سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2010ع

مضمون

صفحو :13

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ                                  تاثر

 

رئيس مرحوم ضياءالدين ضياء’بلبل‘ جي ياد ۾

جڏهن پوي ٿي ياد، صحبت سپيرين جي،

فريادون فرياد، ناگهه وڃن نڪرئو.

اهي پيارا سڄڻ جيڪي لڏي ڇڏي ويا، پر پنهنجين مهربانين جون مهرون دل تي ثبت ڪري ويا تن مان هڪ رئيس ضياءالدين ضياء بلبل به هو. سندس والد رئيس شمس الدين بلبل (1919-1857ع) پنهنجي دؤر جو وڏو ’اديب‘، تعليمي اڳواڻ، سياسي مفڪر، محب وطن، بيباڪ صحافي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو قادرالڪلام شاعر هو. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’بلبل‘ هو ميهڙ شهر جي هڪ معزز زميندار گهراڻي مان هو. رئيس شمس الدين بلبل جي نالي سان مشهور ٿيو. اُن ساڳي مناسبت سان، سندس فرزند ”رئيس ضياءالدين ضياء بلبل“ مشهور ٿيو.

رئيس شمس الدين بلبل هڪ سنڌ دوست سياسي اڳواڻ هو. وقف علي الاولاد ۽ دکن ايگريڪلچرل رليف ايڪٽ جهڙا قانون پاس ڪرائي سنڌ سان لاڳو ڪرايائين. جنهن مان بلبل جي دورانديشي ۽ سياسي بصيرت نمايان نظر اچي ٿي. بلبل جديد صحافت جو سرواڻ هو. سنڌي نثر ۽ نظم جو اڳواڻ هو. سنڌ جي بدلجندڙ سماج تي تنقيد ڪيائين ۽ پنهنجي ظرافت ۽ خوش طبعيءَ سان، ان وقت جي نون انگريزي پڙهيل فيشنئبل نوجوانن جو پنهنجي ڪلچر کان بيگانگي ڏانهن ڌيان ڇڪايائين ته:

گهر کان نڪتا نيٽو نيچر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا،

سر تي ٽوپي هٿ ۾ هنٽر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا،

سيٽي ۽ سگريٽ سدائين، گٽمٽ گٽمٽ وات ۾ وائي،

”يوسي“ ”آءِ سي“ مسٽر مسٽر، تاڪ ڌِنا ڌِن تاڪ ڌِنا.

ٻيو سندس طبعزاد موضوع ”تيرنهن ڄار، مڪرن جا مار“ هو جيڪو اسين سنه 1930ع ڌاري هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز جي لئبرري ۾ دلچسپيءَ سان پڙهندا هئاسون. ان ۾ ”وڪيلن جو ڄار“ ۽ ٻيا اهڙا تنقيدي موضوع آهن. خاص دلچسپ سندس تصنيف ڪيل ”ڪريما نيچرل“ هئي جنهن ۾ شيخ سعدي جي ڪريما جي فارسي سٽن سان تنقيد طور سنڌي سٽون ملايل هيون:

پيارج ڪو اڄ بِيرَ وسڪيءَ جو پا

ڪريما به بخشاي بر حالِ ما

ڪُتي پستڙي کي تون ڪج ڪُور ڪُور

نباشي ز گلزار فردوس دور

سندس اهي شعر ڪن شاگردن کي ياد هوندا هئا. ان دؤر ۾ حيدرآباد مان مولوي نورمحمد نظاماڻيءَ جون هفتيوار اخبارون ”طيرن ابابيل“ ۽ ”مرغ فلڪ“، ۽ ميرپورخاص مان محمد هاشم مخلص جي اخبار ”مسلمان“،

هندو اخبارن ۾ ڇپيل جملن جا مقابلا ڪندي ظريفانه شعر شايع ڪري رهيون هيون.

ڪاليج ۾ اچڻ بعد، رئيس ضياءالدين ضياء جو نانءُ اسان جي ڪن تي پيو پر ملاقات ڪانه ٿي. 1949ع ۾ اعليٰ تعليم پوري ڪري آيس ته ٻئي سال لاڙڪاڻي وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اُتي 24-22 آڪٽوبر 1950ع تي ڏهين آل سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿيڻي هئي جنهن ۾ مون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان مضمون پڙهيو. ان بعد ترڪي ٽوپي سان هڪ سهڻي صورت وارو اديب مون سان وڏي مرحبا سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايائين. حافظ محمد احسن چنا ۽ ٻين کان معلوم ٿيو ته هو سنڌ جي مشهور شخصيت مرحوم شمس الدين بلبل جو فرزند ارجمند آهي. رئيس ضياءالدين ضياء بلبل ان وقت شايد پبلڪ پراسيڪيوٽر هو. چيائون ته هن مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم.اي ۽ ايل.ايل.بي جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. انهن خوبين  جي ڪري منهنجو ڏانهس گهڻو توجهه ٿيو ڇاڪاڻ ته آءٌ به مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ پڙهيو هئس. ان ڪانفرنس کان پوءِ رئيس ضياءالدين ضياء بلبل سان ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ پاڻ هميشه وڏي پيار سان ملندو هو.

ڪانفرنس ۾ منهنجو پڙهيل مضمون، پوءِ
”تحفة لاڙڪاڻه“ ۾ شايع ٿيو. ان بعد مئي مهيني 1958ع جي رسالي ”نئين زندگي“ ۾ رئيس الدين ضياء بلبل جو منهنجي باري ۾ لکيل مضمون (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) پڙهيم ۽ سندس دلنوازيءَ کي محسوس ڪندي نهايت خوشي ٿي جو منهنجي لاءِ وڏي شاباس ۽ آفرين وارا جملا لکيائين. آءٌ کانئس عمر ۾ ننڍو هئس پر ان جي قطع نظر رئيس صاحب مون کي دل کولي داد ڏنو. اڄ مرحوم کي ياد ڪندي، پنهنجي مڃتا طور، سندس مضمون ۾ آيل ڪي جملا نقل ڪريان ٿو (جيڪي اسان جي ادبي تاريخ جو سرمايو آهن). ڪانفرنس ۾ منهنجي پڙهيل مقالي بابت رئيس صاحب لکيو ته:

”اهو هو سنڌي زبان بابت مشهور مقالو، جنهن سنڌي زبان جي اصل ۽ نسل واري پراڻي پر نه ختم ٿيندڙ بحث جي بحر ۾ جنب اڇلي. اهو مشهور مقالو ”تحفة لاڙڪاڻي“ جي سونهن ۽ سينگار ٿيو آهي. هيءُ پهريون دفعو هو جو دليلن ۽ انگن اکرن سان هڪ محقق اها ڳالهه چٽي ڪري ٻڌائي ته سنڌي زبان پاڻ هڪ مڪمل زبان آهي. تنهن تي ايراني، آريائي، سامي ٻولين جا اثرات پيا پر جنهن کي سنسڪرت ڄائي چوڻ غلط آهي. هن جي اثر هيٺ سنڌي ثقافت، فنڪاري ۽ سگهڙائپ جو سر اوچو ٿيندو.“

سنه 1958ع ۾ چيل اهي جملا، منهنجي تعريف کان وڌيڪ  مرحوم جي پنهنجي قابليت تي شاهد آهن. سندس هن مقالي بعد آءٌ دلي محبت ۽ نيازمنديءَ سان ساڻس ملندو رهيس. ان دؤر ۾ تحقيق جي سلسلي ۾ منهنجو دادو ضلعي ڏانهن اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. دادو شهر ۾ مرحوم شفيع محمد ميمڻ سان منهنجو ناتو هو جو اسين جهوناڳڙهه ڪاليج ۾ گڏ پڙهيا هئاسون. سندس اوطاق ۽ آفيس، رئيس صاحب جي اوطاق ۽ آفيس سان لڳ هئا ۽ رئيس صاحب سان ملڻ جا موقعا ملندا رهيا.

مرحوم رئيس ضياءالدين ضياء بلبل کي ياد ڪندي محسوس ٿئي ٿو ته هو سڀني وصفين سهڻو هو، شڪل صورت جو سهڻو هو، خوش کينڪار ۾ سهڻو هو، پنهنجي خوش گفتار ۾ سهڻو هو ۽ سندس ڪردار ۾ سهڻو هو.

اعجاز علي بيگ                                                                                              تعارف

مرحومه دلشاد بيگم

بنتِ

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ

 

 

مرحومه دلشاد بيگم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ٽن نياڻين مان ٻيو نمبر نياڻي هئي. سندس ولادت ٽنڊي ٺوڙهي ۾ 8 نومبر 1910ع تي ٿي. مرزا صاحب هڪ رباعيءَ ۾ ڄاڻايو آهي:

سَتَ پٽ هئا بابي کي، هيون پڻ ٻه ڌيئون،

سَتَ پُٽ ٿيا مون کي پڻ، ڌيئون پر ٽي ٿيون،

هي   بُرج  ٿيا  ٻه  ڄڻ  ته  منهنجي  گهر  جا،

جيئن بُرج فلڪ جا ٿيا، ٻه ٽيڙو  ۽ ڪَتيون(1).

-’موتين جي دٻلي‘ ص: 75، رباعي: 171

خوش قسمتيءَ سان مون پنهنجن 17 چاچن مان 9 چاچا ۽ ٽي پڦيون ڏٺيون. سندن صحبت ۾ رهيس ۽ منجهائن گهڻو ڪجهه پرايم. الحمدلله اهي سڀئي محبت ڪندڙ خوش طبع، مهربان، بهترين دوست، رهنمائي ڪندڙ ۽ بي انتها خوبين جا مالڪ هئا. اعليٰ تعليم يافته ۽ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ماهر ۽ يڪتا هئا، جن مان اڪثريت علم و ادب ۽  شعر و سخن جي ميدان ۾ پنهنجون تصنيفون يادگار ڇڏيون آهن ۽ تاريخِ ادب ۾ اڄ به سندن ذڪر موجود آهي. ساڳي طرح ٽئي پڦيون تعليم جي زيور سان آراسته هيون. عربي، فارسي، اردو، سرائڪي، سنڌي ۽ انگريزي زبانن تي دستَرس رکنديون هيون، پر افسوس ته سندن ادبي پورهيو اڄ تائين منظرِ عام تي اچي نه سگهيو آهي.

اسان جي وڏي پڦي فخر النساء بيگم، مرزا قليچ بيگ جي اولاد ۾ سڀني کان وڏي هئي ۽ 93 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. عربي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ انگريزيءَ جي ڄاڻو هئي. هُوءَ پنهنجي والد بزرگوار جي آداب و اخلاق و اطوار جي آئينه دار ۽ هم شبيهه هئي. ساڻس گڏ رهڻ جو مون کي گهڻو موقعو مليو. ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ دوران آءٌ گهڻو وقت سندس صحبت ۾ گذاريندو هئس. اڪثر ساڻس انگريزيءَ ۾ گفتگو ٿيندي هئي، جو گهر ۾ سڀ گهڻو ڪري انگريزي ڳالهائيندا هئا. سندس وجود نعمت ڄاڻي، کانئس ڏاڏا مرزا قليچ بيگ جي زندگي، سندس عادتن، طبعيت، اولاد سان محبت، مهمان نوازي، علمي ادبي سرگرمين، رهڻي ڪرڻي ۽ ٻين انيڪ مسئلن تي معلومات حاصل ڪندو رهندو هئس. خوف رهندو هو ته متان ڪڏهن بيزار نه ٿئي پر هن ڪڏهن اهڙو تاثر به نه ڏنو. بلڪل خوشيءَ سان منهنجن سوالن جا جواب ڏيندي رهندي هئي. البته اُهي واقعا ۽ يادگيريون دهرائيندي سندس اکيون آب الوده ٿي وينديون هيون.  ان تاريخي ۽ اهم معلومات کي محفوظ ڪرڻ ۾ مرحوم ممتاز مرزا منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ 74-1973ع ڌاري پڦي وڏيءَ کان، ’قليچ‘ جي حوالي سان هڪT.V انٽرويو منهنجي موجودگيءَ ۾ 16MM جي فلم تي، تقريباً ٽن ڪلاڪن جو رڪارڊ ڪيو، جنهن ۾ قليچ جي زندگيءَ جو ڪو پهلو تشنه نه ڇڏيو ويو. ان انٽرويو جو ڪجهه حصو T.V تان ”يادِ قليچ“ جي عنوان تحت Telecast پڻ ڪيو ويو. هيءُ انٽرويو هڪ تاريخي ۽ مستند ‘First hand information’  دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. اميد ته اها فلم P.T.V لائبريريءَ ۾ محفوظ هوندي.

اسان جي ٽيون نمبر ننڍي پڦي شهزاد بيگم مرحومه به مٿي ڄاڻايل سڀني زبانن تي دسترس رکندي هئي. سندس ڪُليات ان جو ثبوت آهي، جنهن ۾ سلام، منقبت، قصيدا ۽ غزلَ، سنڌي، اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾ نهايت سليس، پُر معنيٰ ۽ درد انگيز انداز ۾ چيل آهن. هن ڪربلا جي دل ڏاريندڙ واقعن کي مختلف عنوانن تحت ذاڪريءَ جي انداز ۾، سرائڪي زبان ۾ بيان ۽ ڏوهيڙن سان مُزيّن ڪري، تاريخ وار مجلسون پڻ جوڙيون، جي ايّامِ عزا ۾ زنانين مجلسن لاءِ خاص طرح لکيون ويون آهن.

مٿين تمهيد کان پوءِ هيٺ مختصر طرح مرحومه ”دلشاد بيگم“ متعلق پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين مان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر چند ياداشت پيش ڪندس، جيڪي سندس سوانحي خاڪي کي مرتب ڪرڻ ۾  مددگار ثابت ٿينديون..

جيئن مٿي لکيو ويو آهي ته دلشاد بيگم 1910ع ۾ تولد ٿي. سندس ابتدائي تعليم خانداني رسم و رواج موجب قرآن مجيد پڙهڻ سان شروع ٿي، پوءِ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو پنهنجي قابل پيءُ ۽ وڏن ڀائرن جي صحبت ۾ سکي. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ مرزا صاحب هڪ قابل استاد،
الله بخش نالي پڦي دلشاد ۽ ٻين ٻارن کي گهر ۾ پڙهائڻ لاءِ پڻ رکيو هو، جيڪو سندس موجودگيءَ ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو. اُهو استاد 51-1950ع ۾ پيريءَ تائين هر سال پڦي دلشاد ۽ سندس ڀائرن سان ملڻ ايندو هو ۽ ماکي، مکڻ، گيهه ۽ موسمي ميوه جات وغيره تحفي طور آڻيندو هو. کيس ايتري عزت ڏني ويندي هئي، جو محسوس ٿيندو هو ته ڪا اهم ۽ بزرگ شخصيت آئي آهي. پڦي وڏي، بابا (اسد بيگ مرزا) ۽ چاچا افضل بيگ، استاد صاحب سان دير تائين ڪچهريون ڪندا هئا ۽ هُو ڏاڏا مرحوم جون ڳالهيون ياد ڪري روئيندو هو ۽ اسين ٻار تعجب ڪندا هئاسين. هڪ ٻن ڏينهن جي قيام کان پوءِ جڏهن هُو روانو ٿيندو هو ته، پڦي پنهنجي هٿن سان سبيَل نوان جوڙا، اجرڪ، آچار، چٽڻيون، پنجيريون ۽ ٻيون انيڪ شيون تحفو ڪري ڏيندي هئي ۽ پوءِ کيس بابا يا ڪو ٻيو ڀاءُ موٽر يا وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ چاڙهي اسٽيشن تائين روانو ڪري ايندا هئا. اُهو استاد محترم مون کي چِٽو ياد آهي. بُلند قامت پر پيريءَ سبب قمرخميده، پاٺو بدن، متشرع، نوراني چهرو، گفتگو نهايت عالمانه ۽ آواز جهيڻو هوندو هئس. رات جو جڏهن بابا ۽ پڦي وغيره ساڻس محوِ گفتگو هوندا هئا ته آءٌ سندس هڙون ۽ ٻيون دٻليون وغيره کولي پيو ڏسندو هئس ته، منجهن ڇا آهي؟ منهنجون اهي حرڪتون بابا کي سخت ناگوار گذرنديون هيون ۽ هُو بيزار ٿي دڙڪو به ڏيندو هو ته استاد محترم ”بابا کي منع ڪندو هو ۽ چوندو هو ته، ”ابا اسين ته ڳالهين ۾ مشغول آهيون، پوءِ هي ٻالڪ ڇا ڪري، ڇڏيوس ته پنهنجي وندر پيو ڪري.“ پوءِ اجرڪ يا صدريءَ مان اڪثر الاچيون يا 999 واريون جنهور
 (Peppermint)جون ٽڪيون ڪڍي مون کي ڏيندو هو ۽ آءٌ بابا جا دڙڪا وساري خوش ٿي ويندو هئس. والله استاد جو ادب مون پنهنجي وڏن کان سِکيو. بابا اڪثر چوندو هو ته سندن استادن مان ڪوبه جيڪڏهن ڏاڏا (مرزا قليچ بيگ) سان ملڻ ايندو هو ته، پاڻ کيس وڏو مانُ ڏيندو هو ۽ پذيرائي پنهنجن هٿن سان ڪندو هو. موڪلائڻ وقت پاڻ ٻاهرئين وڏي گيٽ تائين ويندو هو ۽ پوءِ پنهنجي سواريءَ ۾ ان استاد کي سندس گهر تائين ڪوچوان هٿان پهچائيندو هو. اڪثر هڪ ٻه پنهنجا ڇپيل ڪتابَ پڻ اُن کي تحفي طور پيش ڪندو هو.

1920ع ۾ پڦي دلشاد کي سندس ننڍي ڀيڻ، شهزاد بيگم سان گڏ ڪراچيءَ ۾ هڪ انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ مرزا صاحب جي روزنامچه يا ڊائريءَ ۾ 8 جولاءِ 1920ع مطابق 20 شوال 1338ع جي تحت لکيل آهي ته، ”دلشاد ۽ شهزاد کيMiss Rose Sister  واري اسڪول ۾ داخل ڪيوسين ۽ اسد بيگ ۽ افضل بيگ کي سولجر بازار واري اردو اسڪول ۾ موڪليوسين.“

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا صاحب کي پنهنجي نياڻين جي پڙهائيءَ جو ڪيترو نه اونو رهندو هو ۽ سو به ان زماني ۾، جڏهن مسلمان انگريزي پڙهائڻ ۽ نياڻين کي اسڪولن ۾ تعليم ڏيارڻ کي عار سمجهندا هئا، پر پاڻ انهن فرسوده ڳالهين کان بالاتر ٿي سوچيندو هو. مرزا صاحب نياڻين جي تعليم جو عَلَمبردار هو. زناني تعليم لاءِ سندس ڪئين ڪتاب موجود آهن، جي اڄ به اوترا ئي مفيد آهن جيترا ان زماني ۾ هئا.

