سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :14

نياز پنهور

غزل

 

اڪثر هڪڙو خواب ڏسان ٿو،

پن پن ٿيل گلاب ڏسان ٿو.

ڳيرو زخمي زخمي آهي،

سامهون هڪ عقاب ڏسان ٿو.

چهرن تي ڪي چهڪ ڏسان ٿو،

اکڙين منجهه عذاب ڏسان ٿو.

ڪيسين ڪن لاٽار ڪندين تون،

ڏيندين نيٺ جواب ڏسان ٿو.

درد لڪائي ڪيسين جيئندين،

لکندين ڪو ته ڪتاب ڏسان ٿو.

تنهنجي گَليءَ ۾ شهنائي آ،

آيو ڀرجي آب ڏسان ٿو.

 

غزل

 

آخري ڇو الائي سفر ٿو لڳي،

رات جو مون کي پويون پهر ٿو لڳي.

دَرَ جي آڏو وڇايل تڏو ٿو ڏسان،

ڏور کان مون کي پنهنجو ئي گهر ٿو لڳي.

گُلَ آئون هٿن ساڻ ڏيندو رهيس،

ڀاڳَ منهنجا ڏسو، هي پٿر ٿو لڳي.

هوءَ جڏهن آئي ڳوٺان لڏي شهر ۾،

چئو شاعرو، ڇا شهر ٿو لڳي.

پاڻُ پنهنجو پَڏائڻ لڳين ٿو جڏهن،

جُملو جُملو سندءِ ڄڻ زهر ٿو لڳي.

شهر ويران، منظر، وڃايل گهٽيون،

ٿوهرن سان ڀريل ڄڻ ته ٿر ٿو لڳي.

رات جي ڪُکَ مان، مان ٿو سُڏڪو ٻُڌان،

مون کي پنهنجو اُجهاڻل اندر ٿو لڳي.

 

غزل

توکي اکڙين ڏني نينڍ هُئي پيار جي،

گهُرج توکي هئي ڪهڙي اظهار جي؟

 

رات ويهي لکيم گيتَ ڪيئي مگر،

وصف پوري نه ٿي ڪا منهنجي يار جي.

 

ناوَ آهي جهُريل پر ويندس دوستو،

سِڪ ڏاڍي لڳي آهي هُنَ پار جي.

 

مينهن ڏاڍو وٺو، ڪيڏي ساواڻ آ،

پوک مَن ۾ پچي پئي سندئي سار جي.

 

نياز چانڊوڪيون ٿيون اداسيون ڏين،

ياد پل پل پوي ٿي ڪنهن جي پيار جي.

 

نظم

تون وڃين ٿي ته وڃ

پر ايندي ڪجان!

اڪيلو پري،

تُنهنجي ئي آسري،

ڪو چريو ڇوڪرو

اکيون دَرَ ۾ وجهيو

ويٺو رهندو سدا،

اُن جي نه تون آس ائين ٽوڙجان،

تون وڃين ٿي ته وڃ پر ايندي ڪجان!

ذوالفقار سيال

 

گيت

مان توسان ڪيئن ته ڳالهايان،
تو نيڻن سان آ ڳالهه ڪئي،
مون ڏانءُ چوڻ جو ڪونه سکيو،
تو مرڪي هرڪا ڳالهه چئي.

تون جنهن پل مون ڏي ايندي آن،
ان ويل بهار به ايندو آ،
پن ڇڻ جي موسم ٿي پوندي،
جنهن ويل رُسي هو مونکان پئي.

ڪا آس رکي مون رستي ۾،
ڏس ڪيڙو اوسيئڙو آ ڪيو،
مان جنهن جي آس ۾ بيٺو هان،
هو منهنجي سامهون گذري وئي.

هو منهنجي من جي چين هئي،
ڪنهن سپني جي ساڀيان وانگر،
مون پيار ڪيو، ان جي بدلي،
وئي ڪيڏا مون کي ڏک ڏئي.

غزل

زندگي پيار آ، پيار ويساهه آ،
روشني، سمنڊ به، تنهنجو ئي چاهه آ.
واءُ، ڪوسو لڳي توکي ٿو مان لڇان،
منهنجو تو ۾ پرين ڄڻ پيل ساهه آ.

