مرزا ڪاظم رضا بيگ
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي غزل گوئي
فخرالشعراء سنڌ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هڪ
جامع الفنون ۽ جامع الڪمالات شاعر، اديب ۽ دانشور
هو. سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانن تي يد طوليٰ دسترس
رکندڙ هو. هڪ مشاق ۽ استاد شاعر به هو ۽ بلند پايي
جو انشاء پردازُ به هو. پاڻ خوش خط به هو ته هڪ
سخن سنج، سخن فهم ۽ سخن شناس، سخن گو۽ نقاد به هو.
ايترين خوبين جو هڪ هنڌ گڏ هجڻ پنهنجيءَ جاءِ تي
ڪرامت کان گهٽ نه آهي.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ کي شاعري، خصوصاً
غزل ۾ هڪ انفرادي مقام حاصل هو، سندن ڪلام ۽ زبان
سليس ۽ رنگين آهي. هڪ قادرالڪلام ۽ ڪجهه مشق شاعر
هجڻ جي ثبوت ۾ سندن ديوان (غزليات) رباعيات، ڪافين
۽ شاعري جي ٻين صنفن جا مجموعا پيش ڪري سگهجن ٿا.
سندن غزليات ۾ تخيل جي بلنديءَ سان گڏ استعاري ۽
ڪنايي جو صحيح استعمال ۽ بندش جي چستي ۽ برجستگي
نمايان خصوصيتون آهن.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ قديم ۽ جديد دور جي
وچ ڌاري پيدا ٿيو. تنهن ڪري سندن ڪلام ٻنهي دورن
کان متاثر ٿيو آهي. ان ۾ سانگي ۽ گدا شاهه جو رنگ
به نظر ايندو ته جديد ۽ قومي رنگ به، جتي صوفيانه
نُڪتا ۽ عارفانه اسرار بيان ٿيل نظر اچن ٿا.
سنڌ ۾ فارسي ۽ اردو غزل جي ترقي وترويج ۽ نشرو
اشاعت ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي خدمتن
جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. غزل ۽ ان جي فن متعلق
اردو دان ناقدن جيڪي عروضي ۽ فني موشگافيون پيدا
ڪيون، اهي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سنڌي
شاعري ۾ روشناس ڪرايون. تغزل ۽ ان جا لوازمات،
عروض ۽ ان جا اصول، حرڪات، سڪنات جا قاعدا، اقسام
قافيه، عربي ۽ فارسي بحر، عيوب ۽ فڪ اضافت، تنافر،
تعقيد ۽ تعقيب جا مباحث، سنڌي ادب ۾ مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰؒ ئي مروج ڪيا.
غزل هڪ اهڙي صنف سخن آهي، جنهن ۾ عورتن متعلق ذڪر
اذڪار ڪيو ويندو آهي، يا انهن سان عشق ۽ محبت جون
ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. خواجه الطاف حسين حالي،
غزل جي تعريف لکندي فرمائي ٿو ته:“ لغت ۾ غزل جي
معنيٰ- عشق بازي ڪرڻ ۽ عورتن سان مخاطب ٿيڻ آهي.“
ڊاڪٽر عبادت بريلوي جو غزل متعلق رايو آهي ته:
”غزل جي صنف جو بنيادي موضوع عشق جي معاملن سان يا
عورتن بابت ڳالهيون ڪرڻ، بيان ڪئي ويندي آهي، ۽
اها ڳالهه گهڻي قدر درست آهي، مگر غزل جي اِها
تشريح مڪمل ۽ همه گير نه آهي، انهيءَ ۾ وڌيڪ اضافي
جي ضرورت آهي“.
علامه شبلي نعماني ’شعر العجم‘ ۾ ايران جي عشقيه
شاعريءَ تي بحث ڪندي غزل بابت فرمائي ٿو ته:
”قصيدي ۾ ممدوح جي تعريف ٿيندي آهي، ۽ غزل ۾ معشوق
جي....... ۽ غزل ۾ محبوب جي
حسن ۽ جمال، نازو ادا ۽ جوروجفا جو بيان ٿيندو
آهي“.
