خميسو خان خانوٺي
پاند ڳچيءَ ڳَلِ پاءِ، سِر کي زمين سان لاءِ،
پاڻ وڃي پرچاءِ،
سڄڻ کي پاڻ
وڃي پرچاءِ.
ويو جي هٿن مان وقت، نيڪ ڦِٽو جي بخت،
جوٽَ پٽيندي هاءِ،
سڄڻ کي پاڻ
وڃي پرچاءِ.
جيءَ ۾ جوڳي آڻ، مَن جون مُرادون ماڻ،
جلد رُٺل ريجهاءِ،
سڄڻ کي پاڻ
وڃي پرچاءِ.
ننڊ ڦٽائي روءُ، من ۾ سمائي روءُ،
ٻانهون ٻڌي ٻاڏاءِ،
سڄڻ کي پاڻ
وڃي پرچاءِ.
عشق جي من ۾ آڳ، جهنگَ جبل پوءِ جهاڳ،
عشق عيان هر جاءِ،
سڄڻ کي پاڻ
وڃي پرچاءِ.
پتنگ جيئان سِرُ وار، نينهن جو ناتو پار،
ڪونج جيئان ڪرلاءِ، سڄڻ کي پاڻ وڃي پرچاءِ.
اشوڪ واجپئي(1)
هڪ دري
موسم بدلجي، نه بدلجي
اسان کي اُميد جي
گهٽ ۾ گهٽ
هڪ دري ته کُليل رکڻ گهرجي.
شايد ڪا عورت
پيلي ريشم ۾ ويڙهيل
اُنهيءَ وڻ هيٺان
ڪنهن لڪل ديوتا جي لاءِ
ڇڏي ويئي هجي
گُل، ان – داڻا ۽ ٿوري مِٺاس.
ٿي سگهي ٿو
ڪنهن ٻار جو کينهُو
بجاءِ پولار ۾ وڃائجڻ جي
اسان جي ڪمري ۾ اندر اچي ڪِري ۽
اُهو موٽائي سگهجي.
فرشتي ۽ شيطان جي ويڙهه ۾ رتورت
ڪو پوڙهو لفظ شايد
ٻاهر جي ٿڌ ۾ ڏڪندو
ڪنهن ڪِوتا جي هلڪي باهه ۾
ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ ترسڻ چاهي.
(1) اشوڪ واجپئي: جنم 1941ع، تعليم: ايم.اي،
هنديءَ جو ناميارو شاعر. چار ڪِوتائن جا مجموعا،
ٻه تنقيد بابت ڪتاب ۽ چار ايڊٽ ڪيل ڪتاب ڇپيل،
مڌيه پرديش (ڀارت) ۾ ملازمت تان رٽائر ٿيل.
(ايڊيٽر)
اسان پنهنجي وقت جي هارايل ڊوڙ لڳايون
۽ داءَ تي لڳائي ڇڏيون
پنهنجي همت، چاهت، سڀڪجهه
پر هڪ دري ته کُليل رکڻ گهرجي
ته جيئن هارائڻ ۽ ڪِري پوڻ کان اڳ
اسان اوندهه ۾
پنهنجي آخري هٿيار وانگر
پنهنجي پوءِ به
اُڇلائي سگهون چمڪندڙ
باقي بچيل دعا.
طارق عالم
غزل
گهڙي گهڙي خنجر جي ڌار،
ڏکَ جو ڪوئي انت نه پار.
پٿر سان ٿو سُورَ سلي،
ماڻهو، ماڻهوءَ مان بيزار.
پنڇي سانجهه سمي پهتو،
پر ناهي، وڻ ۾ سو ڏار.
شاعر، عاشق، آفيسر،
ڪار بنا، هرڪو بيڪار.
ديپ هان تنهنجي جاري جو،
تنهنجي مرضي ٻارِ، نه ٻار.
غزل
مَنَ تي ڇانيو مونجهارو،
عشق چوي ٿو، تنهارؤ.
موسمَ، گُلَ کان اک ڦيري،
پن ڇڻ ٿيو، هرڪو چارو.
هر کڙڪي تي دل ڌڙڪي،
آئيني تي جينءَ پارو.
تون جي ناهي او- سائڻ،
چَنڊُ لڳي ٿو ويچارو.
