سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 3/ 2012ع

جولاءِ- سيپٽمبر

ثمينه ميمڻ

سوچ - لوچ

ٽه ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، تهذيب ۽ تمدن ۽ زندگي جي گهڻي ڀاڱي هر رخ ۾ پنهنجي اشاعت کان وٺي هڪ پائدار ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ان لاءِ ٽه ماهي ”مهراڻ“ سان سلهاڙيل سٿ توڙي بورڊ انتظاميه جون ڪوششون ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي هر شماري جي صورت ۾ پنهنجي پڙهندڙن سامهون اينديون رهيون آهن.

ادب زندگي آهي ۽ ادب جيترو سٺو سرجندو اوتروئي اهو لاڳاپيل معاشري جي مضبوطي ۽ سگهاري هجڻ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. اهڙي طرح ادب تخليق ڪندڙ عالم ۽ اديب به سدائين پنهنجي معاشري جي ترقيءَ لاءِ ان سوچ ۽ اُن ذهن سان ادب جي تخليق کي آڏو رکيو آهي ته سندن تخليق سندن معاشري کي وڌيڪ مضبوط بڻائي معاشري ۾ موجود ڪمزورين ۽ اوڻاين جي خاتمي لاءِ هڪ وڌيڪ قدم ثابت ٿين.

سنڌي معاشري جي ترقيءَ لاءِ ادب سرجڻهارن جي محنت ۽ محبت واري پورهئي جو ڪو ملهه ڪٿڻ ناممڪن آهي، ۽ مختلف حالتن ۽ دورن ۾ دلجوئي سان ۽ جنهن جذبي سان اڻٿڪ ۽ اورچائيءَ سان ادب جي مختلف صنفن کي سرجيو آهي، اهو اسان جي معاشري لاءِ هڪ طرف ترقي جي ڏاڪڻ ثابت ٿيو آهي ته ٻئي طرف اسان جي معاشري کي سرجندڙ مختلف ٻولين ۾ ادب جي ڀيٽ ۾ پنهنجو اوچو مقام قائم ڪيو آهي.

ٽه ماهي ”مهراڻ“ کي تاريخي حيثيت ڏيارڻ ۾ مهراڻ جي لکندڙن جو تمام وڏو حصو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو سنڌي ادب، تخليقڪارن هر دور ۾ مشڪلاتن ۽ مختلف مرحلن تي پيش ايندڙ مسئلن جي باوجود وڏي دل ۽ نئين ولولي سان پنهنجي پنهنجي صنفن کي ايترو پيار، محبت سان ادبي پورهيو ارپيو آهي، جنهن مهراڻ کي تاريخ ۾ ايتري اهم حيثيت ڏياري آهي، جيتري سنڌو درياءَ جي اهميت آهي.

مهراڻ جي ان تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي برقرار رکڻ توڙي مختلف صنفن تي سرجندڙ معياري ادب جي اشاعت سان ئي سنڌي ادب جي معيار ۽ ساک کي ان تاريخي پسمنظر ۾ برقرار رکي ۽ ڪي وکون اڳتي وڌائي سگهجن ٿيون، سنڌي ادب جي مختلف صنفن کان علاوه تخليق ۽ تحقيق جي ميدان ۾ مهيا ٿيندڙ ادب کي ڏسي وائسي شايع ڪرڻ لاءِ مهراڻ کي سينگاري سنواري سندس پڙهندڙن جي هٿن ۾ آڻڻ لاءِ اوتروئي ڪوشش ڪيون ٿا جيترو پڙهندڙن کي انتظار رهي ٿو، پر معياري ادب جي اشاعت لاءِ اسان هميشه تخليقڪارن جي ڀرپور موٽ جو انتظار ڪندا رهنداسين.

