شگفته شاهه
آتم ڪٿا
(1) جيون ڪهاڻي
معنيٰ:-
آڪسفورڊ ايڊوانس لرنرس ڊڪشنريءَ ۾ جيون ڪهاڻيءَ (Biography)
جي معنيٰ هن ريت ڏنل آهي:
"The Study of Person`s life Written by So me
body else."
(اها فرد جي حياتيءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪا ڪو ٻيو شخص
لکي ٿو).
ويبسٽري نيوورلڊ ڪاليج ڊڪشنريءَ ۾ آهي ته:
"The Histories of individual lives, Considered
as a Branch of Literature."
(انفرادي حياتين جي تاريخ جنهن کي ادب جي هڪ شاخ
به سمجهيو وڃي ٿو.)
(2) آتم ڪهاڻي:
معنيٰ: ويبسٽرس نيو ورلڊ ڪاليج ڊڪشنريءَ ۾ آتم
ڪهاڻي جي معنيٰ هن ريت ڏنل آهي:
(پنهنجو پاڻ)
Auto:
by oneself or itself
حياتي/ زندگي
Bio:
Life
Graphy:
(1) To Write
(ii) A Process or method of Writing, recording
or repernsenting (in a specific way).
(لکڻ يا اهڙو طريقه ڪار جنهن ۾ ڪا ڳالهه/ شيءِ خاص
انداز ۾ لکجي، رڪارڊ تي آڻجي/ نمائندگي ڪجي.)
Autobiography:
The art or practice of writing one`S own
biography/ the story of one`s own life written
or dictated by oneself.
(آتم ڪٿا/ ڪهاڻي ڪنهن فرد جي پنهنجي حياتيءَ تي/
لکرائڻ جي فن کي چئبو آهي.)
آڪسفورڊ ايڊوانسڊ لرنرز ڊڪشنري ۾ آتم ڪهاڻيءَ جي
معنيٰ هن ريت ڏنل آهي:
The Story of Person`s life, Written by that
person.
(فرد جي پنهنجي لکيل پنهنجي حياتيءَ جي ڪهاڻي.)
وصف:
انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا ۾ جيون ڪهاڻيءَ جي وصف هن
طرح ڏنل آهي:
"Form of non- fictional literature the subject
of which is the life of an individual. In
general, the form is considered to include auto
biography, in which the subject recounts his/her
history. biography Can be Seen as a branch of
history; because it depends on a selective
ordering and interpretation of materials,
written and oral, established through research
and personal collection. it can also be seen as
a branch of Imaginative literature in that it
seeks to convey a sense of the individuality and
significance of the subject through creative
sympathetic insight (1).''
(هيءُ غير افسانوي ادب جو هڪ نمونو آهي، جنهن جو
موضوع فرد جي حياتي آهي. عام طور تي آتم ڪٿا به هن
۾ اچي وڃي ٿي، جنهن ۾ لکندڙ فرد پنهنجي (حياتيءَ
جي) تاريخ بيان ڪري ٿو. جيون ڪهاڻي، تاريخ جي هڪ
شاخ ڏسجي ٿي ڇو ته ان جو انحصار واقعن جي تسلسل ۽
لکيل توڙي زباني مواد جي سمجهاڻيءَ تي آهي، جيڪو
تحقيق ۽ ذاتي (يادگيرين جي) ذخيري تي قائم ڪيو ويو
هجي، هيءَ تخليقي ادب جي به شاخ ٿي ڏسجي، ڇو ته ان
۾ ذاتي/ فردي احساسن کي تخليقي ۽ همدرانه پرک سان
بيان ڪيو وڃي ٿو.)
انسائيڪلوپيڊيا آمريڪانا ۾ سوانح حيات/ جيون
ڪهاڻيءَ جي وصف هن ريت بيان ٿيل آهي:
"Biography may define as `the account of an
actual life.` This description is the only one
that will include all versions of biography, for
its long evolution, biography has assumed so
many forms that any single definition enevitably
excludes important instances. Thus, we must
distinguish biography not only in terms of its
subject matter but also in terms of its
technique and its intention. The myriad forms of
biography includes catalogs of achievement,
literary narratives and psychological portraits.
Each form has been `biography` in the extent to
which it purports to deal with the records of an
actual life, but each form has been distinct in
its author`s strategies and purpose (2).''
”جيون- ڪهاڻيءَ جي وصف هن ريت ڪري سگهجي ٿي ته:
’اها اصل زندگيءَ جو بيان آهي.‘ اها ئي هڪ اهڙي
وصف آهي، جنهن ۾ جيون ڪهاڻي جا سڀ رُخ شامل آهن ڇو
ته هڪ طويل ارتقاء کان پوءِ جيون ڪهاڻي ايترا ته
نمونا/ شڪليون اختيار ڪري چڪي آهي جو ڪنهن به هڪ
وصف ۾ ان جي اهم مثالن کي خارج ڪرڻ جو امڪان رد
نٿو ڪري سگهجي. اهڙي طرح اسان جيون ڪهاڻي کي نه
فقط ان جي مواد، پر ان جي ٽيڪنيڪ ۽ مقصد جي حوالي
سان جدا جدا ڪري سگهون ٿا. جيون ڪهاڻي جي گوناگون
قسمن ۾ ڪاميابين جي ياداشتن، ادبي بيان ۽ نفسياتي
خاڪا وغيره اچي وڃن ٿا. هر (اهڙو) نمونو ڪنهن حد
تائين جيون ڪهاڻي آهي، ڇو ته ان جو مضمون حقيقي
زندگيءَ سان لاڳاپيل آهي. البت هر هڪ نموني کي
مصنف جي مقصد، مراد ۽ اهليت مطابق هڪٻئي کان جدا
ڪري ٿو.“
شخصي رايا:
(1) ”جنهن کي خاص طرح تاريخ چئجي، اهڙي ڪا ڳالهه
ڪانهي: سڄي تاريخ سوانحي روايت آهي.“ (ايمرسن).
"History of the lives of men, as a (2) branch of
literature." (Leon Edel) (3)
(ماڻهن جي حياتين جي تاريخ، ادب جي هڪ شاخ آهي.
(ليئون ايڊل)
"History is the essence of innumerable (3)
biographies." (Alen Shelston) (4)
(تاريخ، بيشمار جيون ڪهاڻين جو نچوڙ آهي.)
(4) ”ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ ان جي بادشاهن ۽
مهندارن جي سوانح عمرين جو مجموعو آهي(5).“ (مرزا
قليچ بيگ)
(5) ”سوانح نگاري هڪ قسم جي تاريخ هوندي آهي.
تاريخ ۾ هڪ قوم يا هڪ ملڪ جا واقعا ڳنڍي بيان ڪيا
ويندا آهن، پر سوانح نگاري ۾ انفراديت جو پهلو
غالب هوندو آهي ۽ اها هڪ فرد جي زندگيءَ جي
ڪارنامن تي ٻڌل هوندي آهي. هيءَ افساني جو رنگ رکي
ٿي، پر افسانو ناهي هوندي، افسانو خيالي هوندو آهي
۽ هيءَ حقيقت، هن ۾ واقعن جي صحت جو خاص خيال رکيو
ويندو آهي، ته هو ان انداز ۾ لکي جو اها آرٽ جو هڪ
دلڪش نمونو بنجي وڃي(6).“ (علم الدين سالڪ) مٿين
وصفن مان هي ڳالهيون واضح ٿين ٿيون:
(1) جيون ڪهاڻي جو واسطو ادب سان آهي يعني اها ادب
جي هڪ شاخ آهي.
(2) ان جو واسطو تاريخ سان به آهي ڇو ته ليکڪ ان
لاءِ دستاويزن، زباني معلومات وسيلي تحقيق به ڪري
ٿو ۽ مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو.
(3) جيون ڪهاڻيون پنهنجي دور جي تاريخ جو عڪس
هونديون آهن. هن ۾ لکندڙ کي پنهنجي پاران ڪو به
اضافو ڪرڻ ناهي، نه ئي حقيقتن کي رد ڪرڻو آهي، نه
ئي کين ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿو سگهجي.
(4) آتم ڪهاڻي جو ليکڪ آزاد هوندو آهي. هن کي به
حقيقتون لڪائڻ نه گهرجن البت هو چاهي ته پنهنجي
تحرير کي تخليقي ۽ افسانوي رنگ ڏئي سگهي ٿو.
(5) دنيا ۾ جن موضوعن کي دلچسپيءَ سان پڙهيو وڃي
ٿو، جيون ڪهاڻي انهن مان هڪ آهي.