تنهنجي نظرن جي هر ڪنهن ادا جو قسم،
پيار جو تو ۾ ڀريل ڪو درياءُ آ.
تنهنجي خوشبو هوا ۾، کڻان ساهه جيان،
ياد ڪوئي اُکيلي وئي گهاءُ آ.
پيار کي ڪهڙي ماپي ۾ توري وٺان،
جيءَ سان جيءَ جو هيءُ جڙيل چاهه آ.

 

غزل

وقت جوان آ، پوڙهو ناهي،
پيار جو رستو سوڙهو ناهي.
روئي روئي ٿڪجي پيو هان،
هاڻ اکين ۾ ڳوڙهو ناهي.
ڪنهن جي بند زبان ڪيان مان؟
ديس آ، اوڙو پاڙو ناهي.
پيار اُٻاڻو ٿي پيو آهي،
جيون ۾ جي جوڙو ناهي.
تنهنجون اوچيون هن ديوارون،
منهنجي در تي لوڙهو ناهي.
زلف هي جذبن جو پورهيو آ،
پنهنجو هٿ هٿوڙو ناهي.
 

سانول ٿيٻو

 

قطعا

رات جا رهزن وريا، ڀاڳيا بچاءَ ڀونءِ،

ڌاريا ڌوڪيندا اچن، اڃا سُتل تون.

*

 

انت ايندو اونڌاهي جو ويندي رات کُٽي،

رات جي ڪاري ڪُکِ مان اجها باک ڦُٽي،

جوڌا پيا آهن جُٽي جيئڻ واري جنگ ۾.

*

تنهنجي نيڻ نِهارِ، موهي ڇڏيو من کي،

سونهنءَ سنديءَ سُپرين جي، ڪريان ڪهڙي پچار،

تنهنجي طلب تنوار، اکڙين کي اُوجاڳا ڏنا.

*

رات وئي بات وئي، اڄ جي ڳالهه اها،

ڪير به ناهي ڪنهن جو، ماڻهو سڀ مطلب جا،

سچائي جو سج لهي ويو، پُڄاري سڀ اڀرندڙ سج جا،

سج نئين سان پريت نئين، محبت جي نالي ملن روز ڌوکا.

 


 

اڄ جو ماڻهو

اڄ جو ماڻهو ڏاڍو منافق،

ٻاهر مٺڙي مرڪ چين تي،

اندر ڪارو ڪانوَ،

اڄ جو ماڻهو ڏاڍو منافق.

لالچ لوڀ ويا وڪوڙي،

پرايو پنهنجو کائي وڃجي،

هٻڇي ايڏو هانوَ،

اڄ جو ماڻهو ڏاڍو منافق.

ٻاهر ڏاڍا ڌوتل پوتل،

من انهن جو ميرو ڏاڍو،

ڄڻ ته لُٻيل ٿانوَ،

اڄ جو ماڻهو ڏاڍو منافق.

هي جَهان

هي جهان

جي حضوريءَ جو جهان

سچ لڪائي

ماسِڪ پائي

احساسن جو رت وهائي

پتلين جيان پاڻ نچائي

وڏن عهدن

۽ هلڪڙن ماڻهن

اڳيان ڪنڌ جهڪائي

سچ چوڻ کان ويس لنوائي

هي جهان

جي حضوري جو جهان.

 

محبوب ڀٽي

 

غزل

اکين ۾ اشڪ جي صورت ڪيئن مرجان، گڏ ٿي پيا،

جگر ۾ درد جا ڪيڏا لڪل طوفان گڏ ٿي پيا.

 

صراحي در گردن، قد ڊگهو ۽ سانوري صورت،
اسان جي قتل جا ڪيڏا ڏسو سامان گڏ ٿي پيا.

اميدون، حسرتون، ارمان اڌورا خواب ناڪاميون،
دلِ ويران ۾ نازڪ ڪَئين مهمان گڏ ٿي پيا.

ڪڏهن نفرت جون ديوارون ٽُٽي مسمار ٿي وينديون،
نه ٿيندي جنگ دنيا ۾ اگر انسان گڏ ٿي پيا.

عقابن خود بچايو ڪونج ۽ مينا جو آکيرو،

لڳو طوفان ٻيلي ۾ تڏهن حيوان گڏ ٿي پيا.

بچي ويو منهنجو آکيرو امڙ تُنهن جي دعائن سان،
عداوت ۾ زماني جا اگر طوفان گڏ ٿي پيا.

ڦُلي چُوڙين ٽِڪي ۽ هار ۾ تون زيب تن آهين،

گلابي جسم تي موتيا سمن ريحان گڏ ٿي پيا.
 

