سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :7

ميرزا فياض علي بيگ

بزم ِ خليل

بزم ِ خليل جو سرواڻ

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘

بزمٖ خليل جو شمار سنڌ جي ناميارين بزمن ۾ ٿئي ٿو. هِن بزم جو باني ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ هو، جنهن غزل کي زور وٺائڻ خاطر هيءَ بزم سال 1948ع ۾ قائم ڪئي. بزمٖ خليل طرفان هڪ ئي وقت ۾ سنڌي، اردو ۽ فارسي زبانن ۾ طرحي ۽ غيرطرحي مشاعرا ٿيندا هئا، جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا غزل گو شاعر پنهنجا غزل اچي پڙهندا هئا.

بزمٖ خليل سال 1948ع ۾ قائم ٿي ۽ سال 1966ع تائين باقاعده قائم رهي. اُن زماني ۾ ڊاڪٽر خليل ويسٽ ڪچا حيدرآباد ۾ رهندو هو، جتان سال 1966ع ڌاري لڏي وڃي لطيف آباد نمبر-2 ۾ رهيو. جنهن ڪري اِهو سلس 1972ع تائين مس هليو ۽ پوءِ هميشه جي لاءِ منقطع ٿي ويو! جنهن جا منهنجي خيال ۾ ٻه سبب آهن: هڪڙو سبب اِهو ته، شاعرن جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ سان دلچسپي گهٽجي وئي ۽ ٻيو سبب اِهو آهي ته، ڊاڪٽر صاحب شهر کان پري وڃي رهيو ۽ ڪيترن شاعرن ايڏو پنڌ ڪري فقط شعر پڙهي وهه واهه ٻڌي، ايترو پري وڃڻ کان نٽائيندي مشاعري ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو. جنهن ڪري بزمٖ خليل اٽڪل 25 سال خوب مشاعرا ڪندي 1972ع ۾ پڄاڻي کي پهتي.

ڪجهه ڏينهن ٿيندا ته، مون دوران ڪچهري، اِهو ذڪر پنهنجي پٽ ميرزا دبير سان پئي ڪيو. جيڪو ٻڌي، منهنجي ڀاءُ ميرزا منظو علي بيگ مون کي چيو ته، اوهان کي جڏهن بزمٖ خليل جي باري ۾ ايتري معلومات آهي ته پوءِ اهو سڄو احوال شاعرن جي نالن، پارن پتن ۽ جيڪي شعر ان مشاعري ۾ پڙهيا ويا، ان سميت مڪمل لکي ڇڏيو. ڇو جو اِها به حيدرآباد ۾ ٿيندڙ مشاعرن جي هڪ دور جي اهم تاريخ آهي، جنهن جو قلمبند ڪرڻ علمي، ادبي ۽ تاريخي طور اوهان تي فرض آهي ۽ اِهو علمي ادبي سرمايو سنڌي قوم تائين پهچايو. منظور علي جي ان بهتر صلاح کي مڃيندي قلم کنيو اٿم. جيئن ته ڪم تمام مشڪل آهي، پر همت مردان مدد خدا جي چواڻي موجب ان مشڪل ڪم ۾ هٿ وڌو اٿم. دعائي خليل سان رب پاڪ  ڪاميابي عطا ڪندو.

بزمٖ خليل جي قائم ٿيڻ کان اڳ حيدرآباد ۾ جيڪي محفلون ۽ بزمٖ مشاعره قائم ٿيا، تن جو اختصار سان ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجھان! ته جيئن، پڙهندڙن کي اهو به معلوم ٿئي ته حيدرآباد ۾ ڪڏهن کان اِهي محفلون ۽ بزمٖ مشاعره شروع ٿيا.

حيدرآباد ۾ پهرين پهرين مشاعرن جي ابتدا فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جي دور حڪومت ۾، لڳ ڀڳ 1790ع ڌاري شروع ٿي. ٽالپر حڪمرانن جي درٻار ۾ سنڌ، هند ۽ ايران جا ڪيترائي شاعر، عالم ۽ اديب اچي گڏ ٿيا ۽ باقاعده شعر و شاعري جي محفل مچي وئي. هر ڪو شاعر پنهنجي علمي استطاعت سان پاڻ کي موکي رهيو هو. هيءُ دور سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ جي بلڪل عروج وارو دور هو. اُن دور ۾ ته ڪيترا شاعر ۽ اديب ايران مان اچي ٽالپرن جي درٻار ۾ سهڙيا. سڀني جو زور فارسيءَ تي! ...۽ سڀ ڪو فارسي زبان ۾ زور بيان ڏيکاري ٽالپرن کان انعام اڪرام، خلعتون ۽ جاگيرون پيو حاصل ڪري! اِهو دور 1790ع کان شروع ٿيو ۽ فيبروري 1843ع تي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو.

هِتي هڪ ڳالهه لکندو هلان، جيڪا دلچسپي سان گڏ تاريخي به آهي. 52 سال برابر ٽالپرن جي درٻار عالمن، شاعرن ۽ اديبن سان سٿيل ۽ سنواريل رهي؛ پر افسوس! جو انهن ٻاونجاهه سالن ۾ ڪهڙا ڪهڙا عالم، شاعر ۽ اديب اُن ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ انهن درٻار ۾ ڪهڙا شعر پڙهيا؟ اُن جو ڪوبه احوال نه ٿو ملي!! سواءِ چند شاعرن ۽ هڪ ٻن شعرن جي، باقي سڄو خانوخالي نظر ٿو اچي!! نه اهڙو ڪو احوال تذڪري يا تاريخ جي صورت ۾ لکيو ويو ۽ نه ئي ڪٿي ياداشت طور ڪا اهڙي يادگار لکت لکي ويئي، جنهن مان ان ٻاونجاهه سالن جي علمي ادبي تاريخ جي پروڙ پئجي سگهي. اُن ٻاونجاهه سالن ۾ علمي، ادبي ۽ تاريخي طور جيڪي ڪجهه ٽالپرن جي درٻار ۾ پڙهيو ويو، سو يا ته قلعي جي چؤديواري ۾ ئي سمائجي ويو يا وري اڏوهي جو کاڄ ٿي وڃي دريا حوالي ٿيو. باقي جيڪو بچيو سو وري ڪٻٽن تائين محدود رهيو آهي! ممڪن آهي ته ڪنهن سڄڻ کي ان بابت ڪا معلومات هجي ۽ وٽس ڪو تحريري مواد پڻ هجي، سو خدا بهتر ٿو ڄاڻي؟ باقي مون کي ان باري ۾ ڪا به تاريخي ۽ تحقيقي تحرير يا مواد نه ملي سگهيو آهي.

ٻي محفل مشاعره سنڌ جي مشهور مرثيه نگار ۽ مرثيه خوان ميرزا فتح علي بيگ ’فتح‘ 1850ع ۾ پنهنجي تعمير ڪرايل امام بارگاهه علي آباد ۾ شروع ڪرائي. جتي پاڻ ايام محرم جي مجلسن ۽ خوشي جي محفلن کان علاوه هر جمعرات تي محفل يا مجلس جو سلسلو پڻ قائم ڪيو. جنهن ۾ حيدرآباد، خيرپور، ٺٽو، سکر، روهڙي ۽ سنڌ جي ٻين مقامات مان ڪيترائي عالم ۽ شاعر شريڪ ٿيڻ لڳا.

اِهو آغاز ٿيو ته 1850ع کان شروع، پر ان زور 1863ع ۾ ورتو. ان دوران لکنؤ مان مولانا سيد ابوالحسن لکنوي کي مير حسن علي خان ٽالپر گهرايو، جيڪو امام بارگار علي آباد ۾ رهندو هو ۽ سنڌ جو مايه ناز غزل گو شاعر سيد غلام محمد شاهه ’گدا‘ به انهيءَ دور ۾ ئي اچي ٽنڊو آغا ۾ ميرزا فتح علي بيگ وٽ رهيو. جن جي اچڻ سان ڀرپور نموني علمي، ادبي ۽ شعر و شاعري جون محفلون ٿيڻ لڳيون ۽ سال 66-1865ع ڌاري مولانا ابوالحسن لکنوي ۽ گدا شاهه جي خواهش ۽ مشوري سان امام بارگاهه علي آباد ۾ بزمٖ فتح پڻ قائم ٿي.

اِهوئي دور هو، جو مير حسن علي خان ٽالپر مولانا سيد ابوالحسن لکنوي کي هندوستان ۾ موڪليو، ته اردو جي نامور مرثيه گو شاعرن ميرزا دبير ۽ مير انيس کي اسان جي دعوت تي سنڌ ۾ وٺي اچو. مولانا صاحب مير انيس سان مليو ۽ کيس مير صاحب جو پيغام ڏنو. جنهن تي هن ان وقت هندوستان ۾ نامساعد حالات سبب سنڌ ۾ اچڻ کان معذرت گهري ۽ تحفي طور بطور يادگار پنهنجا سلام، مرثيه ۽ پنهنجي هڪ تصوير مولانا صاحب هٿان ميرصاحب ڏي ڏياري موڪلي. مير صاحب اهي مرثيه ۽ سلام پاڻ پڙهي، پوءِ ميرزا فتح علي بيگ کي ڏنا ۽ مير انيس جي تصوير پڻ کين ڏني، جيڪا ميرزا عباس علي بيگ سال 1970ع واري ”ماه نؤ“ رسالي ۾ شايع ڪرائي.

جڏهن مولانا صاحب، ميرزا دبير سان مليو ۽ کين مير صاحب طرفان سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني ته، ميرزا صاحب اِها دعوت قبول ڪئي ۽ مولانا صاحب سان گڏجي حيدرآباد سنڌ ۾ آيو. جتي پاڻ مير حسن علي خان ٽالپر سان مليو ۽ مير صاحب جي خواهش ۽ ميرزا فتح علي بيگ جي دلي تمنا تي ميرزا دبير امام بارگاهه علي آباد ۾ تقريباً 6 مهينا مهمان ٿي رهيو. هندستان جي هِن ٻن نالي وارن مرثيه گو شاعرن کي سنڌ جي ادبي ايوان ۽ مذهبي ميدان ۾ ميرزا فتح علي بيگ ۽ مير حسن علي خان ٽالپر روشناس ڪرايو.