جڏهن دلشاد بيگم جي عمر 14 سال ٿي ته سندس شادي پنهنجي سئوٽ حيدر قلي بيگ مرزا ابنِ خانصاحب صادق علي بيگ مرزا سان طئي ٿي. فيملي بُڪ (Family book) موجب شاديءَ جي تاريخ
3 جولاءِ 1924ع مطابق 29 ذوالقعد 1342هه بروز پنج شنبه (خميس) تي انجام پذير ٿي. هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ اهو لکڻ بي جا نه ٿيندو ته اُهو خط، جيڪو مرزا صاحب پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ کان چند ڏينهن اڳ کيس لکيو هو، جنهن ۾ ڪي اهم نصيحتون ڪيل آهن. اهو خط هتي پيش ڪجي ٿو ته ڀلي پڙهندڙن کي به معلوم ٿئي ته عقلمند والدين جي فرائض ۾ اهو به هڪ اهم فرض آهي ته نياڻين کي رخصت ڪرڻ کان اڳ کين هر اڇي ڪاري کان آگاهه ڪن ۽ سندن آسوده زندگيءَ لاءِ مفيد مشورا ۽ نصيحتون پڻ ڏين، اڄ اهڙين ڳالهين جو ڪنهن کي ايترو وقت آهي ۽ ڪنهن کي ان جو فڪر آهي جو ويهي نياڻين کي ڏاج سان گڏ اهڙو خط به ڏين؟ خط ملاحظه آهي:

 

تاريخ: 29 جون 1924ع

ٽنڊو ٺوڙهو

پياري ڌيءُ

دلشاد بيگم

طول عمره!

بعد از سلام- هيءُ خط لکان ٿو ته تو وَٽ رهي. هن هفتي اندر تون اسان کان رخصت ٿي ٻئي گهر ۾ رهڻ واري آهين. جيتوڻيڪ اهو گهر به ڄڻ اسان جو ئي گهر آهي. اهو گهر وچ ۾ آهي ۽ ان ۾ به دري آهي ( اَچ وڃ لاءِ ) تون وڏن ڀاڳن واري آهين، جو تنهنجي شادي تنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي جيئري سندن هٿن ۾ ٿي رهي آهي. اسان جي سڄي خاندان ۾ اهڙي خوش نصيب نياڻي ڪابه ٻي نه ٿي، سواءِ مرزا علي اشرف مرحوم جي نياڻيءَ جي.  ٻي طرح به هيءَ شادي سڀاڳي آهي جو جيڪي عزيز اڳي رٺل هئا، اُهي هاڻ پرچي ويا آهن. جيڪي هن شاديءَ ۾ شريڪ ٿين پيا. هاڻي آءٌ توکي ڪجهه نصيحتون ڪريان ٿو، جن کي تون منهجي وصيت سمجهي پاڻ وٽ سنڀالي رکجئين ۽ مٿن عمل ڪجئين. آءٌ به (هاڻ ) مهمان آهيان ۽ عنقريب هليو ويندس. اميد ته توکي هن نصيحت مان فائدو حاصل ٿيندو. پهرين ته تون جنهن گهر ۾ وڃي پئي اتي اهڙي تجويز سان هلجئين جو سڀ تو منجهان راضي رهن ۽ ڪڏهن به رنج نه رهن. پنهنجي خاوند سان ادب سان هلجئين ۽ ڳالهائجئين ۽ ان جي ڀيڻن ۽ ٻين عزيزن سان نهايت خوش خلقيءَ  سان پيش اچجئين. جيڪي لکين يا پڙهين اهو مخفي طرح سان نه ڪجئين، ائين نه  ٿئي ته هو ڏسن ۽ کين ڪو رنج پهچي. نماز ۽ قرآن بلڪل تاڪيد ۽ پابندي سان پڙهندي رهجئين. ڪابه نماز قضا نه ڪجئين، نه گهڻو ڳالهائجئين ۽ نه ئي گهڻو کِلجئين. اهڙي تجويز سان هلجئين جو تنهنجا ساهُرا هڪدم سمجهن ته تون تمام سٺين عادتن واري ڌيءُ آهين. اسان (والدين) جي عزت ۽ ذلت سڀ تنهنجي روش، طبعيت ۽ عادتن تي منحصر آهي. ان جو بيحد خيال رکجئين. اسان کان جيترو ٿي سگهيو آهي تنهنجي پرورش، تربيت ۽ تعليم واسطي ڪيو اٿئون. (ٻاراڻي عمر ۾ به) جيڪڏهن ڪا سختي يا نصيحت ڪئي هونديسين، ته اها به تنهنجي فائدي لاءِ، جنهن مان اميد ته توکي فائدو حاصل ٿيندو. ڪوشش ڪري فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جي سٺن ڪتابن جو مطالعو ڪندي رهجئين، پنهنجن ساهرن کي چئجئين ته توکي انگريزي، سُئيءَ جي ڪم (ڀرت وغيره) سيکارڻ جو بندوبست ڪن ۽ انگريزيءَ تي دسترس لاءِ پڻ ڪوشش ڪندي رهجئين.

جيڪي به ڪرين اهو پنهنجن ساهرن جي خوشيءَ ۽ اجازت سان ڪجئين. اسان جي گهر به سندن خوشي ۽ اجازت کان سواءِ نه اچجئين. کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ جيڪي ڪجهه هجي،  ان تي راضي رهجئين. عمدن کاڌن وغيره جو شوق نه رکجيئن. اهو عقلمنديءَ جو ڪم آهي.

جيڪڏهن تون سٺي ٿي هلنديئن ته تنهنجو نالو (تعريف) ٿيندو ۽ اسين (والدين) خوش ٿينداسين ۽ جيڪڏهن ڪا شڪايت ٿي ته اسان کي گهڻو رنج ٿيندو . ڪا به تڪليف پيش اچي ته ان کي صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪجئين ۽ ڪنهن مناسب وقت تي پنهنجي پريشانيءَ جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. ائين نه ٿئي ته تنهنجي شڪايت ڪرڻ تي ڪو تڪرار يا فساد  پيدا ٿي وڃي. هاڻ وڌيڪ ڇا لکان. والسلام؛

                                 - قليچ بيگ

هاڻ جڏهن اهي حقيقتون مطالعي ۾ آيون آهن تڏهن انهن کي پنهنجي ننڍي هوندي جي يادگيرين سان ڀيٽجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته والدين جي بهترين تربيت ۽ پرورش ڪيتري اهميت جي حامل آهي ۽ اِها اولاد جي زندگيءَ ۾ ڪيتري قدر ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي.

دلشاد بيگم بي انتها خوبين سبب خاندان ۾ هڪ انفرادي حيثيت ۽ ڪردار جي مالڪ هئي. جهڙي هئي حسن ۾ سَرس ۽ سگهڙ، تهڙي اخلاق و آداب و تواضع، همدردي، علم ۽ حلم  ۾ بي مثال. قليچ جهڙي پيءَ جي تربيت ۽ پرورش ۾ هن 14 سال علم و ادب جي ماحول ۾ گُذاريا. ان ڪري مٿين خوبين جو منجهس هئڻ ڪا تعجب جي ڳالهه نه آهي. ان بنيادي پرورش ۽ سندس ذاتي صلاحيتن هن کي اڳتي هلي ڪُندن ڪري ڇڏيو ۽ سڄي خاندان ۾ ”دلشاد“ اهڙين خوبين سبب هر ڪنهن جي دل پسند رهي. پيءُ جي نصيحتن تي هُوءَ هميشه سختيءَ سان عمل پيرا رهي ۽ ساهراڻي گهر ۾ سندس وجود، جسم ۾ روح جي مثل هو. هن پنهنجي وڏي چاچي ۽ خاوند جي گهر کي ڄڻ نئين سر آباد ڪيو. ان کي گلزار ڪري خاندان ۾ هڪ مثالي گهر بڻائي، سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻايو. سندس خاوند حيدر قلي بيگ مرزا جو پڻ اخلاق و اطوار، هنرن، ڪاريگرين ۽ رفاعِ عامه جي ڪمن ڪري هردلعزيز هو، تنهن پڻ پنهنجي رفيقِ حيات جو، گهر جي آرائش و آبادڪاريءَ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. هڪ مثالي زميندار هئڻ جي ناتي گهر ۾ چئوطرف ساوڪ، گلزاري ۽ قسمن قسمن جي پکين ۽ جانورن جي موجودگيءَ سبب، هيءُ وڏو ۽ ڪشادو گهر Zoo يا تفريحگاهه وڌيڪ محسوس ٿيندو هو.

شاديءَ کان پوءِ ”دلشاد بيگم“ جي پنهنجن ساهرن، سئوٽن، ماساتن، ڀائرن، ڀائٽين ۽ ٻين اوري پري جي عزيزن ۽ پاڙيسرين سان همدردي، ڏکئي سکئي وقت ۾ سندن مدد ۽ امداد ڪرڻ، هن کي هردلعزيز هستي بڻائي ڇڏيو هو. هوءَ پنهنجي خاوند جي حياتيءَ ۾ خواهه ان کان پوءِ پنهنجن ويجهن عزيزن جي گهر، باقاعدگيءَ سان هر هفتي، ڏهين ڏينهن سندن احوال پرسيءَ لاءِ ضرور ويندي هئي. ڇا مجال! جو ڪنهن جي اَگهائيءَ جي خبر پوي، هُوءَ اَگهي کان وڌيڪ فڪرمند رهندي هئي ۽ سندس باقاعده تيمارداري پڻ پئي ڪندي هئي. ڀائرن ۽ چاچن يا سئوٽن جي گهر جا ڀاتي سندس آمد جا منتظر رهندا هئا. ڇاڪاڻ ته همدرديءَ کان علاوه هُوءَ بيحد خوش مزاج ۽  مزاحيه طبعيت جي مالڪ پڻ هئي. سندس ڪچهري،  پُرڪشش شخصيت ۽ طبعيت، عزيزن جا گوندر گنوائي ڇڏيندي هئي.

جيتريقدر مون کي ياد آهي ته سيارو هجي يا اونهارو شام جو 4-5 بجه کان ڀائر، سئوٽ، ڏيرَ، انهن جو اولاد، نوجوان خواهه بزرگ، سڀ پڦي دلشاد وٽ شام جو چانهه تي بلاناغه پهچي ويندا هئا ۽ پوءِ هيءَ ڪچهري ڀرپور انداز ۾ رات تائين جاري رهندي هئي. چانهه کان علاوه کائڻ جو Menu به هو، ڪڏهن ڪچوريون، پڪوڙا، چڻا، دال پُوري وغيره به ضرور پيش ڪيا ويندا هئا ۽ اهي شيون هُوءَ پاڻ يا سندس وڏي نياڻي بلقيس مرحومه تيار ڪنديون هيون. ڀلا اهڙي مهمان نوازيءَ کي ڪير وساري پُٺ ڏيندو! ان ڪچهريءَ جي روح روان پڦي دلشاد ۽ سندس وڏي نياڻي بلقيس مرحومه هونديون هيون. هاڻ جنهن ڪچهريءَ ۾ خانبهادر سڪندر بيگ، قنبر علي بيگ حيدري، نادر بيگ، اختر بيگ، همايون بيگ فائق، اجمل بيگ اجمل، افضل بيگ افضل، مرحوم ناصر علي بيگ، مرحوم آصف علي بيگ آصف، جي سڀ گهڻو ڪري شاعر ۽ اديب يڪجا هڪ هنڌَ تي موجود هجن ته اهڙي ڪچهريءَ جو دلپذير تصور ذهن ۾ آسانيءَ سان اچي سگهجي ٿو. ظاهر آهي هيءَ ڪچهري ڪا عام رواجي ڪچهري ته نه هوندي هئي.

 ننڍي هوندي ته ڪَلَ ڪانه پوندي هئي بلڪه  هڪ رؤنشو معلوم ٿيندو هو، پر درحقيقت اها ڪچهري، هڪ درسگاهه هئي. ننڍا ته ان مان گهڻو ئي ڪجهه پِرائيندا هئا. هن ڪچهريءَ ۾ شعر و شاعريءَ کان علاوه بيت بازي، ادبي بحث مباحثا، سياسي خبرون ۽ گهر گهر جي احوال وغيره جا ذڪر ٿيندا هئا، پر ڪنهن به صورت ۾ ڪا گِلا، غيبت يا دل آزاريءَ جو تصور به نه هو. سُهماڻيءَ کان اڳ هن ڪچهريءَ مان هر ڪو خوش ٿي، پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽندو هو ۽ جيتري قدر ياد ٿو اچيم ته ادي بلقيس انهن ڏينهن ۾ روزانهDairy  لکندي هئي، جنهن ۾ اِهي سڀ ڪاروايون ۽ يادگيريون هُوءَ محفوظ ڪندي رهندي هئي. اها ڊائري خاندان جو اهو اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ تاريخ وار احوال درج آهي جيڪو سندس وارثن وٽ محفوظ آهي.

مون کي به جڏهن پنهنجين هُوٿراين کان فرصت ملندي هئي، ته ڪچورين، پڪوڙن ۽ پُورين وغيره جي شوق ۾ ان ڪچهريءَ ۾ دير سوير ضرور پهچندو هئس. شروع ۾ وڏن جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون، پر رفته رفته انهن لطيفن، بيت بازين ۽ پڦيءَ جي مزاحيه اشعار مان مزو ايندو هو ۽ گهڻو کِلندا هئاسين. پڦي دلشاد في البديهه اشعار چوڻ جي ماهر هئي. ڪو به ننڍو يا وڏو قصيدو  يا غزل اک ڇنڀ  ۾ تيار ڪري وٺندي هئي. فقط ڪاغذ ۽ قلم کڻڻ جي دير هوندي هئي. مجلسن لاءِ اُتي جو اُتي رباعيون يا قصيدا تيار ٿي ملندا هئا.

 52-1951ع ڌاري ياد اٿم ته اوطاق تي Cooperation Day  International لاءِ والد مرحوم جي لکيل ڊرامي جي ريهرسل هلي رهي هئي ۽ سڀني پنهنجا پنهنجا پارٽ نظم ۾ پئي، اسٽيج تي ادا ڪيا. مون ضد ڪيو ته مون کي به پارٽ ڏنو وڃي. ان لاءِ رُنس ۽ سڀني کي Disturb ڪرڻ لڳس، ته بابا... ٻانهن کان وٺي مون کي گهر ڇڏي ويو ۽ دروازن کي امان ڪڙا چاڙهي ڇڏيا. اتفاق سان پڦي اُتي آيل هئي. منهنجو ضد، ۽ هاءِ گهوڙا ڏسي ۽ ٻُڌي نهايت شفقت سان پرڀائي، مون کي پاڻ سان گڏ گهر وٺي وئي. چيائين تنهنجو پارٽ، آءٌ ٿي تو کي لکي ڏيان، پر انجام ڪر ته هينئر  ئي ياد ڪري ٻڌائيندين. مون شوق ۾ وعدو ڪيو، هن دير ئي ڪا نه ڪئي. پنو ۽ پين کڻي پينگهي ۾ وهاڻو گوڏن تي رکي هڪ اٺن يا ڏهن شعرن تي مشتمل ڊرامي واري ساڳئي بحر وزن تي منٽن ۾ شعر لکي ڏنائين ۽ ويهي ياد به ڪرايائين، جڏهن اهو ڪلاڪ ٻن ۾ پڪو ڪري ٻڌايومانس ته پاڻ هڪ چٺي بابا ڏانهن ڪنهن جي هٿان موڪليائين ۽ تاڪيد ڪرايائين ته: ”اعجاز کي ڊرامي جي آخر ۾ اهو شعر پڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي.“ آءٌ رات جو دير سان ڪپڙا مٽائي چڱو  مڙس ٿي. پٽڪو ٻڌي وڃي ٻين اداڪارن سان ويٺس ۽ بيقرار رهيس ته مون کي به جلدي وارو ملي. آخر منهنجو وارو آيو. هاڻ سڀ واندا هئا ۽ منهنجي شعر ٻڌڻ لاءِ منتظر. منهنجو شعر پڙهڻ ۽ سڀني ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو ۽ سڀ واهه واهه ڪرڻ لڳا. آءٌ خوش ٿيس ته منهنجي محنت صاب پئي. خبر پوءِ پيم ته اهو شعر منهنجن ڪرتوتن ۽ هُو ٿراين جو ڪچو چِٺو هو، پوءِ کِلَ به آيم ۽ پشيمان  به ٿيس. ان شعر جا ڪي بند اڃا به ياد اٿم. ملاحظه ڪريو:

آهيان آءٌ شيطان سڀ کان وڏو،

هڻي ڌڪ ڪريان آءٌ سَڄن کي جڏو.

نه گهر  کان ڪو منهنجي سلامت لنگهي،

لنگهي جي ته پوءِ سارو ڏينهن پيو رنڀي.

فقيرن کي اُڇلي آءٌ پٿر هڻان،

لٽا ڪن جا ڦاڙيان ۽ چولا کڻان.

نه مارڻ کان ڪو مون کي سگهندو جهلَي،

ڪري آزمودو ڪو منهنجو ڀلَي.

خبردار منهنجي ڪو ويجهو اچي،

متان پوءِ سُورن ۾ پنهنجي پَچي.

چڱا ڪارناما ڪيا پڻ مون آهن،

وسارڻ جي قابل ڀلا ڪٿ سي آهن.

وڏا ٿيو ۽ مون سان ڪريو ڪا محبت،

ته الله ڏيندو اوهان کي به عزت.

وڏي پنهنجي تعريف ڪهڙي ڪريان،

اَٿَوَ نانءُ منهنجو به اعجاز خان.

اهڙيءَ طرح سندس في البديهه چيل مزاحيه شعر اڄ به گهڻن عزيزن کي ياد آهن. چاچا اجمل بيگ مرحوم چوندو هو ته شعر گوئيءَ ۾ سندس همشيره دلشاد بيگم مرحومه پنهنجو مَٽُ پاڻ هوندي هئي. هن گهڻو ئي شعر چيو جنهن ۾، سلام، منقبت، قصيدا ۽ غزل اچي وڃن ٿا. شعر ۾ سندس تخلص ’عاصي‘ ۽ ’بُوترابي‘ ڪتب آيل آهن.

مرحومه دلشاد بيگم صوم و صلوات جي پابند ۽ محبتِ محمد و آلِ محمد ۾ سرشار هئي. 1947ع  مطابق 1366هه ۾ ايران  و عراق، ڪربلا  معليٰ،  نجف اشرف، ڪوفه وسامره، ڪاظمين ۽ مشهد مقدس جي زيارتن کان مشرف ٿي. پاڻ خاندان جي 56 افراد تي مشتمل قافلي سان هي سفر ڪيائين، (جنهن ۾ آءٌ به شامل هئس ۽ منهنجي عمر اٽڪل 3 سال هئي) ۽ ان سفر کي ”يادگار سفر“ بنائڻ خاطر، هُن روزِ اول کان ئي سفرنامو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو سندس طبعيت، خلوص، احساسات، طرزِ تحرير، ڳُوڙهي اڀياس، شائسته مزاج، ادراڪ، قوت تخيل، مشاهدي ۽ سڀاءَ  جو آئينه دار آهي، جنهن جي مطالعي مان پڙهندڙ ائين محسوس ٿو ڪري ته هُو ساڻس ان سفر ۾ گڏ آهي ۽ ڪٿي  به هن جي دلچسپي ختم نه ٿي ٿئي، بلڪه هُو اڳتي پڙهڻ لاءِ بيقرار ٿو رهي. جِن، اِنهن مقدس ماڳن جو سفر ڪيو هوندو، اُنهن لاءِ ته ڄڻ هي سفرنامو هڪ فلم رول آهي، جو هُو وري وري ڏسي سگهن ٿا. هن سفرنامي جو ڪمال اهو آهي ته سفر جو ڪو به پهلو تشنه ڇڏيو نه ويو آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب ۾ ههڙن دلچسپ سچن ۽ حقيقي سفرنامن جي گهڻي اڻاٺ آهي.