علامه صاحب اڳتي هلي لکي ٿو ته:
”تصوف جي ابتدا جيتوڻيڪ ٽِين صدي جي آغاز ۾ ٿي، پر
پنجين صدي، ان جي شباب جو زمانو هو، اهو ئي زمانو
غزل جي ترقيءَ جو دور سمجهيو وڃي.“
عورت، انسانن جي دنيا ۾ هڪ لطيف ۽ جاذب شيءِ تصور
ڪئي وئي آهي. هر دور ۾ هر ملڪ ۾ عورت، انساني
زندگيءَ ۾ هڪ اهم رُتبو ماڻيو آهي ۽ هر دل و دماغ
تي هڪ خاص اثر پيدا ڪيو آهي. تنهنڪري غزل جي
سرمايي جي شروعات عورت جي مختلف صفات جي موضوع سان
شروع ٿي آهي. عشق ومحبت جا جذبا ڪجهه عرصي کان
پوءِ تصوف جي صورت اختيار ڪري غزل جو موضوع بڻيا ۽
آهستي آهستي فلسفيانه مسئلا به غزل جي صنف ۾ ڪجهه
جاءِ والاري ويٺا. مطلب ته عشق و محبت ۽ حسن و
جمال جو هڪ نفيس دلڪش ۽ مستقل موضوع هو، جيڪو سنڌ
جي روحاني پيشوا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي
غزلن ۾ به موجود آهي.
غزل، دنيائي شعر وادب جو قابلِ فراموش سرمايو پڻ
آهي. مشرق جي متقدمين ۽ شاعر جو تقريباً ٽن سؤ
سالن جو بيش بها علمي ۽ ادبي خزانو اسان وٽ غزل جي
صورت ۾ موجود آهي. غزل، مشرقي شاعريءَ جي ادبي
روايتن ۽ فڪري ارتقا جو هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾
اسان مشرقي شاعرن جي بيش بها علمي ادبي خدمتن جو
عڪس ڏسي سگهون ٿا. عشق و محبت، انساني سرشت ۾ فطرت
جو هڪ اهم حصو آهي، جيڪو انساني دنيا جي زندگيءَ
تائين قائم رهندو ۽ غزل ان جو مبلغ اعظم ٿي ڪم
ڪندو رهندو.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ سنڌ جي رهاڪن کي
پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي اهم موضوعات مهيا ڪري ڏنا
آهن. گل وبلبل جي شاعريءَ سان گڏوگڏ غم دوران جون
تصويرون پڻ پيش ڪيو آهن. مخدوم صاحب هجرو وصال جي
داستان ۾ غم جانان جون انيڪ ڪيفيتون بيان ڪيون
آهن. پراڻن موضوعات ۾ جديد مضمونن ۽ جديد رجحانن
کي سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن مان جدت ۽ ندرت جون
جهلڪيون نظر اچن ٿيون. انوکن خيالن تي خاص توجهه
ڏنو ويو آهي. انداز ۽ اسلوب جي لحاظ کان غزل جي
نرميءَ ۽ نزاڪت کي مقدم رکيو ويو آهي. ان ۾ شڪ نه
آهي ته مخدوم صاحب سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جي قديم
اساتذه سخن کان متاثر آهي. مخدوم صاحب وڏي پيار ۽
پاٻوهه سان سنڌي شاعري ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سنڌي
شاعريءَ ۾ رواياتي لوازم کي پڻ برقرار رکيو آهي،
جنهن ڪري سندن ڪلام ۾ انيڪ ترڪيبون، محاورا ۽
تشبيهون پڻ موجود آهن. مثلاً: سندن هڪ شاهڪار غزل
ملاحظه ڪريو:
رشڪ بخت سيہ رشڪِ تاريڪ شب هن جا زلف دوتا خوشنما
خوشنما
الله الله جبين ضوفشان ضوفشان، جلوه گر جلوه گر يا
خدا يا خدا
تيخ برانّ فگن، غيرت سيف زن، خنجر صف شڪن ابروئي
جان من
رشڪ مستيءَ چشم قلندر نظر دلربا دلربا ڪيفزا
ڪيفزا-
روح جادو گري هن جا شرم و حيا عشوه ونازو انداز سڀ
معجزا
گفتگو مظهِر خرق عادات ٿي هن جي هرهڪ ادا اوليا
اوليا.
