سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2012ع

مضمون

صفحو :22

رپورٽ

خوبصورت شاعريءَ جي خالق ۽ اديب شمشيرالحيدري سان رهاڻ

ڇنڇر 19- مئي 2012ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ناليواري شاعر، اديب، دانشور محترم شمشيرالحيدريءَ سان رهاڻ ملهائي وئي، جيڪا اطلاعات کاتي جي وزارت جي سهڪار سان پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪئي وئي هئي. خاص مهمان وزيرِ اطلاعات محترمه شازيه مري هئي. انهيءَ پروگرام ۾ سنڌ جي نامورن اديبن، استادن، شاگردن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي.

جناب شمشيرالحيدري کي روزاني اخبار ”مومل“ ڪراچي جي چيف ايڊيٽر محترمه حسينه آزاد جتوئي گلدستو پيش ڪري رهي آهي. صوبائي وزيرِ اطلاعات محترمه شازيه مري پڻ موجود آهي.

تقريب ۾ شريڪ سامعين

سنڌي ادبي بورڊ پاران سندن ڪيل ادبي خدمتن عيوض شيلڊ پيش ڪئي وئي، جيڪا بورڊ جي چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان پاران بورڊ جي فنانس ڪميٽي جي چيئرمن جناب نظر محمد ڳاهو پيش ڪئي، جڏهن ته ادبي بورڊ پاران سندن مالي مدد طور ٽن لکن جو چيڪ بورڊ جي چيئرمن جناب مخدوم جميل الزمان جن جي سربراهيءَ ۾ بورڊ جو سيڪريٽري الهڏتو وگهيو صاحب اڳ ۾ ئي ڏئي چڪو هو، جڏهن ته سندن ڪيل خدمتن عيوض اطلاعات کاتي پاران به شيلڊ ۽ 5 لک رپين جو مالي مدد جو اعلان ڪيو ويو. ان کان علاوه روزاني اخبار ”مومل“ ڪراچي جي چيف ايڊيٽر محترمه حسينه آزاد جتوئي پاران ۽ ٻين ادارن پاران پڻ شيلڊون، اجرڪ ۽ گلدستا پيش ڪيا ويا.

ان کان علاوه پي.ٽي.وي جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ سنڌي پروگرام لاءِ شمشيرالحيدري جي خدمتن حاصل ڪرڻ عيوض مڃتا طور پي.ٽي.وي جي عيوضي گلدستا پڻ ڏنا.

 

سنڌ جي باڪمال شاعر، اديب ۽ مصور، جناب شمشيرالحيدري، حيدرآباد ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ 15 سيپٽمبر 1932ع تي ڄائو ۽ بدين ۾ پرورش وررتائين. ابتدائي تعليم بدين ۾ وٺي، 1947ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. حالتن جي ناسازگار هئڻ ڪري، تعليم ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو، ڪجهه وقت بي.ڊبليو.ڊي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ پوءِ ٽن سالن تائين بدين جي ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر ٿي رهيو، وقت جي لهر کيس حيدرآباد رسايو. اتي پهرين روزانه ”هلال پاڪستان“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿيو ۽ پوءِ 1956ع ۾ سماهي ”مهراڻ، رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو. مسٽر حيدري ”مهراڻ“ جي جيڪا مسلسل ٻارنهن سال خدمت ڪئي آهي. اها سنڌي ادب ۾ يادگار جي حيثيت رکي ٿي. 1963ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم.اي ڪرڻ وقت ”آزاد نظم“ تي جيڪو مونوگراف لکيو اٿس. سا هڪ بهترين تحقيقي ۽ عالمانه تاليف آهي. 1967ع کان پاڪستان پبليڪيشنس ڪراچيءَ جي ماهوار ”نئين زندگيءَ“ جو ايڊيٽر آهي. سندس شعرن جو مجموعو ”لاٽ“ ڇپيل آهي.

