امام راشدي
شاهه جو پروانو- ڊاڪٽر گربخشاڻي
سنڌ، علم وارن جو ديس آهي. هتان جي عالمن نه صرف
هت ويهي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪيو، پر سنڌ کان ٻاهر
به وڏيون علمي خدمتون سرانجام ڏنائون. علمي حوالي
سان سنڌ ڌرتيءَ جو نانءُ روشن ڪندڙن ۾ مسلم توڙي
هندو اسڪالر پيش پيش رهيا آهن. ورهاڱي کان اڳ سنڌ
جي تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾ هندو عالمن جي گهڻائي
هئي. ادب جي هر شعبي ۾ سندن علمي خدمتون تمام
گهڻيون آهن. تعليم جي حوالي سان هندو مسلمانن کان
گهڻو اڳتي هئا. هندن انهن شعبن ۾ ترقي ڪئي ۽ خير
خواهي، نيڪي ۽ ڀلائيءَ جا ڪم به ڪيائون، سماجي
معاملن ۾ شوق سان حصو وٺندا هئا. سنڌ جي خدمت به
واهه جِي ڪيائون. پير حسام الدين راشديءَ پنهنجي
يادگيرين واري ڪتاب ”هُوڏوٿي هُو ڏينهن“ ۾ لکيو
آهي ته:
”هندو هم قوم جي سربراهن خواه شاهوڪارن پنهنجي
ڪمائيءَ کي هميشه قومي ورثو ۽ اثاثو سمجهيو، امانت
۽ اذوقو سمجهيو. هنن پنهنجي تعليم لاءِ ڪاليج ۽
بورڊنگ تعمير ڪرايا، عام خلق خداءِ جي فائدي ۽
بهبوديءَ لاءِ اسپتالون ٺهرايون ۽ سينيٽوريم قائم
ڪيا. يتيم گهر، هنري اسڪول ۽ بيوَهه خانا جوڙايا.
عام خلق جي آرام ۽ آسائش لاءِ پارڪ باغ ۽ تفريح
خانا تعمير ڪيا. حتاڪه باغن ۾ بينچون به هنن ئي
خريد ڪري وڌِيون تاڪه هندو- مسلمان ڀَلِ اچي پهَر
پاڇو ساهِي پَٽي سڌير ٿين. جانورن جي پاڻي پيئڻ
لاءِ هوديون به جاءِ بجاءِ هنن جي خيراتي فنڊن مان
ٺهيون، جن مان هميشه مسلمانن جي ئي گڏهن گهوڙن
پاڻي پِيتو. اهڙيءَ طرح نه ڇڙو اهي قومي ۽ انساني
ڪارج هنن جي هٿان سڌا ٿيا. بلڪه سچ ۽ ڪوڙ ۾ جيڪڏهن
تميز ڪبي، ڊوڌ ۽ ڌانڌل کي ڇڏي ڏبو ته معلوم اهو ئي
ٿيندو ته حقيقت ۾ سنڌ کي هندن اَڏيو، ملڪ کي انهن
سينگاريو ۽ سَنواريو.“ (ص 60)
انگريزن جي سڄي دؤر ۾ پڻ هندو عالمن کي تمام گهڻي
پذيرائي ملي ۽ انگريزن به سندن علم ۽ هنر مان خوب
فائدو ورتو. انهيءَ زماني ۾ هندو عالمن جي هڪ وڏي
کيپ علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪار ۾ سرگرم رهي. جن
سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت، تاريخ ۽ قديم آثارن کي
اُجاگر ڪرڻ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙن
ئي هندو عالمن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نالو تمام
گهڻي اهميت رکي ٿو.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نالو هوتچند ۽ پِتا جو نانءُ
مولچند هو. انهيءَ سبب پنهنجو مڪمل نالو ’هوتچند
مولچند‘ لکندو هو. گربخشاڻي سندس پاڙو/ ذات هئي.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي 8- مارچ 1883ع ۾
حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. زندگيءَ جون چوهٺ بهارون
