ارنيسٽ هيمنگوي
ڪهاڻي
سنڌيڪار: پروفيسر سليم سهتو
پُل
تي ويٺل پوڙهو
هڪ پوڙهو، جنهن کي لوهه جي ڪمانين واري عينڪ ۽ ڌوڙ
ٿيل ميرا ڪپڙا پهريل هئا، روڊ جي ڪناري ويٺل هو.
درياء تي ٻيڙين جي هڪ پُل ٺهيل هئي، جنهن تان
گاڏيون، ٽرڪون، مرد، عورتون ۽ ٻار اچي وڃي رهيا
هئا. بگيون پُل تان لڏنديون لمنديون درياء جي
لاهيءَ واري ڪناري تي چڙهيون پئي ته سپاهي ڦيٿن تي
زور لڳائي، سندن مدد ڪندا ٿي رهيا. ٽرڪون گوڙ
ڪنديون مٿاهينءَ تي چڙهي ان پيهه مان نڪرنديون ٿي
ويون ۽ هاري مُرن تائين ڌُڌِڙ ۾ پنڌ هلندا پئي
ويا، پر پوڙهو اُتي ئي گم سُم ويٺو رهيو. هو ايترو
ته ٿڪجي چڪو هو جو هاڻي ان جي لاءِ اڳتي وڌڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿي پيو هو.
مون کي پُل پار ڪري مورچي جو معائنو ڪرڻو هو ۽ اهو
ڏسڻو هو ته دشمن جي فوج ڪيترو وڌي چڪي آهي،
تنهنڪري مان اُهو ڪم اُڪلائي پُل تان واپس موٽي
آيس. هاڻي ڪي پانڌيئڙا ۽ گاڏيون ٿوريون رهجي ويون
هيون، پر پوڙهو اڃا تائين اُتي ويٺل هو.
”تون ڪٿان کان پيو اچين؟“ مون کانئس پڇيو.
”سان ڪارلوس کان.“ هن کلندي جواب ڏنو. اُهو هن جو
وطن هو، وطن جو نالو وٺندي هن کي خوشي محسوس پئي
ٿي ۽ کلي ڏنائين.
”مان جانورن جي رکوالي ڪندو هوس.“ هن ٻڌايو.
”يعني؟“ مان هن جي ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهي ڪين
سگهيس.
”ها… ۽ مان اُتي ئي ٽڪيل رهيس ۽ پنهنجي جانورن جي
سارسنڀال ڪندو رهيس.
’سان ڪارلوس‘ جي سڄي ٻهراڙي خالي ٿي وئي هئي پر
مان اڪيلو اُتي ترسيل رهيس.“
هو نه ٻڪرار پئي لڳو ۽ نه ئي ڌنار. مون ان جي
مٽيءَ سان لٽيل ڪارن ڪپڙن، مِٽي هڻي منهن ۽ لوهه
جي ڪمانين واري عينڪ کي چِتائي ڏٺو ۽ چيو: ”تو
ڪهڙا جانور ڌاريا هئا؟“
”طرحين طرحين جانور.“ هن جواب ڏنو ۽ ڏاڍي افسوس
سان مٿو ڌوڻي وڌيڪ چوڻ لڳو: ”مون کي اُهي سڀ ڇڏڻا
پيا.“
منهنجو ڌيان پُل جي طرف هو، ايبرو ڊيلٽا جي ان
سرزمين ڏانهن جيڪا آفريقا سان مشابهت رکندڙ هئي ۽
ان ڳالهه جو منتظر هيس ته جنگ جو اشارو ڪڏهن ٿو
نظر اچي ۽ انهن آوازن جي انتظار ۾ هيس، جيڪي ڳُجهن
سان ڀريل واقعي جي اڳڪٿي ڪندڙ ٿيندا آهن. جنهن کي
فوجن جو پاڻ ۾ ٽڪرائڻ چوندا آهن. پر پوڙهو اڃا
تائين اُتي ويٺل هو.
”اُهي ڪهڙا جانور هئا، پوڙها؟“ مون پڇيو.
”ڪل ملائي ٽي هئا.“
هن وڌيڪ ٻڌايو: ”ٻه ٻڪريون ۽ هڪ ٻلي. تنهن
کانسواءِ چار جوڙا ڪبوترن جا به هئا.“
”۽ توکي اِهي سڀ ڇڏڻا پيا؟“ مون پڇيو.
”ها، توبخاني جي هئڻ سبب ڪپتان مون کي اُتان ڪڍي
ڇڏيو.“
”تنهنجو ڪٽنب ته نه آهي پوڙها؟“ مون پُل جي ٻئي
ڇيڙي تي آخري ڪجهه گاڏين کي بند تان لهندي، ڏسي
چيو.
”نه، رڳو اهي جانور هئا، جيڪي مون ڌاريا هئا.
ٻليءَ جو ته مون کي ايترو اونو نه آهي، ٻلي ته
پنهنجو انتظام پاڻ ڪري وٺندي، پر ٻين جو ڇا
ٿيندو؟“
”تنهنجا سياسي ويچار ڪهڙا آهن؟“
”مان ته سياست ڄاڻان ئي ڪونه ٿو.“ هن جواب ڏنو.
”منهنجي عمر ڇاهتر سال آهي، مان ٻارنهن ڪوهه پنڌ
ڪري آيو آهيان ۽ منهنجو خيال آهي ته هاڻي مان هڪ
قدم به اڳتي نٿو وڌي سگهان.“
”ترسڻ لاءِ هيءَ جاءِ مناسب ڪونهي.“ مون کيس
ٻڌايو:
”جيڪڏهن تون وڃين سگهين ته هن روڊ کان اڳ جتي
ٽارٽوزا ڏانهن دڳ نڪري ٿو، ٽرڪون هلي رهيون آهن.“
”مان ٿوري ساهي پٽي وٺان“. هن چيو.
