي سخاوت مشهور هئي، تيئن ڪڇ ۾
ابڙي سمي جي سخا، بهادري مشهور هئي.
4. سومرن ۾ باقي هڪ نينگر ڏونگر راءِ وڃي بچيو،
تنهن به سامون علاءُالدين کي نه ڏنيون.
مثال جي لاءِ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جا بيت ڏجن ٿا:
1. ٻئن مڙني ڏنيون، ڏي نه ڏونگر راءِ،
اڻ ڏٺين آڏو ڦري، ڏٺيون ڏي ڪياءِ،
لوڙيون لک مٽاءِ، اِن مٿيري موٽائيون.
2. سرڻن جا سوٽا سهي وسيلو ولهين،
لڏي ڪين لطيف چئي اڳيان لال لکن،
جت ڪوڙين ڪين ڪڇن! ات پاٻوهي پڌرو.
(شاهه جو رسالو)
اُڻويهين صدي سنڌي ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ هڪ
اهم صدي هئي، جنهن ۾ به هن جنگي داستان بابت ٻه
اهم روايتون جيڪي ڇپيون، سي ملن ٿيون. اهي اسي نوي
سالن کان به اڳ جون آهن، جن کي ڇپرايو ويو. پهرين
روايت منشي اُڌارام ڪنهن سگهڙ کان ٻڌي ۽ 1881ع ۾
ڇپائي پڌري ڪئي. هيءَ نثري روايت آهي، جنهن جي وچ
۾ آيل بيت آڳاٽا آهن. ٻي روايت مستي نالي سگهڙ جي
چيل بيتن ۾ بيان ٿيل ڳالهه آهي. ”ڊاڪٽر نبي بخش
مطابق هي ٻئي روايتون اهم آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڦير
گهير کان محفوظ رهيون ۽ پوئين دؤر جي روايتن جي
دست برد کان پري رهيون. هي ٻئي روايتون سٽاءَ توڙي
صحت جي لحاظ کان اهم آهن (3). دودي چنيسر جي ڳالهه
کان علاوه 1860ع ۾ منشي اُڌارام ٿانور داس طوطي
نامو اصل ۾ سنسڪرت ۾ لکيل هو، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
1861ع ۾ راءِ ڏياچ ۽ ٻيا داستان جن ۾ ڪامسين،
ڪامروپ ۽ ماهه منير (Folk
Poetic Narration)
نظمي قصا شامل آهن. اُڻويهين صديءَ جي آخر ۽ وچ
ڌاري ڇپيون. ثابت اهو ٿو ٿئي ته اُڻويهين صديءَ جي
وچ ۽ آخر ۾ سنڌي ادب ۾ رزميه شاعري ۽ داستان گوئي
لکڻ ۽ سهيڙڻ جو بنياد پيو، جن جي روشني ۾ ڊاڪٽر
بلوچ اُڌارام ٿانورداس جي لکيل ’دودي چنيسر جي
ڳالهه‘ ۽ شاعر مستي جي مواد کي روشني ۾ آندو.
سنڌ جو شاهنامو:
معلوم اهوئي ٿئي ٿو ته رزميه شاعري ۽ جنگي واقعن
کي قلمبند ڪرڻ جو رجحان اڳتي وڌيو. خليفي قاسم جي
رسالي ۾ سر ڪيڏاري ۾ کرڙي جي جنگ کي بيان ڪيو.
سُر ڪيڏاري مان مثال، جنهن ۾ ٻولي ۽ ڪرشماتي پهلو
نظر اچي ٿو:
سُر ڪيڏارو:
کرڙي کائي رت ڀت نه وجهي وات ۾،
پڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پرکي پت،
جني نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين.
(فصل پهريون، بيت 5، ص 40)
سوڀون سِر گهرن، سِر ري سوڀ نه سپجي،
سوڀ برابر سسيون توريان تان نه تُرن،
جي هينئڙي منجهه هرن، سي مُل مهانگا سپرين.
(فصل ٻيو، بيت 3)
فارسي ادب جي تاريخ تي نظر ڪبي ته رزميه شاعريءَ (Epic
Poetry)
جو وڏو مثال شاهنامه فردوسي آهي. هيءَ تحرير هڪ
فرد جي آهي. اهڙو مثال سنڌي ادب ۾ به ملي ٿو. ’سنڌ
جو شاهنامو‘ يا ڪلهوڙن جي هار سنڌ جي آخري حڪمران
ٽالپر مير نصير خان جي وڏي فرزند مير حسن علي خان
تحرير ڪيو.
