شڪيل احمد
سومرو
يادگيريون
جڏهن کان اک لڳي توسان…
5 اپريل 1931ع تي بيل گاڏيءَ جي سفر دوران جنم
وٺندڙ ٻالڪ سنڌ جو ناميارو شاعر بڻيو، جيڪو حاجي
فقير شُغلي جو احمد خان مدهوش جي صورت ۾ ٻيو نمبر
پٽ هو. مدهوش 12 سالن جو هو ته سندس والد فوت ٿي
ويو ۽ پوءِ پرورش سندس والده (سومري) ڪئي. 19 سالن
جي عمر ۾ مدهوش انٽر آرٽس ۾ ڪري ورتي. جيستائين ڪو
روزگار مليس اوستائين مدهوش، ’جوهي‘ شهر ۾ فروٽ جو
دڪان کوليو ۽ هڪ ڏينهن انب ۽ ڦاروا ويٺي کپايائين
ته ٽپاليءَ پرائمري استاد جي نوڪريءَ جو آرڊر اچي
ڏنس. سندس پهرين پوسٽنگ (ڳوٺ سَڄڻ جي پئي) واقع
”نئين گاج“ جي ڪپ تي ٿي. مدهوش پنهنجي ڊيوٽيءَ تي
جوهيءَ کان پنڌ ويندو هو. سندس والده تمام گهڻي
پريشان رهندي هئي ته سندس پٽ جبل جو پنڌ جهاڳيندي
51 ڪلوميٽر پري ڊيوٽيءَ تي وڃي ٿو ۽ ڏهن پندرهن
ڏينهن بعد واپس ٿو موٽي. ڪيترائي دفعا والده چيس
ته: ”اَبا مون کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي ٿئي ته تون ايڏو
جبل جو پنڌ ڪري وڃي ”نئين گاج“ پهچي ڊيوٽي ٿو
ڪرين. الاءِ ڪجهه کائين به ٿو الاءِ نه؟ الاءِ رهڻ
۾ ڪا ڏکيائي ٿي ٿيئي الاءِ ڇا…؟“ پر مدهوش چوندو
هُيس ته: ”امان تڪليف ۾ مشڪل پسند انسان ڪڏهن به
پريشان ناهن ٿيندا.“ هن پنهنجي ڊيوٽيءَ جا 6 سال
’سڄڻ جي پئي‘ ۾ نهايت پابنديءَ سان گذاريا ۽ اُتان
جي علائقي جو بهترين اُستاد ثابت ٿيو. مدهوش
پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي. هميشه
ڊيوٽيءَ جو پابند رهيو. ٻين اُستادن کي به هدايتون
ڪندو هو ته: ”بابا ڊيوٽيءَ جا پابند رهو. سن 1955ع
۾ وينگس سان نينهن جو ناتو جوڙي ويٺو ۽ 58-1957ع
کان لکڻ شروع ڪيائين. سندس پهريون شعر 1960ع ۾
’نئين زندگي‘ رسالي ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ڪيئي
رسالن، اخبارن ۾ مدهوش جي شاعري ڇپجندي رهي ۽
آهسته آهسته ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن تي مدهوش جي شاعري
پهچي وئي. مدهوش جا ڪيترائي پروگرام
پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ٿيا ۽ ساڳي ريت ريڊيو وارن
پڻ مدهوش جا ڪيئي انٽرويو ۽ پروگرام پئي نشر ڪيا،
ان ريت سنڌ جي جهرجهنگ ۾ احمد خان مدهوش مشهور ۽
معروف ٿي ويو.
1961ع ۾ مدهوش پنهنجي مائٽن جي مرضيءَ سان شادي
ڪئي. جتي پاڻ شادي ڪرڻ ٿي چاهي اُتي ڪن ماڻهن
بدگمانيون ڦهلائي ڇڏيون ۽ پنهنجي پسند جي شادي ڪرڻ
۾ ناڪام ٿي ويو. شاعريءَ جو سلسلو هلندو رهيو.
مشاعرا ۽ محفلون ڪرائيندو رهيو ۽ پاڻ به سڄيءَ سنڌ
جي مشاعرن ۾ ويندو رهيو ۽ پنهنجي شاعري پڙهندو ۽
داد وٺندو رهيو. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد حافظ احسن
چنا ۽ فيض بخشاپوري هُئا. جن مدهوش کي وزن بحر جو
پڪو پختو شاعر بنائي ڇڏيو.
احمد خان مدهوش هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف تي
لکيو پر غزل تي کيس وڏو عبور حاصل هو. سنڌ جا ڪيئي
اهِل قلم مدهوش کي غزل جو اربيلو شاعر ڪري
ڪوٺيندا آهن. حرف تجنيس تي به وڏو درڪ حاصل هُئس.
جنهن جو مثال هنن شعرن مان ملي ٿو.