-         مولانا غلام محمد گرامي

محمد انس راڄپر

 

خاندان حضرت غازي عبّاس علمدار

علم الانساب تاريخ جو نهايت پيچيده علم آهي، هن علم ۾ غور و فڪر ڪرڻ ۽ ان ۾ پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي دماغ، گهري مطالعي ۽ گهڻي وقت جي ضرورت درپيش ٿيندي آهي. عزت مآب عالي جناب محترم سائين مخدوم جميل الزمان صاحب سنڌ حڪومت ۾ پنهنجي وزارت جي مصروفيتن، سياسي ڪمن ڪارين ۽ ٻين عوامي خدمت جي ڪمن ۾ وقت ڏيڻ باوجود هن علم جي ڏکي گهري ۽ عميق واديءَ ۾ قدم رکيا آهن، جيڪا ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته علم سان سندن عشق ديوانگيءَ جي درجي کي پهتل آهي. ٻي جيڪا ڳالهه هن مان ثابت ٿئي ٿي، سا اها ته مخدوم صاحب جن کي امير المؤمنين سيدنا علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه جي اولاد سان محبت ۽ انسيت آهي، خاص طرح ڪربلا جي شهيدن سان کين بجاطور محبت ۽ عقيدت آهي. پاڻ ان ئي محبت ۽ سڪ ۽ عقيدت مان جناب امام ابوالفضل عباس ابن اميرالمؤمنين علي ڪرم الله وجهه جن جي شان ۾ ڏاڍو شاندار سلام پيش ڪيو اٿن:

 

شاه ميدان شجاعت جو نگهبان حرم

تنهنجو ڪردار ۽ رتبو آ زماني کان اُتم

تون شهنشاهه وفا، رشڪ وفا، روح وفا

مون کي توسان محبت آ وڏو فخر اٿم.

ڪتاب ۾ شجرن ۽ انساب جي بيان جي سلسلي ۾ مخدوم صاحب 476 شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، حضرت آدم عليہ السلام کان شروع ڪري، حضرت ابراهيمؑ کان حضرت اسماعيلؑ جي ذريعي عرب قبيلي قريش جي ابن ڏاڏن جي نسب ۽ ان مان بنو هاشم جي خاندان ۽ حضرت امير المؤمنين علي ڪرم الله وجهه ۽ سندس فرزند ابوالفضل عباس رضي الله تعاليٰ عنه بن علي بن ابي طالب جن جي نسب جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان پوءِ سندن نسب جو سلسلو جيڪو اڳتي هليو ان جو آخر تائين ذڪر ڪيو آهي.

برصغير ۾ جناب ابوالفضل عباس بن علي بن ابي طالب جي نسب مان ڪوبه شخص يا خاندان ڪونه پهتو. پاڻ ان سلسلي ۾ ٻه حوالا نقل ڪيا اٿن، ۽ ان بعد لکيو اٿن ته: ”مون ڪوشش ڪئي ته غازي عباس علمدار جن جي اولاد مان سنڌ ۾ ڪو فرد موجود هجي ته ان جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ شامل ڪريان، پر معلوم ٿيو ته سنڌ ۾ سندن خاندان جو اچڻ ناهي ٿيو.

ڪتاب ۾ شيخ المشائخ نوشه گنج بخش جو مٿان کان هيٺ تائين مڪمل شجرو بيان ڪيو اٿن، حضرت نوشه گنج بخش 959هه/ 1552ع ڌاري گجرات ۾ ڄاوا ۽ 1064هه/1654ع ۾ وفات ڪيائون. شجرن جي سلسلن ۾ مخدوم صاحب جن آخر ۾ تيم بن مره بن ڪعب بن لوئي کان هيٺ جو شجرو خليفه اول امير المؤمنين حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ تائين ۽ ان کان هيٺ قاضي محمد بن عبدالله بن عبدالرحمٰن بن اميرالمؤمنين خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق جي شجري جو، هندستان ۾ سهروردي صديقي خاندان جي مؤسس اعلي ابوجعفر عبدالله عمويه بڪري، تيمي قريش کان وٺي حضرت مخدوم سرور نوح صديقي قريشي هالائي تائين بيان ڪيو آهي.

