عبدالرزاق
ڪلهوڙو
اڀياس
سنڌ سڄي آ سونُ پهاڙي
(سعيد سومري جي شعري مجموعي ”مينهن
ڪڻي جو سڏ“ جو اڀياس)
سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ شاعر پنهنجي
منفرد انداز سان مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندا پئي
رهيا آهن. پر طويل غزلن تي تجربا تمام ٿورڙن ۽ گهٽ
شاعرن ڪيا هوندا. ويجهڙ ۾ نئين ٽهي جي معروف شاعر
سعيد سومري فني ۽ فڪري ڌارا سان طويل غزلن تي
تجربا ڪندي پنهنجي ڪتاب ”مينهن ڪڻي جو سڏ“ ۾ شعرن
جون بارشون وکيري سنڌي ادب کي طويل غزلن جي روپ ۾
هڪ نئين شعور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شعر، شعور جي
مشق آهي، شاعر جيتري قدر جذبي ۾ فڪر جي شدت رکندو
۽ مشق ڪندو اوتريقدر سندس شعر پنهنجو اثر
ڏيکاريندو.
دلڪش نظارن يا سماجي خلفشارن کان شاعر متاثر ٿي
لکي نت نون مسئلن کي پنهنجي تخليقن ۾ سمائي ٿو. هن
شاعر به پنهنجي طويل غزلن ۾ درجي به درجي سماجي
پهلوئن تي ڪٿي جمالياتي حِظ ته ڪٿي جذباتي اُڇلَ
سان اشارتاً نشاندهي ڪئي آهي:
سنڌ سڄي آ سون پهاڙي،
حال تڏهن ڀي پينوءَ جهڙو.
سموري سنڌ آسودي ۽ خوشحال هئڻ باوجود وري به
ڪنگالپڻي جو ڳٽ سنڌ ۽ سنڌ ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ ....!
ٽانڊا ٿي ويون آهن اکڙيون،
شايد ڪوئي خواب سڙي ٿو.
ڳهلي دل جو گهرو سپنو
ڪيئن چئجي ڪيئن اجرو ٿيندو
مرڪي منهنجو نانءُ وتو تو
جهرڻي ۾ ڄڻ چنڊ لٿو ڪو
برکا کان پوءِ، باک لياڪو
سپني جو آ سنسار چٽو
هن مجموعي ۾ سعيد بنيادي طرح موضوعن واري شاعري
تخليق ڪئي آهي. طويل غزلن ۾ هن داخلي موضوعن کي به
اختيار ڪيو آهي، ته خارجي موضوعن کي به نڀائڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿس. جيئن سندس خارجي موضوعن جا ڪجهه شعر
آهن ته:
بنگالڻ جو ٻار اگهاڙو،
ڪنهن تي ننگي گار ٿڦي ٿو.
واچ کپائيندڙ جهوني وٽ،
وقت نه شايد ملهه رکي ٿو.
ميگهه پڄاڻا باغيچي ۾،
مالهي ڌوتل گل ڏسي ٿو.
داخلي موضوعن جا شعر:
احساسن جا شيشا ميڙي،
ڪو به نه هاڻي روح ڦٽي ٿو.
منزل جي دوکي پنهنجو،
جنمن کان هيءُ روح رلي ٿو.
گهر ۾ آهي بس تنهائي،
گهر ڏي ڪوه سعيد وڃي ٿو.
شاعري هر دور جو اهو آئينو آهي، جنهن ۾ ان دور جي
ريتن رسمن ۽ حالتن جو چهرو هوبهو انهيءَ صورت ۽ پس
منظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جنهن ۾ اهي بروقت ۽ انهيءَ
حالت ۾ هُجن ٿيون. شاعر لفظن جو اهو وينجهار آهي،
جنهن وٽ مختلف فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جا لفظ، خيال
۽ احوال هجن ٿا. جنهن جي معرفت هو شاعريءَ جي
خوبصورت عمارت جوڙي ٿو.
سعيد سومري جي هن شعري مجموعي کي پڙهندي مٿيون
ڳالهيون سندس شعر ۾ جا بجا نظر اچن ٿيون.
سعيد سومرو بنيادي طرح پيار ، محبت ۽ انسانيت جو
شاعر آهي. سندس آڏو جيڪو ويجهو ۽ پيارو رشتو آهي،
اهو محبت ۽ پيار جو رشتو آهي ۽ انهن سڀني رشتن ۽
ناتن جو محور انسانيت آهي ۽ انسانيت جي ڳالهه رڳو
اسان جا شاعر حضرات نه پيا ڪن پر اهو الهامي پيغام
آهي، جنهن لاءِ قدرت پاران سوا لک پيغمبر سڳورا
آيا، جن انسانيت جي پرچار ڪئي ۽ اڄ جا شاعر به
سعيد سومري سميت انهيءَ پيغام جا سفير آهن.
سعيد جي شاعري سنڌي سماج جي نه رڳو عڪس آهي پر هن
سماج جي ترجمان به آهي. سعيد سومري جي شاعريءَ کي
سمجهڻ لاءِ ڪنهن لغت يا ڪنهن ٻوليءَ جي ماهر جو
سهارو وٺڻو نه ٿو پئي. هن جي شاعري ايتري ته سليس
۽ عام فهم آهي جو عام ماڻهو به سندس مقصد ۽ پيغام
کي هڪدم سمجهي وڃي ٿو.
شاعر يا تاريخدان جو رتبو منهنجي نظر ۾ هڪ ئي آهي،
فرق صرف اهو ئي آهي ته شاعر لفظن جي نفاست ۽ شعر
گوئيءَ ۾ حالات ۽ واقعات کي چٽي ٿو ۽ ڪٿي ڪٿي ڪا
اڻ وڻندڙ ڳالهه به لفظن جي رومال ۾ ويڙهي بيان ڪري
ٿو. پر تاريخدان ٽٽل حالتن ۽ واقعن کي گڏي هڪ ئي
تسلسل ۾ بيان ڪرڻ جي روشِ کي پنهنجائي ٿو. شاعر جي
اندر جي ڪائنات مان جيڪي نغما اُسرن ٿا، اهي ورقن
۾ تاريخ بڻجي رهن ٿا ۽ هو عام ماڻهن جي ذهنن ۽
ضميرن کي جاڳائن ٿا:
سوڀ ڏسي محڪوم هٿن جي،
رابيل هوا ۾ جهومن ٿا،
بند ڪري ڇڏ ڳڙکي شاعر،
اڏريا اڏريا گيت وڃن ٿا،
منهنجي دل آ پياس پکيءَ جي ،
تنهنجا نيڻ نديءَ جا سڏ ها.