ماڻي 11- فيبروري 1947ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. سندس
وڏڙا جهوڪ واري بزرگ صوفي شاهه عنايت شهيد جي
درگاهه سان وڏي عقيدت رکندا هئا ۽ خيال به صوفياڻو
رکندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جو خاندان ”حيدرآبادي عامل“
سڏبو هو. هِن جو ڏاڏو ديوان نئن سکداس زمينداري
ڪندو هو. جڏهن ته سندس پِتا روينيو کاتي ۾ ملازم
هو.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ حيدرآباد، ڪراچي، بمبئيءَ ۾
تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾ تعليم کاتي سان ئي وابسته
ٿي ويو. اول ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر بڻيو، بعد
۾ انهيءَ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو. ان وچ ۾ لنڊن
يونيورسٽيءَ مان ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف“ جي
عنوان سان مقالو لکي، پي ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس
شاگردن ۾ علامه عمر بن محمد دائو پوٽو، ميران محمد
شاهه ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو مشهور آهن. پاڻ
سنڌي، فارسي ۽ انگريزيءَ جو عالم هو. سندس چوهٺ
ساله زندگي مسلسل علمي جدوجهد ۾ رهي. هُن فقط علم
پڙهيو ۽ علم ورهايو. سندس شخصيت جو خاڪو پير علي
محمد راشديءَ هن ريت پيش ڪيو آهي:
”ڊاڪٽر گربخشاڻي ظاهري علم ۾ گهڻو اڳي، دنيوي
معاملات ۾ وڌيڪ تِکڙ، گفتار ۾ جاندار، لباس ۾
شاندار، مُنهن تي اڪثر مُرڪ، گفتگو ٻُڌڻ جهڙي،
ڪِلين شيوِ. جيڪڏهن رنگ جو مسئلو نه هجي ها ته
انگريز! پي ايڇ. ڊي هو، فارسي ۽ انگريزي شاعرن جا
هزارين ٻول ياد. هر ماڻهوءَ سان سندس مزاج مطابق
گفتگو ڪندو. ڪنهن پڙهيل لکيل ماڻهوءَ سان ڳالهه
ٻولهه ٿيس ته حافظ، سعدي، قاآني، خاقاني، خيام،
ملٽن، ورڊس ورٿ، ٽينسن کي آڻي موجود ڪندو، مزو وٺي
پيو انهن جو ڪلام ٻڌائيندو ۽ معنيٰ بيان ڪندو.“
(اُهي ڏينهن اُهي شينهن -2،ص 343-344)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي عالمانه حيثيت کان ڪنهن کي
انڪار ڪونهي. تصوف جو مطالعو ڪندي جڏهن شاهه لطيفؒ
جو ڪلام پڙهيائين ته پاڻ کي شاههؒ ڏي وڌيڪ متوجهه
ڪيائين. اهڙيءَ طرح شاهه لطيفؒ جي ڪلام جي جديد
طريقي سان ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪيائين. بلڪل نئين ۽ جديد
انداز ۾ ڪم ڪري پاڻ کي شاهه جو شارح بڻائي
ڇڏيائين. سندس شمار صفِ اول جي شاهه جي شارحن ۾
ٿئي ٿو. جڏهن به شاهه عبداللطيفؒ جو نالو کڄندو،
تڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نالو به کنيو ويندو.
سندس سڃاڻپ جو وڏي ۾ وڏو حوالو ”شاهه جو رسالو“
آهي. هونئن به سندس تحريرن جو محَور شاهه لطيفؒ ئي
رهيو آهي. البت سندس بنيادي سبجيڪٽ تصوف هو. پاڻ
نه رڳو شاهه جو ڪلام نئين سرتاليف ڪيائين، پر
سنڌيءَ ۾ ڪتابن ايڊٽ ڪرڻ جو جديد سليقو به ڏنائين.
پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر گربخشاڻي، خدابخشيس، پهريون سنڌي آهي، جنهن
انگريزي وضع قطع تي اسان کي ڪتاب ايڊٽ ڪرڻ ۽ ان جي
تصحيح ڪرڻ جو نمونو ڏيکاريو ۽ راز سمجهايو. برٽش
ميوزيم جو نالو يا اُن ۾ به ڪي سنڌي ڪتاب ٿيندا
آهن. اها خبر به کانئس ئي اسان کي پئي.“ (هُوڏو ٿي
هُو ڏينهن-ص 80)
ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف سائينءَؒ جي ڪلام کي نئين
سرتاليف ڪري چئن جلدن ۾ مڪمل ڪيو. انهن مان ٽي
جلد، ترتيبوار 1923ع- 1924ع ۽ 1931ع ۾ شايع ٿيا.
چوٿين جلد لاءِ مختلف اطلاع آهن ته اهو غائب ٿي
ويو هو. اُن بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو چوڻ آهي
ته:
”چوٿين جلد جو دستخط، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي اچانڪ
ديهانت سببان اڻ ڇپيل ئي رهجي ويو.“ (لطيف
ڊائجيسٽ- جُون 1986ع ص-13)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو هيءُ ڪم وَڏي اهميت وارو ۽
سراسر علمي نوعيت جو هو. شاهه جو رسالو شايع ٿيڻ
کان پوءِ علمي حلقن ۾ تمام گهڻو بحث ڇِڙي پيو.
انهيءَ ڪم کي عالمن گهڻو ساراهيو، گهڻا بحث مباحثا
۽ مٿس تنقيدون به ڪيون ويون. ايتري تائين به چيو
ويو ته: ”گربخشاڻيءَ شاهه جي بيتن جو خُون ڪيو
آهي.“
ڊاڪٽر گربخشاڻي شايد پهريون اسڪالر آهي، جنهن شاهه
لطيفؒ کي ”لاڙ جو شاعر“ ڪري پيش ڪيو آهي. شاهه جي
ڪلام کي هن صاحب لاڙي لهجي ۾ پيش ڪرڻ جا بنيادي
سبب شاهه لطيف جو پنهنجو ۽ سندس وڏڙن جو تعلق لاڙ
سان ۽ ڪلام جو لاڙي تلفظ ڄاڻايا آهن. پاڻ ئي لکي
ٿو ته:
”لفظن جي هِجي هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ ڏني وئي آهي،
مگر تلفظ اصلوڪو لاڙي ٻوليءَ وارو قائم ڪيو ويو
آهي. انهيءَ جا سبب هي آهن: هڪڙو ته شاهه جا ابا
ڏاڏا جهڙوڪ: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو لاڙ جي
نزديڪ رهندا هئا ۽ خود شاهه عبداللطيفؒ جو به لاڙ
سان لڙهه وچڙهو، جنهن ڪري سندس تلفظ لاڙي هو.“
(مقدمہ لطيفي- ص 229- 230)
ان جي باوجود جڏهن شاهه صاحب جي زندگيءَ کي ڏسجي
ٿو تڏهن خبر پوي ٿي ته، شاهه لطيفؒ ته سڄي سنڌ
گُهميو آهي. هن جو واسطو سموري سنڌ سان هو. هُو
ڪنهن به مخصوص يا محدود علائقي جو شاعر هرگز ناهي.
ان جي برعڪس گربخشاڻيءَ جي انهيءَ نظريي کي ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ ’حقيقت جي خلاف‘ سڏيو آهي.