آخر ۾ مرزا سلامت علي دبير جو حضرت عباس علمدار جي شهادت تي مرثيو شامل ڪيو ويو آهي. جنهن ڪتاب جي رنگ کي دوبالا ڪري ڇڏيو آهي.

ڪتاب ۾ حوالن جي فهرست ۽ حاشيا به شامل ڪيا ويا آهن، جن کي ڏسي عالي جناب مخدوم صاحب جن جي محنت ۽ تحقيق جو اندازو ٿئي ٿو. پاڻ ڪتاب جي تصنيف ۾ جيڪا جاکوڙ ڪئي اٿن، گهرو مطالعو ۽ کوڙ ڪتابن کي اُٿلايو اٿن، سو ته قابل داد آهي، پر ان کان به وڏي ڳالهه اها آهي ته شجرن ۽ نسبي سلسلن ۾ جتي اختلاف ۽ مونجهارو نظر اچي ٿو، اتي پاڻ ماهرانه ۽ مجتهمدانه راءِ جو اظهار به ڪيو اٿن. ۽ شجرن جي منجهيل سٽ کي ڪمال درجي جي مهارت سان سلجهايو به اٿن. اميد آهي ته هيءُ ڪتاب عوام وٽ قبوليت جو شرف ماڻيندو ۽ دعا آهي ته الله تعاليٰ عالي جناب مخدوم صاحب جن جي ذوق تحقيق کي وڌيڪ جلا بخشيندو.

عاشق علي جوکيو

(ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي 13 ورسي)

نالي واري سماج سڌارڪ، استاد، صحافي ۽  سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت ۽ سنڌيونيورسٽي ۾ ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي باني ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي 13 هين ورسي  هن سال پڻ 27 مئي تي ملهائي وئي. ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽرسٽ پاران، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، سنڌ ثقافت کاتي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي گڏيل سهڪار سان اٿارٽي جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ ورسي جي تقريب منعقد ٿي. مشهور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر قاضي خادم حسين ان موقعي تي صدارت ڪئي، جڏهن ته ريڊيو پاڪستان حيدراباد جو اسٽيشن ڊئريڪٽر ۽ نالي وارو شاعر محترم نصير مرزا خاص مهمان ۽ نالي وارو شاعر هدايت بلوچ اعزازي مهمان هئا.  ورسيءَ جي تقريب ۾ نالي وارن اديبن ، شاعرن ، سماجي ورڪرن ۽ شاگردن  ۽ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي خاندان جي فردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات قرآن شريف جي تلاوت سان ٿي، جنهن جي سعادت مس رابعه پنهور حاصل ڪئي. 

صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر قاضي خادم حسين چيو ته: ڊاڪٽر پنهور هڪ محنتي انسان هئو. هن هميشه ٻين جي مدد ڪئي ۽ ٻين جي ڪم ايندي هُو خوشي محسوس ڪندو هئو. هن ڊاڪٽر پنهور جي هر سال ورسي ملهائڻ تي ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽرسٽ  کي جَس ڏنو ۽ چيو ته ورسيءَ جي موقعي تي سيمينار ڪرائي مقررن کي مقالن لاءِ عنوان ڏنا وڃن ته جيئن ڊاڪٽر پنهور جي شخصيت ۽ سندس عملي جدوجهد بابت تحقيقي مواد گڏ ٿي سگهي، جنهن کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرائي سگهجي.

محترم نصير مرزا چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور هڪ عظيم استاد هئو. هن چيو ته هن علامه آءِ آءِ قاضي کي ته نه ڏٺو،  پر سندس نظر ۾ خان محمد پنهور علامه آءِ.آءِ. قاضي هئو. هن چيو ته ڊاڪٽر پنهور تاريخساز شخصيتن کي سنڌ جي نوجوانن سان متعارف ڪرايو. هن چيو ته سندس استاد صاف سٿرو انسان هئو. هن ۾ ڪابه لوڀ لالچ ڪانه هئي. هن چيو ته هن دور ۾ جڏهن هر ماڻهو لالچ ۾ وڪوڙيل آهي، پر سندس دعوا آهي ته اهڙي دور ۾ به سندس استاد جا هٿ صاف هئا ۽ هُو هڪ نهايت ايماندار انسان هئو.