”۽ پوءِ هليو ويندس. ٽرڪون ڪيڏانهن وڃن ٿيون؟“
”بار سيلونا ڏانهن.“ مون کيس ٻڌايو.
”اُن پاسي ته منهنجو ڪوبه واقفڪار ڪونهي، پر
تنهنجي وڏي وڏي مهرباني، تنهنجي وڏي وڏي مهرباني…“
هن ٿڪل ۽ خالي نگاهن سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ
اهڙيءَ ريت جيئن هو ڪنهن نه ڪنهن کي پنهنجين
پريشانين جو ساٿي بنائڻ چاهيندو هجي، چيائين:
”ٻليءَ جي باري ۾ مون کي ڪا پريشاني ڪانهي، پر ٻين
جو ڇا ٿيندو، ٻين جي باري ۾ تنهنجو ڪهڙو خيال
آهي؟“
”منهنجو خيال آهي ته انهن جو به ڪجهه نه ڪجهه
انتظام ٿي ويندو.“
”ڇا تنهنجو اهڙو خيال آهي؟“
”ها، ڇونه؟“ مون درياء جي ٻئي ڪناري ڏانهن ڏسندي
چيو، جتي هاڻي ڪابه گاڏي نظر نه پئي آئي.
”پر هو توبخاني جي هوندي ڇا ڪري سگهندا. مون کي به
ته هنن توبخاني جي ڪري ڪڍي ڇڏيو آهي؟“
”تو ڪبوترن کي کولي ته ڇڏيو هو نه؟“
”ها“.
”ته پوءِ اُهي اُڏامي ويندا.“
”ها اُهي ته اُڏامي ويندا پر باقي. باقين جي باري
۾ ته مان سوچي به نٿو سگهان.“ هن ڏاڍي بيچينيءَ
سان چيو.
”جيڪڏهن تو ساهه پٽي ورتو آهي ته هاڻي هليو وڃ.“
مون زور ڀريو.
”ٿورو اُٿ ۽ همت ڪر.“
”مهرباني.“ چئي، هو اُٿي بيٺو پر ساڄي کاٻي لڏڻ
لڳو ۽ پوءِ انهيءَ ڌوڙ ۾ ويهي رهيو. ”مان جانورن
کي پالي رهيو هيس.“
مان هن جي لاءِ ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيس. اهو
ايسٽر جو ڏينهن هو ۽ فسطائي ايبرو ڏانهن وڌندا پئي
آيا. ان ڏينهن هوا ۾ ڌوڙ هئي ۽ ڪڪرنميل هئا،
تنهنڪري سندن هوائي جهازن حملو نه ڪيو هو. اِها
پوڙهي جي لاءِ خوش قسمتيءَ جي ڳالهه هئي.
ها، ان کان سواءِ هڪ ٻئي ڳالهه به ته ٻليون ڪنهن
نه ڪنهن ريت پنهنجو انتظام پاڻ ڪري وٺنديون آهن ۽
بس.
شرون ڪمار ورما
ڪهاڻي
شگفته شاهه
سانت جو دائرو
رجني رميش جي ڀرمان جُتيءَ سان کٽ کٽ ڪندي غسل
خاني ڏانهن هلي وئي. اندر وڃي هن ٺڪاءَ سان دروازو
بند ڪيو. هڪ لمحي لاءِ رميش ڄڻ موڳو بنجي ويو ۽
پوءِ غسل خاني جي ويجهو وڃي زور سان چوڻ لڳو:
”ٿڌي پاڻيءَ سان نه وهنج، آءٌ پاڻي گرم ڪري ٿو
اچان، اڄ ڏاڍو سيءُ آهي.“
جواب ۾ رجني سڄو نل کولي ڇڏيو، رميش مٿي کي هلڪو
جهٽڪو ڏنو ۽ اندر اچي آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.
هو رجنيءَ بابت سوچڻ لڳو. کيس رکي رکي اهو خيال ٿي
آيو ته رجني ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجي رهي هئي، سو به
ايڏي سيءَ ۾. سامهون قالين تي ڪڪو پنهنجي چاٻي
واري ريل سان راند ڪري رهيو هو. ريل پٽڙيءَ جي
ساڳئي چڪر ۾ ڊوڙي رهي هئي. ٿوري دير کان پوءِ رجني
وهنجي نڪتي ۽ هڪ ٻانهن تي پسيل ڪپڙا سنڀاليندي
اندر آئي. ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي هن زوردار ڇڪ ڏني،
رميش ڇرڪي پيو.
”ڏٺئي، ٿڌ لڳي ويئي نه.“ هن چيو: تون اصل ڳالهه
مڃيندينءَ ئي نه، بس ٻارن وانگر ضد پئي ڪندينءَ.“
هن اڳتي وڌي پُسيل ڪپڙا سندس هٿ مان ورتا. رجني
جواب ڏيڻ لاءِ چپ چوريا ئي ٿي ته ٻي ڇِڪ آيس… پوءِ
ٽين ۽ وري چوٿين. رميش ڪپڙا ڪرسي تي اُڇلي تيزيءَ
سان پوئين ڪمري ۾ ويو ۽ رجنيءَ جي گرم شال کڻي
آيو:
”اچي هيءَ ويڙهي ڇڏ.“ هن شال سندس ڪلهن تي وجهندي
چيو. ”زڪام جون ٻه گوريون گرم گرم چانهه سان کائي
ڇڏ، هتي ڪٻٽ ۾ رکيون آهن.“
”نه… اهڙي ڪهڙي مصيبت اچي پئي آهي.“ رجني جواب
ڏنو. سندس دل ۾ پنهنجي نيڪ ۽ معصوم گهر واريءَ
لاءِ پيار اوتجي آيو. هن ٽيڏي نظرن سان رميش طرف
ڏٺو ۽ مسڪرايو.