هي شاهنامو، سازشن، رقابتن ۽ اقتدار جي هوس باعث
ٿيندڙ خانه خنگي کي بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ وفادار
ساٿين جو خون ناحق ٿيو، ڄڻ ته مختصراً سنڌ جي
سياسي ۽ تاريخي واقعن کي قلمبند ڪيو ويو آهي.
شاهنامي کي ادبي نقطه نظر سان ڏسبو ته مير صاحب جي
شعر ۾ عمديون شاعراڻيون خوبيون ۽ ادبي نزاڪتون
موجود آهن. هي شاهنامو موزون ڪلام آهي، جيڪو نظم ۾
هڪ اضافو آهي. رزميه ڪلام جي ڪماليت ۽ فني خوبي (Art)
هيءَ هوندي آهي جو ڪلام چوندڙ جنگ جي ميدان ۾ شڪست
توڙي فتح جو منظر ائين پيش ڪيو آهي، جيئن اکين آڏو
نظر اچي ٿو.
مير حسن علي حسن جي هن شاهنامي ۾ اهڙو جولان نظر
اچي ٿو، پر جيئن ته ان وقت فارسي ٻوليءَ جو زور هو
۽ موزون ڪلام ۾ فارسيءَ جون ترڪيبات، ورجيسون،
اصطلاح، تشبيهون ۽ استعاره موزون ڪلام جو ڄڻ ته
سينگار هيون. مير صاحبان فارسي ٻوليءَ جا شوقين ۽
ڄاڻيندڙ هئا. هيٺ شاهنامي مان مثال ڏجن ٿا:
جنگ جي ميدان جو نقشو:
وڙهيا جئن وڙهن شير ۽ ازدها،
ٻي وائي نه هن ڪا وڙهڻ کان سواءِ،
ائين نعره زن ٿيا ٿي بازو رو شور،
ٻڌڻ واري ڄاتو سيد محشر جو شور،
ٿيا گردن کان وڍجي گهڻا سر جدا،
ڪلهوڙن کان ڪئن ملڪ ورتو اسان،
ٿيون ويران ڪئن خاندان ڪلان.
•••
انهي جنگ تي امر هو منحصر،
ته حاصل ڪري جيڪو فتح ظفر،
اهو ٿيندو هن ملڪ جو بادشاهه،
مخالف ٿي ويندو سراسر تباهه.
•••
ٻه لشڪر چوان يا ٻه دريا چوان،
ٻه لشڪر هئا يا ابر آتش فشان.
•••
گهڻا ٿي ويا ان وقت به دست و پا،
زمين کان اٿيو اهڙو تيره و غبار،
فضا ۽ هوا جنهن ڪئي تاريڪ تار،
انهي گرد ۾ ائن ٿي چمڪيا هٿيار،
ٿي جئن برق چمڪي به شهبا ۽ تار،
نظر نايو ٿي روءِ مهر فلڪ،
ڏٺي بيٺي سان جنگ جن و ملڪ.
ميان عبدالنبي جنهن مير بحار خان شهيد ڪرايو، تڏهن
ميان جي ڪردار بابت شاهنامي ۾ هي سٽون هن ريت
تخليق ٿيون:
هجي جيڪو وڻ اصل کان خاردار،
نه ڪجهه ان مان نڪري بجز خار خار،
ڀلي پاڙ ۾ شير ۽ شهد ناب،
وجهن ان کي يا بيد مشڪ و گلاب،
ڪنڊن مان نه ڪي نڪرندو وغير خار،
ٿي يڪسان انهيءَ لاءِ خزان ۽ بهار.
