ماڻڪ ملاح
غزل
ڪنارو تنهنجو چارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان،
حياتيءَ جو ڪفارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
پنهنجو آ ساهه جو ڏورو، ڇِنو ڇورو رڳو گهورو،
نه پنهنجو نه اُڌارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
اسان جو مال ميڙي هو، ڳِهي ويا ڳوٺ جون ڳالهيون،
نه ڪي ڍوڍو نه جهارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
مٺا سڀ کوهه خالي ٿيا، رڳو کاراڻ تون ناهين،
اکين جو لڙڪ کارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
ٻه ٽي گهرڙا هو واريءَ تي، اُگهاڙا ٻار ڄاريءَ تي،
اونڌو پريان پيو کارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
ڏيئو ٻاريون ڪٿي ٻاريون، مندر مسجد سڌيون ڀتيون،
نه کِڙڪي آ نه جارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
هزارين هانءَ ۾ هُڙٻون، نظارو ٿو نڀائي پَرَ…،
اکين جوئي گذارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
سنڌو درياء جو ڪڙڪو، تنهنجي دهشت تنهنجو دڙڪو،
اسان جي اک جو تارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
پنهنجو ڪِستو ڪٿي ڪِريو، پنهنجو داڻو داڻو ڪَنٺو،
نه جوڳي آ نه ڍارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
اسا جي ساهه جو سڳو، صدين کان عشق اوماهيو،
اڃا ”ماڻڪ“ اُڃارو آ، سمنڊ توسان هلان ٿو مان!
اَمر کهاوڙ
غزل
هِن جو قصور ڪهڙو، پن ڇڻ ۾ هُو ڄميو؟
اِن لاءِ هُن کي واس جو، ڪوئي پتو نه هو.
اڳواڻ هو به ڪهڙو، جنهن قوم کي لُٽيو!
انڌي کي پنهنجي ماس جو، ڪوئي پتو نه هو.
دوکا ۽ ڪجهه دلاسا، ڏيئي هليو ويو،
ظالم کي قرب، قياس جو، ڪوئي پتو نه هو.
برسات ۾ وئي پئي، وڌندي وڌيڪ اُڃ،
درياء کي اک جي پياس جو، ڪوئي پتو نه هو.
ڪلهه ميت، گيت منهنجو جهونگاريو جيئن!
تنهن وقت ڪنهن حواس جو، ڪوئي پتو نه هو.
چهرا نه تو سڃاتا، ڀُلجي پئين ”امر!“
توکي به روشناس جو، ڪوئي پتو نه هو.
وائــــي
ايندو انقلاب،
ڏسجو پنهنجي ڀونءِ تي.
پڄاڻي تي پهچندو،
نيٺ ته ڪارو باب،
ڏسجو پنهنجي ڀونءِ تي.
پنهنجي رت جي ريج سان،
ٽڙندا لال گلاب،
ڏسجو پنهنجي ڀونءِ تي.
هاريءَ ۽ مزدور جا،
ساڀيان ٿيندا خواب،
ڏسجو پنهنجي ڀونءِ تي.
گـــيـــت
مون لا کڻي کيل خوشين جا تون وري آءُ،
آ، هيل وري آءُ…
توريءَ ته هتي پل به سندم ڪانه سري، آءُ،
آ، هيل وري آءُ…
ڪا سوچ نه ڪر يار ٻڏڻ جي ۽ ترڻ جي،
سڪ ساڻ کڻي واڳ وري وار ورڻ جي،
ها! عشق جي تون تار مٿي تيز تري آءُ،
آ، هيل وري آءُ…
ڪو حال نه احوال نه ڪا سار لڌي ٿئي،
نه سلام نه پيغام نه ئي تار ڪئي ٿئي،
انمول جواني نه وڃي هيئن ٽري، آءُ،
آ، هيل وري آءُ…
ٿي ڏات رڙي ڏانءُ به سک ڪونه ستو آ،
ڪو وقت ٿيو گيت به هڪ ڪونه لکيو آ،
ڪا جلد خيالن جي کڻي دوست ڀري آءُ،
آ، هيل وري آءُ…
اَچ خوب ڪچهريون ۽ ٿين ميل نرالا،
سڀ لطف اوهان ساڻ ٿين ذوق دوبالا،
تون ٻاٽ ۾ ڪنهن لاٽ جيان يار ٻري آءُ،
آ، هيل وري آءُ…
ڪي گيت ۽ سنگيت کڻي آءُ امر ڏي،
او ميت! نئين جيت کڻي آءُ امر ڏي،
هيءَ دل به سندءِ چاهه ۾ ٿي خوب چري، آءُ،
آ، هيل وري آءُ…
تون هيل وري آءُ…
عاجز اُڄڻ
سُر سسئي
پاهڻ ٿيو پينگهو، هاڙهو هندورو ڀانئيان،
عاجز ڳوليان اُٺن جو، لڪن ۾ لينگهو،
رئڻ ۽ رينگو، مون کي ڏيئي ڏير هليا ويا.
