سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2010ع

مضمون

صفحو :14

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو                                                           سفرنامو

 

سمرقند، بخارا ۽ تاشقند جو سير ۽ سفر

اگر آن ترڪ شيرازي بدست آرد دل مارا

بخال هندوش بخشم  سمرقند و بخارا را

]جيڪڏهن شيراز جو محبوب منهنجي دل کي راضي ڪري ته جيڪر آءٌ سندس ڪاري تر مٿان سمرقند ۽ بخارا کي گهوري ڇڏيان.[

جڏهن کان فارسي زبان جي مشهور شاعر حافظ شيرازيءَ جو اهو شعر پڙهيو هئم، تڏهن کان وٺي سمرقند ۽ بخارا ڏسڻ جو شوق دل ۾ رهندو ٿي آيو. آخر اهو موقعو تاريخ 21- جولاءِ 2010ع تي آيو، جڏهن ازبڪستان جي اڏام ذريعي لاهور کان تاشقند روانو ٿيس. اڏام جو ڪل وقت ٻه ڪلاڪ ۽ چند منٽ هو. بهرحال جڏهن ڇهين بجي شام جو آءٌ تاشقند ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتس ته اتي پاڪستاني سفير مسٽر وحيدالحسن جي معرفت ٽيڪسيءَ جو اڳيئي بندوبست ٿيل هو ۽ سندس ماڻهو به مون کي وٺڻ لاءِ آيل هئا. رٿيل پروگرام موجب مون کي سڌو هوائي اڏي تان سمرقند لاءِ روانو ٿيڻو هو. تاشقند کان سمرقند چار پنج ڪلاڪن جو سفر آهي ۽ اها هڪ مکيه شاهراهه آهي. روڊ ڪافي ڪشادو ۽ ٻن سڙڪن وارو آهي ليڪن پراڻي طرز جو ٺهيل آهي جيڪو ايڏو آرامده نه آهي، انهيءَ ڪري آءٌ ڊرائيور سان گڏ اڳئين سيٽ تي ويهي رهيس، جيڪو تجربيڪار ۽ سمجهدار ٿي لڳو، ليڪن انگريزيءَ جي هائو ۽ نهڪر کان وڌيڪ ڪجهه نٿي سمجهيو. تاشقند کان سمرقند جو اهو رستو کليل ۽ سرسبز وادين ۽ آباد کيتن مان گذري ٿو. رستي جي ٻنهي طرفن کان ڪپهه جا پوکيل فصل ۽ باغ ئي باغ نظر اچي رهيا هئا، جيڪي اکين کي راحت ۽ فرحت، دماغ کي تازگي ۽ طراوت ڏئي رهيا هئا. رستي جي ٻنهي پاسن کان چپي چپي تي ميوات جا ٺيلها ٿي نظر آيا، جن تي عورتون ويٺل نظر آيون. اتي مون کي ياد آيو ته مغل شهنشاهه بابر بادشاهه جو تعلق به هن خطي سان هو ۽ جڏهن هندستان فتح ڪيائين ته سندس هڪ وڏي شڪايت اها هئي ته هندستان ۾ اهڙي قسم جا لذيذ سردا  ۽ ميوا موجود نه هئا، اهو ذڪر هن پنهنجي سوانح ’تزڪ بابريءَ‘ ۾ ڪيو آهي. اهو خيال ايندي مون ڊرائيور کي اشارو ڏنو ته ميوو وٺڻ گهرجي. ائين اسان انگور ۽ آڙو وغيره خريد ڪيا جن جي ذائقي ۽ لذت باقي سفر جو ساٿ ڏنو.