(سنڌ جو شاهنامو، ص9 ۽ 10)
اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اصل ۽ نج رزميه شاعري
اهائي آهي، جيڪا صدين کان بيان ٿيندي رهي آهي. ان
جو سلو پنهنجي ڌرتيءَ تي انگورجي. عوام ان کي هئين
سان هنڊائي، ياد رکيو هجي. مثال جي طور هي ننڍڙيون
ڳاهون، جن هڪ ننڍڙي گيت جي صورت اختيار ڪئي آهي،
هن گيت کي پنهنجي ڪلاس ۾ ڪيترائي دفعا دهرايو
هوندو. هن گيت جو تعلق تاريخي شهر شڪارپور سان
آهي. هي گيت مون پنهنجي والده کان ٻڌو. هن ۾ هڪ
عجيب رنگ ۽ چس آهي ۽ ڪن تاريخي ڳالهين، واقعن جا
اهڃاڻ ملن ٿا ۽ ڀائرن جي بهادري، سورهيائي ۽ طاقت
کي ککر سان تشبيهه ڏني ويئي آهي ۽ انهن سورهين جو
ککر گڏ ٿيڻ هڪ اشارو آهي. خوشحالي ۽ ڪاروبار جي
سلسلن کي به ڏسي سگهجي ٿو.
ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڻي
اسين تنهنجا ماڻهو
چٻينداسين ڏاڙهون
هي ککر ڪهڙي
ستن ڀائرن جي جهڙي
ست ئي ڀائر کڏ تي
ٻيڙي آئي در تي
ٻيڙين وارا آيا
ڇٻ ڇٻيندا آيا
ڇٻن ۾ موتي
چٽي منهنجي پوتي
بابل کي چئجان
ادل کي چئجان
گُڏو گُڏي آڻجان
چانديءَ ۾ تورائجان
سون ۾ مڙهائجان
آءٌ ته گُڏي راند ڪيون
آءٌ ته گڏي راند ڪيون.
شخصي شاهنامه ۽ فردوسي نامه هڪ حد تائين پنهنجي
حالتن ۽ واقعن جا شاهد ٿين ٿا. تاريخ جا حصا ڀلي
هجن، پر دودي جو هي داستان ڪونڌرن ۽ ڪونڌن جو
داستان آهي، جنهن کي عوام پنهنجي جذبن ۽ حب
الوطنيءَ جي احساس کي زندهه رکڻ لاءِ ورجايو ۽ بار
بار چيو.
ثابت اهو ٿيو ته دنيا جي رزميه شاعري ۽ نظمي
داستانن (Folk
Poetic Narration)
جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۽ هند جي هن تاريخي ڳالهه جيڪا صدين
کان روايتي طرح مسلسل سفر ڪندي رهي ۽ بهادري، عزت
۽ حب الوطني جي علامت بڻجي ويئي، جو ويهين صديءَ
جي جديد شاعر، ڪهاڻيڪار، سنڌيڪار شيخ اياز به
منظوم ڊرامو ”دودي سومري جو موت“ کي قلمبند ڪيو.
دودي ۽ ٻاگهيءَ جا ڪردار وري زندهه ٿي ويا. هيٺ
مثال ڏجي ٿو:
تون وڙهندي ماريو ويندين،
هن ڌرتيءَ تان واريو ويندين،
دودا تنهنجو ساهه ته ويندو،
ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
ڪوپائي ڪٿا، ’دودي چنيسر جي ڳالهه‘: جُنگ ڪيڏارو ۽
شاهنامه فردوسي:
ڪوپائي ڪٿا دودي چنيسر جي ڳالهه، جُنگ ڪيڏاري ۽
شاهنامه فردوسي جو هڪ جائزو وٺجي ته هي ڪوپائي
ڪٿا، جنهن جا بنياد، ديس جي ڌرتيءَ ۾ کُتل آهن ۽
هيءَ هڪ دؤر سان وابسته هئڻ سان گڏ، تاريخ جي اهم
ڪڙي آهي. ٻي اهم ڳالهه هي مسلسل هلندڙ ڳالهه آهي.
جيئن ته هي ”سنڌ جو آڳاٽو مشهور مڃيل جنگي داستان
آهي، جيڪو نه فقط سنڌ جي جنگ نامي يا رزميه
شاعريءَ جو بڻ بنياد آهي، بلڪ دنيا جي ڪوپائي
ڪٿائن ۾ هڪ وڏي ڪوپائي ڪٿا آهي. هي ڪو عام معنيٰ ۽
مفهوم وارو جنگي داستان ناهي، بلڪ خاص دودن جو
داستان آهي. هي هڪ شاهي جنگ جانگاهه ۽ وڏو جُنگ
ڪيڏارو آهي.“ (4)
فردوسي جي شاهنامي بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
لکن ٿا: ”فردوسي جو شاهنامو رزميه داستانن جو هڪ
شاهي دفتر آهي، جنهن ۾ اوائلي ۽ قديم تاريخي دؤرن
بابت منظوم ڪيل داستان ته محض خيالي خرافات آهن.
