سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2010ع

مضمون

صفحو :4

روبينه ابڙو

   سچ ڀٽائيءَ جو تنبورو...

سچ تتل ٿر- واريءَ جهڙو،
جنهن تي هلندي پير سڙن ٿا،
پوءِ به زوران زور کڄن ٿا.

سچ ته ”شاهه عنايت“ جهڙو،
جهوڪَ اندر جهونجهار ڏٺوسين،
صوفين جو سردار ڏٺوسين.

سچ ته پاڻ ”بلاول“ آهي،
وَرُ وَرُ جو ورجايو ويندو،
گهاڻي ۾ پيڙايو ويندو.
 

سچ ڀٽائيءَ جو تنبورو،
جنهن مان سُرَ سوين نڪرن ٿا،
سنڌ سموريءَ ۾ پکڙن ٿا.

سچ ته سچل جي سرمستي،
ماٺ ٿيئي تان مشرڪ ڀانئين،
ڪُڇي تان ڪافر سڏرائي.

سچ قلندر جو مي رقصم،
ڌرتي ۽ آڪاس ڀي رقصان،
عام هجي يا خاص ڀي رقصان.
 

سچ ته ”مائي بختاور“ جان،
جنهن کي ٻڌندي هنيانوَ ڪنبن ٿا،
وڏ ڌڻين جا ڪنڌ جهڪن ٿا.

سچ ”ڪَنور“ جي لوليءَ جهڙو،
گونجي گهٽي گهٽي هر گام،
جنهن ۾ الله، ايشور، رام.

سچ ”ڀُٽي“ جي ڦاهيءَ جهڙو،
سارا آمر ڀُڻ ڀُڻ ڪن ٿا،
جلادن جا هٿ ڏڪن ٿا.
 

سچ ”عباسيءَ“ جي مُک جهڙو،
ڳاڙهو گل گلاب ڏٺوسين،
موت مهانگو خواب ڏٺوسين.
 

سچ ته ”سيد“ جي سمجهاڻي،
آجپو ايمان اسان جو،
”سنڌ پرستي“ شان اسان جو.

سچ ته ”بگٽيءَ“ تي بمباري،
آمر جا ايوان ڌڏن ٿا،
ڀاري ڀاري بُرج لڏن ٿا.

سچ ته بلڪل بينظير،
ڪاري اُڀ ۾ تاري وانگي،
اناالحق جي نعري وانگي.

سچ ته ”سوڀي“ جي اَرڏائي،
عشق اٽلتا ساڻ هلن ٿا،
دنيا سان جي ڪين ٺهن ٿا.

سچ ته ”نانگن“ جي ٻِرَ جهڙو،
جيڪو هٿ ڏنگائڻ ايندو،
سوئي نينهن نڀائڻ ايندو.

هر ڪنهن واري تي ڀوڳيو آ،
پر ڇا سڀني هي سوچيو آ؟
”ڪنهن سان تن جي ياري آهي.“

سچ وڏو ڏوهاري آهي،
سچ وڏو ڏوهاري آهي.
 

بشير سيتائي

غزل

تنهنجي نيڻن جا ڏسندي ميخانا،

ميڪدن جا ڀڳاسين پيمانا.

 

مقتلن جي نه ڪن ٿا ڪا پرواهه،

مُرڪندا ٿا وڃن هي مستانا.

 

ماٺ ۽ مصلحتن جي موسم ۾،

سچ چوندا رهن ٿا ديوانا.

 

حسن تنهنجو حقيقت آ جانان!

باقي قصا، هي ڪوڙا افسانا.

 

دل ته دل ساڻ اعتراف ڪيو،

مون چيو ”ها ها“، تو چيو ”نا نا“.

 

پنهنجي اندر ۾ انجمن آهيون،

پل ۾ آباد، پل ۾ ويرانا.

 

سچ پڇين، اي ”بشير سيتائي“،

پاڻ ئي پاڻ کان هون بيگانا.