غزل

بشر بشر کان پري ڏسان ٿو،
وفا شهر کان پري ڏسان ٿو.

جڏهن اوهان هي گهر ڇڏي ويا،

مان خود کي گهر کان پري ڏسان ٿو.

امير جو دل تنگ آهي،

فقير در کان پري ڏسان ٿو.

حڪيم زر تي شفا پيو وڪڻي،
دوا اثر کان پري ڏسان ٿو.

نثر ۾ ڪونهي اثر ذرو ڪو،
غزل بحر کان پري ڏسان ٿو.

خدا جو دامن جهليو مون آهي،
اندر کي شر کان پري ڏسان ٿو.

عجيب رشتن ۾ زهر آيو،
وني به ور کان پري ڏسان ٿو.

هوا هلي هت نفرتن جي،
پکي ولر کان پري ڏسان ٿو.
 

غلام حسين رنگريز

غزل

پَري پار آهي پُڄاڻي نه ڄاڻون،

حياتي سندي هيءَ ڪهاڻي نه ڄاڻون.

وڏو ڳُجهه ڳوهَيل مِٽيءَ منجهه آهي،

وڏي وَس تَنهن کي ته ڄاڻي نه ڄاڻون.

اسان سِنڌ واسي، عجب جي نشاني،

ڪو رهبر ۽ رهزن سُڃاڻي نه ڄاڻون.

وري وقت جي ڪاتَ ڪاٽي ڇڏيوسين،

ٿئي ڪير ساٿي ۽ ساڻي نه ڄاڻون.

اِها رات رنگريزَ کُٽندي نه کُٽندي!؟

پتو ناهي ڪِٿ ٿئي پُڄاڻي نه ڄاڻون.

غزل

مِٺو آواز وڻندو آ،

سُريلو ساز وڻندو آ.

اوهان جي هَر ادا سُهڻي،

اوهان جو ناز وڻندو آ.

اکين ۾ ڳَهر سانڍي ٿئي،

اِهو انداز وڻندو آ.

پِرينءَ پرچاءُ جي لاءِ،

مِنٿَ ايلاز وڻندو آ.

فقيري ۾ مزو آهي،

عِجز ۽ نياز وڻندو آ.

وساري ڇو وهان رنگريزَ،

اڃان همراز وڻندو آ.

 

غزل

چانڊوڪي سان چاهه رکياسين،

تو وٽ گِروي ساهَه رکياسين.

اُڀ جي سَر ۾ نيل ڪنول ڄَڻ،

تارا تارا اُهاءُ رکياسين.

تُون جي بدلين، دنيا بَدلي،

توسان پو ڀي ٺاهَه رکياسين.

دردن واڙيو دل کي آهي،

چَمڪن جيڪي، گهاءُ رکياسين.

ڀُرڻا آهيون، ڦِرڻا ناهيون،

قائم ڪُل ويساهه رکيوسين.

ڏيئا ڏيئا ساگر ٻاري،

لهرن لهرن لِيئا رکياسين.

نظم

”جِهيڻو چنڊ، جهونو جنڊ“

اُڀ ۾ جِهيڻو چنڊ پيل آ،

ڄڻ جو جُهونو جَنڊ پيل آ.

تارا سارا ڪَڻ ڪَڻ آهن،

ڪِن وٽ سَٿيل مَڻ مَڻ آهن،

ڏارڻ کان جَن ڏَر لڳي ٿو،

تَن جي مَن ۾ مَر لڳي ٿو،

ٻچڙا بُک ۾ سُمهيل آهن.

منهنجا نيڻ ڀنيل آهن،

آءٌ اڪيلو ويٺو آهيان.

چنڊ اڪيلو بيٺو آهي،

گهر جي چُلهه اُجهاڻيل آهي.

هَر ڪَا آس وساڻيل آهي،

ماريءَ جيڪو مَنڊ پکيڙيو،

سارو مَنڊ اجايو آهي.

پوءِ ڇو ڪنهن سجايو آهي!؟

اُڀ ۾ جهيڻو چنڊ پيل آ،

ڄڻ ڪَو جُهونو جَنڊ پيل آ

خليل عارف سومرو

 

غزل

 

چنڊ، گُل، سَمنڊ ۽ هوا آهيان،
تنهن ڪري هيڪلو سدا آهيان.

پوءِ ڀي مُون وفا نه ماڻي ڪا،
توڙي جو مان سڄو وفا آهيان.