محترم هدايت بلوچ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جون ساروڻيون ساريندي چيو ته ڊاڪٽر پنهور سندس ويجهو دوست ۽ ساٿي هئو. هن کيس سنڌ جي نامور شخصيتن شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير حسام الدين راشدي سان ملايو. هن چيو ته ڊاڪٽر پنهور تمام سچو ۽ وڏو انسان هئو. هن وٽ معاشري جي بهتريءَ لاءِ تڙپ هئي. هن چيو ته سنڌ ٿروسينچريز ڪانفرنس جي انعقاد لاءِ ڊاڪٽر پنهور جون خدمتون هميشه ياد رهنديون.

محترم تاج جويو چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ ملهايو. هُو هميشه متحرڪ هوندو هئو ۽ ٻين کي پڻ سرگرم  رکندو هئو. هُو محبت ڏيندو ۽ محبت وٺندو هئو، عزت ڏيندو ۽ عزت ماڻيندو هئو. هن چيو ته ڊاڪٽر پنهور سگا جي بنياد وجهندڙن مان هئو.

محترم نياز پنهور، ڊاڪٽر پنهور جي حوالي سان يادگيرين بابت ويچار ونڊيندي چيو ته ڊاڪٽر پنهور گهڻ پهلوئي شخصيت جو مالڪ هو. هن سنڌي ادب تي پڻ گهڻو ڪم ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر پنهور عملي طور ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو. هن پبليڪيشن ۽ رسالن ذريعي سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي.

نالي واري اديب محمد علي ڏيپلائي چيو ته ڊاڪٽر پنهور  ادارا ساز ۽ شخصيتون ٺاهيندڙ انسان هئو. هن تحريڪ آزادي جي اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي نوجوانن آڏو متعارف ڪرايو. هن چيو ته جڏهن هُو سعودي عرب مان آيو ته سندس وٽ هڪ وڊيو ڪئميرا هئي. ڊاڪٽر پنهور کي جڏهن خبر پئي ته هو پنهنجي شاگردن جي هڪ گروپ سان وٽس آيو ۽ سندس والد محمد عثمان ڏيپلائي جو انٽرويو رڪارڊ ڪيو . جيڪو هڪ تاريخي خزاني جي حيثيت رکي ٿو.

ڊاڪٽر خان محمد پنهور ٽرسٽ جي چيئرمين محترم سڪندر ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور سماجي ۽ ادبي ڪمن جي شروعات ٻارڙن جي ٻاري، بزمِ اداره ادب کان ڪئي . هن چيو ڊاڪٽر خان محمد پنهور هڪ بي لوث ۽ سچو انسان هئو.

ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر  ۽ لطيف سائين جي راڳي ذوالفقار علي قريشي چيو ته جديد گلوبل وليج کان گهڻو اڳ ڊاڪٽر پنهور گلوبل وليج  جو تصور ڏنو.

رسول بخش گچيرائي چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۽ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي خدمتن کي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽر پنهور هڪ بي لوث انسان ۽ محبتون ونڊيندڙ هئو. هن چيوته سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي سرگرمين کي اڃان وڌيڪ سرگرم ڪيو ويندو. عبدالمجيد پنهور چيو ته ڊاڪٽر پنهور ڳوٺ سڌار جي صورت ۾ هڪ تحريڪ جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر پنهور جديد سماج سڌارڪ ۽ جديد ڳوٺاڻي ترقيءَ جو تصور ڏنو. هن چيو ته سندس سرگرمين جو مرڪز ڳوٺ هئا. هُو نياڻين جي تعليم کي اهميت ڏيندو هئو. هن ادب، سماج، صحافت ۽ سنڌ جي تاريخساز شخصيت جي خدمتن جي واڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽر پنهور نه صرف سندس ڀاءُ هو، پر هُو سندس استاد پڻ هئو.