سعيد سومري جي شاعريءَ ۾ نوان استعارا، خوبصورت
تشبيهون، امنگ ۽ خوشين جا رنگ به آهن ته وڇوڙي جو
درد به آهي.
سعيد سومرو اندر جي ڪائنات ۾ ادب سان لاڳو سڀني
مرحلن، زاوين ۽ دائرن ۾ سچائيءَ جي اهميت کي وڌيڪ
اجاگر ڪرڻ جو قائل رهيو آهي. سگهاري سوچ رکندڙ هن
شاعر ۾ هڪڙي خوبي اها به آهي ته هو تنقيدي رويي
کان ڪڏهن به خائف ناهي رهيو پر هو تنقيد کي خوشيءَ
سان قبول ڪندو پئي رهيو آهي.
سندس ٻي خوبي اها رهي آهي ته هو لفظن جي پس منظر،
ماحول ۽ حسناڪيءَ جو قائل ۽ گرامر کان واقف آهي،
البت ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي هلڪيون ڦلڪيون پروفن جون
چُڪون رهجي ويون آهن.
اسان کي اميد آهي ته هيءُ محبتي ۽ محنتي شاعر
پنهنجن جوان جذبن ۽ سگهارين سوچن سان ادبي کيتر ۾،
پنهنجي حصي جو ڪردار نڀائيندو رهندو.
جتي من ۾ ڊپ ناهي، ۽ ڳاٽَ اُوچا رهن ٿا،
جتي علم کي آزادي آهي،
جتي دنيا کي تنگ نظرين سان ورهائي ٽڪرا ٽڪرا نٿو
ڪيو وڃي،
جتي لفظَ سچ جي اونهائين مان اُڀرن ٿا،
جتي اڻٿڪ محنت پنهنجيون ٻانهون ڪمال ڏانهن ٿي
ڦهلائي،
جتي عقل جي شفاف نهر، قنوطيت جي وارياسي رڻ پَٽَ ۾
ڀٽڪي، پنهنجي راهه نٿي وڃائي،
جتي مَنُ سدا اُسرندڙ فڪر ۽ عمل سان توڏانهن ئي وک
وڌائي ٿو،
- او سائين، شال منهنجو وطن آزاديءَ جي انهيءَ جنت
۾ اکيون کولي!
]مهاڪَوي
ٽئگور جي هڪ نظم جو ترجمو[
استاد
لغاري
تحقيق
“ڪلام گرهوڙي” جو هٿ آيل نئون قلمي نسخو
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي شهيد جي سوانح، ڪلام ۽
سندس شهادت بابت ڪافي احوال دستياب ٿي چڪو آهي.
شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو
سهيڙيل ڪتاب ”ڪلام گرهوڙي“ اسان وٽ موجود آهي.
بلاشڪ هيءُ هڪ جامع، مفصل ۽ مستند دستاويز جي
حيثيت رکي ٿو.
”ڪلام گرهوڙي“ کي سهيڙڻ لاءِ، ڊاڪٽر دائود پوٽي
صاحب جن 14 قلمي ۽ ڇاپي نسخن جو ذڪر ڪيو آهي، اُهي
هن ريت آهن:
(1)
(ل) – لنواري شريف وارن پيرن جو نسخو.
(2)
(ج) – لنواري درگاهه هاڻوڪي سجاده نشين خواجه گل
حسن صاحب وارو نسخو.
(3)
(خ) – مرحوم مير خان محمد ٽالپر، ساڪن ٽنڊي جان
محمد جو لکيل نسخو.
(4)
(جهه) – جهنڊي وارن بزرگن جي ڪتب خاني مان هٿ آيل
نسخو.
(5)
(ڄ) – مرحوم نواب ڄام ڪانڀو خان جي اهتمام سان
ڇپايل نسخو.
(6)
(ح) – حامد الله ازقوم لنجو ساڪن پارڪر وارو نسخو.
(7)
(ق) – قاضي پير بخش ولد قاضي محمد حسن نصرپوري جو
لکيل نسخو.
(8)
(ن) – دين محمد سومري جي معرفت، حاجي عبدالحي نقيچ
وارو مليل نسخو.
(9)
(الف) – حافظ ابوالحسن جو لکيل نسخو.
(10)
(ڏ) – ابوبڪر نصرپوري وارو نسخو (ڪاتب
الهه ڏنو سهتو)
(11)(م)
– استاد مولوي عبدالرحيم مگسي وارو ڇاپو.
(12)
(ر) – شيخ عبدالرحيم صاحب، روهڙي واري جو نسخو.
(13)
(ع) – ميان عبدالله آخوند جي سوٽ مرحوم حافظ ميان
علي احمد آخوند هالائيءَ وارو نسخو.
(14)
(.......) – الله بخش وارو نسخو.(1)
ان بعد سڀني کي آڏو رکي جيڪو دائود پوٽي صاحب نسخو
تيار ڪري ڇپايو، اُن جي اهميت نهايت ئي اهم آهي.
مذڪوره 14 نسخن کان علاوه مون وٽ هڪ اهڙو نسخو
آڏو آهي، جنهن ۾ گرهوڙي صاحب جو ڪلام درج ٿيل آهي.
هيءُ هڪ قلمي نسخي جي صورت ۾ آهي، جيڪو رجسٽر تي
تحرير ٿيل آهي. هِن نسخي ۾ هٿ اکر مرحوم حاجي محمد
بخش ڪُٻر جا آهن. هيءُ نسخو حاجي محمد بخش ڪُٻر
سنه 1357هه کان لکڻ شروع ڪيو ۽ مڪمل ڪرڻ جي تاريخ
1- ربيع الاول سنه 1360 هجري درج ڪيل آهي. ٻين پنن
تي ڪي ٻيون تاريخون به ڏنل آهن، پر هِن نسخي کي
مڪمل ڪرڻ جي حتمي تاريخ 1- ربيع الاول واري ئي ٿي
سگهي ٿي.
حاجي محمد بخش ڪُٻر جو ڳوٺ، کپري شهر کان ٻه ٽي
ميل اولهه طرف، ميرپور خاص روڊ جي ڀرسان واقع آهي.
