مظهر يوسف
ليلارام وطڻ مل لالواڻي- ڀٽائيءَ جو اولين اڀياسي
اوڻهين صدي ڌاري، سنڌ جي تهذيبي آسمان تي جيڪا
عالمن جي ڪهڪشان چمڪي ۽ ڌمڪي رهي هئي، تُنهن جو هڪ
منور ستارو ليلارام وطڻ مل لالواڻي به هو. ان
ڀڀڪيدار آڪاس نديءَ جا ٻه اهم ترين واسي مرزا قليچ
بيگ ۽ ڏيارام گدو مل به هئا.
انهن مان هر هڪ پنهنجي سوءِ وڏو ودوان ۽ عالم هو.
هو سنڌ جي علم ۽ ادب جي پرورش ۾ عام طور تي عظيم
شاعر شاهه لطيف جي اڀياس ۾ خاص طور ڀاڱي ڀائيوار
بنيل هو. جيتوڻيڪ لالواڻي صاحب مرزا قليچ بيگ
وانگر ڪتاب لکيا(1)، يا پنهنجي ويجھي دوست ڏيارام
گدومل وانگر گھڻو لکندڙ نه هو، پر هن شاهه صاحب جي
عالم طور پاڻ موکيو آهي. سندس لکيل ڪتاب
"The Life, Religion and Poetry of Shah Abdul
Latif"
انگريزي زبان ۾ ڇپيل پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ شاهه
ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ فن جو باترتيب اڀياس ڪيو ويو
آهي.
هن صاحب انهيءَ ڪتاب کان سواءِ، سنڌي زبان ۾ ”ڪچو
پاهه“ جي نالي سان هڪ پمفليٽ لکيو هو، جنهن ۾ صوفي
مت ۽ ويدانت جا اصول سمجهايا ويا هئا(2). ان کان
علاوه هيءُ صاحب سنڌ جو بانيڪار ڊرامه نويس پڻ
آهي، جنهن ڪافي سارا اسٽيج ڊراما تحرير ڪيا، جن
مان ڪافي ڊراما ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي اميچوئر
ڊراميٽڪ سوسائٽي سال 1895ع کان 1905ع جي وچ ۾، ۽
حيدرآباد پليڊرس ڊراميٽڪ ڪلب وارن سال 1905ع کان
1908ع جي عرصي ۾ اسٽيج تي پيش ڪيا(3).
هي صاحب شاعر به هو ۽ سندس اشلوڪ ”لطيفي لات“ جي
سري هيٺ شايع ٿيا هئا(4). بهرحال شاهه صاحب تي
لکيل سندس ڪتاب کيس هميشه لاءِ نامور بنائي ڇڏيو
آهي.
جيتوڻيڪ هيءُ هن ڪتاب جي اصلي ليکڪ هئڻ جي هام نٿو
هڻي، پر اسان سندس اهڙي روش کي هڪ حقيقي عالم جي
نمرتا سمجهون ٿا(5). ڇو ته اسان کي خبر آهي ته هن
عربي زبان ۽ قرآن حڪيم کي سمجھڻ لاءِ ڪافي ڪشالا
ڪڍيا آهن. ان سلسلي ۾ سندس خيال هو ته هو عربي ۽
قرآن جي سمجهڻ بغير شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فني
باريڪين کي پُرجھي نه سگھندو.
لالواڻي صاحب جي تحقيق موجب، هن پورا اٺ سال
انهيءَ ڪتاب جي تياريءَ تي لڳايا آهن. هن پورا ٻه
سال ته قرآن شريف کي انگريزي، هندستاني ۽ فارسي
ترجمن جي مدد سان پڙهي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ لڳايا.
سندس پاران قرآن مجيد کي پڙهڻ جو مکيه مقصد اهو هو
ته هو پنهنجي سر انهن قرآني آيتن کي سمجھي سگھي،
جيڪي شاهه جي رسالي ۾ جا بجا ڏنل آهن(6).
ليلارام پنهنجي سر ائين ڪرڻ لاءِ ان ڪري مجبور
ٿيو، جو جڏهن هن ان وقت جي اهم قاضين يا ملن کان
ڪنهن آيت جو مطلب ٿئه پڇيو ته هنن بي رخي ٿئي
اختيار ڪئي. شايد اهي صاحب ڪنهن ڪافر سان قرآن پاڪ
جي حڪمت جي سمجھ کي ڀائيوار ڪرڻ نه پيا چاهين(7).