پاڻ خلقيان ۽ پاڻ تاتيان ٿو،
پنهنجي شعرن جو مان خدا آهيان.

لاش پنهنجو ڪُلهي به پنهنجي تي،
پاڻ لئه پاڻ ڄڻ سزا آهيان.

ڪيئنءَ ڳولي لهين ڀلا مون کي،

اي خوشي مان ته لاپتا آهيان.

ڪو ٿئي ها خليل عارف گڏ،
مان سڄي دنيا کان جُدا آهيان.
 

غزل

 

شهر آ خوبصورت پَر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو،
ڏنل لوڙها ڪکاوان گهر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو.

دريون، در ڪاٺ جا آهن، ڀتيون ڀي اوڏڪيون آهن،
وڻن جي ڇانو ۾ سُندر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو.

گهرن کان ٿورڙو ٻاهر، کجين جي اوٽ ۾ بيٺو،
ڏسان پيو باس جو منظر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو.

هتي ميوا، هتي ڀاڄيون، هتي هي پوک ٿيندي آ،
ٽڙن ٿا گل، ڦٽن ٿا سَر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو.

پريان بورينگ جي ڀر ۾، ڀري ڳوٺاڻي پاڻي پيئي،
کڻي ڪَڇ تي هلي گاگهر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو.

ڌنارن چنگ چوريو آ، سحر طاري ٿئي پيو ٿو،
ڪري ٿو رقص من مَندر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو.

هتي سُرهاڻ ۽ ساوڪَ، هتي فطرت جا سُهڻا رنگ،
جَنت ڌرتي تي جهڙوڪَر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو.

رهي ٿو جسم ”جوهي“ ۾، هتي، آ روح عارف جو،
ڇڏيم پنهنجو وِساري گهر، پرين جو ڳوٺ موهي ٿو.

 

گلبدن جاويد

 

پيار اسان جو خوشبو بڻجي پولارن ۾ وکري ويندو

پنهنجو پاڻ تياڳڻ

کان پوءِ

صديون بنواس ڀوڳڻ کان پوءِ،

پنهنجو ملڻ به، ڇا ملڻ.....

ڄڻ بر ۾ چنگ جو ڇڙڻ

ڄڻ رُڃ ۾ گل جو ٽڙڻ

سنڌو تان سج جو لهڻ

سمنڊ ۾ چنڊ جو کڙڻ

پنهنجو  ملڻ!

پنهنجو ڏسڻ به ڇا، ڏسڻ....

ڪجهه درد جا

حجاب جا

شباب جا، گلاب جا

 عڪس چهرن تي لهڻ

پنهنجو ڏسڻ، پنهنجو ملڻ!

پنهنجو کلڻ به، ڇا کلڻ!

ڄڻ چوڏس چنبيليون ٽڙڻ

زمين تي ستارا ڄڻ کڙڻ

ڄڻ بانسريءَ جا سُر ڇڙڻ

ڄڻ ڀيروي ڀٽ تي ٻڌڻ

پنهنجو کلڻ، پنهنجو ڏسڻ

پنهنجو ملڻ!

افق جي نيراڻ جهڙي

ان سمي

سائي ٽڪر تي

ڪينجهر ڪپر تي

صبح جي سونهن

۽ سندرتا

هر منظر دلڪش

۽ دلربا

هر نظر مئڪشي ۾

مبتلا

هر وجود مي رقصم

مي رقصم جي صدا!

پرهه جي اڇاڻ جهڙي ان سمي،

پياس دلين جي،

باهه ٿي ڀڙڪي اٿي هئي

هر ڪلي احساس جي مرڪي اٿي هئي

هر خوشي جذبات جي جرڪي اٿي هئي

ها، زندگي مهڪي اٿي هئي.

هر آس من جي ڪر موڙي جاڳي هئي

ها، ويلا وصل جي ڄڻ ڪا

گهڙي ڀاسي هئي

پوءِ، نگاهن ۾ نگاهن ڪي ڪهاڻيون

هون ڪيون.

پاڻ ارپڻ جون به ڪيئي التجائون

هون ڪيون!