آتم ڪهاڻي:
محترمه ريحانه خانم پنهنجي تحقيقي مقالي ”آب بيتي
ڪيا هئي؟“ ۾ آتم ڪٿا
(Autobio graphy)
کي جيون ڪهاڻي
(Biography)
جي ڀيڻ لکي ٿي ۽ اڳتي لکي ٿي ته:
”هڪ شخص بابت ڪنهن ٻئي شخص جي سوانح عمري ۽ خود
پنهنجي لکيل سوانح عمري ۾ نمايان ۽ پهريون فرق اهو
اهي ته سوانح عمري جي گهُر آهي ته ان جو هيرو ڄم
کان وٺي قبر تائين نظر اچي. سوانح نگار جو فرض آهي
ته پيدائش کان وٺي زندگي جي آخر تائين سڀ احوال
جيئن جو تيئن بيان ڪري، پر آتم ڪٿا لکڻ واري کان
مڪمل زندگي (قبر تائين) پيش ڪرڻ جي اُميد نٿي ڪري
سگهجي. اول ته ڪابه آتم ڪٿا مڪمل نه هوندي
آهي(7).“
ڊاڪٽر قاضي خادم جو رايو آهي ته:
”جيون ڪهاڻي افسانوي ادب کان وڌيڪ تاريخ يا حقيقت
جي بنياد جي لکجندڙ صنف آهي جنهن ۾ ليکڪ واقعن،
دستاويزن ۽ زباني معلومات ۽ شاهدين جي بنياد تي
ڪنهن شخصيت جي جيون جو احوال لکندو آهي ۽ ان ۾
پنهنجي پاران ڦيرڦار ڪرڻ جي هن کي ڪابه اجازت نه
هوندي آهي، جڏهن ته آتم ڪهاڻيءَ جو ليکڪ وري خود
مختيار هوندو آهي.“ (08)
جيون/ آتم ڪهاڻيءَ جا ماخذ/ ذريعا:
1. ياداشت (يادگيريون)
2. زباني توڙي لکيل دستاويز/ انگ اکر
3. روزنامچه (ڊائري)
4. ملفوظات
5. خطَ
6. انٽرويو
7. رپورٽون
8. اخبارون
9. اليڪٽرانڪ ميڊيا
10. آڊيو ۽ ويڊيو رڪارڊنگ
عام طور تي آتم ڪٿا ۾ لکڻ وارو پنهنجي اصل نسل،
پوءِ ننڍپڻ، جواني....... مطلب ته هڪ ترتيب سان
سلسليوار پنهنجي جيون ڪٿا لکندا آهن. اڪثر انهن ۾
تاريخي انگ اکر هئڻ ڪري هيءَ صنف تاريخ سان
لاڳاپيل به هوندي آهي، پر موهن ڪلپنا هن صنف کي
ادب ئي سمجهي ٿو. پنهنجي آتم ڪهاڻي ’بک، عشق ۽
ادب‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:
”ڳالهيون اڳيان لکان يا پٺيان، انهن جو پنهنجو
تلسلسل آهي. ادب ڪا اسڪول ڪتاب جي تاريخ نه آهي،
جتي سن ۽ واقعا با سلسلي ڏنل هجن. مون کي جيئَن ٿو
ياد اچي تيئن ٿو لکان(9).“
موهن ڪلپنا پنهنجي آتم ڪهاڻي ياداشت جي بنياد تي
لکي هوندي، جڏهن ته مرزا قليچ بيگ شروع کان ئي
روزنامچو لکندو هو، جنهن ڪري هو پنهنجي آتم ڪٿا
واقعن جي سلسليوار ترتيب سان لکي سگهيو. آتم ڪٿا ۾
بنيادي ليکڪ جي ياداشت ۽ ڊائريون آهن ۽ ٻيا ماخذ
ثانوي ماخذ حيثيت رکن ٿا.
آتم ڪهاڻيءَ جون ڪمزوريون:
غلام رسول مهر جو خيال آهي ته:
”جيڪو شخص آتم ڪٿا لکندو، هن جي اها طبعي ڪوشش
هوندي ته پنهنجي زندگيءَ جا صرف اهي رُخ منظر عام
تي آڻي جيڪي سندس ويجهو شانائتا آهن. هو انهن کي
سجائڻ ۽ سنوارڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيندو بلڪه مختلف
برائين جي چهري تي به حسن ۽ خوبيءَ جو رنگ روغن
اهڙي ريت چاڙهي ڇڏيندو جو اهي نگاهن کان بالڪل
غائب ٿي وڃن(10).“
ڊاڪٽر سيد عبدالله جو رايو آهي ته:
”ڇا ڪو شخص مڪمل باريڪين سان صحيح حد تائين آٿم
ڪٿا لکي سگهي ٿو؟ ان جو جواب نفي ۾ نه آهي، ته به
شڪ وارو ضرور آهي. ان جي باوجود دنيا ۾ ماڻهن
پنهنجون سوانح عمريون لکيون ۽ اڃان به لکجن پيون،
پر انهن جي ڪثرت ان ڳالهه جو ثبوت ڪونهي ته آتم
ڪٿا واقعي لکي ٿي سگهجي. مان اها ڳالهه مڃان ٿو ته
پنهنجي هڪ خاص قسم جي سوانح عمري (يعني پنهنجي
سوانح زندگي) لکي سگهجي ٿي، پر مان سوانح عمري ۽
آتم ڪٿا ۾ فرق ڪريان ٿو ۽ اهو ان لاءِ ته پنهنجي
سوانح عمري لکي به، ضروري ڪونهي ته ڪو شخص آتم ڪٿا
لکي سگهي. پنهنجي سوانح عمري ۾ اهو ته ٿي سگهي ٿو
ته ڪو شخص پنهنجي زندگيءَ جا خاص واقعا لکي ڇڏي يا
وڌ کان وڌ انهن جا باطني محرڪ به بيان ڪري ڇڏي، پر
اهو ممڪن ڪونهي ته ڪو شخص اهو سڀڪجهه لکي ڇڏي جيڪو
مٿس ۽ سندس دل تي گذري آهي. هڪ لحاظ کان خود نوشت/
آتم ڪٿا سوانح عمري جي صنف، ٻين جي لکيل سوانح
عمرين جي مقابلي ۾ ناقص شيءِ هوندي آهي جو هن جي
راهه ۾ ٻه رڪاوٽون آهن.
ٻين جو خوف؛ ۽
پنهنجو پاڻ سان محبت.
هڪ سٺو سوانح نگار پنهنجي فن جي عزت رکڻ لاءِ
اهڙيون ڳالهيون به بيان ڪري ٿو ڇڏي جيڪي آتم ڪٿا
لکندڙن لاءِ ممڪن ڪونهي. سوانح نگار پنهنجي هيرو
جي ڪردار جو جج ٺهي سگهي ٿو ۽ سندس ڪمزورين جو
شمار به ڪري سگهي ٿو، پر آتم ڪٿا لکڻ واري کي
پنهنجي محبت ۽ ٻين جو ڊپ هر وقت رهي ٿو. ان لاءِ
نه ته هو پنهنجن گناهن جي صحيح فهرست پيش ٿو ڪري
سگهي، نه ئي پنهنجو صحيح جج ٿو بنجي سگهي.“
ليکڪ اڳتي هلي پنهنجي مقالي ۾ ابوالڪلام آزاد جو
هيءُ رايو به پيش ڪيو آهي ته ”آتم ڪٿا لکي ئي نٿي
سگهجي.“
آتم ڪهاڻيءَ بابت هو وڌيڪ لکي ٿو ته ڪجهه آتم
ڪهاڻيون اهڙيون به هونديون آهن جن کي مصنف تالي ۾
بند صندوقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندا آهن، ته جيئن اها
ڪٿا سندن حياتيءَ کان پوءِ ڇپجي ۽ وارثن کي اهڙي
وصيت ڪري ويندا آهن. اهڙيون آتم ڪهاڻيون يا ته
شديد خود پسندانه ۽ شديد جذباتي رويي واريون
هونديون آهن يا وري انهن ۾ ٻين جي خلاف لکيل هوندو
آهي. منهنجو ذاتي رجحان اهو آهي ته آتم ڪٿا کي
پنهنجي زندگيءَ ۾ شايع ڪرڻ جي مقابلي ۾ وفات بعد
شايع ٿيڻ سان سچائيءَ جي اظهار جي گنجائش گهٽ ٿي
ويندي آهي. انڪري سچائين جو اظهار بنا ڊپ ڊاء جي
پنهنجي جيئري ئي ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻين کي به سوچ
۽ ويچار جو موقعو ملي سگهي. البت جيڪڏهن ڪي اهڙا
راز آهن جن جو اظهار حياتيءَ ۾ ڪرڻ ۾ تامل هجي ته
اهڙن رازن کي سيني اندر ئي دفن رهڻ گهرجي. مطلب ته
آتم ڪهاڻي کي جلوه نمائي، ڏيکاءَ شهرت ۽ لِڪي حملو
ڪرڻ جو ذريعو نه بنائڻ گهرجي (11).
محترمه ريحانه خانم جو خيال آهي ته:
”زندگيءَ جي ڪهاڻي لکڻ هڪ مشڪل ڪم آهي ۽ جڏهن اها
ڪهاڻي پنهنجي زندگيءَ جي هجي ته وڌيڪ مشڪل آهي.
هتي پهريون سوال اهو آهي ته ڪوبه شخص پنهنجي
زندگيءَ جي ڪهاڻي ڇو ٿو ٻڌائڻ چاهي؟ ان جو جواب
اهو ٿو ڏنو وڃي ته آءٌ ٻين کان اعليٰ آهيان‘.