درد وڇوڙي جي ماکي،
دل ۾ جوڙيو مانارو.
اک ۾ خواب هئس روشن،
پاڻ اجهاڻل هو سارو.
لهرن تي خالي ٻيڙي،
ڪينجهر مان تنها تارو.
وستي وستي سُن هئي،
سَچُ ونڊي ٿو وڻجارو.
• “اديبن کي وڏين ڀتين جي پاڇن ۾ نه، بلڪ وچ-
رستي تان ئي زندگيءَ ڏانهن هلڻ کپي؛ اديب جو عوامي
سياست کان پري رهڻ هڪ فرضي چيز آهي، جنهن کي
سرمائيدار جنم ڏنو، ۽ پالي نپائي وڏو ڪيو آهي.” –
پبلو نرودا
• “فن ۽ ادب اهوئي آهي، جنهن جو ديس جي عام ماڻهن
سان تعلق هجي. فن کي ضرورت کان الڳ نٿو ڪري
سگهجي.” – مهاتما گانڌي
• “سچا اديب ۽ شاعر جڏهن ساهه کڻڻ لڳن ٿا، تڏهن
خود غرض ماڻهن جي زندگي ئي زهر بنجيو پوي؛ ۽ جڏهن
اهي پنهنجي قلم کي جنبش ڏين ٿا، تڏهن ته اهڙو شور
مچيو وڃي جو مئل به جاڳيو اٿن.” – لوئي اراگاؤن
ارنيسٽ هيمنگوي
ڪهاڻي
مترجم: رشيد ڀٽي
پرديس ۾
سرءُ جي موسم ۾ به جنگ اُتي ئي موجود هئي، پر اسان وري اوڏانهن
منهن به نه ڪيو. هڪ ته ”مِلان“ شهر جي شام، ۽ وري
ان وقت سيءَ سان گڏ اونداهه سويري ئي اچي واسو ڪيو
هو. تنهن کان پوءِ، جو بجليءَ واريون بتيون ٻريون،
ته درين جي نظاري گهٽين کي ويتر وڻندڙ بنائي ڇڏيو.
دڪانن جي ٻاهران ڪيترائي شڪار ٿيل جانور ۽ پکي
ٽنگيل هئا. ’لومڙن‘ جي وارن تي برف ڇٽڪاريل هئي، ۽
هوا انهن جي پُڇن کي پئي لوڏيو. لٽڪيل ’هرڻ‘ سخت سيٽيل ۽ وزندار هو. ننڍڙن
’پکين‘
ڄڻ ته هوا ٿي جهٽي، ۽ هوا وري انهن
جي کنڀڙاٽين کي هيٺ مٿي
ٿي
اُٿلايو. سرد هوا سنئين سڌي جلبن کان هيٺ لهي آئي
هئي.
ٻنپهرن جو هر روز اسين اچي اسپتال ڀيڙا
ٿيندا
هئاسون. اونداهه
مان شهر لتاڙي اسپتال پهچڻ جون، گهڻي ئي واٽون
هيون. ٻه رستا اهڙا هئا، جي واهن سان لاڳيتا هئا،
پر اهي هئا هيڪاري ڊگها. اسپتال تائين پهچڻ کان
اڳ، واهن واريءَ پل تان اوَس لنگهڻو پوندو هو.
رستي وارين ٽن پُلين، مان ڪنهن نه ڪنهن جو ضرور
انتخاب ڪرڻو پوندو هو. هڪڙيءَ پل
تي هڪ عورت سيڪيل بوهي چڻا وڪڻندي هئي. هن جي
اڱرن واريءَ باهه تي بيهڻ سان گرمي محسوس ٿيندي هئي. هن جا بوهي
چڻا جڏهن وٺي کيسي ۾
وجهبا هئا، تڏهن به ڪوسا ئي ڪوسا هوندا هئا.