جنهن دؤر ۽ جن حالتن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي ’شاهه جو
رسالو‘ شايع ڪيو، اهو شاههؒ تي کوجنا وارو ابتدائي
دور هو. تحقيق ۽ مواد جي کوٽ سان گڏ آمد رفت ۽
ذرائع جا وسيلا پڻ محدود هئا. گربخشاڻيءَ کي رسالو
شايع ڪرڻ ۽ نيڪال ڪرڻ ۾ جيڪي تڪليف سَهڻيون پيون،
انهن جو احساس ۽ اهميت جو قدر به کيس ئي هوندو. هن
صاحب ڪيئن به، ۽ ڪهڙي به طريقي سان شاهه جو رسالو
سنڌ جي زميندارن ۽ وڏيرن تائين رسايو. پير علي
محمد راشديءَ لکيو آهي ته:
”شاهه صاحب جي ڪلام جي مقبوليت ۽ سندس اعليٰ شخصيت
جي ناقدريءَ جو هيءُ حال هو جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
جو رسالو شايع ٿيو ته ان کي خريد ڪرڻ وارو ڪو نه
ٿي مليو. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي تياري ۽ ڇپائيءَ تي
پنهنجي هَڙان گهڻو خرچ ڪري چڪو هو. نفعو ته ٺهيو،
پر اهو خرچ به ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هوس. مجبور ٿي هن
صاحب پنهنجن ڪتابن جا نسخا ذاتي دوستن ۽ اڳوڻن
شاگردن ڏانهن، جيڪي هينئر سرڪاري عهدن تي چڙهيل
هئا، موڪليا ته هُو زور مس ڪري سنڌ جي زميندارن
مٿان مڙهين ۽ کانئن قيمت وصول ڪن. قيمت به ايڏي
وڏي ڪانه هئي، پر خوشيءَ سان وٺڻ وارو ڪو نه ٿي
مليو. مختيارڪارن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي زور بار پوڻ
ڪري ڪيترن وڏيرن ڪتاب خريد ڪيا، پر گهر پهچڻ کان
پوءِ ڪُنڊ پاسي اُڇلائي پئي ڇڏيا. گهڻن زميندارن
جي اوطاقن ۾ مون ان لاجواب ڪتاب تي پکين کي وِٺيون
لاهيندي ڏٺو.“ (اُهي ڏينهن اُهي شينهن- 2، ص
345-346)
پير علي محمد راشديءَ جي انهيءَ راءِ ۾ شاهه جي
ڪلام سان سنڌي ماڻهن جي عدم دلچسپي ۽ ناقدريءَ تي
خوب چِٿر ڪئي وئي آهي، جيڪا درست به آهي. انهيءَ
زماني جون حالتون ئي اهڙيون هيون. تعليم جو فقدان
سنڌي مسلمانن وٽ گهڻو هو. پوءِ به گربخشاڻي صاحب
جي هِن ڪم کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو. پاڻ
به لکيو اٿس ته:
”رسالي جو پهريون جلد ڳچ وقت کان ناياب آهي ۽ ان
جي طلب ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي.“ (مقدمه لطيفي-
ديباچو)
انهيءَ مان ظاهر ٿيو ته سندس مرتب ڪيل ’شاهه جي
رسالي کي‘ ڀرپور موٽ ملي هئي. ان جي مقبوليت جو
ٻيو سبب اهو به ڏسجي ٿو ته، شاهه جي رسالي جا جلد
تڪڙا تڪڙا شايع ٿيا. ڀلي کڻي گربخشاڻي صاحب آفيسرن
يا شاگردن جي مدد سان رسالو نيڪال ڪيو، پر ان سان
گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو فائدو ضرور ٿيو جو سنڌين جي گهرن ۾
شاهه جو رسالو پهچي ويو. پوءِ ڀل ته ان کي پوتيون
پارائي قرآنن سان گڏ رکيو ويو هجي، پر سنڌين وٽ
شاهه جي رسالي جي سُڃاڻپ قائم ٿي. يا ائين کڻي
چئجي ته شاهه جو ۽ سنڌين جو پاڻ ۾ سُٻنڌ جُڙيو.