بزمٖ فتح پاران ٿيندڙ محفلن ۽ مشاعرن ۾ حمد، نعت، قصيده و منقبت، سلام ۽ مرثيه پڙهيا ويندا هئا. پر سال 72/1870ع  ڌاري گدا شاهه جي چوڻ تي بزمٖ فتح طرفان غزليه مشاعره به ٿيڻ شروع ٿيا. جنهن ۾ گدا شاهه جي بيحد اصرار ۽ خواهش تي ميرزا فتح علي بيگ جي ٻن پٽن ميرزا غلام حيدر بيگ ’قنبر‘ ۽
ميرزا قاسم علي بيگ غزل چوڻ ڏي توجهه ڏنو. اهي غزليه مشاعره ميرزا غلام حيدر بيگ جي اوطاق جيڪا ٽنڊو آغا ۾ آغائي سيدن جي مسجد جي اُڀرندي طرف هئي، اُن ۾ ٿيندا هئا. جتي آخوند محمد قاسم هالائي، فقير محمد عاجز، غلام محمد شاهه گدا، ميان امام علي ’رهي‘، سيد غلام مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي ٺٽوي‘ ۽ ٻيا شاعر شريڪ ٿيندا هئا. پوءِ ميرزا ٻڍل بيگ ۽ ميرزا دوست محمد بيگ پڻ انهن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا. اهي مشاعره 1905ع ۾ سيد غلام محمد شاهه گدا ۽ ميرزا قاسم علي بيگ جي انتقال ڪري وڃڻ بعد ختم ٿي ويا. پوءِ سال 1906ع کان 1916ع تائين ميرزا ٻڍل بيگ پنهنجي اوطاق ۾ غزليه مشاعره ڪرايا.

اِهو غزليه مشاعرن جو سلسلو چڱي جاءِ والاري ويو ۽ نتيجي ۾ هِن خاندان ۾ ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا دوست محمد بيگ، ميرزا قربان علي بيگ، ميرزا حسين علي بيگ ۽ ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ بهترين غزل گو شاعر ٿيا. بعد ۾ وقت به وقت ٻيا به بهترين غزل گو شاعر پيدا ٿيندا رهيا ۽ هنن تمام سٺا غزل چيا آهن. راقم الحروف ”غزلن جي گونج“ جي عنوان سان پنهنجي خاندان جي غزل گو شاعرن جو تذڪرو ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ تقريباً ڇهه صاحب ديوان شاعر موجود آهن. خود راقم الحروف 3 غزليه ديوان مڪمل ڪيا آهن، جن ۾ هڪ هزار کان به مٿي غزل آهن.

سال 1970ع ۾ سيد احسن الهاشمي ٽنڊو آغا ۾ اچي رهيو. پوءِ ان جي ساٿ ۾ امام بارگاهه ۾ مذهبي توڙي غزل جا بهترين مشاعره پڻ ٿيا. هڪڙو غزليه طرحي مشاعرو سال 1974ع ۾ جناب مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن جي طرحي مصرع هئي:

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾

اِهو سلسلو سال 1850ع کان شروع ٿيو ۽ اڄ 2012ع اچي ختم ٿيو آهي، ان حساب موجب 162 سالن کان بلاناغه امام بارگاهه علي آباد ۾ طرحي ۽ غيرطرحي مشاعره ٿيندا پيا اچن.

سال 1882ع ۾ غزل جي شهنشاهه مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ پنهنجي بنگلي ٽنڊو حاجي مير نورمحمد (موجوده لطيف آباد نمبر-4) ۾ غزليه مشاعره شروع ڪرايا. جنهن ۾ سڄي سنڌ جا نامور غزل گو شاعر شريڪ ٿيندا هئا. اِها بزم ”بزمٖ سانگي“ جي نالي سان مشهور هئي. بزمٖ سانگي طرفان 1882ع کان 1912ع تائين مسلسل سنڌي غزلن جا يادگار مشاعرا ٿيندا رهيا.

قاضي امام علي سال 1883ع ڌاري ٺوڙهي چاڙهي مٿان فقير جي پِڙ لڳ پنهنجي اوطاق ۾ پڻ مشاعره شروع ڪرايا. قاضي صاحب پاڻ ته شاعر ڪونه هو، پر سخن فهم ۽ سخن شناس هو. هن وٽ فقط فارسي ۾ غزل پڙهيا ويندا هئا. گهڻو ڪري عيد برات جي موقعي تي مشاعرن جو اهتمام ڪندو هو. انهن مان ڪيترن مشاعرن جو ڪاروايون اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ ڇپيل آهن. قاضي امام علي، علامه آءِ.آءِ. قاضي جو والد هو ۽ حيدرآباد ۾ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو.

سال 1920ع تائين حيدرآباد ۾ غزل جي پيڙهه پڪي ٿي چڪي هئي. حيدرآباد ۾ ڪيترا لاجواب غزل گو شاعر غزل جي ميدان ۾ نڪري آيا ۽ انهيءَ دور ۾ ناهين ۽ واڍن جي پِڙَ ۾ حافظ حيات شاهه، محمد بخش واصف ۽ ٻين گڏجي بزمٖ مشاعره قائم ڪئي ۽ هر مهيني باقاعده مشاعره ٿيڻ لڳا.

ٽنڊو ولي محمد ۾ وري محمد اسماعيل چانڊيو ’طالب الموليٰ‘ بزمٖ مشاعره قائم ڪئي. جنهن ۾ هن جي عزيزن مان شهمير خان چانڊيو، ماستر خير محمد افقر ۽ ٻيا شاعر جھڙوڪ: محمد صديق مسافر ۽ ماستر پير بخش بشير به شريڪ ٿيندا هئا. ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ ۽ ڊاڪٽر قاضي علي احمد پنهنجي خانگي اسپتال ٽنڊو ولي محمد ۾ کولي. هي ٻئي اعليٰ پايه جا اديب ۽ شاعر هئا، جن انهن مشاعرن کي گهڻو زور وٺايو.

حيدرآباد ۾ اهڙي ريت مشاعرن جو آغاز شروع ٿيو، جنهن ۾ روز بروز ڀرپور واڌارو ايندو رهيو. حيدرآباد جي مشاعرن جي طفيل ئي سڄي سنڌ ۾ مشاعرن جو رواج پيو ۽ جڏهن حيدرآباد ۾ ڪنهن حد تائين بزمٖ مشاعره سرد ٿيڻ لڳي، تڏهن لاڙڪاڻي ۾ بزمٖ مشاعره گرم ٿي. جنهن جي گرمائش سڄي سنڌ جي بزمٖ مشاعره کي گرمائي گرم ڪري ڇڏيو ۽ جعفري خاندان، قادري گهراڻي، حاجي محمود خادم ڀرپور نموني ۾ انهن مشاعرن جو آغاز ڪيو ۽ سنڌ ليول تي هڪ وڏي جماعت ”جمعيت الشعراء سنڌ“ نالي سان قائم ٿي. جنهن جو سرواڻ حاجي محمود خادم هو ۽ ٻيا نامور شاعر ان جا عهديدار ۽ ميمبر هئا. ٿوري وقت ۾ ئي جمعيت الشعراء سنڌ ۾ وڏو مقام حاصل ڪري ورتو. جمعيت الشعراء سنڌ طرفان سڄي سنڌ ۾ مشاعرا ٿيندا رهيا ۽ چئن مشاعرن جون شعر سميت رپورٽون پڻ ڇپيل آهن. ان کان علاوه جمعيت الشعراء سنڌ هڪ ماهوار رسالو ”اديب سنڌ“ نالي به شايع ڪيو، جنهن ۾ تمام بهترين مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا هئا.

ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘

(جواني جي هڪ يادگار تصوير)

اُن دوران ڊاڪٽر خليل به 1922ع ڌاري اشرف شاهه محلي ويسٽ ڪچا حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ صدر بازار حيدرآباد ۾ پنهنجي خانگي اسپتال کوليائين. ڊاڪٽر صاحب کي ننڍي هوندي کان ئي ادبي ذوق هو، جنهن ڪري پاڻ ڪوشش ڪري حيدرآباد ۾ جيڪي به اديب، شاعر ۽ علم دوست هئا، تن سان ملڻ لڳو ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ هر محفل ۽ مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽر صاحب ٿوري ئي عرصي ۾ ادبي دنيا ۾ ڇائنجي ويو ۽ پاڻ هر مشاعري ۾ نمايان نظر ايندو هو. ان وقت حيدرآباد ۾ چڱا خاصا شاعر هئا، جن ۾ هن شاعرانه شعور ۽ شاعريءَ سان چاهه ڏسي هِن فن شاعري تي ٽن جلدن ۾ هڪ ناياب ڪتاب ”رهنمائي شاعري“ نالي لکيو. جيڪي 1935ع، 1936ع ۽ 1948ع ۾ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي  طرفان شايع ٿيا، جن کي شاعرن طرفان سٺي موٽ ملي.

ڊاڪٽر خليل ڪيترن ئي ادبي ادارن ۽ بزمن کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ دلي طرح ڪوشان رهيو ۽ ڪيترن مشاعرن کي هِن گهڻو زور پڻ وٺايو. پاڻ جمعيت الشعراء سنڌ جو مسلسل 12 سال، 1946ع کان 1957ع تائين، صدر رهيو ۽ جمعيت الشعراء سنڌ کي ان پايي تي پهچائڻ ۾ سندس ڪيل خدمتون نمايان آهن. جناب مخدوم طالب الموليٰ به سالن جا سال هِن بزم جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو.