يعني سڀني کان وڏي مشڪل اها ئي آهي ته انسان جيڪو
ڪجهه هوندو آهي. هو ان کان وڌيڪ پنهنجي لاءِ
اندازو ڪندو آهي. انسان جو پنهنجي متعلق خود
پسنديءَ جي ڳالهه نه ڪرڻ مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي
جو ڊنٽن پنهنجي آتم ڪٿا لکندي چوي ٿو ته:
”انساني فطرت ۾ جيڪو غرور آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ
سان جيڪا محبت آهي، هن لاءِ اها ڳالهه مشڪل آهي ته
هو پنهنجي آتم ڪٿا جو تجزيو ڪري ۽ پنهنجي غلطين ۽
خامين کي جمع ڪري.“
اڳتي ان مقالي ۾ ليکڪا اهو رايو ڏنو آهي ته پنهنجي
پاڻ کي برتر ثابت ڪرڻ لاءِ اڪثر آتم ڪٿا جو ليکڪ
وڌاء يا مصنوعيت جو سهارو وٺندو آهي. جيڪڏهن ڪو
شخص سچائيءَ کان ڪم وٺي سچ لکڻ چاهيندو به آهي ته
پنهنجا عيب ۽ غلطيون ٻڌائيندي کيس هٻڪ ۽ حجاب
محسوس ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪجهه لکندڙن
جون آتم ڪٿائون سندن وفات بعد منظر عام تي آيون.
جيئَن اينڊريو ڪارنجي (Andrew
Carengie)
جي آتم ڪهاڻي.
هوءَ چوي ٿي ته هٻڪ ۽ شرم جو هڪ سبب انساني سڀاءَ
جي شائستگي آهي ۽ ڪجهه معاملا زندگيءَ جا اهڙا
هوندا آهن جن کي بيان ڪرڻ هو مناسب نه سمجهندو
آهي. ڪڏهن وري آتم ڪهاڻي لکندڙ واقعن کي شعوري
ڪوشش سان رنگين ۽ دلڪش بنائڻ جي ڪوشش به ڪندو آهي.
آتم ڪهاڻي لکندڙن ۾ هڪ ٻيو رجحان اهو به ڏسڻ ۾
ايندو آهي ته اهي پنهنجي ذات جي بيان دوران ڪنهن
ذڪر کي شروع ڪندا آهن ته پوءِ هو اجائي ڊيگهه ۾
پئجي ويندا آهن ۽ اهي ڳالهيون به لکي ويندا آهن جن
جي ضرورت نه هوندي آهي (12).
اردو جي مشهورBiographical
ناول ”علي پور ڪا ايلي“ جو مصنف ان سلسلي ۾ لکي ٿو
ته:
”هيءُ ڪتاب منهنجي آتم ڪٿا جو پهريون حصو آهي. مون
۾ ايتري جرئت نه هئي جو پنهنجي خامين ۽ بي راهه
روين کي مڃان ها. ان لاءِ مون ان کي روئيداد (ڪٿا)
جو نالو ڏنو آهي.
هيءَ آتم ڪهاڻي سال 1905ع کان 1947ع تائين جي آهي.
هن آپ بيتيءَ جو هر واقعو، هر ڪردار حقيقت تي ٻڌل
آهي. افسانه نگاريءَ جي اسلوب ۾ هجي ته هجي، واقعن
۾ حقيقت گوئي کان ڪم ورتو ويو آهي. اها ئي هن ڪتاب
جي امتيازي خصوصيت آهي.
ارادو هو ته سوانح جو ٻيو حصو ”ايلي ۽ الک نگري“
جي عنوان سان پيش ڪندس پر الک نگريءَ وارن ان جي
اجازت نه ڏني. انهن جو چوڻ آهي ته الله کي پردي جو
هٽائڻ پسند ڪونهي، ان لاءِ مجبور آهيان(13).“
ان سلسلي ۾ ڏسون ٿا ته سنڌي اديب ڇا ٿا چون:
ستيش روهڙا لکي ٿو ته:
”آتم ڪٿا جو سولو مطلب آهي: ڪنهن شخص جي جيون ۾ ٿي
چڪيل گهٽنائن جو سلسلو بيان ڪرڻ- مهان ۽ ساڌارڻ جا
حوالا گهڻي ڀاڱي سماج ۾ ٻاهريان آهن. انسان جو
اندر جو انسان، محض انسان آهي ۽ هر هڪ شخص جي جيون
۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ لائق هوندو آهي؛ ان ڪري آتم ڪٿا
لکڻ تي ڪنهن خاص جو اڌيڪار ڪونهي، پر آتم ڪٿا ۾ ٻن
ڳالهين جو هئڻ ضروري آهي، هڪ ته ان ۾ واسطيدار شخص
جو آتم مرڪز ۾ هجي، نه ته اها آتم ڪٿا نه بڻبي،
جيوني (سوانح) ٺهي پوندي ۽ ٻيو، آتم ڪٿا لکندڙ ۾
پاڻ کي بي نقاب ڪري سگهڻ جي بيباڪي هجي، جيڪو
ڪاريه (ڪم) ڏکيو ئي نه، هڪ طرح سان ناممڪن
آهي(14).“
محمد ابراهيم جويي جو رايو آهي ته:
”سوانحي احوال يا روايت (جنهن کي ڪي عالم تاريخ
سڏين ٿا) انهيءَ انساني ڄاڻ جي ذخيري يعني ماضي جي
فڪري ۽ علمي حاصلات جو زباني ۽ تحريري روپ آهي ۽
انهيءَ طرح انسانيت جي ارتقاء، يعني انساني تهذيب
۽ اخلاق جي پرورش ۽ اوسر لاءِ ان جي اهميت ڪُلي به
آهي ۽ خصوصي به، ۽ ان جي انهيءَ اعليٰ اهميت سبب
ان جو بيان، ڪٿا يا حڪايت هڪ بيحد ذميداريءَ جو
عمل آهي. ڪوڙ، وڌاء، گهٽاءَ، پرچار، پنهنجي
پسورائي، سچ سان ٻيائي ۽ مقصد جي ڪثافت ۽ هلڪائي؛
انهن شين جي هن عمل ۾ گنجائش ڪونهي. اهي شيون
سوانحي روايت جي افاديت ته افاديت، پاڻ ان جي سخت
ضررناڪيءَ بلڪ زهرناڪيءَ جو باعث بنجن ٿيون. اهو
سوانحي روايت جو غلط استعمال ٿيندو بالڪل ايئَن
جيئَن ته هر طرح ۽ هر نموني جو ادب، شعر، ڪٿا،
ناٽڪ، ڪهاڻي، افسانو، ناول، فلسفو، تاريخ وغيره،
انساني تهذيب جي اوسر ۾ ’روايت‘ جوئي ڪارج ادا ڪري
ٿو ۽ انهيءَ طرح ان ۾، يعني سڄي ’ادب‘ ۾ ڪوڙ،
بدديانتي ۽ چالاڪيءَ جي گنجائش ڪانهي، پر ڇاڪاڻ ته
آتم ڪٿائي روايت يا سوانح احوال (زباني توڙي
تحريريءَ) ۾ شخص يا ذاتي سَنَد ۽ منسوبي يعني اکين
ڏٺي، ڪنن ٻڌي ۽ ذاتي تجربي جي پشتي به شامل آهي،
انهيءَ ڪري ان ۾ خاص طرح، ڪنهن ڪوڙ جو، ڪنهن هيٺ
مٿاهينءَ جو، ڪنهن غرور جو، ڪنهن مڪر يا منافقيءَ
جو موجود هجڻ ازحد خطرناڪ آهي بلڪ پنهنجي معاشري،
وطن ۽ ان جي (۽ پڻ ڪل انسانيت جي) مفاد ۽ مستقبل
سان ان جهڙي غداري ٻي ڪا ٿي ئي نٿي سگهي. غلط فڪر،
اڻپوري فڪر يا بالڪل ئي خاموشيءَ ۾ انساني تهذيب ۽
اخلاق لاءِ هرگز ايتري هاڃيڪاري نه آهي جيتري
هٿرادو ۽ ڪوڙي، فڪر ۽ ان جي ڳلٿيباز آتم ڪٿائي
پروپئگنڊا ۾، ان کي يونان جي عظيم تاريخ دان، هومر
”جهنم جو دروازو“ چيو آهي بلڪه ان کان به وڌيڪ
هولناڪ ۽ قابلِ نفرت چيو آهي. هن جا اصل لفظ هي
آهن:
’آءٌ جهنم جي دروازن کي ڌڪاريان ٿو، پر انهن کان
وڌيڪ نفرت لائق مون لاءِ اهو ماڻهو آهي، جيڪو دل ۾
هڪڙي ٿو رکي ۽ زبان سان ٻي ٿو ٻڌائي.‘
سنڌي ادب جي سوانحي روايت اڃان ايتري شاهوڪار
ڪانهي ۽ ان ۾ افسوس ته اسين ان قسم جي زهريلي
ڪثافت، استثنائي صورت ۾ ئي سهي، ڪجهه قدر موجود
ضرور ڏسون ٿا(15).“
لڇمڻ ڪومل لکيو:
چوندا آهن ته نشي ۽ آتم ڪٿا ۾ جيڪو کلي سچ نه چئي،
ان کان ڊڄڻ گهرجي.