پير حُسام الدين راشديءَ لکيو آهي ته:
”خدا بخشي گربخشاڻي مرهيات کي جنهن حقيقت ۾ ’شاهه
جو رسالو‘ جديد طرز تي انگريزي نموني جي تحقيق سان
سهڻي نموني ڇاپرائي ڪامورن جي ذريعي زوريءَ
مسلمانن تائين پهچايو.“ (هُو ڏوٿي هُو ڏينهن- ص
77)
گربخشاڻيءَ جو هيءُ ڪم پنهنجي نوعيت جو جديد طريقي
سان سرانجام ڏنل هو، جنهن اڳتي هلي وڏي پذيرائي
ماڻي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته:
”ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پهريون ڀيرو خالص
علمي تحقيقات جي بناء تي شاهه جو رسالو مرتب ڪيو.“
(شاهه جو رسالو- جلد پهريون- ص 82)
بلوچ صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته:
”رسالي جي وڌيڪ صحيح مَتن ۽ ترتيب ڏانهن توجهه هن
پوئين ويجهي دؤر ۾ ٿيو. 1920ع- 1930ع واري عرصي ۾
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پهريائين انهيءَ طرف
توجهه ڏنو ۽ رسالي کي نئين سر تاليف ڪيائين.“ (ص
140)
شاهه جو رسالو شايع ڪري ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هڪ وڏو
ڪارنامو سرانجام ڏنو. پير علي محمد راشديءَ ايترو
به لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر صاحب رسالي جو مقدمو ۽ اندر ڪي عشقيه قصا ۽
ڪهاڻيون پنهنجي نئين طرز ۾ لکي، هڪ انقلاب آندو ۽
هيءُ ثابت ڪيو ته سنڌي هڪ مڪمل، زندهه، بي انتها
وسيع ۽ زور دار زبان آهي، جيڪا هر ضرورت کي پورو
ڪري سگهي ٿي.“ اُهي ڏينهن اُهي شينهن- 2 ص 347)
راشدي صاحب وڌيڪ اهو به لکيو آهي ته:
”سنڌي ٻولي ۽ لٽريچر تي سندس هڪ اهڙو ۽ ايڏو احسان
آهي، جنهن جو بار سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن لاهي ڪونه
سگهندا. هن صاحب شاهه عبداللطيف رحمة الله عليہ جي
رسالي کي چئن جلدن ۾ مرتب ڪيو.....“ (ص 345)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان اڳ ارنيسٽ ٽرمپ جو مرتب ڪيل
شاهه جو رسالو پڻ شايع ٿي چڪو هو. ان کان به گهڻو
اڳ شاهه جي ڪلام جا ڪيترائي ڇاپي نسخا پڌرا ٿي چڪا
هئا، پر صحت ۽ تحقيق جي حوالي سان اهي معياري بلڪل
نه هئا. گربخشاڻيءَ پنهنجي هن مطالعي کي نهايت
سليس ۽ سوَلي سنڌيءَ ۾ وڏي غور ۽ فڪر سان پيش ڪيو
آهي. پاڻ ئي لکيو اٿس ته:
”ڌاريا ۽ جُڙتو سُر ۽ بيت گهڻي غور ۽ تنقيد بعد رد
ڪري شاهه جي رسالي جو حتي المقدور سچو ۽ صحيح نسخو
تيار ڪيو ويو آهي.“ (مقدمہ لطيفي- ص 229)
گربخشاڻي صاحب کي شاهه جي رسالي جوڙڻ ۾ پنهنجي
پياري شاگرد ۽ هاڪاري عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد
دائود پوٽي جو علمي سهڪار به رهيو. لکيو اٿس ته:
”آءٌ پنهنجي اڳوڻي پياري شاگرد ۽ هاڻ هم ڪار
پروفيسر عمر الدين دائود پوٽي ايم. اي، جو تهدل
شڪر گذار آهيان، جنهن هن جلد جي نسخي تيار ڪرڻ،
شرح لکڻ، ڇاپي جي درستين ڪرڻ وغيره ۾ مون سان دل
وجان سان شراڪت ڪئي آهي. هيءُ صاحب جيڪڏهن اهڙو
اُتساهه نه ڏيکاري ها ته، شايد هيءُ ڪم منزل تي
اهڙو جلد نه رسي ها.“ (شاهه جو رسالو- ڊاڪٽر
گربخشاڻي. ص 16)
نه صرف ايترو پر سنڌي ادب جي مُحسن مرزا قليچ بيگ
جي پڻ انهيءَ ڪم ۾ قابلِ قدر مدد شامل رهي.