اٽڪل ساڍي يارهين وڳي اسان سمرقند جي هڪ وچولي هوٽل تي پهتاسين. جتي اڳئي بڪنگ ٿيل هئي، جيئن ته اسان رات جي ماني نه کاڌي هئي تنهنڪري مون هوٽل جي مئنيجر کان پڇا ڪئي. جنهن چيو ته شهر جي مرڪز ۾ ڪي ريسٽورنٽ کليل هوندا. اتي پهتاسين ته رات جا ٻارنهن ٿي رهيا هئا ۽ ريسٽورنٽ بند ٿيڻ شروع ٿي چڪا هئا. پر اسان کي آسرو مليو ۽ مٿين منزل تي هڪ ٽيبل تي وڃي ويٺاسين. خبر پئي ته اهو ڪنهن ايرانيءَ جو هوٽل آهي، اتي سمارٽ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سروس ڪري رهيا هئا. کاڌي آرڊر ڏيڻ وقت خبر پئي ته ڊرائيور به ٿوري گهڻي فارسي سمجهي ٿو ۽ اتان جا ڪي بيرا به فارسي سمجهن ٿا. ائين اسان جي آرڊر ڏيڻ جو مسئلو حل ٿيو ۽ ماني کائي واندا ٿياسين. اتي آيل ماڻهن جي هلت چلت مان معلوم ٿيو، ته هو ماڻهو نهايت شائسته ۽ مهذب آهن، بلڪ ٻاهر بيٺل ڪن جوڙن مان اتي جي آزاديءَ واري ماحول جو به اندازو ٿيو ۽ سمرقند جي حسن ۽ خوبصورتيءَ جي جهلڪ به نظر آئي.

ٻئي ڏهاڙي صبح جو ناشتي ڪرڻ کان پوءِ بيگ کڻي اچي ڪار ۾ رکيم ته جيئن سڄو ڏينهن سمرقند کي ڏسڻ بعد سڌو بخارا جو رخ رکجي.

سمرقند تاريخي شهر آهي جيڪو 326قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم فتح ڪيو هو، بلڪ شاهراهه ريشم تي اهو نهايت اهم شهر ۽ تجارتي مرڪز هو، جتان چين، هندستان، ايران، عربستان ۽ يورپ ڏانهن قافلا ويندا هئا. سورهين صدي عيسوي تائين جيستائين يورپ وارن ايشيا ۽ ٻي دنيا سان سامونڊي رستو دريافت نه ڪيو هو ته ايستائين شاهراهه ريشم تي دنيا جي تجارتي گذرگاهه هئي ۽ ان لحاظ کان وچ ايشيا (Central Asia) جي بيهڪ واري حساب سان مشرق ۽ مغرب درميان تهذيبي رابطي جو اڪيلو ذريعو پڻ هئي.

پهرين صدي هجري يا ستين صدي عيسوي جي شروع ۾ عربن خراسان کي فتح ڪيو ته ان سان گڏ هن خطي ۾ اسلامي فتوحات جو آغاز ٿي ويو ۽ 711ع ۾ قتيبه ابن مسلم سمرقند کي اسلامي سلطنت جو حصو بنائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ڏهين صدي عيسوي تائين ترڪستان جا اهي علائقا مڪمل طور اسلام جي سلطنت هيٺ اچي چڪا هئا ۽ انهيءَ نئين تهذيب جي اثر هيٺ اسلامي علوم ۽ فنون جا مرڪز بنجي چڪا هئا. اهوئي سبب آهي جو اسلامي دنيا جون وڏيون هستيون جن ۾ خاص طور امام اسماعيل بخاري (870-810ع) ٽين صدي هجريءَ ۾، ۽ بوعلي سينا (1037-980ع) چوٿين صدي هجريءَ ۾ پيدا ٿيا، اهڙيءَ طرح الخوارزمي توڙي البيروني جو تعلق هن خطي سان هو. فقه حنفي جي مشهور ڪتاب هدايه جو مصنف مرغيناني پڻ هن علائقي جو هو.

ستين صدي هجري/تيرهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ منگولن جو طوفان به وچ ايشيا مان اٿيو ۽ چنگيز خان 1220ع ۾ هن علائقي کي تباهه ۽ برباد ڪيو. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن مشهور مغربي سياح مارڪو پولو شاهراهه ريشم رستي چين ويو ته هن سمرقند کي ’شاندار شهر‘ جي لقب سان ياد ڪيو ۽ بخارا کي ”عاليشان“ ڪوٺيائين. ابن بطوطه چوڏهين صديءَ ۾ منگولن جي حملي کان پوءِ 1330ع ۾ سمرقند آيو ته ان جي عظمت کي بيان ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.

بهرحال سمرقند کي اصل عروج تڏهن حاصل ٿيو جڏهن 1370ع ۾ امير تيمور يا تيمورلنگ ان کي فتح ڪيو ۽ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو.