آتم ڪٿا لکڻ ظاهري طور تي تمام سولو ڪم آهي، پر
لکڻ ويهجي ته ڄاڻ ٿي پوي ته اهو ڪيترو اوکو ڪم
آهي. ڪنهن دانشور چيو آهي ته ’جيئڻ هڪ فن آهي ۽ آپ
بيتي هڪ ’پر لطف فن‘ آهي (16).
عبدالجبار جوڻيجي جو خيال آهي ته:
”ڪنهن به آتم ڪهاڻيءَ ۾ شخصيت جي جيوت جو هر پهلو
کليل ڪتاب وانگر هجڻ کپي، ننڍپڻ جون يادگيريون،
جذباتي زندگي، عشق، روزگار، خفت ۽ شوق توڙي
دوستيون وغيره واضح طور لکڻ کپن. سنڌيءَ ۾ لکيل
آتم ڪهاڻين ۾ عشق جو احوال البت گهٽ آهي. انساني
زندگيءَ جو اهو بنيادي پهلو آهي، پر اسين سڀ ان جي
تفصيلي اپٽار ۾ ڪوتاهي ڪندا آهيون.
آءٌ به اهڙن ڪوتاهين ڪرڻ وارن مان هڪ آهيان. اشارا
ڪيا اٿم ۽ اعتراف ٿو ڪريان ته مون ۾ اهڙي ڪا ڳالهه
تفصيلي طور بيان ڪرڻ جي همٿ به نه آهي. اهي
ايتريون جذباتي ڳالهيون آهن جن جو بيان ڪرڻ خود
مون لاءِ به آسان ڪونهي. ٿي سگهي ٿو ته بقول شاهه
صاحب ’لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي‘(17).“
فضل احمد بچاڻي جو چوڻ آهي ته:
”آءٌ پنهنجو اهو ڏوهه تسليم ٿو ڪريان ته مون جيڪي
ڪجهه لکڻ چاهيو ۽ جيڪو ڪجهه لکڻ مون تي فرض هو سو
لکڻ کان آءٌ خوف کائي ويس ۽ نه لکي سگهيس، اهو وڏو
ڏوهه آهي جنهن جي سزا مون کي اوس ئي ملندي(18).“
ڊاڪٽر قاضي خادم جا لفظ آهن ته:
”هن صنف ۾ ڪي ڪمزوريون آهن:
ڪو شخص ضروري ڪونهي ته پنهنجي باري ۾ مڪمل سچ
ڳالهائيندو هجي. پنهنجي ڪمزورين جو بيان ڪرڻ به
ناممڪن، نه ته به مشڪل ضرور آهي ۽ پنهنجي ساراهه
کان پاسو ڪرڻ به انساني سڀا جي خلاف آهي. تنهن کان
سواءِ ڪئين ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جن ۾ ڪو
شخص پنهنجي ڪردار، قول يا فعل جي باري ۾ پاڻ منصف
بڻجي نٿو سگهي. ان هوندي به سينٽ آگسٽس جي اعتراف
Confession،
جنهن ان دور جي مذهبي دنيا ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو،
ايرل فلائين جو
`My Wicked Wicked Ways`،
جنهن هالي وڊ جي فلمي دنيا جا پول پڌرا ڪيا،
مارگريٽ ٽريوڊا جي
`Beyond reason`
، جنهن ڪئناڊا جي وزير اعظم جي زال هئڻ جي باوجود
پنهنجي زندگيءَ جا اهي حقائق لکي ڇڏيا جو دنيا جي
هڪ حصي کي ڇرڪائي ڇڏيو. اردوءَ ۾ جوش مليح آباديءَ
جي آتم ڪهاڻي ”يادون ڪي بارات“ ۽ سنڌيءَ ۾ رئيس
ڪريم بخش نظاماڻي جي آتم ڪهاڻي ’ڪيئي ڪتاب‘، هن ڏس
۾ اهي مثال آهن، جن کي پڙهندي ذهن جي پڙدي تي هيءُ
سوال اڀري ٿو ته ڇا هن طرح جو سچ نه لکي سگهجي ٿو؟
خاص ڪري جڏهن ان سچ مان پنهنجي ذات سان گڏ ٻين جي
ذات تان به پردو کڄي وڃي. ان صورتحال ۾ ايئَن به
ٿي سگهي ٿو ته ڪو شخص پنهنجا عيب لڪائڻ خاطر
پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ٻين جي ذات تي ڇنڊا وجهي.
تنهنڪري آتم ڪهاڻيءَ کان بهتر جيون ڪهاڻيءَ جي صنف
آهي جنهن ۾ هڪ ٽياڪڙ شخص، دستاويزن ۽ کوجنا جي
آڌار تي يا ذاتي تعلقات ۽ جذبات جي بنياد تي
پنهنجي مشاهدي ۽ تخيل جي مدد سان ٻئي جي زندگيءَ
جي تاريخ لکي ٿو جيڪا ڪنهن حد تائين غير جانبدار ۽
مصدقه ٿي سگهي ٿي (19).
مٿي ڏنل آتم ڪهاڻيءَ جي ڪمزورين/ خامين بابت رايا
اهم آهن ته ٻئي پاسي جيون ڪهاڻيءَ جي اهميت، ان جي
حقيقي ۽ تاريخي حيثيت سبب بيحد اهم آهي، پر ايئَن
به ٿيو آهي ته انهن ۾ به ڪنهن نه ڪنهن ريت
ڪمزوريون ٿي سگهن ٿيون. تاريخ شاهد آهي ته تاريخون
مٽايون به ويون آهن ۽ حقيقتون ڦيرايون به ويون
آهن. جيون ڪهاڻيءَ جو ليکڪ به ڀروسي جي قابل نه ٿو
رهي سگهي جو هو به انساني ڪمزورين جو شڪار ٿي سگهي
ٿو ۽ پنهنجي ذاتي پسند، ناپسند، نفرت يا ڪي ٻئي
جذبي سبب هير ڦير ڪري. ٻيو ته هڪ قوم جو هيرو ٻي
قوم جو ولن به ٿي سگهي ٿو. هڪ قوم هن کي هيرو جي
حيثيت ۾ پيش ڪندي سندس اوڻايون/ غلطيون/ خاميون
لڪائي ويندي ته دشمن قوم وري انهن کي نروار ڪندي
يا غلط بياني پڻ ڪندي.
ٻئي پاسي جڏهن هڪ ٽياڪڙ شخص ڪنهن شخصيت جي جيون
ڪهاڻي لکي ٿو ته هن جي داخلي جذبن جي به عڪاسي ڪري
سگهي ٿو؟ هرگز نه، هو فقط سندس زندگيءَ جي ظاهري
پهلوئن ۽ واقعن کي ته بيان ڪري سگهي ٿو، پر اهو
نٿو ٻڌائي سگهي ته هو ڪڏهن وسوسن ۽ وهمن ۾ به پيو
هوندو، ڪهڙي، واقعي تي اڪيلائيءَ ۾ رنو هوندو،
ڪهڙن موقعن تي شديد، رنج، مايوسي، خوشي يا
پريشانيءَ جي ڪيفيتن ۾ گهيريل هوندووغيره. اهڙو
اظهار بهتر طور فقط آتم ڪهاڻين مان ئي ملي ٿو ۽
پڙهندڙ محسوس ٿا ڪن ته هو به (ڪڏهن وڏي هستي هوندي
به) عام انسانن جهڙن احساسن، جذبن ۽ تجربن مان
گذريا آهن. ان ڪري آتم ڪهاڻيءَ جو تعلق تاريخ سان
هئڻ سان گڏوگڏ اها هڪ تخليقي يا ادبي شاهڪار به ٿي
سگهي ٿي.
آتم ڪهاڻيءَ جي اهميت (رايا):
• غلام رسول مهر (چونڊ ٽڪرا)
انسانن لاءِ ٻين جي حالتن کان آگاهي سنئون سڌو ان
پيماني تي ممڪن ڪونهي جنهن پيماني تي هو پنهنجي
حالتن کان آگاهه هوندو آهي. سندس وجود جا احوال
خود هن کان بهتر ڪوبه ٻيو ڄاڻي نه سگهندو آهي ۽
سندس حرڪتن جي محرڪن جو صحيح اندازو هن کان سواءِ
ڪو به نه لڳائي سگهندو آهي.