گربخشاڻي صاحب لکيو آهي ته:
”مرزا قليچ بيگ سنڌ جي مشهور مصنف به هن ڪم کي راس
ڪرڻ لاءِ منهنجي هر طرح جي همت افزائي ڪئي. شاهه
تي پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتابن مان مدد وٺڻ جي
فراخدليءَ سان اجازت ڏني آهي. انهيءَ لاءِ آءٌ
سندس گهڻو شڪر گذار آهيان.“ (- ص 16)
اِها به تحقيق جي جستجو آهي جو جڏهن گربخشاڻي صاحب
شاهه جو رسالو مرتب پئي ڪيو تڏهن شاهه جي ڪلام جا
ڇهه کن نسخا سندس آڏو رهيا ۽ علامہ دائود پوٽي
رسالي جا ٽيهن کان وڌيڪ نسخا هٿ ڪري رسالو جوڙيو
هو. جڏهن ته شاهه جو رسالو ڏهن جلدن ۾ تيار ڪندڙ
مثالي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي آڏو
چاليهارو کن نسخا رهيا.
شاهه لطيفؒ جي حوالي سان ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪم
کي سنڌ ۽ هند ۾ وڏي پذيرائي مليل آهي اهو ئي سبب
آهي جو تحقيق ۽ تاليف جي لحاظ کان سنڌ ۾ مثال پيش
ڪيو ويندو آهي ته، ”سچل کي گربخشاڻي نه ملي
سگهيو.“ ان مان ئي ظاهر آهي ته گربخشاڻيءَ جي
تحقيق جو معيار ڇا هو؟ جي. ايم. سيد لکيو آهي ته:
”شاهه صاحب تي گهڻن صاحبن لکيو آهي، پر انهن مان
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن
جي شرح کي پروفيسر نڪلسن جي مثنويءَ جي شرح، مسٽر
برائون جي ايراني شعر جي تاريخ ۽ حڪيم ثنائي جي
’حديته الحقيقت‘ جي شرح (ميجر اسٽيفنسن) سان
مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي. انهيءَ شرح لکڻ وقت هِن
شاهه صاحب جي رسالن ۾ آيل ڌارين بيتن ۽ سرن جي
گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪلام جي صحيح مَتن ڏيڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيو جو مکيه ڪم هن ڪيو
آهي، سوهيءُ ته شاهه صاحب جي هر پهلوءَ تي روشني
وجهڻ لاءِ هڪ نهايت عمدو مقدمو لکيو اٿس. جنهن ۾
شاهه صاحب جي سوانح عمري، صورت ۽ سيرت، مذهب،
ويدانت ۽ تصوف سان تعلق ۽ سندس شعر ۽ شاعريءَ تي
تفصيلي نظر وڌي اٿس. ان ۾ شاهه صاحب جي شعر جي
مضمون جي عبارت، نظم، ان جي ٻوليءَ جي نحوي بناوتن
جو پوريءَ طرح ذڪر ڪيو اٿس. افسوس آهي ته سندس شرح
جو چوٿون جلد ڇپجي نه سگهيو ۽ عدم پيدا آهي. هن
وقت جڏهن شاهه صاحب تي سوين مضمون، ڪتاب ۽ شرح
لکجي چڪا آهن ته به ڊاڪٽر صاحب جو شرح سڀ کان
مٿانهون مفصل ۽ سٺو پيو نظر اچي. سچ ائين آهي ته
جهڙيءَ طرح شاهه صاحب سنڌ جي تهذيب، ڪلچر، روايات،
اخلاق کي گمناميءَ جي عالم مان ڪڍي روز روشن وانگر
ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
هڪ غواص يا ٽوٻي جو ڪم ڪيو آهي، جنهن ان بحرِذخار
۾ ٽُٻي هڻي املهه ماڻڪ ڪڍي صرافن جي سامهون آڻي
رکيا آهن. انهيءَ شرح لکڻ ۾ هن جا محنت ڪئي آهي،
ان جو پتو انهن کي پئجي سگهي ٿو، جن پوري توجهه
سان اهو ڪتاب نظر مان ڪڍيو هوندو. سندس مقدمه،
شاهه جي ڪلام ۽ مسئله تصوف جي معلومات جو ڪوزه ۾
درياء بند ٿيل آهي. شاهه صاحب جي رسالي تي وڏي
پئماني تي کوجنا جي اها پهرين ڪوشش هئي ۽ اڃا
تائين ڪوبه ماڻهو هن کان زياده ان جو سٺو شرح لکي
نه سگهيو آهي.“ (جَنب گذاريم جن سين- جلد ٻيو، ص
306)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جڏهن شاهه لطيفؒ جي ڪلام تي
پنهنجي تحقيقي ڪم جو آغاز ڪيو، تڏهن کوجنا ڪندي
کيس ڪتابن ۽ رسالن مان ڪي اهڙا حوالا ۽ اشارا مليا
جن ۾ شاهه صاحبؒ ۽ لنواري شريف جي هاڪاري بزرگ
خواجه محمد زمانؒ جي تعلقاتن ۽ ملاقات جو ذڪر ٿيل
هو. گربخشاڻي صاحب انهيءَ سلسلي کي وڌائيندي
پنهنجي تحقيق جاري رکي ۽ مواد جي ميڙا چُونڊي ڪندي
هڪ اهم ڪتاب ”لواريءَ جا لال“ جوڙي ورتو. اهو ڪتاب
1934ع ۾ شايع ٿيو. هيءُ ڪتاب اصل ۾ لواري بزرگن جو
تذڪرو آهي.