گور امير:

سمرقند ۾ اسان جي انتخاب جو پهريون ماڳ ’گورامير‘ يعني تيمور لنگ جو مقبرو هو جيڪو وچ شهر ۾ آهي. اها هڪ عاليشان عمارت آهي جيڪا امير تيمور پنهنجي پٽ محمد سلطان جيڪو عثماني ترڪن سان وڙهندي مري ويو هو، ان جي آخري آرامگاهه طور پنهنجي نگرانيءَ ۾ وڏي شوق ۽ محبت سان ٺهرائي هئي. بلڪ چون ٿا ته جڏهن اها عمارت اڃا ٺهي تيار نه ٿي هئي ته هڪ دفعي جڏهن تيمور ان جي معائني لاءِ آيو ته کيس پسند نه آئي، ته اها سموري ڊهرائي پٽ ڪيائين ۽ ان کي ٻيهر ٺهرائڻ جو حڪم ڏنائين.

ليڪن 1405ع ۾ جڏهن امير تيمور جي عمر 69 سال هئي ته هو پنهنجي زندگيءَ جي آخري معرڪي طور چين فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ليڪن اوچتو سرديءَ جي موسم ۾ اترار جي شهر ۾ سخت بيمار ٿي پيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين جنهن ڪري سندس لاش کي هتي آڻي دفن ڪيو ويو.

گورامير اٺ پاسائين بلند و بالا عمارت آهي جنهن جي اوچائي 120 فوٽ ٻڌائي وڃي ٿي، ان جو عاليشان گنبد نيري ۽ ٻين رنگن جي ڪاشيءَ جي سِرن سان جڙيل آهي جيڪو ڏينهن جي وقت سج جي روشيءَ ۾ هر طرف کان چمڪندي ۽ تجلا ڏيندي نظر اچي ٿو. گنبد جي چوڌاري هيٺين ڪناري تي  ڪلمو لکيل آهي جيڪو طرز تحرير جو نادر نمونو آهي. مقبري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ اوچو باب ٺهيل آهي جنهن جي پاسي ۾ هينئر ٽڪيٽ گهر آهي.

 

گور اميريا امير تيمور جو مقبرو- سمرقند

مقبري جي اندر نقش و نگار ۽ سون جي پاڻيءَ جو ڪم ٿيل آهي. جنهن جي خوبصورتي ۽ زيبائش هينئر به ترو تازه ۽ عقل کي حيران ڪندڙ آهي. هتي ڪل ست قبرون آهن. امير تيمور جي قبر مٿان ڪاري سنگ مرمر (Jade) جو پورو هڪ بلاڪ رکيل آهي، جنهن تي عبارتون لکيل آهن، مون وقت جي ڪميءَ جي پيش نظر انهن کي پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي. مون هڪ انگريزي ڪتاب ۾ پڙهيو ته ان تي اميرتيمور جو شجرو لکيل آهي.

امير تيمور جي قبر سان گڏوگڏ سندس استاد شيخ سيد برڪت جي قبر آهي جنهن مان تيمور جي پنهنجي استاد لاءِ غير معمولي عزت ۽ عقيدت جي خبر پوي ٿي. ان کان سواءِ تيمور جي ٻن پٽن ۽ ٻن پوٽن جون قبرون آهن جن ۾ شاهه رخ ۽ سندس پوٽو الغ بيگ هتي دفن ٿيل آهن. مقبري جي هڪ طرف تهه خانا به آهن جن مان هڪ جي اندر آءٌ گهڙي ويس ته سياحن لاءِ سوکڙين ۽ خريداريءَ جون شيون نظر آيون. هونئن چون ٿا ته امير تيمور توڙي ٻين جون اصلي قبرون هيٺ تهه خاني ۾ آهن.

امير تيمور کي چئن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جو اولاد هو، جن جا نالا هن ريت آهن: عمر شيخ، جهانگير، ميران شاهه، شاهه رخ ۽ آغا بيگي، ميران شاهه جي پڙپوٽي جو نالو عمر شيخ هو ۽ ظهيرالدين بابر ان جو پٽ هو، جنهن 1526ع ۾ هندستان فتح ڪيو.