”اندر وڃي ڪپڙا بدلاءِ، سيءُ وڌيڪ آهي.“ رميش
ڪرسيءَ تان آلا ڪپڙا کنيا ۽ ڇت تي سڪائڻ لاءِ هليو
ويو.
رجني ڪاوڙ مان شالَ لاهي اُڇلائي ۽ پوئين ڪمري ۾
هلي وئي. رميش هيٺ آيو ته شال کي قالين تي پيل ڏسي
حيران ٿي ويو. هن پوئين ڪمري طرف ڏٺو. دروازو بند
هو. هن ائين ئي ڪڪوءَ طرف ڏٺو ۽ سوچيو ته ٻار جا
ڪپڙا مٽائي ڇڏي. هو کيس هٿ منهن ڌئارڻ لاءِ غسل
خاني وٺي ويو ۽ واپس آڻي کيس ڪپڙا پارائڻ لڳو. هو
اڃا کيس جوتا پارائي رهيو هو ته رجني اچي وئي ۽
رميش جي هٿ مان جوتا کسي پاڻ کيس پارائڻ لڳي.
”ايڏي تڪڙ ڇا جي هئي.“ هن چيو ۽ پوءِ ڪڪوءَ کي چوڻ
لڳي:
”ڪڪو! ڊيڊي کي چؤ، ريڊيو تي ڪرڪيٽ مئچ جي ڪامينٽري
ٻُڌنِ، ڪپڙا اسان کي ممي پارائيندي.“ هن پيار مان
ٻار جي نراڙ کي چميو، کيس وري ڇِڪ اچي وئي.
”آءٌ چوان ٿو ته تون ڪنبل ويڙهي سمهي پؤ، ٿڌ جو
اثر ٿي پيو ته؟ بگڙيل زڪام تمام خراب هوندو آهي.“
رميش پيار ۽ نرميءَ مان چيو:
”ماسي کي جو نمونيا ٿي پيو هو ۽ چاچيءَ جي ننهن جو
زڪام ئي ته بگڙيو هو، تون سمجهين ڇو نٿي؟“
”آءٌ ڪانه ٿي مران“، رجني ڪجهه تکو ٿي چيو: ”تون
ته عورتن کان به وڌيڪ آهين.“
هن اٿندي چيو: ”هلو، تيار ٿي وٺو، آءٌ چانهه ٺاهي
ٿي اچان.“ هوءَ رڌڻي ڏانهن هلي وئي.
رميش کي اوچتو احساس ٿيو ته رجني ناراض ٿي وئي
آهي، کيس ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇا ٿي ويندو آهي؟ هن
سوچيو، کيس رجنيءَ سان بيحد محبت هئي، سندس دل ۾
ڪڏهن به ٻي عورت جو خيال نه آيو هو. شاديءَ کان اڳ
ئي هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته سندس تمام تر محبت،
خلوص ۽ توجهه، فقط سندس ٿيڻ واري زال لاءِ آهي.
سندس دوست جڏهن داغ جا گرما گرم شعر پڙهندا هئا ۽
عشق ڪندا هئا، تنهن مهل هو پنهنجي ٿيڻ واري زال کي
خوش ڪرڻ جي طريقن بابت غور ڪندو هو ۽ دوست مٿس
ٺٺولي ڪري چوندا هئا: ”تمام حق، زال جي حق ۾
محفوظ.“
هو رجنيءَ کي ناراض ڪري نه سگهندو هو. کيس ”شادي
شده زندگي“ نالي ڪتاب جا هي لفظ ياد اچي ويا:
”زال جيڪڏهن ناراض ٿئي ته کيس نظرانداز نه ڪريو.“
هو سندس پويان رڌڻي ۾ هليو ويو. رجني چپن ۾ گيت
ڳائيندي ڪم ۾ مصروف هئي. رميش کن پل لاءِ چانئٺ تي
بيٺو رهيو ۽ پوءِ آهستي چيائين: ”ناراض ٿي وئينءَ
رجني؟“
رجني ڇرڪجي وئي، ڀلا ڪهڙي ڳالهه ٿي. ناراضگي ڪڏهن
ٿي هئي؟ آخر کين منهنجي ناراضگيءَ جي بوءِ ڪٿان ٿي
اچي؟ ۽ کيس ڪاوڙ اچڻ لڳي. کيس رميش جي انهن ڳالهين
تي ئي ڪاوڙ ايندي هئي. سندس دل چيو ته ڪِٽلي زمين
تي اُڇلائي هڻي، ۽ رميش سان جهيڙو ڪرڻ شروع ڪري،
کيس دل تي ستائي، گهر ۾ هل بکيڙو ڪري… پر هوءَ
خاموش بيٺي کيس ڏسندي رهي ڇو ته رميش اهو سڀڪجهه
به خاموشيءَ سان برداشت ڪري وڃي ها. هو ان ئي طرح
چانئٺ پڪڙيو بيٺو رهندو. نه کيس ڪاوڙ ايندي، نه هو
رڙيون ڪري ڳالهائيندو نه جهيڙو ڪندو، بس مظلوم
بڻيو ٻڌندو رهندو ۽ جڏهن هوءَ ڳالهائي ڳالهائي
ٿڪجي پوندي ته هو ڌيرج سان چوندو:
”پوءِ چوندي آهين؟ مٿي ۾ سور آهي.“ ۽ هوءَ خاموش
ٿي ويندي، ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿيندو.
”هل، اندر هلي ويهه، آءٌ چانهه ٺاهي کڻي ٿي اچان.“
”ناراض ته نه آهين نه؟“ هن پڇيو ته هوءَ کل روڪي
نه سگهي، رميش معصوميت سان موٽي آيو.
هو چانهه پِي رهيو هو ته پاڙي واري مسز اُپما سوري
اچي وئي، هو پريشان ۽ گهٻرايل هئي، سندس هڪ هٿ ۾
کاڌي جو ٿانءُ هو ۽ ٻي ۾ مرداڻو ڪوٽ. هوءَ سڌي
رجني وٽ اچي ويٺي.