”نهاري ناز مان نازڪ نماڻي دل نهوڙي وئين انهن
خوني نگاهن سان جگر ۾ تير کوڙي وئين“
يــــا
دلاور، دادلا، دلدار، دلبر، دلربا، دِلڪَش،
دِل دلگير کي تنهنجي نيڪ نانء کان وِٿي ناهي.
يا اهڙا ٻيا ڪيترائي شعر سندس ڇپيل شعري مجموعي
”دل جون ڳالهيون“ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پهريون ڀيرو
1993ع ۾ ڇاپيو، ۾ موجود آهن. مدهوش جا ٻه شعري
مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جا ٽي ٽي ڀيرا ايڊيشن به
اچي چڪا آهن.
(1)
”دل جون ڳالهيون“
1993ع پهريون ڇاپو.
2000ع ٻيون ڇاپو.
2007ع ٽيون ڇاپو.
(2)
”نظر ۾ نظربند“ هيءُ ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊميءَ 1997ع ۾ ڇاپيو
۽ مقبول ٿيڻ
تي مدهوش کي خوشي
ٿي ۽ وري 2001ع ۾ هن جو ٻيو ايڊيشن به سنڌيڪا وارن
ڇاپيو. 2005ع ۾ ٽيون
ايڊيشن
پڌرو ٿيو.
احمد خان مدهوش کي سنڌ جي تمام گهڻن فنڪارن ڳايو آهي
جن ۾ اُستاد خورشيد علي خان، حسين بخش ڍانڍي، عابده پروين، ممتاز لاشاري، منظور سخيراڻي، حميرا چنه، صنم ماروي، ڪوثر ماروي، تعمير حسين، سوڍل
فقير لغاري،
غلام
شبير شاهاڻي، صادق فقير، زيب النساءِ، غلام شبير
سَمون، آصف چارڻ، واجد چارڻ، حبدار سخيراڻي، برڪت
علي
ڀٽ
۽ وحيد علي
جا نالا قابل: ذڪر آهن.
مدهوش کي پنج
نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن. (1) خليل عارف سومرو،
جيڪو پڻ شاعر آهي،
(2) شڪيل احمد سومرو
(هن مضمون جو ليکڪ): سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم آهي.
4 اپريل 1991ع تي احمد خان مدهوش سرڪاري نوڪريءَ
تان رٽائر ٿي ويو ۽ گهڻو ڌيان پنهنجي شاعريءَ تي
ڏنائين.
سندس اڻڇپيل
مجموعا هن طرح آهن:
(1) ”اکين جا سنيها“، سنڌي ادبي بورڊ
وٽ ڇپائيءَ لاءِ
موجود.
(2) ”مقالاتِ مدهوش“-
نثر (اڻ
ڇپيل)
(3) ”ديس ڌرتي لاءِ“-
شاعري (اڻ
ڇپيل)
(4) ”وطن خاطر“-
شاعري (اڻ
ڇپيل)
(5) ”مدهوش جي آتم ڪٿا“(اڻ
ڇپيل)
مدهوش
’جوهي‘ شهر جي سياسي سماجي ڪمن ڪارين ۾
به
سرگرم
هو، سياسي
طرح پيپلز پارٽيءَ جو پراڻو ڪارڪن
هو، هن پنهنجا 50 سال سنڌي ٻوليءَ ۽ علم و ادب کي ارپي ڇڏيا.
مدهوش جو پهريون
ڪلام جيڪوصادق فقير جي آواز ۾ ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تان هليو، اُهو آهي:
هن دل جي حقيقت ڇا ڪريان جا شاد به آ ناشاد به آ،
غم ۽ خوشي واري هَستي آباد به آ برباد به آ.
آڪٽوبر 2008ع ۾ احمد خان مدهوش کي سنڌي
ادبي بورڊ جو ميمبر ڪيو
ويو. نومبر 2008ع تي مدهوش کي ڪينسر جي مرض آخري
اسٽيج تي پهچائي ڇڏيو. 23 ڏينهن راجپوتانا اسپتال
۾ ٽائيفائيڊ بخار ۾ گذاريائين، ڊاڪٽرن کيس ڪراچي ”SIUT“
اسپتال ۾ وڃڻ لاءِ مشورو
ڏئي ڇڏيو.
معاشي طور ڪمزور هئڻ ڪري مدهوش ڪجهه ڏينهن گهر
۾ مالڪ سائينءَ جي رحم ڪرم تي گذاريا. پر پوءِ
اليڪٽرانڪ ميڊيا سندس گهر پهچي خبرون هلايون. جنهن
سبب ڪجهه ثقافت کاتي وارن ۽ ڪجهه سينئر وزير، وزير
تعليم ۽ ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جناب
پير مظهر الحق صاحب جي تعاون سان ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر اديب
الحسن
رضوي جي
اسپتال
”SIUT“ ۾ داخل ڪيو ويو. جتي هڪ هفتي اندر غدود جو ڪينسر هڏن تائين
پهچي چڪو
هو.