1952ع مطابق 1371هه ڌاري مرحومه دلشاد بيگم زندگيءَ جي پهرئين ۽ آخري حج جِي سعادت پڻ حاصل ڪئي ۽ ان مقدس سفر بابت لکيل سندس ٻيو سفرنامو ’سفرنامهء حج‘ به مذڪوره بالا سفرنامي جهڙو ئي دلچسپ ۽  دلپذير آهي.

 

دلشاد بيگم بنت مرزا قليچ بيگ (نثرنگار)، فيروزه بيگم زوجه شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، محترمه شهزاد بيگم بنت مرزا قليچ بيگ (شاعر/نثرنگار)

نصير مرزا                                                                                                                         اڀياس

مسافر ڪربلا جا!

 

 

موت ۽ زمانن جا فاصلا جيئن هر شئي کي هڪڙيءَ نامعلوم ڌُنڌ ۾ گم ڪري ڇڏيندا  آهن، زيارت نامي جي هِن مسودي کي به، وقتَ اسان جي اکين کان ايئنءَ ئي اوجهل ڪري ڇڏيو هو ۽ اِهو ٿيو هيئنءَ، جو 4- مارچ 1953ع تي زيارتن بابت هن سفرنامي جي مصنفه، دلشاد بيگم (بنت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ) جيئن ئي، بلند شاهه واري اباڻي قبرستان ۾ پنهنجيءَ لحد ۾ ابدي آرامي وڃي ٿي. هيڏانهن سندس پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪربلا معليٰ  بابت لکيل، هيءُ پهريون زيارت نامو به سندس ٻئي سموري سامان سان گڏ، وقت جي اُونَهن تَهَن ۾ لهي، گوشهء گمناميءَ ۾ هليو ويو... پرهي جو چئبو آهي... ته شعاع ۽ خوشبو ڏيندڙ شيون اکين کان وقتي طور اوجهل برابر ته ٿي سگهن ٿيون پر اوندهه ۽ اوجهڙ ۾، ڪٿي گم ٿي ئي نٿيون سگهن. ها! ائين شايد ضرور هوندو آهي ته، وقت جي تهخانن ۾، وڃائجي ويل اهڙين شين کي ظاهر ٿيڻ لاءِ خالقِ ڪائنات وٽان ڪوئي وقت مقرر هوندو ضرور آهي!

خوش نصيب! جولاءِ 2010 جي، هڪ شام  جو، نما شام وقت... هن زيارت نامي جو مسودو مون کي ڏسڻ ۽ مطالعي لاءِ بلاآخر ميسر ٿي ئي ويو. تڏهن ان اهم تحرير کي محبت ۽ عقيدت سان اُٿلائيندي پُٿلائيندي، پويان مُڙي جو نهاريم، ته مئي 1947ع کان وٺي، آگسٽ 2010ع تائين، منهنجي ۽ هِن لکت جي وچ  ۾ ٽيويهه هزار، ايڪانوي ڏينهنَ جا پورا ٽيهٺ سالن جيترا طويل تر فاصلا وڇايل نظر آيم.

اگرچه مرزا خاندان جي هڪ فرد ۽ اديب هئڻ جي حيثيت ۾، شروع ڄمار کان ئي، هِن زيارت نامي جي، مسودي بابت، مون کي سُڻس هئي ضرور، پر انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ اُن کي آءٌ گهران  ته ڪنهن کان؟ ڏسان، ته ڪئينءَ! جو سچي ڳالهه آهي ته، منهنجي ’محجوب طبيعت‘، عزيزن کان هِن ڪتاب جي مسودي ڏسڻ ۽ پڙهڻ واري خيال جي وچ ۾، ڪنهن اُڀي ديوار جيان حائل هئي. ها! ياد آيم ان جي ملاحظي لاءِ ڪي ٿورا ورهيه اڳ، اهڙي خواهش هڪ عزيز سان مون ڪئي ضرور هئي، پر ڀانيان ٿو، پنهنجي پُرحجاب طبيعت سبب، اهڙي همٿ آءٌ ڪري نه سگهيو هئس يا شايد ائين هو جو منهنجي خواهش جي پورڻتا جو، اڃان وقت نه آيو هو يا متان قدرت اڳ ئي ان ڪم لاءِ ڪا ئي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي هئي، جنهن مطابق هن مسودي کي منهنجي گهر ۽ هٿن تائين هر حالت ۾ پاڻهيئي پهچڻو هو ۽ منهنجا وڏا ڀاڳ! جو قدرت پاران مقرر ٿيل اها تاريخ  سال ٻه هزار ڏهه عيسويءَ جي 10هين جولاءِ ثابت ٿي ۽ اهو ڏينهن هو ڇنڇر جو...

*

هاڻي پڙهو هيءَ ڳالهه:

ادب جي دنيا ۾، ادبي معجزه رونما ٿيندي، اسان  اڪثر ئي ڏٺا آهن، جيئن گذريل صديءَ ۾ شِري هيري ٺڪر کي گجرات ڀارت جي ڳوٺ راڻيلا جي مَٺَ (مندر) مان، قاضي قادن جا وڃايل ڪيئي املهه بيتَ هڪ پوٿيءَ مان هٿ چڙهيا هئا، جيڪي اتي ورهين جا ورهيه مقدس شلوڪن سان گڏ، اگُهور ننڊ سُتا پيا هئا، جن کي اسان جي محقق دوست هيري ٺڪر جاڳائي ڌونڌاڙي  سجاڳ ڪيو هو ۽ ائين سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي هڪ عظيم الشان ريفرنس ملي ويو. سنڌي ٻوليءَ جي، بلڪل پهرئين جديد ترين افسانه نگار نادر بيگ مرزا جا سنه 1930ع ڌاري لکيل ڪيئي خوبصورت افسانا، هن جي اڪيلي نياڻيءَ، شيرين فيروز نانا (عرف  ادي بيبيءَ وٽ) پٽيل ڪورٽ ڪراچيءَ واري فليٽ ۾، عرصي کان هڪ ڪٻٽ  ۾ بند هئا ۽ اتان منهنجي مدد سان دريافت ٿي، سنڌ الاجيءَ پاران، مجموعي جي  صورت ۾ جڏهن شايع ٿيا، ته سنڌي  افساني کي فخر سان چوڻو پيو، ته ننڍي کنڊ ۾، منشي پريم چند سان گڏ، سنڌيءَ ۾ ڪو نادر بيگ مرزا به هو، جنهن ڀٽائي صاحب جي ٻوليءَ ۾ شاهڪار افسانا ويٺي لکيا. ڏٺو وڃي ته ڀٽائي صاحب جي ڪلام ۽ حيات بابت انگريزي ٻوليءَ ۾ پهريون مربوط ڪتاب به، ان ئي نادر بيگ مرزا جي والد، عظيم قلمڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1887ع ڌاري لکيو هو: Life Of Shah Abdul Latif Bhitai. افسوس! سٺ واري ڏهاڪي ۾، مرزا صاحب جي مسودن جي هڪ نمائش دوران، هي اهم مسودو... ’اُڙن ڇُو‘ ٿي ويو، جيڪو بعد ۾ هڪ عالم جي بي بها ڪتابي خزاني مان دريافت ٿيو ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران 1980ع ڌاري ان کي اشاعت پذير ڪيو ويو .

خير... هيءُ ته ائين ئي وچ ۾ منظرِعام تي ايندڙ ڪن ناياب ڪتابن جو قصو، نهايت ئي اختصار سان مون اوهان جي آڏو آندو، جو ڪتابَ ته ڇڏيو! مون ته ورهين کان ڪن لاپتا (مرحوم تصور ڪيل) انسانن کي به اوچتو ئي اوچتو ڪنهن ڪُنڊ مان نمودار ٿيندي ڏٺو آهي. معنيٰ ته ناممڪنات جي دنيا ۾ ڪجهه به ممڪن ٿي سگهي ٿو... بس رڳو انهن جي ممڪن ٿيڻ جو وقت اچي... ۽ آگاهه رهو ته ورهين کان ڪنهن تهخاني ۾ رکيل هِن گمنام مسودي کي، ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو فرض... برابر ته مون ئي ادا ڪيو آهي، پر ان ڪم لاءِ، مون کي آڀارڻ واري معزز هستيءَ جو نالو آهي: ادي فيروزه بنتِ اسد بيگ مرزا ۽ هيءُ ناياب مسودو فراهم ڪرڻ واري جيڪا هستي آهي، ان جو اسمِ گرامي آهي: ادي انيس بيگم بنتِ دلشاد بيگم حيدر قلي بيگ مرزا... ۽ هي ڪم، برابر ته مون ئي ’الف‘ کان  ’ي‘ تائين پايهء تڪميل تي پهچايو آهي... ۽ جنهن جو  اَجُر، مون کي پڪ آهي ته، دلشاد بيگم وٽان ملندم به ضرور، پر هتي چوڻ صرف هيءُ پيو چاهيان، ته هن ڪتاب لاءِ شڪريي جون اصل مستحق منهنجون اهي ئي ٻه پياريون ڀينرون آهن يعني ادي فيروزه بنتِ اسد بيگ مرزا ۽ ادي انيس بنتِ دلشاد حيدر قلي بيگ ولد خانبهادر صادق قلي بيگ مرزا... جن جي آڀارڻ ۽ اجازت سان، هيءُ ڪتاب هاڻي منظرِعام تي اچي چڪو.

*

ڪهاڻي ڪتاب جي:

اسان جي دلشاد بيگم يعني ڪربلا معليٰ متعلق، سنڌيءَ ۾ لکيل هن پهرئين سفر نامي جي مصنفه جي، پيدائش جا سن و سال جڏهن فيملي بوڪ ۾ تلاش ڪيم ته خبر پئي، پاڻ اٺين نومبر 1910ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ جنم ورتو هو... يعني سندن والد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، جنهن وقت 55 ورهين جا بزرگ هئا، انهيءَ وقت کين پنهنجي ٽِئين گهر واريءَ فيروز بيگم (بنتِ ڊپٽي ڪليڪٽر مرزا ڪلب علي جاگيردار) منجهان هيءَ نياڻي پيدا ٿي. نهايت دلي محبت سان مرزا صاحب سندس نالو تجويز ڪيو: دلشاد بيگم.

دلشاد بيگم، سمجهه ڀرِي ٿي ته عظيم پيءُ، اول ته گهر ۾ هن جي لاءِ هڪ استاد (Tutor) جو انتظام ڪيو ۽ بعد ۾ جنهن وقت پاڻ ڪراچي وڃي ڪجهه عرصي جي لاءِ رهائش پذير ٿيو، تڏهن اتي، هڪ انگريزي اسڪول ۾، دلشاد بيگم کي تعليم ڏيارڻ لاءِ داخل ڪرايائين. انهيءَ نسبت سان پنهنجي روزنامچي ۾ ڌار ڌار هنڌن تي مرزا صاحب لکيو آهي:

·                           منهنجون نياڻيون فخرالنساء، دلشاد بيگم ۽ شهزاد بيگم چڱيءَ طرح پڙهي لکي ڄاڻن. انگريزي به ڄاڻن، سُئيءَ جو ڪم ۽ ٻيا هنر به کين اچن ٿا.

8 جولاءِ 1920ع تي مرزا صاحب پنهنجي روزنامچي ۾ لکيو:

·                           دلشاد ۽ شهزاد کي مِس روز سسٽر واري انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيوسين.

آگاهه هجي ته ٽنڊي ٺوڙهي ۾، دلشاد بيگم جي پيدائش وارو هنڌ، ڪنهن عام هستيءَ نه، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ صاحبِ قرطاس و قلم، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو گهر هو ۽ هي گهر اعليٰ کان اعليٰ وڪٽورين اسٽائيل جي فرنيچر، مغرب ۽ مشرق جي ناموَر ليکڪن جي انگريزي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ لکيل ڪتابن سان پڻ ٽمٽار هو... دهلي، ڪلڪتي، لکنوءَ ۽ لاهور مان جاري ٿيندڙ سڀ اخبارون رسالا... الهلال، ساقي، ڦُول، عصمت ۽ تهذيبِ نسوان وغيره وغيره... سڀ قليچ صاحب جي ڪُتب خاني ۾ پهچندا هئا. ٽئگور، خواجه حسن نظامي، مولانا محمد حسين آزاد، مُلا واحدي، علامه اقبال، ڊپٽي نذير احمد، مرزا هادي رُسوا ۽ آغا حشر ۽ ٻين به الائي ڪيترن اردو  نثرنگارن ۽ شاعرن جا شاهڪار ڪتابَ ’قليچ  لائبريري‘ تائين هر حالت ۾ پهچندا هئا... ۽ جنهن زماني ۾ نوجوان دلشاد بيگم انهن ليکڪن جو لکيل ادب، پنهنجي گهر ۾ پڙهندي رهندي هئي ۽ هي اهو ئي زمانو هو، جڏهن سروجني نائيڊو،  نذر سجاد (والده قرة العين حيدر) حجاب اسماعيل، عطيه فيضي، شائسته اڪرام الله... ۽ رشيده جهان وغيره جهڙيون ليکڪائون، ان زماني جون مشهور عورت قلمڪارائون سڏبيون هيون، پر آءٌ هتي هيءَ 1947ع کان اڳ جي ڳالهه پيو ڪريان، جڏهن سنڌ ۾، سواءِ  دلشاد بيگم جي - روشن آرا مغل، بادام ناتوان ۽ زينت عبدالله چنه وغيره جهڙيون اوائلي سنڌي مسلمان ليکڪائون، اڃا منظرِعام تي، آيون ئي نه هيون. (بلڪ اُهي نِڪري نروار ئي سٺ واري ڏهاڪي ۾ ٿيون هيون) ۽ اهي سڀ مٿيون اردو ليکڪائون... پنهنجي دور ۾ غيرمعمولي سڏبيون هيون يا الائي نه، البته قابلِ ذڪر هستيون ضرور سڏبيون هونديون... ته مون چيو پئي، انهن خواتين ۽ حضرات قلمڪارن جي لکيل ڪتابن جو، دلشاد بيگم خوب خوب  ۽ دل کولي مطالعو ڪيو پئي ۽ سنڌيءَ ۾، خطن ۽ ڊائرين جي انداز ۾ نثر لکڻ سان گڏوگڏ ’عاصي‘ تخلص اختيار ڪري، سنڌي ــ اردوءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي پئي... عجب اتفاق، ٽنڊي ٺوڙهي جو هيءُ سڄو ئي مرزا خاندان،  شروع کان ئيMulti-Lingual  رهندو اچي، ۽ ڌار ڌار مذهبن جو پڻ مٿن اثر رهندو اچي... ان کان علاوه سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردو انگريزي ۽ فارسي ڳالهائڻ جو رواج پڻ هن خاندان ۾ اڄ تائين رائج آهي... جيتوڻيڪ مجموعي طرح سان هيءُ خاندان ’شيعه‘ آهي پر جيڪي ٻاهران آيل خواتين سُني يا ڪي مرد به - سُني فقهه روا رکن ۽ هٿ ٻَڌي نماز پڙهن ٿا، ته کين اجازت آهي ته هُو ڀلي ائين به ڪري سگهن ٿا. پنهنجي خودنوشت، ’سائو پن يا ڪارو پنو‘ ۾ ميرزا قليچ بيگ  صاحب لکيو آهي: ’آءٌ شيعو به آهيان، جو اسين مرزا ٽنڊي ٺوڙهي وارا شيعا آهيون يعني جعفري يا اثنا عشري. سُني به آهيان  جو سنڌ ۾ رهندي بابو (فريدون بيگ مرزا) سُنين سان گڏ به نماز پڙهندو هو. آءٌ سڀني مذهبن جو  آهيان ۽ سڀني جا اصول ڄاڻان ٿو ۽ انهن تي ڪتابَ به لکيا اٿم ۽  سڀني سان بنا ڪنهن تعصب جي رهندو آهيان.‘ هڪ ٻئي ڪتاب، بعنوان، ’يادگيريون‘ ۾ مرزا صاحب لکي ٿو: ’اسان منجهان ڪي سخت شيعا ٿيا آهن. جيئن ناني مرحوم جي اولاد مان مرزا محمد رحيم بيگ (جسٽس ظفر حسين مرزا جو ڏاڏو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو پڙ ڏاڏو) ۽ ان جا پٽ سخت شيعا آهن. اسان منجهان ادو مرزا صادق علي بيگ (مرزا صاحب جو وڏو ڀاءُ) سخت شيعو آهي ۽ سندس پٽ به جن جا نالا آهن: مرزا فرخ بيگ بارايٽ لا، خانبهادر سڪندر بيگ مرزا، سنڌ جو پهريون مسلمان ايڊوڪيٽ جنرل ۽ مرزا حيدر قلي بيگ، ننڍن منجهان ناصر علي بيگ (مرزا صاحب جو سڳو ڀاڻيجو ۽ راقم الحروف جو والد صاحب) سخت شيعو آهي.‘

3 جولاءِ 1924ع ڌاري دلشاد بيگم چوڏهَن ورهين جي ڄمار ۾ ان ئي پنهنجي ڪٽر شيعه چاچي صادق علي بيگ جي نُنهن بڻجي، ٽنڊي ٺوڙهي جي اهڙي گهر ۾ پرڻجي آئي، جيڪو گهر... خانداني گهرن جي بلڪل مرڪز ۾ محسوس ٿيندو هو ۽ عجب اتفاق! جيئن هن جو نالو دلشاد هو، هُوءَ بلڪل اهڙي ئي خوشحال گهر ۾ نُنهن بڻجي آئي هئي.