ڇا اها خبر ڪونهي ته جڏهن تاريخن يا انفرادي
سرگذشتن ۾ ڪنهن بيان جي تصديق خود لاڳاپيل فردن جي
قولن ۽ ملفوظات جي مدد سان ڪئي ٿي وڃي ته ان کي
درست تسليم ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪنهن جي لاءِ به تامل جي
گنجائش باقي نٿي رهي، پوءِ جڏهن سوانح لکڻ وارا
خود پاڻ هجن ته پوءِ سندن بيان کي مڃڻ ۾ اختلاف جو
ڪهڙو سبب آهي؟
آتم ڪٿا جو هڪ خاص رخ منهنجي ويجهو خاص ڌيان جو
محتاج آهي يعني ذاتي احوال کان سواءِ وقت، زماني ۽
ماحول جي تصوير هر مصنف جي تحرير ۾ موجود هوندي
آهي(20).“
علم الدين سالڪ:
”هر دور پنهنجي مخصوص تهذيب رکندو آهي، ان جا
بنيادي خدوخال ته صدين کان پوءِ بدلجندا آهن، پر
فروعي شيون هر دور ۽ هر زماني ۾ بدلجنديون آهن.
انهن جي نشاندهي عام تاريخي ڪتاب نه ڪندا آهن. ان
لاءِ اسان کي آتم ڪهاڻين طرف رجوع ڪرڻو پوندو آهي
ڇو ته انهن جي مدد سان اسين هڪ قوم، هڪ ملت ۽ هڪ
ملڪ جي تهذيب جي شروعات ۽ عهد به عهد ترقين جو
اندازو لڳائي سگهون ٿا جيڪو تاريخ جي طالب علم
لاءِ تمام ضروري ۽ اهم آهي(21).“
ڊاڪٽر سيد عبدالله:
”آتم ڪهاڻيون سوانح نگارن لاءِ فائديمند مواد مهيا
ڪنديون آهن. وڏن وڏن جرنيلن، سياستدانن، شاعرن،
مفڪرن ۽ اديبن پنهنجو احوال جڏهن به لکيو ته اهو
فائدو ضرور ٿيو ته سندن فن، فڪر ۽ ڪارنامن جي
ارتقاء جي سببن تي مستند مواد مليو. زندگيءَ جي
اهم واقعن جي نفيس جذبن ۽ انهن جي پردي پٺيان
انساني محرڪن جو سلسلو (هڪ حد تائين) خود بخود
سامهون اچي ويندو آهي. آتم ڪٿا لکندڙ جو مواد ذهن
۾ پهرين ئي موجود هوندو آهي، کيس ڪتابن جو مطالعو
۽ روايتن جي ڇنڊڇاڻ نه ڪرڻي پوندي آهي ڇو ته وٽس
سڀڪجهه محفوظ هوندو آهي. آتم ڪٿا ۾ پنهنجي ملامت
يا پنهنجي ساراهه جي پاسي بي توازن جهڪاءُ هجي
تڏهن به اها ٻين سوانح نگارن لاءِ اولين ۽ مستند
ترين ماخذ ثابت ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ اهو به صحيح آهي
ته آتم ڪٿا لکندڙ جي پکيڙيل غلط فهمي کي دور ڪرڻ
سوانح نگار لاءِ گهڻو تڻو محال هوندو آهي. سڀني
کان سٺي آتم ڪهاڻي اها هوندي آهي جيڪا ڪنهن دعويٰ
کان بنان بي تڪلف، سادي ۽ زندگيءَ جي احوال تي ٻڌل
هجي(22).“
يوسف جمال انصاري:
”آتم ڪهاڻيءَ جون ٽي اهم حيثيتون آهن.
(i)
تاريخي
(ii)
اخلاقي
(iii)
يادگاري
اسين ڪنهن به دور جي تاريخ ان دور جي سوانح عمرين
مان مرتب ڪري سگهون ٿا. ان سلسلي ۾ مشهور انگريز
مفڪر ۽ سوانح ٽامس ڪارلائل جو چوڻ آهي ته:
’تاريخ وڏن ماڻهن جي سوانح جو نالو آهي.‘
هن قول ۾ ٻن نظرين جو ميلاپ آهي؛ اول اهو ته وڏيون
شخصيتون پنهنجي دور جي تاريخ ٺاهينديون آهن.
ڪارلائل لاءِ اهو پڻ چوڻ درست هو ته هن هيرو
پرستيءَ جي فلسفي کي رواج ڏنو آهي. ٻيو رخ اهو آهي
ته ڪنهن وڏي شخصيت جو مطالعو هن جي تاريخي دور کان
الڳ رهي نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ جڏهن ڪو شخص
پنهنجي سوانح لکي ٿو ته هو پنهنجي دور جي حالتن تي
به تبصرو ڪندو آهي (23).
ريحانه خانم:
آتم ڪٿا هڪ لحاظ کان سوانح عمري کان بهتر ۽ دلچسپ
تر تصنيف هوندي آهي. آتم ڪهاڻي ۾ شخصيت جا اهڙا
مظاهرا ملن ٿا جن کان مصنف کان وڌيڪ ڪوبه باخبر نه
هوندو آهي. بلڪه زندگيءَ جا ڪيترائي اسرار اهڙا
آهن جن کان ٻاهريون ڪوبه ماڻهو باخبر نٿو ٿي سگهي.
آپ بيتيءَ ۾ بنيادي شيءِ سچائي آهي. اها سچائي ئي
آهي جيڪا هڪ فرد جي صورت کي واضح طور اسان جي
سامهون آڻي ٿي ۽ اها تصوير هڪ هنڌ بيٺل ڪونهي، پر
روان دوان ۽ جيئري جاڳندي تصوير هوندي آهي. هڪ فرد
جي تصوير، هن ۾ پوري دنيا، دنيا ۾ گذريل ڏينهن رات
۾ پيش ايندڙ هر طرح جا ڪوائف ۽ انهن ۾ نفسياتي
مونجهارا ۽ ڪشمڪش، سوچڻ جو انداز، محسوس ڪرڻ جا
طريقا، جذباتي نظام جا مرڪات.... هڪ سٺي آتم ڪٿا ۾
اهي سڀ نظر اچن ٿا(24).“
ڊاڪٽر قاضي خادم:
ڊاڪٽر قاضي خادم جو سنڌيءَ ۾ لکيل آتم ڪهاڻين بابت
ڪتاب
The glorious past
نالي سان انگريزيءَ ۾ ڇپيل آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ ۾
لکيل 41 آتم ڪهاڻين جو جائزو پيش ٿيل آهي. ان ڪتاب
جي شروع ۾
About the book
مان چونڊ ٽڪرن جو ترجمو پيش ڪجي ٿو:
آتم ڪهاڻي لکندڙ شخص پنهنجي حياتيءَ جي سچي ڪهاڻي
لکي ٿو، ان ڪري اها پڙهندڙن کي تمام گهڻي معلومات
ڏي ٿي. آتم ڪهاڻيءَ جي هڪ اهم خاصيت اها به آهي ته
اها سماجي اڀياس لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي. اهي
ڪهاڻيون سماجي مسئلن تي لکيل مقالن کان وڌيڪ دلچسپ
آهن.
اهي لکتون تاريخدانن، سماجي اڀياس ڪندڙن ۽ انساني
تاريخ جو اڀياس ڪندڙن(Anthropologists)
جي کوجنا ۽ جاچ لاءِ انساني روين، سندس ماضي ۽ حال
بابت آسانيءَ ۽ اعتماد سان استعمال ڪري سگهجن
ٿيون.
جيتوڻيڪ آتم ڪهاڻين کي افسانوي ادب جو حصو نٿو
سمجهيو وڃي، ڇو ته اهي حقيقي بنيادن تي ٻڌل
هونديون آهن، جنهن ۾ تصوراتي سوچ جو حصو بنهه گهٽ
هوندو آهي پر ڪجهه آتم ڪهاڻيون اهڙي نموني لکيل
آهن ۽ سچ جي اهڙي ريت اپٽار ڪن ٿيون جو اهي تخليقي
ڪهاڻيون بنجي وڃن ٿيون، خاص طور تي جيڪڏهن لکندڙ
شاعر، فلسفي يا افسانوي ادب لکندڙ آهي.
سياستدان، سياسي واقعن کي اهميت ڏئي ٿو، جيڪي سندس
زندگي ۾ پيش آيا. هڪ شاعر پنهنجي زندگيءَ جي ذاتي،
موضوعاتي ۽ انساني روين جي نشاندهي ڪري ٿو. هڪ
تعليمي ماهر تعليمي معيارن ڏانهن گهڻو لاڙو رکي
ٿو، جڏهن ته تاريخ جو طالب علم پنهنجي زندگي
تاريخي تناظر ۽ فلسفي پنهنجي ذات کي ڦلهوري ٿو.
اهڙا به ليکڪ هوندا آهن جن جي زندگيءَ ۾ واقعن جي
Variety
هوندي آهي ان ڪري هو پنهنجي سماجي ثقافتي رُخن (Socio-
Cultural touch)
وسيلي پنهنجي زندگيءَ کي مختلف طريقي سان لفظن ۾
چِٽين ٿا (25).