تيمور جي اوائلي زندگيءَ جي باري ۾ ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته هن جو تعلق برلاس قبيلي سان هو ۽ هو ان قبيلي جي سردار طرغائي جي گهر ۾ 736هه/1336ع ۾ سمرقند کان  ڏکڻ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ شڪري سبز جي ڀرسان ڪش ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍپڻ کان غيرمعمولي صلاحيتن وارو هو، جيئن چون ٿا ته هو ٻنهي ٻانهن ۽ هٿن کان ساڳي قوت سان ڪم وٺي سگهندو هو ۽ انڪري هو جنگ ۾ ٻنهي هٿن سان ترار هلائي سگهندو هو. هن جوانيءَ ۾ ماوراء النهر جي منگول حڪمران تغلق تيمور سان تعلق قائم ڪيو، ليڪن جلد ئي ان سان اختلاف ٿي پيس ۽ آخر نوبت لڙائي تائين پهتي. تيمور بلخ جي حڪمران امير حسين سان اتحاد ڪري 1366ع ۾ پهريون دفعو سمرقند تي قبضو ڪيو. اڳتي هلي امير حسين سان پڻ سندس اختلاف ٿيو ۽ آخر 1370ع ۾ هن کي شڪست ڏئي بلخ تي قبضو ڪيائين ۽ سندس زال سرا ملڪ خانم سان شادي ڪئي جيڪا چنگيز خان جي نسل مان هئي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي لاءِ ’گورگان‘ جو لقب اختيار ڪيو جنهن جي معنيٰ آهي: وڏي خان جو نياڻو. اهڙي طرح انهيءَ شاندار فتح بعد خوشبختي جي وڏي نشاني طور ٻيو لقب ’صاحبقران‘ اختيار ڪيائين، جنهنڪري خانداني تاريخن جهڙوڪ ’ظفرنامه‘ ۾ کيس ان لقب سان ياد ڪيو ويو آهي.

ترڪي زبان ۾ ’تيمور‘ لفظ جي معنيٰ ’لوهه‘

آهي. هوڏانهن تزڪ تيموريءَ جي روايت موجب تيمور تي اهو نالو قرآن پاڪ جي سورة ملڪ جي هڪ آيت مان ورتل آهي، جتي لفظ ’تمور‘ آيل آهي. تيمور جي حڪمرانيءَ جو عرصو ڇٽيهه سال شمار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هڪ هنڌ ويهي حڪمرانيءَ هلائڻ جو عرصو تمام گهٽ آهي. هن اهو سمورو عرصو جنگي مهمات ۽ فتوحات ۾ صرف ڪيو آهي. سندس حڪومت جون حدون هڪ وقت ۾ ديوار چين کان وٺي روس جي سرحدن تائين ڦهليل هيون، ٻئي طرف هندستان، شام، مصر ۽ عرب عجم جا ڪيترا علائقا سندس قلمرو ۾ شامل هئا. ان وقت جي دنيا جا ستاويهه ملڪ سندس زيرنگين هئا ۽ هو پاڻ نون حڪمرانن جو مڃيل بادشاهه هو. انهيءَ ڪري گهڻن تاريخدانن امير تيمور کي دنيا جي ٽن عظيم فاتحن ۾ شمار ڪيو آهي. جنهن ۾ باقي ٻه سڪندراعظم ۽ چنگيز خان آهن. تيمور جي زندگيءَ ۾ فتوحات ۽ قتل عام جا ڪجهه اهم واقعا هن ريت آهن:

سال 789هه/1386ع ۾ تيمور ايران جي شهر اصفهان ڏانهن پيش قدمي ڪئي جنهن جو سبب اهو هو ته اتان جي حڪمرانن تيمور جي ايلچيءَ کي قيد ڪري رکيو هو، ان ڪري تيمور هن مهم جي پاڻ سربراهي ڪري رهيو هو، جڏهن هو اصفهان پهتو ته اتان جي حاڪم آڻ مڃي حاضر ٿيو ۽ تاوان ڀرڻ جي حامي ڀري، پر جڏهن تيمور جا سپاهي شهر ۾ اڳاڙيءَ لاءِ داخل ٿيا ته معاملو ئي ٻيو ٿي پيو، يعني اصفهان جي شهرين اُلٽو سپاهين کي قتل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. تيمور کي جڏهن اها خبر پئي ته هن قتل عام ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ائين جيستائين ستر هزار انساني سرن جو انبار گڏ نه ٿيو هو تيستائين بس نه ڪئي وئي. چون ٿا ته ان کان پوءِ ايران جي آل مظفري حڪمرانن هر هنڌ تيمور جي تابعداري کي عليٰ الاعلان تسليم ڪيو.