    ويهين صديءَ جي اوائل کان وٺي، ٽنڊي ٺوڙهي جي هن مرزا خاندان کي حيدرآباد سنڌ جي Royal خاندانن مان هڪ ڄاتو ويندو هو ۽ واليء سنڌ، مير ڪرم علي خان ٽالپر جي ايام ڪاريءَ ۾ ايران کان مرزا خسرو بيگ گُرجي 1805ع ۾ ۽ مرزا فريدون بيگ 1815ع ۾ سنڌ پهتو هو، انهن جي آمد کان پوءِ سندن پيڙهيءَ مان اعليٰ دماغ هستيون پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويون، جن خاص طرح سان سنڌي علم ادب جو مانُ مٿانهون ڪري پاڻ کي ملهايو ۽ ملهائيندا اچن. اهڙين هستين مان شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان ريٽائر ٿيو، دلشاد بيگم جو وڏو چاچو مرزا غلام رضا بيگ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو، سهرو مرزا صادق علي بيگ پهريون مسلمان گريجوئيٽ پوءِ شڪارپور هاءِ اسڪول جو پهريون مسلمان هيڊماستر ۽ ”سنڌ سڌار“ اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ پوءِ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر پڻ ٿيو، دلشاد بيگم جو ننڍو چاچو، يعني مرزا علي قلي بيگ پڻ ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هن صاحب 1903ع ڌاري سچل سرمست جي شاعريءَ جو پهريون رسالو پڻ مرتب ڪيو هو. جديد سنڌي افساني جو باني بارايٽ لا نادر بيگ مرزا ۽ مرزا همايون بيگ فائق، دلشاد بيگم جا وڏي ۾ وڏا ڀائر هئا، جڏهن ته سندس ننڍن ڀائرن مان، مرزا اسد بيگ ۽ اجمل بيگ مرزا پڻ اعليٰ پايي جا شاعر ٿي گذريا آهن. دلشاد بيگم جي وڏي پُڦي زيب النساء (همشيره مرزا قليچ بيگ) نهايت اعليٰ پايي جي شاعره هئي ۽ فارسيءَ ۾ نهايت پخته شاعري ڪندي هئي. دلشاد بيگم جو هڪڙو ٻيو ننڍو چاچو، ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ مرزا پهريون مسلمان ايف.آر.سي.ايس هو ۽ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي دوست، ساڌو هيرانند جي ساٿ ۾ سنڌ واسين لاءِ مفت طبي ڪئمپس جو انتظام ڪندو هو. دلشاد بيگم جا ٻه سڳا سؤٽ  (۽ وڏا ڏير) فرخ بيگ مرزا ۽ سڪندر بيگ مرزا بار ايٽ لا هئا، جن مان مرزا فرخ بيگ ورهاڱي بعد نوابشاهه لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ خانبهادر سڪندر بيگ مرزا 1940ع ڌاري سنڌ جو پهريون ايڊوڪيٽ جنرل بڻيو. سندس هڪ ٻيو وڏو سؤٽ، منوچهر بيگ مرزا پڻ بارايٽ لا هو (جنهن جو فرزند قنبر علي حيدري، سٺ واري ڏهاڪي ۾ پورِي ڪراچيءَ جو سيشن جج بڻيو. هن صاحب جو فرزند ذاڪر حسين مرزا ويهين صديءَ جي آخري ڏهي تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري رهيو).

 دلشاد بيگم جي خانداني پس منظر ۾ اڃا به جي پويان وڃبو ته خبر پوندي ته سندن لائق والد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو سڳو نانو مرزا خسرو بيگ عيسوي سن 1805ع ۾ جارجيا، گُرجستان، ايران مان نهايت شان شوڪت سان سنڌ پهتو هو ۽ پاڻ ترڪ نسل جي Royal خاندان جو، خوبرو چشم و چراغ هو، جنهن کي پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ جي لاولد بادشاهه، مير ڪرم علي خان ٽالپر پنهنجي پٽ طورAdopt  ڪيو ۽ دربار ۾ وڏو منصب پڻ عطا ڪيو. دلشاد بيگم جو ڏاڏو، مرزا فريدون بيگ پڻ 1815ع ڌاري جارجيا مان مرزا خسرو بيگ جي خواهش تي آندو ويو. جنهن ارڙهين صديءَ جي اڌ ڌاري پنهنجي نياڻي سڪينه سان کيس پرڻايو. فريدون بيگ ۽ سڪينه صاحبه کي مرزا غلام رضا بيگ، مرزا صادق علي، قليچ بيگ ۽ علي قلي بيگ سميت، ست پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون، يعني علاوه زيب النساء ٻي شرف النساء (جيڪا راقم الحروف جي ڏاڏي ٿي) دلشاد بيگم جي انهيءَ سموري وچور ۽ خانداني پس منظر ڏيڻ جو مقصد هتي، صرف ايترو، ته هو پنهنجي حيثيت ۾ اعليٰ تعليم يافته، جاگيردار گهراڻي ۽ اعليٰ منصبن تي فائز فردن جي وچ ۾ پيدا ٿي هئي، يعني هڪ اهڙي خاندان ۾، جنهن کي ان وقت علم ادب جي دنيا جو نمائنده ترين خاندان سڏيو ويندو هو.

منهنجي پنهنجي والده سميت جن جن بزرگ خاندان جي مستورات... دلشاد بيگم کي روبرو ڏٺو هو، اُهي سڀ يڪ راءِ گواهه آهن ته دلشاد بيگم، نهايت نفيس، خوبصورت، باوقار، وضعدار، باهنر، سليقه مند، سليقه شعار، همدرد ۽ پُرمزاح سڀاءُ واري، هڪڙي زندهه دل خاتون هوندي هئي، (۽ 10 جولاءِ تي سندس هي زيارت نامو مطالعي لاءِ ڏيڻ وقت سندس نياڻي ادي انيس، مون کي چيو پئي؛ نصير؛- امان دلشاد بيگم، منهنجي ماءُ آهي، ان ڪري نه پئي چوان پر سچ ٿي ٻڌايانءِ، ته امان جهڙي وضعدار خاتون، ٽنڊي ٺوڙي جي سڄي مرزا خاندان ۾، مون اڄ تائين ڪا ٻي نه ڏٺي آهي) ۽ ان ڏينهن ادي انيس، مون کي پنهنجي والده بابت، هيءُ به ٻڌايو هو ته خاندان ۾ خوشين جون محفلون هجن يا غمن جا موقعا، محرم جون مجلسون يا عيدون برادون، ماتمداري هجي يا عزاداري. نذر نياز جون مانيون هجن يا ضيافتون، هُوءَ انهن سڀني ۾ دلچسپيءَ سانInvolve  رهندي هئي ۽ اهڙين محفلن ۾ هُوءَ مزاحيه طنزيه، شعر يا هِجوَ پڻ ويٺي لکندي هئي... ۽ اهڙي ڪجهه لکڻ تي ته هن کي وڏو درڪ به حاصل هوندو هو. گهر ۾ يا گهر جي آس پاس ڪا عجب جهڙي ڳالهه ٿئي يا سيشن جج مرزا قنبر علي حيدري (دلشاد بيگم جي سڳي سؤٽ منوچهر بيگ جو فرزند) وڏي ساز سامان ۽ ڊنبلي سان ڪراچي يا ڪنهن ٻئي شهر سفر تي روانا ٿئي يا پنهنجي سڳي ڀائيٽي، اعجاز اسد بيگ مرزا جي ڪا چلولائي ڏسَي، زندهه دل دلشاد بيگم هڪدم ئي ان بابت مزيدار ۽ پُرمزاح نظم لکي وٺندي هئي (اهڙا ڪي شعر اعجاز بيگ مرزا جي هن ڪتاب لاءِ لکيل تحرير ۾ ملاخطه ڪري سگهو ٿا) بقول ادي انيس جي، مٽن مائٽن، حالتن ۽ واقعن جي باري ۾، هو ڪي شعر ۽ مزاحيه نظم، ڪافيون ۽ غزل... جنهن وقت چاهيندي هئي، هلندڙ محفل ۾ هٿ آيل ڪاغذ تي، لکڻ شروع ڪري ڏيندي هئي. هن جو حافظو بيپناهه سٺو هو، ڪوئي سُٺو شعر ته هُو ٻڌڻ ۽ هڪ نظر ڏسڻ سان ئي جهٽَ ۾ ياد ڪري وٺندي هئي ۽ گفتگو ۾ موقعي مهل جي مناسبت سان انهن جو استعمال به، هُوءَ خوب خوب پئي ڪندي هئي. بقول اعجاز بيگ مرزا... ”شعر وزن ۾ موزون ڪرڻ جي اِها ڏات والد صاحب وٽان ۽ ادبي انداز واري نثر لکڻ جي صلاحيت قدرتي طرح  سان هُن ۾ موجود هئي.“

۽ مون کي يقين آهي ويهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ جڏهن روزنامچي جي اسلوب ۾ ئي سهي، جنهن وقت سنڌيءَ ۾ هن هيءُ نثر لکيو  پئي، تاريخ ۾ ڪنهن به سنڌي مسلمان خاتون نثرنگار جو نالو، مون کي نظر ئي نٿو اچي ۽ ڇاڪاڻ ته پنهنجي  پرده دار پُڦي زيب النساء وانگر، هن به گمنام رهڻ پئي چاهيو، ان ڪري ڪابه تحرير يا ڪوبه شعر ڪٿي ڇپرائڻ کان، هُن سدائين پرهيز ڪئي. (۽ هتي آءٌ هي وري به دهرايان ٿو ته روشن مغل، بادام ناتوان، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي ۽ زينت عبدالله چنا وغيره جهڙيون سڀ خواتين ليکڪائون، دلشاد مرزا کان پوءِ ئي سنڌ ۾ ظاهر ٿيون هيون.)

دلشاد بيگم جي عظيم والد شمس العلماء مرزا قليچ بيگ کي هونئن ته ٻيون به گهڻيون ئي ادبي فضيلتون حاصل آهن، پر سندن  ڪريڊٽ تي، خاص ڳالهيون هي آهن ته، هن صاحب ئي 1880ع  ڌاري سڀ کان اول سنڌيءَ ۾ اسٽيج ناٽڪ ليليٰ مجنون لکيو. ان کان علاوه 1890ع ۾ پهرئين طبعزاد ناول ’زينت‘ لکڻ  جو به کين ئي فخر حاصل ٿيو. شاهه لطيف بابت انگريزيءَ ۾، جامع ڪتاب Life of  Shah Abdul Latif  Bhitai  به 1897ع ڌاري، هِن ئي صاحب لکيو. سنه 1885ع ڌاري، هُو اُٺن تي سوار ٿي ’ڏاڙهياري جبل‘، ’ڪُتي جي قبر‘ (موجوده قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو) ڏسڻ ويو ۽ موٽي آيو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون سفرنامو به هِن ئي صاحب لکيو: ’ڏاڙهياري جبل جو سير‘... جنهن کي مسٽر پوڪرداس  پبلشر، فيبروري  1900ع ۾ شايع ڪرايو.

۽ انهيءَ تسلسل ۾ ڏسبو، ته هيءُ به عجب حسنِ اتفاق... جو 1947ع ڌاري، سنڌي ٻوليءَ ۾، بلڪل پهريون ڀيرو ڪربلا معليٰ ۽ ايران بابت نثر ۾ ڪنهن هستيءَ کي جي ههڙو سفرنامو لکڻ جي سعادت حاصل ٿي، ته اُها به ڪنهن ٻئي کي نه، قليچ صاحب جي نياڻي، دلشاد بيگم کي ئي حاصل ٿي. ۽ ايئن به برابر آهي ته کانئس اڳ ’ڪربلا جو سفرنامو‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود هو، پر اهو ’نثر‘ بجاءِ ’نظم‘ جي صورت ۾ هو، جيڪو مرثيه جي عظيم شاعر، سيد ثابت علي شاهه مشهدي و ڪربلائي 1793ع ڌاري، مقدس مقامات جي زيارتن دوران لکيو هو، جنهن جو عنوان پاڻ تجويز ڪيو هئائين- ’زيارت نامو‘

دلشاد بيگم، خاندان جي معزز ۽ وڏن منصبن وارن مرد حضرات، مستورات، ٻارن ۽ خدمتگذارن جي ساٿ سان ايران ۽ عراق جو هي سفر، مئي، جون، جولاءِ، آگسٽ 1947ع ڌاري ڪيو هو ۽ ان زماني ۾ رائج، سفر جي سهوليتن مطابق خاندان جي پنجاهه کان وڌيڪ زائرين سان گڏجي، بسن ۽ ريل جي ذريعي ڪيو هو، بعد ۾ هيءُ قافلو واپسيءَ وقت، پاڻيءَ واري جهاز ذريعي بصره کان ڪياماڙي بندر ڪراچيءَ تي اچي لٿو هو ۽ غالباً اهو آگسٽ جو مهينو هو ۽ عيسوي سال هو- 1947ع ۽ هجري سن هو- 1366.

هن زيارت نامي جي وڏي ۾ وڏي خوبي، هيءَ آهي، ته اُهو... سفر تان واپس اچڻ کان پوءِ نه، پر سفر دوران ئي روزنامچي جي انداز ۾ هُن لکيو ويو، يعني سفر هُن بس ۾ ڪيو پئي يا ريل ۾، هُوءَ ان جي دريءَ لڳ ڊائري گڏ کنيو ويٺل ٿي نظر اچي ۽ سفر رات جو هجي يا ڏينهن جو، سفر ۾ ٿيندڙ هر ڳالهه ۽ هر واقعي ۽ هر اهڙي مشاهدي کي Sense of humour  سان هُوءَ لکندي وئي آهي، جنهن جي لاءِ هُوءَ سمجهي پئي ته ان جو لکجڻ نهايت ضروري آهي.

قدرت... دلشاد بيگم کيVideo taping memory  عطا ڪئي هئي، ان ڪري پنهنجي روان دوان نثر ۾، هن موقعي مهل جي مناسبت سان جيڪي شعر ۽ محاورا پنهنجي نثر ۾ جَڙيا آهن، اهي ڄڻ ته منڊيءَ تي ٽِڪَ وانگر ٿا محسوس ٿين. سفر دوران اهو طئه آهي ته هن جيڪو ڪجهه لکيو پئي، قلم برداشته لکيو پئي، (۽ ان جو ثبوت هي ته هن جي هٿ اکر لکيل سموري نوٽ بوڪ ۾، ڪٿي به ’ڪاٽ- ڪُوٽ‘ نظر نه آئي اٿم ۽ اها خوبي ان ڳالهه جي ساک پئي ڀري ته خيال کي لفظ لَڙهي ۽ نثر بڻائڻ تي هن کي ڪيڏو نه عبور حاصل هو. ڇاڪاڻ ته کيس اردو سنڌي ۽ ڪِي قدر فارسي ادب جو به مطالعو هو، ان ڪري هن، اِنهن سڀني ٻولين جي شعرن ۽ محاورن سان، پنهنجي نثر کي خوب خوب سينگاريو ۽ سهڻو بڻايو آهي.

دلشاد بيگم جي هن مسودي کي مون پيرائتي انداز ۾ جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو ته اُٿندي ئي، هُوءَ مون کي وک وک تي هڪ باخبر، صاحبِ حال ۽ بصيرت واري خاتون نظر آئي ۽ سندس نثر کي پڙهندي مون اِهو به ڄاتو ته هُوءَ پنهنجي تهذيب، خانداني وضعداري، اسلامي تاريخ، هندو - مسلم ڪلچر، فقهه، واقعهء ڪربلا ۽ دنيا جي جديد ترين ايجادن ۽ ننڍي کنڊ جي ۽ دنيا جي سياسي ۽ سماجي صورتحال بابت پڻ، چڱو ئي ادراڪ رکي پيئي.

۽عزيز پڙهندڙؤ...! هاڻي هتي هيءُ به عرض ڪندو هلان، ته هِن تحرير توڻي دلشاد بيگم صاحبه جي سفرنامي اندر به جڳهه جڳهه تي جيڪي فوٽ نوٽس ۽ ڪي ضروري حوالا مون ڏنا آهن، اُهي سڀ اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافي واسطي ئي لکيا ويا آهن، ان ڪري جيڪڏهن اصل ڪتاب پڙهندي انهن تي به نظر وجهندا هلندؤ ته يقينن اوهان کي فائدو ئي رسندو.

*

سفر جي ابتدا هيئن ٿي:

دلشاد بيگم لکي ٿي:

·                           حيدرآباد اسٽيشن تان ساڍي پنجين بجي گاڏي، خدا خدا ڪري روانا ٿي(1)، زالون سڀ ٻن گاڏن ۾ هيون، اسان واري گاڏي جو ته خدا حافظ هو، ڪنهن پنساريءَ جو دڪان به اهڙو ڀرپور ڪِينَ هوندو، مطلب ته هيٺ مٿي پير رکڻ جي به جاءِ ڪا نه هئي، سمهڻ ته ناممڪن هو.

    انشاء پرداز دلشاد بيگم، دلچسپ پيرايي ۾، اُٿندي ئي اسان کي هتي آگاهه ڪري پئي ته هيءُ سفر، ظاهر آهي ته اڳتي به آسان نه هوندو ۽ وِک وِک تي هُن کي مشڪلاتون ئي مشڪلاتون اَوَس پيش اچڻيون آهن. همسفرن جي وڏي ڊنبلي ۽ ٻارن جي ڪَٽڪَ ساڻ هجڻ سبب ۽ مٿان سفر جي ابتدا ۾ ئي، ايترو هنبس ۽ ايتري سوڙهه... جو ڳڻتيءَ منجهان هُوءَ لکڻ تي مجبور ٿي ٿئي ته:

·                           اسين ته ٺهيو، پر هي ويچارا ننڍڙا ٻار ڪٿي ۽ ڪيئن سمهي رات گذاريندا، لاچار، هڪڙي سِيٽَ جيئن تيئن واندي ڪري، چئن ٻارن کي ڦُسڙي سمهاريوسين پر هر وقت، انهن جي ڪِرڻ جو ڊپ هو، پاڻ ته سڄي رات ويٺا هئاسين، بس ناصر علي(1) سو ٿورو اکين جو زهر ماريو.

دلشاد بيگم پنهنجي تحرير جي هن پهرئين ئي پئراگراف ۾، جيڪو، مِٺو، تُرش ۽ پُرمزاح لهجو اختيار ڪيو آهي، ته انهيءَ محاوري جي پس منظر ۾ مون وٽان اڳواٽ ئي هتي آگاهه ٿيو، ته ٽنڊي ٺوڙهي جي حويلين اندر مستورات، اڄ به ان ئي محاوري ۾ سنڌي ڳالهائينديون آهن، جيئن هي دلشاد بيگم ان پئراگراف ۾ لکيو آهي، خاص ڪري، ان ابتدائي پئراگراف ۾ هُن جيڪي مزي مزي جهڙا جملا ۽ محاورا قلم برداشته لکيا آهن. مثال طور اُهي آهن: جهڙو پنساريءَ جو دڪان... گاڏيءَ جو ته خدا ئي حافظ...  اکين جو زهر... ڪُڪڙن واريون پنڪيون، ڪاوڙ نڪئون تار  وغيره جهڙا محاورا اڄ به ٽنڊي ٺوڙهي ۾ عام جام گفتگوءَ ۾ ڳالهايا ويندا آهن... سو اهڙن محاورن سبب، جهڙوڪر هُن جي تحرير، اُتساهي به ٿي، ته ان کي اڳتي به پڙهجي...

هيءَ ريل!! جنهن تي دلشاد بيگم مع خاندان سوار آهي ۽ جيڪا ڏينهن رات پئي ڊوڙي، ان جي ڌِڏڪن بابت، هن جي هيءَ زبردست تشبيهه پڙهو:

·                           گاڏي هلڻ ۾ ايئن ڌِڏڪا ٿي ڏئي، جيئن زالون اَنُ ڇنڊڻ مهل، ٻه ٽي سَٽڪا ڏئي وري ڪچري کي اُڇلڻ لاءِ، ڇَڄَ کي ٿورو ڌڪ هڻي، اڳتي ڪنديون آهن، بلڪل اهڙو ئي ڪم ريل جو به اسان سان آهي...