هن جي رمز خموشي ۾ دنيا به گم ۽ تبسّم سان عالم
ڪري زير وزبر
هن جي گفتار ۾ زندگي زندگي هن جي رفتار ۾ ڪربلا
ڪربلا
جنهن تان ديرو ڪليسا هميشه فدا جنهن تي سجده ڪنان
روز شب بتڪده
جنهن تي هر ڪنهن جبين کي سڪون ٿو ملي منهنجي محبوب
جا نقش يا نقش پا
هن جي شيرين زباني تان صدقي ٿين دمبدم مطرب وبربط
وچنگ ني
هن جي طرز تڪلم تان ققس فدا لحن دائود چئي واهو
واهوا
هن جي آڏو صبا آهي جا روب ڪش نگهت گل اچئو خير
مقدم ڪري
هوچمن ۾ اچي گل جهڪئو ٿا پون ۽ عنادل چون مرحبا
مرحبا
هو جا درو الم مايه دوستي هن جا جورو باعث دلڪشي
هن جا قهرو غضب دل جي آسودگي هن جو ديرينه درد
آشنا آشنا
هن جي رمز ادا تان تصدق ٿيان هن جي طرز محبت تان
قربان مان
هن جا ظلم وَ ستم با وفا باوفا هن جا مهرو وفا بي
وفا بي وفا
صوفي محتسب واعظ پيرسن منهنجي ساقي اڳيان سي به
مجبور تر
هوکپايو نظر جو نهاري کڻئو هرڪو گهٻرايو چئي ڏي
ڀلا ڏي ڀلا
ميڪده ۾ مسرت ڪري رقص ٿي ڪيف و مستي تي طاري ٿئي
بيخودي
هن جي آمد تي ساغر ٿين خنده زن ۽ صراحي ڪري قهقها
قهقها
طالب الموليٰ جورو جفائي صنم غيرتِ ظلم چنگيزي
ونادري
هن جي هرهڪ نظر زلزلا زلزلا هن جو تابِ نگهه فيصلا
فيصلا
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جنهن شاعراڻي ماحول
۾ اک کولي، ان ۾ گل و بلبل، گل و گلزار ۽ شمع
وپرواني کان سواءِ مئي ۽ ميخانو به موجود هو.
مخدوم صاحب مئي ۽ ميخاني جي ماحول کي تفصيل سان
پنهنجي شعرن ۾ بيان ڪيو آهي. ميخاني جي هر شيءِ
اهڙي دلفريب انداز سان بيان ڪئي اٿائون جو مئڪشي
جو سمورو نظارو اکين آڏو اچي ٿو بيهي. هڪ طرف ساقي
پنهنجي نرگسي نيڻن ۽ مخمور اکين سان هڪ هٿ ۾ صراحي
يا مينا ۽ ٻي هٿ ۾ جام جهليو بيٺو آهي، مينوشن جي
آڻ آڻ پئي آهي. ڪي آهن جي چُڪي چاڙهڻ سان پنهنجا
هوش ۽ حواس وڃائي ٿا ويهن، ٻيا خم خالي ڪريو ڇڏين.
هڪ طرف پير ميخان ويٺو آهي، ميڪده جوهر مينوش سندس
معتقد آهي. سندس هر حڪم جي تڪميل عين سعادت سمجهي
ٿي وڃي. ميخوارن جي لب تي ڪڏهن ساقي جي قرب جا
قصيدا آهن ۽ ڪڏهن بي رخيءَ جو شڪوو ۽ شڪايت آهي.