سهڻي پارس پنهنجي والد جون ساروڻيون ياد ڪندي چيو ته هو نياڻين کي پٽن وانگر اهميت ڏيندو هو. هن کيس پٽن وانگر تربيت ڏني ۽ چوندو هو ته هُو سندس پٽ آهي. هن چيو ته هوءَ پنهنجي والد جي مشن کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿي ته جيئن معاشري جي بهتريءَ لاءِ سندس والد جي ڪم ۽ خدمتن کي اڳتي وڌائي سگهجي.

سُميرالزمان ميمڻ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي سماجي ڪمن کي ساراهيندي چيو ته پنهور صاحب پنهنجي ننڍڙي ڄمار يعني تيرهن ورهين ۾ پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون، انهيءَ مان اِهوئي ثابت ٿئي ٿو ته هُو غير معمولي انسان هو. هُو اسان لاءِ سُقراط به هئو. ته ٽئگور به، پر اسان وٽ وڏي غلطي اِها آهي ته اسان پنهنجن هيروز کي بيماريءَ کان پوءِ پڇندا ئي ڪونه آهيون، هن وقت سنڌ کي پنهور صاحب جهڙن ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.

محترم عبدالفهيم نوناري، ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي سماجي جاڳرتا لاءِ ڪيل جدوجهد تي روشني وڌي. هن چيو ته ڊاڪٽر پنهور سنڌ جي جهر جهنگ ۾ تعليم جو نعرو بلند ڪيو ۽ جاڳرتا مهم ذريعي والدين کي اولاد خاص طور تي نياڻين کي پڙهائڻ جي تبليغ ڪئي.

رابعه مشتاق پنهور چيو ته سندس چاچو ڊاڪٽر پنهور هميشه نوجوانن جي صلاحيتن مان پُراميد نظر ايندو هئو. محنت ۾ يقين رکندڙ ۽ محنت لاءِ اتساهيندو هو. هن چيو ته ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي سماج جي بهتري، ڳوٺن جي ترقي ۽ انساني ڀلائي لاءِ ڪيل ڪم سبب سدائين ياد رکيو ويندو ۽ ڪڏهن به معاشرو سندس خدمتن کي وساري نه سگهندو.

ان موقعي تي سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم جي سرپرست محمد عثمان منگي پاران ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي گهرواريءَ محترمه نسيم خان پنهور کي پوتي اوڍائي ۽ ڊاڪٽر پنهور جي وڏي فرزند سارنگ خان پنهور کي اجرڪ پارايو.

بزم روح رهاڻ پاران ٿيندڙ هفتيوار گڏجاڻين جي سلسلي ۾ پڻ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جي ياد ۾ هڪ ويهڪ 10 جون تي منعقد ٿي. جنهن ۾ مقررن ڊاڪٽر خان محمد پنهور کي سندس خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي جي صدارت بزم روح رهاڻ جي سرپرست حميد سنڌي ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر قاضي خادم حسين خاص مهمان هئو. ان موقعي تي مقررن سنڌيونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور رسرچ چيئر ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ ڊاڪٽر خان محمد پنهور يادگار ڪارنر قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

 پروفيسر سيد قلندر شاهه لڪياري، محترم گل محمد عمراڻي، پروفيسر اعجاز قريشي، الحاج  شاهنواز مسافر، محترم رسول بخش ٻگهيو، محترم محمد ذڪريا راهپوٽو، محترم عبدالمجيد پنهور، محترم ناصر علي پنهور، محترم غلام نبي ڪاڪا، محترم سليم چنا ۽ ٻين ڊاڪٽر خان محمد پنهور  جي خدمتن تي روشني وڌي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com