تيمور اصفهان کان ٿيندو شيراز پهتو جتي عيد جي ڏهاڙي سندس نالي جو خطبو پڙهيو ويو، مظفري شهزادا اچي حاضر ٿيا جتي کين حڪمراني جي سند عطا ڪئي وئي. ’تذڪره دولت شاهه سمرقنديءَ‘ جو مصنف لکي ٿو ته حافظ شيرازي پڻ سيد زين العابدين گنا آباديءَ جي معرفت ملاقات لاءِ حاضر ٿيو. امير تيمور سندس هن مقالي جي شروع ۾ ڏنل انهيءَ مشهور شعر جنهن ۾ محبوب جي تر تان سمرقند ۽ بخارا قربان ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، بابت آڏي پڇا ڪئي. حافظ وراڻيو: اي اميرن جا امير! بيشڪ اهو شعر منهنجو آهي. تيمور چوڻ لڳو: اسان سالن جا سال محنت ڪري سمرقند کي خوبصورت بنايو ۽ ان لاءِ مون دنيا جا هنرمند ۽ ڪاريگر گڏ ڪري وڏي دولت خرچ ڪئي آهي ۽ اهو هينئر گاديءَ جو هنڌ آهي، پر تو وٽ ان جي ايڏي گهٽ وقعت ڇو آهي؟ اهو ٻڌي حافظ نهايت عقلمنديءَ وارو جواب ڏنو. اي اميرٰ منهنجي انهن فياضين يا سخاوت جو ئي نتيجو آهي ته منهنجا اهي حال ٿيا آهن، يعني افلاس ۾ رهندو اچان. چون ٿا ته امير تيمور کي اهو جواب پسند آيو ۽ انعام اڪرام ڏئي حافظ کي روانو ڪيائين.

’ظفرنامه‘ موجب هندستان تي تاريخي حملي ڪرڻ کان اڳ تيمور پنهنجي وزيرن، پٽن، مشيرن ۽ ساٿين سان ڪافي وقت صلاح مشورو ڪيو. حملي ڪرڻ کان اڳ خط لکي خراج ۽ تابعداريءَ جي تقاضا ڪيائين پر ديپالپور جي حاڪم سارنگ خان کيس کُتو جواب موڪليو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو تيمور پهريائين پنهنجي پوٽي پيرمحمد کي هراول دستي طور موڪلي ڏنو جنهن اچي مارچ 1398ع ۾ ملتان کي گهيرو ڪيو. آخر جڏهن تيمور پنهنجي نوي هزار سپاهه سان بلخ، ڪابل کان ٿيندو سنڌوءَ کي اُڪري ملتان پهتو تڏهن اتان جي حاڪم قلعو سندس حوالي ڪيو. دهليءَ جي حڪمران سلطان محمود جيتوڻيڪ وڏو لشڪر گڏ ڪيو هو، جنهن ۾ بيشمار هاٿي به شامل هئا، پر تيمور جهڙي تجربيڪار سپهه سالار جو مقابلو نه ڪري سگهيو، صلح جا شرط طي به ٿي ويا پر اوچتو سپاهه ۽ دهليءَ جي شهرين ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. تيمور ڪل ٻه هفتا دهليءَ ۾ ترسيو پر ان دوران خون جون نديون وهي هليون، ۽ اها ڦُرلٽ ٿي جنهن جو تاريخ ۾ ٻيو مثال نٿو ملي. اٽڪل هڪ لک انسان قتل ٿي ويا. آخر تيمور دهلي جي سيد خاندان جي فرد خضر خان کي دهليءَ جي تخت تي ويهاري پاڻ وطن واپس وريو.