حاجي محمد بخش ڪُٻر جو شجرو ڪجهه هن ريت آهي: حاجي
محمد بخش بن محمد صديق بن اسد الله بن غلام محمد
بن نصرالله بن ميان ڀليڏنو ڪُٻر.
هيءُ قلمي نسخو مون وٽ ميان عزيز الله ولد حاجي
سليمان ڪُٻر، زيارت خاطر وڏي مهربانيءَ سان کپري
شهر ۾ کڻي آيو ۽ مون کي هڪ مهيني تائين مطالعي ۽
استفادي لاءِ مُهيا ڪيائين. بقول سندس، ته هيءُ
نسخو کيس پنهنجي وڏن جي طرفان امانت طور مليو آهي.
هِن نسخي ۾ گرهوڙي صاحب جن جو ڪلام موجود آهي.
ڪاتب حاجي محمد بخش ڪُٻر، لڳي ٿو ته هِن نسخي کي
لکڻ مهل مڪمل پاڪائي اختيار ڪئي آهي ۽ باوضو ٿي
پوءِ لکيو آهي. هُن جيڪا مس استعمال ڪئي آهي، اُها
پنهنجي هٿ سان تيار ڪئي آهي، جنهن کي برسات جو
پاڻي ۽ زماني جي گردش به ڊاهي نه سگهي آهي. مس جي
تياريءَ ۾، پاڻي کان علاوه مُشڪ عنبر به ملايو ويو
آهي. ان کان علاوه پوري نسخي ۾ هر هڪ اکر جي هيٺان
مٿان جيڪي به زبرون، زيرون، پيش وغيره ڏنل آهن،
اُهي سڀ جو سڀ ۽ پوري متن ۾، جِتي جِتي به ڪلام
پاڪ جون آيتون آيون آهن، سموريون، زعفران سان
تحرير ڪيل آهن. ڪاتب جا هٿ اکر، نه ڏاڍا سهڻا آهن
۽ نه ڪو ڏاڍا سادا، بلڪِ درميانا آهن. سنڌي
صورتخطي، پُراڻي ابوالحسن واري، استعمال ڪئي اٿس.
جهڙي شاهه جي رسالن ۽ بمبئي ڇاپن ۾ ڪم آندل آهي.
هِن نسخي کي کولڻ سان، هڪ اعليٰ قسم جي خوشبو ۽
محسوس ٿئي ٿي. رجسٽر کولڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هِن
جا پهريان ۽ آخري ٻه ٽي پنا اڳ ۾ خالي ڇڏيل هئا.
جن تي بعد ۾ ڪاتب يا ڪِن ٻين معتقدن طرفان پين سان
مولود شريف، مداحون ۽ ڪافيون لکيون ويون.
شروعاتي پنن تي حضرت پير سائين پاڳارا سيد محمد
راشد روضي ڌڻي رح جن جو هڪ خط مبارڪ نقل ڪيو ويو
آهي. جيڪو حضرت روضي ڌڻيؒ جن ميان تاج محمد نالي
ڪنهن بزرگ ڏانهن ڪنهن بياض جي حصول لاءِ لکيو آهي.
هِن نسخي ۾ ميان تاج محمد نالي بزرگ جي ڪٿي به
وضاحت ٿيل نه آهي ته هيءُ ڪهڙو بزرگ آهي. البت قوي
گمان آهي ته هيءُ اُهو بزرگ آهي، جنهن جي ديني
درسگاهه سيواري ۾ هوندي هئي ۽ پاڻ، حضرت پير سائين
محمد راشد روضي ڌڻيؒ جن جا خاص خليفا به هئا(2).
بزرگ ميان تاج محمد ڪيريو جي پونيئرن جي بقول ته
اهو خط مبارڪ اصلي صورت ۾ وٽن موجود آهي، پر راقم
کي ان جي زيارت في الوقت نصيب نه ٿي سگهي آهي.
ميان تاج محمد ڪيريو، ميين محمد مُبين ڪيريي
چوٽياري واري جو همعصر ۽ عزيز هو. چوٽياري ڪنهن
زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هئي.
1851ع ۾ مشهور ۽ معروف انگريز اديب ۽ ليکڪ ”رچرڊ
برٽن“ سنڌ ۾ آيو هو، ان ٽالپر دور جي هيٺين ڇهن
مدرسن کي ڪاليجي سطح جي درسگاهن ۾ شمار ڪيو آهي.
يعني- سيوهڻ، کُهڙا، مٽياري، ٽپٽ، ولهار ۽ چوٽياري
(3). ميون محمد مبين ڪيريو (ٿرائي) چوٽياريون
وارو، پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ چوٽياري درسگاهه
(ضلع سانگهڙ) جو باني هو. ڀٽائي صاحب اڪثر سانوڻ
جي موسم ۾ وٽس ايندو رهندو هو. هڪ ڀيري گڏجي ماني
کاڌائون ۽ پوءِ صحبت ۾ ويٺا ته گهڻو ويهي ويا ۽
دير ٿي ويئي. جڏهن شاهه صاحب موڪلايو ته ميين محمد
مبين چيو ته ”جهُڙ ڦڙ آهي، ترسي پئو.“
تنهن تي شاهه صاحب بيت ۾ جواب ڏنو:
”رداءِ جا رضا جي، سا اوڇڻ آديسين.“
پوءِ موڪلائي روانو ٿيو. هيءَ ملاقات غالباً 1160-
1155هجري ڌاري ٿي. مخدوم ميون عبدالرحيم گرهوڙي ان
وقت درسگاهه چوٽياريون ۾ طالبِ علم هو. چون ٿا ته
گرهوڙي صاحب قبول صورت ۽ جسم ۾ ڏٻرو هوندو هو. ٻيا
طالبِ علم کيس پاڻ سان گڏ کاڌو کائڻ نه ڏيندا هئا.
ميون محمد مبين صاحب کيس سڏي پاڻ سان گڏ ماني
کارائيندو هو. انڪري گرهوڙي صاحب، ميين صاحب کي
ابو ڪري سڏيندو هو.
شايد ڀٽائي ۽ ميين صاحب جي ماني کائڻ وقت گرهوڙي
صاحب خدمت ۾ موجود هو، جو جنهن پيالي ۾ شاهه صاحب
پاڻي پيتو سو گرهوڙي صاحب سنڀالي رکيو. (ٻي روايت
موجب اهو پيالو شاهه صاحب پاڻ کيس ان موقعي تي يا
ڪنهن ٻي موقعي تي ڏنو هو). جيڪو هِن پوئين ويجهي
دور تائين گرهوڙ شريف ۾ سيدن وٽ حفاظت سان رکيل
هو(4).