هن جديد دؤر ۾ جتي فاصلا گهٽ ٿيا آهن اتي تحقيق لاءِ سهولتون پڻ ميسر آهن ۽ انهن سهولتن مان سنڌي، ادب جا سرجڻهار وڌ کان وڌ فائدو وٺندي معياري سنڌي ادب جي تحقيق ۾ لاڀائتو ۽ پائدار ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

ان لاءِ نون لکندڙن سان گڏ شاهڪار ادب تخليق ڪندڙ مانوارن سينئر اديبن، شاعرن، تاريخ نويسن، محققن ۽ اسڪالرن جي پڻ ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ۽ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي تاريخي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ سندن ڀرپور مدد جي ضرورت آهي. سندن ادبي سهڪار نه صرف نون لکندڙن لاءِ اُتساهيندڙ هوندو پر خود مهراڻ رسالي جي پڙهندڙن کي معياري ادب پڙهڻ لاءِ ميسر ٿي سگهندو.

اسان کي قوي اميد آهي ته مانوارا اديب ۽ محقق اسان کي ضرور مانُ ڏيندا ۽ پنهنجون لکڻيون موڪلي ٽه ماهي ”مهراڻ“ کي خوبصورت نموني سينگارڻ ۾ پنهنجو سهڪار ڪندا.

سچل سارو سچ

سنڌ جي زرخيز ڌرتيءَ کي سلام، جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙن هادي ۽ صوفي بزرگن جنم ورتو. حضرت سچل سرمست همه اوست جو فلسفو ڏيئي پنهنجي دور جو اهڙو هادي جنهن جي شاعري ۽ فلسفو اڄ ايڪويهين صدي ۾ پڻ اڳ کان وڌيڪ اهميت حاصل ڪري رهيو آهي. سنڌ تي جنم وٺندڙ صوفي بزرگن هميشه انسانذات جي ٻڌي سندن حقن ۽ ڏکن، امن ۽ سڪون، ترقي ۽ پنهنجائپ جو سبق ۽ درس ڏنو ۽ ان کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سچل سرمست جو ڪلام هڪ طرف ان دور جي عام زندگي ته ٻئي طرف عوامي سجاڳي جو پيغام آهي. سچل سرمست جي شاعري ۾ اڄ به اهائي خوشبو ۽ تازگي آهي، جيڪا بهار جي مند ۾ ڦوهه ٽڙندڙ خوبصورت گُلن ۾ هجي ٿي. سنڌ جي صوفي بزرگن، خاص طور سچل سرمست جي شاعري سمورو سَچ ۽ ان دور جي عڪاسي ڪري ٿي جڏهن علم ته عام ڪونه هو، پر معاشري جي اوائلي دور جي ترقيءَ لاءِ بنياد هئي. هن دور جي معاشري جي مسئلن ۽ مونجهارن جو اگر ڇيد ڪبو ته هڪ طرف انسان مشين نظر ايندو ۽ ٻئي طرف سچل ۽ لطيف جي شاعري جي پس منظر ۾ اسان جو معاشرو اڃا ان اوائلي دور ۾ ئي بيٺل نظر ايندو. سچل سائين جي پيغام جي روشني ۾ اسان کي پنهنجي معاشري جي قدرن جي پاسداري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سچل سائين جهڙي صوفين ۽ انهن بزرگن جي فلسفي تي حقيقي معنيٰ ۾ عمل ٿي سگهي.

پڙهندڙن کي گذارش

ٽه ماهي ”مهراڻ“ رسالو سنڌي ادبي بورڊ پاران No loss no profit جي بنياد تي شايع ڪيو پيو وڃي. ڪاغذ جي وڌندڙ اگهن جي ڪري مهراڻ جي ساڳي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ ڪاغذ ۽ ڇپائي جو هڪ طرف بورڊ تي مالي ٻوجهه وڌي رهيو آهي ته ٻئي طرف ان مالي مسئلي سبب مهراڻ کي ساڳين صفحن تي شايع ڪرڻ ۾ هڪ وڏو مسئلو درپيش آهي، پر ان جي باوجود بورڊ انتظاميه ان مالي ٻوجهه کي برداشت ڪرڻ ۽ مهراڻ جي ساڳئي معيار کي برقرار رکڻ جو عزم ڪيو آهي، ۽ مهراڻ جي پڙهندڙن تي صرف -/25 رپيا في ڪاپي جو بار وجهندي مجبوريءَ وچان قيمت وڌائي هڪ سؤ روپيا مقرر ڪئي وئي آهي.