هندستان جي خزانن مان تيمور جي سپاهه کي گهڻو ئي مال غنيمت هٿ آيو، آخر ڪيترا هنرمند ۽ ڪاريگر گڏ وٺي ڪشمير جي رستي، هڪ ڏينهن ۾، روزانو ٻن ڪوهن جو سراسري فاصلو طي ڪندي سمرقند پهتو. تيمور کي دهلي مان موٽي اڃا هڪ سال جو عرصو ٿيو هو جو هڪ ٻئي وڏي قتل عام ۽ ڦُرلٽ جو واقعو دمشق ۽ بغداد جي تباهيءَ جي صورت ۾ سامهون آيو، بلڪ ان کان اڳ هن آڪٽوبر 1400ع ۾ حلب کي فتح ڪري اتي چار ڏينهن قتل عام ڪيو. دمشق پهچڻ بعد تيمور سفارتي ذريعن سان ڪوشش ڪئي ته وقت جو حڪمران سندس تابعداريءَ جو اعلان ڪري. اهوئي موقعو هو جڏهن مشهور مؤرخ ابن خلدون تيمور جي درٻار ۾ حاضر ٿيو، ۽ پنهنجي قابليت جا جوهر ڏيکاريائين ۽ تيمور به کانئس متاثر ٿيو، پر بغداد جو حڪمران سلطان احمد پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيو ۽ پاڻ دمشق مان ڀڄي مصر ۾ وڃي پناهه ورتائين. آخر تيمور جي فوجن جون 803هه/1401ع ۾ بغداد فتح ڪيو ۽ تيمور فرمان جاري ڪيو ته مسجدن ۽ خانقاهن کان سواءِ ٻي هر شيءِ کي تلف ڪيو وڃي. چون ٿا ته چاليهه ڏينهن ساندهه باهه ٻرندي رهي. دمشق جي اموي مسجد جو گنبد به انهيءَ باهه جي نذر ٿي ويو. هوڏانهن بغداد ۾ نوي هزار انساني کوپڙين جا ڪيئي مينار تعمير ٿي ويا.

دمشق، بغداد ۽ مصر جي فتح کان پوءِ تيمور جو مقابلو عثماني ترڪن جي سلطان بايزيد يلدرم سان اڻٽر ٿي پيو، خاص طور جڏهن بغداد جي حڪمران سلطان احمد جلائر ۽ قرا يوسف کي بايزيد پناهه ڏني. هن سلسلي ۾ پهريائين ٻنهي جي وچ۾ زوردار خط و ڪتابت ٿي جيڪا تاريخ جو حصو آهي پر آخر نوبت جنگ و جدل تائين پهتي. هن جنگ لاءِ تيمور پاڻ کي پوريءَ ريت تيار ڪيو بلڪ هڪ لک فوج سان هزارين ميلن جو فاصلو طيء ڪري عثماني ترڪن جي مرڪز انگوره ۾ پهچي جولاءِ 1402ع ۾ بايزيد کي شڪست ڏنائين. بايزيد کي زندهه گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو، آخر هڪ سال جي عرصي اندر بايزيد انهيءَ حالت ۾ وفات ڪري ويو. ترڪيءَ جي عثماني سلطانن جي ٽن سؤ سالن جي تاريخ ۾ اها پهرين شڪست هئي. ان کان اڳ عثماني ترڪ يورپ جي اندر ڪافي پيش قدمي ڪري چڪا هئا، بلڪ بلغاريا ۽ ڪوسوو سندن حڪمرانيءَ ۾ داخل هئا. اهو وقت هو جڏهن يورپ وارن کي سڀ کان وڏو خطرو عثماني ترڪن کان هو. سورهين صديءَ جي آخر ۾ مشهور انگريز شاعر ۽ ڊرامانويس ڪرسٽوفر مارلو پنهنجي تاريخي ڊرامي ‘Tamburlaine the Great’ (عظيم فاتح تيمور لنگ) ۾ انهيءَ احساس کي چڱيءَ طرح اجاگر ڪيو آهي. جتي هو هڪ طرف تيمور کي ’خدائي عذاب‘ ڪوٺي ٿو ته ٻئي طرف بايزيد جي شڪست ۽ ذلت تي درپرده خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو.

مارلو جو اهو ڊرامو پنهنجي جاءِ تي هڪ فني شاهڪار آهي، سندس چند سٽون هن ريت آهن: جن ۾ هو تيمور کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ بايزيد جي تحقير ڪري ٿو:

“The ages that shall talk of Tamburlaine even from this day fo Plato’s wondrous years, shall talk how I have handled Bagazeth”.