سرينواري به ڪنهن زماني ۾ چوٽياري وانگر علم جو
وڏو مرڪز هُئي. هِن درسگاهه جي زيارت لاءِ حضرت
شاهه عبدالطيف ڀٽائيؒ جن آيا هئا.
واگِهين (تعلقي سانگهڙ) واري ڀٽ تي شاهه صاحب جو
تڪيو موجود آهي، واگِهين واري ڀٽ سرينواري کان ٻه
ٽي ميل اولهه طرف، اولياء بهرم بري سان لڳو لڳ
آهي. منجيري جعفر خان لغاري پنيري وارو روايت ڪندي
ٻڌائي ٿو ته ”شاهه صاحب گيڙو ويس ۾، ڪنٺ مالا
پاتل، هن درسگاهه ۾ داخل ٿي، اندر ويهي رهيو ته
طالبِ علمن کيس ڪو غير مسلم (جوڳي يا سامي) سمجهي
هِتان نڪري وڃڻ لاءِ زور ڀريو، پر پاڻ ٻاهر نه ويا
۽ مسڪرائيندا ويٺا رهيا. تان جو طالبِ علمن اهڙو
اطلاع درسگاهه جي مهتمم ميان تاج محمد ڪيريي کي
ڏنو، جيڪي جلدي درسگاهه اندر پهتا ۽ اهڙي ويس واري
مسافر کي ڏسي يڪدم سڃاتائون ۽ هي بيت ڏنائون:
ڪُوڙو تُون ڪُفر سين، ڪافَر مَ ڪوٺاءِ،
هِندو هَڏَ نه آهيين، جَڻِيو تو نه جُڳاءِ،
تِلڪ تِنين کي لاءِ، سَچا جي شِرڪ سين.
ته ڀٽائي صاحب به مسڪرائي وراڻيءَ ۾ هيءُ بيت ڏنو:
ڪافَر ٿي ته اُبهين، بابَ شَرع جا ڇَڏ،
مَنَ مُشرڪن گڏ، ته ويجهو ٿين وِصالَ کي.
پوءِ ٻيئي ڄڻا ڀاڪر پائي مليا ۽ حال احوال
اوريائون.“
جيئن ته درسگاهه سرينواري، گرهوڙ شريف ۽ چوٽياري
جي وچ تي آهي، انڪري ايندي ويندي ميون عبدالرحيم
گرهوڙي صاحب هن درسگاهه ۾ ڪافي دفعا آيو ويو چئي
سگهي ٿو. هِن درسگاهه ۽ مسجد شريف جو ڀڙو ۽
قبرستان سرينواري ۾، پُراڻي ڍوري (ڪاري ناري) جي
ڀر ۾، ٻيلي ۾ موجود آهن. قبرستان ”تاجا طُريل“ جي
نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. هِتي مائي ڄامان جي
جوڙايل مسجد شريف به هوندي هئي، جيڪا هِن وقت شهيد
ٿي چُڪي آهي.
حضرت پير سائين روضي ڌڻي رح ، مخدوم عبدالرحيم
گرهوڙي جي شهادت وقت 21 سالن جا هئا ۽ هيءُ خط
گرهوڙي صاحب جي شهادت کان ست سال پوءِ سن 1199هجري
۾ لکيو ويو آهي. غالب گمان آهي ته ميان تاج محمد
ڪيريو وٽ ميان عبدالرحيم گرهوڙي جن جو ڪو بياض (
يا ڪو ٻيو اهم ڪتاب به ٿي سگهي ٿو. موجود هو، جنهن
جي حصول لاءِ، حضرت پير سائين روضي ڌڻيؒ جن اِهو
خط ارسال ڪيو هجي ۽ اُن اصلي بياض تان بعد ۾ حاجي
محمد بخش ڪُٻر به هيءُ قلمي نسخو تحرير ڪيو هجي.
ميان تاج محمد جي پونيرن وٽ قرآن پاڪ، احاديث
مبارڪ، فقه ۽ ٻين ديني ڪتابن جا سوين ناياب قلمي
نسخا موجود هوندا هئا، هيٺ حضرت پير سائين روضي
ڌڻيؒ جي نقل ڪيل خط جو عڪس ڏجي ٿو:
(خط جو ترجمو)
”وصيت هي ته ڪوبه ساهه، پيدا ڪندڙ جي نالي
کانسواءِ نه کڻجي.
پوءِ هِن سال هِي حقيقت ثابت ٿي حقيقتاً.
ڪا گهڙي خدا جي ياد ۾ هجڻ، سُليمان عليہ السلام جي
بادشاهيءَ
کان بهتر آهي.
(نوٽ ۾ هيٺيان اکر لکيل آهن).
مگر هي ته جيڪڏهن بياض (ڪتاب) فارغ آهي ته
ڪجهه ڏينهن لاءِ اُڌارو ڏيندا ته ان مان ڪجهه شيون
نقل ڪري واپس موڪلينداسون.
انشاء الله تعاليٰ“
(مُهر سنه 1199 هجري.
حضرت پير سائين روضہ ڌڻي
رحمة الله عليہ و برڪاتہ.)
مٿي ڏيکاريل خط کان پوءِ مضمونن ۽ ڪلام جي فهرست
اچي ٿي جيڪا پاڻيءَ سان ايتري ته پسيل آهي جو اُها
صحيح پڙهڻ ۾ نٿي اچي. متن شروع ٿيڻ کان اڳ ڪي
مُستجاب دعائون ۽ وظيفا درج آهن جيڪي ڪاتب پنهنجي
پڙهڻ ۽ استفادي لاءِ شايد لکيا آهن. متن جي شروعات
الله تبارڪ و تعاليٰ جي اسم مبارڪن سان ٿئي ٿي. هر
اسم مبارڪ جي هيٺان اُن جي صفاتي معنيٰ سنڌيءَ ۾
درج ڪيل آهي. شروعات هِن طرح آهي:
اسماء الحسن تسعين تسعان.
بسم الله الرحمٰن الرحيم.