مخدوم صاحب مئي ۽ ميخاني کي حقيقي رنگ ۾ پيش ڪري،
ان مان تصوف جا باريڪ نُڪتا بيان ڪيا آهن.
حافظ شيرازي، صائب، فيضي ۽ امير خسرو وغيره، مئي،
جام ۽ مينا جو ذڪر نهايت اشتياق سان ڪيو آهي.
فيضيءَ مئي جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته: ”
هي ڪهڙي مئي آهي جيڪا ساقي پيالي ۾ وڌي جو مسيح ۽
خضر ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻي کان اڳ ڪڍڻ ٿا
چاهين:
اين چه مئي بودڪ ساقي بقدح ريخت فرو
ڪه مسيح و خضر از رشڪ ڪشاڪش ڪردند.“
امير خسرو مئي جي لاءِ چوي ٿو: ”ڄڻ پاڻيءَ ۾ باهه
مليل“ آهي:
مئي ميان شيشئه ساقي نگر
آتشي گويا به آب آلوده اند.“
حافظ شيرازي وري مئي ۽ جام جي تعريف ڪندي چوي ٿو:“
ته جڏهن اهو پتو نه آهي ته انجام ڇا ٿيندو ته پوءِ
مئي ۽ جام جي فڪر کان وڌيڪ سٺي ڳالهه ڪهڙي آهي:
خوشتر از فڪر مئي جام چه خواهدبود
چون خبر نيست ڪدانجام چه خواهدبود.“
’صائب‘ وري ساقي جو ذڪر نهايت دلفريب نموني سان
ڪيو آهي:-
”امشب ازساقي بس گرم است محفل، ميتوان
شمع گرخاموش يا شد، آتش از ميناگرفت.“
مخدوم محمد زمان طالب الوليٰ به مئي ۽ ميخاني جو
ذڪر پنهنجي غزليات ۾ هن طرح سان ڪري ٿو:-
ويا جيڪي به ساقي وٽ اهي مينوش ٿي موٽيا
صفا صوفي به ميخاني منجهان مدهوش ٿي موٽيا
ڪڏهن ڀريل نه ڇڏينداسون ساقي پيمانا
اسان جي دم سان ئي آباد رهندا ميخانا
سندم معيار مينوشي جا ميخانا اٿوَ شاهد
سڀئي ساغر سُبو ساقي ۽ پيمانا اٿوَ شاهد
تون پيئڻ کان اڳ اي ميڪش اهل ميخاني کي پڙهه
ساقيء مهوش کي پيمائش کي پيماني کي پڙهه
ڏي شرابِ چشم گون جو جام پُر اي ماهوش
تا زماني جي خيالن کي اچي ڪاغش تي غش
جڏهن ساقي جي ابرو مان ٿيم هڪڙي چُڪي حاصل
نشا ٿيا نينهن جا غالب حقيقي ٿي خوشي حاصل
چشم رشڪ مي ئي ٿيندي آهي ميخاني جي دل
۽ شراُب لال ٿيندو آهي پيماني جي دل
ڀلي خُم جا خُم به کپي وڃن نه پيئڻ کان موڙبو منهن
ڪڏهن
ڀلا دستِ ساقي جي اڳيان ڪبيون نيٺ ڪهڙيون قناعتون
اڄ ميڪده ۾ طالب مولا اچي پيو
پيمانا تنهنجي لئي گل ولاله ڪري وٺون
ڪج ادائن جي هٿان ڪي جام نيرانا ملن
اڄ وري ميڪش هجن ساقي ۽ ميخانا هجن
ڏي صبوحي جا اي ساقي جام نيرانا ٻه ٽي
گڏ ٿيا آهن اچي مئي نوش مستانا ٻه ٽي
اي ساقي پنهنجي مستن اهل ميخانن جي پارت ٿئي
متان خالي ٿين لبريز پيمانن جي پارت ٿئي
اهي ساقي اهي ميڪش اهي ئي ساغر و مينا