محمد صديق ميمڻ، ميمڻ محلي ۾ مسافرخانه اسڪول جي اُلهندي طرف گهٽي ۾ هڪ جاءِ ۾ مشاعره شروع ڪرايا. جن ۾ محمد صديق مسافر پُرجوش بهرو ورتو ۽ پوءِ ترت 1930ع ڌاري سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي جو اجراع ٿيو، جنهن جو باني محمد صديق ميمڻ هو. هِن اداري طرفان سنڌي ڪتابن جي اشاعت ۽ مشاعرن جو سلسلو شروع ٿيو ۽ وڏي پيماني تي مشاعرا ٿيا، جن ۾ طرحي ۽ غيرطرحي مشاعره ٿيندا هئا. انهيءَ اداري جو صدر ميران محمد شاهه، نائب صدر ڊاڪٽر خليل ۽ سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ هئا. هن اداري حيدرآباد ۾ اشاعتي ۽ مشاعرن جي سلسلي ۾ يادگار خدمتون سرانجام ڏنيون.

سال 1930ع ڌاري ميرزا قربان علي بيگ جي خواهش تي مير نبي بخش خان جي بنگلي ٽنڊو مير محمود حيدرآباد ۾ مير علي احمد خان ادبي نشست قائم ڪئي. جنهن ۾ سرائي محمد موسيٰ ۽ ٻيا حيدرآباد جا چند اديب ۽ ادبي ذوق رکندڙ شريڪ ٿيندا هئا. پوءِ ترت ئي مير صاحب سياست ڏي موڙ کاڌو ۽ اها ادبي نشست برخواست ٿي وئي.

مذهبي طور ميان علي بخش ڀٽي جي اوطاق (دينو جو پِڙ) ۾ مولودن جون محفلون به پنهنجي دور جون يادگار محفلون آهن. ميان علي بخش، سنڌ جي نامور شاعر عبدالله خواب جو والد محترم هو.

سال 1936ع کان انجمن اماميه سنڌ ساليانه جلسا شروع ڪرايا. جن ۾ ميرزا علي محمد بيگ ’مظفر‘،
ميرزا احسن ڪربلائي،  مرزا قنبر علي ۽ ميرزا علي بخش ’ڪوثر‘ جي ڪوششن سان هڪ نشست ۾ مشاعره شروع ڪرايا ويا. ابتدا ۾ فقط مذهبي مشاعره ٿيندا هئا، پوءِ ڪجهه سال قومي نظم مشاعرن ۾ پڻ پڙهيا ويندا هئا.

سيد حاجي شاهه جي درگاهه صدر بازار لڳ هڪ جاءِ ۾ ميرزا فيض علي، ڊاڪٽر خليل ۽ ٻين شاعرن مشاعره شروع ڪرايا. جن ۾ عبدالله ’خواب‘ به شريڪ ٿيڻ لڳو. انهن مشاعرن ۾ سنڌي ۽ اردو شعر پڙهيا ويندا هئا. لونگ ڀڳت جي گهٽي چڙهي ٻن قبرن واري احاطي ۾ غلام محمد عرف نٿو ڦڻي گر مشاعرا ڪرايا ۽ وري ڊاڪٽر قاضي علي احمد جي ڀاءُ قاضي غلام مصطفيٰ، ميان سرفراز واري درگاهه وٽ غزليه مشاعره شروع ڪرايا، جيڪي 5-6 سال باقاعده ٿيندا رهيا.

ٽنڊو آغا ۾ آغا حامد علي ايم. ’انور‘ احمدزئي رهندو هو. هن کي شاعري جي شوق سان گڏوگڏ مشاعرن ڪرائڻ جو به شوق هو. ان سلسلي ۾ هِن چڱو پيسو خرچ ڪري دريائي مشاعره، آفتابي مشاعره، ماهتابي مشاعر وغيره ڪرايا. هن جي مشاعرن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر خليل، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻيا اعليٰ پايي جا شاعر شريڪ ٿيندا هئا.

مخدوم طالب الموليٰ صاحب پڻ پنهنجي حيدرآباد وارن بنگلن ۾ مشاعره شروع ڪرايا، جنهن سان حيدرآباد ۾ مشاعرن ۾ وڌيڪ رونق اچڻ لڳي. انهن مشاعرن ۾ ڪڏهن طرحي ته ڪڏهن غيرطرحي شعر پڙهيا ويندا هئا.

سيد سردار علي شاهه ايڊيٽر روزانه اخبار مهراڻ پڻ اخبار جي دفتر ۾ مشاعره ڪرائڻ شروع ڪرايا. ان اخبار جو دفتر ٽنڊو ولي محمد ۾ هو، ڳچ سال اهي مشاعره ٿيندا رهيا. بلاول پرديسي به ان ڏس ۾ ڪيترائي مشاعرا ڪرايا. ٽنڊو آغا، ٽنڊو مير محمود، ڳوٺ صاحب خان مرڙاڻي ۾ هن طرحي ۽ غير طرحي مشاعره پڻ ڪرايا.

ٽکڙائي سيدن مان ڪيترا سيد جهڙوڪ: اشرف شاهه، اڪرم شاهه ۽ ٻيا پڪي قلعي وارين جائين ۾ اچي رهيا. ٽکڙ جا شاعر سنڌ ۾ مشهور آهن. سيد، ميمڻ ۽ ٻيون قومون جي ٽکڙ ۾ رهندڙ هيون، تن مان ڪيترا بهترين شاعر ٿي گذريا آهن. سيد اسدالله شاهه ۽ ٻيا سادات ۽ سندن متعلقين پڻ قلعي وارين جائين ۾ مشاعره ڪندا هئا.

صدر واري ڪراچي هوٽل ۽ گاڏي کاتي واري سلطان هوٽل ۽ افضل هوٽل شاعرن، اديبن، عالمن ۽ ادبي ذوق رکندڙن جو مرڪز هيون، جتي شعر و شاعري سان گڏ علمي ادبي بحث مباحثا به ٿيندا هئا، تڏهن عابد لغاري، رهبر ڊائجسٽ شايع ڪئي، جنهن جي آفيس قاضي عبدالقيوم روڊ وٽ هئي، هن اتي ماهوار مشاعره شروع ڪرايا ۽ ڪڏهن طرحي ته ڪڏهن غير طرحي مشاعره ٿيندا هئا.

ساڄي کان کاٻي: رئيس ضياء الدين ’ضيا‘، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘ ۽  حاجي محمود ’خادم‘

سال 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ ڪافي لڏپلاڻ ۽ نامساعد حالات سبب ادبي دنيا ۾ ڪنهن قدر ماٺائي اچي وئي. هندوستان مان ڪيترائي شاعر، اديب ۽ صاحبانِ علم و ادب سنڌ ۾ آيا، جن مان ڪيترا مشاعرن جو ذوق شوق رکندڙ هئا. هندوستان ۽ سنڌ جي اديبن شاعرن ۾ ميل جول شروع ٿي وئي ۽ هاڻي از سر نؤ مشاعرن ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي ۽ سنڌي غزل کي زور وٺائڻ خاطر ڊاڪٽر خليل، محمد بخش واصف، ميرزا احسن ڪربلائي ۽ ٻين هم خيال دوستن جي مشوري سان حيدرآباد ۾ سال 1948ع ۾ بزمٖ خليل قائم ٿي. جنهن جو صدر ڊاڪٽر خليل ۽ سيڪريٽري مظفر حسين جوش کي ڪيو ويو.

اِهي مشاعره ڊاڪٽر خليل جي ويسٽ ڪچا واري گهر جي الهندي طرف خالي ميدان ۾ ٿيندا هئا. مشاعرن ۾ سنڌي ۽ اردو جا بلند پايي جا شاعر شريڪ ٿيندا هئا ته سيکڙاٽ نؤ آموز شاعر به شريڪ ٿي شعر پڙهندا هئا، جن جي شاعري جي ڪهنه مشق شاعر دلي طرح سان همت افزائي ڪندا هئا. هر هفتي ڇنڇر جي ڏينهن آچر جي رات سومهڻي ويل عشاء جي نماز بعد مشاعرو شروع ٿيندو هو ۽ اسر جو فجر جي نماز مهل مشاعرو ختم ٿيندو هو. ڪي مشاعره موڪلن جي ڏينهن جي حساب سان ٻين ڏينهن تي به ڪيا ويندا هئا. مشاعري ۾ سنڌي ۽ اردو شاعر شريڪ ٿيندا هئا، جنهن ۾ عمر رسيده بزرگ شاعرن جو تعداد مڙئي سَوايو هوندو هو. جيڪي فارسي جا دلداده هوندا هئا، جنهنڪري مشاعري ۾ هڪ ئي وقت ٽن ٻولين سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ شعر پڙهيا ويندا هئا.

ميرزا گل حسن ’احسن ڪربلائي‘

بزمٖ خليل جا مشاعرا ويسٽ ڪچا، سيد منظور علي نقوي جي مطب شاهي بازار حيدرآباد، مينٽل هاسپيٽل جي لان، روٽري ڪلب، پکا پير درگاهه محمد اسماعيل ماهي جي جاءِ ۽ خليل بلڊنگ لطيف آباد نمبر-2 ۾ ٿيندا رهيا.

بزمٖ خليل ۾ ٿيندڙ مشاعرن جي صدارت لاءِ اُن وقت موجوده شاعرن مان ڪهنه مشق بزرگ شاعرن کي منتخب ڪيو ويندو هو. جن ۾ ڊاڪٽر قاضي علي احمد،  ميرزا احسن ڪربلائي، حاجي محمود خادم، محمد بخش واصف، حافظ بسمل ٽکڙائي، حافظ حيات شاهه، آغا تاج محمد، حافظ احسن چنه ۽ ٻيا چوڻ ۾ اچن ٿا. اردو شاعرن مان مولانا محمد اسماعيل رزي جئپوري، برگ يوسفي، سعيد، قابل اجميري، حمايت علي شاعر، عظيم دهلوي، دانش، صادق دهلوي جا نالا شامل آهن. جڏهن ته هڪڙي مشاعري جي صدارت جوش مليح آبادي پڻ ڪئي.