الله ﷻ الرحمٰن ﷻ الرحيم ﷻ اُن بعد حضرت ﷴ
مصطفيٰ ﷺ جن جا اسماء مبارڪ درج آهن ۽ ان کان اڳتي
هلي، حضرت مِٺي ﷴ الڪريم، سيد المُرسلين، شفيع
المُذنبين، رحمت اللعالمين، راحت العاشقين، مذداد
المشتاقين، شمس العارفين، سراج السالڪين ﷺ جن جي
حُليه مبارڪ جن جو بيان، صحيح ڪتابن مان ڏسي لکيل
آهي.
اُن کان اڳتي هلي، رجسٽر جي صفحي نمبر 25 تي هڪ
خاص حوالو درج ڪيل آهي. جيڪو هِن قلمي نسخي بابت ۽
ڪاتب ۽ تحرير ٿيڻ جي تاريخن جي ذمري ۾ نهايت گهڻي
اهميت رکي ٿو. اُهو حوالو هِتي هُوبهو نقل ڪجي ٿو:
بسم الله الرحمٰن الرحيم. قوت العاشقين، في ولادت
سيد المُرسلين، تصنيف ڪيل- جناب مولانا مولوي حاجي
الحرمين والشريفين الحاج مولوي گل محمد عفاهُ الله
(هيءُ مولوي گل محمد ڀٽي آهي. جنهن جا پونير هينئر
ڳوٺ مورهڏي، تعلقه کپري ۾ رهن ٿا.) ماڪانَ مِنہُ
سنَدَ يافته لاهور، انجمن خدام الدين، ساڻ سعيي ۽
شوق ميان محمد بخش قوم ڪُٻر، جي تيار ٿيو. مؤرخه
22 صفر المظفر سن 1360 هجري. (عرض حال) هِي
ميلادالنبي سيد المُرسلين ﷺ جو تمام معتبر ڪتابن ۽
تفاسيرن مان چونڊي عرق ڪڍيو ويو آهي. مهٰذا هڪ
عالم رباني مرحوم و مغفور جنتِ مقام ميان محمد بچل
مشائخ پوٽه جو ٻُڌل ۽ پسند ڪيل آهي. هِن بندي، هِن
نسخي کي 1357هجري ۾ شروع ڪيو هو. پر قضا اِلاهي،
ميان محمد بچل مرحوم، جمعي جي رات 12 وڳي، بتاريخ
12 شوال سن 1358 هجري ۾ انتقال ڪري ويو ۽ ڪو معاون
مددگار ڪونه رهيو ۽ عربي طالبن جي اسباقن جي
مشغولي گهڻي هئي، تنهنڪري ميلادالنبي ﷺ خادمِ
حرمين، پياسي حوضِ ڪوثر جو، حامي الحرمين
الشريفين، حاجي محمد بخش صاحب ازحد تاڪيد ڪئي ته
ميلادالنبي ﷺ جلد تيار ڪيو وڃي. بعون الله ساڻ
مددگاري الله تعاليٰ جلشانہ اَمن وآلہ جي، ڪم
پايهءِ تڪميل تي پهتو. پياري عزيز، عُشاق حضرت سيد
المُرسلين ﷺ جا هِن ڪمتر ۽ ڪهسر ناقص ۽ ناچيز جو
عرض آهي ته الانسان مُرڪب من الخطاءِ والنسيان.
’انسان خطا ۽ ويسر جو گهر آهي.‘ هِن بندي جي ڪابه
لغزش يا خطا ڏسڻ ۾ اچي ته بي حجاب صحيح ڪري ڇڏيندا
۽ دُعا خير کان فراموش نه ڪندا.
بقلم- محمد بخش قوم ڪُٻر. بتاريخ 25 صفر المظفر سن
1360 هجري. روز دوشنبه.
هن کان هيٺ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي ولادت ۽ سيرت
پاڪ جو اقتباس نثر ۾ تصنيف ڪيو ويو آهي. هِن تصنيف
جي لکي مڪمل ڪرڻ جي تاريخ
1- ربيع الاول سن 1360 هجري، بقلم حاجي محمد بخش
ڪُٻر عفي عنه لکيل آهي. هِن کان پوءِ ڪلام گرهوڙي
شروع ٿئي ٿو.
(اول ڪلمو شريف بر زبان سنڌي)
پهرين ويسہ سک تون، علم ايمانا.
ويسہ صحي اِيءَ ٿيو، جيئن وسهين هِن معنا.
(ٻيو ڪلمو طيب توحيد)
جوڳو عبادت جو، ڪونهي رب سوا.
ڪنهن کي روا ناههِ ڪا، پرور رِي پوڄا.
(حقيقت محمديءَ جي بيان ۾)
اسم ساڻ الله جي، سڀئي ٿوڪ ٿِئا.
جو خالق مخلوقن جو، رهبر رحيما.
(قل هو الله احد)
محمّد
ﷺ چئو ماڻهن کي، ته هِن پر ڳالهه ٻُڌن.
الله آهي هيڪڙو، جهڙس ڪونه ڪهن.
(ساراهه بسم الله ۽ سورت فاتح)
ساراهه صاحب کي ڪجي، جو عالم ڪُل علمن.
سڀ ڪِين ڄاڻي مون ڌڻي، بخشي علم بندن.
(بسم الله جي معنيٰ)
پهرين معنيٰ بسم الله جي، اندر روح رکن.
جا آهي ماءُ الحمد جي، آيت اِيءَ لَکن.
(تبارڪ الذي در بيان توڪل)
چونڊ شعر
اُونهي برڪت اُن کي، جنهن هٿ جهانا.
اُڀ، ڀُون، عرش، ڪُرسي، ننڍا ٿوڪ وڏا.
ڄيري کامڻ ناههِ ڪو، پاڻي ٻُڏڻ ناهه.
موت نه آهي مرض ڪري، ٻُڪي صحت نه ڪا.
قوت ناههِ ڪڻن ۾، پاڻي اُڃ نه لاهه.
سڀوئي صاحب هٿ ۾، نفع زيانا.
ڪي اگهاڙا ئي ڍڪيا، ڪي ڍڪيل اگهاڙا.
ڪي پيادا ئي بادشاهه، ڪي ڏولي ۾ ڏکيا.
ڪِن دائم ديڳ چڙهي، ڪسب ڪل نه ڪا.
ڪي سُتائي سرفراز ٿئا، ڪي روُندا ئي رهيا.