۽ اها ئي ريل، سنڌ جي حدن سرحدن مان نڪري، ڪوئيٽا بلوچستان جي ريگزارن ۽ پهاڙي سلسلن ۾ جڏهن داخل ٿئي ٿي، ته ريل جي دريءَ سان ويٺل دلشاد بيگم کي ٻاهرئين ماحول جا ههڙا پُراسرار ۽ پُرلطف منظر Portray ڪرڻ جو وجهه ملي ٿو وڃي. هُوءَ لکي ٿي:

·                           هوا به ڪجهه ٿڌي ٿيڻ لڳي آهي، زائرين جن کي سيءَ جي سيڪَ ساڙي ۽ گُهٽي ماريو هو، انهن جي مُنهن تي ڪجهه تازگي ڏسڻ ۾ آئي (۽ ان کان پوءِ) جڏهن  اوچتو ريل جبلن جي غارن ۽ سرنگهن مان لنگهڻ شروع ڪيو ته هر طرف ڪاري  رات ٿي وئي، ٻارن ته اهڙيون وٺي رڙيون ڪيون، جو خدا جي پناهه، جيڪي پيرسن هئا، انهن به سمجهو ته شايد قيامت اچي وئي ۽ آفتاب غروب ٿي ويو.

    هتي آگاهه رهجي ته ٽنڊي ٽوڙهي جي معزز مرزا خاندان جي فردن مان، غالباً مرزا منوچهر بيگ(2) پهريون زوار هو، جيڪو پنهنجي خاندان سميت 1926ع ۽ مئي 1929ع ڌاري ڪربلا جو زوار ٿي چڪو هو، پر  هيڏانهن دلشاد بيگم سميت، خاندان جي باقي فردن کي ڇاڪاڻ ته ڪوئيٽا ڏانهن وڃڻ ۽ رستي ۾ ايندڙ اهڙين سُرنگهن ۽ غارن جي خبر نه هئي، ان ڪري دلشاد بيگم اهڙن منظرن ۽ غارن جو بيان، ڄڻ پوءِ ويندڙ مسافرن جي خبرداريءَ لاءِ تحرير ڪري ڇڏيو آهي. ظاهر آهي ريل ۾ ڪوئيٽا ڏانهن ويندي، ريلوي ٽريڪ سان اهڙا غارَ، صرف هڪڙو ڀيرو ئي نه، بار بار پئي آيا، ان ڪري اهڙو ذڪر دلشاد بيگم وري ٻيو ڀيرو هن انداز سان ڪيو آهي:

·                           ڳچ ڀيرا اونداهي ٿي، وري اوچتي ئي اوچتي، روشني ٿيڻ تي، هاڻي ٻار ٻچا سڀ پيٽاري ويا هئا، پاڻ، اونداهيءَ ۾ خوشيءَ مان ڪُوڪريا وٺي ٿي ڪيائون.

غارن ۽ سُرنگهن جي اهڙي بيان دوران دلشاد بيگم ڏاڍي ذهانت سان اسان جي معلومات ۾ به اضافو ڪندي ٿي هلي ۽ ائين ڪري, هُوءَ جهڙوڪر اسان تي اِهو به عيان ٿي ڪري، ته ڪنهن به وقت هُو سفر جي مشاهدي کان غافل قطعي نٿي رهي. لکي ٿي:

·                           ڪوئيٽا ويندي، رستي ۾ اهڙيون 25 سرنگهون آيون ۽ لنگهي ويون.

۽ هاڻي دلشاد بيگم جي هن تحرير ۾ ٿورو ڪوئيٽا شهر جي وڻن جو ذڪر ڏسو، پر ترسو، پهرين مون وٽان ايترو به آگاهه ٿيو ته جنهن وقت هُوءَ هن مقدس سفر تي روانا هئي، تنهن وقت ٻي مهاڀاري جنگ کي ختم ٿئي اڃا ڪي ٿورا ئي سال ٿيا هئا، ڏسو هُو اِن جنگ ۽ اِن جنگ جي سپاهين کان به ڪيڏو نه آگاهه هئي ۽ جي ڀلا آگاهه نه هجي ها، ته ڪوئيٽا جي وڻن بابت هيءَ تشبيهه ڏئي ڪيئن سگهي ها؟

·                           شاهي رستي جي ٻنهي پاسي وڏا وڏا ۽ ساوا وڻ هئا، جي دست به دست ڄڻ جرمن جي وڏي فوج جا تنومند سپاهي، پريڊ لاءِ بيٺا آهن ۽ منجهن اهڙي ڇانوَ ۽ ٿڌڪار هئي، جهڙي سانوڻ جي جُهڙ ۾ ٿيندي آهي.

ڪوئيٽا شهر ۾ هنن جي عارضي رهائش وارو اِهو مُدو پورو ٿيو ته هيءُ قافلو هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ريل ۾ سوار آهي ۽ وڃي پيو ايران زاهدان ڏانهن. حسبِ دستور هن ڀيري به دلشاد بيگم ريل جي دريءَ ڀرسان موجود آهي ۽ اسان توهان جي مطالعي لاءِ ڊائري ۾ويٺي لکي:

·                           ٿوري ٿوري پنڌ کان پوءِ، هڪڙو ڳاڙهو، بلڪل لال ۽ ڪو سائو هوبهو زمرد... ڪو اڇو ۽ ڪو پِيلو گلن جو ٻوٽو... اهڙيءَ طرح لڳل هو، ڄڻ ڪنهن صراف مُنڊين ۾ قيمتي نگينه جَڙي... برسرِعام نمائش لاءِ رکي ڇڏيا هجن ته خريدار ڏسن، هنن کي پسند ڪن ۽ انهيءَ ڪامل صراف جي محنت، بي مثال ڪاريگريءَ جي هر هنڌ ۽ هر ملڪ ۾ وڃي ڳالهه ڪن.

    گلن ڦلن جي مشاهدي کان پوءِ ريل جي دريءَ مان دور پري ريگستاني ميدانن ڏانهن ڏسندي، هاڻي هُوءَ، هيءُ ڪيڏو نه تخليقي منظر، نوٽ بوڪ جي صفحن تي چِٽيندي ٿي وڃي:

·                           ڪن ڪن هنڌن، وري زمين مان گول گول واچوڙن وانگي... (ڪي بگولا) ايئن پئي نڪتا، ڄڻ ڪو جَنڊُ ڦرندو هجي يا جيئن درياء جي ڪُن ۾ پاڻي گول ڦرندو آهي... پري کان ايئن سمجهه ۾ پئي آيو ته ڪو دُونهون آهي، جو زمين تان نڪري آسمان تي منتشر پيو ٿئي.

    اوهان ملاخطه ڪيو... ڪيڏي نهKeen Observer  آهي اسان جي هيءَ دلشاد بيگم! جيڪا ڪشٽن ڀريي سفر جي باوجود پنهنجن حواسن کي جائتو ۽ ذهن کي سجاڳ ٿي رکي، يا شايد هُوءَ پاڻ کي ان ڪر ي به سجاڳ ٿي رکي، جو هُن چاهيو پئي ته هُن کي سڀ ڪجهه نوٽ ڪرڻو ۽ لکڻو به آهي. ان کان علاوه ازين، زمين، گلن ڦلن، پهاڙن، ريگستانن، واچوڙن جي ... جو اهي سڀ ته عارضي شيون هيون، سفر ۾ هُن ته آسمان جي وشالتا ڏانهن ڏسڻ کي به ڪونهي وساريو ۽ جي ڀلا هُوءَ آسمان کي ڏسڻ وساري ويهي ها، ته ڏک منجهان ههڙا احساس ڪيئن لکي سگهي ها:

·                           اسان هيتري مسافريءَ ۾ اڃا ڪو به پکي آسمان تي اُڏامندي ڪونه ڏٺو آهي، اگرچه رستي ۾ ڪي ٻنيون گهر ۽ جهوپڙيون ڏسڻ ۾ به اچن پيون.

۽ ايئن سفر ۾ سڄي رات جاڳي، رات جو اٺين کان ٻئي ڏينهن رات جو اٺين وڳي تائين، چوويهن ڪلاڪن دوران، هُن جيڪي ريلوي اسٽيشنون رستي ۾ ڏٺيون، انهن جو اندراج به هُوءَ پنهنجي هن سفرنامي ۾، باقاعده انهن جي نالن سان ڪندي وئي آهي.

·                           مستونگ، ڪانڪ، شيخ واصل، ڪردگان، گلنگور، ڪشنگي، نشڪي، احمد وال (بقول سندس جي هر اسٽيشن تي، گاڏي، ڪلاڪ ڏيڍ ضرور بيٺي ٿي) رستي ۾ ريلوي اسٽيشنون ڪي ٻيون به آيون، پر رات جي اونداهيءَ يا ننڊ جي جُهوٽي سبب، انهن جا نالا آءٌ نوٽ ڪري نه  سگهيس.

هاڻي هن زيارت نامي ۾، دلشاد بيگم جي دل شاد ڪري ڇڏيندڙ اسلوب ۾، صبح جي نمودار ٿيڻ جو دلفريب منظر ڏسو:

·                           جبلن تي طلوعِ آفتاب جو نظارو... ڏسڻ جهڙو هو. ڄڻ ڪنهن ناهموار زمين تي، ڪنهن زرين (سونهري) گلم وڇائي ڇڏيو هو.

صبح جي ان فرحت ڀري هوا ۾ هاڻي ريل جڏهن ’نوڪنڊي‘ ريلوي اسٽيشن تي اچي بيهي ٿي، ته هُو بي پناهه خوشيءَ منجهان، ڊائريءَ ۾ لکي ٿي:

·                           شڪر... هتي ڪي ته پکي ڏسڻ ۾ آيا، شايد ڪانگ هئا، پر تمام ڪارا ۽ وڏا. مکيون به هيون ۽ فقير به تمام گهڻا هئا، جن کي شايد مانيءَ کان وڌيڪ، پئسن جي ضرورت هئي، جو اڪثر پئسن جي طلب ٿي ڪيائون.

مکيون، ڪارا ڪانگ، فقير ۽ ڊگهو سفر درپيش هجي، ته ڪنهن نه ڪنهن وقت، مسافرن کي بيزار ته ٿيڻو ئي هو، اهڙيءَ صورتحال تي، هم سفرن جي حالت تي هُوءَ هيئن ٿي تبصرو ڪري:

·                           ڪِن ڪِن ماڻهن جي مُنهن مان ته يتيمي اُڌما ڏيو پئي نڪتي، ماڻهن جو ڳالهائڻ، سامان جي پِيهه، ٻارن جو روڄ راڙو... مطلب ته واويلا لڳي پئي هئي.

ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن(1) تي پهچڻ ۽ اتان ٻئي ڊگهي سفر تي روانو ٿيڻ لاءِ، سواري هٿ ڪرڻ ۽ اتان روانو ٿيڻ کان اڳ، اتي عارضي رهائش وارا جيڪي مرحلا آيا پئي، انهن جو بيان به... بلڪه حُسنِ بيان، دلشاد بيگم جي  دلپذير لفظن ۾ ملاحظه فرمايو:

·                           اگرچه خبر هئيسين ته، منزل ۽ فرحت ٻئي، اسان کان گهڻو پري آهن، نيٺ گاڏي ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ۽ قيامتِ صغرا جو نقشو، اکين جي اڳيان ڦِري ويو. اسان کي ويٽنگ روم ۾ ويهاري، هم سفرَ سامان لاهڻ لڳا. جڏهن سامان لهي چڪو، تڏهن اَٺ ٽانگا اسان لاءِ آيا ۽ هر هڪ ۾ ٽي ماڻهو، سامان کان سواءِ چڙهي ويٺا.

    زاهدان ڏانهن وڌندي ۽ شوزگي ريلوي اسٽيشن وٽان لنگهندي پنهنجي برٿ تي ويهي، هن هيءُ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ به ڪيڏي نه دل ڇُهندڙ منظر نگاري ڪئي وئي آهي:

·                           آءٌ مٿئين سيٽ تي ويٺي لکان ۽ (2)ناهيد (ڌيءَ) منهنجي ڀر ۾ سُتل آهي، اسين ديارِ محبوب جي آهسته آهسته ويجها ٿيندا وڃون ۽ پنهنجي سرزمينِ پيدائس کان آهسته آهسته پري...

    انهيءَ دوران سفر ۾ رات جي اونداهي ۾ بنتِ قليچ کي رات جي نِپُٽ ڪاراڻ ڏسي، اجنبي ديار ۾ هيءُ ڏسو ڀٽائي صاحب... هيءُ ڏسو ڪيئن نه ياد پيو آهي:

·                           چوطرف اونداهه آهي... ۽ اونداهي به 29 هين تاريخ جي، جنهن جي باري ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي:

ڪاري رات ڪچو گهڙو، اوڻٽيهن اونداهِي.

زاهدان(3) اڃا پري هو ۽ اونداهي رات جي اوندهه ۾ جاڳندڙ دلشاد بيگم کي اوچتو... سفر دوران تارن ڀريل، ان اداس رات ۾، ٺيڪ هڪ سال اڳ وڇڙي ويل اُن ساٿيءَ جي ياد ٿي اچي، جنهن سان 3 جولاءِ 1924ع تي هن لانئون لڌيون هيون... هيءُ ڏسو ڪيڏيءَ نه اداسيءَ منجهان هُن لکيو آهي:

·                           انڌيري ۾ جبلن ڏي نهاريندي، نگاهه آسمان ڏي به وئي ۽ هلالِ رجب المرجب (1366هه) 1947ع نظر آيو، طبعيت اڳي ئي پريشان هئي، پر   ياد رفته رفته دل کي زير  و زبر ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ خنجر نما هلال جو خنجر دل جي گهِراين ۾ پيوست ٿي ويو. ڇو ته انهيءَ ئي مهيني ۾ مون پنهنجي زندگيءَ جو اصل ۽ سچو وفادار ساٿي (حيدر قلي بيگ مرزا)(1) وڃايو. هلال رجب سڄي سال جي ڦيرن گهيرن ۽ نشيب و فراز ۽ زماني جي ناسازگار حالتن کان پوءِ زاهدان جي ٽرين مان ويندي، جبل جي چوٽيءَ تان ڏسبو،  اِها  خبر يا ڪو خواب خيال به اڳي ڪونه هو. هن دلي خيالات جي بيان جو سفر سان ڪوبه واسطو ڪونهي، پر انسان ته مجبور آهي ۽ دل جي ڳالهه زبان تي اچيو وڃي نيٺ...

رات جو بيگاهه مهل ۽ ماحول جي سناٽي ۾ لکندي لکندي هاڻي هڪ نئين صورتحال، دلشاد بيگم جي آڏو ٿي اچي... ۽ اُها صورتحال هيءَ!! ته ريل جي ڪمپارٽمينٽ ۾ اوچتو ڪي چورَ ٿا چڙهي پون. تڏهن اداسيءَ ڀريا اِهي مٿيان جملا لکندي لکندي، هاڻي هُن جي قلم مان ههڙا پريشانيءَ ڀريا جملا ٿا لکجي وڃن:

·                           گاڏي آهسته آهسته پئي هلي. زاهدان هاڻي ويجهو هو. اوچتو گوڙ... گڙ ٻڙ ٻڌڻ  ۾ آيو ۽ ائين پئي سُجهيو ته اڪمل بيگ (ننڍو ڀاءُ) جن واري گاڏي ۾ ڪو ڌڪا ڏئي ڪنهن کي لاهي پيو. شايد ڦورو ڇوڪرن مان ڪو ٻاهران گاڏيءَ کي چنبڙيل هو ۽ هُنن ٽارچون ٻاري سڏَ ڪري پئي چيو ته انهيءَ جو سماءُ ڪجو. قنبر  علي (ليکڪا  جي سؤٽ جو پٽ) جن واري گاڏيءَ مان به هڪلون ۽ ٽارچ جون روشنيون ڏسڻ ۾ آيون.. انهن روشنين ۾ اسان به  ڏ ٺو ته هڪڙو ماڻهو ڳوڻيءَ  جهڙي شئي کنيو  ڊوڙندو پيو وڃي... ۽ هڪڙي هنڌ  ڌڪو کائي ڪِرِي پيو.

دلشاد بيگم جي مٿئين پيراگراف کي پڙهندي اوچتو لڳيم ٿو... هيءُ ڪنهن گهريلو خاتون جي روزنامچي ۽ زيارت نامي  بدران، آءٌ ڄڻ ’اَلف ليليٰ‘ جي ڪنهن قصي کي پيو پڙهان... ڦورُو، هڪلون، ٽارچون، اونداهي، ڪارا ڀوائتا ڪانگ... ۽ وک وک تي چورن جو ڊپ... (۽ باوجود خبرداريءَ، چوڪيداريءَ ۽ وڏي اٽالي جي، سامان هُنن جو پوءِ به هنڌَ هنڌَ تي چوري  ٿيندو ٿو رهي) ريل جي انهيءَ پُرخطر سفر کان پوءِ،  زاهدان جي جنهن مسافرخاني ۾ هُو اچي  قيام ڪن ٿا. سخت خوف دلشاد بيگم کي ته اُتي به محسوس ٿئي ٿو ۽ ڀلا ڇا جو خوف؟ ۽ ڪنهن کان خوف...؟ ته اِهو، خود ليکڪا جي پنهنجن لفظن ۽ اسلوب ۾ پڙهي ڏسو:

·                           سراءِ (مسافرخاني) جي جانچ ڪئيسين ته اُتي هر هڪ گهر ۾ کُوهه هو. وري در کان  ٻاهر به  هڪڙو وڏو کُوهه هو. اسان کي ته ننڍڙن ٻارن(2) جي ڪري تمام خوف هو . سو گهر جي اندر واري کُوهه کي ته پيٽين ۽ ڪرسين سان بند ڪري ڇڏيوسين پر ٻاهريان ته چؤطرف کان کُليل ئي هئا.

هتي  هاڻي، حاضر دماغ دلشاد بيگم جي پُرلطف ۽ پُرمزاح مشاهدي جو هيءُ هڪڙو ٻيو انداز به ڏسو. لکي ٿي:

·                           سڀ ٽانگا پِيلي رنگ جا نوان نڪورا ۽ هڪجهڙا هئا. جڏهن سڀ مسافر چڙهي ويٺا، ته گاڏيون قطار ڪري هلڻ لڳيون ۽ ٽانگن وارا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا هليا، ته ههڙو وڏو لشڪر، گڏ مسافري ڪندي، اسان ڪڏهن به ڪونه ڏٺو آهي  يعني چشمِ بدور... ههڙي وڏي فيملي؟(3)

۽ ان کان پوءِ مسافرخاني ۾ قيام پذير ٿيڻ وقت هن فيمليءَ سان جيڪو ڪجهه پيش اچي ٿو، دلشاد بيگم جي اسلوب ۾ ٿورو ان جو پُراسرار بيان  به پڙهندا هلو:

·                           ڪوئيٽا ۾ اسين عارضي رهائش لاءِ ينگ مسلم ائسوسيئيشن (انجمن) ۾ پهتاسين. اسان جي رهائش واريءَ جاءِ ڀرسان ٻي به ڪوٺڙي هئي، جتي اسان وانگر ڪي لکنوي زائر لٿل هئا. اندر لنگهڻ سان پهرين نظر هڪ ڪافن (تابوت)... مطلب ته لاش تي پئي. اسين ڊڄي وياسين ته خدا خير ڪري، سؤڻ سٺو نه ٿيو. منجهس ڪنهن زال جي لاش پيل هو ۽ ڪن ماڻهن اهو لاش ڪربلا معليٰ ڏي دفن ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مائيءَ کي گُذرئي ڇهه سال ٿيا هئا ۽ هتي به انهيءَ لاش کي آئي ڇهه مهينا ٿيا هئا. هاڻي سگهو ئي اُهو اُتان روانو ٿيڻو هو.