ميرزا علي بخش بيگ ’ڪوثر‘ ۽

ميرزا حامد علي بيگ ’منظور‘

جڏهن اِهي مشاعرا شروع ٿيا، تڏهن سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ ڪابه شڪررنجي ۽ ناراضگي ڪونه هئي. سڀني ۾ هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ پيار محبت هو ۽ ڪابه نفرت ڪونه هئي. گهڻو ڪري سڀ شاعر بلا تفريق انهن مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. انهن شاعرن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، نياز همايوني، تنوير عباسي، پروانو ڀٽي، سرور علي سرور، عبدالله خواب، مظفر حسين جوش، منظور نقوي، حافظ بسمل ٽکڙائي، محمد بخش واصف، عبدالقيوم صائب، ميرزا احسن ڪربلائي، ميرزا علي بخش بيگ ڪوثر، ميرزا حامد علي بيگ ’منظور‘[1]، ميرزا فيض علي (صدر وارو)، سرائي اميد علي، آغا تاج محمد، قاضي علي احمد، غلام احمد نظامي، حاجي محمود خادم، عطا محمد حامي، حافظ احسن چنه، ضياءالدين ’ضيا‘ ايس. بلبل، غلام حسين اوستو، الطاف حسين شاهه احقر، راشد علي شاهه، آغا عبدالنبي، علي محمد خالدي، بلاول پرديسي، محمد اسماعيل ماهي، رشيد احمد لاشاري، عبدالعزيز قنڌاري، ۽ اردو جي شاعرن مان مولانا محمد اسماعيل رزي جئپوري، برگ يوسفي، عزيز دانش، سعيد، قابل اجميري، حمايت علي شاعر، عظيم دهلوي، صادق دهلوي، خليل بڙودوي ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا هئا. محترم دوست عبدالقيوم ’صائب‘ خليل بڙودوي جي نالي سان گڏ سندس هڪ شعر به ٻڌايو:

ميرزا علي بخش ڪوثر ۽ ميرزا حامد علي بيگ (راقم الحروف جو والد) جي دلي دوست مرزا اسد بيگ جي پٽ مرزا مختار علي پڻ بزمٖ خليل جي هڪ مشاعري ۾ شريڪ ٿي شعر پڙهيو هو.

بزمٖ خليل طرفان مشاعرن سان گڏ و گڏ سال 55-1954ع ڌاري سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ﷥ جو ڏهاڙو به مَلهايو ويو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي ۽ منظور نقوي اسٽيج سيڪريٽري هو. اِهو پروگرام پکا پير درگاهه محمد اسماعيل ماهي جي جاءِ ۾ ٿيو ۽ اُن ۾ شاهه صاحب جي فن ۽ شخصيت تي مقالا ۽ مضمون پڙهيا ويا هئا.

ميرزا سلطان حيدر بيگ

بزمٖ خليل جي مشاعرن ۾ ڪڏهن مصرع طرح ڏني ويندي هئي ته ڪڏهن غيرطرحي مشاعرو ڪيو ويندو هو. سال 1948ع کان 1966ع تائين بزمٖ خليل جا مشاعره وڏي پيماني تي ٿيندا رهيا، پوءِ جڏهن ڊاڪٽر خليل ويسٽ ڪچا مان لڏي لطيف آباد نمبر-2 ۾ اچي رهيو، تڏهن اُتي به هِن بزمٖ خليل جي مشاعرن کي قائم رکيو، جنهن جو آخري مشاعرو 1972ع ۾ ٿيو. اُن مشاعري ۾ آءٌ ۽ منهنجو مامو ميرزا سلطان حيدر بيگ ۽ عبدالقيوم ’صائب‘ گڏجي وياسين ۽ مشاعري ۾ غزل پڙهياسين. مشاعري جي صدارت جناب مخدوم طالب الموليٰ ڪئي، جيڪو ان وقت جمعيت الشعراء جي 23- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ آيل هو. اُهو مشاعرو 3-4 ڊسمبر 1973ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، جنهن جي مڪمل ڪاروائي ”گلدستئه لاڙڪاڻه“ نالي سان جمعيت الشعراء سنڌ، لاڙڪاڻو، جولاءِ 1974ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پريس مان ڇپائي پڌري ڪئي.

11- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس جيڪا 9-10 نومبر 1950ع ۾ هوم اسٽيڊ هال ۾ ميران محمد شاهه جي صدارت ۾ ٿي ۽ ان ۾ مصرع طرح ”قصهء منصور ٿي يا طور جو افسانو ٿي“ ڏنل هئي. ان مشاعري ۾ سڄي سنڌ مان شاعر ۽ اديب آيل هئا، جن جو گروپ فوٽو ماهوار نئين زندگي فيبروري 1964ع ۾ ڇپيل آهي. ان ڪانفرنس جو به بندوبست بزمٖ خليل طرفان ڪيل هو.

پاڪستان بنجڻ کان ڪجهه سال اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪنهن قدر تبديلي اچڻ لڳي ۽ سنڌي شاعري نين صنفن ۽ جديد شاعريءَ سان ڪَرَ موڙڻ لڳي. هاڻي شاعر پنهنجي شعرن ۾ فارسي اکرن، تشبيهن ۽ استعارن وغيره جي جاءِ تي سنڌي اکر استعمال ڪرڻ لڳا، جيڪو طريقو سنڌي شاعرن ۽ شعر جي ذوق رکندڙن ۾ جهٽ مقبول ٿيڻ لڳو. وري اڳتي هلي سال 1955ع ۾ ٽماهي ”مهراڻ“ رسالو نڪتو، ان ۾ پڻ نئين دور مطابق جديد شعر ڇپجڻ لڳا. ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ٿي چڪي هئي.

مولانا غلام محمد گرامي

1970ع واري ڏهاڪي يعني 1961ع/1962ع ڌاري حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ٿي. جنهن ۾ ڪجهه ڪهنه مشق شاعر، اديب ۽ نوجوان ٽهيءَ جا شاعر شريڪ ٿي ڀرپور حصو وٺڻ لڳا. ان ۾ شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي،
نياز همايوني، تنوير عباسي، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا شريڪ هئا ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت کي اڳتي وڌائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون ويون. جنهن ۾ هي ڪامياب ٿيا ۽ ڪافي سنڌي اديب، شاعر، نثرنويس، ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار ان سنگت ۾ شريڪ ٿيا ۽ باقاعده شعر ۽ افسانه وغيره پڙهيا ويندا هئا، جنهن تي صحتمند تنقيدون به ٿينديون هيون. سنڌي ادبي سنگت ۾ شريڪ اديبن ۽ شاعرن جو چڱو خاصو تعداد آهي، جن سڀني جون ڪوششون ۽ قلمي ڪاوشون سنڌي ادب لاءِ نيڪ فال ثابت ٿيون.

سنڌي ادبي سنگت سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي هئي ته بزمٖ خليل به پنهنجون مخلصانه ڪوششون سنڌي شعر و شاعري ۽ ادب کي عام ڪرڻ جون ڪري رهي هئي.

شيخ اياز

سنڌي ادبي سنگت پنهنجي پوري اوج تي پهچي چڪي هئي ۽ بزمٖ خليل خزان ۾ بهاري لڳايو پي آئي ته پوءِ اوچتو الائجي ڪهڙو واءُ وريو جو سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ ڦوٽ پوڻ شروع ٿي. جنهن جي ابتدا ڊاڪٽر خليل ۽ مولانا گرامي جي وچ ۾ ادبي جهيڙي سان شروع ٿي، وڏو ممڻ مچي ويو! هڪ ٻئي کي سوال و جواب ۾ لڳي ويا، جيڪي ان وقت هلال پاڪستان ۽ ڪاروان اخبارن ۾ شايع ٿيندا هئا. هنن ٻنهي جي تنازع ۾ اڃا مس ٺاپر آئي، ته وري بحث جو ميدانِ ڪارزار گرم ٿيڻ لڳو! ٻه شيخ شيڪرجي شينهن ٿي ادبي ميدان ۾ ڪاهي پيا ۽ پوءِ ته دمادم مست قلندر لڳي وئي...! اُهي ٻه شيخ هئا: ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ شيخ اياز! انهن ڏينهن ۾ شيخ اياز جي شاعري جا ٻه مجموعا
”ڀؤنر ڀري آڪاس“ (1962ع) ۽ ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (1963ع) شايع ٿيا. جن تي ڊاڪٽر خليل تنقيد ڪئي. اهو تنقيدي سلسلو هلي رهيو هو، جو مولانا غلام محمد گرامي هڪ طويل مقالو ”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ جي عنوان سان لکيو، جيڪو مهراڻ رسالي 3-2/1964ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ هِن شيخ اياز جو بهتر دفاع ڪيو آهي. ان مقالي جو جواب ڊاڪٽر خليل ۽ شيخ عبدالرزاق ڏنو. ماشاءالله هتي به مدِمقابل شيخ صاحبان ئي هئا! ڊاڪٽر خليل ۽ عبدالرزاق راز کي ان مقالي ۾ ڪي فني اوڻايون نظر آيون، جن ان جو تنقيدي ۽ تحقيقي تجزيو ڪندي جواب ڏنو، جيڪو اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو.

”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ سال 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هڪ تحقيقي مقدمو لکيو. ڊاڪٽر صاحب مقدمه جي صفحي 40 تي لکي ٿو ته ”ڪهڙو نه بهتر ٿئي ها جو هن ڪتاب جي آخر ۾ انهن تنقيدي مقالن ۽ مضمونن کي به ضميمي طور شامل ڪيو وڃي ها جن جو گرامي صاحب به ذڪر ڪيو آهي ۽ جيڪي اُن وقت جي قابل اديبن ۽ شاعرن لکيا هئا.“ بهتر هو به ائين، ته ان مقالي سان گڏ ڊاڪٽر خليل ۽ عبدالرزاق راز جو تنقيدي جواب به هڪ ئي ڪتاب ۾ شايع ٿئي ها ته پڙهندڙن جي اڳيان ٻئي پهلو اچي وڃن ها ۽ ڪتاب جي افاديت وڌي وڃي ها!

