سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :17

بهادر ٽالپر

ڪارٽونسٽ پيٽر!

آرٽسٽ ۽ ڪارٽونسٽ پيٽر پنهنجي ئي قلم مان ترشيل تصوير ڏسي، پاڻ ئي حيرت ۾ پئجي ويو: ”اهڙي تصوير جهڙي اڄ مون تراشي آهي، ڀانيان ٿو ته منهنجي پوئين سڄي فني زندگيءَ ۾ به اهڙو شاهڪار نه جُڙي سگهيو هوندو!“ اهڙي احساس سان سندس وجود مان ان تصوير تراشڻ وارا سارا ٿڪ ئي ڪافور ٿيندا ويا...

اصل ۾ هن جڏهن به ڪنهن موڙ تي ڪا تصوير تراشي هوندي يا ڪو ڪارٽون پنهنجيءَ ڪلا جي ڪئنواس تي چٽيو هوندو ته ضرور سندس اندر مان اهوئي آواز آيو هوندو ته: ”هن جهڙو شاهڪار شايد ئي مون اڳ ڪو پينٽ ڪيو هجي!!“ ۽ پوءِ ڪجهه وقت جي وٿيءَ پڄاڻان. پاڻ ئي پريشان ٿيو هجي ۽ سوچ آئي هجيس ته فن جو ڪمال جو ان ئي ڪارٽون تي ڇيهه ڪندو ڇا.....!؟ فن ته مسلسل جستجو ۽ اُتساهه جو نانءُ آهي. هڪ اهڙي جستجو جنهن جي زنجير ۾ تصورن ۽ احساسن جون سونيون ڪڙيون جرڪن ٿيون!!

پيٽر کي پل لاءِ سوچ آئي ته هو پنهنجي گهرواريءَ پالن کي ننڊ مان اُٿاري، جيڪا ساري ڏينهن ۽ رات جي ڪجهه ڪلاڪن جو ٿَڪَ سهيڙي اچي بستري ڀيڙي ٿي هئي! سندس گهرواري پالن به پڪ ئي پڪ هڪ آرٽسٽ هئي ۽ هن چاهيو ته پنهنجي اڄوڪي شاهڪار کي گهٽ ۾ گهٽ جوڻس کي ته ڏيکاري!! پر پوءِ کيس الائجي ته ڪهڙي سوچ آئي جو پنهنجي ٺاهيل تصوير هن پنهنجي ڊرائنگ روم واري ان ئي ٽيبل تي رکي ڇڏي جنهن تي ئي رکي، هن اها تصوير تراشي هئي!

پيٽر ويٺي ويٺي پوءِ ڪيئي پَههَ پچائڻ لڳو. ننڊ ۾ ستل پنهنجي گهرواريءَ کي گهوريندي هن کي خيال آيو ته هوءَ ضرور فن جي حوالي سان ڪو خواب ڏسندي هوندي!! ماڊلنگ به ته هڪ فن ئي آهي. مون پنهنجي جيون ۾ به ڪيترائي خواب ڏٺا، ڪي ريشمي چمڪندڙ ۽ وڻندڙ، ته ڪي وري صفا کُهرا..... جيڪي اندر جي احساسن کي گهائيندا ٿي ويا!!

پيٽر کي ياد آئي، پنهنجي اُها تراشيل تصوير جنهن ۾ هڪ پادري ڪنهن حَسين ڇوڪر کي نِوِڙي بوسو ڏئي رهيو هو ۽ انهيءَ ڪارٽون هيٺان هن لکيو هو: ”پادريءَ جي عبادت جو هڪ نمونو“ پيرس جي ڪنهن اخبار اُن ڪارٽون کي وڏي اهتمام سان شايع ڪيو هو. اصل ۾ انهن ڏينهن ۾ پادرين طرفان عبادتگاهن ۾ موجود ڇوڪرن سان جنسي تشدد جون خبرون ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي رهيون هيون ۽ پيٽر انهن خبرن مان اُتساهه وٺندي اهڙي قسم جو ڪارٽون اهڙي ته جذبي ۽ اُتساهه سان تراشيو هو جو اهو ڪارٽون ان وقت جي دلين جي ڌڙڪن سان اهڙو ته برميچجي آيو جو ماڻهن جي وات مان بي اختيار واه.....واه...... جا لفظ نڪري ويا هئا!

هن پنهنجيءَ پر ۾ ٻيا به ڪيترا اهڙا ڪارٽون ٺاهيا هئا جن کي هن عام نه ڪيو هو… جيتوڻيڪ پيرس ۾ فن، فڪر توڙي سوچ جي زبردست آزادي هوندي به الائجي ته ڇو پنهنجن انهن ڪارٽونن کي ڪن اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائڻ مناسب نه سمجهيو!!

اهڙي قسم جا ڪارٽون ٺاهيندي هن کي اهڙين ته سوڙهين ۽ قديم غارُن مان گذرڻ جو احساس ٿيو هو جو سندس احساس به ڄڻ انهن ئي سوڙهين ۽ قديم غارُن جهڙا ٿي ٿي ويا!

هو ڪارٽون ۽ تصويرون تراشيندي پاڻ به ته انهن جهڙوئي پئي ٿيندو ويو جنهن کي سندس گهرواري پالن به ڪڏهن ڪڏهن سڃاڻي نه سگهندي هئي ته واقعي اهوئي سندس مڙس آهي. اصل ۾ هو پاڻ به پنهنجي گهرواري کي ڪڏهن ڪڏهن سڃاڻي نه سگهندو هو!! ان جو شايد اهم سبب اهو هو ته هو ٻئي پنهنجي فن جي دنيا وارن احساسن ۾ اهڙيءَ طرح ته وڃائجي ويا هئا جيئن ڪن والدين جا ڪي ٻار ماڻهن جي جهنگ ۾ وڃائجي ويندا هجن!!

پيٽر کي انتهائي اهميت ته اڳ ئي تڏهن ملي چڪي هئي جڏهن هن تڏهوڪي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن ۽ سندس محبوبا مونيڪا ليونسڪي جي معاشقي کي پنهنجي هڪ ڪارٽون ۾ پينٽ ڪيو! ان ڪارٽون ۾ بل ڪلنٽن جي گهرواري هليري ڪلنٽن پري کان حسرت سان ٻنهي کي ڏسي رهي هئي ۽ هن پنهنجي ٺاهيل ڪارٽون هيٺان ڪيپشن ڏنو هو ته: ”هليري تون به ته آزاد آهين، چاهين ته ڪو اسڪينڊل/ ڪو عشق ڪري سگهين ٿي....“

ان ڪارٽون ته ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جي اهميت کي به پنجوڻ تي وڌائي ڇڏيو هو!! پيٽر پنهنجن فني احساسن ۾ ايترو ته مدغم ٿي چڪو هو جو هن کان پنهنجو وجود ئي ذري گهٽ وسري ويو هو. هن ۽ پالن کي ڪوبه اولاد ڪونه هو، نه ئي پُٽاڻو ۽ نه ئي ڌياڻو! پيرس جي ڪيترن ئي ماڻهن کي شڪ هو ته پيٽر ۽  پالن ٻئي سنجوڳ جي حوالي سان صفا نِل هئا. انهن جنسي جذبا فن جي جهنگ ۾ ڪٿي وڃائجي چڪا هئا ۽ انهن جي خودي سندن پنهنجي پنهنجي فن خريدي ورتي هئي!! جڏهن هنن وٽ اهڙي خودي ئي نه هئي ته پوءِ هو ٻئي ڪيئن ۽ ڇو پنهنجن جنسي جذبن کي اڀاري انهن جو ڇيد ڪري ٿي سگهيا… يا هو هڪٻئي سان سنجوڳ ڪري ٿي سگهيا!!