ليلارام، مرزا قليچ بيگ سان ضرور پنهنجا ناتا
استوار ڪيا هوندا، جيڪو سندس جيان عدليه جو رڪن هو
۽ وڌيڪ ته اهو صاحب به ان زماني ۾ ئي شاهه صاحب جي
زندگي ۽ فن جي مطالعي ۾ رڌل هو. حقيقت ڪري مرزا
قليچ بيگ ته پاڻ اڳ ۾ 1887ع ۾ انگريزي زبان ۾ شاهه
جي زندگيءَ تي ڪتاب لکي چڪو هو، جيڪو پوءِ هن سنڌي
زبان ۾ ترجمو ڪيو(8). مرزا قليچ بيگ صاحب نه رڳو
هن جي سوالن جا جواب خطن ذريعي اماڻيا پر کيس
مذڪوره ڪتاب جو مسودو به ڏنو، جنهن مان هن ڀرپور
استفادو ڪيو(9). بهرحال اها وقت جي ستم ظريفي چئبي
ته جيڪو ڪتاب اڳ ۾ مڪمل ٿيو ۽ ان مان ليلارام ڪافي
مدد ورتي، سو هڪ ڏهاڪي کان پوءِ ئي سال 1910ع ڌاري
شايع ٿيو(10). ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب
مرزا صاحب جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو سنه 1897ع ڌاري
شڪارپور جي پوڪرداس ڇپايو(11).
جيتوڻيڪ ليلارام پنهنجي ڪتاب ۾، مرزا قليچ بيگ جي
مسودي ۾ ڏنل معلومات کي پنهنجي ڪتاب ۾ شامل ڪيو
آهي. جيئن هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ان واسطي مرزا صاحب
جو قرض تسليم ڪيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته مرزا
صاحب وري هڪ ٻئي عالم مير عبدالحسين خان سانگي کان
اها ڄاڻ حاصل ڪئي هئي(12). سانگي صاحب جو تعلق سنڌ
جي ٽالپر گهراڻي سان هو ۽ هن ڪلڪتي جي قيد مان
آزادي ملڻ بعد 1863ع ۾ سنڌي، فارسي ۽ اردو زبانن
تي مهارت حاصل ڪئي ۽ سنڌي، اردو ۾ شعر گوئي شروع
ڪئي. جڏهن هو عمر جي ٽيهن واري ڏهاڪي جي آخر ۾
پهتو ته هن شاهه لطيف جي شاعري ۽ زندگي جو ترتيب
وار مطالعو شروع ڪيو. پنهنجي انهي اڀياس ۽ تحقيق
جي آڌار تي هن صاحب هڪ علمي ڪتاب لکيو. اهو ڪتاب
19 جولاءِ 1888ع تي ’لطائف لطيفي‘ جي نالي سان
مڪمل ٿيو، پر اهو ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر پاران سال
1967ع ڌاري ڇپيو، جنهن جو تعارف ڊاڪٽر نبي بخش
بلوچ لکيوهو(13).
سانگي صاحب جيڪا ڏاکڙن سان ڄاڻ گڏ ڪئي هئي، سا هن
پاٻوهه سان مرزا صاحب جي حوالي ڪئي ۽ پوءِ مرزا
صاحب به سرهائي سان ليلارام کي پنهنجو مسودو
ڏيکاريو پر سانگي صاحب اها ڄاڻ ڪٿان ورتي. اهو
سوال اسان کي هڪ ٻئي حوالي يا بنياد ڏي وٺي وڃي
ٿو، جيڪو حقيقت ۾ مکيه حوالو يا ذريعو آهي، جنهن
وٽان ئي شاهه صاحب متعلق بنيادي ڄاڻ حاصل ڪئي
ويئي. سانگي صاحب کي اها معلومات ڀٽ شاهه جي آخوند
احمدي کان حاصل ٿي، جيڪو ان وقت اتي جو عالم ۽
استاد هو. ليلا رام پنهنجي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته
آخرڪار هن کي به ڄاڻ واسطي ڀٽ شاهه جي ڪراڙي آخوند
احمدي وٽ وڃڻو پيو، جنهن جو پڙ ڏاڏو ڀٽائي صاحب جو
استاد هو(14).