ڊاڪٽرن ان جي تصديق ڪئي ۽ پوءِ ڪينسر جو علاج شروع
ڪيو
ويو. ان علاج صرف مدهوش جي ڪينسر کي ڪنٽرول ڪيو،
پر
ختم نه ڪري سگهيو. جهوني هجڻ سبب علاج سندس ڦڦڙ ۽ دل جا وال ڪمزور ڪري ڇڏيا ۽
ٻيون بيماريون وڌي
ويون. هڪ دل ڪمزور ٻيو ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، 78 سالن
کان 80 سالن جي عمر جا ٻه سال مدهوش انهن خطرناڪ
بيمارين سان جنگ ڪندو رهيو. کيس دل ۾ هزار خواهشون
هُيون جيڪي پوريون نه ٿي سگهيون.
ڊاڪٽر مرلي ڌر،
سرجن
اديب
الحسن
رضوي، ڊاڪٽر عبدالقيوم ، ڊاڪٽر ناديه ۽
ڊاڪٽر عليءَ
مدهوش جو ”SIUT“ ۾ ٻه سال مسلسل دوستاڻي ماحول ۾ علاج ڪندا رهيا. ڪڏهن ته
مدهوش ٺيڪ ٿي ويندو هو ته ڪڏهن وري اوچتو طبعيت
خراب ٿي ويندي هُئس ۽ جوهيءَ مان پاڻ کڻائي ڪراچي
اچي ”SIUT“ ۾ داخل ٿيندو هو. اهڙيءَ خطرناڪ بيمارين جي دوران به مدهوش
جي قلم کي ماٺِ
نه
آئي ۽ هُو لکندو رهيو. زندگيءَ
جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر اديب
الحسن
رضوي تي به هڪ شعر لکي کيس ڏنائين،
جنهن تي ڊاڪٽر صاحب ڏاڍو خوش ٿيو هو.
هر ماڻهو سان
پيار ڪندڙ هيءُ شاعر ارڏي
طبعيت جو مالڪ هو. وقت جي ستمگرن
سان پنهنجي قلم ذريعي مزاحمت ڪندو
رهيو. مظلومن لاءِ همدرد ۽ حوصله
ڏيندڙ شخص هو. ڪوڙ کان سخت نفرت ڪندڙ شاعر سادگيءَ
واري زندگي گذاري ويو. پنهنجي خوداري تي کيس وڏو
ناز هو ۽ پنهنجي اولاد کي به خوداريءَ جو سبق
ڏيندو رهيو. مٽيءَ جو رنگ بي حد پسند هُئس ۽ برسات کان
پوءِ جيڪا مٽيءَ
۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي، ان
جو ديوانو هو.
جوهي شهر ۾ ڪير
به پنهنجون نياڻيون نه پڙهائيندو هو. مدهوش ان
عمل جي شروعات ڪئي، جنهن سبب سڄي شهر ساڻس بغاوت
ڪئي ۽
شهر وارا
طعنا مهڻا ڏيندا رهيا. مدهوش جون نياڻيون ماشاءالله سڀ تعليم يافته آهن.
سندس وڏي نياڻي ضلع دادو جي ڪائونسلر آهي. ٻه
نياڻيون ٽيچر آهن، جيڪي پڻ پوسٽ گريجوئيٽ آهن،
مدهوش
جون ٻه ننڍيون نياڻيون به
b.a پاس آهن. پنهنجي زندگي محنت ۽
جفاڪشيءَ سان گذاريندڙ هن انسان پنهنجي
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾، پنهنجي اولاد جي اکين اڳيان رهڻ جو
فيصلو ڪيو. پر اولاد وري به ان اميد تي، ته
”اسان
جو
بابا ٺيڪ ٿي ويندو.“
‘SIUT’۾ واپس
وٺي آيا. خاص ڪري مدهوش جي آخري ڌيءُ ”مهوش“ جيڪا تمام گهڻي
خدمت ڪندي هُيس، کي اسپتال ۾ گهڻو ياد ڪندو هيو. ڇو ته هوءَ ڏينهن رات
خدمت ڪندي هيس، وقت تي دوا
کارائيندي هيس.
مدهوش پنهنجي ٻنهي پٽن کي
”مهوش“ جي پارت
ڪندو هو ۽ چوندو هو:
”هيءَ منهنجي ڌيءُ فقيرياڻي آهي، هن جي پارت هُجيوَ.“ مدهوش پنهنجي پٽ خليل عارف کي
پنهنجو ادبي وارث ۽ هڪ ڌيءُ کي گهر ڌياڻي چوندو
هو.
جنهن جو نالو
ڪوثر پروين آهي. سندس پٽ شڪيل احمد
(راقم) کي ان جو
نسلي
وارث چوندو هو. پنهنجي اولاد جي خوشين لاءِ مدهوش پنهنجي سڄي ڄمار محنت ڪئي
۽ اولاد کي خوش رکيو.