پيٽر جي فن پارن جي نمائش، شهر جي ڪيترن ئي ڪلبن ۽ نمائش گهرن ۾ ٻين ڪلاڪارن جي شهپارن سان گڏ ٿي چڪي هئي. هو جڏهن ڪنهن به نمائش ۾ پنهنجن شهپارن سان گڏ شريڪ ٿيو ٿي، ته سندس اکين مان بي اختيار لڙڪ لڙي پوندا هئا....! هو نمائشن ۾ آيل ماڻهن سان گڏ ننڍڙن ٻارن کي ڏسي سندن مٿي تي شفقت جو هٿ ڌريندو هو ۽ ماڻهو سمجهندا هئا ته هن کي اولاد ڪونهي، ان لاءِ ئي هو ٻارن کي پيار ڪري ٿو پر اصل ۾ ائين قطعي نه هو. هن انهن ئي ٻارن ۾ اها آشا ٿي رکي ته اهي وڏا ٿي ڪلا ۽ آرٽ جا وڏا نانءُ بڻجندا ۽ پنهنجن متقدمين جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندا ۽ ٻيو ته پيٽر ۾ پاڻ حد درجي جي معصوميت هئي ۽ هن جي معصوميت ڄڻ ٻارن جي معصوميت سان هم آهنگ پئي ٿيڻ چاهيو!!

پيٽر هونئن به پالن سان شاديءَ واري پهرين رات کان معصومن وارو رويو رکندو ٿي آيو! پالن کي بهرحال شاديءَ وارن شروعاتي مهينن دوران سخت اوسيئڙو هو ته هو ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي معصوميت مان نڪري، اهڙي مرداڻي موڊ ۾ ايندو جيڪو ئي موڊ سندس جوانيءَ واري جوش کي تسڪين واري طلب سان همڪنار ڪندو!! پر جڏهن پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ پوءِ ڪيترا ئي مهينا ويا گذرندا ته پالن به منجهانئس پنهنجون هڙئي آشائون پلي ماڊلنگ جهڙي ڌنڌي/ فن سان وڃي پنهنجو پيچ پاتو!!

پيٽر کي پيرس ۾ رهندي شهزادي ڊائنا ۾ ڊوڊي جي معاشقي جي به بخوبي معلومات هوندي ۽ پوءِ ڊائنا ۽ ڊوڊي جي موت واري ڪهاڻي جي روئداد به سندس سماعتن ڪنهن نه ڪنهن طرح ضرور ٻڌي هوندي!

ليڊي ڊائنا ۽ ڊوڊيءَ جي پويان پاپا رازي فوٽوگرافرن جي ڀڄ، ڀڄان وارا منظر به سندس فوڪس ۾ آيا هوندا، پوءِ ان اهم معاشقي جي تصوير به هن ضرور پنهنجيءَ ڪلاجي ڪئنواس تي چٽي هوندي.... هڪ اهڙي تصوير جيڪا ڏسندڙن جون ڏهه ئي حِسون روشن ڪري ڇڏي.

هُو پَهَه پچائيندي پچائيندي اوچتو پنهنجي ئي بستري تي آهلي پيو هو! پريان سج جا ڪرڻا به پيٽر ۽ پالن جي ڪمري جي اوڀارئين دريءَ مان اندر اچڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا... ۽ ڪمرو پيٽر جي ئي ڪنهن شاهڪار جو ڏيک ڏئي رهيو هو.

رضوان گل

بُت بڻجي ويل شخص

 

منهنجي موبائيل تي ميسيج رنگ وڳي، ميسيج ڪنهن نئين نمبر تان آيل هئو کولي ڏٺم ته ميسيج خالي هو...

مان ان وقت پنهنجي آفيس جي شيشي مان ٻاهران جو من موهيندڙ منظر ڏسي رهيو هوس. ڪارا گھاٽا بادل، مينهن جون هلڪيون ڪَڻيون ۽ پکين جو آکيرن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ اڏامڻ .. موسم ۾ تبديلي اچي رهي هئي.. مان پنهنجي رِوالونگ چيئر کي ڦيرائي ٽيبل تي رکيل ليپ ٽاپ تي آڱريون ڦيرڻ لڳس..

دل چيو ته ڪوئي خوبصورت گانو ٻڌجي.. هڪ دفعو ٻيهر موبائيل تي ميسيج جي رنگ وڳي، ميسيج پڙهڻ لاءِ کوليو ... ساڳي اڻڄاتل نمبر تان خالي ميسيج...

مان اڪثر اهڙن ميسيجز کي اهميت نه ڏيندو آهيان، پر نه ڄاڻ ڇو ان نمبر تي who r u’  لکي سينڊ ڪري ڇڏيو.. ..

ترت ئي جواب آيو  ‘im anam and u r my jaan’  مون اهو پڙهي .. پڇتايو .. سوچيو ته رپلاءِ ڏيڻ نه گھربو هو مونکي..

مان آفيس جي ڪم ڪار سان لڳي ويس..  ٽيبل تي رکيل موبائيل تي ان اڻڄاتل نمبر تان ڪيترائي ميسيج ايندا رهيا.. جڏهن آفيس کان واپس گھر آيس ته اهي سمورا ميسيج پڙهي اندازو ٿيو ته جيڪو به آهي سندس ٽيسٽ ڏاڍي لاجواب آهي ..

۽ ائين ئي صبح، منجھند، شام، رات ۽ اڌ رات ان نمبر تان ميسيج ايندا رهندا هئا .. مان ڪوبه رپلاءِ نه ڪندو هوس.. مونکي پڪ هئي ته اهو يا ته منهنجو ڪو دوست آهي يا وري ڪوبه واقفڪار جيڪو ڇوڪرِي بڻجي تنگ ڪرڻ ٿو چاهي...

ڪافي ڏينهن ۽ مهينا گذري ويا چيٽنگ ڪندي.. هڪ دفعي مون پنهنجي هورا کورا لاهڻ لاءِ کيس ميسيج ڪيو، جيڪڏهن تون واقعي به ڪا فيميل آهين ته پوءِ بلڪل هن وقت مونسان ڳالهاءِ...

واپسيءَ ۾ ميسيج بجاءِ ڪال اچڻ لڳي... مون اٽينڊ ڪئي...

پريان ڇوڪرِيءَ جو آواز آيو ..”ڇا اوهان هن وقت تائين مونکي ميل سمجھندا رهيا آهيو؟!!“

نڙيءَ مان لفظ نڪري نه سگھيا.. مون فون ڪٽي ڇڏي....