پوئين تاريخي دؤر (ساساني) وارا داستان به ڄڻ نيم
تاريخي افسانا آهن (5). انهن جي ڀيٽ ۾ دودي چنيسر
جي ڳالهه سنڌ ۽ هند جي هڪ تاريخي دؤر سان تعلق رکي
ٿي. هن ڪوپائي ڪٿا کي فردوسي جي شاهنامي سان ڀيٽجي
ته مٿي ڏنل تنقيد کي خيال ۾ رکندي، اهو معلوم
ٿيندو ته، ”هي داستان سومرن جي اوائلي يا وچين دؤر
جي تاريخي واقعن مان اسريو. هي جيئن ته ڪنهن تحرير
يا مخصوص روايت جو نتيجو ناهي، پر مسلسل ۽ عام
مشهور زباني روايتن جو ثمر آهي ۽ عوام ۾ اهي
روايتون آڳاٽي وقت کان مقبول ۽ پسنديده هيون. هي
روايتون ڪم از ڪم گذريل ٽن سون ورهين کان وٺي
هلنديون آيون آهن.“ (6)
ڊاڪٽر بلوچ، تاريخن مان ۽ سگهڙن، ڀٽن جي روايتن
مان ڪي نتيجا ڪڍيا آهن، تنهن جي بنياد تي هن نڪتي
جي پڪ ٿئي ٿي ته هن ڪوپائي ڪٿا جو واسطو، تاريخ
سان آهي ۽ هي ڪو خيالي يا تخليق ٿيل افسانو يا
ڪهاڻي ناهي. ”شروع واري دؤر ۾ غالباً سومرن جا ٻه
حڪمران گهراڻا ٿيا. هڪ دلوراءِ جي پيڙهي وارا
حڪمران ۽ ٻيا دودن جي پيڙهيءَ وارا حڪمران جن پوءِ
گهڻو عرصو حڪمراني ڪئي.“ (7)
سومرن جو دؤر جو اٺون باب سومرن جي پيڙهي ۽ نسل
بابت بحث ڪري ٿو. ٻئي روايتي ذخيري جي روشنيءَ ۾
تفصيل سان سومرن جي پيڙهيءَ بابت ڪي نتيجا مليل
آهن، جن جي بنياد تي سنڌ جي تاريخ جا خال ڀرجڻ
گهرجن، پر جهڙي ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهن
جو تجزيو ڪيو آهي ۽ روايتن کي ڀيٽيو آهي، اهي علمي
۽ تاريخي ڪم آهن. هن پاڻ ڪي نتيجا ڪونه ڏنا آهن،
پر مواد جي بنياد تي ڏنا آهن ۽ پنهنجي هڪ راءِ
قائم ڪئي اٿائين. پنهنجي پاران ڪابه ڳالهه يا نڪتو
شامل نه ڪيو آهي. صفحي چوڏهين تي آڳاٽي لکت يا
زباني روايت جي پوري اهميت تڏهن واضح ٿئي ٿي. جڏهن
ان جو تحقيقي مطالعو ڪيو وڃي ٿو. دودي چنيسر جي
تاريخي، ثقافتي، سماجي، فني ۽ ادبي اهميت ۽ افاديت
جي پوري ڄاڻ پڻ تڏهن حاصل ٿي آهي، جڏهن گذريل ويهن
پنجويهن سالن جي پڇا ڳاڇا ۽ ڳولا سان، ڳالهه جون
مختلف روايتون سنڌ جي جدا جدا توڙي، سنڌ جي سرحدن
سان لاڳو ٻاهرين علائقن مان گڏ ڪيون ويون ۽ پڻ
ڀرين ڪچهرين ۾ ڳالهه کڻندڙن کي فني سٽاءَ سان
ڳالهه ڳائيندي وهائيندي ٻڌو ويو. انهيءَ تحقيق ۽
تلاش ذريعي، موجوده دؤر ۾ هلندڙ ڳالهه جي ذري گهٽ
سؤ في صدي روايتي ذخيري کي حتي الامڪان اصلي ۽
صحيح صورت ۾ مرتب ڪيو ويو.“ (8)
اڳتي لکن ٿا:
”ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جي ڇهن بابن ۾ هن ڳالهه ۾ سمايل
تاريخي اهميت واري مواد کي روشن ڪيو ويو آهي.