مدهوش پنهنجي زندگيءَ جي آخري رات، شام 4 بجي کان صبح 7 بجي تائين پنهنجي پٽ
شڪيل احمد
(راقم) سان ”SIUT“ اسپتال ۾ گذاري. جنهن ۾ هن شڪيل
سان هڪ لفظ به نه ڳالهايو، پر شڪيل
کي ساڻس ڳالهائڻ جي خواهش
ئي رهي ته شايد بابا ڪنهن مَهل ڪجهه ڳالهائي ته مان به
اندر اور ڪريانس.
پر ائين ڪونه ٿيو. نيٺ مدهوش 26 جون 2010ع تي
12:16 منٽن تي پنهنجي پٽ ۽
سندس
ادبي وارث خليل عارف جي موجودگيءَ ۾
ڪينسر، ساهه جي تڪليف،
هيپاٽائٽس
”بي“ ۽ دل جي ڪمزور ٿي وڃڻ سبب ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين انهن خطرناڪ
مرضن سان جنگ وڙهندي وڙهندي زندگيءَ جي جنگ هميشه
لاءِ هارائي ڇڏي.
ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو
جائزو
عَبديءَ جو رسالو
عبدالقادر عبديءَ جو ڪلام پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي
ٿو ته هو هڪ قادرالڪلام شاعر آهي ۽ زبان ۽ بيان ۾
يگانو آهي. سندس ڪلام عشقيه ۽ نعتيه موضوعن جي
ڀرپور جذباتي اَپٽار ڪري ٿو. اسان جي هن شاعر جا
وڏا اصل اُتر سنڌ جا هئا. هن جي ڪلام جا ڪي قلمي
نسخا ترتيب ڏيندڙ جناب لياقت علي جوڻيجي کي هٿ
آيا. انهن قلمي رسالن جي ڀيٽا ڀيٽيءَ سان هن هيءُ
رسالو ترتيب ڏئي ”خليفو عبدالحئي جوڻيجو ميموريل
ڪميٽي عمرڪوٽ“ پاران 2010ع ۾ شايع ڪيو آهي. هيءُ
ڪلام بلاشبه هڪ قادرالڪلام شاعر جو آهي. ڪلام
معياري شاعرن جي رسالي واري ترتيب ۾ آهي. جيڪڏهن
ان کي شاهه ۽ سچل جي رسالن جي سُرن سان ڀيٽجي ته
انهن مڙني موضوعن جو احاطو ڪري ٿو. عبديءَ جي
رسالي ۾ 34 سُرَ آهن. رسالي جي ترتيب به ڪلياڻ سان
ڪئي وئي آهي. شاهه جي رسالي سان موضوعن جي هم
آهنگي آهي. نالن ۾ فرق آهي، اُهي سُر آهن، گندري،
لاکو، جوڳ، ڪونسيو، وهاڳڙو ۽ تلنگ. سُرن جي آخر ۾
مولود، نعت، منقبت، غزل، مثنوي ۽ نظم شامل ڪيل
آهن. رسالي جو روح وري به سُرَ آهن. اڪثر سرائڪي
ڪلام کي هندي به سڏيو اٿس. رسالي ۾ بيت ۽ وايون/
ڪافيون شامل آهن. ڪي سُر مختصر به آهن ۽ ڪن ۾ بيت
شامل نه آهن، ڪي ڪافيون غزل جي هيئت ۾ به آهن.
اڪثر ٻين شاعرن به ائين ڪيو آهي، مصري شاهه انهن ۾
نشانبر آهي. مولوي عبدالقادر عالم هو اُن ڪري سندس
ڪلام ۾ فارسي ۽ قرآن مجيد جي آيتن جا اشارا به ملن
ٿا. هن جو ڪلام عشقيه هجي، نعتيه هجي يا ناصحاڻو،
جذبات سان پُر، زبان ۽ بيان جو بهترين مثال آهي.
جي مثال وٺجن ته هر قسم جا مثال سندس رسالي ۾
موجود آهن. مطالعي خاطر چند مثال وٺون ٿا. منهنجي
خيال ۾ عبديءَ تي شاهه عبداللطيف جي رسالي جو اثر
نمايان آهي، سُر حسينيءَ ۾ چوي ٿو:
ڀينر ڀاڱي آئيا، مون سُورَ هزارَ،
ڏني درد پنهون جي، مارن مٿان مارَ،
برهه بيقرار، ڪيس ڪيچ ڌڻيءَ جي.
--
ڪيچان ڪيچي آئيا، ڀري کٿوري بار،
ايندي عنبر مشڪ سين، واسائين وڻڪار،
لٿو ڏيهه ڏڪار، آئي احمد ڄام جي.
ٽيهه اکريءَ ۾ سسئيءَ جي درد، جدائي ۽ ورلاپن جو
مؤثر ذڪر ڪري ٿو:
شيئون شور مچايو، مون کي پنهونءَ جي شوق،
فاينما تولو افتم و بہ الله، ڇا تحت ڇا فوق،
زهر ٿيا سڀ ذوق، ڏسي حسن هوت جو.