هاڻي مان سوچڻ تي مجبور ٿيس ته هيءَ ڪير ٿي سگھي ٿي؟! جنهن کي مونسان ايڏي دلچسپي آهي ..

مون کيس ميسيج ڪيو: ”اوهان مونکي ڪيترو ٿا سڃاڻو؟ ۽ مونکي آخر ايترا سارا ميسيجز ڇو ٿا ڪريو؟“

جواب آيو: ”مان اوهانکي ايترو سڃاڻان ٿي ته اوهان سرڪاري آفيسر آهيو، ڊفينس فيز ٽو جي 3 نمبر اسٽريٽ ۾ پهرئين ڪارنر تي اوهان جو گھر آهي، بليڪ ڪلر جي سِٽي ڪار اٿوَ، اوهان شادي شده آهيو ٻه ٻار اٿوَ، فري ٽائيم ۾ سنگِنگ به ڪندا آهيو، اوهانجا ڪجهه سانگس مون يوٽيوب تي به ڏٺا آهن. نالو شاهد اٿوَ، پر مون لاءِ منهنجي جان آهيو توهان.... ۽ ها! اوهان کي حاصل ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو واحد مقصد آهي.

سندس اهو جواب پڙهي مان هڪ هنڌ ڄمي ويس، هيڏي ساري ڄاڻ ڪنهن کي ٿي سگھي ٿي؟ سوچي سوچي ٿڪجي پيس، ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي. ڪيترائي ذهن ۾ آيل سوال کانئس ميسيج ذريعي معلوم ڪيا، جن مان اندازو ڪري سگھجي ته هوءَ ڪير آهي، پر هر سوال جي جواب ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي پريشاني ويتر وڌنڌي ٿي وئي.  نه صرف پريشاني، پر تجسس پڻ وڌڻ لڳو. ان ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي لاءِ نه چاهيندي به مون ساڻس ميسيجز ذريعي رابطو جاري رکيو..

مان رات جو جڏهن ڪمري جي لائيٽ آف ڪري سمهندو هوس ته پنهنجي موبائيل کي به سائلينٽ تي رکي ڇڏيندو هيس.. ڇالاءِ ته ان اڻڄاتل نمبر تان پوري رات به مختلف وقتن تي شاعري ۽ مختلف ڪوٽيشنس وغيره وارا ميسيجز ايندا رهندا هئا... اهو سلسلو مهينن تائين هلندو رهيو .. هاڻي مان به سندس ڪيل پنجاهه ميسيجز جي موٽ ۾ پنج ميسيج موڪلڻ لڳو هوس.. اهو سوچيو ته صرف ميسيج ڪرڻ ۾ ڀلا ڇا ٿو ٿئي!!

ان وقت آسمان ۾ گجگوڙ سان گڏ کنوڻ به تجلا ڏئي رهي هئي، جڏهن مان پنهنجي دوست اعجاز جي اوطاق تي ويٺو هوس. ڪجهه گھڙين بعد مينهن به تيز وسڻ شروع ٿيو. مان نرم آرامده سنگل صوفا تي ويٺل هوس. اعجاز بينڪ ۾ آفيسر آهي. اسان ننڍي لاءِ جا سنگتي آهيون.. مان اعجاز سان ڪچهريءَ دوران موبائيل تي ايندڙ ميسيجز به پڙهندو رهيس... اعجاز پڇيو:

”يار تون ڪجهه وقت کان موبائيل ۾ ڪجهه گھڻو ئي مصروف نه ٿي ويو آن؟!! ڪير ٿو ڪرئي ايڏا ميسيج ڀائو؟؟“

مان منهن پڪو ڪندي چيو: ”بس مختلف ماڻهو ڪن ٿا .. يار ٽائيم ئي نه ٿو ملي سڄو ڏينهن موبائيل جا ميسيج پڙهجن يا ٻيا ڪم ڪار ڪجن.. بس هاڻي هتي وقت مليو آهي سو ڏسان پيو ويٺو.“

”پر مون کي ائين نه ٿو لڳي“، اعجاز چيو!

”ته پوءِ توکي ڇا ٿو لڳي ڀلا؟؟“

”مون کي لڳي ٿو ڪنهن ڇوڪريءَ جو چڪر آهي.“

هاهاها !! مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو:  ڇوڪرِي ۽ مان !! ڇڏ يار .. مان اهڙو آهيان جو توکان ڪجهه لڪايان؟“

ٻاهر مينهن تيز وسڻ سبب ڇتين جا نيسارا وهڻ لڳا هئا..

مان وس ڪندي به پنهنجي ڪُوڙ کي لڪائڻ لاءِ .. چپن تي آيل مرڪ لڪائي نه سگھيس.. اهو شايد انڪري به ته مان اعجاز کان اڄ تائين ڪابه ڳالهه لڪائي نه هئي..

اعجاز جي پڇيل سوال واري انداز مونکي وڌيڪ ڪُوڙ ڳالهائڻ کان ڄڻ روڪي ورتو..

چيائين: ”الاءِ ڀائو اسان به گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو آهي .. سڄو ڏينهن ٿا ماڻهن سان ملئون. ۽ توکي ته مان هونئن به چڱيءَ ريت ٿو سڃاڻان، سو مونسان چالاڪي ڪيئن ڪري سگھندين!!“

مان هاڻي سنجيده ٿيندي اعجاز سان سموري ڳالهه شيئر ڪرڻ لڳس ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته لڳ ڀڳ سال ٿيڻ تي آهي، هن ڇوڪريءَ جنهن جو نالو انعم آهي، مون سان ميسيجز ذريعي رابطي ۾ آهي. هن مون سان پنهنجي بلڪل ذاتي نوعيت جون ڳالهيون به شيئر ڪيون آهن. ها! مون به کيس پنهنجي متعلق ڪافي ڪجھ ٻڌايو آهي. ڪافي ڳالهيون ٿيون آهن.  هاڻي ته يار منهنجي به عادت بڻجي وئي آهي هوءَ، جيستائين ساڻس ميسيج تي رابطو نه ٿو ٿئي اٻاڻڪو ٿو ٿي پوان..

منهنجي مُنهن ۾ گھوريندي اعجاز پنهنجو سڄو هٿ پنهنجي چپن تي رکي منهنجون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو... ملازم ٽيبل تي ٻاڦ نڪرندڙ گرم گرم ڪافي اچي رکي.... مون سمورو سربستو احوال اعجاز کي ٻڌايو..

پهريون سوال ڪيائين: ”تو نمبر ڇو نه تبديل ڪيو؟“

چيومانس: ”پهرئين سوچيو هو، پر پوءِ دل چيو پڙهيل لکيل ڇوڪري آهي، واندڪائيءَ ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندس وقت سٺو گذرندو..

”پوءِ هاڻي ڳالهه ڪٿي پهتي آهي؟؟“ مون ڏانهن شڪ وارين نظرن سان نهاريندي پڇيائين!!