اها اسپتال هئي ته جهوني پراڻي، پر ڏاڍي خوبصورت هئي. اوڏانهن
اندر وڃڻ لاءِ هڪ دروازو هو، ۽ پوءِ ان جي اڳيان
هڪ کليل اڱڻ، جنهن جي سامهون ٻاهر نڪرڻ لاءِ ٻيو
دروازو هو. مريضن جا جنازا وغيره انهيءَ اڱڻ مان
ئي کڄندا هئا. پراڻيءَ اسپتال کان پَرڀرو،نوان ۽
پَڪ سَرِا ورانڊا هئا، جتي اسين پوياڻين
جو
اچي گڏبا هئاسين. اتي اسين انهن مشينن تي ويهندا
هئاسين، جن جي وسيلي اسان جي جسمن ۾ ڦيرو ۽ تبديلي
اچڻي هئي.
ڊاڪٽر مون واريءَ
مشين جي ويجهو اچي، جتي آءٌ ويٺو هوس، مون کان
پڇيو: ”هن جنگ کان اڳ، تون ڇا کي وڌيڪ پسند ڪندو
هئين؟ ڇا تو ڪا راند روند به
ڪئي؟“
”هائو، فُٽبال راند.“ مون وراڻيو.
”واهه
واهه“
هن چيو، ”ته پوءِ تون وري فٽ
بال کيڏي سگهندين- اڳئين کان اڳرو!“
مون وارو گوڏو ته مُڙيو به نٿي، ۽ ڄنگهه
ته
ڍڪڻيءَ کان مُري
تائين
بس ائي ئي پئي لڙڪي. منهنجي گوڏي کي مشين تي ائين ورڻو هو، جيئن ماڻهوءَ جو گوڏو ٽِه-ڦيٿيءَ سائيڪل تي
سوار ٿيڻ مهل ڦرندو آهي. پر گوڏو هو، جو اڃا وريو
ئي ڪين ٿي-الٽو انهيءَ چُرڻ واري موقعي تي، مشين
ڌڌَڪو ڪري بيهيو ٿي رهي!
ڊاڪٽر چيو، “هيءُ دؤر گذري ويندو. نوجوانَ، تون نصيبن وارو آهين: تون هڪ
بهترين رانديگر وانگر وري فٽ
بال راند ڪندين!“
ڀَر واريءَ ٻي مشين تي هڪ ’ميجر‘ ويٺل هو.
هن جو ننڍڙو هٿ هوبهو ٻار جهڙو هو. هن جي هٿ، چمڙي
جي
ٻن هيٺ-مٿي اُڇلن ڏيندڙ پَٽن جي وچ ۾ هو،
جن هن جي سُڪل
آڱرين
کي پئي ڦَٿڪايو. ڊاڪٽر جنهن مهل هن جو هٿ تپاسڻ
آيو، تڏهن ’ميجر‘ مون ڏانهن اک ڀڃندي چيو: ”ڪئپٽن،
ڊاڪٽر، ڇا آءٌ به فٽ
بال راند کيڏي سگهندس.“ هو هڪ تلوار باز هو، ۽ جنگ
کان اڳي ته اٽليءَ جو هڪ عظيم تلوار باز هو.
ڊاڪٽر پوءِ پنهنجي
آفيس ۾ گهڙي ويو، جا انهيءَ ڪمري جي پٺيان هئي. هو
اتان هڪ فوٽو کڻي آيو. اهو فوٽو هڪ اهڙي هٿ جوهو،
جو ميجر جي هٿ جهڙو ئي پهريائين ننڍڙو هو، پر مشين
جي علاج کانپوءِ قدري وڏو ٿي ويل هو. ميجر اهوفوٽو
پنهنجي چڱي ڀلي هٿ ۾ کڻي چتائي ڏٺو، ۽ سوال ڪيو:
”ڦَٽُ....؟“
”مشين جو حادثو.“ ڊاڪٽر جواب ڏنو.
”نهايت دلچسپ، نهايت دلچسپ!“ ائين چئي، ميجر اهو فوٽو ڊاڪٽر کي
موٽائي ڏنو.
”ڇا، توهان کي ڀروسو آهي؟“
”نڪو“، ميجر جواب ڏنو.