ليلارام پنهنجي نوڙت جو اظهار ڪندي لکيو آهي ته:
”جيڪر آخوند احمدي نه هجي ها ته مون کان سوين
غلطيون ٿين ها ... بيشڪ سنڌ ۾ هن جهڙو ڪو ٻيو نه
آهي، جنهن کي هن جي اڌ جيتري به ڄاڻ هوندي(15).“
ليلا رام شاهه ڪريم جي ملفوظات تي مبني ڪتاب بيان
العارفين جي حوالي سان پنهنجي خاص تشڪر جو ذڪر ڪري
ٿو. هيءُ صاحب شجرن مان شاهه ڪريم کي لطيف سرڪار
جو پڙ ڏاڏو(16). ثابت ڪري ٿو، نه ئي ڏاڏو، جيئن
سگما پنهنجي ڪتاب
"Something about Sindh”
۾ ڄاڻايو آهي(17).
ليلارام ’بيان العارفين‘ جي فارسي مسودي توڙي سنڌي
ترجمي مان استفادو حاصل ڪيو آهي. جنهن سنڌي ترجمي
جو هن حوالو ڏنو آهي، سو ڪڇ جي هڪ عالم عبدالصمد
ڪيو هو(18) .
ليلارام پاڻ ڪافي ٻولين جو ماهر هو، جيئن هن پاران
ڪم آندل ڪتابن جي ڏنل فهرست مان ظاهر ٿئي ٿو. سنڌي
هن جي مادري زبان هئي. هندو برادري جي هر ان رڪن
جيان، جيڪو سرڪاري ملازمت جو گهرجائو هو، هن
انگريزي زبان اسڪول ۾ پڙهي. ان وقت جي هر پڙهيل
شخص جيان فارسي تي مهارت به حاصل ڪئي. پر عربي
زبان رڳو شاهه صاحب جي درست مطالعي واسطي سکي. ٿي
سگهي ٿو ته هن انهيءَ زماني ۾ هندستاني ۽ پنجابي
(گرمکي لپي ۾) سکي هجي. هن فضل الله ۽ ٻين پاران
ترتيب ڏنل هير رانجها واري پنجابي قصي مان به
استفادو ڪيو آهي(19).
هن جنهن نموني شاهه صاحب جي مزار تي اڪريل فارسي
عبارتن ۽ تحريرن جو استعمال ڪيو آهي، تنهن مان لڳي
ٿو ته هن جو فارسي زبان تي مڪمل عبور هو. شاهه
صاحب جي ڄم توڙي وصال جي درست تاريخ معلوم ڪرڻ
لاءِ مزار يا قبر تي اڪريل فارسي تحريرن کي هن سٺي
عالم جيان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان مان ئي اهو
حساب ڪيو ته شاهه صاحب جو وصال سال 1165هجري ۾
ٿيو(20)، ۽ نه سال 1160 هجري ڌاري، جيئن سگما
پنهنجي ڪتاب
"Something about Sindh"
۾ ڄاڻايو آهي(21)، يا 1161 هجري جيئن ڊاڪٽر ٽرمپ
پنهنجي مرتب ڪيل ’شاهه جي رسالي‘ ۾ لکيو آهي(22).
سندس ڇيد ڪيل تاريخ جي تصديق آخوند احمدي جي ڏنل
فارسي مسودن مان به ٿي.
ليلارام، شاهه تي لکيل ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورڇيو
آهي. پنهنجي مهاڳ ۾ هنن دوستن، واقفڪارن ۽ ٻين
ذريعن جا ٿورا مڃيا آهن، جن سندس سهائتا ڪري، هن
ڏکي ڪم کي مڪمل ڪرايو. هن خاص طور تي آخوند احمدي
جا ٿورا مڃيا آهن. ان کان پوءِ هن مرزا قليچ بيگ
صاحب جي نوازشن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن هن کي پنهنجي
اڻ ڇپيل ڪتاب مان ڀرپور استفادو ڪرڻ جو موقعو
فراهم ڪيو. آخر ۾ هن صاحب پنهنجي ويجھي دوست
ڏيارام گدو مل جو به ٿورو مڃيو آهي، جنهن جي اِڇا
تي هن رسالي جي ڏکين لفظن جي لغت ڪتاب جي آخر ۾
شامل ڪئي.(24)
پهرئين جلد ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ جو احوال ڏنل
آهي، جيڪو هن گھڻي ڀاڱي يا ته شاهه ڪريم جي ڪتاب
’بيان العارفين‘ مان ورتو آهي، يا آخوند احمدي جي
زباني ڄاڻ ۽ مهيا ڪيل فارسي مسودي مان حاصل ڪيو
آهي. ان جلد ۾ هن جي پنهنجي تحقيق به شامل آهي،
جيڪا هن مزار تي اڪريل فارسي عبارتن تي ڪئي آهي.