 

غزل

 

ڇا خبر هئي ته ائين به ٿي ويندو،

ويندي ويندي دلين جو هڪ سودو.

 

اپسرائن جي ديس مان آيل،

تو غريبن سان ڪيئن رکيو رشتو.

 

يا ته باذوق آ نظر منهنجي،

يا رکيل تو ۾ آ اُهو جلوو.

 

آهي بي انت سحرا سورن جو،

ڪيڏو دشوار عشق جو رستو.

 

زندگي! توسان ڪيئن نڀايان مان،

هر گهڙي جِتِ آ موت سان ميلو.

 

غير موزون شعر آ جيون،

نه رديف آ، نه جنهن جو آ قافيو.

 

آزمائش جو وقت آهي ”بشير“،

تون به ٿي اڄُ ته گهوٽُ گهاڻي جو.

 

رخسانه “پريت”

غزل

هيءَ جا گذاريون ٿا، سا زندگي نه ٿي لڳي،

هلئون ته پيرن هيٺان ڪا ڌرتي نه ٿي لڳي.

هرڪوئي آ سفر ۾ پر منزل نه ٿي لڀي،

ڇا لاءِ جو ڪوشش ڪا باهمي نه ٿي لڳي.

بک، درد جا احساس ڪئي ان ۾ پيا ٻڙڪن،

ڏاڍو اڀامي جا ڪُني سکڻي نه ٿي لڳي.

هٿ، هٿ ۾ مگر دل جا ها رستا جدا جدا،

ڪو ٻيوئي نانءُ ڏيوس، دل لڳي نه ٿي لڳي.

جڏهن کان دوستن به آ تنها ڇڏي ڏنو،

تڏهن کان تنهائي به اوپري نه ٿي لڳي.

ڪا سوچ، لوڇ ۽ ڪوئي، احساس هو لکيو،

ڀل چؤ اوهين مون کي ته شاعري نه ٿي لڳي.

نه ياد ٿو ڪري ڪوئي، اک ڀي نه ٿي ڦَري،

سِڪ پنهنجي، ڪنهن کي اڄ ڇو ايتري نه ٿي لڳي.

غزل

ناهن دل جا ڦول کڙيا جي، ڇا ٿي پيو!؟

سارا رشتا سرد مليا جي، ڇا ٿي پيو؟

دل ۾ هر دم نينهن جو نغمو گونجي پيو،

وسريا سڀ آلاپ ٻيا جي، ڇا ٿي پيو!؟

دل جي جئاني، عُمريون ڪونه کسي سگهنديون،

چاندي چاندي وار ٿيا جي، ڇا ٿي پيو!

پيار ۾ هو، مدهوش سراپا ڏسجي پيو،

پنهنجا ڀي ڪجهه پير ٿڙيا جي، ڇا ٿي پيو؟

هُن جي گهر ڏانهن ويندڙ رستو ياد رهي،

سارا ٻيا رستا وسريا جي، ڇا ٿي پيو؟

روح ته هن جو آهه اڪيلو صدين کان،

هٿ ۾ هٿ هي کوڙ مليا جي ڇا ٿي پيو؟

سمجهه، عقل ڀي، ڀلجي هن ڪاٿي ويندا،

پنهنجا گر ڪجهه خواب ڀُليا جي، ڇا ٿي پيو!

هڪ پل مون کي ڀانءِ، سجايو ٿئي جيون،

سارا پل پو يار ڇڻيا جي، ڇا ٿي پيو!

”پريت“ اسان جا گيت گلابي رهڻا هن،

رنگ نه جيون منجهه ڀريا جي، ڇا ٿي پيو!؟

محبوب ڀٽي

غزل

شايد ڪوئي در تي آهي،
واس وسِي پيو گهر تي آهي.

جنهن جو پير ابر تي آهي،
ڪرندو نيٺ قبر تي آهي.

قاتل آخر سامهون ايندو،
نانءُ لکيل خنجر تي آهي.