”ڇا ڳالهه آهي؟ ايڏي گهٻرايل ڇو آهين؟“ رجني هن کي
ڏسندي چيو.
”هو مون سان جهيڙو ڪري کائڻ پيئڻ کان سواءِ ئي
دفتر هلي ويو ۽ چئي ويو آهي ته رات جو گهر نه
ايندس.“ اُپما جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون،.
”ڇو؟“ رجني اڦراٽو تئي تي وجهندي چيو.
”ڪا ڳالهه هجي ته ٻڌايان.“ اُپما اکيون اُگهيون.
”ڪالهه ٽائيون ۽ سوٽ پريس ڪرڻ لاءِ چئي ويا هئا،
آءٌ نٽائي ويس، بس پوءِ ته صبح جو ئي جهيڙو ڪرڻ
لڳا ۽ چانهه داني ٽوڙي ڇڏيائين ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ
بنا دفتر هليا ويا، ڪوٽ به نه پائي ويا، اڄ ايڏو
سيءُ آهي.“
”سري به ڄڻ ٻار آهي.“ رميش چيو: ”اجايو زال تي رعب
ڪندو آهي، بيوقوف، پاڻ ئي پريس ڪري وٺي ها، زال
نوڪرياڻي ته ڪانه آهي.“
”ڪوٽ ۽ ماني دفتر موڪلڻي آهي نه؟“ رجني گهر واري
جي ڳالهه کي لنوائيندي چيو: ”ڏئي وڃ، هي کڻي
ويندا.“
”آءٌ سوچيان پئي ته پاڻ ئي هلي وڃان نه ته هو ماني
نه کائيندا.“ اُپما جواب ڏنو.
”اهو ته عورت ذات تي سراسر ظلم آهي، ماءُ، پيءُ،
ڀاءُ ۽ مڙس، سڀ هن ويچاريءَ تي حڪومت ڪرڻ ٿا
چاهين. اسان جي شاسترن ۾ ته عورت کي ديوي چيو ويو
آهي، کيس مرد جي برابري واري جاءِ مليل آهي، ڪا به
پوڄا هن کان سواءِ مڪمل ٿيندي ئي ڪانهي، عورت کي
ته پوڄڻ گهرجي.“ رميش کان ڄڻ چانهه پيئڻ ئي وسري
وئي.
”تون هر ڳالهه ۾ شاستر واستر کڻي نه ويهندو ڪر.“
رجني چِڙي چيو.
”تون به عجيب عورت آهين.“ رميش چيو: ”آءٌ ته توهان
جي طرفداري پيو ڪريان، توهان سان همدردي ڪجي ته
چِڙي ٿي پئو اجايو.“
”تون پنهنجي همدردي اتي ئي رک، اُپما کي گڏ وٺي
وڃ.“ رجني فيصلو ٻڌائيندي چيو.
رميش دفتر هليو ويو، رجني رڌڻي ۾ ڪم ڪندي مسٽر ۽
مسز سري بابت سوچڻ لڳي، ٻن ٻارن جي ماءُ پيءُ ۾
اڪثر ناراضگي ٿي ويندي آهي، هو ٻارن وانگر جهيڙو
ڪندا آهن، پوءِ اُپما رُسندي آهي ته سري گهٻرايل
گهٻرايل پيو ڦرندو آهي ۽ پاڻ ناراض ٿئي ته اُپما
پريشان هوندي آهي، هوءَ مسڪرائڻ لڳي، ان ۾ ڪا
برائي ڪانهي بلڪ سٺو ئي آهي… ڪجهه رومينٽڪ… هوءَ
چپن ۾ گيت ڳائڻ لڳي.
”سڄڻ سان آهيان رُٺل…“
ڪم مان واندي ٿي هوءَ اندر آئي، ڪمري ۾ ايندي ئي
سندس ڪاوڙ موٽي آئي. معمول مطابق رميش بسترا ڇنڊي،
وڇائي ڇڏيا هئا. هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي رکيل هئي
ڄڻ هن تي ٺٺولي ڪري هر شيءِ اهو چوندي هجي ته تون
به اسان جي وچ ۾ ڪٿي سجي بيهي رهه، آرٽ جو ڪو نادر
۽ بيش قيمت نمونو بنجي، اچ ديوي!… هتي اچي ويهي
رهه، رجني محسوس ڪيو ته هوءَ چري ٿي پوندي.
پنجن سالن کان سڀڪجهه ايئن ئي ٿي رهيو هو، هڪ بي
رنگ ۽ بي روح يڪسانيت هئي، هڪ بي ڪيف مختصر دائرو
جنهن ۾ هوءَ چاٻيءَ واري ريل جيان ڦري رهي هئي.
پنجن سالن کان هوءَ هن گهر ۾ هئي، پنهنجي ننڍڙي
گهر ۾، نيڪ ۽ معصوم مڙس جي گهر ۾ ۽ هاڻي ته اڍائي
سالن جو خوبصورت ۽ صحتمند ڪڪو به هو، هن ڀڳوان کان
اهوئي ته گهريو هو، سندس تمنا پوري ٿي پر پوءِ به
ڪٿي ڪا ڪمي رهجي وئي هئي. ڪڏهن کيس ائين محسوس
ٿيندو هو ته هن گهر ۾ سندس ڪا ضرورت نه هئي، هوءَ
فقط شيشي جو هڪ رانديڪو آهي جنهن کي رميش تمام
احتياط سان سنڀالي رکندو هو. هوءَ رميش جي شاسترن
جي ديوي آهي جنهن جي هو عزت ڪندو آهي، پوڄا ڪندو
آهي، اتي بيٺي بيٺي هن لڪشمي جي خوبصورت ننڍي بت
ڏانهن ڏٺو، هوءَ به ته هن مورتيءَ جيان آهي.