اهڙي طرح گربخشاڻي صاحب جو پهريون ڪتاب ”نورجهان“
ناول آهي، جيڪو 1915ع ۾ ڇپيو.هِن ناول لاءِ ادبي
تاريخن ۾ آيو آهي ته، هي سردار جوگيندر سنگهه جي
اردو قصي جي آڌار تي لکيل آهي. خود گربخشاڻيءَ به
اهو تسليم ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي مُنڍ ۾ ان جي وضاحت
پيش ڪئي آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو
اهم ڪتاب ”مقدمہ لطيفي“ آهي، جنهن کي سنڌي ادب ۾
وڏو مرتبو حاصل آهي. ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1936ع
۾ شايع ٿيو. جڏهن ته سندس اهم ڪتاب ”روح رهاڻ“
آهي، جيڪو پڻ ادبي دنيا ۾ اهميت رکي ٿو. حقيقت ۾
گربخشاڻيءَ جي تحريرن کي سنڌي ادب ۾ وڏو مانُ ۽
مرتبو حاصل آهي.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي اڄ هن دنيا ۾ ناهي،
پر شاهه لطيفؒ جي نسبت سان هُو سدائين زندهه
رهندو. جيسين شاهه صاحب تي تحقيق ٿيندي رهندي
تيسين سندس نالو ۽ ڪم ياد رکيو ويندو. پير حسام
الدين راشدي سچ چئي ويو آهي ته:
”آخر جنهن وقت گربخشاڻي مرحوم خدا جنت نصيب ان کي
ڪري. مان ڀانيان ٿو پيو ته مولوين جي اعتقاد مطابق
گربخشاڻي کي بهشت نه ملندو، ڇاڪاڻ ته هو هندو هو
پر مان سمجهان ٿو پيو ته قطعاً اسان سڀني کان به
اڳ ۾ بهشت ۾ هليو ويندو“. (ڳالهيون منهنجي سنڌ
جون- ص 204)
مددي ڪتاب
1-
شاهه جو رسالو- هوتچند مولچند گربخشاڻي- شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه، حيدرآباد
سنڌ 1992ع.
2-
مقدمہ لطيفي- ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڪراچي
ايڊيوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني 1936ع.
3-
هُو ڏوٿي هُو ڏينهن- پير حسام الدين راشدي، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ- 1977ع
4-
اُهي ڏينهن اُهي شينهن- جلد ٻيو- پير علي محمد
راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ- 1980ع
5-
ڳالهيون منهنجي سنڌ جون- (پير حسام الدين راشدي)
مرتب: غلام محمد لاکو- سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو-
1992ع
6-
شاهه جو رسالو- جلد پهريون- ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ- شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ شاهه-
1989ع
7-
جَنب گذاريم جن سين- جلد ٻيو- جي. ايم. سيد- سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ- 1979ع
8-
مهراڻ- 3/ 1988ع- سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ
9-
سنڌي ادب- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو- جنوري-
جون ۽ جولاءِ- ڊسمبر 2002ع |