چيومانس: ”ادا مان هن وقت تائين ساڻس مليو به نه آهيان .. ڳالهايو به صرف هڪ ڀيرو ئي اٿم .. سا به اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته ڇوڪري آهي يا ڪو سنگت- دوست يار.. بس ٻيو ڪجهه به نه!!“

”ته پوءِ هاڻي اهو قصو آخر ڪٿي پورو ٿيندو؟“

”بس ائين ئي جيستائين ان جي شادي نه ٿيندي هلندو رهندو، پوءِ هوءَ نمبر مٽائي ڇڏيندي .. يار ائين منهنجو فري ٽائيم به ڏاڍو سٺو ٿو گذري.. ڀلا صفا ڳالهه حد کان وڌي وئي ته پوءِ نمبر مٽائي ڇڏبو کڻي...“ مون پنهنجي چهري تي اطمينان آڻيندي چيو.

پر تو ته ٻڌايو ته: هوءَ تون سان شادي ٿي ڪرڻ گھري...“ منهنجي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي اعجاز ڪراس ڪوسچن ڪيو..

”ها! پر مان سمجھان ٿو هوءَ اهو صرف ڳالهه ڪرڻ جي حد تائين چوندي آهي ائين ٿيندو ڪونه.“

”ڳالهه ٻڌ ڀائو اڄوڪي ڏينهن ۾ وڃي شرافت سان نمبر مٽاءِ.. نه ته........“ اعجاز سمجهائيندي چيو:

مون وڏو ٽهڪ ڏيندي .. ڳالهه مَٽائيندي چيو: ”يار موسم واهه جي ٿي وئي آ. گاڏي ڪڍراءِ ته سي.ويو تي ٿا هلئون.“

هاڻي مينهن ڪجهه جھڪو ٿي ويو هئو ۽ موسم لاجواب ٿي وئي هئي. هوا ۾ ٿورڙو سيئاندو به محسوس ٿي رهيو هو..

پر اعجاز هلڻ کان لاچاري ڏيکاريندي چيو: نه يار موڊ ناهي ڪنهن ٻئي دفعي...

پوءِ ڀلا مون کي اجازت ڏي. مون اعجاز کان موڪلايو.. تڪڙو تڪڙو گھر پهتس. اهڙي رومانٽڪ موسم ۾ ڪنهن اڻ ڏٺل ۽ تصور ۾ سوچيل حسينه سان رومانٽڪ ڳالهيون ڪرڻ به پاڻ کي رليڪس ڪرڻ جو هڪ بهتر طريقو آهي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکي مان ساڻس ڪچهريون ڪرڻ لڳس. اهي ڪچهريون وڌنديون رهيون...  

هاڻي جنهن ڏينهن ساڻس رابطو نه ٿيندو هو، مزو نه ايندو هو کيس ڪال ڪندو هوس ته اٽينڊ نه ڪندي هئي، ان وچ ۾ مون کيس آزمائڻ لاءِ ٻين به ڪيترن ئي نمبرن تان ڪالز ڪيون، پر هن ڪڏهن به اهي ڪالز اٽينڊ نه ڪيون. ٻين نمبرن تان کيس رومانٽڪ ميسيجز به ڪيا، پر ڪابه موٽ نه ملي.

ان ڳالهه مان مون کي اها دلجاءِ ٿي ته هن جو تعلق صرف مونسان ئي آهي. هوءَ صرف منهنجي ذاتي نمبر تي ئي ميسيج ڪندي هئي. کيس مون هر طرح سان آزمائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جو ڪردار مون کي ڪٿي به ڪِريل نظر نه آيو.

رات جو سمهڻ تائين گُڊ نائيٽَ، صبح جو اٿڻ سان گڊ مارننگ جا ميسيج ايندا رهيا...  ڳالهين ڳالهين ۾ هوءَ مون کي پنهنجو محبوب ڪري پيش ڪندي هئي.. گڏ رهڻ جون ڳالهيون. لانگ ڊرائيو ۽ ڪينڊرل لائيٽ ڊنر جون ڳالهيون... سمنڊ تي هٿ هٿ ۾ ڏئي ڇولين جا مزا ... هاڻي مان صرف ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ نه، پر اڪثر پنهنجي آفيس ۾ ڪم سيڙائي به کيس وقت ڏيندو هوس. مون کي جن ۾ به شڪ هئا، هوءَ انهن مان هڪ به نه هئي..!!

اهو سوال منهنجي ذهن ۾ پهرئين ڏينهن کان ڦِرندو ئي رهيو... پر ڪوبه مطمئن ڪندڙ جواب ڪونه مليو.. مان جڏهن به کانئس سندس باري ۾ اهو پڇندو هوس ته آخر تون پنهنجو مڪمل تعارف ڇو نه ٿي ڪرائين؟ ڪٿي رهندي آهين؟ مونکي ايترو ڪيئن ٿي سڃاڻين؟ يا پنهنجي ڪا تصوير ايس.ايم.ايس يا اي.ميل ذريعي ڇو نه ٿي اماڻين!! ته هوءِ موٽ ۾ هميشه ڳالهه کي تبديل ڪري وٺندي هئي .. بار بار ساڳيو سوال ڪرڻ تي چڙي به پوندي هئي.

هڪ سال ٻه مهينا چار ڏينهن اسان جون ڪچهريون ٿينديون رهيون .. مون ڪيترائي ڀيرا ملڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو، پر ملڻ واري ڳالهه تي کيس ڳالهائڻ ئي پسند نه هو.. چوندي هئي ملنداسين ته پوءِ ڪڏهن به الڳ نه ٿيندا سين.. پر اڄ هُن اوچتو ميسيج ڪيو ته مان توسان ملڻ ٿي گھران... !!

مون کيس تڪڙو جواب ڏنو: ڪڏهن ۽ ڪٿي؟

لکيائين: ”تنهنجي آفيس جي سامهون واري ريسٽورنٽ ۾“

مون لکيو: مان ڪيئن سڃاڻيندس توکي؟

لکيائين: مان ته توکي سڃاڻان ٿي نه! بس توکي هٿ سان اشارو ڪنديس. پر ملڻ کان اڳ منهن جو اهو ئي ساڳيو شرط آهي ته پاڻ ملڻ کانپوءِ ڪڏهن به نه وڇڙندا سين ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته تون. اڄ ئي پنهنجي زال کي طلاق ڏي. طلاق وارا پيپر اتي کڻي اچ مان ٺيڪ چئين وڳي اتي توسان ملنديس...پوءِ پاڻ شادي ڪندا سين.

مان کيس بغير ڪجهه به سوچڻ جي لکيو: ها ٺيڪ آهي.