هاڙهو جهڙي هنج، جيڏيون جيجل ماءُ جي،
لُڏان لڙڪان لڪن ۾، ڄڻ منهن رکيءَ منجهه،
سرتيون سور سُمير جا، سمجهيم سڀ سهنج،
عاجز رکيم اکين تي، آريءَ جا اَهنج،
ڏنا ڏيرن ڏنجهه، مون چمي چشمن چائيا.
هئه هئه مُنڌ مئي، لڙڪي اڄ لڪن ۾،
جبل جهوريو جندڙو، راڱا ڪيس رُئي،
پو عاجز اُت هئي، هن گهورِي جند جتن تان.
هوتن اڄ هونهين، سڳر ڇني سسئي،
دل تي درد فراق جِي، دکي پيس دونهين،
ڪيئن ڪري، ڪاڏي وڃي، عاجز اسونهين،
هڪ ورهه ورونهين، ٻيو ليڙا لڪ لنگهي ويا.
سورن سانگهيرا، ڪيا جيءَ جڏي ۾،
هڪ لنگهڻ، ٻيو لڪ ٽيون پِرَ وڃايم پيرا،
چوٿون چڙهندي چاڙهڪا، ٻوٽيون ٿين ٻيرا،
پنجون پرٽياڻيءَ سان، وڙهي وئي ويرا،
عاجز اَوَيرا، هئه هئه هوت هليا ويا.
سسئيءَ سندا سڏ، ٻڌي ٻاروچا ٻاجهه ڪر،
عاجز مون اڪيليءَ کي، هينئين نه ڇپر ڇڏ،
گهِلي هلو گڏ، ته آءٌ گولي ٿي گذاريان.
ڏونگر سين ڏايام، ڏاوڻ ڏينهن ازل جي،
عاجز اُڄڻ آريءَ سينءَ، پيچ اُتي پايام،
ڏمر ڏنجهه ڏيرن جا، چشمن تي چايام،
پلئه ۾ پايام، هڙئي خاطر هوت جي.
ايڏي پيڙَ پهاڙ، ڪرم جڏي جيءَ سين،
اڳئي مون عاجز سين، جتن ڪئي آ جاڙ،
ٻانڀڻ جا ٻوهاڙَ، ٻڌي پاهڻ ٻاجهه ڪر.
سمجهيم سُکائون، سرتيون سور سُمير جا،
عاجز ڪيئن انهن کي، اُديليان آءٌ،
لَڪن سين لائون، مون اڳي لڌيون ازل کان.
جيڏيون ٿيم نه جاڳ، هوت جڏان ٿي هليا،
عاجز مون اياڻيءَ جا، ڀينر ڀُليا ڀاڳَ،
ڏونگر ۽ ڏهاڳ، لکيا لوحَ قلم ۾.
ڇو ٿي هڻي ڇَکَ، ڇپر ۾ او ڇيڳري،
وڌ پريان جي پار ڏي، قلبئون ڪڍي ڪک،
ٻيائيءَ مان ٻک، ڪڍ ته پهچين ڪيچ کي.