---
طوئي طوق عشق جي ڳل پئي ڳاري،
ڪل شيء يرجع اليٰ اصلي، باهه،
برهه ٻاري،
ڪُوڪان ڪامڻ جون سڻي، اوري آءُ آري،
وسائي واري، توريءَ پرتي پنڌ ۾.
ڪافيءَ جي مقبول انگ ۽ زبان ۾ عبدي پنهنجي جذبن جو
اظهار ڪري ٿو، اُن ۾ وارفتگي ۽ محبت جي تند تنوار
نمايان آهي، محبوب کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
منهنجا محب مٺا منٺار وو،
اچي مل تون جيءَ جيارا.
دم جدا هڪ جالڻ مشڪل، مون کي توريءَ،
پي پيارا وو.
سڪندي سڪندي توهان لئه سهڻا،
منهنجي گذري سڀ ڄمارا وو.
لاهي حجاب هيڻن سان مل تون،
منهنجا پارس پير پاڳارا وو.
سڪ تنهنجي ۾ سروا سهڻا،
نت نيڻ وهائن نارا وو.
پاڻ ڀلائي پاڻان سائين،
ڪاريو دوست ديدارا وو.
عبدالقادر جو پرين توسان آهي،
لوڪئون نينهن نيارا وو.
سنڌ ۾ اڪثر غزل جي هيئت ۾ موزون ڪيل ڪافين کي
ڪافيءَ جي طرز ۾ ئي ڳائجي ٿو. اڪثر ڳائڻن کي غزل
جي گائڪيءَ جو شعور ئي ڪونهي، ان ڪري شاعر جي محنت
به وڃايو ڇڏين. عبديءَ جون ڪي ڪافيون غزل نما آهن،
ٻين لفظن ۾ انهن کي غزل ئي چئبو، اهڙا ڪئين مثال
آهن:
دل کسي دلدار مون ديوان ڪري ويو،
پسائي حسن مون هيڪار حيران ڪري ويو،
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان آءٌ ڪنهن کي سڻايان،
پنهنجي عشق جي آزار جي ڪريان ڪري ويو.
-الخ
شاهه جي رسالي کان نالن ۾ مختلف سُرن ۾ به اُها
تنوار آهي جا شاهه جي رسالي ۾ آهي. سُر ڪاموڏ
(نوري ڄام تماچي) کي عبديءَ جي رسالي ۾ ”گندري“
نالو ڏنل آهي، ڄام تماچيءَ جي اچڻ جو ذڪر هيئن ڪري
ٿو:
تڙ تماچي آئيو، پکي ۾ پيهي،
فڪان قاب قوسين، او ادنيٰ،
ڳجهيون ڳرهي ويهي،
اُتي عبدالقادر چئي، دل رمز سندن ريهي،
پر ڳالهه ڪريان ڪيهي، سمي جي سهاڳ جي.
عبدالقادر عبديءَ مختلف شاعرن جي مقبول راڳن وارن
سُرن، جهڙوڪ: ڪلياڻ، کنڀات، سارنگ، سورٺ ۽ رامڪلي
وغيره سان گڏ ڪي ٻيا به سُر چيا آهن، جن جو راڳ
وديا ۾ مقام آهي، مثلاً: جوڳ، تلنگ، ڪونسيو ۽
وهاڳڙو. هن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته راڳ جي علم کان
چڱي طرح واقف هو، سُر ”ڪونسيو“ ۾ محبت مجاز، مئي ۽
مئخاني جو تذڪرو ڪري ٿو، فرمائي ٿو:
اي مئخانا ڪنهين بنايا، ايها مڙهي،
ڪنهين بنائي،
هو الظاهر هو الباطن، محبت پرايا،
ڪنهين بنايا،
ڪون موسيٰ، ڪون روح الله ڪون هي،
ڪون آذر، خليل الله ڪون هي،
ڪون آدم، ڪون رسول الله ڪون هي،
وحي قرآن ڪنهين بتايا.
-
الخ
ائين مختلف سُرن ۾ محبت ۽ مجاز، رندي ۽ روحاني
ڪلام عبديءَ جي شاعرانه مزاج کي چار چنڊ لڳائي
ڇڏيا آهن.
هن اعليٰ شاعر بابت مقدمو ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ۽ شاعر جي سوانح ۽ ٻيو
ضروري مواد سهيڙيندڙ خود لکيو آهي. نه رڳو ايترو
بلڪ رسالي کي سهڻي انداز سان ترتيب ڏنو اٿس ۽ ڪتاب
جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي الف- ب وار معنيٰ به ڏني
اٿس. هن محنت ۽ شوق تي لياقت علي جوڻيجي کي لک لک
مبارڪون هجن. هيءُ هڪ اعليٰ معيار جو ڪم آهي.