 

ترجمو: ايندڙ زمانا تيمور لنگ جا ترانا ڳائيندا رهندا، بلڪ هن گهڙي ۽ هن ڏينهن کان وٺي افلاطون جي وقت سوڌو سڀني کي خبر پوندي ته مون بايزيد جي باري ۾ ڇا ڇا نه چيو!؟

عثماني ترڪن جي شڪست کان پوءِ تيمور گويا اڌ دنيا فتح ڪري چڪو هو ۽ هاڻي هن جي آڏو دنيا جا باقي ٻه علائقا فتح ڪرڻ لاءِ بچيا هئا، هڪ هو چين جو ملڪ ۽ ٻيو يورپ جنهن ۾ هڪ وقت روس جي ولگا نديءَ تائين سندس فوجون پهتيون هيون، بهرحال تيمور جو يورپ جي حڪمرانن طرف مفاهمت وارو رويو هو، ان جو هڪ سبب عثماني ترڪن سان سندس اختلاف به ٿي سگهي ٿو. بايزيد يلدرم جي شڪست کان پوءِ تيمور سمرقند ۾ ٻه مهينا فتح جو جشن ملهايو، ان ۾ اسپين جي بادشاهه جو ايلچي ڪلاويجو مهمان طور شريڪ هو جنهن اکين ڏٺو احوال قلمبند ڪيو آهي، انهيءَ جشن ۾ چين جو سفير به شريڪ هو، مجلس هلندي اسپين جي سفير کي امير تيمور جي ويجهو ويهاريو ويو. دراصل انهيءَ جشن جي خاتمي تي تيمور اعلان ڪيو ته هن سڄي ايشيا کي فتح ڪيو آهي، باقي چين بچيو آهي. ڪلاويجو جي لکڻ موجب ان وقت جيتوڻيڪ تيمور ڪافي پوڙهو ٿي چڪو هو. سندس عمر ستر سالن جي لڳ ڀڳ هئي پر سندس ارادا مضبوط هئا.

سمرقند ۾ سرديءَ جي موسم شروع ٿي چڪي هئي ليڪن تيمور پنهنجي فوج کي چين جي مهم لاءِ روانگيءَ جو حڪم ڪري چڪو هو، رستي ۾ درياءَ ڄمي برف ٿي چڪا هئا ۽ برفاني طوفان سپاهه لاءِ وڏي مشڪلات جو سبب هئا، ليڪن ايڏين مشڪلاتن باوجود اهو لشڪر قازقستان جي اترار شهر ۾ جنوري ۾ پهتو ته امير تيمور بيمار ٿي پيو. آخر انهيءَ سردي ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ 18- فيبروري 1405ع تي وفات ڪئي.

تيمور جي زندگي ۽ ڪارنامن تي هڪ نظر وجهڻ سان هو هڪ متنازع شخصيت يا هيرو طور سامهون اچي ٿو. بلڪه عام تاريخ جي ڪتابن موجب کيس ظالم ۽ سفاڪ جهڙن لفظن سان ياد ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس حملن ۽ لڙاين جي نتيجي ۾ لکين انسانن جون جانيون ضايع ٿيون. پر سوال اهو آهي ته ڇا تيمور کي ويهين صديءَ جي انساني اقدار ۽ معيار تي پرکيو ويندو يا تيمور جي زماني ۾ جيڪي انساني قدر هئا، انهن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويندو. اها به گهڻي حد تائين حقيقت آهي ته تيمور پنهنجي حملن ۽ لڙاين کي مذهبي رنگ نه ڏنو، جنهن ڪري ڪنهن به مؤرخ مٿس مذهبي تعصب ۽ انتهاپسنديءَ جو الزام نه لڳايو آهي. بلڪ جديد مؤرخن اهو تسليم ڪيو آهي ته تيمور جا حملا سياسي اقتدار ۽ قوت حاصل ڪرڻ لاءِ هئا. بلڪ تازي نئين ڪتاب ’تيمور: اسلام جي تلوار ۽ دنيا جو فاتح‘ ۾ جسٽن مروزي لکي ٿو ته تيمور جا قتل عام ذاتي شوق يا بغض و عناد جو نتيجو نه هئا بلڪ اهي ان ڪري هئا ته جيئن مخالف يا دشمن تي هيبت ۽ دٻدٻو طاري ٿئي يا جيئن اسرندڙ بغاوت کي ڪُچلي سگهجي.