سنڌيءَ ۾ آتم ڪٿا لکندڙ اديبن جا رايا:
مرزاقليچ بيگ (سائو پَن يا ڪارو پنو)
”ڪيترن دوستن گهڻن ڏينهن کان مون کي پئي چيو آهي
ته پنهنجي حياتيءَ جو احوال پاڻ لکان. انهن کي آءٌ
چوندو پئي اچان ته جيئَري ماڻهوءَ جو احوال لکڻ
اجايو آهي جو خبر ناهي ته هن جي پڇاڙي ڪيئن ٿئي ۽
هن جا خيال ۽ قول ساڳيا رهن يا نه انهيءَ صورت ۾
سوانح عمري اڻ پوري چئجي. انهيءَ هوندي به منهنجي
دوست مسٽر ڀيرومل مهر چند (آڏواڻي) مهرباني ڪري
منهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو ۽ ان کي ڇاپائڻ جو
بندوبست به ڪيائين، پر وري به مون کيس منع ڪئي،
صلاح ڏنس ته اهو رکي ڇڏي ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ جي
مناسب سمجهي ته ڇاپائي پڌرو ڪري، پر انهن کان پوءِ
وري منهنجي جهوني ۽ معزز دوست ديوان ڏيارام گدومل
مون کي لکيو ته ٻين گهڻن ڪتابن لکڻ کان پوءِ
پنهنجي حياتيءَ جو احوال پنهنجن هٿن سان ضرور لک.
ان جا سبب هي معلوم ٿيا ته گهڻن نامور ماڻهن ايئَن
ڪيو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪو عيب ڪونهي بلڪ انهن مان ڪي
فائدا آهن. هڪڙو ته پنهنجو لکيل احوال سچو ۽ صحيح
شمار ۾ ايندو. ٻيو ته انهن ۾ جدا جدا ڳالهين تي
ماڻهوءَ کي پنهنجن خيالن ۽ راين ظاهر ڪرڻ جو وجهه
ملندو. ٽيون ته اهڙي لکيل احوال جي سندس اولاد ۽
اولاد جي اولاد کي پوري خبر پوندي ۽ هو سندس مثال
تي هلندا ۽ سندس اصول تي تعميل ڪري سگهندا، ان ڪري
مون انهيءَ جي لکڻ ۾ هٿ وڌو. حقيقت ڪري آءٌ ننڍي
هوندي کان هڪڙي ڊائري يا روزنامچو رکندو اچان جن ۾
مکيه مکيه ڳالهيون داخل ڪندو اچان، پر اها ڊائري
خانگي سمجهڻ گهرجي ۽ گهر جي ڀاتين يا اولاد لاءِ
آهي نه ڪي ٻاهرين لاءِ، انهيءَ ساڳي مطلب لاءِ
هڪڙو ٻيو ڪتاب به لکيو اٿم، جنهن جو نالو
”يادگيريون“ آهي ۽ جنهن ۾ اڳوڻيون ياد ڪيل ڳالهيون
لکيون ويون آهن جي هاڻي بدلجي ويون آهن ۽ ننڍن
جوانن کي معلوم نه هونديون؛ پر هاڻي جڏهن آءٌ
پنهنجو احوال پاڻ لکان ٿو، تڏهن لاچار مون کي
انهيءَ پنهنجي ڊائري مان احوال ڪڍڻو پيو آهي ۽ نه
فقط پنهنجي جند جو، پر پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن
ڀيڻن ۽ ٻئي ڪٽنب جو به احوال ڏيڻو پيو. اگرچ
انهيءَ ۾ ڪي اهڙيون به ڳالهيون هيون جن جي لکڻ کان
جيڪر گهڻن کي عار يا اعتراض اچي، پر تڏهن به سچي
احوال لکڻ لاءِ پنهنجن سچن خيالن ظاهر ڪرڻ لاءِ
ايئَن ڪرڻ ضروري آهي، پوءِ ڀلي ته انهيءَ جي نسبت
۾ ٻين جي راءِ مخالف هجي يا اهي کِلن، ساڳئي وقت ۾
ڪي اهڙيون ڳالهيون لکڻيون پيون جي پنهنجي تعريف ۾
داخل آهن ۽ اها ٻٽاڪ شمار ۾ ايندي پر ايئَن ڪرڻ
لاچار ٿيو آهي(26).“
محمد اسماعيل عرساڻي (سکر سيئي ڏينهن):
”ناظرين ڪرام جي خدمت عاليه ۾ پڌرو ڪرڻ گهران ٿو
ته مان نه عالم آهيان نه اديب، نه سياسي ليڊر يا
قومي رهبر آهيان ۽ نه ڪو فني ماهر. سوانح حيات فقط
انهن هستين جون لکيون وينديون آهن جن پنهنجي مبارڪ
زندگين ۾ نمايان ڪارناما ڪري ڏيکاريا هوندا آهن.
منهنجي هن خود نوشته سوانح حيات ۾ اهڙو ڪوبه قابلِ
ذڪر ڪارنامو نظر نه ايندو.“
اڳتي هو لکي ٿو ته هن فقط پنهنجي زندگي، ننڍپڻ،
دوستن، احبابن ۽ زندگيءَ جي تجربن بابت لکيو آهي،
اهو نهايت محنتي ۽ ايماندار آفيسر رهيو، جنهن نه
ڪنهن کي ڏکويو ۽ نه ئي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي
بلڪه پنهنجن ماتحتن سان ۽ ننڍن وڏن سان سهڻي سلوڪ
سان پيش آيو.
پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو سبب ٻڌائيندي لکي ٿو ته:
”دانا ته بجاءِ خود پر ديوانن جي داستانِ زندگيءَ
کي به غور سان پڙهڻ بعد ڪجهه قيمتي متاع ملي ويندو
آهي. منهنجي سوانح پڙهڻ مان جيڪڏهن ناظرين کي ٻيو
ڪو فائدو پرايت نه ٿيو ته ڪم از ڪم منهنجي خطائن،
غلطين ۽ لغزشن مان ئي سبق وٺي سگهن ٿا. پاڻ کي
انهن جي تڪرارن کان بچائي سگهن ٿا(27).“
گوبند مالهي: (ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون) (ادب ۽
اديب)
”منهنجي گونان گون زندگيءَ کي سلسليوار چِٽڻ جي
خواهش ڪن اديب دوستن، خاص طور تي نارائڻ ڀارتيءَ
ور ور ڪري ظاهري ڪئي. نارائڻ ڀارتي ان راءِ جو آهي
ته مان لڳ ڀڳ پنجاهه ورهيه سنڌي ادب ۽ ادبي تحريڪ
سان جڙيو رهيو آهيان، انڪري منهنجي سوانح عمري
سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي تحريڪ جي هڪ قسم جي تاريخ يا
ان مڪمل تاريخ جي سهائڪ ٿي سگهي ٿي ۽ شايد ان ڪري
ئي هن منهنجي پڪيءَ آتم- ڪٿا جو نالو تجريز ڪيو
آهي، (ادب ۽ اديب)
هِن ڏس ۾ نارائڻ ڀارتي لکيو آهي ته:
’هن آتم ڪٿا ۾ ڪنهن هڪ شخص جو دک/ سک، غم خوشيون
نه آهن بلڪه سنڌي شخص، سنڌي اديب، سنڌي سياسي ڪم
ڪندڙ جون خوشيون ۽ غم آهن- دک ۽ سک آهن. لاها
چاڙها آهن(28).“
موهن ڪلپنا: (بک، عشق، ادب)
”هڪ نهايت ڊگهو رستو طئه ڪيو آهي مون، هونءَ ڪو
رستو ٿيندو ته ناهي زندگيءَ ۾، پيچرا، پهاڙ، ميدان
تي ڪِريل گل، پير رکجن ته اڪثر ڪنڊا لڳن، واديون
لهندو وڃجي. ڪرندو وڃجي. ڪرڻ ۾ موج آهي ڪنهن سان
ڪوڙ- ڪنهن سان دوکو، ڪڏهن اجايو ايمان، پر مون
اڪثر مٿي چڙهڻ چاهيو آهي، مٿي ۽ مٿي، ان کان به
مٿي، انڪري مون ڌرم شاسترن جي به اوٽ ورتي آهي.
ڏسان ته اتي ئي بيٺو آهيان. ياترا فقط من جي ڪئي
اٿم. آدرشن جا پهاڙ. عمل جون کاهيون ڪڏهن عمل جون
باهيون جيل به ڪاٽيا اٿم ته گولين جي سامهون سينو
به ساهيو اٿم. ادبي محفلن ۾ سر ڪٽيا اٿم ۽ ڪٽايا
اٿم. زلفن جي پينگهن ۾ وڪڙ بنجي لطف ماڻيو اٿم ۽
غلط گلاسن ۾ زهر پيتو اٿم. پنهنجو رت به پياريو
اٿم- حاصل مطلب ته اهوئي جتي هوس، اُتي آهيان.