اهوئي ادبي بحث هلي رهيو هو، جو سيد سردار علي شاهه ۽ ٻين ڪن اديبن ڏهين رمضان تي محمد بن قاسم جو ڏهاڙو ملهائڻ شروع ڪيو ۽ مهراڻ اخبار ۾ ان سلسلي ۾ مضمون وغيره به شايع ٿيڻ لڳا. هاڻي هڪ طرف ڊاڪٽر خليل، رشيد احمد لاشاري، سردار علي شاهه ۽ چند ٻيا هنن جا هم خيال تعلق رکندڙ اديب ۽ شاعر هئا ۽ ٻي طرف شيخ اياز، مولانا گرامي، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا نئين ٽهي جا شاعر ۽ اديب هنن سان لاڳاپيل هئا، سي بحث کي لڳي ويا، جن سان محترم پير حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻيا وڏا وڏا اديب پڻ شامل هئا. سوال جواب جو سلسلو جاري هو، آخر معاملو مچندي مچندي وڃي ڪورٽ جي ڪٽهڙي تائين پهتو...! خدا ڀلو ڪري علائقه مئجسٽريٽ حيدرآباد مسٽر مجنون صاحب جو، جنهن سڀني کي ڪيسن مان بَري ڪري ڇڏيو.

اِهي سنڌي اديب شاعر جي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا ۽ خليل واري ٽولي کي رجعت پسند ۽ اياز جي طرفدار اديبن شاعرن کي ترقي پسند جا نالا لقب القاب ڏئي هڪ ٻي تي گند اڇلائيندي هڪڙي ڌماچوڪڙي مچائي ڇڏي. جنهن سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ حد کان وڌيڪ ويڇو وجهي ڇڏيو ۽ اهڙو نفرت جو ٻج ڇٽيو جو طرفين هڪ ٻئي کان ٽهي هڪ ٻئي کان بيحد نفرت ڪرڻ لڳا! آخر مولانا گرامي، جنهن کي رب پاڪ جنت ۾ جايون ڏي، ان هڪ قطعه ان سلسلي ۾ لکي اِهو سلسلو منقطع ڪري ڇڏيو:

ادب جي آڙ ۾ الله اڪبر،

چيو سچ فارسي واري ’گرامي‘

ٿي آهي دوستن ۾ گرم جوشي.

جواب جاهلان باشد خموشي.

فريقين جو في الحال جهيڙو ته ختم ٿي ويو، مگر نئين ٽهيءَ ۽ ڪن بزرگن جي دلين ۾ جيڪا نفرت پيدا ٿي، سا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ ختم نه ٿي سگهي آهي. توڙي جو نه اهي بزرگ رهيا ۽ نه ئي اهو دور رهيو! انهيءَ ڳالهه ۾ به ذرو شڪ نه آهي ۽ نه ئي ڪو وڌاءُ آهي، ته سنڌي شاعري ۽ سنڌي ادبي تصنيفات ۾ جيتري محنت ۽ جاکوڙ ڊاڪٽر خليل ڪئي، اوتري ئي محنت شيخ اياز پڻ ڪئي آهي. ٻنهي پنهنجي پنهنجي ليکي سنڌي شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. فرق صرف هنن ٻنهي جي عمر ۽ دور جو آهي. ڊاڪٽر خليل، شيخ اياز کان ٽيويهه سال وڏو هو ۽ نج فارسي دور جي پيداوار هو. هِن جا شاعري ۾ استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ ميان عبدالله فضا جهڙا فارسي جا دلداده ۽ علم عروض جا استاد ڪامل هئا، جن جو اثر هِن جي شاعري تي هو. شيخ اياز، ڊاڪٽر خليل کان ٽيويهه سال ننڍو هو ۽ هِن جڏهن فن شاعري ۾ قدم رکيو، تڏهن فارسي ٻولي سنڌ مان موڪلائڻ جا پورا سانباها ڪري چڪي هئي ۽ سنڌي شاعري نج سنڌي روپ ۾ ڪَرَ موڙي چڪي هئي. ان کان علاوه شيخ اياز جو شاعري ۾ استاد کيئلداس فاني هو، جنهن جي شاعري جو اثر هن جي شعر تي آهي. شيخ اياز نئين جديد دور جي شاعري جو نمائندو هو، جنهن جي شاعري جو تاثر نئين ٽهيءَ جي شاعرن ورتو ۽ جن جي شاعريءَ تي هن جو ڪافي اثر پيو.

ڊاڪٽر خليل ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ تي انهن جي دور ۾ انهن جي استادن جو لامحاله اثر پيو آهي، جيڪو هنن جي شعر مان نمايان آهي. مون ڊاڪٽر خليل جي ڪلام جو ڪافي مطالع ڪيو آهي ۽ سندس ڪليات پڻ مرتب ڪئي اٿم. اهڙيءَ ريت مون شيخ اياز جي به شعري مجموعن جو مطالعو ڪيو آهي. هر هڪ جي منزل پنهنجي آهي، هر هڪ جي پرواز پنهنجي آهي. ڪنهن کي گهٽ ۽ ڪنهن کي وڌ چوڻ يا هنن جي شعرن جو موازنو ڪري پنهنجي طبعيت موافق راءِ ڏيڻ منهنجي خيال ۾ بلڪل غلط بلڪه ٻاراڻي حرڪت آهي.

هِتي مون کي نهايت افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته، هنن ٻنهي محترم ڌرين جي بي صبري ۽ انانيت سنڌي شاعري ۽ سنڌي ادب کي بلڪه سنڌي قوم کي ڪافي نقصان پهچايو. جنهن جي نتيجي ۾ بزمٖ خليل جهيڙن ۽ نفرت جي نذر ٿي پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ختم ٿي وئي! باقي سنڌي ادبي سنگت پڻ ترت تڪڙا تڪڙا قدم کڻي ڪاميابي حاصل ڪري وئي سابه ويچاري آخري پساهن تائين پهچي وئي. ياد رهي ته جي هي حضرات ٿورو دانشمندي ۽ صبر کان ڪم وٺن ها ته بزمٖ خليل به قائم رهي ها، جا سنڌي ادبي سنگت جي ساٿ ۾ رهي سنڌي علم و ادب ۽ شعر و شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي ها، مگر افسوس جو ڪن اسلام جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ ڪن کي ڪفر جو ڪوندو ڪلهي ڪانڌي ڪرڻو پيو. ڪن محمد بن قاسم جي دامن جهلي، ته ڪن راجا ڏاهر جا پلاند جَهليا! نتيجي ۾ نقصان ٿيو ته فقط سنڌي علم و ادب ۽ شعر و شاعري کي، ٻيو ٿيو ڀلو!

انهي سڄي معرڪي ۾ اول کان آخر تائين سنڌ جي بزرگ اعليٰ شخصيت سنڌ جو مشهور ۽ معروف شاعر جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پري رهيو. جنهن جي سعي ۽ ڪوشش سان سڄي سنڌ ۾ وڏي پيماني تي مشاعره ٿيا ۽ پڻ ڪيتريون بزمون قائم ٿيون. ڪيترا بهترين شاعر شاعري جي ميدان ۾ آيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائون. مخدوم صاحب جا توڙي جو انتهائي بهتر تعلقات ڊاڪٽر خليل سان هئا ۽ جميعت الشعراء سنڌ جي پليٽ فارم تي ٻئي گڏ و گڏ نمايان نظر ايندا هئا. اهڙي طرح هن جا شيخ اياز سان به واسطا هئا، پر هن ڪڏهن به هنن کي پنهنجي مشاعرن ۾ مدعو نه ڪيو. ڇاڪاڻ جو هيءُ هميشه اهڙن جهيڙن جهٽن تنازعن کان پاسيرو رهيو ۽ سڀني سان صاحب سلامت وارو رستو رکندو آيو.

اهڙي ريت مرحوم ميرزا احسن ڪربلائي پڻ پاسيرو رهيو. هُن جا ڊاڪٽر خليل سان تمام قريبي تعلقات هئا ۽ مولانا گرامي، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻين سان پڻ ادبي ناطي گهرا واسطا هئا. هيءُ مرحوم پڻ سڀني سان محبت ڀريا تعلقات قائم رکندو آيو. ان دور جو ٻيو نهايت اهم شاعر عبدالقيوم صائب آهي، جنهن جا تعلقات ٻنهي طرفين مخلصانه رهيا. ڊاڪٽر خليل وٽ ويندو هو ته، هو خوش آمديد ڪندو هئس ۽ وري جڏهن مولانا گرامي وٽ ويندو ته، هُو ڀليڪار ڪندو هئس. پڇڻ واري کائنس پڇو ته، صائب صاحب هي ڇا آهي!؟ ته جواب ڏنائين، آئون آزاد اميدوار آهيان. پنهنجي مڙهي پاڻ وسائڻ وارو آهيان، ٻين تي ڪو نه ڀاڙيندو آهيان. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪي شاعر اديب انهن معرڪن ۾ پاسيرا رهي ڪنهن جا به طرفدار ڪونه بڻيا.

بزمٖ خليل جو سڄو رڪارڊ بلڪه ان دور جو اِهو سڄو ادبي سرمايو ڪجهه منظور نقوي صاحب وٽ هو ۽ ڪجهه محترم برگ يوسفي وٽ هو. انهيءَ سڄي رڪارڊ جو ڇا حشر ٿيو، سو ته خدا بهتر ڄاڻي! پر منهنجو خيال آهي ته، اِهو سڄو رڪارڊ هِن صفحهء هستي تان هميشه لاءِ ختم ٿي ويو!

برگ يوسفي اردو جو نامور شاعر هو، پر سنڌي ۾ به شعر چوندو هو، جو تمام بهترين شعر اٿس. هيءُ کل مک هوندو هو. بزمٖ خليل جي مشاعرن جو اهم شاعر هو ۽ منهنجي والد جو دوست هو. جيڪو کيس چوندو هو ته، تون اردو شعرن ۾ ’برگ‘ تخلص آڻ ۽ سنڌي شعرن ۾ ’پن يوسفي‘ تخلص آڻ، ته پاڻ ڏاڍو کلندو هو. منهنجي ڪيترائي دفعا هِن سان ملاقات ٿي، ماڻهو واقعي بهترين هو.