زاهدان کان ايران ڏانهن وڃڻ لاءِ هنن مسافرن هاڻي بسن جي ذريعي  سفر شروع ڪيو ۽ ان سفر ۾ هن قافلي کي جنهن خشڪ ۽ سپاٽ دشتَ مان گذرڻ جو مشاهدو ٿيو ، ٿورو اُن دشتِ لوط جو به ذڪر ٿي وڃي:

·                           رات جي 12 بجي جو ٽائيم هو. اوچتو عجب قسم جي گرمي ۽  حبس پيدا ٿيڻ لڳو ، آتشي جهولو پئي لڳو،  ٻانهن ٻاهر ڪڍڻ سان ائين ٿي سمجهه ۾ آيو، ته ٻرندڙ باهه جي مٿان بيٺا آهيون. معلوم ٿيو ته دشتِ لوط جي زمين تان گذرون پيا.

مقدس مقامات جي زيارتن جي سلسلي ۾، عزمِ سفر هنن زائرين جي پهرين منزل هئي؛ مشهد مقدس  جتي شيعن جي اٺين امام حضرت امام رضا عليه السلام  جو روضهء اقدس(1) آهي. هنن مسافرن جي بس، جيئن ئي ان روضهء مبارڪ کي ويجهي ٿي ٿئي .   هوءَ لکي ٿي:

·                           اوچتو اسان جي لاريءَ جو ڪلينر سيد محمود اٿي بيٺو ۽ زور سان صلوات جو نعرو بلند ڪري، مبارڪ مبارڪ  جو شور ڪيو  . اسان ڪو نه سمجهو ته ڇا آهي! پر هن اشارا ڏئي ٻڌايو ته روضهء اطهر جي نِيل مبارڪ  ڏسڻ ۾ پئي اچي، اسان مان سڀني جون اکيون اشاري ڏي ويون ۽ پري پري زمين ۽ آسمان جي وچ واري گَهرائي ۾ عيد جي چنڊ وانگي نيل مبارڪ کي ڳولڻ لڳيون .

 هتي پڙهندڙ حضرات، هِن ڳالهه کان به آگاهه رهن ته شيعه ٽالپر بادشاهن جي ايامڪاري کان وٺي، ٽالپر خانوادي ۽ خود ٽنڊي ٺوڙهي  جي مرزائن جا  مشهد ۽ مولا ڪربلا ۾ موجود، مقدس روضن  جي خُدامن سان ، اڄ تائين خصوصي تعلقات رهندا پيا اچن . ان ڪري حسبِ دستور دلشاد بيگم جي خاندان جي مَردن، مشهد ۾ روضهء اقدس  جي خُدامن کي پنهنجي آمد جو اطلاع اڳواٽ ئي ڏئي ڇڏيو هو. ان بابت هوءَ لکي ٿي:

·                           ٽن چئن ميلن جي پنڌ کان پوءِ، اسان جون لاريون مشهد مقدس جي بازارن مان گذرڻ لڳيون ۽ آخري منزل تي اچي بيٺيون . اتي  جو خدام ، اسان کي وٺڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن يا رشتيدارن سوڌو موجود هو ۽ جاءِ ڏيکارڻ لاءِ ”رئيسن“(2) کي وٺي ويو.

هيءُ 1947ع جو سن هو. اسلامي  مهينو رجب . گويا اِن سن ۽ مهيني تائين مشهد جي مسافرخانن ۾ اڃا بجلي (لائيٽ) جو رواج نه هو، ۽ اهڙي معلومات دلشاد بيگم هن طرح  پنهنجي روزنا مچي  ۾ اسان کي ڏني آهي:

·                           مسافرخاني ۾ بجليون ڪونه هيون. رات جو سويري ساجهر ٽيبل ليمپ... گهر جو سنڀالندڙ نوڪر... ٻاري هر ڪنهن  ڪوٺيءَ ۾ رکي ويندو هو.

انهيءَ مسافرخاني ۾ پهتل، هنن مسافرن جي تذڪري ۾، دلشاد بيگم جي  بيان  جو ٿورو هيءُ رنگ ۽ ٻولي  به ڏسو:

·                           سڀ ٿڪل ٽُٽل ماڻهو... چار ڏينهن لارين جا ڇاڇوليل ۽ ولوڙيل... زالون... مڙس... ٻار... ٻچا... نوڪر چاڪر، سڀ ”فنا“ ٿي سمهي رهيا.

هاڻي ان ديار ۾ صُبح جو، پرده  دار خاندان سان تعلق رکندڙ، دلشاد بيگم، جڏهن سراءِ  ۾ سجاڳ ٿئي ٿي، تڏهن سراءِ  کان ٻاهر، بازار ۾، هن کي 1947ع وَاري ماڊرن ايران جا ههڙا مشاهدا ٿا ٿين:

·                           ايراني زال، ڪنهن کي به نقاب ڪونه هو. رڳو هڪڙي چادر ويڙهيو پئي هليون. سڀني جا مُنهن اَڌ کليل  هئا ۽ مڙسن، کي انگريزي سوٽ هئا. زالن جو لباس به انگريزي گون جهڙو هو. جوراب به عام خاص کي پيل هئا. وار به ڪتريل هئن. ڪي ڪي زالون ته اصل انگريز زالن وانگر مٿي اگهاڙيون به پئي هليون.

بعد ۾ اهي ئي ايراني عورتون، جڏهن هنن سان ملڻ اچن ٿيون ته هوءَ انهن بابت ٻڌائي ٿي:

·                           ايراني زالون به سراءِ ۾ ملڻ اچن پيون، پهرن جا پهر ويٺيون ڳالهيون ٻوليون ڪنديون آهن. هنن ايراني زالن کي شيشي جون چوڙيون تمام پسند آهن، اتي شايد اصل ڪو نه آهن، اسان سڀني، هنن کي چوڙيون ڏئي ڇڏيون آهن.

۽ هاڻي ذڪر، ان هستيءَ جي مقدس مزار ۽ صحن امام جو، جنهن جي شوق زيارت لاءِ هيءُ قافلو ٽنڊي ٺوڙهي مرزا پاڙي حيدرآباد مان  ڪيئي ڏينهن اڳ روانو ٿيو هو ۽ هن منزل تي پهچڻ  بعد ،جيڪو نظارو هنن کي هاڻي نصيب هو. ان جو بيان دلشاد بيگم جي قلم-اک سان ڏسو:

·                           زيارت لاءِ اندر ويندي (ٻين سڀني وانگر) اسان کي به انهيءَ قيامت جي شور، غوغاء ۽ انسانن جي گذرندڙ سيلاب ۾ لڙهي وڃڻو پيو. ڪابه پنهنجي پرائي جي خبر ڪانه ٿي پئي، نه ڪنهن کي ڪنهن ڏٺو يا سڃاتو  ٿئي، نه ڪو ٻار ٻچو ئي نظر ٿي آيو، نه ڪنهن جو ڳالهائڻ ٻڌي ۽ سمجهي ٿي سگهيو. هڪڙو زيارتين جو آواز، صلواتن جو شور  ۽ ڪڏهن گريه و زاري جا آواز... هزارين ماڻهو رُنا پئي ۽ دانهون به پئي ڪيائون... والله !! هڪڙو عجيب منظر ۽ عجيب وقت هو. اسين به ڦرندا گهرندا، ماڻهن جي جانڊاهه ۾ اٽي وانگي پِسندا، اهڙي جاءِ تي پهتاسين، جتي گهٽيءَ جهڙو سوڙهو رستو هو... عطر، روضي تي لائڻ لاءِ گهران کڻي آيا هئاسين. اُهو هٿن ۾ وجهي ضريح  کي مليندا اڳتي پئي وياسين.

هن، روضهء اقدس جي چپي چپي  جي زيارت ڪندي ۽ ايراني فن  نقاشيءَ جو جائزو وٺندي ، ان ساڳي ئي بيان ۾ ، اڳتي هلي لکيو آهي:

·                           هر طرف اهڙا عجيب ڪم ٿيل هئا جو آءٌ ته ڇا، پر انهن جو بيان وڏا وڏا مصنف، شاعر ۽ قصه گو ۽ آرٽسٽ به ڪري ڪونه سگهندا. اسان وارن مان...  گهڻا ماڻهو، جي هميشه تاج محل ۽ آگري جي عمارتن جي تعريف مان ڍاپندائي ڪين هئا ته دنيا ۾ بي مثال عمارت آهي، سي به دم بخود رهجي ويا.

۽ هاڻي، دلشادبيگم جي ”حسنِ بيان“ ۾ ”صحنِ امام(1)“ جو هي دلپذير منظر ملاحظه فرمايو:

·                           نماز ۾ هزارين ماڻهو  سجده ريز پيا هئا، ۽ خاڪِ شفا جي ٽڪين جا به هر طرف انبار لڳا پيا هئا. ماڻهو جاءبجاء ائين پکڙي پيا هئا، جيئن سمنڊ جي ڪنارن تي سِپُن جو ڳوڙهه پيو هوندو آهي يا چادرِ آسمان ، ستارن سان پئي چمڪندي آهي.

صحنِ امام رضا ۾، ستارن جي هيٺان ٽنڊي ٺوڙهي جون جيڪي خواتين نياڻيون ۽ ٻارڙيون، اُتي 1947ع ۾ موجود هيون. خوشا قسمت! انهن ۾ 12 ساله ثريا بيگم بنت ناصر علي به هئي. خدا ڄاڻي ان وقت هن جي ذهن ۾، اِنَ صحنِ اقدس  ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش  هئي يا الائي نه؟ پر 1997ع ڌاري 62 ورهين جي ڄمار ۾ وفات کان ٿورو وقت اڳ هن ضرور اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو هو، جيڪا بلا آخر هُن جي ورَ عابد حسين مرزا بهرحال پوري ڪئي. عجب اتفاق هُوءَ جنهن امام بارگاهه ۾ امانتاً دفن هئي، اُن جو نالو  به ”صحنِ قدس“ ئي هو ۽ جُون 1947ع ڌاري جنهن وقت دلشاد بيگم ۽ ثريا بيگم زندهه و پائنده ان ”صحنِ امام“ ۾ موجود هيون، ان بابت دلشاد بيگم  لکي ٿي:

·                           سنگِ مرمر جي پلين (plane)، رنگين ۽ لهرن وارا... عجيب نقش و نگارن سان وڏن چورس ٽڪرن جي فرش تي جاءبجاء  تاريخون ۽ نالا لکيل ڏٺاسين. پوءِ معلوم ٿيو ته جنهن وسيع ۽ عريض صحن تان اسين گذرون پيا، انهن ۾ هزار ها مومن مدفون ٿيل آهن. خبر پئي، هڪڙي ماڻهوءَ جي مدفن لاءِ اٺ هزارن کان وٺي پنجن ۽ ٻن هزارن تائين موقوف آهي . جئين ويجهو زمين  هوندي  تيئن قيمت به  گران هوندي.

1947ع ۾،  ”صحنِ قدس“جي فرش تي هلندي ، اسان جي هن 47 ساله ليکڪا، دلشاد بيگم جي دل ۾ به ان صحن ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش ۽ حسرت ضرور پيدا ٿئي ٿي ۽ ان جو اظهار هوءَ هيئن ٿي ڪري:

·                           بحرِ سخا جي شفاعت ۽ حمايت کان اسين نا اميد ڪو نه آهيون . اسان جو جسم خاڪ ٿي وڃي ٿو ، پر روح زندهه جاويد آهي . انشاءالله! صحنِ امام ۾ چُڳندڙ ڪبوترن وانگي (جي هزارن جي تعداد ۾ اندر ٻاهر بلڪه ضريح اطهر تي پرواني وانگي اڏامندا نثار ٿيندا وتن)، هڪ ڏينهن اسان جو روح به اُتي مصروفِ طواف هوندو.

    مشهد مقدس ۾ امام رضا عليه السلام جي ضريح مبارڪ ۽ ٻين مقدس زيارتن جو شرف حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن خاندان جي هاڻي، ٻي منزل هئي- ”عراق“ !

·                           اسان هتان ڪربلا ڏي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جا لاري ڊرائيور به سڀ ويٺا آهن، جو ڪربلا ڏي وڃڻ لاءِ انهن سان ئي معاملو طئه ڪيو ويو آهي:

ڪربلا معليٰ  ڏانهن بسن ۾ سوار ٿي ايران کان عراق ڏانهن اُسهڻ کان پهرين ، دلشاد بيگم اسان کي هي به اطلاع ڏئي ٿي:         

·                           اسان مان گهڻيئي (يعني ان سفر ۾ شامل خان بهادر منو چهر بيگ جو خاندان، جيڪو 1926ع ۽ 1929ع ڌاري پڻ زيارتون ڪري آيو هو) اڳئي وَيلَ به موجود آهن، انهن ٻڌايو پئي ته امامِ مظلوم، شهيدِ ڪربلا جو روضو مبارڪ به ايران ۾ موجود روضن وانگر، بي مثال ۽ لاجواب آهي.

ايران جي حد ختم ۽ جتان عراق جي سرحد شروع ٿئي ٿي، اُتي پهچڻ بعد، پري کان، دريءَ مان، هُن عراق طرف جو اِجهو، ههڙو منظر ڏٺو آهي:

·                           هتان ئي کجين جا وڏا باغ ۽ تمام وڏا وڏا صحرا ۽ انهن جي ڪنارن تي تمام پري جبلن جو سلسلو ... رڳو دونهين وانگي نظر پئي آيو.

۽ ايران کان عراق ڏانهن ويندي، رستي جي ڪيترين ئي سفر وارين اذيتن کان پوءِ ، بغداد شهر پهچڻ تي ، هو بيحد خوش ٿي لکي ٿي:

·                           ويران پنڌ کان پوءِ، شهر بغداد جي عاليشان باغن ۽ خوبصورت رستن، بازارن  هوٽلن ۽ پارڪن کي ڏسندا، اسين بغداد ۾ داخل ٿياسين، شيخ ڪاظم (اسان جو ميزبان) جنهن کي اسان جي اچڻ جي اڳئي خبر هئي، بيٺـو هو ۽ اسان جي جاءِ قيام جو به، اڳ ئي بندوبست ڪري ڇڏيو هئائين.

بغداد ڪاظمين پهچڻ بعد، دلشاد بيگم اُتي جي مقدس زيارتن جو احوال ڏاڍو  خوبصورت  رقم ڪيو آهي:

·                           رات جو زيارت  لاءِ روضي ۾ وياسين. ضريح مقدس سون جي چمڪندڙ ڄاريءَ سان هئي. ضريح جي اندر ٻه مزار شريف هئا:(1) امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جو ۽ ٻيو امام محمد تقي عليه السلام جو. اتي مينا ڪاري، شيشي، ڪاشيءَ ۽ بلور جا سون چاندي جا .. بيمثال نمونا هئا.  بيان جي طاقت ناهي. خدا شَل سڀ مومن کي همٿ ۽ استطاعت ڏي ته وڃي پنهنجي اکين سان ڏسي، دل خوش ڪن ، ۽ ڏسن ته هنن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ دنيا ۽ دنيا جي ناقدر شناس بندن ڪو به ظلم ۽ ڪا به سختي نظرانداز نه ڪئي هئي، پر هنن جي ابدي حڪومت، الله پاڪ جي حڪومت لازوال جي دوش بدوش اڄ به جلوه فگن آهي.

دلشاد بيگم ۽ ان جا هم سفر ڪاظمين(1) ۾ پنجَ ڏينهن رهيا، انهيءَ کان پوءِ وري سفرن بابت، هن لکيو:

·                           اسين سامري به وياسين، جتي رستي ۾ امام مهدي آخر زمان جي ڀاءُ حضرت جعفر عليه اسلام جي زيارت ڪئي سين. پوءِ سامري شريف ۾ يارهين امام، امام حسن عسڪري عليه السلام ۽ جنابِ نرجس خاتون (والده امام مهدي) جي مزارن جي به زيارت کان مشرف ٿياسين، هيءُ روضو به حقيقت ۾ سجده گاهِه ملائڪان آهي.امام آخر الزمان جنهن غار ۾ غائب ٿي ويو آهي.(2) انهي جي  زيارت به هيٺ تهه خاني ۽ اونداهيءَ ۾ هئي، اتي به وياسين، انهن سڀني زيارتن مان فارغ ٿي، تڪڙ پڪڙ ڪري لارين ۾ چڙهياسين، جو اسان جي لارين کي دجله ندي جي وڏي پُل، جيڪا ٻيڙين سان ٻڌل آهي، اُنهيءَ تان لنگهڻو هو. ۽ اها سَرِ  شام بند ٿَي ٿِيو- وئي .

ڪاظمين ۽ سامره جي انهن مقدس زيارتن بعد ، هوءَ دلي حُبَ ۽ اندر جي سمورين عقيدت کي،  خيالن ۾ سميٽي ، هنن اکرن ۾ پاڻ کي اظهاري ٿي:

·                           اسين هاڻي امامِ مظلوم... جنهن سان اسين گهڻو مانوس آهيون... ڪربلا زيارت لاءِ وڃي رهيا آهيون.

جيئن مون مٿي به ڄاڻايو آهي ته خوش قسمتيءَ سان، هن سرزمين ۽ هن ديار  جي، خدامن سان ٽنڊي ٺوڙهي جي هن مرزا خاندان جا، نسل در نسل  ديرينه تعلقات پئي رهيا آهن سو  اِن نسبت سان هُوءَ هِتي لکي پئي:

·                           شيخ ڪاظم جو ننڍو ڀاءُ اسان کي ڪربلا تائين  اماڻڻ آيو هو ۽ اڄ صبح جو  ڪربلا جو خدام ، سيد عبدالحميد شاهه اسان کي ڪاظمين مان  وٺڻ آيو هو ۽ موٽي، اسان سان گڏ... ڪربلا هليو هو.

۽ هاڻي منزلِ مقصود تي پهچڻ کان اڳ، اِن رستي ۾ ايندڙ، ڪجهه  ٻين زيارتن جو ذڪر به، دلشاد بيگم جي زباني  ٻڌو:

·                           3 بجي ڌاري اسين حضرت امير مسلم بن عقيل(3) جي معصوم  صاحبزادن حضرت محمد ۽ جناب ابرهيم جي روضي تي پهتاسين. ضريحون، هڪ ٻئي جي برابر هيون. اسان ضريح مان مزارن کي هٿ لائي ۽ چمي به سگهياسين .