شرف الدين ٽالپر
تبصرو
زنبيل
مقالن، تاثرن، تبصرن، سفرنامن ۽ ملاقاتن تي مشتمل
هيءُ ضخيم مجموعو سنڌ جي نالي واري اديب ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي ڪاوشن جو نتيجو آهي. هنن
ليکن ۾ ڪي پراڻا ته ڪي نوان به شامل آهن. انهن جو
دور 1954ع کان 2000ع تائين آهي. ليک زبان ۽ بيان
جي لحاظ کان اصل متن وارا ئي آهن. انهن ۾ لفظي
درستين کان سواءِ ٻي ڪا ڦيرگهير ڪيل نه آهي. تنهن
ڪري مصنف جي اسلوب ۽ طرز بيان جي ارتقاء جو به
نمونو پيش ڪن ٿا. موضوعن جي گوناگونيءَ سبب اهي
عام لاءِ دلچسپ به آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
صاحب 1954ع کان ئي سنڌي ادب جي خدمت ۾ مشغول آهي.
هن زندگيءَ جا مختلف رنگ ڏٺا آهن. سياسي اٿل پٿل،
ورهاڱي جا سنڌي ادب تي اثر، سنڌ سان ون يونٽ ۽
مسلسل مارشل لا جهڙا ٿيندڙ ڪلور ۽ عالمي سائنسي
ترقيءَ جا نرالا روپ سندس نظرن جو مرڪز رهيا آهن.
علم ۽ ادب جي قديم انداز جي پڄاڻي يعني هر ڳالهه
کي اکيون پوري قبول ڪرڻ واري روايت کي ختم ڪرڻ ۽
ادب جي جديد انداز يعني هر شيءِ کي تحقيقي، تنقيدي
۽ عقلي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ابتدا ۽ ترقي
سندس ئي دور جو حصو آهن. هيءُ ان دور ۾ ڄائو،
نپنو، پڙهيو ۽ وڏو ٿيو جنهن دور ۾ ادب جي جديد
لاڙن ۽ رجحانن جو بنياد پئجي چڪو هو. جديد سنڌي
شاعريءَ جي ترقيءَ جو درياء ’شيخ اياز‘ نه رڳو هن
جو همعصر هو پر سندس اڪيڊمڪ هيڊ پڻ رهيو هو ۽ گهڻ
گهرو ساٿي ۽ محسن به هو. جنهن جو اثر پڻ هن جي
علمي پورهئي تي چڱي طرح ڇانيل آهي. جديد سنڌي ادب
جي گوناگوني واري دور جي ابتدا ۾ رڳو اعتدال پسند
اديب هئا، مگر ڪيترن ئي انتها ۽ رجعت پسند ماڻهن
جو ٽولو علمي ۽ ادبي ادارن ۾ سرگرم عمل هو پر
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ترقي پسند ادب ۽ اديبن جو
نه رڳو حمايتي رهيو، مگر ان کي ترقيءَ وٺائڻ لاءِ
ڀرپور ڪردار پڻ ادا ڪيو ۽ پنهنجو نالو جديد ادب جي
گهڻ گهرن جي لسٽ ۾ نمايان طور بيهاريو. هن شاهه،
سچل، سامي، بيدل ۽ بيڪس کي به جديد طرز سان توريو
۽ تڪيو. اياز، تنويز ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جهڙن عالمن ۽ شاعرن جو به گهرائيءَ سان مطالعو ڪري
سندن ڪم ۽ ڪردار تي خود لکيو. لکڻ جو انداز بلڪل
پڪو ۽ پختو، ڪٿي به جهول نظر نه ايندو. اهڙي ڪابه
ڳالهه نه لکندو، نه چوندو، جنهن جو پڪو پختو دليل
يا بنياد کيس معلوم نه هجي. مون ڪيترائي دفعا سندس
گفتگو ۾ ائين چوندي ٻڌو آهي ته ”هن دور ۾ ويهي ڪو
ٽي سؤ سال اڳ جي ڳالهه پاڻ مرادو ڪيئن ٿو ڪري ۽
لکي، جنهن جو ڪٿي به ڪو تحريري احوال ۽ دليل موجود
نه هجي يا ڪنهن دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪي آثار نه
مليا هجن.“ ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي ماڻهن جون اهڙيون
بي بنياد ڳالهيون پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ رد
ڪندو آيو آهي. حالانڪ اهڙي عمل سان سندس مخالفت ۾
به ڪافي اضافو ٿيو آهي، پر هيءُ عالم پنهنجي صحيح
ڳالهه تي اٽل رهيو آهي. حق خاطر ان مخالفت کي قبول