ٻئي جلد جي پهرئين حصي ۾ شاهه جي رسالي ۾ ڪم آيل
قرآني آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ ڏني ويئي آهي.
انهيءَ لغتي ڄاڻ ۾ ليکڪ نه رڳو قرآني آيتن ۽ حديثن
جو حوالو ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت مختلف صوفي شاعرن
جهڙوڪ: فريدالدين عطار، شيخ سعدي، سچل سرمست ۽
بلهي شاهه جا بيت به پيش ڪري ٿو. يقيني طور جڏهن
هو رسالي ۾ ڏنل آيتن سان ملندڙ ٻين قرآني آيتن جو
ذڪر ڪري ٿو ته اهو عمل سندس عالم هئڻ جي دلالت ڪري
ٿو. مثال طور رام ڪلي ۾ ڄاڻايل آيت رضي الله عنم و
رضوا عنه (الله انهن مان راضي آهي ۽ هو الله مان
راضي آهن.) (بمبئي ڇاپي جي صفحي 363 تي) جو بنياد
ڳولي ٿو ته قرآن مجيد جي سورة 5، 58، ۽ 98 جو ذڪر
ڪري ٿو(25). اهڙا ڪافي حوالا ان ڀاڱي ۾ ملن ٿا.
جلد ٻئي جي ڀاڱي ٻئي ۾ ڏنل لغت ۾ ليکڪ، شاهه جي
رسالي جي 1500 کان وڌيڪ ڏکين لفظن يا محاورن جي
سمجھاڻي ڏني آهي. جيڪڏهن اسان مددي لفظن کي ڳڻيون
ته پوءِ سمجهايل لفظن جو تعداد وڌي وڃي ٿو. مثال
طور دؤڪ(ٻن نون ڏندن وارو اٺ) لفظ جي سمجهاڻي
ڪندي، هن صاحب اٺ جي عمر گؤرو (جوان اٺ)، ٻهاڻ (ٻه
ساله اٺ)، ٽهاڻ (ٽي سالا اٺ)، ڇٽ (چار سالا اٺ)
چؤڳو (چئن ڏندن وارو ڇهه سالا اٺ)، ڇڳو (ڇهن ڏندن
وارو ست سالا اٺ) نيش (8 ورهين وارو اٺ) آرموش
(پنجن سالن کان پوءِ پورو نسريل اٺ) جو ذڪر ڪيو
آهي(26).
پنهنجي اڀياس ۾ هن شاهه جي رسالي جي ٻن اشاعتن کي
ڪم آندو آهي. هڪڙو شاهه جو رسالو ته ڊاڪٽر ٽرمپ جو
ترتيب ڏنل آهي ۽ 1866ع ۾ ليپزگ جرمني مان بمبئي
حڪومت ڇپارايو هو(27) ۽ ٻيو رسالو پوربندر جي نالي
سان مشهور هو، جيڪو 1867ع ۾ بمبئي ۾ ڇپيل هو. هن
نه صرف ٻنهي رسالن جي مواد جو موازنو ڪيو آهي، پر
ٻين ذريعن وٽان مليل مسودن سان به هن انهن جي ڀيٽ
ڪئي. ان کان پوِءِ ڪراڙو آخوند احمدي به سندس
رهنما ۽ صلاحڪار آهي. نتيجي ۾ هو ڪن بيتن جي اصليت
تي سوال واري ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته رسالي ۾ ڏنل
هندستاني، پنجابي ۽ فارسي زبان وارا بيت ڀٽائي
صاحب جا نه آهن. ان کان سواءِ هن صاحب جو اهو به
رايو آهي ته ڪافي بيت، شاهه صاحب جي جوشيلن مريدن
شامل ڪيا آهن ته ڪي وري مزار جي روايتي گائڪن شامل
ڪيا آهن، جيڪي دهليءَ مان آيا هئا(28).
ان حساب سان هن کي ڊاڪٽر گربخشاڻي جو پيشرو سڏي
سگھجي ٿو، جنهن سان 1923ع ڌاري ڇپيل پنهنجي شاهه
جي رسالي جي پهرئين جلد ۾ هزار کن بيتن کي ڪوڙو
(ڌاريو) قرار ڏنو هو(29).