ڪاڪ ڪنڌيائي ڪينَ وڻي، ڪا سُتيائِي سيباءِ،
ڇڏي اٽڪل عقل جي، ڪُوڙا قياسا.
مڇين پاڻي ۾ پُڇي، پکين منجهه هوا.
وهٽن ڪارڻ وڻ مِٺا ڪري، ققنس ڪارڻ باهه.
اڏوهي کي آب ڏي، جتي آب نه آ.
ڪيئين کي پهڻ سخت ۾، رساڻي رزقا.
جِن نه قُدرت قُوت جِي، فاقي فقيرا.
سي تون ڪيئن سڏين بادشاهه؟ گهوڙا ڙي گهوڙا!
(تفسير انا اعطينا جو)
پرور پانهنجي نام سين، قادر ٿوڪ ڪِئا.
جو خالق مخلوقن جو، هادي، ڪنين لا.
(ست صفت ايمان جون)
سَتَ صفت ايمان جون، سِکي صحي ڪجن.
جن نه مڃي هيڪڙي، ڪُفر ٿِئو تن.
(سنڌي مُلڪي)
ساراهه ڪريان سبحان جي، اول عطائي.
جوڙي جوڙ سڀڪا، جنهن آگي اُپائي.
(سنڌي ترڪي واري)
جيڪي ٿوڪ جهانَ ۾، ڳجها ۽ پڌرا.
اسم ساڻ الله جي، تِن جو ظهورا.
(سنڌي سَتَ فرض)
سَتَ فرض انسان تي، لازم لکن ٿا.
جن ڇڏيو هيڪڙو، تنين عذابا.
هِن کان پوءِ بيتن جو باب شروع ٿئي ٿو. بيتن ۾
ميين عبدالرحيم گرهوڙيءَ کان سواءِ، حضرت شاهه
عبدالطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لنواري واري ۽
ٻين صوفي بزرگن جا بيت به ڪٿي ڪٿي شامل ٿيل آهنِ.
اِهو مسئلو ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ به موجود آهي.
ڇو جو اُن وقت جا شاعر معرفت جا صاحب هوندا هئا ۽
ڪم و پيش هڪ جهڙي، پُرجمال شاعري ڪندا هئا. ۽ ٻيو
ته اُن زماني ۾ ڪلام کي ڀيٽڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، ڌار
ڪرڻ جون ڪي خاص سهوليتون موجود نه هيون(۽ اڄ ڪلهه
وري اهڙي ڪلام کي ڌار ڪرڻ سان اختلاف پيدا ٿين ٿا)
لهاذا، هِن نسخي ۾ درج ڪيل 270 بيت، جيئن آهن، جتي
آهن ۽ جيڪي به آهن، انهن مان فقط چند بيت مثال طور
شامل ڪجن ٿا:
بيت
(1)
عارف ۽ عُشاق، پسڻ گهرن پرين جو.
جنت جا مشتاق، اڃا اورانهان ٿئا.
(2)
آئون اُن ڏينهان، سِڪان سُپيرين کي.
جيئن اوڏا ٿئا اَن کي، آدم ۽ حوا.
محب مڙندم ماءَ! شال! موٽي ماڳِيتيِ ٿيان.
(3)
تان سِين تون نه فقير، جان سِين سانگ سِسِي جو.
ماڻيو تن ملير، جن جُسو مال مُباح ڪِئو.
(4)
سامي! ڪنڌ ڪپاءِ، ڪنَ ڪپايا خير.
هِي تنين جي جاءِ، جنين ٻئي جڳ ڇڏيا.
(5)
پل پل پوءِ پچار، مُلڪ ۾ ميثاق جي.
ڪک پن ڪن اقرار، ”اسين ٻانها، تون ڌڻي“.
(6)
تنهنجي واٽ وجود، ٻهر پُڇ مَ پيچرا.
مڙوئي تون معبود، جي قريب رهين ”ڪِين“ جي.
(7)
جڏهين ”ڪِين“ لڌوءِ، تڏهن لڌوءِ سپرين.
جانسين لهين نه ”ڪين“ کي، تانسين هوت نه
هوءِ.
اِنَ رَبيِ عَليٰ صِرَاط مُستَقِيم، زندان
راهه اِهوءِ.
ڪلمون تِت ڪُفر ٿيو، هوت جِتهين هوءِ.
نفي ۽ اثبات کان، پرين پاڪيزوءِ.
لالڻ سندي لوءِ، تِر تناقص ناههِ ڪو.
(8)
پريان جي پچار ۾، اچي جن آرام.
دنيا تن کي دام، پُڇن موسم موت جي.
(9)
اندر انڌي آرسي کي، منهن ڏونُهن ڪٽ ناههِ.
آرسي کي آههِ، واهيپو ويسار سين.
(10)
سرتيون! سُٽ ڪياهه، ماريو مَ منصور کي.
ٿي ترڪيب تباهه، وحدت وائي وات ۾.
(11)
تنين غم ڪِهو؟ ڪم جنين جو ”ڪِينَ“ ۾.
جَنينِ ايڏاهين پير پيو، تنين ”هُوند“ حرام
ٿي.
(12)
تِڪ ڏيڻ توحيد ۾، وجهلڻ وصالت.
مون جيڏيون ملير ۾، پِيئن ماکي معرفت.
پِرتِئان پنهواريون پِين، شربت شريعت.
هادي حقيقت، مولا! مون کي ميڙيين.
هڪ نصيحت ڀريو نظم شروع ٿئي ٿو جنهن جو عنوان آهي-
”راند جو بيت“. هِن نظم جا پهريان ٻه ٽي لفظ آهن-
”ٽِڪ ڏِنگڙِي هَلي، کڙا پاسڙِي جهلي“. ۽ پڇاڙي
وارا لفظ آهن: ”ڪِين کائجي، ڪِين اوبارجي. جي سڄڻ
سڄا ئي ٻانهن ڏي، سڄا ئي نه ڳِهجي“. وغيره. هي نظم
رجسٽر جي ٻن صفحن تي محيط آهي.
هِن کان اڳتي فارسي ۾ هڪ مدح شريف رقم ٿيل آهي
جيڪا پڻ رجسٽر جي لاڳيتو ڇهن صفحن تي درج ڪيل آهي.