ڪيو آهي ۽ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي اٿس. پنهنجي
خاموش مزاج سان ڪم ۾ رڌل رهيو آهي. سندس ڪتاب
”سنڌي ادب جي تاريخ“ جنهن گهڻي کان گهڻي مقبوليت
ماڻي ۽ سنڌي ادب جي سمورن شاگردن، استادن ۽ اديبن
پڙهيو آهي. ان مان هڪ اهڙو مثال هت پيش ڪريان ٿو:
ڊاڪٽر صاحب سنڌي نثر جي ابتدا بابت عالمن جي هن
راءِ کي سرعام دليل ڏئي رد ڪيو آهي ته سنڌي نثر جا
ابتدائي اهڃاڻ راجا ڏاهر جا خط ۽ ٻيو اهڙو بنا
دليلن وارو مواد آهي. هن اهو محسوس ڪرايو ته اکيون
بند ڪري اهڙين ڳالهين تي اعتبار ڪرڻ ڪم عقلي جي
نشاني آهي. سنڌي نثر جي ابتدائي اهڃاڻن بابت راجا
ڏاهر ۽ ان کان پوءِ واري سموري عرصي کي ڊاڪٽر
عبدالجبار حوالن کان سواءِ حتمي طور هرگز قبول
ڪونه ڪيو۽ هن سنڌي نثر جي شروعات عزيزالله مٽياروي
واري قرآن شريف جي سنڌي ترجمي کي تسليم ڪيو، جنهن
جو تحريري دستاويزي ثبوت اڄ به موجود آهي. شروع
کان وٺي هن وقت تائين ڊاڪٽر عبدالجبار جي لکڻ ۽
ڳالهين کي پرکڻ وارو اهڙو منفرد انداز سندس ڪتابن
۽ مختلف تحريرن ۾ ته اڳئي موجود آهي، مگر اهڙين
هزار خوبين سان ڀريل ”زنبيل“ ڪتاب تازو سنڌي ادبي
بورڊ طرفان ڇپجي منظرعام تي آيو آهي. جنهن ۾ پڻ
ڪيترائي ادب جا جديد لاڙا، تحقيق ۽ تنقيد جا منفرد
طريقا شاگردن، ليکڪن ۽ عام پڙهندڙن جي دلين تي نقش
چٽيندڙ آهن. ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جا ڪيترائي
تجربا ۽ مشاهدا هن ڪتاب ”زنبيل“ جي زينت آهن.
پڙهندڙ هڪ ئي وقت هڪ ئي ڪتاب مان ڪيترائي سبق سکي
۽ معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪتاب جو سهڻو ٽائيٽل،
پڪو جلد، پنو ۽ سائيز ڏاڍي سوبر آهي. اهڙي خوبصورت
ڪتاب ڇپائڻ تي سنڌي ادبي بورڊ جس لهڻي. سنڌي ادبي
بورڊ ڪافي عرصي کان سنڌ جي تاريخ، تمدن، تهذيب،
ادب ۽ شاعريءَ جهڙن مختلف موضوعن تي مختلف اديبن
جا ڪتاب ڇپائيندو رهيو آهي. پبليڪيشن جي حوالي سان
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو واحد ادارو آهي جنهن سڀني
سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کان گهڻي خدمت
سرانجام ڏني آهي. ”زنبيل“ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
”زنبيل“ عربي ٻولي جو لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي-
”ڳوٿري“. ڊاڪٽر صاحب جي هن ڳوٿريءَ ۾ اڌ صديءَ جي
زندهه تاريخ پيل آهي. جنهن ۾ سندس ئي نظر سان ڏٺل
۽ ڪنن سان ٻڌل داستان ۽ واقعا درج آهن. باقي ٻي
تحقيقي مواد ۾ ٻولي، ادب، سماجيات ۽ انهن موضوعن
تي ٻين عالمن جي ڪيل ڪمن جو تحقيقي ۽ تنقيدي
اڀياس، جديد ادب جي اصولن ۽ تحقيق جي نئين گهُرجن
مطابق ٿيل آهي. پاڻ وڏي عمر جو اديب ۽ محقق آهي
مگر جذبا جوان اٿس. دنيا جي جديد ۽ تحقيق جي نون
طريقن ۽ رنگن روپن کان نه رڳو واقف آهي پر انهن کي
اپنائيندي ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿو ڪري، جنهن ڳالهه
يا واقعي جي تهه تائين نٿو پهچي ته اها سندس تحرير
کان محروم هوندي آهي. هر ڳالهه دليلن سان بيان ڪيل
آهي. اهڙا ڪيترائي مثال هن حسين تصنيف ”زنبيل“ ۾
موجود آهن.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ادب جي هر موضوع تي لکي