سندس ميسيج آيو: ”مان توکي ڪنهن ٻئي سان شيئر ڪرڻ نه ٿي گھران جانو.. تون صرف منهنجو آهين.“

مون موبائيل ٽيبل تي رکي اکين تي هٿ رکي ڇڏيا .. سمجھ ۾ ڪجهه به نه ٿي آيو..  هوش خطا ٿي ويا هئا... اها حسينه جنهن سمورو سال خوبصورت ۽ من موهيندڙ ڳالهيون ڪيون هيون، اها اڄ مونسان ملي رهي هئي... جنهن سان ڪيترائي سپنن جا خيالي محل ميسيجز جي ذريعي اَڏيا هئا، سا اڄ پاڻ ملي رهي آهي سا به هميشه لاءِ..... هڪ طرف مان خوشيءَ ۾ نه ٿي ماپيس.... ٻئي طرف سندس لڳايل شرط مٿي ۾ هٿوڙا بڻجي لڳي رهيو هو.. گھڻي دير کانپوءِ اهو سوچي طلاق نامو تيار ڪري ورتو ته اهو صرف انعم کي ڏيکارڻ لاءِ ئي هوندو.. بس! اندر ۾ نه بيان ٿيندڙ اُڻ تُڻ هئي انعم کي ڏسڻ جي... نه ڄاڻ ڪهڙو جادو هو جنهنڪري مون وٽان سوچڻ جي صلاحيت غائب ٿي وئي ... جيئن چار وڳا ته مان روڊ ڪراس ڪري شاندار ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس.. عجيب محسوس ٿي رهيو هو سڀ ڪجهه... طلاق جا ڪاغذ لفافي ۾ وجھي کڻي آيو هوس ... دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي هئي ... ريسٽورنٽ اندر هلڪي روشني هئي. سامهون ڪنڊ تي نقاب ۾ ويٺل پنڪ ڪلر جا ڪپڙا پهريل حسينه مونکي اشارو ڪيو تڪڙا قدم کڻندو سندس آڏو اچي بيٺس. لفافي ڏانهن هٿ وڌايائين .. مون سندس حوالي ڪري ڇڏيو.. هڪ دم کولي ڏٺائين ... پني تي نظرون ڦيريندي سندس نقاب لهي ويو.. ۽  ...  منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي.. وهندڙ پاڻيءَ مان برف جو پهاڙ بڻجي ويس، ها مان ان وقت بُت بڻجي ويس ...  ڇو ته هوءَ منهنجي زال هئي ...

محسن سلطان

ترجمو: ربنواز ڪنڀر

 

اڪيلائيءَ جي بستري تي پَٿاريل سيڄ

 

هو ڪرسيءَ تي ويٺو سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻي رهيو هو. سامهون پلنگ تي هن جي ڪنوارِ ڪنڌ جُهڪايو ان انتظار ۾ ويٺي هئي ته ڪڏهن ٿو سندس گهوٽ هن جو گهونگهٽ مٿي ڪري. رات اوندهه کان گهٻرائجي ڏينهن ۾ تبديل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر هن جو گهوٽ اکيون بند ڪريو، گهريءَ سوچ ۾ ٻڏل، سگريٽ جا وڏا وڏا ڪَشَ هڻي رهيو هو. هن اکيون کوليون ته ننڊ مان فراريت جي ڪوشش ۾ اکيون لال ٿي رهيون هيون.

آخرڪار ڪنوار پاڻ کي سميٽيندي هن جي ويجهو آئي. آهستي سان هن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين:

”ٿڪجي پيو آن، آرام ڪر.“

هو ڇرڪجي اُٿيو. مسڪراهٽ هن جي چپن تان ٿيندي چهري تي نمايان ٿي. چوڻ لڳو:

”خبر اٿئي! هڪ دفعو آءٌ هن کان ڪاوڙيو هئس، هن پنهنجا نازڪ هٿ منهنجن ڪلهن تي رکيا. ان لمحي مون کي احساس ٿيو، زندگيءَ ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻ يا ڪاوڙجڻ ضروري آهي.“

”هاڻي ڪيئن لڳو؟“

ڪنوار زبردستي پنهنجن چپن تي مسڪراهٽ آڻيندي چيو.

”توسان ته مان ڪاوڙيو ئي ناهيان. رُسڻ ۽ پرچڻ جو حق صرف هن کي حاصل آهي. خبر اٿئي هوءَ جڏهن ڪاوڙبي آهي ته سمورو جهان سُڏڪا ڀريندي نظر ايندو آهي. بهار ۾ وڻن مان ساوا پن ڇڙڻ لڳندا آهن، چنڊ ڪارو لباس پائي لڪي ويندو آهي.“

”هوءَ ڇو ڪاوڙبي آهي؟“ ڪنوار پڇيس.

هن مسڪرائي سگريٽ دکائيندي چيو:

”هوءَ جڏهن پرچي پوندي آهي ته ڪائنات کي نوان رنگ ملندا آهن. ان لاءِ هن جو ائين رسڻ ضروري آهي، جيئن خزان کان پوءِ بهار.“

هوءَ هن جو ويجهو آئي. مٿي جا وکريل وار سنوارڻ جي لاءِ، هن جيئن ئي وارن کي ڇُهيو ته هو هڪدم ڇرڪي اُٿيو. هن جي هٿ کي سَٽَ ڏيندي چوڻ لڳو:

”خبر اٿئي پورا ٻاويهه سال منهنجي زندگي هنن وارن جيئن وکريل رهي. هن صرف هڪ دفعو منهنجي مٿي جا وار پنهنجي آڱرين جي ڦڻيءَ سان سنواريا. منهنجو سڄو وکريل وجود سميٽجي هن جي آڱرين ۾ وارن جيئن سنورجي ويو. هاڻي تنهنجي سنوارڻ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو.“

”تون ڪيئن وکرئين؟“

ڇوڪريءَ پنهنجي آواز جي سختيءَ کي لڪائيندي چيو.

هو ڪجهه وقت هن کي اداس نظرن سان ڏسندو رهيو. پوءِ ڪجهه سوچيندي چوڻ لڳو:

”مان پهريون ڀيرو ان وقت وکريس جڏهن هير جي قبر مان خوشبو نڪري اسان جي ڳوٺ ۾ ڦهلجي وئي. مان ان خوشبوءِ کان بچڻ لاءِ سگريٽ ڇڪيندو رهيس. پوءِ سگريٽ ۾ به اها خوشبوءِ اچڻ لڳي. هاڻي منهنجو سمورو وجود اها ئي خوشبوءِ آهي.“

هن سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي چيو:

”۽ ٻيو ڀيرو ان وقت وکريس، جڏهن چناب جي ڪناري انهن دِلن کي ڏٺو، جي انتظار ڪندي ڪندي اس ۾ پچي لال ٿي ويا هئا.“

”مان ته اهي دلا نه ڏٺا.“

ڪنوار پنهنجي چوڙين سان کيڏندي چيو.

”تون ته مون کي به نه ٿي ڏسي سگهين.“ هن مسڪرائيندي جواب ڏنو.