ميون عبدالرحيم گرهوڙي صاحب، سلطان اولياء حضرت
خواجه محمد زمان لنواري وارن جا مريد هئا(5). اِن
ڪري هِن نسخي ۾ پنهنجي مرشد جي سلسلهءِ طريقت کي
درج ڪيو اٿن. جيڪو هُوبهو هتي نقل ڪجي ٿو:
(1)
اول سيدنا حضرت محمد الرسول الله .
(2)
بعد ازان سيدنا حضرت ابابڪر صديق رضي الله تعاليٰ
عنه.
(3)
بعد سيدنا حضرت سلمان فارسي رضي الله تعاليٰ عنه.
(4)
حضرت قاسم بن محمد.
(5)
حضرت امام جعفر صادق رضي الله سبحانه و تعاليٰ
عنه.
(6)
حضرت خواجه با يزيد بسطاميؒ.
(7)
حضرت خواجه ابوالحسن خرقانيؒ.
(8)
حضرت خواجه ابو علي فارمنديؒ.
(9)
حضرت خواجه محمد يوسف همدانيؒ.
(10)
حضرت خواجه عبدالخالق غجدوانيؒ.
(11)حضرت
خواجه محمد عارفؒ.
(12)
حضرت خواجه محمود علي راميتنيؒ.
(13)
حضرت خواجه بابا محمدؒ.
(14)
حضرت خواجه سيد مير گلالؒ.
(15)
حضرت خواجه بهاؤالدين شاهه نقشبنديؒ.
(16)
حضرت خواجه محمد يعقوبؒ.
(17)
حضرت خواجه عبيدالاحد الاحرارؒ.
(18)
حضرت خواجه درويشؒ.
(19)
حضرت خواجه مَڪَنِڪَؒ.
(20)
حضرت خواجه باقي بااللهؒ.
(21)
حضرت خواجه احمدؒ (لقب مُجدد الف ثاني)
(22)
حضرت خواجه محمد سعيدؒ.
(23)
حضرت خواجه عبيدالاحدؒ.
(24)
حضرت خواجه محمد حنيفؒ.
(25)
حضرت شاهه ذڪي اللهؒ.
(26)
حضرت حاجي صاحب خواجه شيخ محمدؒ.
(27)
حضرت خواجه محمد زمانؒ.
(28)
حضرت خواجه گُل محمدؒ
(29)
حضرت خواجه شيخ محمد زمانؒ (ثاني).
(30)
حضرت خواجه حاجي محمد حسن صاحبؒ.
(قِلع لُئواري شريف، دام فيوضه علي المُريدين.)
هِن کان هيٺ ٻه مدح شريف اچن ٿيون. ان بعد ”تواريخ
گلزِار محمدي“، نثر ۾ لکيل آهي، گڏ ڪيل، مولوي گل
محمد (ڀَٽي) بعنوان ”صُلح حُديبه ۽ بيعت رضوان“.
جيڪا هِن رجسٽر جي (21) ايڪيهن صفحن تي رقم ٿيل
آهي.
آخر ۾ مولودن جو باب شروع ٿئي ٿو. هِن حصي ۾
مولود شريف، مدح شريف، ڪافيون ۽ غزل درج ڪيل آهن،
جن جو تعداد تقريباً (200) ٻه سؤ کن آهي. هي مولود
۽ ڪافيون ٻين شاعرن جون به چيل آهن. خصوصاً ٻه
ڪافيون (وايون) حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي
نالي سان به درج ٿيل آهن، جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي
۽ تحقيق لاءِ هتي پيش ڪجن ٿيون:
وائي (1)
ڪئن پليان پنهنجو پاڻ.
ماءُ! منهنجي ڪانهَ چلي ٿي.
اڄ نه اوطاقن ۾ وو ميان! جن سان روح رهاڻ.
ماءُ! منهنجي ڪانهَ چلي ٿي.
چڙهي ڏونگر چوٽيين وو ميان! پُرزا ڪنديس پاڻ.
ماءُ! منهنجي ڪانهَ چلي ٿي.
ڏونگر ڏرندو ڪِينَڪيِن وو ميان! ههڙن سُورن ساڻ.
ماءُ! منهنجي ڪانهَ چلي ٿي.
اديون عبداللطيف چي وو ميان! سيد گهرجي ساڻ،
ماءُ! منهنجي ڪانه چلي ٿي.
وائي (2)
ڪِينرڙيُون چورينَ، سِگهڙيون چورين، لوڪ سُتا پوءِ
ڪاپڙي.
دُونهيون ديرن ۾، اِي ٽي ڏينهن ٽمڪائينَ.
لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي.
ميڙيو ڪِينجهر ڪاٺيون، جوڳيئڙا جلائينَ.
لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارينَ.
لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي.
آڌي عبدالطيفُ چي، صاحب ساراهينَ.
لوڪ سُتا پوءِ ڪاپڙي.
قياس آهي ته ڪاتب کي جيڪا شيءِ پسند آئي آهي يا
بهتر لڳي آهي، اُها پنهنجي ذوق مطالعي لاءِ هيٺ
درج ڪندو ويو آهي ۽ اُن بعد رجسٽر جي باقي بچيل
پنن تي، ٻين سنڀاليندڙن به پنهنجي پاران ڪي مولود
شريف ۽ مداحون درج ڪيون آهن جن جي فقط نالي واري
مِصرع الف- ب وار هتي ڏيکارجي ٿي:
(1)
ابراهيم
”ابراهيم“ جي سرور سُڻ صدا،
منهنجو ساري سرتيون! ساهه سيد کي.
(2)
ابوبڪر
”ابوبڪر“ چئي آيا پرين منهنجا سامهون سوڀارا.
(3)
احمد
”احمد“ جهڙا اڀرا عاصي، مڪي وڃڻ لئي آهن اُداسي.
(4)
احمد علي
”احمد علي“ نه ڪر غم ڪوئي،
آهين اُمتي محمد جو.
(5)
اسماعيل
”اسماعيل“ کي علم ارشاد جي، هڻ اور اندر ۾ اڻي.
(6)
اشرف
”اشرف“چوي تون ننگ آهين، ڪرڪي نينهن نڀاوڻ جون.
(7)
اضعف
”اضعف“ ڪري اِي عرض يا الاهي!
(8)
امان الله
عاصي ”امان الله“ چئي، ڏينهڪ مان ڏسن.
(9)
پِنڻو
پاڻ سڃاڻي ”پِنڻو“ چئي، وهلو مون تي ور.
(10)
پِنيو
”پِنيو“ چئي پسان شال! هاشمي حبيب.