منهنجو بئنڪ بيلنس فقط ڪي يادون آهن، ڪجهه به ته
نه آهيان مان، قوم جي قسمت نٿو ٺاهي سگهان. قوم ته
قوم پنهنجو مقدر پڻ ٺاهي نه سگهيو آهيان ۽ عمر جي
اڌ صدي ۾ فقط خوابن جي لاشن کي اکين ۾ چڀندو ڏٺو
اٿم، مان هڪ ليکڪ آهيان. اڌ زندگي ٽيبل تي گذاري
اٿم، روشني جي تلاش ۾ اونداهه ۾ قلم کنيو آهي. مون
رواجي ماڻهو آهيان مان. رواجي ڪير به مون سان گڏجي
کيس خسيسپڻي جو احساس مشڪل ئي جاڳندو آهي، ته پوءِ
آتم ڪٿا ڇا جي؟ مون جيون سان ڀرپور پيار ڪيو آهي.
ان جا دک، سک، اَنڀو، خواب، آدرش ۽ اڻپوريون ٿيل
خواهشن جا درد ونڊڻ چاهيان ٿو مان(29).“
موهن ڪلپنا پنهنجي خوبصورت ڊڪشن ۽ تاريخي واقعن
سان لاڳاپيل هن ڪٿا ۾ هڪ غريب اديب جا ڏک، سک ۽
ساڻس سماجي رويا بيان ڪيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي
هندن جي سنڌ مان بيدخليءَ واري ٽريجڊي ۽ اڳتي هر
وقت سنڌ جي يادن ۽ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏڻ جو غم
سندس هنن لفظن مان بکي پيو:
”ارپيم
هر ٽين رات خواب ۾ ايندڙ
ڪجهه ڌنڌلي،
ڪجهه مبهم،
سنڌ کي....“
اڳتي هو لکي ٿو:
”گوبند مالهي چوي ٿو ته هو سنڌ واپس موٽڻ کان اڳ
ڪڏهن نه مرندو. مون کي اهڙي ڪابه خوش خيالي نه
آهي. مان ايئَن جلاوطنيءَ ۾ ئي ڳري سڙي ختم ٿي
ويندس ۽ پوءِ ڪي ماڻهو ڳالهه ڪندا:
’هڪ هئي سنڌ ۽ هڪ هو موهن ڪلپنا. ٻنهي هڪٻئي سان
ڏاڍي محبت ڪئي پر ملي نه سگهيا(30).“
آپا شمس عباسي: (ڳالهيون پيٽ ورن ۾)
”جنهن زماني ۾ اسين پڙهياسين، تنهن زماني ۾
ڇوڪريءَ جي تعليم جو رواج گهڻو نه هوندو هو، خاص
ڪري سنڌي مسلمان نياڻيون ته بنهه ڪونه پڙهايون
وينديون هيون. اهو معيوب سمجهيو ويندو هو ته
ڇوڪريون اسڪولن ۾ وڃن، پر اسان جي والده سماج سان
بغاوت ڪري پنهنجن مائٽن ۽ ساهرن جي روايتن کي نظر
انداز ڪري اسان کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. گاڏي کاتي
واري پرائمري اسڪول ۾ رڳو اسين ٻه مسلمان ڀينرون
هيون سين. انهيءَ وقت ٽئين درجي کان پوءِ ثانوي
تعليم شروع ٿيندي هئي ۽ ڪندن مل گرلز اسڪول ۾
1933ع ۾ اسين ٽي عباسي مسلمان ڇوڪريون ۽ چار خواجه
جماعت جون مسلم ڇوڪريون هيون، پر اهي به ٻن ٽن
سالن جي پڙهائيءَ کان پوءِ خيرباد ڪري ويون، ميٽرڪ
کان پوءِ ڪاليج ۾ اسين فقط پنج ڇوڪريون هيون سين.
پوءِ زندگيءَ جي هر قدم تي جدوجهد ڪرڻ به وڏو
مسئلو هو پر نوڪريءَ دوران ترقيءَ جو مسئلو!! هيءَ
مردن جي حڪومت، انهن جا فيصلا هميشه عورتن جي
خلاف، انهيءَ ڪري ڪيترائي تلخ تجربا به ٿيا. مون
سوچيو ته ڇو نه اهي سڀئي قلمبند ڪري پنهنجي ايندڙ
نسل جي نياڻين جي سامهون رکجن، جئَن هنن کي اها
خبر پوي ته ڪنهن به مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ
ٿي ڪرڻي پوي(31).“
مٿين سڀني لکندڙن جي راين سان آتم ڪهاڻيءَ جي
اهميت، مقصد ۽ فائدا معلوم ٿين ٿا. اهي سڀ ڪهاڻيون
اسان جي تاريخ جون اهم ڪڙيون آهن جن کي جوڙي اسين
اها تاريخ پڙهي سگهون ٿا، جيڪا درسي ڪتابن ۽ تاريخ
جي مروج ڪتابن ۾ به ان ريت نه ملندي جيئن هنن
ڪتابن ۾، جيئن پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب
”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جي عرض حال ۾ لکي ٿو:
”عيسوي ويهين صديءَ جو پهريون اڌ خامي گوڙ گهمسان
۽ ڦيرڦار جو زمانو ٿي گذريو آهي. ان زماني ۾ ٻه
عالمگير جنگيون لڳيون؛ بادشاهن ۾ ٽاڪوڙا پيا؛
ڊڪٽيٽر اڀريا ۽ ٽنگيا؛ ايٽم بم ڦاٽا؛ هند ۽ سنڌ
مان فيل مست فرنگي موڪلائي ويو؛ هن کي سوراخ ۽ سنڌ
کي پاڪستان جڙيو؛ ملڪان ملڪ ذهني ۽ تهذيبي ”مَهيءَ
ولوڙو“ شروع ٿيو؛ مڙس سُنهاريون صاف ڪرائي ڇڏيون؛
سترونديون چادريون چيري ٻاهر نڪري آيون؛ اڳ ڇڙا
کدڙا نچندا هئا، پر ڦيري آئي ته دولهه دريا خان ۽
هوش محمد جا جاءِ نشين به رمبا ۽ سمبا ۾ جُنبي
پيا. اهو زمانو ڪنهن پر منهنجين اکين اڳيان گذرندو
رهيو آهي. آءٌ اکين ڏٺو شاهد آهيان ڪيترن واقعن ۽
ڦيرين ڦارين جو، اڄڪلهه پراڻيءَ تاريخ جي ڳولا ۽
ترتيب ۾ وڏي دلچسپي ورتي پئي وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۽
ادب کي جيارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ پڻ ڪوششون پيون ٿين،
پرجن شين کي اهڙي ذوق ۽ شوق هوندي به وساريو پيو
وڃي، سي اهي واقعا، جيڪي اسان جين پنهنجين اکين
اڳيان ٿيندا رهيا آهن ۽ جن کي قلمبند ڪري ايندڙ
نسلن تائين پهچائڻ وڏي تاريخي خدمت ٿئي ها. وقت
گذرندو پيو وڃي، ڪاغذ ڦاٽندا ۽ شاهد مرندا پيا
وڃن. ڪجهه عرصي بعد بنهه خانو ئي خالي رهجي وڃڻو
آهي(32).“
سنڌيءَ ۾ لکيل آتم ڪهاڻيون:
ڊاڪٽر قاضي خادم انگريزي ۾، سنڌيءَ ۾ لکيل
ايڪيتاليهه (41) آتم ڪهاڻين بابت ڪتاب
The Glorious Past
نالي لکيو آهي. ڪتاب ۾ هن آتم ڪٿائن جي ترتيب ڇپجڻ
جي ترتيب سان نه، پر ليکڪن جي تاريخ پيدائش مطابق
رکي آهي ڇو ته اڪثر اهڙا ليکڪ به رهيا آهن جن کان
وڏي عمر واري ليکڪن جون ڪهاڻيون سندن ڪتابن بعد
ڇپيون هيون. هن ترتيب سان اها سهولت ٿي ٿئي ته اهي
ڪتاب جيڪڏهن ان ئي ترتيب سان پڙهيا وڃن ته تاريخ
جو هڪ تسلسل جڙندو نظر ايندو ۽ ڪڏهن ته هڪ ليکڪ
جنهن دور ۾ ڳالهه ڇڏي ته ٻي وري اتان کان سرو کڻي
اڳتي تاريخي واقعا بيان ڪيا. ان ريت انهن جي
مطالعي سان اسان کي سنڌ جي سماجي، تعليمي، سياسي ۽
ثقافتي ارتقاء جي هڪ چِٽي تصوير نظر ايندي. ان
ترتيب مطابق سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جي فهرست ڏجي
ٿي:
1.
يادگيريون (سيٺ نائو مل(1878ع- 1804ع)
2.
سائو پن يا ڪارو پنو (مرزا قليچ بيگ- (1929ع-
1853ع)
3.
منازل مسافر (محمد صديق مسافر (1961ع- 1879ع)
4.
مون وٽ نڪو پيتي نڪو ڪلف- ڀڳت کيمچند آسناڻي
(1973ع- 1881ع)
5.
شيخياڻيءَ جي ڪهاڻي (غلام فاطمه شيخ. (1981ع-
1887ع)
6.
نرالي زندگي (نارائڻ داس ملڪاڻي (19- 1890ع)
7.