ٽي نوجوان هئا، جي هتي روزٿي آيا. اهي سڀئي مون جيڏا هئا. اهي
ٽيئي ڄڻا
’مِلان‘ جا هئا. انهن مان هڪڙي کي وڪيل ٿيڻو هو، ٻئي کي نقاش بنجڻو
هو، ته ٽئين کي وري سپاهي ٿيڻ جو ارادو هو. جڏهن مشينن مان واندا ٿيندا
هئاسين، تڏهن اسين گڏجي ’ڪورا‘ هوٽل ڏانهن ويندا
هئاسين، جيڪو
’اسڪالا‘ جي چاڙهيءَ جي بلڪل ڀرسان هو. اسين ننڍي واٽ وٺي،
ڪميونسٽ ڪوارٽر مان لانگهائو ٿيندا هئاسين. چارئي
ڄڻا گڏ هوندا هئاسين. ماڻهو اسان کي ڌڪاريندا هئا،
جو اسين آفيسر هئاسين. اسين واٽ وٺيو پيا ويندا
هئاسين، ته شرابخاني مان ڪو وڏي واڪي رَڙ ڪري
چوندو هو: ”کلا اَٿوَ، ميراسين جا مهندار!“
ڪڏهن ڪڏهن هڪڙو ٻيو ڇوڪرو به اسان سان گڏ موٽندو هو، ته اسين
چئن مان ڦري پنج ڄڻا ٿي پوندا هئاسون. انهيءَ ڇوڪري جي منهن تي هڪ ڪارو
ريشمي رومال ٻُڌل هوندو هو. هن جو نڪ خراب ٿيل هو.
هن جي
شڪل
شباهت درست ٿيڻي
هئي. هو فوجي درسگاهه کان نڪري محاذ تي ويو هو.
بس، ويندي جي ويرم هئي.....ڪلاڪ به ڪين گذريو
هوندو ته زخمجي پيو. هنن سندس چهرو ٺاهيو ته
هو، پر هن
جا مٽ مائٽ هئا وڏي مانَ مرتبي وارا، سو جيسين هن
جو نَڪُ نَڪن جهڙو ٿئي، تيسين هو راضي نٿي ٿيا.
اسپتال مان خارج
ٿيڻ کان پوءِ، نيٺ هو ڏکڻ آفريقا
جي ڪنهن بئنڪ ۾ وڃي ملازم ٿيو.
خير، وقت ائين ويو گذرندو، اسان کي مستقبل جي ڪابه خبر ڪانه
هئي، اسان کي رڳو اهو احساس هو ته جنگ هميشه جاري
رهندي، پر اسان کي اوڏانهن وري وڃڻو ڪونه پوندو.
انهيءَ ڇوڪري کان سواءِ، جنهن جي چهري تي ڪاري ۽ ريشمي پَٽي
ويڙهيل هوندي هئي، اسان سڀني وٽ هڪجهڙا ٻِلا
(تمغا) هئا. ڀلا هن کي ٻلو ملي به ڪيئن- هو جنگي
محاذ تي ايڏو وڏو عرصو رهيو ئي ڪين هو. اهو نوجوان
جنهن کي وڪيل ٿيڻو هو، تنهن جو منهن بلڪل هيڊو ٿي
ويو هو. ’آر.ڊي.ٽي‘ جو ليفٽيننٽ هو. هن کي ٽي ٻلا
مليل هئا. اسان ٻين کي اهڙي قسم جو رڳو هڪڙو ٻلو
مليل هو. هو ڪافي عرصي تائين جنگي محاذ تي موت سان
مقابلو ڪندو رهيو هو. اسين سڀيئي محاذ تان موٽيا
هئاسون. هينئر اسان سڀني ۾ رڳو اهائي يڪرنگي هئي،
جو ٻنپهرن کان پوءِ، اسپتال ۾ اچي گڏبا هئاسين.
اسين شهر جي اڻانگي حصي مان لنگهي، ’ڪووا‘ ڏي
ويندا هئاسين. اتي اوندهه به هئي، ۽ شرابخانا به
هئا، جتان روشني
ڏسڻ ۾ ايندي هئي ۽ راڳ جو آواز پڻ ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
اسان کي ڪڏهن ڪڏهن اهڙيءَ گهٽيءَ مان وڃڻو پوندو
هو، جتي زالن ۽ مڙسن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا.
اتي ڪُلهي گَسَ ڪرڻي پوندي هئي. اهڙن موقعن تي
اسين ويجها ويجها ٿي هلندا هئاسون، ڇو جو ماڻهن
اسان کي ڄاتو سڃاتو ڪونه ٿي،
هنن اسان کي ڌڪاريو ٿي.