فقط آداب مينوشي جي اڄ آهي ادا بدلي
غزل، اندروني ڪيفيت جو آواز آهي. غزل ۾ داخل ڪيفيت
جو اظهار نهايت خلوص ۽ ديانتداريءَ سان ڪرڻ ۾ اچي
ٿو. داخلي احساسات ۽ جذبات جي هوبهو تصوير غزل جي
جان آهي. غزل جي شاعريءَ ۾ ڪنهن به قسم جو تصنع،
غزل جي معيار کي ڪيرائي وجهي ٿو، تنهنڪري شاعر
پنهنجي داخلي حقائق ۽ تجربات کي پيش ڪرڻ لاءِ
مجبور ٿيو پوي. باطني زندگيءَ جي ڪشمڪش ۽ الجهن کي
لڪائڻ بد ديانتي ۽ رياڪاري سمجهي ٿو. اهڙي ڪيفيت
کي بيان ڪرڻ لاءِ شاعر پنهنجي وضعداريءَ کي ڇڏي،
حقيقت پسنديءَ جو مظاهرو ڪري ٿو. دل ۾ هڪ عجيب و
غريب اشتياق پيدا ٿئي ٿو، جنهن جذبي کي بيان ڪرڻ
شاعر پنهنجو فرض سمجهي ٿو. مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ صوفياڻي مزاج جو مالڪ هو. سندن مزاج،
ننڍيءَ وهيءَ کان ئي تصوف کان آشنا هو پر پوءِ به
کين تمنا رهي ٿي، شوق پيدا ٿئي ٿو ته:-
جو اول هو اهوئي اڄ به آهي طالب الموليٰ
ڏسڻ وارؤ فقط آهن اوهان جا ئي گمان بدليا.
اديون آتڻ وهڻ سولو ڪتڻ ڏاڍو ڏکيو آهي
اچو سنڀري هتي سرتيون
جو چرخا چورڻا پوندا
اي واعظ چپ اوهان جي شاهڪارن کي سڃاڻون ٿا
بظاهر مست آهيون پراشارن کي سڃاڻون ٿا
اسان رندن جي مشرب ۾ شڪايت ئي حرام آهي.
گهڻوئي پاڪبازن پرده دارن کي سڃاڻون ٿا
اسان مستن جي مشرب ۾ جهان آباد ويرانو
فقيرن جي ڪيا آباد سي ويرانا گهرجن ٿا.
سنڌي غزل ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ هڪ
انوکو انداز ۽ منفرد اسلوب پيش ڪيو آهي. پاڻ فارسي
شاعرن جي دلڪش انداز ۽ پيرايئه اسلوب کان نهايت
متاثر هو. مخدوم صاحب جي هر شعر جي هڪ مصرع ۾ ئي
زندگيءَ جي انيڪ حقيقتن ۽ ڪيفيتن جو بيان سمائجي
وڃي ٿو. هڪ معمولي ڳالهه کي به دل لڀائيندڙ انداز
۾ پيش ڪرڻ شاعر جو وڏو ڪارنامو بڻجي پوي ٿو.
ڪيترائي اهڙي قسم جا اشعار آهن جيڪي مخدوم صاحب کي
سنڌي غزل جي بلند مقام تي پهچائن ٿا. سندن مختصر
عبارت هڪ دلڪش تاثر پيدا ڪري ٿي، جنهن ۾ ڪيترائي
راز پنهان رهن ٿا. سندن ڪلام ۾ وارختگي ۽
بيساختگيءَ جو عجيب نمونو موجود آهي:
ڪئي ڪحل البصر جن خاڪ دلبر تنهنجي قدمن جي،
اهي درويش تنهنجا تو وٽان سلطان ٿي نڪتا.
جهان کي جن جي اڄ نقش قدم تي فخر حاصل آ،
اهي الله جي لئي بي سرو سامان ٿي نڪتا.
هتي عابد ۽ زاهد ساڻ گڏ مي نوش پڻ آهن،
اي واعظ تون نٿو سمجهين هي آهن راز رندانا.