اميد ته مهراڻ جا پڙهندڙ سنڌي ادبي بورڊ جي مالي مجبوري کي محسوس ڪندي پنهنجو ڀرپور سهڪار برقرار رکندا.

 

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر ”مهراڻ“

 

وَکَرُ سو وِهاءِ

 

مرزا قليچ بيگ

جي شعر ۾  ڪيل هڪ تاريخي تقرير

 

Text Box:  

صاحبو، آهيو اوهين سڀ سنڌ جا سررشته دار

سنڌ جي سڀڪنهن سڌاري جو اوهان تي ٿيو مدار

مُلڪي ۽ مالي ترقي جو گهڻن کي ٿيو خيال

 

قومي ۽ علمي ۽ عقلي ڪا ڪريو هاڻي سُڌار

اصلي علميت منجهان ڇا سنڌ کي حاصل ٿيو

جيڪڏهن بِي.اي ۽ ايم.اي ٿيا اسان ۾ بيشمار

انگريزيءَ جي محبت ۾ ٿيوءَ ماهِر مڙئي

ڇو نه ڏيو ٿا مادري ٻوليءَ کي پنهنجو ائين پيار

عِشقُ انگريزيءَ لڳوَ، ويچاري سنڌي وري وئي

لونگ جڏهن اکئين لڳا، تڏهَن جافرن جي ٿي ويسار

سنڌ جا پُٽ آهيون سڀ، ٿيو حق اسان تي ماءُ جو

حُبّ ۾ ان جي ترقي جي، رهون گڏ، ٿيون نه ڌار

هُئي قديمي قابليَت ڪيتري هِن سنڌ ۾

عالم ۽ فاضل ۽ شاعر ۽ مُصنّف هئا هزار

ٿي ڪمائِي قيد ۾ پيتين جي قابُو تنجي سڀ

جت ٿئي هَئي هئي اڏيهيءَ ۽ سُري جا سا شڪار

فرض ٿِي اُن جي حفاظت، ظاهرائي ۽ شناختَ

ٿيو اوهين سنڌي پڙهڻ پاڙهڻ سڌارڻ لاءِ تيار

جَسُ هجي سنڌيءَ سندي ساهتَ سوسائٽيءَ کي گهڻي

جا ڪري همّت، وطن پنهنجي جي ئي خذمتگذار

خرچ ۽ محنت ڪري، هِت هُت ڊُڪي، هِن هُن کي چئي

فائدي لاءِ سڀ جي ڪيئين جاري رسالو ماهوار

خوش ٿئي ٿي خلقَ سڀ مضمونَ موچارا پڙهي

ٿئي وِندر دل جي ۽ ٻيا پڻ فائدا ان مان اپار

ٿيو وسيلو اِيءَ پڙهڻ توڙي لکڻ جي شغل جو

وقت فرصت جي، جڏهن ٻيو ڪونه آهي ڪَمُ ڪار

پنهنجي ٻولي پُر ڪرڻ جو ٿيو اهو عمدو اُپاءُ

شَوق سنڌيءَ جو وڌي، ٿئي اُن جي خوبِي آشڪار

اوجَ کي پهتيون ٻين مُلڪن جُون ٻوليون اڄُ وڃي

ڇو نه پنهنجي پڻ اچي آخر انهن جي مُنجهه قَطار

جَسُ هجي تن کي جي اهڙي ڪمَ جا بانيڪار ٿيا

غفلت ۽ سُستي ڪڍي ڪن ٿا اسان کي هوشيار

هِمتائڻ تن کي ۽ هر طرح جي واهَر ڪرڻ

آهي واجب، سنڌ ۽ سنڌيءَ جا ٿيو جي دوستوار

جيڪي ٿئي ٿورو گهڻو، طاقت آهر هرڪو ڪري

مَرُ ڪريو ڪوشش اوهين، پُوري ڪندو پروردگار

(شمس العلماء مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شايع ڪرايل ڪتاب ”تقريرون ۽ تحريرون“ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com