ڏينهن جي روشني آهستي آهستي ڪمري ۾ ڦهلجڻ لڳي. ڪنوار پنهنجي مٿي جو ٽڪو پاڻ لاهيندي پڇيو:

”تو ايترن ماڻهن ۾ اڪيلو ڇو آهين؟“

هن اداسيءَ مان سگريٽ جي دونهين کي گهوريندي چيو:

”منهنجي اڪيلائيءَ کي صرف هڪ ڀيرو موت آيو. جڏهن منهنجي 23 سالگرهه تي ان ڇوڪريءَ ڪارڊ موڪليو. مون دم ٽوڙيندڙ اڪيلائيءَ تي ان ڇوڪريءَ جو ڪارڊ رکيو. خبرناهي ڪيئن منهنجي ڪمري ۾ ڦهليل ويرانيءَ ۽ اُداسيءَ ڪارڊ سوري منهنجي اڪيلائيءَ کي نوان ساهه بخشيا. هاڻي هو سڀئي ملي منهنجي ڪمري ۾ جشن ملهائي رهيا آهن.“ هن ڪمري جو چوڦير جائزو وٺندي چيو.

ڪنوار هن کي ڪاوڙ مان ڏٺو. پوءِ پنهنجن وارن سان کيڏڻ لڳي.

هو دير تائين غور سان هن کي وارن سان کيڏندي ڏسندو رهيو. سگريٽ جو بچيل ٽوٽو ايش ٽري ۾ اڇلائيندي چوڻ لڳو:

”جڏهن مان دنيا جي رنج و غم جي مٽيءَ ۾ ڀڀوتُ هن وٽ ايندو هوس ته هوءَ مون کي اهڙي ئي پاڇي ۾ لڪائي ڇڏيندي هئي، هن جا وار هڪ گهاٽي وڻ جيان آهن، ۽ مان ان مسافر جيان، جيڪو ڏک جي رڻ پٽ ۾ لڳاتار ڇانوري جي تلاش ۾ هلندو رهيو هجي.“

”ته توهان اڃا تائين سراب جي پٺيان ڊوڙي رهيا آهيو.“

ڪنوار پنهنجي چپن تان طنز جو جملو اڇلائيندي چيو:

هن چپن سان سگريٽ لڳايو. کيسي ۾ هٿ وڌو. ماچيس نه مليس. ڪجهه گهڙين لاءِ هن جون اکيون وسامي ويون. پوءِ هو ڪنوار سان مخاطب ٿيو:

”جيڪي شيون وڃائجي وڃن، سي سراب ناهن ٿينديون. ها پر اهو سچ آهي ڪجهه شين جو نعم البدل موجود هوندو آهي ۽ ڪجهه انمول ٿينديون آهن.“ هن ٻيو ماچيس کڻندي چيو.

ڪنوار جي اکين ۾ هاڻي ڳوڙها صاف نظر اچي رهيا هئا. اس منگهه مان ٽپو ڏيئي ڪمري ۾ هلي آئي ۽ هنن ٻنهي جي وچ ۾ ويهي هورڙيان هورڙيان ديوارن سان سُس پُس ڪرڻ لڳي.

دروازي تي هلڪو کڙڪڻ جو آواز ٿيو. جيڪو رڳو هو ٻڌي سگهيو. هن ڪنوار کي ڪلهن کان لوڏيندي چيو:

”کڙڪڻ جو آواز ٻڌي رهي آهين؟ ٿي سگهي ٿو هُوءَ هجي.“

۽ پوءِ تيزيءَ سان دروازي ڏانهن رخ ڪيائين.

هوڏانهن سيڄ تي وکريل گلن مٿان لڙڪن جي شبنم ڪِرَڻ لڳي.

 

حسين مسرت شاهه

انــــصــــاف

 

ياد اٿم اها شام، ڪربلا جي شام کان گهٽ نه هئي. بيوسي، لاچاري ۽ پنهنجي گهر ۾ ويڳاڻپ جو احساس اڄ به لڱ ڪانڊاري ڇڏيندو اٿم. ڪربلا جي رِڻ ۾ لٿل شام جيان شام جو رنگ به لال لهوءَ جيان هو. ان شام اسين قتل ته نه ٿياسين، پر ان شام اسين گهر جا اٺ ڀاتي ڄڻ زندهه زمين ۾ دفن ٿي وياسين. ڳوٺ ۾ اسين ڄڻ ته اڪيلا هئاسين، نه ڪوئي ٻڌڻ وارو نه ڪوئي سڏ ورنائڻ وارو ۽ نه ڪو دانهن ڪوڪ ٻُڌڻ وارو.

هو اوچتو ئي اسان جي گهر ۾ داخل ٿيا هئا. مسلسل گوليون هلائيندا، بندوقون هوا ۾ لهرائيندا، لتن سان اڌ ڀڳل دروازي کي ٽوڙيندا اندر داخل ٿيا هئا. اسان جو ننڍڙو ڪچو گهر هنن جي گوڙ ۽ ڌمڪين سان ڄڻ ؟؟؟ ڪري رهيو هو. بابا ۽ چاچا ڪم سانگي شهر ويل هئا، آءٌ ننڍي ڀاءُ سان کيڏي رهي هيس.

امان ۽ ڀاڄائي کٽ تي رليون وڇائي رهيون هيون، ننڍا ٻار اڱڻ ۾ اديءَ راڻي جي اڳيان ويهي ماني پچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، ادي راڻي ماني به پچائي پئي ۽ ٻارڙن سان ڳالهيون به ڪري رهي هئي، پر هينئن اوچتو اسين سڀ خوف وچان ڄڻ ته پنڊپهڻ بڻجي ويا هئاسين، آءٌ ننڍي ڀاءُ کي هنج ۾ کڻي ڇاتيءَ سان لڳائي، امان جي رئي جي پلاند کي جهلي بيٺي هيس. هُو شايد ڌاڙيل هئا، مون اهو خيال ڪيو.

پر غريب جي گهر ۾ ڪهڙو سون لڪل هوندو، جو هُو ڏينهن ڏٺي جو جٿا ڪري آيا آهن. غريب جي گهر ۾ عزت کان سواءِ هوندو به ڇا آهي؟ امان هميشه چوندي رهندي آهي.

هُو هڪ ڪوٺي ۾ هڪ ڇپر واري گهر جي هر ڪنڊ کي شڪاري ڪتي جيان جانچي رهيا هئا، هنن جي نظر جيئن ئي چُلهه جي ويجهو ويٺل اديءَ راڻي تي پئي ته هڪ ڄڻي هن کي ڇڪيو.

ياد اٿم ته ان وقت امان ڏڪي ويئي هئي هُن مون کي پنهنجي پويان لڪائيندي هنن کي هٿ ٻڌي ايلاز ڪيا. منهنجي ڌيءَ کي ڇڏيو! ”ان کي ڇو ٿا کڻو هيءَ ٻار آهي!“

مون خوف وچان انهن کي چتائي ڏٺو ڌاڙيل ته نه هئا هيءُ ته اسان جي پاڙي جا ڇوڪر هئا، ڪرمو، رمو، بخشل وارا، جيڪي روز شام جو موٽر سائيڪل تي چڙهي ڳوٺن جي ڪچن رستن تي دز مٽي اُڏائيندا وتندا هئا. هنن جو ته ڪم ئي هو ماڻهن کي هيسائڻ، ڌمڪائڻ.