اسان سڀني کي ‘ڪووا‘ جي پوري ڄاڻ هئي، اتي
دولت به هئي، ۽ زندگي به، تيز، تيز روشنيءَ کان
سواءِ، هتي خاص خاص وقتن تي، گوڙ گهمسان ۽ دَونهون
ڇانئجي ويندو هو. اتي ميزن تي ڇوڪريون هَڪيون
تڪيون ويٺيون هونديون هيون. ڀتين تي وري ٽنگڻين ۾،
مورتن واريون اخبارون پيل هونديون هيون. ’ڪووا‘ واريون ڇوڪريون پنهنجي ملڪ تان گهوري
گهوري پيون ٿينديون هيون.
مون
ڏٺو ته ’اٽليءَ‘ جا محب وطن انسان، رڳو اهي هوٽل
واريون ڇوڪريون ئي هيون. مون کي اعتبار آهي ته اڃا
به وطن دوست آهن.
شروعات ۾ انهن نوجوانن نهايت اخلاق سان
منهنجن ٻِلن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. هنن سوال ڪيا ته
اهي مون کي ڪيئن ۽ ڇا جي ڪري مليا هئا؟ مون هنن کي
پنهنجا ڪاغذ پٽ ڏيکاريا، جن ۾ سهڻيءَ ٻوليءَ سان
منهنجي تعريف لکيل هئي- پر انهن مان جيڪڏهن اُهي
وڌاءَ واريون لفظي صفتون نظر انداز ڪري ڇڏجن، ته
صاف صاف معلوم پئي ٿيوته اهي ٻلا مون کي رڳو
انهيءَ ڪري ئي عنايت ٿيا هئا، جو آءٌ هڪ آمريڪن
هوس. اهو ڏينهن، اهو ڏهاڙو، هنن جي روش ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. انهيءَ
کان پوءِ ٻين ڌارين جي مقابلي ۾، ته جيتوڻيڪ آءٌ
هنن جو اڃا به دوست هوس، پر ڪاغذن ڏسڻ بعد، آءٌ سچ
پچ ته هنن جي نگاهه ۾ ڪِري پيو هوس. آءٌ هنن لاءِ،
هنن جهڙو پنهنجو نه رهيو هوس. هنن جو قصو ئي اَور
هو. هنن کي جيڪي ٻلا مليا هئا، سي بنهه ٻين ڳالهين
ڪري مليا هئا. اها حقيقت
هئي
ته آءٌ ڦٽجي پيو هوس، پر اسان سڀني کي اها پوري
پَروڙ هئي ته جنگ ۾ زخمجي پوڻ رڳو هڪ حادثو آهي.
’ڦيٿن‘ ملڻ ڪري مون کي پڇتاءُ ڪونه ڪرڻو پوندو هو. البت ڪڏهن ڪڏهن شراب پيئڻ مهل آءٌ ائين سوچيندو
ويچاريندو هوس ته ’هنن جيڪي ڪم ڪيا آهن- اهي ڪم،
جن جي ڪري هنن کي ٻلا مليا آهن- سي ته مون سڀئي
پورا ڪري ڇڏيا
آهن.‘
پر رات
جو
جڏهن گهر ڏانهن موٽندو هوس، تڏهن انهن خالي گهٽين
جي سرد هوائن ۽ بند ٿيل دڪانن وٽان لنگهندي،گهٻرائجي،
گهٽين جي بتين ڀرسان هلڻ جي ڪوشش ڪندو هوس،
اَوڏيءَ مهل مون کي محسوس ٿيندو هو ته مون کان
هرگز اهڙا بهادريءَ جهڙا ڪارناما ٿي ڪونه سگهندا.
مون کي مرڻ جو ڏاڍو خوف ٿيندو هو. وري جڏهن رات
وڳڙي ۾ بستري تي اڪيلو ليٽندو هوس، ته موت جو ڊپ
ويتر وڪوڙي ويندو هوم. آءٌ سوچيندو هوس، تعجب
وچان، ته جيڪڏهن وري محاذ تي ويس ته
منهنجو....منهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو!‘؟
اهي ٽيئي ڄڻا، ٻلن وارا، ڄڻ ته
ڪي شڪاري بازَ هئا- ۽ آءٌ انهن جهڙو هوس ئي ڪونه.