سندس دل چيو ته هوءَ مورتيءَ کي کڻي فرش تي
اُڇلائي هڻي، فرنيچر اونڌو ڪري ڇڏي، بسترو کڻي
ٻاهر ڦٽو ڪري ۽ ڪمري جي هر شيءِ کي پنهنجي جاءِ
تان هٽائي ڇڏي، زندگيءَ جو اهو دائرو ختم ڪري ڇڏي
پر هوءَ بيٺي رهي. پوءِ هن جُهڪي ڏٺو ته شايد رميش
جا جوراب پلنگ جي هيٺان پيل هجن پر هن جا بيڊروم
سليپر نهايت طريقي سان رکيل هئا. هوءَ غسلخاني وئي
ته شايد هن جو شيونگ جو سامان اتي پيل هجي، پر هن
سڀڪجهه ڌوئي الماري ۾ رکي ڇڏيا هئا. هو رات جو
جيڪو ڪتاب پڙهي رهيو هو، شايد وهاڻي هيٺان هجي… پر
اهو به ريڪ ۾ پنهنجي جاءِ تي رکيل هو. هو پنهنجو
ڪم ڪرڻ ڪڏهن به نه وساريندو هو. پنهنجون شيون ته
ڇا پر کيس اها به خبر هئي ته رجني جي نيري ساڙهي
ڪٿي رکيل آهي ۽ اڇو بلائوز ڪٿي رکيل آهي، هن کي
ڪڏهن ڪاوڙ نه آئي. هو ڪڏهن ناراض نه ٿيو، بس هن
سان به ڄڻ هڪ اصولي قسم جي محبت ڪري رهيو هو. جيئن
صبح ستين کان شام پنجين تائين دفتر ۾ ڊيوٽي ڪندو
هو، رجني ڄڻ هن گهر ۾ مهمان هجي جنهن جي آرام ۽
آسائش جو پورو خيال رکيو ويندو هو.
هوءَ وري ٻاهر اچي وئي ۽ ڪڪوءَ کي کڻي مٿي ڇت تي
هلي وئي، ڇت تي ڪڪو وري پنهنجي راند ۾ مگن ٿي ويو.
اهائي چاٻي واري ريل ۽ پٽڙين جو محدود دائرو،
ننڍڙو دائرو رجني ائين ئي اوڏانهن ڏٺو. ڪهڙي
واهيات راند آهي، ريل هڪ ئي دائري ۾ پئي هلي، نه
ڪٿي پهچي ٿي، نه رڪجي ٿي. جيڪڏهن هن جي چاٻي ختم
نه ٿئي ته اها اهڙي طرح ئي چڪر ڪاٽيندي رهي، هوءَ
بور ٿيڻ لڳي. ڪاش! اها اونڌي ٿي وڃي. هوءَ اٿي ڀت
تي جُهڪي ڏسڻ لڳي، سامهون واري گهر جي اڱڻ ۾ هڪ
ٻار ماءُ جي هٿ مان سوئيٽر اُڻڻ جو سُئو کڻي ڀڄي
ويو هو ۽ هوءَ کيس دڙڪا ڏئي رهي هئي. ٻار مُرڪي
رهيو هو ۽ ماءُ کان به کل ضبط نه پئي ٿي. هوءَ ڀت
تان هٽي وئي ۽ کٽ تي ويهي سوئيٽر اُڻڻ لڳي، هوءَ
بار بار ڪڪوءَ ڏانهن ڏسڻ لڳندي هئي، هو پنهنجي
راند ۾ مگن هو، هوءَ غور سان کيس ڏسڻ لڳي، بالڪل
رميش جو نقشو هو، اهائي پيشاني، اهي ئي اکيون، اهي
ئي لب، اهي ئي حرڪتون ۽ اهائي سنجيدگي، هن اُنَ ۽
سُئا رکي ڇڏيا، ڇت تي ٻه ڪبوتر اچي ويٺا، رجني
ڪڪوءَ کي زور سان چيو:
”ڪڪو! ڪبوتر ڏس، ڊوڙي پڪڙي وٺ.“
ڪڪو سرسري نظر سان ڪبوترن کي ڏٺو ۽ انجڻ ۾ چاٻي
ڀرڻ لڳو. رجني ڄڻ ٿڪجي ليٽي پئي.
ڪجهه دير کان پوءِ ٿانوَن ڌوئڻ واري مائي اچي وئي
ته کيس پنهنجي اڪيلائيءَ کان ڪجهه ڇوٽڪارو مليو.
هوءَ ڪڪوءَ کي کڻي هيٺ هلي آئي ۽ گُلان جي ڀرسان
ويهي ڳالهائڻ لڳي، اوچتو سندس نگاهه گُلان جي نراڙ
تي پئي:
”اڙي! هيءَ پٽي ڇو ٻڌي اٿئي؟“
”ڪجهه ڪونهي جيجي، بس ائين ئي.“ گُلان مرڪي.
”ائين ئي وري ڪيئن؟ ڪِري پئي هئينءَ ڇا؟“
”نه، رامونءَ جي پيءُ ماريو هو.“
”ڇو؟“ رجني ويجهو سِرڪي آئي.
”ڀاڄيءَ ۾ لوڻ وڌيڪ پئجي ويو هو نه.“
رجني خاموش ٿي وئي. گُلان ٿانوَ ڌوئيندي چيو:
”پهرين مار ڪڍيئين، پوءِ پٽي ڪرائڻ به پاڻ ئي
هليو، پوءِ گرم گرم کير پياريئين … ۽ …“
”۽… ڇا؟“
”مٿي تي زور ڏنائين ۽ معافيون گهريئين.“
گُلان مرڪي پئي.