هنن معصوم شهزادن جي روضه وٽ، هڪ  ديوار تي، دلشاد بيگم ڪربلا جي ڪوس بابت، ڪن ايراني آرٽسٽن جون ٺاهيل ڪي خيالي  تصويرون، زندگيءَ  ۾  شايد پهريون ڀيرو ڏٺيون هيون سو انهن بابت هُن اجهو ههڙن لفظن  ۾ انهن جي منظر نگاري ڪئي آهي:

·                           سَرِ اطهر جي جاءِ.. نور جو روشن هالو هو ۽ هيءُ اُهو جسم مبارڪ هو، جنهن جي پرورش ۽ نشونما، شِير جنابِ فاطمه سانئڻ  تي ٿي هئي ۽  جنهن جي جسم کي خود رسول الله ﷺ بار بار پنهنجو جسم مبارڪ  سڏڻ فرمايو هو. انهيءَ تي بي شمار تير لڳل هئا ۽ لباس سڄو رت ۾ ڳاڙهو ٿيل هو. پري پري خيامِ اهلبيت به بيٺل هئا ۽ ذوالجناح  به ڪنڌ جهڪايو، خالي بيٺو هو. ٿورو پري فوجِ حسيني جي ڪمانڊر سقاء سڪينه حضرت عباس علمدار جو لاش مبارڪ به، بي سَر پيل هئي ۽ بازو به ٻئي جدا پيل هئا  . اگرچ هيءَ هُئي  ته هڪڙي خيالي تصوير، پر ان مهل ڏسڻ ۾ دل ۾ اصلي واقعات جي نقش  سان عجيب اثر ٿي ڪيائين .

هتان روانگي بعد... ٿورو سفر ڪري  دلشاد بيگم، هاڻي جنهن درياء جي ڪناري سان سفر ڪري ٿي، انهي جو نالو آهي: ”نهرِ فرات!“ (1)

·                           هلندي هلندي اسان نهرِ فرات ڏٺي. وڏي نهر هئي. پاڻيءَ  ڇوليون پئي هنيون. دل تي هڪڙو تير لڳو . اي خدا ! هيڏي  وڏي درياء تان تنهنجو پاڪ ۽ برگزيدو بندو، ۽ تنهنجي محبوب جو محبوب حسين عليه السلام ئي هو، جيڪو پنهنجي رفقاء جي همراهيءَ  سان، هن آبِ روان تان سيراب نه ٿيو. فرات جي ڪناري ڪناري هلندا...  پنجين بجي ڌاري هاڻي اسين ”ڪربلا شهر“ ۾ داخل ٿياسين، اگرچ امام حسين عليه السلام جي روضهء پاڪ جون نيلون ۽ گنبد  لاريءَ مان لنگهندي ڏسي، روح خوش ٿي ويو آهي ۽ گوهرِ مقصود، دامنِ تمنا ۾ اچي چڪو آهي ۽ توقع آهي ته عنقريب، زيارت لاءِ اتي وينداسين ۽ نهايت جلد اسان جي ڪُل محنت، ڪشالا انشاء الله! ساب ٿيندا. 

۽ ڪربلا قتل گاهه جي زمين تي بس منجهان اکيون پير ڪري لهڻ بعد، فوراً ئي، دل ۽ دماغ ۾ بيپناهه عقيدتون ۽ لڙڪن جو نذرانو کڻي، هي قافلو هڪدم ئي صحنِ امام ۾ داخل ٿئي ٿو:

·                           اسين اندر داخل ٿيڻ سان روضهء پاڪ جي بيروني عاليشان دروازي مان لنگهياسين، دربار عاليءَ ۾ عام دربار لڳي پئي هئي. جت شاهه و گدا، امير ۽ فقير، خاص ۽ عام کي، بنا روڪ ٽوڪ اچڻ جي اجازت هئي. اسان جون اکيون، اندروني دروازي جي ديده زيبيءَ ۾ غلطان هيون  ۽ قدم جلدي ۾ خود به خود ڪفش بردارن ڏي وڃي رهيا هئا.

ڪفش بردار، زائرين کان جيئن عقيدت سان جُتيون وٺي رکي رهيا هئا،  دلشاد بيگم کي سندن اهڙي انداز به ڏاڍو متاثر پئي ڪيو، هوءَ لکي ٿي:

·                           ڪفش بردار... امام جي زائرين جون جُتيون اکين تي ڪريو رکن ۽ اسين انهن جي اڳيان، جُتي لاهيندي عرقِ ندامت ۾ غرق ٿيو وڃون. هنن جي چهرن ڏي ڏسندي ۽ جُتيون پيش ڪندي تمام خجالت ٿي ٿئي. اسين... لحاظ جي ڪري پنهنجي جنهن نوڪر کي فقط اُونڌي پيل جُتي سَنئين ڪرڻ جي لاءِ چوڻ به، شرمندگي ۽ بد تهذيبي سمجهندا آهيون.

ياد رهي ، ته امام عالي مقام حضرت امام حسين عليه السلام جي روضهء مبارڪ ۾ اندر داخل ٿيڻ جا روايتي آداب هئا  ۽ اڄ به آهن  ۽ اُهي ڀلا ڪهڙا ! ؟ ۽  ان جو بيان به دلشاد بيگم جي لفظن ۾  پڙهو:

·                           وڏا صحن لتاڙي اندرئين دروازي تي پهتاسين. خدام َ، خوش الحاني سان زيارت پڙهائڻ شروع ڪئ ۽ اندر داخلي لاءِ اجازت طلب ڪئي:

السلام عليڪه يا اباعبدالله...

السلام عليڪه يا ابنِ رسول الله

۽ ائين زيارت پڙهي، بابِ عالي تي. سرِ نياز خم ڪري اسين ضريح مقدس ڏي هليا وياسين. روضهء اطهر امام حسين عليه السلام ۽ ان ئي ضريح مبارڪ ڀرسان شهزادي علي اڪبر ۽ شهزادي علي اصغر(2) جي زيارت بعد، دلشاد بيگم هاڻي اسان کي روضهء مبارڪ جي سموري اندرِين ۽ آس پاس واري صورت حال کان آگاهه ڪندي لکي ٿي:

·                           امام حسين عليه السلام جي ضريح مبارڪ جي پاسن  کان، ٻنهي شهزادن جا ٻه ضريح مبارڪ هئا. ڪجهه ٿورو پري، گنجِ شهيدان (ڪربلا جي شهيدن جو گڏيل مرقد) انهي کان پوءِ فديئه امام... حضرت حبيب ابن مظاهر (امام حسين عليه السلام جو بهترين بزرگ دوست) جي ضريح... ان کان اڃا ڪجهه پري، قتل گاههِ حسين ابنِ علي...  ۽ هي سڀ، ائينءَ  پکڙيا پيا هئا ۽ اهڙا منتشر پئي لڳا، جيئن اونداهي رات ۾ چادرِ آسمان تي ستارن جي دنيا نظر ايندي آهي. بي  ساخته دل مان آواز آيو:

ڏٺم، ماڻهو ضريح مبارڪ کي ائين چنبڙيا پيا هئا، ڄڻ سڄي دنيا جي ”غرقِ دريا“ انسانن جو ”سفينهء نوح“ ۾ هٿ  پئجي  ويو هو ۽ هاڻي پڪ ئي پڪ سلامتي سان ڪناري تي پهچڻ  ۾ ذري به دير ڪا نه هئي. هر طرف هڪڙو ئي آواز هو: ”ياحُسين!“... جو چؤطرف کان ٿي آيو. روشني ايتري هئي جو، رات جو خيال، ديوانگي هئي. سوَن جهاڙن ۽ قنديلن ۾ هزارين شمعون پئي ٻريون ۽ بي شمار بجلين جا بلب به روشن هئا. ڏيڍ کن ڪلاڪ ترسي اسين اٿياسين، جو آهسته آهسته چراغ گُل پئي ڪيائون ۽ سگهو ئي انسانن جي چارج مان نڪري، روضهء مبارڪ تي، آسماني پهريدارن  جي ڊيوٽي اچڻي هئي .

خير... خير سان، ڪربلا ۾ هنن مسافرن جي اها پهرين رات گذري ۽ صبح نمودار ٿيو ته ديارِ محبوب ۾ صبح جي نظاري جو منظر، دلشاد بيگم هن طرح سان ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪيو:

·                           اسان جو مرڪز ۽ ڪئمپ، امامِ مظلوم جي روضي کان ٿوري فاصلي تي آهي، ۽ اسين سندس سايهء  عاطفت ۾ آهيون. صبح جو اکين کولڻ سان پهرين نظر، نيل مبارڪ تي پوي ٿي، جا ڪڏهن خواب ۾ به نظر نه آئي هئي.

۽ ان ئي صبح جو هن قافلي کي، هاڻي حضرت عباس علمدار جي روضي تي  وڃڻ  جي سعادت حاصل ٿئي ٿي. ان زيارت جو احوال، هوءَ هن طرح رقم ڪري ٿي:

·                           امامِ عالي مقام (حسين عليه السلام) جي زيارت ڪري اسين (هاڻي) حضرت عباس علمدار جي روضي مبارڪ تي وياسين. پنڌ ٿورو پري هو پر تمام گهڻو نه . ٻاهران ئي روضهء مبارڪ جو شان و شڪوه ۽ اداء  بي نيازي ظاهر هو. وڏي  دروازي تي ڪنڌ جُهڪائي اڳتي هلياسين. بيان جي طاقت آهي نه ضرورت. سڀني کي خبر آهي ته:

هر طرف نور جي بارش هئي ۽ اکين کولڻ جي جُريَت ڪا نه ٿئي ٿي. ضريح اطهر، نهايت عمدي آهي. هيٺ مٿي چوڌاري بلور... آرسيون ڏسڻ سان تعلق آهن .رات جي وقت،  جاروب ڪشن چانديءَ  جي ڊگهي ڳن سان کجيءَ جي جاروب ٻڌل  کڻي، رواقن ۾ صفائي پئي ڪئي ۽ ماڻهن انهن کان وٺي وٺي، پاڻ به جاروب ڪشن ۾ نالو پئي لکايو. اسين پوءِ انهيءَ جاءِ تي به وياسين، جتي حضرت عباس علمدار جا بازوء مقدس ڪپيا ويا هئا. اُهو هنڌ غار وانگي هيٺ هو. دروازي کولڻ جو حڪم ڪونهي. ٽارچن جي روشنيءَ جي مدد سان، اسان انهيءَ ارضِ پاڪ جي به زيارت ڪئي.

روضهء حضرت عباس جي زيارت بعد، ديارِ محبوب ۾، هڪ ٻئي سنڌي خاندان کي اُتي هُوءَ  ڏسي ٿي، ته ان جو تذڪرو ڪرڻ کان سواءِ به رهي نٿي سگهي:

·                           صحنِ امام ۾ اسان کي خيرپور رياست جا سنڌي ماڻهو به گهڻا گڏيا. جن زالن کي نَٿُون ۽ سنڌي (اڇا شٽل ڪاڪ) برقعا پيا هئا. رستن تي پنهنجن ملڪن جا خواجه ۽ بوهري زائر به ڏٺا هئاسين. مطلب ته دنيا جي چئني ڪنڊن کان خلقت هنن هفت اقليم جي شهنشاهن جي بابِ عالي تي فيضياب ٿيڻ لاءِ اچي پئي ۽ اهو سلسلو هڪڙي زنجير وانگي ڳنڍيو هلي.

 حضرت امام حسين عليه السلام ۽ غازي حضرت عباس علمدار جي پُرشڪوه روضن جي زيارتن کان پوءِ ٽنڊي ٺوڙهي مرزا محله جي هن معزز مرزا خاندان جي خواتين و حضرت جو هي قافلو، جنهن روضي جي زيارت لاءِ عزمِ سفر آهي. انهي ءَ شخص جو تعارف پهرين ڀٽائي صاحب جي لفظن ۾:

هئي هدايت حُر کي، ازل ۾ اصلا،
چڙهي آيو جنگ تي، هلي هُن پارا،
ايندي چيائين امام کي، گهوريس آءٌ مٿاءِ،
لايڪلف الله نفساً الا وسعها، جيڪا پُڄندم سا،
گهوٽ کي لڳا گهاءِ، هي به شير شهيد ٿيو.
 

دلشاد بيگم لکي ٿي:

·                           صبح جو ٽيڪسين ۾ چڙهي اسين حُر(1)  شهيد جي زيارت لاءِ وياسين. حضرت حُر جو  روضو امام پاڪ جي آرام گاهه کان ٽي ميل پري هو. رستي ۾ وڏا وڏا بيابان ۽ غيرآباد  صحرا هئا، جي سڀ واقعهء  ڪربلا جي وقت، ملعون  دوزخي  ڪافرن جي جمِ غفير سان سٿيل ٻڌايا وڃن ٿا.

 انهيءَ مقام ڏانهن ويندي دلشاد بيگم کي مُڙي ڪربلا  ڏانهن ڏسڻ جو به شوق دل ۾ جاڳي ٿو، تڏهن هُوءَ مُڙي اهڙو روح پرور نظارو ڏسي ٿي... ۽ ڏسي ٿي ته ان کي بيان ڪرڻ کان  سواءِ به رهي نٿي سگهي:

·                           اسان کي رستي ۾ هلندي (مُڙي ڏسڻ تي) حضرت امامِ مظلوم ۽ حضرت عباس جا روضا .. ٻيئي ڪڏهن هڪ ٻئي جي مقابل ۽ ڪڏهن هڪ ٻئي جي ارد گرد ڦرندا نظر پئي آيا. لڳم پئي ٻنهي روضن کي قيامت تائين هڪ ٻئي جو تصدق ٿيڻو آهي.

 ۽ هاڻي جڏهن... نيڻ نهار تان... پري کان نظر ايندڙ حضرت حُر جي فيروزي گنبد واري مزار ۾ هوءَ جڏهن داخل  ٿئي ٿي، ته اسان کي ٻڌائي ٿي:

·                           روضي ۾ پهتاسين ته ڏٺو سين، لشڪرِ امام جي شهيدِ اَول جو روضو... مٿان ڪاشيءَ جو ۽ اندران اڇي چُن ۽ ڪاٺ جو  هو. ضريح ٽامي جي آهي. پر شَرف اهو حاصل اٿس. جو بادشاهن کي به رشڪ اچو وڃي. ڪو به حضرت امام مظلوم جو زائر، جي حضرت حُر جي زيارت نه ڪري ۽ سندس سلامي نه ڀري، ته زيارت کي شرفِ قبوليت به نه ملي.

 حضرت حُر جي زيارت کان پوءِ، هاڻي هن قافلي کي ڪربلا مان نجفِ اشرف ڏانهن روانا ٿيڻو آهي پر اهڙي سفر اختيار ڪرڻ  دوران، هن قافلي کي سخت ڳڻتي آهي ته هنن جو هڪ خاص خدمتگذار، سخت عليل ٿي پيو آهي. اهڙي پريشاني کي هوءَ هيئن اظهاري ٿي:

·                           ڇهين بجي ڪربلا کان نجف اشرف روانا ٿياسين لونگ (نوڪر) اڃان به سخت بيمار آهي ۽ ابو (ننڍڙو نوڪر محمد صالح ڀٽي) به گڏ آهي، پنجن ڪلاڪن جي مسافريءَ کان پوءِ، اسان جون لاريون ”واديء سلام“ جي مشهور قبرستان مان گذرڻ لڳيون. تمام وڏو قبرستان آهي. هتي جي مدفون ٿيل خوش قسمت ماڻهن تي (بعد وفات) باز  پُرس ۽ فِشارِ قبر قطعي معاف آهي. قبرون لکن ڪروڙن ۽ اربن جي تعداد ۾ آهن.نجف ۾ پهچي... اسين پهرين ئي ڏينهن  پنهنجي  موليٰ  ۽ آقا جي زيارت لاءِ وياسين. روضي مبارڪ جي عاليشان دروازي مان اندر لنگهياسين ۽ سرڪار حيدري نظر آئي. حضرت آدم عليه السلام  ۽ حضرت نوح عليه السلام، هم جليسيءَ  جو شرف حاصل ڪري چڪا آهن. جناب موليٰ علي مشڪل ڪشا جي ضريح مبارڪ، گويا نور اعليٰ نور آهي.

علي المرتضيٰ، مؤليٰ  علي مشڪلڪشا جي روضه جي زيارت بعد، هُوءَ لکي ٿي:

·                           هاڻي ڪوفي(1) جي بازارن مان اسان جون موٽرون هلنديون هليون  (جتان 61 هجري يارهين محرم الحرام 680 عيسوي به مطابق 11 هين آڪٽوبر... قيدي امام زين العابدين ۽  شهزادين جو قافلو، پا پياده  لنگهيو هو.)                           

·                           هلندي هلندي اسان جون لاريون اچي مسجدِ ڪوفه  وٽ بيٺيون. مسجد جو ته شايد نالو هو، هڪڙو وڏو قلعو هو. حضرت نوح جو تنُور، جنهن مان پاڻي نڪرڻ  شروع ٿيو هو. اهو به گول ديوار جي اندر اُتي موجود هو.

۽ نجف اشرف ۾ ڪجهه عرصي جي قيام کان پوءِ، گويا هنن مسافرن جي زيارتن جو عمل پورو ٿيو ۽ اتان ئي، قافلي جي واپسيءَ  جا سانباها ٿيڻ شروع ٿيا.

56 جي لڳ ڀڳ هنن مسافرن مان سفر دوران اڪثر ته هلڪا سلڪا بيمار ٿي، ٺيڪ به ٿي ويا، پر ٻه مسافر شديد عليل رهيا. هڪ، زوجهء قليچ بيگ مرزا (يعني فيروز بيگم والده دلشاد بيگم) ۽ ٻيو خدمتگذار  ”لونگ“ !

محترما فيروز بيگم کي ته  في الحال صحت ۽ حياتي ملي وئي، پر جيڪو هن دنيا ۾ زندهه حيات نه رهيو ۽ ان ديار ۾ ئي وفات ڪري ويو، اُهو هو لونگ خدمتگذار. درد ڀريي نوح ۾ انهيءَ جي وفات تي هُوءَ لکي ٿي:

·                           اسين پنهنجي هڪڙي ساٿيءَ جي لاش کي بصري (بغداد) جي اسپتال ۾ ڇڏي البت غمگين ۽ پريشان لارين تي چڙهي بغداد جي بندر ڏي روانا ٿياسين... ٿوريءَ دير کان پوءِ (پاڻيءَ وارو) جهاز ڏسڻ ۾ آيو ۽ ور وڪڙ ڏئي اسانجون لاريون به اچي  بيٺيون... جتان جهاز 12 کن والن جي پنڌ تي بيٺو هو. اوڏي مهل، ڏينهن جا ساڍا چار لڳا هئا، اسين آچر جي ڏينهن، واسووا جهاز ۾ چڙهياسين. جهاز پهرئين سيٽي هنئين ته آغا حسين علي شيخ ۽ خواجه حبيب (جيڪي هن سفر جا رهنما ۽ ميزبان هئا) موڪلائي وڃڻ  لڳا ۽ دعائون ڪندا هيٺ لهي ويا. جهاز بنا ڪنهن آواز جي آهسته آهسته هلندو هليو. رڳو ڪناري وارن کجي جي وڻن ۽ گهرن جي درجي به بدرجي غائب ٿيڻ سان جهاز جي هلڻ  جو شڪُ پيو ٿئي. جهاز پنجين بجي هلڻ شروع ڪيو ۽ فرات نديءَ کي چيريندو اڳتي هلندو پي ويو. رات جو يارهين بجي قرمساق بندر تي جهاز بيٺو ته چيائون هاڻي صبج جو اٺين بجي هلندو. صبح ٿيو ته ڪيئي جهاز ايندي ويندي نظر آيا. جي پنهنجي يادگار هڪڙي اڇي لڪير پٺيان ڇڏيندا پئي ويا- جا به، جلدي فنا ۾ تبديل ٿي پئي وئي.