حقيقي عشق جي مستي وري قلبن تي غالب ٿي،
انهي ئي ڪيف ۾ مدهوش ٿيا دانا ۽ ديوانا
جيئن ته غزل ۾ باالخصوص عشقيه مضمون هوندا آهن،
تنهنڪري غزل گوشاعر، حسن و عشق جي تعريف، فراق
وصال جو بيان، خال و خد، زلف وابرو، قدوقامت جي
توصيف، گل وبلبل، شمع وپروانا، شيرين فرهاد ۽
ليليٰ مجنون جون حڪايتون، معشوقن جي بيرخي، جنون
وياس جي شڪايت ڪندا آهن. مطلب ته غزل مطلع کان وٺي
مقطع تائين مجسم عشق انگيز ۽ جنون آميز خيالن سان
مرصع هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن غزل جي صنف ۾ شاعر پند
و نصائح ۽ قومي داستانن جهڙا نُڪتا پڻ بيان ڪندا
آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به محبوب جي
حسن جي تعريف اجهو هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
نه خورشيد آهي تنهنجو مٽ قمرپڻ شرمساري ۾
ڏسيو توکي وڃن شرمائجو سيمين بدن پاڻهي.
هي حسن صورت ۽ حسن سيرت خدا جو سنهن لازوال آهي
موازني کان سڄڻ مبّرا هو پاڻ پنهنجو مثال آهي.
آڻيان ٿو تصور ۾ انهيءَ رشڪ قمر کي
مون آهي چراغان ڪيو هن طرح سان گهر کي
ڏٺم جو هن کي ته پوءِ ماهتاب وسري ويو
نه ماهتاب مگر آفتاب وسري ويو
محبوب جي خدو خال، زلف وابرو ۽ سندس قد وقامت جي
صفت ۾ عاشق زمين ۽ آسمان کي ملائي هڪ ڪري ٿا ڇڏين.
بقول حافظ شيرازي:
اگر آن ترڪ شيرازي به ست آرد دِل مارا
بخال هندويش بخشم سمرقندو بخارا را
اهڙي طرح مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ به محبوب
جي زلفن جو ذڪر اِجهو هِنن لفظن سان بيان ڪري ٿو:
آزاد هوندا هردم زلفِ دوتا جا قيدي
خوشحال ئي رهن ٿا صبرو رضا جا قيدي
صنم خود جستجو منجهه هو ته هي خوشبو ڪٿان آئي
نتيجي ۾ وڃي آخر سندس زلفِ دوتا نڪتي
هو زلف سنبل هو چشم نرگس هولال لب ۽ هو عارضِ گل
انهيءَ تصّور ۾ همنشينو خزان به فصل بهار آهي
مان هن جي زلفن جي رات ۾ پنهنجي راهِ منزل به
وڃائي ويٺس
اگرچه چهري جو ماهِ ڪامل به هرگهڙي جلوه بار آهي
آزاد سو وري نه ٿئي تادم حيات
جنهن کي جڏهن اسير ٿو زلفِ دوتا ڪري
فلسفو، شاعريءَ جو پسنديده موضوع آهي، جتي شاعريءَ
جون ٻيون صنفون فلسفيانه خيالن سان مالا مال آهن،
اتي غزل جي جهولي به فلسفي جي املهه ماڻڪ موتين
سان ڀريل آهي. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ
فرمائي ٿو:
جي آيا تنهنجي محفل ۾ اهي قربان ٿي نڪتا
وڏا دانا ۽ بينا پڻ اتان حيران ٿي نڪتا
هنئي جن فلسفي جي هام ٿي دنيا اندر يارو
ٻڌي گفتار گلرخ جي همه تن گوش ٿي موٽيا
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي سنڌي غزليات ۾