جانب جني کي، وڌا نيئر نينهن جا،
عاجز اُڄڻ سي، رويو ڪاٽن راتڙيون.
جيڏيون جڏهانڪر، جتن جيءُ جڏو ڪيو،
عاجز تڏهانڪر، سٺا سور سُمير جا.
جيڏيون جني ڪاڻ، رئان پئي ٿي روهه ۾،
سي آريچا اڳواڻ، وساري ويهي رهيا.
جُهلون پائي جن، قطاريا ڪنواٽ،
عاجز تن جي واٽ، روئي روڪبي ڪيتري.
خليل عارف سومرو
وائـــــي
دل جي ڪاڳر تي،
دردن ڪوتائون لکيون.
يادون ڇولان ڇول ۽،
نيڻن ساگر تي،
دردن ڪوتائون لکيون.
سنڌوءَ کان پاڻي کسيل،
ڌرتي بنجر تي،
دردن ڪوتائون لکيون.
اُوندهه ۾ تارا رُنا،
رات، امبر تي،
دردن ڪوتائون لکيون.
”عارف“ دل اُٻاڻڪي،
سانجهي منظر تي،
دردن ڪوتائون لکيون.
وائـــــي
نازڪُ شيشا خواب،
چوڌاري پَٿر شهر.
ساٿي ڪوبه نه چنڊ جو،
مُرجهائِن گلاب،
چوڌاري پٿر شهر.
چهرو چهرو سوال ۽،
ڪوبه ناهي جواب،
چوڌاري پٿر شهر.
تالا هر زبان تي!
ڪيڏو وقت خراب،
چوڌاري پٿر شهر.
دل جي نازڪ ڪَوي،
”عارف“ لاءِ عذاب،
چوڌاري پٿر شهر.
بخشل باغي
غزل
هورڙيان، هورڙيان، سڀ آستان مِٽجِي ويا،
اسان جي دوستيءَ جا داستان مِٽجِي ويا.
ڪچين ڇتين تي ڇانوَ ۾ ڏٺا ها جي سپنا،
ڪچي مٽيءَ مان جڙيل سي مڪان مِٽجِي ويا.
سدائين جن جون رهيون شفقتون شفق وانگر،
اُهي محسن، مهان، مهربان مِٽجِي ويا.
مٽيءَ ۾ جن سان سڄو ڏينهن راند رهبي هئي،
ڀڳل، ٽٽل سي راند جا سامان مِٽجِي ويا.
کِڙيا ها جن ۾ تنهنجا خواب کڙکٻيتن جيان،
اُهي اکين جا قبر ۾ نيشان مِٽجِي ويا.
رهيو اُهوئي جيڪو تنهنجي دسترس ۾ هو،
ڇڏائي تنهنجي هٿن مان زمان مِٽجِي ويا.
ڏنو آ عشق جي جوڳي يقين ياقوتي،
خاڪ گمُراهيون ٿي ويون، گمان مِٽجِي ويا.
امتياز عادل سومرو
وائــــي
وارو وارو
وارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
لوڙهي ويندو سنڌ سڄيءَ جو،
اڌ سراسر سارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
ڪهڙي بستي بچندي بابا،
ڪهڙو شهر پيارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
ڪاٿان لڻبيون سُرهيون ساريون،
ڪيئن ڪبو لابارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
ڇَرَ ٿي ويندا راهون رستا،
دڳ دڳ چارو چارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
ڏيهه ڏڪر ۾ وٺجي ويندو،
مور نه ملندو ڏارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
ڪاٿان ايندو شهر گهمڻ لئه،
واهڻ ڪو ويچارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
مشڪل ۾ ڪيئن مددون ملنديون،
ڏيندو ڪير اُڌارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
ڪهڙيون جاچون ٿينديون، هرڪو،
اوندهه آهه ادارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
ڪيئن ڪندا هن ڏيهه جا ماڻهو،
گوندر منجهه گذارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي!
ٻاجهه ڪري شل ”عادل“ سنڌ تي،
پاڻ ڌڻي ٻاجهارو ڙي!
ٽوڙي بند کي گهارو ڙي! |