جهيڙو سارو زر تي آهي،
بانور هٿ جي مر تي آهي.

سِيرَ ٽپي آ مون هيءُ ڄاتو،
خطرو صرف ڪپر تي آهي.
 
ڪوڙ ۾ ڪهڙي طاقت آهي،
ريت وڇايل جر تي آهي.

جيئرا ماڻهو فٽ پاٿن تي،
ڪيڏو محل قبر تي آهي.

 

غزل

 

ٻار ڪو اهڙو مچ،
وگهري من جو ڪچ.

ڪوڙ ڪروڌي آهي،
سندرتا هڪ سچ.

ڪوبه نه تنهنجو دشمن،
پنهنجو پاڻ کان بچ.

دنيا جي هيءَ دولت،
پاڻيءَ ۾ جيئن گچ.

منهنجي من ۾ اوندهه،
چانڊوڪي ٿي اچ.

اگر قلندر آهين،
ٽانڊن تي تون نچ.

سبق نه ڪوئي ورتم،
عمر گذاريم ڳچ.
 

ابرار ابڙو

غزل

جهان جو قصو قصو شمار ۾ کڻي هلو،

ڪڏهن ته جستجو اوهان به پيار ۾ کڻي هلو.

ڪيو دلين ۾ سوجهرو، ڪيو اکين ۾ روشني،

ڪڏهن ٻه چار پل اسان کي سار ۾ کڻي هلو.

ڇڏي نه ڏيو، پري نه ڪيو، اسان کي ويجهڙو رکو،

سدا اسان جي نينهن کي نهار ۾ کڻي هلو.

وجود هيکلو کڻي ڪٿي وڃائجي نه پَئو،

سرور، ساٿ جو نشو سنوار ۾ کڻي هلو.

اسان جو روح قيد آ، اسان جو جسم قيد آ،

اُڏو ته پو اسان کي به اُڏار ۾ کڻي هلو.

غزل

 

نه مون ڪٿي اکيون رکيون، نه مون ڪٿي بدن رکيو،

اکين ۾ جستجو رکي، وفا رکي، وچن رکيو.

اصول هو ته عاشقي ڪڏهن اداس ڪين ٿئي،

محبتن ۾ دوستو! اسان هٿن تي من رکيو.

زمين، آسمان جون حدون ڳنڍي ڇڏيون اسان،

اُڃايلن اکين مٿان اسان سدا وطن رکيو.

مٽي مٽيءَ سان ملي، هڳاءُ ٿي هوا گهُلي،

سرور ۽ سرير تي گُلن سندو صحن رکيو.

جمال ماڳ کي مليو، ڪمال ڀاڳ کي مليو،

نه ذهن کي ڳرو رکيو، نه وقت تي وزن رکيو!

مفتون ڪورائي

نـــظــــم

کٽي کٽي ٿڪيون اکيون، ثواب انتظار جا،

نه ڏي لذيذ ايترا، عذاب انتظار جا.

 

هيءُ ٻانهون ڀاڪرن بنا، ٻُٽيون ٻُسيون، سُڃيون لڳن،

بسنت رُت جون راتڙيون، رُکيون، بُکيون، اُڃيون لڳن،

ڏٺا سَٺا نه ٿا ٿين، هي خواب انتظار جا.

 

گم حواس ۽ رُٺل، ڀنل اکين جون ماڻڪيون،

سڪون ۽ قرار جون، گهڙيون به اڄ اُٻاڻڪيون،

چُڀن ڪنڊن جيئان پيا، گلاب انتظار جا.

 

اڻ ڏٺل لڳن پيون، ڳليون به آسپاس جون،

ڀڄي ڀري پيون نفيس، حسرتون حساب جون،

ڳلي ڳلي سُرن پيا، سراب انتظار جا.

 

اڌ کليل کڻو اکيون، کُلن اکيون بهار جون،

ڀري نظر اگر کڻو، بَٺيون چڙهن خمار جون،

بنا پِئي نشا پتا، شراب انتظار جا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com