جن ڪڏهن شڪار ئي نه
ڪيو هجي، انهن
جي
ڌيان
۾ ته
آءٌ
به ڪا شيءِ سمجهڻ ۾ ايندو هجان، پر هنن ٽنهي ڄڻن
ته هاڻي مون کي سڃاڻي ڇڏيو
هو، اهو ئي سبب هو جو اسين پوءِ ڇِڄندا پري ٿيندا
وياسين. آءٌ وري انهيءَ ڇوڪري جي دوستيءَ جو دم
ڀرڻ لڳس، جيڪو محاذ جي پهرئين ئي ڏينهن ڦٽجي پيو
هو. هن کي پاڻ پنهنجي متعلق ڪو صحيح اندازو ٿي نٿي
سگهيو ته هو اڳتي هلي ڪهڙا ڦاڙها ماري ها،
نڪا وري ڪا هن ۾ اهڙي صلاحيت به هئي. مون کي پڻ
اها پڪ هئي ته هو ڪڏهن به اهڙوبهادر ٿي نه سگهندو.
اهو ’ميجر‘ جيڪو وڏو تلوار باز هو، تنهن جو ڪو بهادريءَ ۾ ايڏو
وڏو يقين ڪونه هو. اهو وقت جيڪو اسين مشينن ۾
ويهندا هئاسين، سو هو منهنجي گرامر کي درست
ڪرڻ ۾ ئي صرف ڪندو هو. هن مون کي مبارڪون ڏنيون هيون جو آءٌ ’اطالوي‘ ٻولي
ڳالهائي ٿي سگهيس. اسين ٻيئي پاڻ ۾، سولائيءَ سان
ڳالهائي سگهندا هئاسين. هڪ ڏهاڙي ته هن مون کي
ائين به چئي ڏنو ته
اطالوي ٻولي تو لاءِ اهڙي سولي ٿي پيئي آهي، جو
تون ان ۾ هاڻي وڌيڪ دلچسپي وٺي نٿو سگهين. ”اڙي،
هائو،“ ميجر چيو، ”تون پوءِ گرامر ڇو نٿو سکين؟“
اسان پوءِ گرامر کي ورتو. نتيجو اهو نڪتو جو
اطالوي ٻولي مون لاءِ پوءِ ڏکي ۽ مشڪل ٿي پيئي.
جيسين اهو گرامر منهنجي دل ۾ گهر ڪري ئي ڪري،
تيسين هن سان ڳالهائڻ ۾ مون کي ڊپ پيو ٿيندو هو.
مون کي جيتوڻيڪ پڪ آهي ته هن جو مشين ۾ ڪو اعتماد ڪونه هو، ته
به ميجر باقاعدي اسپتال ۾ پيو ايندو هو. ڀُلجان
نٿو ته هن ڪو هڪڙو ڏينهن گُسايو هوندو. ڪو وقت ته
اهڙو به هو، جواسان سڀني کي انهن مشينن ۾ ڪو ڀروسو
ڪونه هو. هڪڙي ڏينهن ته ميجر اِئين به چئي ڏنو هو
ته:
”هي سڀ ڪجهه بيوقوفي آهي. اهي مشينون بلڪل نيون
آهن، ۽ اسان تي ئي آزمايون پيون وڃن! رڳو ٺڳيءَ جو
ٺاهه آهي- جهڙو ڪو خيالي پلاءٌ!“ آءٌ گرامر سکي نه
سگهيو هوس. هن نيٺ ڪَڪِ ٿي چيو:
”تون ته هڪ لا علاج احمق ۽ خواريءَ جو ٺڪر
آهين! آءٌ به وڏو بيوقوف آهيان جو توسان خوامخواهه مغز ماري پيو
ڪريان!“ هو هڪ بندرو ماڻهو هو. هو ڪرسيءَ تي سنئون
سڌو ٿي ويهي، پنهنجو هٿ مشين ۾ ڦُسي، پوءِ
يڪ ساهيءَ پيو سامهون ڀت کي تڪيندو هو، پٽا پيا هن جي آڱرين کي
هيٺ مٿي اُٿلائيندا هئا.