ساڄي کان کاٻي: ميرزا فتح علي بيگ، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل،
ميرزا فياض علي بيگ ۽  ميرزا منظور علي بيگ (تصوير: 22-  ڊسمبر 1974ع)

بزمٖ خليل متعلق آءٌ مٿي جيڪي ذڪر ڪري آيو آهيان، اُن ۾ مون حتي المقدور اُهو ئي ذڪر ڪيو آهي جيڪو مون کي نهايت اهم ۽ ساک رکندڙ اديبن ۽ شاعرن ٻڌايو. جن ۾ بزمٖ خليل جي سرواڻ ۽ منهنجي محترم استاد ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ جو نالو سرفهرست آهي. جنهن پاڻ خود هِن بزم جو ڪافي ذڪر مون کي ٻڌايو ۽ ڪي مصرع طرح جيڪي بزمٖ خليل ۾ ڏنيون ويون، سي پڻ ٻڌايون هيون. ڪجهه احوال وري منهنجي والد مرحوم ميرزا حامد علي بيگ ’منظور‘ ٻڌايو، جنهن پڻ بزمٖ خليل جي ڪيترن ئي مشاعرن ۾ شريڪ ٿي شعر پڙهيا.

بزمٖ خليل جي ٻن بزرگ شاعرن مظفر حسين ’جوش‘ ۽ عبدالله ’خواب‘ کان به ڪجهه معلومات حاصل ٿي ۽ احمد نبي بخش شيخ، جيڪو گهڻو ڪري بزم جي هر مشاعري ۾ شريڪ ٿيندو هو. توڙي جو هيءُ شاعر نه هو، پر علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ هو ۽ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعرن کي دعوت ڏيڻ هن جي ذمي هو. ان مرحوم سان به بزمٖ خليل متعلق گفتگو ٿيندي رهندي هئي. ان کان علاوه مهربان دوست عبدالقيوم ’صائب‘، جيڪو مسلسل بزمٖ خليل جي مشاعرن ۾ ابتدا کان انتها تائين شريڪ ٿيندو رهيو ۽ مشاعرن جو اکين ڏٺو شاهد آهي. پاڻ بزم جي طور طريقي نشست و برخواست، شاعرن، سامعين ڪرام ۽ مصرع طرحن جي پڻ پوري ڄاڻ رکندڙ آهي، جنهن کان پڻ اِن ڏَس ۾ معلومات حاصل ڪيم. ’صائب‘ صاحب کانسواءِ هِن وقت محترم پروانو ڀٽي پڻ انهن مشاعرن جو عيني گواهه آهي، جنهن سان هڪ دفعي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ محترم دوست نصير مرزا وٽ ملاقات ٿي. جتي هِن دوران گفتگو مون کي بزمٖ خليل بابت احوال ٻڌائيندي چيو ته، منهنجي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ بزمٖ خليل ۾ شريڪ ٿيڻ سان شروع ٿي.

 

محترم دوست مرحوم نياز همايوني، جنهن سان اڪثر ادبي بحث مباحثا ٿيندا هئا، ان ادبي سنگت ۽ مسٽر مجنون علائقه مئجسٽريٽ واري حقيقت مون کي ٻڌائي. پاڻ هڪ دفعي ڊاڪٽر خليل جي ادبي ميدان ۾ ڪيل خدمتن کي ساراهيندي چيائين ته، جيڪڏهن ڊاڪٽر خليل پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ترت حيدرآباد ۾ مشاعره شروع نه ڪرائي ها ته سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻيون ادبي بزمون ايترو جلدي حيدرآباد ۾ قائم نه ٿين ها. ڇاڪاڻ جو سنڌي ادبي سنگت جا ڪيترائي شاعر بزمٖ خليل جا شاعر هئا، جن جي شاعري جي اوسر بزمٖ خليل کان ٿي.

بزمٖ خليل جي شاعرن مان مون کي ڊاڪٽر خليل، ميرزا احسن ڪربلائي، ميرزا علي بخش ڪوثر، ميرزا حامد علي بيگ، عبدالقيوم صائب ۽ چند ٻين شاعرن جو ڪلام هٿ اچي سگهيو آهي ۽ ڪن مصرعن تي ميرزا سلطان حيدر بيگ جا چيل غزل به مليا آهن، جن سڀني شعرن جو انتخاب پڙهندڙن جي معلومات خاطر ۽ آئينده محفوظ ٿيڻ خاطر پيش ڪري رهيو آهيان:

ڊاڪٽر خليل جو ٽن ٻولين، سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ غزل

هڪ سوز اهو جنهنجو ته ڪو ساز نه آهي،

هڪ درد اهو جنهن جو ڪو آواز نه آهي.

هر ساهه جي پردي ۾ ته خود تون پيو ڳولين،

هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي.

منهنجي ته نظر آهه رهي عشق ۾ هر سُو،

انداز نظر پڻ نظر انداز نه آهي.

بيڪار ’خليل‘ آهه رهائي جي تمنا،

بازو ۾ اگر قوت پرواز نه آهي.

مصرع طرح: گهڻا وحشت جا نذرانه ٿين ٿا

                                خليل           

هٿن ۾ ڪن جي پيمانه ٿين ٿا،

اکين ۾ ڪن جي ميخانه ٿين ٿا.

رڳو چاڪ گريبان ئي نه آهي،

گهڻا وحشت جا نذرانه ٿين ٿا.

ڪري دنيا سان نفرت ڇو نه انسان،

جڏهن پنهنجا ئي بيگانه ٿين ٿا.

زماني ۾ جي گذرن واقعا ٿا،

’خليل‘ اڳتي سي افسانه ٿين ٿا.

ڪوثر

گهڻا جي عشق ۾ دانه ٿين ٿا،

حقيقت ۾ سي ديوانه ٿين ٿا.

رڳو هڪ قيس ٿيو مجنون نه هو، پر

گهڻا وحشت جا نذرانه ٿين ٿا.

ٿو تڏ ’ڪوثر‘ کي اک ڏيکارين ساقي،

جڏهن پُر تنهنجا پيمانه ٿين ٿا.

منظور/حامد

هٿن کان دور پيمانه ٿين ٿا،

اکين جي سامهون ميخانه ٿين ٿا.

دورنگي آهي دنيا جنهن ۾ يارو،

گهڻا وحشت جا نذرانه ٿين ٿا.

ٿين ٿا روز جت گانا بجانه،

اتي ڪيئي ديو ديوانه ٿين ٿا.

جتي ’منظور‘ ميخانه کلن ٿا،

اتي وارد ته مستانه ٿين ٿا.

تنوير عباسي

وري لبريز پئمانه ٿين ٿا،

وري آباد ميخانه ٿين ٿا.

پَراون کي اتي پنهنجو ڪجي ڪيئن،

جتي پنهنجا ئي بيگانه ٿين ٿا.

غزل ’تنوير‘ ديواني جو ٻڌندين،

خرد وارا به ديوانه ٿين ٿا.

مصرع طرح: نه گھر هن جو ڄاڻان نه گهر نامه بر جو

خليل

وساريل کي پنهنجي ڪري ياد ٿو ڪو،

رکي ئي اٿي درد هر هر جگر جو.

لکي خط اماڻيان ڀلا ان کي ڪيئن مان،

نه گهر هن جو ڄاڻان نه گهر نامه بر جو.

ملائڪ به ان جا ٿيا معترف ها،

’خليل‘ اهڙو هو مرتبو هڪ بشر جو.

ڪوثر

نشانو ٿيو سينو تير نظر جو،

الٰهي تون ڪر خير دل ۽ جگر جو.

کڻي ٿو وڃين خط مگر اي ڪبوتر،

ڪري خير خالق سندءِ بال و پر جو.

ڪو مون جهڙو بيڪس ۽ نادار ’ڪوثر‘،

نه ٻل ٻانهن جو ٿيو نه ٿيو زور زر جو.

منظور/حامد

تون ڄاڻين نه ٿو حال دل جي اندر جو،

سندءِ عشق ۾ ٿي ويس دربدر جو.

مقدر سندم نيڪ ڪيڏو ٿيّو، جو

نه گهر هن جو ڄاڻان نه گهر نه نامه بر جو.

نهاري نه ’منظور‘ ڪنهن ٻي طرف ٿو،

محبت جو تنهنجي مٿيس آ اثر جو.

صائب

اجل آهي مهمان گر ڪنهن بشر جو،

نه چارو هلي ڪيئن ڀلا چاره گر جو.

کڻان ڇو نه ٿورو ڀلا راهبر جو،

نه گهر هن جو ڄاڻان نه گهر نامه بر جو.

فريب مسلسل ۽ صحرا ۽ منزل،

خدا خير ڪج ’صائب‘ بي ثمر جو.

مصرع طرح: هوا بدلي وئي آهه اڄ زماني جي

خليل

هوا بدلجي وئي آهه اڄ زماني جي،

مگر ’خليل‘ نه بدلائي لئي تراني جي.

تباهه ٿي وئي سا شاخ آشياني جي،

جا يادگار هئي منهنجي ڪنهن زماني جي.

ڏسو ’خليل‘ جي وحشت مزاج حالت کي

پڇو قفس جو ٻڌائي ٿو آشياني جي

منظور/حامد

نشاني پنهنجي مٽائي مون آشياني جي،

چمي مون چونٺ اچي تنهنجي آستاني جي.

ويو هُئين ڪلهه تون روٽري ڪلب ۾، اڄ

ڀلي هليو وڃ دعوت ٿئي جيم خاني جي.

زماني ساڻ هلڻ گهرجي هاڻ جو ’منظور‘،

هوا بدلجي وئي آهي اڄ زماني جي.

صائب

فضا عجيب بڻي آهه قيدخاني جي،

اسير جي به فغان ۾ ٿي لئي تراني جي.

نظام دهر سڄو آهه ٿي ويو برهم،

هوا بدلجي وئي آهي اڄ زماني جي.

شباب مثل حباب آهه ’صائب‘ نادان،

لڳي ڇو عشق جي توکي ۽ شادماني جي.

مصرع طرح:  چون ٿا حشر جنهن کي سا نگاه شرمگين هوندي

خليل

عجب لذت انهي ۾ اي دل اندوهگين هوندي،

نگاهه ناز جي بڻڇي جڏهن ٿي دل نشين هوندي.

خرام ناز سان پيدا ٿيا هوندا سوين فتنه،

چون ٿا حشر جنهن کي سا نگاه شرمگين هوندي.

’خليل‘ ان جي ئي ذات پاڪ ۾ رک عفو جي اميد،

جهڪائي جيڪڏهن سجدي ۾ ان جي تو جبين هوندي.