هو اديءَ کي ڇِڪڻ لڳا. ادي پٽ تي ڪِري پئي هئي، امان هنن جي پويان لڳي، هنن فائر ڪرڻ شروع ڪيا، اديءَ کي ڪُٺل ٻڪريءَ جيان کنڀي کڻي گاڏي ۾ اُڇلايائون، سڄي ڳوٺ ۾ موت جهڙي ماٺ هئي. هر دروازو بند هو، هنن لوفرن جي دهشت هر گهر تي طاري هئي، هُو جنهن مهل چاهيندا هئا، جنهن گهر مان چاهيندا هئا، ڇوڪريون کنڀي کڻي ويندا هئا. سو ان ڏينهن وارو اسان جي بدنصيب گهر جو هو.

بابا ۽ چاچا شهر مان آيا ته گهر ۾ ماتم لڳو پيو هو، امان ۽ ڀاڄائي روئي رهيون هيون، گهر ۾ ڄڻ ڪو تازو قضيو ٿيل هجي. اسين سڀ ٻار به هراسجي ويا هئاسين.

بابا، ۽ چاچا اوڏي مهل ئي ٿاڻي تي ڀڳا، ۽ سڄي رات هُو گهر نه موٽيا.

فجر ويل واپس آيا اها رات اسان به اڌ جاڳ، اڌ ننڊ ۾ گذاري.

”بابا ادي راڻي کي وٺي نه آيا آهيو؟“ بابا گهر آيو ته پهرين اڳيان وڌي مون پڇيو، بابا جي اکين ۾ لڙڪ هئا، منهن تي نراسائيءَ جا پاڇا.

”پٽ! راڪاسن جو ڏيهه آهي هتي سڀ بگهڙ ٿا رهن، هُو سڀ هڪٻئي سان مليل آهن.“ بابا روئندي وراڻيو بابا پنهنجو پٽڪو لاهي کٽ تي ڦِٽو ڪيو ۽ کٽ جي پائي کي جهلي پٽ تي ئي ويهي رهيو ۽ چاچا به اتي ئي ويٺو.

”ڀاڄائي تون ۽ زيبي وڏيري جي گهر وڃو ۽ وڏيري کي حقيقت ٻڌائي چئوس ته صوبيدار کي چئي ته هُو فرياد داخل ڪري.“

چاچا کيس چيو.

امان چاچي ڏانهن نهاريو، سندس منهن هيڊو ٿيو پيو هو، رات وچ ۾ سڀني گهر ڀاتين جو ڄڻ ته سڄو رت سُڪي ويو هو، ائين ٿي لڳو ته رت پاڻي بڻجي، اکين رستي نڪري ويو هو.

چاچيءَ اتي ڪليءَ تان اجرڪ لاهي، امان کي هلڻ جو اشارو ڪري اڳتي وڌي.

آءٌ اٺن سالن جي هيس، ادي مون کان چار سال وڏي هئي، ان ڏينهن جي ويراني ۽ خوف هميشه منهنجي ذهن تي ڇانيل رهيو، بابا جون اوڇنگارون ڏيئي روئڻ، چاچا جو پرچائڻ سڀ ڪجهه ذهن ۾ هڪ فلم جيان هلندو ٿو رهي. اها خوفناڪ قيامت جهڙي شام اسان جي سڄي زندگيءَ تي طاري ٿي ويئي. ان شام کان پوءِ خوشين ۽ مرڪن کان اسان جي گهر جو رستو ئي ڀلجي ويو، ٻارن راند کيڏڻ ڇڏي ڏنو، بابا ٻاهر شام جو هوٽل تي ڪچهري ڪرڻ ڇڏي ڏني، امان ڀرت ڀرڻ، رليون ٺاهڻ وساري ويٺي، ڀاڄائي مائٽن ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو.

ٻئي ڏينهن جي شام، شامِ غريبان کان گهٽ نه هئي. ساڳيو گوڙ، ٽهڪ، ٺٺوليون ڪندڙ هجوم گهر جي ٻاهران آيو. موٽر سائيڪلن جي گوڙ تي ٻاهر نڪتاسين. هُو اندر داخل ٿيا ۽ اديءَ راڻيءَ کي ڪنهن ڀڳل گڏيءَ جيان اُڇلائي هليا ويا.

امان ڊوڙي وڃي اديءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو. روئيندي پٽون پاراتا ڏيندي چوڻ لڳي: ”ظالمو اسين ڪورٽ وينداسين، اسان جو انصاف ضرور ٿيندو..“ هڪ ماڻهو پٺيان نهاريو ۽ پستول ڏيکاريندي ٺٺوليندي چوڻ لڳو.

”پوڙهي! جيڪو ڪرڻو اٿئي وڃي ڪر!“
پوليس به اسين آهيون جج به ۽ وڪيل به اسين آهيون، ڀلي وڃي انصاف لاءِ ڌڪا کاءُ ٿيندو اهو جيڪو اسين چاهينداسين؟“ هو ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيندا هليا ويا.

هڪ دفعو وري گهر ۾ روڄ راڙو ته هو، ماتم هو، اديءَ کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ جتن ٿيڻ لڳا.

ادي هوش ۾ اچڻ شرط دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳي، هن جو جسم زخمي هو، هُن جو روح زخمي هو، هوءَ سڄي ڏڪي رهي هئي. آءٌ ان وقت سمجهي نه سگهيس ته منهنجي ڀيڻ هڪ رات اندر زندگيءَ جي ڪيتري اذيتناڪ تجربي مان گذري آهي.

آهستي آهستي ڳوٺ جون عورتون گهر ۾ اچڻ لڳيون.

پوليس اسٽيشن جا چڪر اسپتالن جا چڪر، ماڻهن جون ڳالهيون، امان، بابا جو روئڻ آهستي آهستي اديءَ سان ٿيندڙ حادثي کي واضح ڪندا ويا.

اندر ۾ پلجندڙ نفرت، مون کي ساڙيندي هئي. اديءَ جو هي بيهوش و حواس وجود، اندر کي چيچلائي ڇڏيندو هو. سوال ئي سوال هئا، بي رحم مجرمن کي پوليس جي پٺڀرائي حاصل هئي.

هنن جون ڌمڪيون هر وقت ڪنن ۾ گونجنديون هيون.

هڪ ڏينهن کوڙ ساريون عورتون شهر مان آيون، انهن اچي اسان جي ننڍڙي ڳوٺ جي گهٽين ۾ احتجاج ڪيو، ماڻهن کي ان ظلم کان آگاهه ڪيو ۽ سرڪار کي اپيل ڪئي ويئي.

پوليس ۾ ڦڙڦوٽ پئي، ڪجهه جوابدار گرفتار ٿيا، اديءَ جو چيڪ اپ ڪرايو ويو.

انهن ڏينهن ۾ خوشيون گهر مان موڪلائي ويون هيون، حادثن، وقت کان اڳ وڏو ڪري ڇڏيو هو.

آءٌ به امان ۽ اديءَ سان گڏ ويهي روئيندي هيس.

ادي راڻي اندر ۾ ڳرندي ويئي، ڊپ هن جي منهن تان لهندوئي نه هو. هوءَ رات جو ننڊ ۾ دانهون ڪري اُٿي ويهندي هئي.