ڳالهه جو تاريخي پاسو وڌيڪ نمايان
آهي،
ڇاڪاڻ ته سنڌ جي حڪمران گهراڻي ۽ دهليءَ جي سلطانن
جون جنگيون هن ڳالهه جو مرڪز ۽ محور هيون. هيءَ
ڳالهه ڪو تاريخي بيان ناهي، پر ان ۾ تاريخي پس
منظر جا اهڃاڻ سمايل آهن. هڪ محقق ان جي تر ۽ بر
کي ان جي مختلف روايتن کي ڀيٽي ۽ ان جي ٽاڻن کي
توري تڪي سومرن جي تاريخي دؤر بابت ڪي اهم نتيجا
نروار ڪري سگهي ٿو. ڪن تاريخي ڪتابن ۾ هن دؤر بابت
جيڪي پڪا پختا حوالا ملن ٿا، تن کان پوءِ، هن
ڳالهه جو مواد ئي سومرن جي دؤر بابت هڪ پڪو ۽
مسلسل روايتي ماخذ آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري
سگهجي. منهنجي خيال ۾ اها للڪار
Challenge
هئي، جنهن کي ڊاڪٽر بلوچ قبول ڪيو.
جُنگ- ڪيڏاري يا ڪوپائي ڪٿا جي هيئت ۽ مثال
انگريزيءَ جي اصطلاح
Great
Epic
poetry
جو ترجمو ڊاڪٽر بلوچ هن ريت ڪيو آهي: ”شاهي جنگ
جانگاهه‘ ۽ ’وڏو جُنگ ڪيڏارو‘، ڪوپائي ڪٿا“.
لفظ ’ڪوپو‘. سورهيه واحد آهي ۽ ’ڪوپا‘
ان جو جمع
=
گهڻا سورهيه ۽ ڪونڌر. ڊاڪٽر بلوچ هن لفظ کي صفاتي
ڪندي، (Adjective)
’ڪوپا‘ مان ڪوپائي ڪيو، جنهن جي معني ٿي
’سورهيائي‘.
لغت ۾ هن جي معنيٰ هن ريت ڏنل آهي:
ڪوپ=
ظلم، قهر، زبردستي، ڏاڍائي، غضب، انڌير، مسلسل وڍ
وڍان، وڍڻ ٽُڪڻ، ڪپڻ ۽ ڪاٽڻ، وهنوار ۽ ڌنڌو. (ص
321)
ڪوپا
=
پهلوان، بهادر، جنگي جوان، ڪوپو (سورهيه جوشيلو،
غيرتمند، غازي وير (ص 321)
شاهه لطيف، رسالي ۾ هن لفظ کي هن ريت ڪتب آندو
آهي: گنج ۾ چئن سٽن جو مثال طور هتي هڪ سٽ ڏجي ٿي:
ڪوپا ڪلهي ڪوڏيا، روات ڪين رهن.
(سُر ڪيڏارو، ص 332، گنج شريف)
ٻيو بيت گنج ۾ ٽن سٽن جو بيت آهي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي
جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ چئن سٽن جو بيت آهي:
ڪاٽ ته پوءِ قبول ۾ مڇڻ ڀائين گهٽ،
مٿا مهاين جا پيا نه پسين پٽ،
ڪلاڙڪي هٽءُ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.
(سُر ڪلياڻي، يمن ڪلياڻ، ص 114)
مٿي ڏنل بيت جي ابتدا پهرين سٽ کان (سر ڪلياڻ ۾)
آڏواڻي هن ريت ڏني آهي:
اڳيان اَڏِن وٽ پوين سر سنباهيا.