ڪوثر

قيامت دل سندي دنيا ۾ برپا بااليقين هوندي،

چون ٿا حشر جنهن کي سانگاهه شرمگين هوندي.

تو مڃندين ڪينڪي ڪڏهين مگر اي سنگدل تنهنجو،

کڻي خنجر اچي تون آزمائي ڏس مون کي قاتل،

جتي ڀي سنگ در هوندو اتي منهنجي جبين هوندي.

دهان زخم بسمل تي صدائي آفرين هوندي.

لب ڪوثر ملي ’ڪوثر‘ کي ويندو ڪاسهء ڪوثر،

عنايت جيڪڏهن تنهنجي شفيع المذنبين هوندي.

مصرع طرح: دست ساقي مان ڪِريو جام خدا خير ڪري

خليل

درد و غم حسرت و آلام خدا خير ڪري،

هي ٿيو عشق جو انجام خدا خير ڪري.

پنهنجي قسمت به هئي ڪيڏي نه برگشته ڏسو،

دست ساقي مان ڪِريو جام خدا خير ڪري.

ڪعبه ۾ ڪلمون پڙهين ٿو بت ڪافر جو ’خليل‘،

آهه ڇو تنهنجو هي اسلام خدا خير ڪري.

ڪوثر

عشق مون کي ڪيو بدنام خدا خير ڪري،

سر ۾ سودا ڏنو سر سام خدا خير ڪري.

عاشق لال پري جون ڏسي اڄ لال اکيون،

دست ساقي مان ڪريو جام خدا خير ڪري.

بي وفا ۾ ٿو اي ’ڪوثر‘ رکين اميد وفا،

هي خيال آهي سندءِ خام خدا خير ڪري.

منظور/حامد

دست ساقي ۾ ٿيو جام خدا خير ڪري،

ڪيئن پيان آئون مئي گلفام خدا خير ڪري.

مست نظرن جو قسم حسن تبسم جو قسم،

پنهنجي ويجهو ايندو ڏسندي مون کي يارو يڪ لخت،

پنهنجي هٿ ۾ مون وتو جام خدا خير ڪري.

دست ساقي مان ڪريو جام خدا خير ڪري.

منتظر جنهن جي لئي ’منظور‘ هيس سالن کان،

گهر سندم آيو سو گلفام خدا خير ڪري.

مصرع طرح:  آشنائي عجب مصيبت ٿي

خليل

بي وفائي ته جنهن جي عادت ٿي،

تنهن جفا جُو سان ڇو محبت ٿي.

ياس و حسرت الم ٿيا حاصل،

آشنائي عجب مصيبت ٿي.

ڪيئن ڇڏي پوءِ ’خليل‘ تنهن کي وڃي،

جا گهٽي تنهنجي آهه جنت ٿي.

ڪوثر

ڇا ٿيو تنهنجي خوب صورت ٿي،

پر زماني ۾ نيڪ سيرت ٿي.

دل کڻي دلربا هليو پرديس،

آشنائي عجب مصيبت ٿي.

سرس ساري ٿي چغل خورن جي،

هر جا ’ڪوثر‘ انهن جي عزت ٿي.

منظور/حامد

بي مثل يار سان محبت ٿي،

اڻ کٽ يار ساڻ الفت ٿي.

ڪيو منظور ساقي حامد کي،

هيءَ بزمٖ خليل مان ٿي صدا،

ميڪده ۾ سندس جا شهرت ٿي.

آشنائي عجب مصيبت ٿي.

خوب ’منظور‘ مصرع آهي ملي،

آشنائي عجب مصيبت ٿي.

مصرع طرح:  شمع وانگر ڪو ٻري رات گذاري ته سهي

7- جولاءِ 1955ع ۾ بزمٖ خليل طرفان منظور نقوي جي ڏنل مصرع طرح تي سيد منظور نقوي جي مطب ۾ مشاعرو ٿيو.

خليل

دل کي بازي ۾ محبت جي ڪو هاري ته سهي،

جيت ان جي ٿي ٿئي جان جو واري ته سهي.

حال معلوم ڇا پرواني جو ٿيندو ڪنهن کي،

شمع وانگر ڪو ٻري رات گذاري ته سهي.

عار توکي نه ’خليل‘ ان جي اچڻ ۾ ٿيندو،

ها، مگر پنهنجي خطائن کي وساري ته سهي.

احسن ڪربلائي

صبر سان سوز ۾ ڪو پاڻ کي ڳاري ته سهي،

شمع وانگر ڪو ٻري رات گذاري ته سهي.

حُسن شيرين سندو ڪوٺائي ٿو هر ڪو فرهاد،

جان شيرين کي مگر ان تان ڪو واري ته سهي.

سڀ سخندان سڏائين ٿا مگر اي ’احسن‘،

شاهه وانگر به ڪو سنڌي کي سنواري ته سهي.

ڪوثر

نير نيڻن مان شب هجر ڪو هاري ته سهي،

برهه جي باهه کان دل پنهنجي به ٺاري ته سهي.

ڪيئي پروانا اچي زينت محفل ٿيندا،

شمع وانگر ڪو ٻري رات گذاري ته سهي.

وه کي مان ان جي ته امرت جي برابر ڀايان،

پرت مان مون کي اي ’ڪوثر‘ هو پياري ته سهي.

عبدالله خواب

جنهن کي وسري ٿو وڃان ياد ڏياري ته سهي،

ياد جنهن کي ٿو ڪريان مون کي وساري ته سهي.

آهه تڪميل محبت جي گهڻن کي دعويٰ،

شمع وانگر ڪو ٻري رات گذاري ته سهي.

گم ته آهيان جي خيالن ۾ مگر هوش اٿم،

عالم ’خواب‘ مان ڪو مون کي اٿاري ته سهي.

منظور/حامد

وصل جي رات صبر سان ڪو گذاري ته سهي،

وصل جو صبح اهو شڪر سان گهاري ته سهي.

هي صدا آئي ٿي پرواني جي محفل ۾ ڏسو،

شمع وانگر ڪو ٻري رات گذاري ته سهي.

يار قاصد کي چيو آئون اچان پيو، پنهنجو،

چئج ’حامد‘ کي اڱڻ پهرين ٻهاري ته سهي.

سلطان

بحر الفت ۾ ڪوئي پاڻ سنڀاري ته سهي،

ڪشتئ دل کي کڻي پار اڪاري ته سهي.

تيغ ابرو جا مون کي زخم به منظور آهن،

چشم الفت سان مگر هو به نهاري ته سهي.

ٿيا گهڻا طالب ديدار اي سلطان ليڪن،

شمع وانگر ڪو ٻري رات گذاري ته سهي.

مصرع طرح: ڪنهن کي نه پنهنجي دل جو ڪڏهن رازدان ڪجي

خليل

ڳوڙهن کي روڪي هجر ۾ ضبط فغان ڪجي،

طوفان اٿي جو دل ۾ سو اک ۾ نهان ڪجي.

رسوا ٿيڻ گهرين ٿو نه دنيا ۾ جيڪڏهن،

ڪنهن کي نه پنهنجي دل جو ڪڏهن رازدان ڪجي.

مشتاق آهه تنهنجي جبين سجدي لئي جڏهن،

ڳولي ’خليل‘ هٿ ۾ ته ڪو  آستان ڪجي.

ڪوثر

دک درد پنهنجي قوم جو اڄ ڪو بيان ڪجي،

گڏجي انهيءَ جو داروئي درد نهان ڪجي.

آهي ايهو اصول سياست جو اصل کان،

ڪنهن کي نه پنهنجي دل جو ڪڏهن رازدان ڪجي.

سنڌي ادب جي باغ کي ’ڪوثر‘ جي آب سان،

سرسبز رکجي ثانئ باغ جنان ڪجي.

منظور/حامد

محبوب ڪنهن کي پنهنجو اگر آس مان ڪجي،

ان جو مثال ڪنهن کي نه پوءِ آسمان ڪجي.

ڇو عام پنهنجي غم جو ڀلا داستان ڪجي،

ڪنهن کي نه پنهنجي دل جو ڪڏهن رازدان ڪجي.

’ڪوثر‘ به فيضاب ٿيو فيض ’خليل‘ کان،

توصيف ان جي ’حامد‘ شيرين بيان ڪجي.

مصرع طرح: مستي ۾ آهي ساقي گردش ۾ جام آهي

خليل

محفل ۾ ميڪشن جي اڄ ڌوم ڌام آهي،

مستي ۾ آهي ساقي گردش ۾ جام آهي.

محفل سڄي ۾ ساقي محروم مان رهيس،

جو سخت مون کان ورتو تو انتقام آهي.

ٻڌندي ته مست ٿيندي بزم سخن سراسر،

اهڙو ’خليل‘ رنگين تنهنجو ڪلام آهي.

منظور/حامد

بزمٖ خليل ۾ اڄ هي ڌوم ڌام آهي،

مستي ۾ آهي ساقي گردش ۾ جام آهي.

رندن کي پيئڻو اڄ ڪوثر جو جام آهي،

بزمٖ خليل ۾ ٿيو جو انتظام آهي.

’حامد‘ ڪلام آهي رنگين تنهنجو بيشڪ،

رنگين تنهنجو بيشڪ حامد ڪلام آهي.

مصرع طرح: اڃان تنهنجا جلوا ستارن ۾ هوندا

ڪوثر

سرافراز جي نامدارن ۾ هوندا،

سي ئي تنهنجي اميد وارن ۾ هوندا.

شب هجر تارن سان تارن ملي چو،

’خليل‘ اڄ سڏيو دوستن کي ڪلب ۾،

اڃان تنهنجا جلوا ستارن ۾ هوندا.

مزا خوب اڄ قلب وارن ۾ هوندا.

مرصع ڏسي نظم تنهنجا اي ’ڪوثر‘،

سندءِ چرچا اڄ علم وارن ۾ هوندا.

منظور/حامد

جي شامل ٿيا حُسن وارن ۾ هوندا،

اهي خوبتر اڄ نظارن ۾ هوندا.

هليو ويو تون آهين مگر يار جاني،

اڃا تنهنجا جلوا ستارن ۾ هوندا.