”جنگ بند ٿيندي- جيڪڏهن بند ٿيڻي هوندي،
ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟“
هن مون کان سوال ڪيو، ۽ ميڇَ
ڏيندي چيائين، ”گرامر موجب ڳالهاءِ.“
”آءٌ موٽي پنهنجي ملڪ ويندس.“
”تنهنجي شادي ٿيل آهي؟“
”نه پر اهڙو ارادو اٿم.“
”تون ته مها مورک آهين!“ هن چيو. بلڪل گرم ٿي ويو: ”ماڻهوءَ کي
بنهه شادي ڪرڻ نه گهرجي!“
”ڇو، سينيور (مسٽر) مئگر (ميجر)؟“
”مون کي ’سينيور مئگر‘ ڪري ڇو ٿو
ڪوٺين؟... پر ماڻهوءَ کي شادي ڪنهن قضاني به نه
ڪرڻ گهرجي.“ هن ڪاوڙجي چيو. ”ماڻهوءَ کي شادي نه
ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انسان شادي ڪري ئي نٿو سگهي.
ڪنهن کي جيڪڏهن سڀ ڪجهه هٿان وڃائڻو
به
آهي، ته به ڄاڻي واڻي پاڻ کي اهڙي ٻُوهي ۾ ڇو
اڙائڻ گهرجي؟ ها، ڪنهن کي به هٿ وٺي، پاڻيهي
ڦُرائڻ واري حالت پيدا ڪري، پاڻ کي ڦاسائڻ نه
گهرجي: هن کي اهڙا اسباب ڳولڻ کپن جو، هو پنهنجو
ڪجهه به ڦرائي نه سگهي.“ هن تمام ترش ۽ تکو ڳالهايو، ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هن سامهون ۽
پري پئي گهوريو.
”پر هن کي اهو ۽ ائين هَروڀرو ڇو وڃائڻو
پوندو؟“
”ها، هو وڃائنيدو!“ هن هاڻي ڀت ڏانهن پئي
نهاريو. اتان نظر ڦيرائيندي، هن هيٺ مشين کي ڏٺو،
۽ پوءِ پنهنجو هٿ پٽن مان ٻاهر ڪڍندي، زور سان ڇڪي
کڻي پنهنجيءَ
سٿر تي ڦُهڪايو. هن رَڙ ڪري وري چيو، ”اڙي، هو اهو
ضرور وڃائيندو، ضرور
ڦُرائيندو....مون سان بحث ڪر!“ هن پوءِ
مشين هلائڻ واري
آپريٽر
کي سڏ ڪري، اشارو ڏيندي چيو، ”هيڏانهن، هن لعنت کي
بيهاري بند ڪر....“
هو مالش ۽ ٻئي مختصر علاج لاءِ وري ٻئي ڪمري ڏانهن نڪري ويو.
تنهن کان پوءِ، مون هن کي ڊاڪٽر سان ڳالهائيندي
ٻڌو. هن، ڊاڪٽر کان ٽيليفون ڪم آڻڻ جي اجازت
وٺندي، پٺيان دروازو ٻَيڪڙي ڇڏيو. هو جنهن وقت
موٽي آيو،
آءٌ
ٻيءَ مشين تي ويٺل هوس. هو سنئون سڌو مون ڏانهن
هليو آيو، ۽ اچي مون
کي ڀاڪر پاتائين. هن منهنجي ڪلهي کي چڱي ڀلي هٿ
سان ٺَپريندي چيو: ”مون کي ڏاڍو ڏک آهي. مون کي...
مون کي اهڙو گهرو نه ٿيڻ گهرجي ها. منهنجي زال
اجهو هينئر مُئي آهي... تون مون کي معاف ڪري ڇڏ.“
”اوه،“ مون هن لاءِ رنجيده ٿيندي چيو،
”مون کي افسوس آهي،آءٌ پڇتايان ٿو.“ هو پنهنجي
هيٺين چپ کي چَڪ هڻندي اٿي بيهي رهيو. ”اهو تمام
مشڪل آهي.“ هن چيو، ”آءٌ پاڻ تي ضابطو رکي نٿو
سگهان!“
هو مون ڏانهن نهاري، وري دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو. تنهن کان
پوءِ، هن جنسي رَڙيون ڪرڻ شروع ڪيون:
”آءٌ رضا تي راضي رهي نٿو سگهان!“ پوءِ هو ڪوڪرا ڪندو، منهن مٿي ڪري، ائين ئي تڪيندو، هڪ فوجيءَ وانگر پاڻ
کي گهليندو،
ڻنهي ڳلن تان ڳوڙها وهائيندو، ڏندن سان چپن کي چَٻيندو، مشينن
وٽان لنگهي، دروازي کان ٻاهر هليو ويو.