رزميه شعر، جنگ- ڪيڏاري يا ڪوپائي ڪٿا جو فن دنيا
جي ٻين ٻولين ۾ رائج مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن
ڪٿائن جي هيئت ۽ قالب جا چار پهلو نمايان آهن:
1. ڳالهه جو تاريخي يا نيم تاريخي بنياد هجڻ.
2. صدري روايتن جو سلسلو
3. سورهين جي ڪارنامن کي چمڪائڻ خاطر وڌاءُ
4. قومي برتري ۽ وطنيت جو جذبو
مٿيان چارئي اصول هن ڪوپائي ڪٿا ۾ نظر اچن ٿا. هن
ڪٿا جو ادبي، فني، علمي، تاريخي ۽ ثقافتي ذخيرو،
سگهڙن ڀٽن ۽ چارڻن وٽ روايتي انداز ۾ موجود رهيو،
جيڪو ٻوليءَ جي سونهن کي ظاهر ڪري ٿو. هن ڪٿا جي
روايتي مواد ۾ اصطلاح، چوڻيون، پهاڪا، تشبيهون،
استعاره ۽ تجنيس جو ذخيرو سمايل آهي.
دودو جيئن ته سڀني جو ڏڍ هو. سندس همت ۽ بهادري جي
ڪري ٻين به پئي جنگيون ڪيون، جڏهن جنگ جي ميدان ۾
وڙهڻ لاءِ ڪوبه نه بچيو، تڏهن دودو، دلير ۽ دلاور
هو. ڪوپو ڪنڌار هو.
دودي چنيسر جي ڳالهه ۾ اعليٰ ڪوپائي ڪٿا جا عنصر ۽
دودي جي ڪردار ۾ ڪرشماتي پهلو:
هن ڳالهه ۾ هڪ اعليٰ ڪوپائي ڪٿا جا مڙئي مکيه عنصر
موجود آهن. هن ڪٿا ۾ جنگ بابت جملي جنسار ۽ منظر
موجود آهن. ديمين ۽ دومن جو اچڻ، ڇلين جو چڙهڻ،
ڪَرهه کي ڪاهڻ، جنگ کي جنبائڻ، آرڻ تي اچڻ، آڙ
جهلڻ، قلعو منڊڻ، رڻ ڀيلڻ، رڻ سُوڌ ڪرائڻ ۽ ٻيا
اهڙا اصطلاح توڙي الفاظ جنگ جي نسبت ۽ جنگ جي
ميدان جي جدا جدا سٽائن کي نروار ڪن ٿا. (ص132)
دودو چڙهندو جنگ تي تڏهن وڻ ڇڏيندا واءِ،
رئي کان سج لٽجي وڃي پوي نه سڌ سماءِ،
مرون جهنگ ڦٽو ڪندا، ٻيلي لڳندي باهه،
ميو چڙهي موجون ڪندو دٻجي ويندا درياء،
دودو چڙهندو جنگ تي، تنهنجون ديميون ڇڏينديون
ساهه.
(ص 78)
دودي کي ست هٿيارو سومرو ڪري به سڏيو ويو. جنگ جي
ميدان ۾ ڄڻ سندس ست هٿيار پئي وڙهيا ۽ مخالف لشڪر
کي ٻنهي ڪنڌين ٻوڙي ٿي ڇڏيائين.
ست هٿيارا سومرا، مٿي تو ڪا ناه،
سمن سوڍن وچ ۾ مرڪي ماء سنڌ ياءِ،
ڏاڙهي ڏاڙهون ڦل جان رچي لال ٿيا.
(ص 80)
”منشي اڌارام جي ڳالهه ۾ ننگر جي جنگ جو ذڪر ٿيل
آهي، پر پوءِ جيئن ڳالهه وڌي ته ڳالهه جي شاعرن ان
۾ وڌيڪ گل وڌا.“ (9) يعني ته ننگر کي تيرهن چوڏهن
ورهين جو ڄاڻايو ويو آهي ۽ ساڻس سندس ساٿين جو
تعداد پنجاهه يار هئا، شامل ڪيا ويا.