چڪو آهي. سندس اهم ڪم ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۽ مختلف
شخصيتن جي هڪ مطالعي وارا ڪتاب آهن. انهي کان
سواءِ ٻيو اهم ڪم مذڪوره ڪتاب آهي ۽ ساڳئي سلسلي ۾
سندس ڪتاب ”ڪٺمال“ پڻ اڳ ۾ ڇپيل آهي. اڃا هڪ ڪتاب
”قنديل“ اڻڇپيل صورت ۾ آهي. جنهن کي پڻ ڇپائڻ جي
ضرورت آهي. گهڻا ڪتاب ۽ مضمون ڇپجن، پاڻ ان ڳالهه
جو قائل بلڪل ڪونهي. هن ڪڏهن به تعداد کي ترجيح نه
ڏني آهي. شيءِ جي معيار کي مقرر ڪرڻ سندس خاصيت
آهي. بهرحال ڊاڪٽر صاحب جي شاهڪار تصنيف ”زنبيل“
578 صفحن تي مشتمل آهي. فهرست کي ٽن حصن ۾ ورهايو
ويو آهي. پهريون شخصيتون ۽ جائزا آهن انهن جو
تعداد 63 آهي. ٻيو سفرنامو ۽ ملاقاتون آهن انهن جو
تعداد 14 آهي. ٽيون تاثر ۽ تبصرا آهن تن جو تعداد
30 آهي. جملي 107 آهن. هن کان اڳ ”ڪٺمال“ ۾ 68
مضمون ۽ مقالا درج آهن. ائين چڱي خاصي مواد جو
سنڌي ادب ۾ اضافو ٿيو آهي. ”زنبيل“ ۾ ڊاڪٽر صاحب
لسانيات، شاعري، موسيقي، پهاڪا، اصطلاح، لوڪ ادب،
مختصر سفرناما، خط ۽ انٽرويو شامل ڪيا آهن. ٽيهه-
پنجٽيهه شاعرن، شخصيتن ۽ اديبن جي ڪم ۽ ڪردار تي
روشني وڌي آهي. لاڙ ۽ بدين جي تهذيب، شاعري ۽
ثقافت کي به مختصر بلڪ خصوصي جاءِ ڏني آهي. شاعرن
۽ شاعريءَ جي صنفن جا موضوع گهڻا شامل ڪيا اٿس ڇو
ته شاعرن کي پنهنجو رهبر سمجهندو آهي. مون شروع ۾
ئي عرض ڪيو هو ته پاڻ جدت ۽ تبديلي پسند اديب آهي.
سندس ادبي خدمت وقت جي ضرورتن ۽ تحقيق جي عالمي
اصولن مطابق آهي. سندس لکڻ وارو عام طريقو ته جديد
آهي پر وقت جي ضرورتن جي پورائي، عام پڙهندڙ ۽
شاگردن جي سکيا لاءِ ادب، زبان ۽ تحقيق جي فن کي
ترقي وٺائڻ لاءِ ”زنبيل“ ۾ ٻه الڳ مضمون لکي
سمجهاڻي ڏني اٿس. جيڪي هي آهن: پهريون ”سنڌي ادب،
زبان ۽ ايڪيهن صديءَ جون گهرجون“ ٻيو ”تحقيقي مواد
جي فراهمي ۽ سماج جو سڌارو“. وڌيڪ هن ڪتاب ۾ سندس
ئي ڏنل ٻه انٽرويو شامل آهن. جيڪي پڻ هن سلسلي ۾
رهبري ڪن ٿا.
مون هر وقت سائين عبدالجبار جي شخصيت ۽ سندس ڪم ۽
ڪردار کي عشق جي نگاهه سان ڏٺو آهي، اها سڀني محبت
ڪندڙ ماڻهن کي خبر آهي ته عاشق جي اکين کي محبوب
جي هر ادا خوبي، خوشنصيبي، چڱائي ۽ رهبري ڏسڻ ۾
ايندي آهي. تنهنڪري ”زنبيل“ سارو سچ ۽ سون آهي.
علمي ۽ ادبي نقطهء نگاهه کان ڪنهن شيءِ تي لکڻ ۽
ان کي پرکڻ لاءِ تارازي جي هڪ پُڙ ۾ ڪيل ڪم ۽ ٻي
پُڙ ۾ پرکيندڙ دليل رکيا ويندا آهن. جنهن جو پڻ هي
اديب ۽ محقق وڏو قائل آهي. سندس ڪم کي به اهڙي
تنقيدي نگاهه سان پرکڻ ئي ساڻس انصاف ڪرڻ آهي.
ائين ئي سندس مجموعي ڪم کي تنقيد جي تارازيءَ ۾
توربو ته هن خاموش مزاج محقق ۽ اديب جو ڪم سڄي سنڌ
۾ صاف، شفاف ۽ نمايان نظر ايندو. ڊاڪٽر صاحب
موضوعن ۽ صنفن جي لحاظ کان هر فن مولا يا چئجي ته
آل رائونڊر آهي. مقالن، مضمونن، تاثر ۽ ٻين صنفن
وارا اسم ”زنبيل“ ۾ موجود آهن. ٻئي ايندڙ مجموعي
”قنديل“ ۾ طنزيه مضمون آهن. سندس افسانن جا ٽي
مجموعا اڳ موجود آهن ۽ باقي افسانا ايندڙ مجموعي ۾
ايندا جو پڻ ايڊٽ ڪري رکيو اٿس. سنڌي ادبي بورڊ
هيءُ ڪتاب شايع ڪري هڪ منفرد علمي ڪم ڪيو آهي،
جنهن لاءِ کيس جس هجي. |