پاڻي جي انهيءَ جهاز جي ڊيڪ تان، هوءَ لهرن جي مدو جزر کي ملاحظه ڪري ٿي، ته هُن جي تخليقي ذهن ۾ ههڙي شاندار تشبيهه جُڙي اچي ٿي:

·                           جهاز پنهنجي مخصوص رفتار سان زير زبر ٿيندو هلندو هليو.

”فرات ندي“ تان هلندي، جهاز هاڻي جڏهن، ٻي رات... اٺين  بجي، خليج فارس مان لنگهيو، ته  سمنڊ جي بدلجندڙ  پاڻي ۽ رنگ بابت دلشاد بيگم، هيءَ ڳالهه خاص طرح سان نوٽ ڪئي:

·                           پاڻي به آهسته آهسته رنگ مٽائڻ لڳو ۽ جهاز به ڪجهه ڪجهه رواني سان هلڻ شروع ڪيو. هيٺ سائي رنگ جو پاڻي، مٿي ڦڪي آسماني رنگ جو آسمان. وچ ۾ اسان جو واسووا... هڪڙي ننڍي محدود دنيا بردوس کنيو عروَت الوثقيٰ جو لنگر سنڀالي، خدا تي توڪل رکي ، هلندو هليو.

 جهاز جي اهڙي هل هلان دؤران، دريءَ مان مُڙي پويان جيڪو ڪجهه هوءَ ڏسي ٿي، ان بابت...  هُن هي ڇا ته، شاهڪار سٽ سرجي ورتي آهي:

·                           جتان جهاز هلندو وڃي، گِجي، ڪپهه جي مَڻن وانگي پکڙي پئي آهي... يا لڳي پيو ڄڻ ڪروڙين هيرا اڇلجو وڃيو پيا  پري پون.

سفر زندگيءَ جو هجي، ريل بس جو، هوائي جهاز يا وري پاڻيءَ جي جهاز جو، هميشه پُرخَطر ئي هوندو آهي. سو اڌ سفر ۾، هنن مسافرن جي، واسوواءَ کي به هڪڙي مقام تي سامونڊي طوفان اوچتو وڪوڙي ٿو وڃي. زندهه دل دلشاد بيگم، اهڙي صورتحال ۾ به، زندگي موت بابت، مالڪ جي وس تي ويساهه رکندي، سفر جي ان اهنج کي به، ڏاڍو سڀاويڪ ٿي وٺي، اهڙي صورتحال کي قلمبند ڪندي هُوءَ لکي ٿي:

·                           جهاز ۾ تيز هوا سبب ان وقت ايترا ته لوڏا  هئا جو اٿڻ ويهڻ جو به حوصلو ڪو نه هو. اهڙي حالت ۾ رات، جيئن تيئن گذري ۽ صبح ٿيو، پر حالتون اڃان به خراب ٿينديون ويون . جهاز ڏيڍ وال کن هيٺ مٿي ٿي، وري رول پيو ڪري. سمنڊ کي گهڻو غصو ٿو ڏسجي. ڇوليون ۽ لهريون ذري گهٽ جهاز جي ڊيڪ تي پهچڻ لاءِ، جدوجهد پيون ڪن. جيڪي ماڻهو (ان وقت) هليا چليا پئي، تن کي به بيلنس سنڀالڻ لاءِ ٽنگون ڦاڙي هلڻو ٿي پيو، يا وري ايئن پئي هليا، جيئنءَ مِينهن ۾ (گپَ مٿان) ماڻهو هلندا آهن.

۽  يارو... عزيزو... پڙهندڙو... اسان جي دلشاد بيگم جي ايران  عراق جي زيارتن وارو هي بَرِي ۽ بحري سفر، بلاآخر پنهجي پڄاڻيءَ  کي اچي پهتو ۽ ان سفر جي پڄاڻي، بهرحال ان ئي هنڌ  اچي  ٿي، جتي ان کي ٿيڻ گهرجي ها. هُوءَ لکي ٿي:

·                           آخر سفيده سحر نمودار ٿيو ۽ رات گذري وئي. خلاصين گوڙ ڪري بندر ڪياماڙي ڪراچيءَ جا آواز بلند ڪيا. ماڻهو ڊوڙي ڊوڙي جهاز جي جنگلي تي ٽُٽڻ لڳا، جيئن ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿي وئي هجي. اندران ٻاهران نڪري، جهاز جي هر طرف ڏسڻ لاءِ پکڙجي ويا. تمام پري کان ڪناري جا موهوم نشان ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا. آخر... نوين بجي (صبح جو) جهاز خدا جي فضل ۽ ڪرم سان، صحيح سلامت اچي، ڪراچي بندر تي لنگر انداز ٿيو.

جهاز جي لنگر انداز ٿيڻ سان، پريان بندر تي بيٺل عزيزن قريبن کي سڃاڻي، هاڻي هُوءَ انهن بابت، جلد از جلد، ڊائريءَ ۾ لکي ٿي:

·                           اسان وارن مان رئيس سڪندر بيگ، فرهاد بيگ (ڀاڻيجو) افضل بيگ، اجمل بيگ (ڀائر) ۽ ٻيا به ٻار ٻچا هئا، جن کي اسان سڃاتو، ڏٺو ۽ خوش ٿياسين، اسين (ان وقت) جهاز تي مٿي ۽ هُو هيٺ بيٺا هئا ۽ خوشيءَ مان سڏَ ڪري، هڪٻئي سان ڳالهايائون به پئي ۽ مزاج پُرسي به پئي ڪيائون ۽ اتان ئي مبارڪباد جا آواز به پئي ڏنائون.

مسافرن جي لهڻ لاءِ، جڏهن واسووا جهاز جا دروازا کولي ٿا ڇڏيا وڃن، ته دروازن کُلڻ ۽ مسافرن جي ٻاهر نڪرڻ جا دلفريب منظر به، دلشاد بيگم ڏاڍي انشاء پردازي سان رقم ڪيا آهن:

·                           جيئن بند ٿيل پڃري جي دروازي کُلڻ سان چِيها  اڏامندا آهن، چشم زدن ۾ جهاز خالي ٿي ويو، نيٺ جهاز تي الوداعي نظر ڦيرائي، اسين به پنهنجن همراهن سان هيـٺ لٿاسين. ڪيئي موٽرون ۽ لاريون بيٺيون هيون. اسان جي  پنهنجِي ۽ فرهاد بيگ جن جي موٽر به موجود هئي. اسين بنا ترسڻ جي موٽرن ۾ چڙهي روانا ٿياسين. ڏينهن ٿڌو ۽ فرحتي هو. رستي تي مِينهن جون بوندون به پيون پي ۽ آلي زمين  مان معلوم ٿيو، ته ڪالهه مِينهُن وٺو هو. رستي تي ٺٽو... مڪلي... جهرڪ... ۽ ميرن جي خاندان جي ڪن فردن جا مقبرا پريان ڏسندي، ڪوٽڙيءَ مان ٿيندا، اسين حيدرآباد... يعني پنهنجي سرزمينِ پيدائش ۾ پهتاسين.

سرزمينِ پيدائش ڏانهن وڌندي، يعني حيدآباد جي حدن ۽ جنم هنڌ ٽنڊي ٺوڙهي ڏانهن ويندڙ رستي ۽ گهرن واري گهٽي ڏانهن مُڙندي، هُوءَ هڪ هڪ شئي جو، بي پناهه حُبَ ۽ سِڪ منجهان اظهار ڪندي ٿي وڃي:

·                           شهر لتاڙي... ويچاري مائي ڦليليءَ جي پُل کي پار ڪري، ٽنڊي ٺوڙهي ۾ داخل ٿياسين ۽ اِن رستي جي خاص نشاني، رئيس علي نواز بيگ (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي تعمير ڪرايل، مسجد شريف کي پريان ئي سلام ڪري، اسين بخير و عافيت پنهنجي ’جاءِ پناهه‘ يعني پنهنجي گهر اندر داخل ٿياسين...

۽ عزيزؤ... پڙهندڙؤ... عزادارؤ...

هن مقدس سفر تان موٽڻ جي، ٺيڪ ڇهن سالن بعد... ان ئي گهر ۽ ان ئي حاويليءَ ۾، افسوس، چوٿين مارچ 1953ع تي، منجهند وقت، اسان جي هن دلشاد بيگم وفات ڪئي ۽ سفرِ آخر تي، روانا ٿي وئي:

رِضاً بقضائه وتسليماً لامره

دلشاد بيگم جي تدفين، بِلند شاهه واري اباڻي قبرستان ۾، سندس  محبوب ورَ ، حيدر قلي بيگ مرزا جي پيراندي کان ڪئي وئي.

۽ عزيزؤ... بِلند شاهه ۾، پڦي دلشاد بيگم جي تُربت تي... فاتح خوانيءَ لاءِ جڏهن جڏهن به هاڻي آءٌ وڃي بيهندو... يا خانداني حاويلين جي مرڪز ۾، هن جي گهرَ ـ ديوار وٽان ڪڏهن جي لنگهندو پيو آهيان ته دل ۾ ضرور پيو سوچندو آهيان ته ويچاري انسان جِي زندگي... هيءَ آخر... آهي ئي ڇا!؟ واريءَ تي لڪير، هوا جو جُهوٽو، جَرَ تي ڦوٽو، گُل جو ٽِڙڻ، گُل جو ڇَڻڻ، سمنڊ جي عارضي لَهرَ... يا رڳو بس هڪ قبرَ!؟

 

زيارتن جي هڪ يادگار تصوير

(ڪربلا معليٰ (عراق ۾) 1947ع)

ڪربلا جا خُدام، منظور علي مرزا (عربي لباس ۾)، غالب اسدبيگ (ڪڇ تي)، نوجوان محبن (علي قلي مرزا)، عبدالله (خدمتگذار)، واجد علي مرزا، انيس بيگم، ذاڪر حسين مرزا، مختيار علي مرزا، اعجاز علي بيگ مرزا ۽ ٻيا.


(1)  هن قافلي جي روانگيءَ جي تاريخ آهي: 17 مئي 1947ع بمطابق 1366هجري.

(1) ناصر علي: ليکڪا جو سڳو پڦاٽ، جيڪو دلشاد بيگم کي سڳيءَ ڀيڻ جو درجو ڏيندو هو.

(2)  منوچهر بيگ مرزا (بارايٽ لا) ليکڪا دلشاد بيگم جو سڳو سئوٽ ۽ قليچ بيگ صاحب جو ڀائيٽو هو. قليچ صاحب پنهنجي 1929ع واري روزنامچي ۾ لکن ٿا: ’30 مئي، مرزا منوچهر بيگ ۽ ٻيا سڀ خير سان ڪربلا جي سفر تان موٽي آيا، ٻنپهرن جو سڀ گڏجي خوش ٿياسين.‘

(1) ڪوئيٽا واري هيءَ ريلوي لائين 1886ع ۾ وڇائي وئي هئي، جنهن جي سروي ٽيم ۾ ’اُمراء جانِ ادا‘ ناول جو مصنف مرزا هادي رُسوا به شامل هو. 31 مئي 1935ع واري ڪوئيٽا جي شديد زلزلي ۾ هِن اسٽيشن جا 154 ڪارڪن دٻجي مري ويا هئا. جن جا نالا اڄ به ريلوي اسٽيشن جي هڪ ديوار تي درج آهن.

(2)  وفات ناهيد، 4 مارچ 1953ع- دلشاد بيگم جي وفات جي به اها ئي تاريخ ۽ سال آهي. قدرت جي عجب ستم ظريفي ڏسو، جو ليکڪا ان وقت اهو ڪٿي ڄاتو هوندو ته هنن ٻنهي جي وفات جي تاريخ به هڪڙي ئي هوندي ۽ هُو ساڳئي ئي ڏينهن ساڳي ئي زمين ۾ هڪ ٻئي جي ڀر سان سپردِ خاڪ ٿينديون.

(3)  ڪوئيٽا کان زاهدان تائين اِهو ساڍن ستن سؤ ڪلوميٽرن جو ريلوي ٽريڪ وڇايل آهي ۽ هيءَ ريلوي لائين، پهرين مهاڀاري جنگ وارن ڏينهن جي يادگار آهي. ان ٽريڪ کان پهرين ڪوئيٽا کان زاهدان، ماڻهو، اُٺن تي سوار ٿي ويندا هئا ۽ اهڙا ٽي هزار اُٺ اُتي ڪرائي تي هر وقت ميسر هوندا هئا. چون ٿا اُن زماني ۾ پوءِ ڪا اهڙي بيماري پئي جو اُهي سڀ جا سڀ اُٺ رستي ۾ مرندا ويا ۽ جن بابت پوءِ ماڻهو چوندا هئا ته، هاڻي جي ڪنهن مسافر کي ايران وڃڻو هجي ته، مئل اُٺن جي ڍانچن تي پيرَ رکي ٻرانگهون ڀري هُو ايران پهچي سگهي ٿو.

(1)  وفات حيدر قلي فرزند صادق علي مرزا، 1946ع.

(2) ان وقت جيڪي ننڍڙا ٻار اتي هئا، انهن جا نالا ۽ عمريون هن ريت هيون: مختيار اسد بيگ - عمر 5 سال، اعجاز اسد بيگ - عمر 3 سال، منوچهر (مَنو مرزا) عمر 9 مهينا، غالب اسد بيگ مرزا- عمر 8 مهينا.

(3)  دلشاد بيگم پنهنجي دلچسپ اسلوب ۾، رڳو هي انگريزي لفظ (1947ع ۾) فيملي ئي نه ٻيا لفظ به عام جام استعمال ڪيا آهن، مثال طور؛ ايسوسيئيشن، ايڪسڪرشن، پڪنڪ ۽ ڪٽلس وغيره وغيره.

(1) ولادت امام رضا عه 10 ذوالقعد 765ع، هنڌ: مدينو شريف، حيات الدنيا: 55 سال، شهادت: 23 ذوالقعد، مرقد: مشهد مقدس.

(2) رئيسن: رئيس مرزا علي حسين بيگ پڳدار مرزا خسرو بيگ، خان بهادر سڪندر بيگ مرزا، مرزا قنبر علي حيدري ۽ ٻيا رئيسَ.

(1)  خاڪِ شفا: ميدانِ ڪربلا جي مقدس مِٽي، جنهن لاءِ مخدوم طالب الموليٰ فرمايو:

جتان جي خاڪ ٿي خاڪِ شفا، اي طالب الموليٰ،

اها دنيا مان هڪڙي سرزمين ڪربلا نڪتي.

 

(1)  ولادت امام موسيٰ ڪاظم عه 7 صفر 128هه. ولادت جو هنڌ: مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ هڪ مقدس مَقام. کين هارون رشيد زهر ڏياريو. 25 رجب 183 هه تي شهادت ماڻيائون.

(1)  ڪاظمين (بغداد) ستين امام مؤلا موسيٰ ڪاظم عليه السلام ۽ نائين امام مؤليٰ محمد تقي عليه السلام جون مزارون مبارڪ آهن۽ ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي تربتون هڪ ئي مقبري ۾ آهن، ان نسبت سان هن علائقي کي ڪاظمين جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.

(2)  سياح ابنِ بطوطه پنهنجي جڳ مشهور سفرنامي ۾ ساڍا ڇهه سؤ سال اڳ لکيو هو ، ’هي اُهو ئي هنڌ آهي جتان هڪ روايت مطابق شيعن  جو آخري امام... امام مهدي هادي قائمِ آلِ محمد ﷺ غيب ۾ هليو ويو هو.‘ روايت هيءَ به آهي ته، روز شام جو شيعانِ علي اُتي گڏ ٿي آهه و بقا ڪندا ۽ چوندا آهن اُخرج يا صاحب الزمان... اُخرج يا قائم المنتظر (ظاهر ٿيو اي زماني جا امام... منتظر آهيون اسين توهان جا...)

(3) شهادت حضرت مسلم بن عقيلؓ 8 ذوالحج 60هه بمطابق 10 سيپٽمبر 680ع، هنڌ: ڪوفه. هن شهادت کان ٺيڪ هڪ مهينو بعد 10 آڪٽوبر 680ع تي امام حسين عه شهادت جي منصب تي فائز ٿيا.

(1)  قره العين حيدر لکيو آهي: لڙڪن جو هيءُ فرات، چوڏهن سؤ سالن کان وَهندو اچي ۽ سڄي دنيا ۾ وِکريل ’غلامانِ اهل بيت اطهار‘ مجلسن ۾ يادِ امامِ ۾ ائين گِريو ڪندا ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئندا آهن، ڄڻ ڪربلا جو سانحو اڃا اڄ ئي رونما ٿيو آهي. ان ئي فرات نديءَ بابت مير انيس لکيو هو:

پياسي جو تھي سپاهه خدا تين رات ڪي،

ساحل سڳ سر ڀٽڪتي تھين موجين فرات ڪي.

(2)  ولادت: شهزاده علي اصغر معصوم 10 رجب 60هه بمطابق 15 اپريل 680ع هنڌ مدينو: والده: بيبي اُمِ رباب.

(1)  حُر: حُر جي لفظي معنيٰ آهي، ’آزاد‘ ڪربلا جي هن پهرئين شهيد امام حُسين عليه السلام جي هنج ۾ پويان پساهه کنيا هئا. مير انيس جو خيال آهي ته، موليٰ حُسين جي هنج ۾ حُر پڪ سان ته ههڙا ئي لفظ کين مخاطب ٿي چيا هوندا:

ڪُوچ نزديڪ هڳ، اڳ بادشهِه عرشِ نشيڻ،

ليجئڳ تن سڳ نڪلتي هڳ، ميري جانِ حزيڻ،

بات اب تو زباڻ سڳ نهيڻ ڪي جاتي هڳ،

ڪچھه اُڙھا ديجئڳ مؤليٰ، مجھڳ نيند آتي هڳ.

(1) ڪوفه: نهايت اذيت جهڙو لفظ آهي. هتان جي زمين ريتيءَ جهڙي ۽ پٿرائين آهي، انهيءَ ڪري اُن کي ڪوفو سڏيو وڃي ٿو. درياء فرات هتان کان صرف ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي وهي ٿو. 36هه ۾ شام جي گورنر، صوبي جي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ته، مڪي ۽ مديني تي حملا آور ٿيڻ جي انديشي سبب حضرت علي عه پاران ڪوفي کي اسلامي سلطنت جو دارالخلافه بنايو ويو. 22هين رجب 60 هه تي امير معاويه جي مرڻ ۽ 25هين رجب 60هه تي يزيد جي تخت نشينيءَ بعد امام حُسين عه کان بيعت جو مطالبو دمشق مان اُڀريو. يزيد جي بيعت واري مطالبي ۽ ڪوفي جي گورنر ابنِ زياد جي ظلمن سبب نيٺ ڪربلا جو سانحو رونما ٿيو. هيءُ ئي اُهو شهر آهي جنهن جي مسجدِ ڪوفه ۾ 19هين رمضان 40هه تي موليٰ علي سائين پنهنجي زندگيءَ جي آخري نماز ادا ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com