ڊاڪٽر
مون کي ٻڌايو ته ميجر جي زال بلڪل ننڍي
نيٽي
هئي. هن انهيءَ سان تيستائين شادي نٿي ڪئي،
جيسائين هن کي اها خاطري ٿي چڪي هئي ته هو هاڻ جنگ
ڪرڻ لاءِ، بلڪل بيڪار ۽ خارج ٿي چڪو آهي. هن جي
زال نمونيا وگهي مري ويئي. هوءَ تمام ٿورڙا ڏينهن
ناچاڪ رهي. ڪنهن کي به گمان ڪونه هو ته هوءَ ڪا
ايترو جلد مري ويندي. ميجر ٽي ڏينهن اسپتال ۾ ڪونه
آيو. تنهن کان پوءِ هو هميشه، دستور مطابق، اسپتال
۾ ايندو رهيو. هن جي ورديءَ تي ٻانهن جي مٿان ڪاري پٽي
ٻڌل هئي.
جڏهن هو اسپتال ۾ آيو، ته ڀتين جي چوڌاري
وڏن فريمن ۾، مشين
جي علاج سان ڇُٽل هر قسم جي زخمن جا فوٽا ٽنگيل
هئا. ميجر واريءَ مشين جي سامهون ٽي اهڙا، هن جي ننڍڙي هٿ جهڙا، فوٽو هئا، جي بلڪل ٺيڪ ٿي ويل هئا. مون کي خبر ناهي ته هن اهي
فوٽا ڪٿان آڻي اِتي ٽنگي ڇڏيا هئا. مون ته هميشه
ائين ئي سمجهيو ته اسين پهريان ئي ماڻهو هئاسين،
جن اهي مشينون ڪم آنديون هيون. انهن فوٽن جو ميجر
تي ڪو خاص اثر ڪونه پيو، ڇو جو هو اڪثر دريءَ کان
ٻاهر ئي پيو نهاريندو هو.
نئون ڪتاب
ڪتاب: ع.ق. شيخ: ڪوهه قاف شيخ
موضوع: اينٿالاجي
مرتب: نصير مرزا
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2010ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 400
قيمت: 400 رپيا
حقيقت ۾ ع.ق شيخ هڪ جديد ذهن جو انسان هو. هو جدت
پسند هو. هر نئين ڳالهه ۽ هر نئين شيءِ کي پسند
ڪندو هو ڇو جو سندس خيال ۾ نوان انساني ذهن جي
اوسر جو اهڃاڻ هو. هو پاڻ به سٺو لباس پائيندو هو
۽ ٻين کي به سٺي لباس ۾ ڏسي هنن جي تعريف ڪندو هو.
هو تعليم جي ضرورت ۽ اهميت جو قائل هو. هو پاڻ به
تعليم يافته هو. بمبئي جي مشهور آرٽس اسڪول سنڌ
يونيورسٽي لا ڪاليج ۽ برسٽل يونيورسٽي انگلينڊ جو
هو. دوستن ۽ پنهنجن ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
نه رڳو همتائيندو هو پر پاڻ به هنن سان شريڪ ٿي
ويندو هو. هو انساني نفسيات جو ڄاڻو هو ۽ دوستن جي
ڪيترين ئي غلطين تي کلي ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته
اها انساني فطرت آهي. هو دوستن کي وندرائيندو هو.
ڳالهين ذريعي هنن جا هٿ ڏسي. هنن جي مستقل جون پيش
گوئيون ڪندي ۽ وري اهو به چوندو هو ته اصل ڳالهه
انسان جو پنهنجو ارادو آهي. ارادي ۾ وڏي طاقت آهي.
مراد علي مرزا |