جتي مجازي عشق جا گل ۽ ٻوٽا ٽڙيا بيٺا آهن، اتي
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ حقيقي عشق جي باغ
جي به آبياري ڪئي آهي ۽ ان ۾ تصوف جا قسمين قسمين
جا گل ۽ ٻوٽا به لڳايا آهن ۽ مخدوم صاحب تصوف جي
مختلف مسئلن کي نهايت دلنشين انداز ۾ سمجهائڻ جي
ڪوشش به اِجهو هِنن لفظن ۾ ڪئي آهي:
خرقو مصّلو شيح جو سجدو عبا قبا
هرشيءَ جي قلب ۾ آهي وقعت جدا جدا
واعظ رڳو مبالغو ۽ رند صاف گو
قدرت بنائي آهه ئي فطرت جدا جدا
ڇو نه ان محفل جي باشندن ۾ ايندو وجد و حال
جت قلندر رقص ڪن ۽ ٻيا هجن ميخوار مست
پُر ڪري ڪيئن ٿو پياري جام مئي هو مي فروش
پي ٿين ٿا صاف صوفي بيڌڙڪ بيدار مست
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ پنهنجي غزلن ۾ تصوف
سان گڏوگڏ اخلاق بابت به گوهر افشاني ڪئي آهي، ۽
پند و نصيحت جا ورق ورايا آهن. اخلاق، انساني
زندگيءَ جو زيور ۽ حياتيءَ جو سينگار آهي. اخلاق
بنا انسان جانور وڌيڪ ۽ انسان گهٽ ٿو ٿئي، تنهنڪري
هن دنيا ۾ انهيءَ ڳالهه جي هر دور ۾ اهميت رهي آهي
ته انسان کي سڌي راهه تي هلائڻ لاءِ اخلاق جو لغام
ڏنو وڃي. ان ڪري انساني اخلاق جو ڪو به اهڙو موضوع
نه آهي، جنهن کي غزل پنهنجي دامن ۾ جاءِ نه ڏني
هجي ۽ انسان کي ڀٽڪيل راهه کان بچائڻ لاءِ پندو
نصيحت جا ڏيا نه روشن ڪيا هجن:
رهيو ڇا مال ۽ اسباب دارا وٽ سڪندر وٽ
هو ڪم آڻي ن ٿو آهي مگر سڀ ڪجهه قلندر وٽ
خدا کان ڇو لڪائين ٿو گناهن کي اڙي نادان
يقين رک آهي هر تصوير عريان ٿئي مصور وٽ
نه گردن کي جهڪائي بادشاهن جي اڳيان هرگز
عجيب آهي هي خُو هردم محبت جي گداگر وٽ
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ، غزل ۾ جتي ٻيا
خارجي اثر قبول ڪيا آهن، اتي هو پنهنجي سماج ۽
ماحول جي تبديل ٿيندڙ حالتن کان متاثر ٿيڻ کان رهي
نه سگهيو آهي. سنڌ ۾ جيڪي معاشي، مادي، ذهني ۽
سياسي تبديليون پيدا ٿيون، تن کان مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰؒ جو حساس شاعر جي حيثيت ۾ متاثر ٿيڻ
لازمي آهي. زندگيءَ جا ڏک ۽ سک، سماج ۽ طبقاتي
فرق، حيات کي اڳتي وڌائڻ جي تمنا، زمين کي جنت
ثاني بنائڻ جي خواهش، پنهنجي چؤطرف پکڙيل گندگيءَ
کان نفرت ۽ ڌرتي جي دوزخ تي انقلاب آڻڻ جي آرزو،
اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي غزل خاص طرح قديم
دور جي غزل جي زيب ۽ زينت آهن. سنڌ جي اڳين غزل گو
شاعرن به ان طرف توجهه ڏنو آهي ۽ انهن مان ڪن وٽ
سياسي ۽ سماجي تصورات جو هلڪو هلڪو دونهون محسوس
پيو ٿئي، مگر موجوده وقت جي غزل گو شاعرن وٽ مچ