تان ڪي ڏونگر ڏوريان (محمد صادق ميمڻ (1981ع-
1895ع)
8.
منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (ڊاڪٽر عمربن محمد دائود
پوٽو) (1956ع- 1896ع)
9.
پنهنجي ڳالهه (عبدالله چنا) (1989ع- 1902ع)
10.
پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني (جي- ايم- سيد)
(1995ع- 1904ع)
11.
سکر سي ئي ڏينهن (محمد اسماعيل عرساڻي) (1986ع-
1906ع)
12.
منهنجو سفر(قاضي فيض محمد) (1982- 1908ع)
13.
ڪيئي ڪتاب (رئيس ڪريم بخش نظاماڻي (1983ع- 1909ع)
14.
منهنجي ماضيءَ جا چند ورق (پير عالي شاهه جيلاني
(1973ع- 1916ع)
15.
چولو منهنجو چِڪ ۾ (هري دلگير) (2006ع- 1916ع)
16.
منهنجي ڪهاڻي (ڪامريڊ غلام محمد لغاري (1917ع)
17.
سيئي سڪان ساريان (سيد اظهر گيلاني) (2006ع-
1918ع)
18.
منهنجو ننڍپڻ (مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ)
(1993ع- 1919ع)
19.
منهنجي ڪهاڻي (لعل بن يوسف) (1994ع- 1920ع)
20.
سنڌڙي منهنجي جندڙي (گوبند مالهي) ادب ۽ اديب (پنج
ڀاڱا) (2001ع- 1921ع)
21.
ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم (ڪيرت ٻاٻاڻي) (1922ع)
22.
ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر (شيخ اياز) (1997ع- 1923ع)
23.
ڏسي ڏوهه اکين سين (جمال ابڙو) (2004ع- 1924ع)
24.
منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق (پوپٽي
هيراننداڻي) (2005- 1924ع)
25.
ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (آپا شمس عباسي) (1924ع)
26.
جيڪي هلن هيڪليون- بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي (1925ع)
27.
آخري پنا (هري موٽواڻي) (2006ع- 1929ع)
28.
بک، عشق ۽ اديب (موهن ڪلپنا) (1992ع- 1930ع)
29.
جيون- جهلڪيون (چترو ناگپال) (2007ع- 1932ع)
30.
ٻپهريءَ جا ٻه پَلَ (ريٽا شهاڻي) (1934ع)
31.
اڳتي ايئَن هئاس (فضل احمد بچاڻي) (1987-1934ع)
32.
ديپڪ ۽ ملهار
مجاز (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) (2011ع-
1935ع)
33.
سپيريان سنڌي ڳالهڙي (ممتاز مرزا) (1997- 1936ع)
34.
حياتيءَ جا حصا (لعل (لال) پشپ) (1936ع)
35.
وهي کاتي جا پنا (لڇمڻ ڪومل) (1936ع)
36.
ڏک سکن جي سونهن (تاجل بيوس) (1938ع)
37.
سورن سانڍياس (الهه بچايو مرڻاس (1941ع)
38.
يادِ ايام (ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي) (1943ع)
39.
پيڙا جو سفر (حميده گهانگهرو) (1958ع)
40.
منهنجو يادون، منهنجو ننڍپڻ (پروانو سيوهاڻي)
(1959ع) (33).
حوالا
1.
The new Encyclopedia Britannica Volume: 2, 2003.
Page: 222
2.
Encyclopedia Americana Volume: 3, 1987. page:
766
3.
Leon Edel- Literary Biography. Rupert hart-
devis 1957- page: 1
4.
Alen Shelston- Biography (The Critical Idea)
Mathew and Co London. 1977 Page: 33
5.
قليچ بيگ، مرزا- ”سائو پن يا ڪارو پنو.“ سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو- 1988ع- صفحو 13
6.
سالڪ، علم الدين- ”آپ بيتيون ڪي نمايان پهلو“
’نقوش؛ آپ بيتي نمبر- 1964ع- صفحو 40 .
7.
خانم، ريحانه- ’آپ بيتي ڪيا هئي؟‘ نقوش آپ بيتي
نمبر- 1964ع- صفحو. 85
8.
خادم، قاضي- ’جيون ڪهاڻيءَ جو فن‘ ادب ۽ روايتون-
سنڌي ساهت گهر- حيدرآباد، سنڌ- 1992ع- صفحو 133 .
9.
ڪلپنا، موهن- ’بک، عشق ۽ ادب‘- سپي پبليڪيشن-
حيدرآباد- 1984ع- صفحو (177)
10.
مهر، غلام رسول ’آپ بيتيون ڪي اهميت‘ نقوش آپ بيتي
نمبر- 1964ع- صفحو 37.
11.
عبدالله سيد، ڊاڪٽر- ’آپ بيتي‘ نقوش- آپ بيتي
نمبر- 1964ع- صفحو 91 کان 94 .
12.
خانم، ريحانه- ’آپ بيتي ڪيا هئي؟‘ نقوش- آپ بيتي
نمبر- 1964ع- صفحو 91 کان 94 .
13.
مفتي، ممتاز- پيش لفظ- ’علي پور ڪا ايلي‘ (ٽيون
ايڊيشن)- سنگ ميل پبليڪيشنز، لاهور.
14.
روهڙا، ستيش- ”شبد چترن ۾ جيون- جهان ڪيون“.
ٻَپهريءَ جا ٻه پل (ريٽا شهاڻي)- ڪويتا پبليڪيشن.
حيدرآباد، سنڌ. 2004ع- صفحو 18
15.
جويو، محمد ابراهيم- مهاڳ ’تان ڪي ڏونگر ڏوريان‘
(محمد صادق ميمڻ). ٻيو ايڊيشن. چانڊاڻ پبليڪيشن.
حيدرآباد، سنڌ 1990ع صفحو 8 کان 9.
16.
ڪومل، لڇمڻ- مهاڳ- ”منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا
ورق“ (پوپٽي رامچند هيراننداڻي). سنڌي ساهت گهر-
حيدرآباد- جنوري 1993ع- صفحو 5، 4.
17.
جوڻيجو، عبدالجبار- مهاڳ- ’ديپڪ ۽ ملهار‘ آگم
پبلشنگ ايجنسي- حيدرآباد، سنڌ- 1984ع، صفحو 3، 2.
18.
بچاڻي، فضل احمد- عرض حال- ’اڳي ائين هئاس‘ جلد
ٻيو- نيوفيلڊس پبليڪيشن- حيدرآباد- سنڌ 1985ع.
19.
خادم، قاضي ڊاڪٽر- ’جيون ڪهاڻي جو فن‘ ادب ۽
روايتون- سنڌي ساهت گهر- حيدآباد سنڌ- 1992ع- صفحو
134، 133.
20.
مهر، غلام رسول- ’آپ بيتيون اهميت‘ نقوش- آپ بيتي
نمبر- 1964ع- صفحو 36 کان 39.
21.
سالڪ، علم الدين- ’آپ بيتيون ڪي بعض نمايان پهلو‘-
نقوش- آپ بيتي نمبر 1964ع، صفحو 40.
22.
عبدالله، سيد، ڊاڪٽر- ’آپ بيتي‘- نقوش آپ بيتي
نمبر -1964ع- صفحو 63.
23.
انصاري، يوسف جمال- ’آپ بيتي اور اس ڪي مختلف
صورتين.‘ نقوش آپ بيتي نمبر- 1964ع، صفحو 81 .
24.
خانم، ريحانه- ’آپ بيتي ڪيا هئي؟‘ نقوش آپ بيتي
نمبر- 1964ع- صفحو 84 کان 90
25.
Khadim, qazi Dr. "The Glorious Past" Kavita
Publications Hyderabad, Sindh- 2007 Page 13 to
23.
26.
قليچ بيگ، مرزا- ديباچو- ’سائوپن يا ڪارو پنو‘-
سنڌي ادبي بورڊ- حيرآباد، سنڌ 1988ع صفحو ا،ب .
27.
عرساڻي، محمد اسماعيل- پيش لفظ. ’سکر سيئي ڏينهن‘
ڪتابي دنيا- حيدرآباد، سنڌ مئي 1985ع.
28.
مالهي، گوبند- ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘. سڳنڌ
پبليڪشن لاڙڪاڻو- 1987ع.
29.
ڪلپنا، موهن- ’بک، عشق، ادب‘- سپي پبليڪيشن-
حيدرآباد، سنڌ- ڊسمبر 1984ع صفحو: 9 ۽ 10.
30.
ايضاً صفحو: 285
31.
عباسي، شمس ڊاڪٽر- ٻه ٻول- ’ڳالهيون پيٽ ورن ۾‘
عقيل برائيٽ ڪڊس اڪيڊمي- قاسم آباد، حيدرآباد-
1999ع- صفحو 8، 9-
32.
علي محمد راشدي، پير- عرض حال- ”اهي ڏينهن اهي
شينهن.“ سنڌي ادبي بورڊ- ڄام شورو/ حيدرآباد، سنڌ.
33.
Khadim, Kazi Dr. "The Glorious Past" Kavita
Publication Hyderabad. (2007) |