لاڙ جي ڀانن يعني سامي رند شاعر جي بيتن واري سڀ
کان آڳاٽي روايت آهي. هن روايت ۾ سومرن جي خاندان
مان فقط دودي جي جنگ جو ذڪر آهي ۽ غالباً تاريخي
لحاظ سان پڻ اهوئي صحيح هجي، پر وقت گذرڻ سان
ڳالهه جي ڳهيرن هن ڪوپائي ڪٿا ۾ اضافا ڪيا. جيئن
ته منشي اُڌارام ۾ پهريون ڀيرو ننگر جي جنگ جو ذڪر
اچي ٿو، پر هو هڪ چوڏهن ورهين جو نوجوان آهي، ان
جو ذڪر ٿيل ناهي.
ننگر ۽ ڀونگر جو ذڪر پڻ ڪونهي، جيئن پوءِ تيئن وقت
گذرڻ سان واڌارو ٿيندا ويا ۽ هن ڪٿا جي اهميت
وڌندي ويئي. صابر نوحاڻي جي روايت به آڳاٽي آهي،
جنهن ۾ جنگ ڪيڏاري جا سڀ لوازمات ۽ سينگار نظر اچن
ٿا. هن دودي جي پٽ ننگر بدران ڀونگر جو ذڪر ڪيو
آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ ۾ ننگر جو نالو نسبتاً
پوئين دؤر ۾ غلط فهميءَ جي ڪري پيدا ٿيو. اهڙي ريت
هي ڪيڏارو پنهنجي اندر ٿيندڙ تبديلين ۾ سموئيندو
ويو. جڏهن ڳالهه کڻڻ ۽ ڳائڻ جو سلسلو شروع ٿيو،
يقيناً اهو سلسلو آڳاٽو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي لفظ
ڳاهه ٻڌ جي دؤر جي ڳاٿا جو يادگار آهي. فني طرح
سان هي منظوم داستان ڳاهن ۾ چيل آهي. آڳاٽين ڳاهن
۾ هن جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن کي بيان ڪيو ويو، پوءِ انهن
بيتن جي صورت اختيار ڪئي، جيڪا سنڌ جي پنهنجي ڄاتل
سڃاتل شاعراڻي صنف آهي.
شينهن ستي ڪر موڙيا ڇني ڇپر کٽ،
دودي دوداڻي جي ڪير جهلندو سٽ.
•••
ننگر مغل پاڻ ۾ چڙهي ڏني چوٽ،
ڀڄي ڇٽ ڇيهون ڪري گهڻا ماريائون گهوٽ.
ننگر جو ننڍپڻ:
دودي جي درٻار ۾ ڀئو چنچلو چاڳ ڪري،
سون ورڻو سومرو، جئن ٿو مور ٽِلي.
•••
منهن ناهيس مسڙي، اڃا چوڻن اٿس چاهه،
سونا ڪنگڻ سومري جنهن جي ڪنن ۾ لڙڪا.
•••
تون ترڪ، اسين سومرا، اڃا ڪيئن جوڙ جڳاءِ،
دودي جي ٻاگهيءَ کي تسلي:
ٻاگهي! ٿي م ڪانهلي رات وهامڻ ڏي،
اسان ۽ علاءُ الدين جون ڳالهيون ڪندا ڪي.
(ص 191)
سونل دودي جي ڌيءَ:
وڄ جئن ولٽي اٿي ڪري ناز نينگر،
کانئيءَ ٿي کنوڻين وانگي، ڌي دودي دختر.
(ص 169)
ننگر جو ننڍپڻ
مٿين سٽ، جنهن ۾ ننگر، بادشاهه کي ٺهه پهه جواب
ڏئي ٿو، اها هن جي بي خوفي ۽ بهادريءَ کي ظاهر ڪري
ٿي. سگهڙن ڳالهه جي پويان پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ چيون،
جن هن ڪٿا جي ادبي حيثيت کي وڌايو.
چوڻ پٺيئون هرڪو چوي، ڏاڍن توڙي هجي بادشاهه.
•••
کوءِ ڍلن جي دوستي، ڀلو ڏاڍن جو وير.
•••
نينهن نپائي نه ٿئي، جي تون وڃين نه پاڻ.
•••
ڀائر وڏي وکري، جڳ جيوڻا هُونِ.
•••
هيڪلڙو وڻ ڪانهرو، توڙي درخت هوءِ
•••
مکڻ سونهين ماٽين، ڌونئرو سونهين لاٽ.