پر حيرتناڪ حقيقت اها آهي ته جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻي
۽ هڪ ٻئي عالم، اخبارنويس ۽ ٿياسافٽ ڄيٺمل پرسرام
(جنهن
‘Sindh Soofi Saints and Poets’
نالي ڪتاب به لکيو هو) جي وچ ۾ ان مامري تي
اخبارن: ڀارت واسي ۽ پرڪاش ۾ گرما گرم بحث مباحثو
متل هو(30). تڏهن هن صاحب ڄيٺمل پرسرام جو پاسو
ورتو هو. ياد رهي ته ان وقت جا ڪجھ ٻيا عالم
جهڙوڪ: فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود
پوٽو (جيڪو ڪيمبرج ۾ پڙهي رهيو هو) لالچند امر
ڏنومل، ڀيرو مل آڏواڻي وغيره گربخشاڻي صاحب جي
نُڪتهء نظر جا حمايتي هئا(31).
ليلارام لالواڻي صاحب جو ڪتاب
‘The Life, Religion and Poety of Shah Abdul
Latif’
هڪ اهم ترين دستاويز آهي ۽ شاهه سائين تي ٿيل ڪم
جي سوني جڙت ۾ هڪ ماڻڪ مثل آهي.
حوالا
1.
پير حسام الدين راشدي پنهنجي حوالي سان خاص نمبر
طور شايع ٿيل ڪنهن سنڌي اشاعت ۾ لکيل مضمون ۾ مرزا
قليچ بيگ جي پوٽي مرزا اعجاز علي بيگ جي حوالي سان
لکيو آهي ته مرزا صاحب 457 ڪتاب لکيا، جن مان 150
اڃا اڻڇپيل آهن.
2.
5، 6، 7، 9، 14، 15، 16، 17، 19، 20، 21 کان 26
وارا حوالا ليلارام وطڻ مل جي ڪتاب
"The Life, Religion and Poetry of Shah Abdul
Latif"
تان کنيل آهن.
3.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي: ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾
ڄاڻائي ٿو ته پهرئين اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي کي
ڪراچي ۾ 1894ع ۾ ڊي.جي سنڌ ڪاليج جي پرنسپال مسٽر
جئڪس ۽ وائيس پرنسپال پادشاهه جي آڏواڻي ٺاهيو، ۽
ان کي ڊي.جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي
سڏيو ويو. ان سوسائٽي پاران 1895 ۾ ليلا رام جو
لکيل ’راجا هرش چندر‘ نالي ڊرامو پيش ڪيو ويو.
سندس ٻن قسطن ۾ لکيل ڊرامي ’رامايڻ‘ کي 1898ع ۾
پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ 1905ع ۾ ڌريا پڌي ڊرامو
پيش ڪيو ويو. ڊي.جي سائنس ڪاليج سوسائٽي کان پوءِ
حيدرآباد پليڊرس ڪلب ’خورشيد‘ 1905ع ۾ ”نل دمينتي“
1908ع ۾ پيش ڪيا.
ڄيٺمل ليلارام، ديوان ليلارام جو پٽ حيدرآباد
پليڊرس ڪلب جو سرگرم حصيڪار هو ۽ ڊرامي ’عزيز
شريف‘ ۾ 1919ع ڌاري مکيه رول ادا ڪيو هو.
ڀيرو مل ميرچنداڻي
“Sindhi Literature and its Pioneers”،
سنڌين ورلڊ، جلد- 1، 1940ع ۾ لکيو آهي، ته مرزا
قليچ بيگ توڙي ديوان ليلارام سنگهه جا ڊراما پڙهيل
طبقي ۾ تمام مقبول هئا.
هتي اهوڄاڻائجي ته 1913ع ڌاري ليلارام سک مت
اختيار ڪئي هئي.
4.
“A Poet Laureate of Sindhi”
مضمونن جومجموعو، جيڪو ڊائريڪٽر پبلڪ رليشن، سائوٿ
زون، ويسٽ پاڪستان، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
8. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تعارف، شاهه جو رسالو، ڀٽ
شاهه سينٽر.
10. 12، 14. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تعارف، شاهه جي
رسالي جا سرچشما، ڀٽ شاهه سينٽر.
11. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ : تعارف، شاهه عبدالطيف
ڀٽائي جو احوال، ڀٽ شاهه سينٽر.
18. هيءَ معلومات مون کي مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي
ڏني.
27. فضل الله ۽ ٻيا:
Tale of Heer Ranjha Introduction by late Hafiz
Hoshiarpuri،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
28. عبدالحسين سانگي: لطائف لطيفي.
29. دين محمد وفائي: شاهه جي رسالي جو مطالعو.
30. سگما:
Something about Sindh
31. اِي ٽرمپ: شاهه جو رسالو، تعارف. ليپزگ ۾
1866ع ۾ ڇپيل.
|