متا پيا آهن. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بيان
کي وڌيڪ مؤثر بنائڻ لاءِ اشارن ۽ ڪناين کان پڻ ڪم
ورتو آهي. ان سلسلي ۾ مخدوم صاحب فرمائي ٿو:
رڳي ئي فحش گوئي ۽ رڳي ئي آهي بيهوشي
هئا جي هوش آور اڄ سي به مستانا ٿيا اڻلڀ
اڃا پيري ۽ مخدومي کي تون چنبڙيو پيو آهين
چريا هو نينهن وارا جي ها نذرانا ٿيا اڻلڀ
تصوف، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ جي غزل جو
روح آهي. سنڌ جي هن عظيم شاعر تصوف جا گهڻو ڪري
سمورا پيچده مسئلا نهايت لطيف ۽ پرڪشش انداز ۾
بيان ڪيا آهن. سنڌ صوفين جي سرزمين آهي. انهيءَ
ڪري هتان جي انيڪ غزل گو شاعرن پڻ تصوف کي پنهنجي
غزل جو سينگار بنايو آهي. روز ميثاق الله تعاليٰ
پنهنجي عشق جي امانت جڏهن ملائڪن کي آڇي ته اهي
ڏڪي ويا، تڏهن حضرت آدم عليه السّلام اڳتي وڌيو ۽
اهو بّرهه جو بار پنهنجي سرتي کنيائين.
حافظ شيرازي ان خيال کي هيئن ٿو بيان ڪري:
باز غم عشق تو بهر کس که نمودند
عاجز شدو اين قرعه بنامم افتاد
مخدوم طالب الموليٰ فرمائي ٿو:
عاشق جان باز جو راهه نما ڀي آهي عشق
مشڪلات عشق جو مشڪل ڪشا ڀي آهي عشق
درد وغم، سوزوالم جو پيشوا ڀي آهي عشق
هر گهڙي ۾ دافعِ نج و بلا ڀي آهي عشق
عشق جي درياءَ ۾ فضل خدا ڀي آهي عشق
ڪشتيءَ بحروالم ناخدا ڀي آهي عشق
حسن بي پروا به ۽ ناز و ادا ڀي آهي عشق
دلبري ڀي آهي عشق ۽ دلربا ڀي آهي عشق
حسن جي دربار ۾ گولو گدا ڀي آهي عشق
۽ ڏکن جي ملڪ جو پڻ بادشا ڀي آهي عشق
پرده انسان ۾ ذات ڪبريا ڀي آهي عشق
۽ جبينِ شوق ۾ سجدو صفا ڀي آهي عشق
خود خدا ڀي عشق محبوب خدا ڀي آهي عشق
طالب الموليٰ امام الاوليا ڀي آهي عشق
جيئن ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰؒ
جي شاعري، عشق مجازيءَ جو هڪ بي مثال شاهڪار آهي،
تنهن ڪري سندن شاعريءَ ۾ تپش ۽ تڙپ، سوز ۽ سڪ اتم
درجي جي موجود آهي، پر فرق ايترو آهي ته سندن ڪلام
۾ شوخي ۽ شدت پڻ موجود آهي. انهي شان بي نيازيءَ
سندن شاعريءَ ۾ ته غزل جو هڪ لافاني حسن پيدا ڪري
ڇڏيو آهي. حسن ۽ عشق جي جذبن جي ترجمانيءَ لاءِ
پوءِ اهو مجازي هجي يا حقيقي، غزل جو پيرايئه بيان
نهايت ضروري آهي. غزل نه صرف شڪر کي حسن ۽ رنگيني
بخشي ٿو، پر ان سان شڪر کي همه گيري ۽ وسعت به ملي
ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اهي سڀ شاعر جن جي شاعريءَ
جو جزو اول حسن ۽ عشق آهي. غزل جي پيرايئه بيان
اختيار حاصل ڪرڻ کان رهي نه ٿا سگهن پر حسن ۽ عشق
متعلق شاعر جو نُڪتئه نظر جيڏو بلند ۽ وسيع هوندو،
سندن غزل جو رنگ به ايڏو ئي اثر انگيز ۽ پاڪيزه
هوندو. |