”اڳ ۾ به ڪڏهن جهيڙو ٿيو آهي؟“ رجني پڇيو. ”ٻيو نه
ته، زال مڙس ۾ ڪٿي جهيڙو نه ٿو ٿئي. جڏهن رامونءَ
جو پيءُ ماريندو آهي ته آءٌ پيڪن وڃڻ لاءِ تيار ٿي
پوندي آهيان، پر پوءِ يڪدم پرچائي وٺندو آهي. هنن
مردن کي پرچائڻ جا سؤ طريقه ايندا آهن، ۽ عورت جي
دل ته هونئن به نرم هوندي آهي.“
”تون به پرچي ويندين آهين؟“
”نه ته ٻيو ڇا ٻارن کي ڇڏي هلي وڃان، ائين به ڪڏهن
ٿيو آهي؟“ رجني ماٺ ٿي وئي.
رات جي ماني تيار ڪندي رجني ڄاڻي واڻي لوڻ وڌيڪ
وڌو پر رميش اطمينان سان کاڌو کائيندو رهيو. هن هڪ
ڀيرو به شڪايت نه ڪئي، جڏهن هوءَ ڪم کان واندي ٿي
اندر پهتي ته رميش پڙهي رهيو هو ۽ ڪڪو سمهي چڪو
هو. هوءَ ائين ئي ڪمري ۾ ڦرڻ لڳي. پوءِ ڌو ڪري
بستري تي ڪِري پئي ۽ سوڙ مٿان پائي ليٽي پئي. رميش
پاسو ورايو ته هوءَ وري ڪاوڙجي پئي، رميش سوچيو
ته آخر ڪڏهن ڪڏهن هن کي ڇا ٿو ٿي وڃي؟ بالڪل ٻارن
جهڙيون حرڪتون ڪرڻ لڳندي آهي، هن ڪتاب بند ڪري
پڇيو: ”ڇا ڳالهه آهي؟ طبعيت ته ٺيڪ آهي؟ سيءُ ته
نٿو لڳي؟“
رجني ڪو جواب نه ڏنو، رميش هن جا سڏڪا ٻڌا ته
بستري تي وڃي ويٺو.
”ڇا ٿيو آهي؟“ رميش جي آواز ۾ درد هو.
موهن ڪلپنا
ڪهاڻي
تنقيد جو مُلهه
ڀريءَ محفل ۾ منهنجين تصويرن تي سخت تنقيد ٿي هئي. مون ته
پنهنجيءَ هر تصوير کي شاهڪار ٿي سمجهيو. نقادن
ڪڏهن به منهنجي دلچسپي هٿ نه ڪئي هئي. چوندو هوس:
”ڀل بڪندا رهن، هنن جي هاءِ – گهوڙا سان منهنجيءَ ڪنهن به تصوير
جي ڪنهن به ڪردار جي منهن جو رنگ بدلجڻو نه آهي؛
نقاد مري ويندا، پر تصويرون
امر
رهنديون.“
هاڻ اونڌي منجي
ڪري،
نقادن تي سوچي رهيو هوس. گهڻي ۾ گهڻو غصو سيتل تي
هوم. هن جي تنقيد جو انداز اهڙو ته لَي ڀريو هو جو
ٻڌندڙ پئي جهوميا، ۽ رقيبن پئي ٽهڪ ڏنا. سچ ته
انهن ٽهڪن جي ٻولي – رهت تنقيد به مون کي خوب
ٽهڪائي ڇڏيو.
گهر اچي، مون تنقيد جا ٻه_ چار _ پنج مضمون پڙهيا. انهن مان ڪي
ڳالهيون نقادن جي خلاف نظر آيون، جي بروقت ڊائريءَ
۾ نوٽ ڪيم. سوچيم ته هڪ ڏينهن نقادن تي، خاص ڪري
سيتل تي، اهڙي ته سخت تنقيد ڪندس جو هو ۽ ٻيا سڀ
ڪلاڪارن جي رچنائن مان پنهنجا مقصد ڳولڻ ڇڏي
ڏيندا.
يڪايڪ ويچار آيو: ’جي مون کي اِن مضمون تي
داد ملي وڃي ته؟ ته ڪاميابي اوس منهنجي ٿيندي،
ليڪن تنقيد جو مُلهه ته پاڻ وڌي ويندو! هيءَ تنقيد چيز
ڪهڙي آهي:
جيترو ان جي صحيح نموني خلاف وڃ، اوترو ان
جو ملهه وڌي وڃي ــــ ڇو ته خلاف صرف غلط ڳالهه جي
وڃڻ گهرجي، صحيح ڳالهه تي داد ڏبو آهي. ليڪن تنقيد
جو مقصد به ته اهو ئي آهي نه! ته پوءِ، ڇا مون کي
نقادن اڳيان جهڪڻو پوندو؟“
پاسو ورائي، سامهون ڀت تي ٽنگيل پنهنجي نئينءَ تصوير ڏانهن
نهاريم. کجور جي وڻ هيٺان ڪرشن بنسري
وڄائي رهيو هو، ۽ راڌا نچي رهي هئي. ’ڇا، اِن تان
هٿ کڻڻو پوندو؟‘
تڏهن سنڌوءَ سڏ ڪيو: ”چتر ڪار صاحب!“
’چترڪار‘ ۽ ’صاحب‘! ..... پر يڪدم ويچار
آيم، سنڌو ته سيتل سان پيار ۾ آهي، سندس ’سڏ‘ تي
جيڪڏهن تنقيد ڪندس ته کلي چوندي، ’تون ته تنقيد جي
خلاف آهين، ڀائو، پوءِ اهو هٿيار تو ڇو کنيو آهي‘!
ڀيڻ ٻيو سَڏ نه ڪري، اچي پاسي ۾ ويٺي.
هن مسڪرايو ۽ مون پڇيو، ”ڪلهه سنگيت – چٽاڀيٽيءَ ۾ ڪائون نمبر
بيٺينءَ؟“
”آخرين.“
”مذاق ڇڏ.“
”سچ پچ.“
”جج ڪير ڪير هئا؟“
هن کليو.