(11)جتوئي
رک هوش ”جتوئي“ سياڻو ٿي.
(12)
حافظ
دانهون ڪري درد مان ”حافظ“ هي فقير.
(13)
حبيب شاهه
”حبيب شاهه“ چئي يا حضرت! ڪر مدد مِير ميان.
(14)
حسن
چيريو چنڊ ”حسن“ چوي، نُور نبي.
(15)
حسين
هيڻي هِن ”حسين“ کي، پرچي مانَ پُڇن.
(16)
حيات
هيڻو حال ”حيات“ چئي، منهنجو منَ ميان.
(17)
رمضان
راضي ٿي ”رمضان“ چوي، ڏڍ ڏوهيارن کي ڏيندو.
(18)
سانيل
جوڳي پنهنجي جُوءِ سڌاريا، ”سانيل“ چوي سويرا ري.
(19)
سُکيو
سڪرات ويل ”سُکيو“ چوي، حامي ٿيج روز محشر.
(20)
سيف الله
”سيف الله“ چئي، آئون ساهه ڏيان پيراندي پيغمبر.
(21)
شاهه ڪنبير
ڪائل ”شاهه ڪنبير“چئي، ڳالهيون ڳڻ تنهنجا ڳائي.
(22)
صالح
سيد تان ”صالح“ چوي، آئون شل! صدقو ساهه ڪريان.
(23)
صرفو
سبب ساڻ ”صرفو“ کي نيئي محبن ساڻ ملايو.
(24)
عاجز
عاصي هِن ”عاجز“ جا، جيئن پازي جا پيغاما.
(25)
عبدالرئوف
آسون ”عبدالرئوف“ جون، تان پرور سڀ پُڄايون.
(26)
عبدالرشيد
”عبدالرشيد“ چئي، سُونهان سيد ساٿ سڳر سان.
(27)
عبدالشڪور
”عبدالشڪور“ آهنجو آهي سوالي سدا.
(28)
عبدالله
”عبدالله“ اُداسي تن لئي، سڪيو سڀ ڄمار.
(29)
عبدالولي
”عبدالولي“ چئي امن سان قادر ڪلمي سان، هادي شال!
هلائي.
(30)
عثمان
”عثمان“ کي عارضو آهنجو آهي سدا.
(31)
فتح
”فتح“ چئي فراق ۾، مير ڏسان مهندار، دعا ڪريو.
(32)
فضل
الاهي! ”فضل“ چئي، آئون شل سوکو ساهه ڏيان.
(33)
فيض محمد
”فيض محمد“ فيض لاءِ، در تي پڪاري دم بدم.
(34)
قاسم
قرب ساڻ ”قاسم“ کي، اچي رسج يا رسول!
(35)
قالو
”قالو“ سنديون ڪارڻين، الا! اُميديون پُڄاءِ.
(36)
ڪريم داد
ڪوٺي ”ڪريم داد“ کي، ڏي احمد ڄام عزت.
(37)
ڪمال دين
ڪرم ”ڪمال دين“ تي، قادر پاڻ ڪندو.
(38)
لڌو
لڳيس لام ”لڌو“ چئي، سيد تو ساري.
(39)
لوهار
ڪج لطف ”لوهار“ تي، جنهن کي سال ٿئا سڪندي.
(40)
مانجهي
”مانجهي“ جهڙا منگتا، مر لکين لاڳ لهن.
(41)
مجروء
”مجروء“ سان منهنجا مٺا! گهنڊ کولي ڳالهايو.
(42)
محمد
”محمد“ تي ماڙڪريو، خاص لڳ خدا.
(43)
محمود
محشر ڏينهن ”محمود“ تي، حضرت اچي هٿڙا ڌري.
(44)
مشتاق
آگا! ”مشتاق“ سندو حرص ڇڏائين، ڪناهِن دنيا.
(45)
مقيم
”مقيم“ تي ملڻ جو، ڪرم ڪريو ڪثيرا.
(46)
موسو
”موسو“ مدامي عرض ڪري ٿو.
(47)
ندو
نماڻي جو ”ندو“ چئي، وٺيو ور وڃن.
(48)
نعمت الله
نظر ”نعمت الله“ تي، ڪارڻ رب ڪجان.
(49)
ولي محمد
واحد لڳ ”ولي محمد“ کي، ميڙيين ساڻ مُرسل.
(50)
هارون
هوتن سان ”هارون“ چئي، منهنجو سرهو سڱ سدا.
مذڪوره قلمي نسخي ۾ پڙهندڙن، سالڪن ۽ تحقيق جي
طالبن لاءِ ٻيو به ڪافي مواد موجود آهي. ’تواريخ
گُلزارِ مُحمدي‘ پڙهندي ۽ ڇهن صفحن تي پکڙيل فارسي
مدح شريف کي نه سمجهندي به پڙهندڙ تي حال جي ڪيفيت
طاري ٿي وڃي ٿي.
فارسي مدح شريف جا پهريان ٻه ٽي ڪلمات ڏسو:
اسمِ حق مفتاح جان – وارث اسمَ شاههِ جهان.
حافظ حمايت بيڪسان- پروان نسبت شاههِ زمان.
۽ سندس آخري بند هِن ريت آهي:
بنده ”رحيم“ الله گدا- درگاهه شاههِ ڪربلا.
بحرِ حَسن بخش دو نا- ابنِ علي صاحب علم بِنُماء
شال اسان سڀني کي الله تعاليٰ علم جي سمنڊ مان، هڪ
قطري کي به سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين).
حوالا
(1)
دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر؛ ”ڪلام گرهوڙي“، ص
52، ڇپائيندڙ: ثقافت سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، سال
1995ع.
(2)
ڀيو فقير سردار (مرتب) ”پاڳارا آئينو“ (جلد
پهريون) (سوالن جوابن ۾)، ص 52، ڇپائيندڙ: روضي
ڌڻي پبليڪيشن ڇوڙ عمرڪوٽ، سال 2004ع
(3)
قادري، عبدالرسول ڊاڪٽر، ”سنڌ جا ڪتبخانا“، ص 25،
ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور، سال 2008ع
(4)
بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر (محقق ۽ شارح)
”شاهه جو رسالو- شاهه جو ڪلام“ (جلد پهريون) ص 56،
ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ
شاهه، سال 1989ع.
(5)
ڏسو حوالو-1، ص 18 |