رقيبن جي پرواهه ’منظور‘ ناهي،

سڄڻ منهنجا خود پاسدارن ۾ هوندا.

صائب

خم و جام جن جي اشارن ۾ هوندا،

الائي سي ڪهڙن خمارن ۾ هوندا.

يدٖ بيضا ۽ طُور پُرنور ها، پر

اڃا تنهنجا جلوا ستارن ۾ هوندا.

لڪيو هونئن ته ’صائب‘ ڪنارا وڃن ٿا،

لڪل ڪيئي طوفان ڪنارن ۾ هوندا.

تنوير عباسي

ڇڏي منزلون جيڪي ڳوليندا رهبر،

اهي گم سدا رهگذارن ۾ هوندا.

نه هوندا ته دريا ۾ ڀي ڪين هوندا،

جي هوندا ته طوفان ڪنارن ۾ هوندا.

اهو وقت ڀي نيٺ ’تنوير‘ ايندو،

جو افلاڪ پنهنجي اشارن ۾ هوندا.

مصرع طرح: هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي

خليل

هڪ سوز اُهو جنهنجو ته ڪو ساز نه آهي،

هڪ درد اُهو جنهنجو ڪو آواز نه آهي،

هر ساز جي پردي ۾ ته خود تون پيو ٻولين،

هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي.

بيڪار ’خليل‘ آهي رهائي جي تمنا،

بازو ۾ اگر قوت پرواز نه آهي.

منظور/حامد

افسوس مليو مون کي ڪو همراز نه آهي،

ڪنهن ساڻ سَليَم دل جو تڏهن راز نه آهي.

پر سوز ٻڌي منهنجو ته آواز چو بلبل،

هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي.

هر حال ۾ تو ساڻ وفادار رهيو آ،

’منظور‘ مٺا، يار دغا باز نه آهي.

صائب

اڄ ناز جي پاليل کي به ڇو ناز نه آهي،

ڇا، مشڪ جو آهو کي به انداز نه آهي.

اڄ حق کي دٻائڻ جي لئي يار چون ٿا،

هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي.

’صائب‘ تون ڪرين ڪجهه به مگر تنهنجي روش ۾

ڪردار جي غازين جو ڪو انداز نه آهي

سلطان

محفل ۾ ڪو همراهه ۽ همراز نه آهي،

دک درد ٻڌڻ لئي به ڪو دمساز نه آهي.

هي درد جون دانهون به دل زار جون آهن،

هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي.

مون عشق جي ميدان ۾ رکيو سر تهه خنجر،

غيرن چيو سلطان جهڙو جانباز نه آهي.

18- آل سنڌ ادبي ڪانفرنس 8 مئي 1958ع ۾ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ ٿي. جنهن ۾ ڊاڪٽر خليل مصرع طرح ”قصهء منصور ٿي يا طور جو افسانه ٿي“ ڏني. مشاعري جي صدارت حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر هاشم رضا ڪئي، جو ڪجهه وقت ويهي واپس هليو ۽ پوءِ مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر خليل ڪئي. ان ساڳي طرح تي بزمٖ خليل طرفان منظور نقوي جي مطب ۾ مشاعرو ٿيو.

مصرع طرح: قصهء منصور ٿي يا طور جو افسانه ٿي

منظور/حامد

يار کي گلشن ۾ ڏسندي ان تي ويس ديوانه ٿي،

ان کي ويجهو ايندو ڏسندي آئون ويس مستانه ٿي.

مثل مجنون ڪوه صحرا ۾ وڃي ديوانه ٿي،

قصهء منصور ٿي يا طور جو افسانه ٿي.

هوش ۾ جيڪر هجين ’منظور‘ پوءِ ميخانه وڃ،

ائين نه ٿي جو تون وڃي وحشت جو ات نذرانه ٿي.

صائب

گلشن هستي ۾ اي گل صورت پيمانه ٿي،

چشم عالم ۾ رهي تون زينت ميخانه ٿي.

نعره مستانه ٿي يا جلوهء جانانه ٿي،

قصهء منصور ٿي يا طور جو افسانه ٿي.

راند سمجهي کيڏ ’صائب‘ زندگي ۾ موت سان،

سک سبق پرواني کان ۽ خود به هڪ پروانه ٿي.

 

مصرع طرح: منهنجي وطن کي يا رب تسڪين جاودان ڏي

منظور/حامد

هِن گلشن وطن کي ڪو اهڙو باغبان ڏي،

جو گلشن وطن کي ڪو رنگ جاودان ڏي.

آهي خليل جو هي بيشڪ خلوص نيت،

ٿا هيج مان اچن سڀ استاد مهربان ڏي.

’منظور‘ التجا ٿي، ’منظور‘ مدعا ٿي،

منهنجي وطن کي يا رب تسڪين جاودان ڏي.

صائب

يا رب مصيبتن کان تون امن ڏي امان ڏي،

بجلي جو رخ ٿو ڏسجي اڄ منهنجي آشيان ڏي.

قيد قفس ۾ ئي رک يا مون کي آشيان ڏي،

مرغ وطن کي يا رب تسڪين جاودان ڏي.

ديدار يار توکي مطلوب آهه ’صائب‘،

جان بازئ وفا جو پهرين ته امتحان ڏي.

 مصرع طرح:  سڪون زندگي حاصل نه آهي

12- جون 1955ع ۾ بزمٖ خليل طرفان صادق دهلوي جي جاءِ ڪورين جي پڙ ۾ ڊاڪٽر خليل جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو.

ڪوثر

ڪڏهن ڀي شاد منهنجي دل نه آهي،

وفا ڏي دوست جو مائل نه آهي.

شريفن کي ڪڏهن دنيائي دون ۾،

سڪون زندگي حاصل نه آهي.

صدف کي ڏي نه ٿو جي بوند ’ڪوثر‘،

ته دريا خود به دريا دل نه آهي.

منظور

سندءِ ديدار ٿيو حاصل نه آهي،

گهٽيو تڏ منهنجو درد دل نه آهي.

سڪون زندگي حاصل نه آهي،

جو ڪار خير ٿيو اي دل نه آهي.

ملڻ چاهيو اگر ’منظور‘ سان تو،

ملڻ ان سان ايڏو مشڪل نه آهي.

سلطان

پيئڻ مان ڪو مزو حاصل نه آهي،

ديا ڏي دلربا مائل نه آهي.

گهڙي ساعت هي دنيا آهي تنهن ۾،

سڪون زندگي حاصل نه آهي.

شڪسته دل چيو اي دلربا ٻڌ،

سندءِ ’سلطان‘ ڇا گهائل نه آهي.

 

مصرع طرح: جبين آسمان هوندي ۽ تنهنجو سنگ در هوندو

15 مئي 1964ع ۾ سيد منظور نقوي جي ڏنل مصرع تي بزمٖ خليل طرفان مرزا قنبر علي بيگ جي صدارت ۾ ٿياسافيڪل هال حيدرآباد ۾ مشاعرو ٿيو.

ميرزا قنبر علي بيگ حيدري

جنهين محفل ۾ ذڪر شهنشاهه بحروبر هوندو،

انهيءَ محفل ۾ باران ابر رحمت سربسر هوندو.

ضيا نور محمد جو ڪري جي قلب کي روشن،

جبين آسمان هوندي ۽ تنهنجو سنگ در هوندو.

آئون ’قنبر‘ حيدري آهيان لحد ۾ روز محشر ۾،

سندم مولا جي قدمن ۾ ڏسج بندي جو سر هوندو.

سلطان

سراپا سرخرو ماه لقا جو سربسر هوندو،

نگاهه عاشقن ۾ ڄڻ اهو شمس و قمر هوندو.

الٰهي درد دل جي ٿي صدا ٻڌ ٻاجهه سان منهنجي،

جبين آسمان هوندي ۽ تنهنجو سنگ در هوندو.

غبار گرد کي ڏسندي چوي ’سلطان حيدر‘ ٿو،

اهو شايد سندم ماه لقا جو نامه بر هوندو.

صائب

سرود مئي جو هي ساڳيو چٽيل نقشو اگر هوندو،

خدا ڄاڻي ته مطرب ڪيستائين بي خبر هوندو.

مبارڪ سو سمون هوندو جو پوڄڻ لاءِ اي پاپي،

جبين آسمان هوندي ۽ تنهنجو سنگ در هوندو.

ڏسي ’صائب‘ کي محفل ۾ چيو سڀني مٿئين دل سان،

چريو هوندو، کريو هوندو، اهو شوريده سر هوندو.

سال 1972ع ۾ خليل بلڊنگ لطيف آباد نمبر-2 ۾ جناب مخدوم طالب الموليٰ جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو، اِهو بزمٖ خليل جو آخري مشاعرو هو. ان ۾ مولانا غلام محمد گرامي پڻ شريڪ هو.

سلطان

ڏسان ٿو جلوه رنگين شباب شيشي ۾،

جمال ماه لقا انتخاب شيشي ۾.

نگاهه ناز ملائي چيو ٿي ماه لقا،

اچو ڪريون ڪو حساب و ڪتاب شيشي ۾.

اچي چيو سر محفل ڏسو ته ’سلطان‘ جي،

بغل ۾ ماه ٿيو ۽ شراب شيشي ۾.

فياض

نه آ فراق ۾ ساقي شراب شيشي ۾،

ڀريل هي منهنجو آهي خون ناب شيشي ۾.

هر هڪڙي مست جي هو لب تي نالهء بلبل،

شراب شيشي ۾ ٿيو يا گلاب شيشي ۾.

خيال رئڻ جو دل ۾ جو آيو اي ’فياض‘،
طلسم غم ٿي پسايو سحاب شيشي ۾.

راقم الحروف جو اِهو غزل مولانا غلام محمد گرامي صاحب، ايڊيٽر ٽماهي مهراڻ بروقت کانئس ورتو، جيڪو مهراڻ 3/1973ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو.


[1]  ميرزا حامد علي بيگ )راقم الحروف جو والد( پهرين ’منظور‘ تخلص تجويز ڪيو، پوءِ ’حامد‘ تخلص اختيار ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com