”چاهي ڪهڙا به هجن. جي ڄڻي نه ڄاڻن، سي ڇا ڄاڻن ممتا!“
”تنهنجيءَ دل تي سچ پچ چوٽ لڳي آهي، ڀائو؟“ ائين چئي، هن پنهنجو
هٿ منهنجي ڪلهي تي رکي هلڪو زور ڏنو.
اڃا کن پل اڳ کِلي مسڪرائي رهي هئي؛ ۽ هاڻ سندس چهري تي ڏک جي
تکي ڇايا صاف نمودار هئي.
”چوٽ؟ ڇا مطلب؟“
”ٻڌم، ڪلهه ڀري محفل ۾ توتي سخت تنقيد ٿي هئي.“
مون هلڪو کلندي چيو:
”جا
’تنقيد‘ ٿيندي آهي، اُها سخت ته هوندي ئي. ليڪن
اِهو توکي ڪنهن ٻڌايو؟“
”ٻيو ڪير ٻڌائيندو.“
”سمجهيم.“
هوءَ چپ.
”ٻڌ، سنڌو! نقادن کي هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي
ته ڪَلا صرف اَنڀـؤ
ڪرائيندي آهي. انسان دنيا اندر اڃا
اُهي
اکر يا
رنگ ٺاهي نه سگهيو آهي، جي ڪنهن ساکيات چيز يا
سوکيم احساس جو هوبهو چتر چٽي سگهن يا آڻي سگهن.
ڪهڙي به اوچي درجي جو چترڪار پنهنجيءَ تصوير ۾ سورج کي چاهي ڪهڙن تکن رنگن سان چٽڻ جي
ڪوشش ڪري، ليڪن هو ڇا اُن سورج ۾ اصلي سورج جو
هلڪو تيج به ڀري سگهندو؟ اَصلي سورج جو تاب اَسين
هڪ منٽ به سهي نه سگهون، ۽ هيڏانهن تصوير واري
سورج کي چاهي زندگي ڀر نهاريون، اکين کي آرام ڀريو
ٿڪ برابر ٿيندو، ليڪن تاب ايندو سو
ناممڪن! ۽ پوءِ نقاد چوندا: ڇا، ’يار، تون پنهنجي
سورج ۾ ٿوري به روشني ڀري نه سگهيو آهين!‘ بس، هو
ته چاهيندا آهن ته سورج واريءَ تصوير کي جيڪڏهن
اوندهه واري ڪمري ۾ رکجي ته ڪمري ۾ روشني ٿي وڃي!“
”اهو ٺيڪ، پر ڪوئي چترڪار جبل تي ڪمل جا گل ڏيکاري ته؟“
”ته؟“
”ته ڇا تون ايئن چوندين ته ان جبل جي هيٺان ڪوئي تلاءُ آهي!“
”ڪلاڪارن کي بيوقوف سمجهڻ بذات خود هڪ وڏي بيوقوفي آهي.“
”تون خفي ڇو ٿو ٿين، ڀائو؟“
”ڇو ته تنقيد پيدا ئي خفا ڪندي آهي.“ مون
چيو.
هن هڪ زوردار ٽهڪ ڏنو.
اُٿي، ڀت تي ٽيڪ ڏيئي، ٻئي ٻانهون
ٻڌندي چيم:
”او
اَڀماني
نقاد جي بيپرواهه ساهيڙي، ٻڌ“
هن گنڀير ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
”متان اهو سمجهين ته ڪلاڪارن نقادن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن
ڪلاڪار خوب چيو آهي: ”جي ڪلا جي دنيا ۾ ناڪامياب
ويندا آهن، اُهي ٿيندا آهن نقاد.“
”ٿي سگهي ٿو، اهو رايو تعصب وچان ڏنو ويو هجي؛ ڪنهن نقاد جي سخت
تنقيد ٻڌي، ڪنهن غصي وچان ائين چئي ڏنو هجي.“
”جو
ڪلاڪار آهي اهو تعصب رکي نٿو سگهي.“
هن مسڪرائي ڏنو.
”ڪلهه هڪ نقاد هڪ چترڪار کي چيو:
”دوست، تون هن ڇوڪري جي اکين ۾ ڪجل ڪجهه
ضرورت کان وڌيڪ وجهي ويو آهين. ڇوڪري پنهنجي ٻن
بازن ڏانهن ائين ٿي نهاري، ڄڻ پنهنجي ڇاتيءَ ڏانهن
پيئي نهاري.“ تڏهن اُن چترڪار ٺهه پهه وراڻيس:
”شڪر آهي جو توهان ڏانهن نٿي نهاري!“
سنڌوءَ ٽهڪ ڏنو؛ ۽ مون سمجهيو، هاڻ هوءَ ڪلاڪارن طرف ٿي رهي
آهي.
”چڱو، سنڌو، پنهنجي نقاد صاحب کان هڪ سوال پڇندينءَ؟“
”ڪهڙو؟“
”پڇجانس،
آخر ڪلاڪارن ۽ ڪلا_ پريمين وچ ۾ ٽنگ اڙائڻ جي
توهان کي ضرورت ڪهڙي آهي؟ دنيا ۾ ڪلاڪارن جي ته
عزت آهي ئي؛ ڪهڙي نقاد جي عزت آهي؟ دنيا ۾ ڪنهن
نقاد جي نالي ڪٿي ڪا يونيورسٽي، ڪو هال، ڪا
لئبرري، ڪو پارڪ، ڪا گهٽي_ ڪجهه به آهي؟ پري ڇو
وڃجي، سنڌي ڪلا_ پريمين شاهه عبداللطيف جو عاليشان
مقبرو ٺهرايو آهي، ڪيترن ئي نقادن شاهه صاحب جي
شاعريءَ تي ٽيڪائون لکيون آهن،
آهي ڪنهن نقاد جي نالي ڪائي بينچ، ڪائي
ڪرسي؟“
هوءَ چپ.
هاڻ مون کان هڪ ٽهڪ نڪري ويو.