حُسن جي هاواڻ جهڙي ان سمي

پوءِ ”تون“ ۽ ”مان“ جي قيد

مان نڪري

ٿي ويا هئاسين، بس اسين

۽ ڪٿي پوءِ مُسرت ۾ هئاسين

اسين،

ها، ورهين جو   ڪاٽيل ويراڳ

دليون ڪري نه سگهيو هو ڌار

ماٺو ڪري نه سگهيو هو پيار

هو ساڳو الهڙ ٻار

اسان جو پيار

امنگون ساڳيون هيون

آرزون ساڳيون هيون

کامڻ پڄرڻ واريون حالتون

ساڳيون هيون

پريتم پسڻ واريون

حسرتون ساڳيون هيون:

ڪيف ساڳو هو چڙهيل

ڪيفيتون ساڳيون هيون:

نه وسريا هئا رسڻ پرچڻ پنهنجا

نه وسريا هئا ملڻ کلڻ پنهنجا

خط گلاب ڊائريون

ڏيڻ بهاني

وري وري هئا ملڻ به

ياد اسان کي

هئي نه وسري ڪڏهن

اسان کان ڪا

پسند پنهنجي:

هن Gift ڪئي

هئي خوشبو اها

جيڪا مون هئي

چاهي،

مون به هن لئه خريدي

هئي خوشبو اها ئي جا

هن هئي چاهي

ڳالهيون به گهڻيون  ئي ڪيوسين

ساروڻيون به ڪيئي ساريونسين

سور به گهڻيئي سلياسين

ڳجهه به گهڻيئي ڳرهياسين

پر، پريم ڪٿائون

کٽڻ جون هيون ڪٿي؟

محبتون مٽجڻ جون هيون ڪٿي؟

محسوس اسان هو

ڪيو ته:

پاڻ پسڻ لئه

پريم ونڊڻ لئه

اڃا گهُرجن ڪي صديون

اڃا گهُرجن ڪي رُتون

مدتن جي بيوسي تي

فاصلن جي بيوسي تي

سڏڪي پيا هئاسين، اسين

ڦٿڪي پيا هئاسين، اسين

تڙپي پيا هئاسين، اسين

لڙڪ اگهي پنهنجا وري

مرڪي پيا هئاسين، اسين

ائين کلندي روئندي

روئندي کلندي

وري وچڙڻ لئه، اٿياهئاسين

اسين!

لڙڪ جي آلاڻ جهڙي

ان سمي

هن جي آندل خوشبو کولڻ لڳس

ڄڻ املهه گهڙين کي پاڻ ۾

سموهڻ لڳس

ته روڪيندي چيائين:

تون خوشبو نه کول

منهنجا پيار!

ائين ته نه رول!

خوشبو وکري ويندي

قيامت ڪڙڪي ويندي

 درد ۽ ڇڪتاڻ واري ان سمي

هن لئه آندل خوشبو، مون کان اوچتو وئي هئي کُلي

۽ هير سُرهاڻ چوڏس وئي هئي گهُلي

بيخودي مان جهليندي چيائين مون کي

تون منهنجو سچو پيار آهين

پر اڃا اهائي ٻار آهين

تون دنيا کي سڃاڻين نٿي

۽ دنيا کي ڄاڻين نٿي

خوشبو وکرڻ سان دنيا ويندي سمجهي

ته تون آهين منهنجي  پريمڪا

۽ مان آهيان تنهنجو پريمي

مون کي منهنجي ڀُل جو احساس ٿيو

۽ من به ڪجهه اداس ٿيو

پر اوچتو هڪ وڏو ٽهڪ

پڙاڏو بڻجي فضائن ۾ ويو وکري

حيران ٿيندي پڇيائين کِلڻ جو سبب

مون گهڻو ئي نٽايو

گهڻو ئي لنوايو

پر نيٺ راز کلي ويو ته:

“تون سراپا عشق، مان سراپا درد“

تون ڇا ڄاڻين

هينئر تائين

ڪيڏو چاهه چمڪيو آهي خلائن ۾

ڪيڏو پيار ڦهليو آهي هوائن ۾

پيار کي تون ڪڏهن به لڪائي نه

سگهندين

عشق جي مُشڪ کي بند بوتل ۾

سمائي نه سگهندين

پاڻ جڏهن جڏهن ۽ جتي جتي

ملنداسين

اها نگري نينهن نگر ٿي پوندي

اها ٽڪري پريم گگر ٿي پوندي

پريم پنهنجي سان

صحرا به گلزار ٿي پوندي

خزان به بهار ٿي پوندي

۽ پيار اسان جو

خوشبو بڻجي

پولارن ۾

وکري ويندو!

پيار اسان جو

خوشبو بڻجي

پولارن ۾ وکري ويندو!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com