آڳاٽيون ڳاهون
چنيسر علاءُ الدين کي چيو:
سيهر سنڀايم سومري، پونگر ڌيءَ ڪيڻاءِ
پوني- چنڊ پٽاندري جيڪر تو جڳاءِ
دڙي سان دودي جهلي، وانڌو رکي وچاءَ
دٻوچاڻان سون جا، هُونِ اَڏاڻيا آرٽ،
اڳهه ماڻينديون ابڙي، وڏي ڪنهن ورٽ.
جئن کِيريون تئن ڇٽ جيئن ڏونگر تئن هاٿيا،
اميراڻا ڳاڀرو، واگهيان نه گهٽ.
ابڙي چيو:
سِر سِين اَهنيم سومريون جي سَرڻيون ڏيان سي،
ته سورج سنئون اڀري، ڌرتي ڌاڄ نه ڏي.
مٿي ڏنل ڳاهن ۾ ڪي سٽون غالباً پوءِ جون وڌايل
آهن، ٿوريون ڳاهون ۽ هڪ بيت پوءِ جا اضافا معلوم
ٿين ٿا. سمن جي دؤر جون معلوم ٿين ٿيون.
هيءَ ڪٿا، سنڌ جي ادب جو شاهوڪار آهي، جنهن ۾ وطن
جي محبت سمايل آهي. ثقافت ۽ راڄ ڀاڳ جا اهڃاڻ ۽
دليل موجود آهن. ايتري قدر جو سومريون پاڻ جنگ جي
ميدان ۾ آيون ۽ علاءُ الدين کي ڄڻ مڃائي مات
ڪيائون.
هڪ روايت موجب سامون جتي غرق ٿيون، اهو ابڙي واري
ڀٽ، جنهن تي سندن لوڙهه لٽيل آهي، ان جي پاسي ۾
آهي. اهو ماڳ ورسر کان ٻه ميل اوڀر ۽ رائپور کان
ٻه ميل اتر طرف اولهه لاڙئون آهي. هڪ روايت موجب
بادشاهه عورت جي بهادري ڏسي شرمندو ٿيو ۽ ٻاگهيءَ
سان ٺاهه ڪيائين. ٻاگهي سامن سان وڳهه ڪوٽ موٽي
ويئي.
هن ڪوپائي ڪٿا جو اختتام هن بيت سان ڪجي ٿو:
اٿي پريون پدمڻيون ٽپي اٿيون ٽيئي،
پهرئون ڏونڪو ڀير تي اچي ساران هنيوئي.
(ص 12)
عالمن کي گهرجي ته هن جنگي داستان مان تاريخي ڪڙين
رزميه شاعريءَ جي ارتقا کي تاريخ جو حصو بنائين.
لوڪ ادب اسان جو ورثو آهي، جيڪو اسان جي رهنمائي
ڪري ٿو.
حوالا
1.
The Free Encyclopedia. www.wikipedia.com
2. تاريخ طاهري، تصنيف: سيد طاهر محمد نسيانوي
ٺٽوي، مترجم: نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو، سال 1988ع، ص26.
3. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جو رزميه داستان
(مشهور سنڌي قصا)، جلد پهريون، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد/ڄام شورو، سال 1976ع، ص 11.
4. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سومرن جو دؤر، دودي
چنيسر جي ڳالهه ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشنيءَ ۾،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 1980ع، ص 3.
5. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، خليفي صاحب جو رسالو،
تحقيق ۽ تصحيح، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال
2005ع، ص 40.
6. سنڌ جو شاهنامو، ص 10،9،5،9.
7. ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سومرن جو دؤر، دودي چنيسر جي
ڳالهه ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشنيءَ ۾، سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو، سال 2006ع، ص 184.
8. ساڳيو، ص14.
9. ساڳيو، ص 76.
10. ساڳيو، سال 1980ع، ص 132 ۽ 121.
مددي ڪتاب
1.
ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت،
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سال
2004ع، ص 321.
2.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
روشني پبليڪيشن، سال 1994ع، ص 22-25.
3.
ڊاڪٽر تهمينه مفتي، سنڌي افساني جو سماجي ڪارج،
(اڻ ڇپيل ٿيسز)، 1995ع.
4.
شيخ اياز، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، نيو فيلڊس پبليڪيشن،
حيدرآباد، سال 1987ع، ص 22. |