”اِن ۾ خوش ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڀائو!“
سندس روپ ۾ ڦيرو ڏسي، وائڙو ٿي ويس.
”تنقيد ته انساني طبيعت جو هڪ حصو آهي.
ڪلاڪار زندگيءَ جي تنقيد ڪن ٿا، ۽ نقاد ڪلا جي،
اصل ۾ نقاد ڪلاڪار کان وڌيڪ محنت ڪري ٿو. توهين
زندگيءَ جو هڪ چتر چٽي،
شان مان سان مسڪرائي خاموش ٿيو وڃو، ليڪن نقاد کي
جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي. هڪ رچنا تي کيس ڏهن رچنائن جا
حوالا ڏيڻا ٿا پون.“
”واهه واهه،
ڄڻ ڪلاڪار زندگيءَ جو گهرو اڀياس نٿو ڪري! ۽ هي
نقاد، .... چوندا: تنهنجيءَ رچنا ۾ فلاڻو نقص آهي،
جو فلاڻي ڪلاڪار جي فلاڻيءَ رچنا ۾ ڪونهي. اهو نه ٻڌائيندا آهن ته تنهنجيءَ رچنا
۾ فلاڻي خاصيت آهي، جا فلاڻي ڪلاڪار جي فلاڻيءَ
رچنا ۾ ڪانهي.“
”خوب!“
”ڪيئن، ٺيڪ ٿو چوان نه؟“
”ليڪن ان مان تنقيد جو ملهه وڌي ٿو__ اهو ڄاڻين ٿو؟“
”ها.“
”۽ پوءِ به تون نقادن جي خلاف آهين!“
”ٻيو ڪجهه؟“
”تون چوين ٿو، ڪنهن ڪلاڪار خوب چيو آهي
ته جيڪي ڪلا جي دنيا ۾ ناڪامياب ويندا آهن، اهي ٿيندا آهن نقاد- ڇا، تنهنجيءَ تنقيد مان مون کي ائين
سمجهڻ جو سبب نه آهي ته تون خود به پاڻ کي ڪلا جي
دنيا ۾ ناڪامياب سمجهين ٿو؟“
”پر مان ڪلاڪارن تي نه، نقادن تي تنقيد ڪريان ٿو؛ ۽ نقاد، نقادن
تي نه، ڪلاڪارن تي تنقيد ڪندا آهن. اهو تفاوت توکي سمجهڻ گهرجي.“
”تفاوت
سمجهڻ سان تنقيد جو ملهه گهٽجي نٿو، ڀائو.“
مان چپ ٿي ويس.
”ڪلا - پريمي به نقاد ٿيندا آهن، ڀائو.
اهو سچ
آهي ته ڪلا_ پريمي اهو ڄاڻندا آهن ته حقيقت صرف
اها نه آهي، جا آسپاس ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جا ڳالهه ٿي سگهندي آهي، ان کي به حقيقت
چئبو آهي. ڪلا_ پريمي ٻن خاص ڳالهين ۾ خاص هوشيار
ٿيندا آهن: پهرين
اَسڀاويڪتا کي پڪڙڻ ۾، ٻيو ناممڪن ڳالهين
کي. جيستائين چتر_ڪلا جو واسطو آهي، مان صرف
ڪلا_پريمي آهيان. پر مان پڙهيل ڳڙهيل آهيان. ڀائو،
تون پنهنجيءَ نئينءَ تصوير ڏانهن نهار. کجور جي وڻ
هيٺان راڌا ۽ ڪرشن جا ٻه ڪردار آهن. توکي خبر آهي
ته هندستان ۾ کجور جا وڻ ڪڏهن پيدا ٿيا؟__ عربن جي
اچڻ کان پوءِ. تون شايد ائين ئي چوين ته اها
تخليقي حقيقت نگاري آهي. __ جا نه آهي. جي چوندين
”آهي“، ”ته زوريءَ مڙهيل آهي.“
”ڪرشن، ۽ کجور جو وڻ!“ تڏهن ياد آئي. ”جبل ۽ ڪمل گل“ جي ڳالهه!
سوچيم، ”ڇا، مان پاڻ کي بيوقوف بڻائي رهيو آهيان؟“
چيم، ”سنڌو، مون کي فخر آهي، تون منهنجي ڀيڻ آهين!“
”ڇو؟“
”تو مون کي ڪيڏي نه وڏي شڪست ڏني آهي!“
”ان داد جي حقدار مان نه آهيان.“
”مطلب؟“
”اهو سڀ مون کي ’هُن‘ ئي ٻڌايو.“
”ليڪن سيتل ته هيءَ تصوير ڏٺي ئي ڪانهي.“
”مان تنقيد جي مُلهه
جي ڳالهه ٿي ڪريان.“
”مون کي خبر آهي، تون هر ڳالهه جي ڳالهه ڪري سگهندي آهين.“
ايئن چئي، ميز جي خاني مان سگريٽ جو پاڪيٽ
۽ ماچيس کڻڻ لاءِ ٻئي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ اُٿيس.
”ڪلهه سنگيت – چٽاڀيٽيءَ ۾ مان پهريون نمبر آئي هيس، ڀائو!“
مان ويهي رهيس. کيس چيم، ”خواهه مخواهه ججن کي گاريون کارايئه. وڃ، ميز جي خاني
مان سگريٽن جو پاڪيٽ ۽ ماچيس کڻي اچ.“
هوءَ اٿي اوڏانهن وڃڻ لڳي.
”۽ ها، سيتل کي چئج ته ايندڙ آچر تي ماني اسان وٽ کائي. کيس اهو
به چئج ته جيڪڏهن مون ڪلا جي دنيا ۾ خاص درجو حاصل
ڪيو ته مان ڪنهن
نقاد
جي نالي سان هڪ آرٽ گئلري ٺهرائڻ جي
ڪوشش ڪندس!“ |