”نه! نه! مون کي ڇڏيو مون کي ڇڏيو!“

اديءَ جي رڙين تي سڀ جاڳي پوندا هئاسين، جڏهن عدالت ۾ ڪيس هليو ته اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون.

ڪرمون، رمو، ۽ بخشڻ کي اديءَ سڃاتو ٻين به ڏٺو پر هو ڏاڍا هئا. جيل جون شيخون هنن کي گهڻو وقت روڪي نه سگهيون، زندگيءَ اهو سيکاريو ته غربت به ڏوهه آهي ۽ اهوئي اسان جو ڏوهه هو، ۽ هيءُ فرياد داخل ڪرڻ ڏوهه ڪونهي، پر ان ڏوهه جا ڏوهاري بڻجي ڏاڍن جا ستم سهندا رهياسين.

هُنن جا ماڻهو، روز دروازي تي اچي ڌمڪيون ڏيئي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ چوندا هئا.

بابا ۽ چاچا ڪنهن به قسم جي فيصلي ڪرائڻ، پئسا وٺڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هُو ضمانت تي جيل مان آزاد ٿيا ته اچڻ سان ڳوٺ ۾ ۾ فائرنگ ڪئي تنهن ۾ بابا بچي ويو، پر ٻيا اسان جا مائٽ زخمي ٿيا.

ان ڏينهنِ ۾ به پاڻ کي ڏاڍو هيڪلو سمجهيوسين جڏهن بابا، امان کي ڳوٺ ڇڏڻ لاءِ چيو هو: ”رحمت هاڻ پاڻ کي هت رهڻ نه ڏيندا، هتان لڏي هلڻو پوندو.“  بابا جي آواز ۾ بيوسي ۽ ڏک هو.

”راڻيءَ جا پيءَ! اهو وري ڇا ٿو چئين؟“

امان پنهنجي مٿي تي ڌڪ هڻندي چيو.

”پوءِ ڇا ڪريان! توهان سڀني کي مارايان؟ ڏوهي ته بُکين ڪُتن جيان پيا ڦِرن، هنن کي ته چوڻ وارو ڪوبه نه آهي! بابا ڏک ۾ چيو.

پوءِ انصاف جي آسري تي گهر ڇڏيوسين، ڳوٺ ڇڏيوسين، بابا ٻه مينهون ۽ هڪ ٻڪري به وڪڻي ڇڏي.

پر! ڏوهاري هر قانون کان طاقتور نڪتا، ها! جيڪڏهن هنن کي ڊپ هجي ها ته هو شايد ائين اديءَ کي کڻي نه وڃن ها! هنن کي خبر هئي ته انصاف سندن گهر جو غلام آهي، هنن کي خبر هئي ته ڇوڪريءَ جو ائين ڪنهن به گهر مان کڻڻ عام رواجي ڳالهه آهي سو هنن کي پنهنجي شيطاني خواهش پوري ڪرڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ محسوس نه ٿي.

رڪاوٽون، تڪليفون ۽ آزمائشون صرف اسان جي حصي ۾ آيون، ڀوڳنائن جو سفر اسان جو نصيب بڻيو.

فرياد داخل ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ، ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ڏکيائي.

انصاف جي آسري ۾ ناانصافيون ڀوڳيندا رهاسين، ڳوٺ ڇڏي اچڻ کان پوءِ، ادي راڻي ڪجهه ڳالهائڻ ٻولهائڻ شروع ڪيو، پر جڏهن به ڪورٽ ۾ بيان لاءِ ويندي هئي ۽ ڏوهاري جيان هن کان ڪٽهڙي ۾ بيهاري پڇا ڪئي ويندي هئي ته پوءِ اهو ڏينهن، اها رات اسين جاڳي گذاريندا هئاسين، اها ڪاري رات، اُهي وحشي جانور هن جي دل ۽ دماغ تي تري ايندا هئا، هُو روئندي هئي، امان به لڙڪ روڪي نه سگهندي هئي، سڄو سال اسان جي گهر ۾ ماتم جاري رهيو، ۽ اسين پنهنجي گهرن ۾ ڏوهارين جيان هيسيل ۽ ڊنل رهياسين، دانهون، ڪوڪون بي اثر رهيون، اخبارن ۾ ليک، ٽي.وي تي اپيلون ڪارگر نه ٿيون، ڪيس اُتي ئي رهيو ڏوهاري ڏاڍ جي نشي ۾ مست آزاد گهمندا رهيا.

اسان جي اپيلن سان هڪ دفعو وري به قيامت اسان جي گهر تي ڪڙڪي.

ادا رحيم ۽ بابا صبح جو گهران نڪتا ته وري پيرن تي هلي گهر نه پهتا. بابا رت ۾ ڳاڙهو هو ۽ ٻه ماڻهو ان کي گهليندا آيا ۽ ادا ماڻهن جي ڪلهن تي هو، رستي تي ويندي انهن ادا ۽ بابا کي روڪيو ۽ آخري دفعو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو: پر ادا رحيم انهن آڏو بيهي رهيو ۽ چوندو رهيو ته: اڙي! بزدل اسان کي ڌمڪيون ٿا ڏيو، قانون کان ڊڄو نه ٿا، اچو ڪورٽ ۾ ته خبر پوندوَ اسين ڪابه سوديبازي نه ڪنداسين اسان جو انصاف ضرور ٿيندو.“ ادا ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندو رهيو.

۽ پوءِ گولين جا وسڪارا هن مٿان ٿيا، گوليون سيني ۾ ادا کي لڳيون. ادا کي بچائيندي بابا به زخمي ٿيو ۽ هو وري به فاتح بنيا، ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ هُو ادا کي ماري ويا، هُو وس وارا، هُو اختيار وارا هئا ۽ امان جيان، پاڄائيءَ جي ماتم کي به ڪنهن نه ڏٺو، گهر جي ويراني ۽ تباهيءَ تي نه زمين ڌُڏي نه آسمان ڦاٽو.

عدالت ۾ گواهي ڏيڻ لاءِ ڪير به تيار نه ٿيو، بابا ڄڻ ته جيئري مري ويو. ڌيءَ لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتو ته پُٽ به ڦُرجي ويس.

گهر ڄڻ ته قربستان بڻيل آهي، سالن پڄاڻان، اڄ به گهر جي خاموشي ختم نٿي ٿئي، بابا ۽ چاچا وس وارن ڏانهن ويندا ٿا رهن، ڪيس هلندو ٿو رهي، پر اسان جو رُسيل خوشيون واپس نٿيون اچن.

ادي راڻيءَ جا ڏوهاري ۽ ادا رحيم جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ جو انتظار اسان سڀني جي اکين ۾ وسي ٿو، انصاف حاصل ڪرڻ جي اميد ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ جو خوف به زندهه آهي. ادي راڻي ته سڪتي ۾ آهي نه ڳالهائڻ نه ٻولهائڻ هوءَ زندهه لاش آهي، جنهن ۾ انصاف خبر نه آهي ته ڪڏهن ملندو به يا نه؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com