ان کان اڳ هيرالڊ ليمب جنهن تيمور بابت معتبر ڪتاب- ‘Taimur: The Earth shaker’ تيمور جنهن دنيا کي لوڏي ڇڏيو لکيو. ان ۾ پڻ تيمور کي هنن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪري ٿو:

”تيمور جي عزم ۽ ارادي کي سمجهڻ خاطر ان انسان جي زندگيءَ تي غور ڪرڻ گهرجي جنهن پاڻ اهو ارادو ڪيو هو. انهيءَ غور واسطي ضروري آهي ته يورپ جي تاريخن کي هڪ طرف رکيو وڃي ۽ موجوده تهذيب و تمدن جي تعصبات جي عينڪ کي پڻ هٽائي ڇڏجي ۽ پوءِ تيمور کي انهن ماڻهن جي نظر سان ڏسڻ گهرجي، جيڪي گهوڙن تي هر وقت ساڻس گڏ هلندا هئا.“

هڪ ٻي وڏي ڳالهه طرف پڻ هيرالڊ اشارو ڪيو آهي ته تيمور پاڻ کي ڪڏهن شهنشاهه يا خاقان نه چورايو، بلڪ کيس هميشه ’امير صاحب قرآن يا امير تيمور گورگان‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته هن جا ارادا محدود قسم جا هئا.

هڪ لحاظ کان امير تيمور تي انهيءَ قسم جي تنقيد تمام گهڻي ڪئي وئي آهي، پر هن جو هڪ ٻيو پهلو جيڪو علم ۽ فن جي قدرداني آهي ۽ هڪ نئين تهذيبي ورثي جي پرورش آهي، ان کي ايترو اجاگر نه ڪيو ويو آهي، همعصر تاريخن ۽ ’تزڪ تيموريءَ‘ مان پتو پوي ٿو ته هو عالمن ۽ هنرمندن جو وڏو قدردان هو. هو جتي به ويو ته اتان جي عالمن ۽ اڪابرن جي عزت افزائي ڪيائين. انهن جي سفارش ۽ وچ ۾ پوڻ تي ڪيتريون سزائون معاف به ڪيائين ۽ ڪيترا حڪم ناما واپس به ورتائين. ڪيترن عالمن کي پاڻ سان گڏ سمرقند ۾ وٺي آيو جن ۾ مير سيد شريف جرجاني جهڙي عالم فاضل کي شيراز مان وٺي آيو ۽ اهڙيءَ طرح صاحب مطول عمر تفتازانيءَ کي سرخس مان وٺي اچي سمرقند ۾ رهايائين. صاحب قاموس لغات فيروز آبادي جو تعلق پڻ شيراز سان هو. شاعرن ۾ لطف الله نيشاپوري ۽’تيمورنامه‘جو مصنف احمد ڪرماني کي وڏي عزت ڏيندو هو. تيمور ذاتي طور نقشبندي سلسلي جي صوفي شيخ سيد برڪت جو ان وقت کان وڏو عقيدتمند بنجي ويو، جڏهن هن جي ترمذ ۾ 1391ع ۾ ساڻس اوچتو ملاقات ٿي جنهن جي دعا سان کيس ان ڏکي مهم ۾ فتح ۽ ڪامراني حاصل ٿي.

تيمور جي غيرمعمولي شخصيت ۽ ڪردار جو اهو نتيجو نڪتو جو هو پنهنجي موت کان پوءِ ديومالائي حيثيت اختيار ڪري ويو. اهو عام عقيدو هو ته جيڪو شخص تيمور جي قبر جي بي حرمتي ڪندو ته انهيءَ ماڻهوءَ جي پنهنجي ملڪ تي تيمور کان وڏي مصيبت نازل ٿيندي. سمرقند ۽ بخارا سال 1868ع ۾ زار روس فتح ڪري پنهنجي ملڪ جو حصو بنائي ڇڏيا. روس ۾ اشتراڪي انقلاب کان پوءِ تيمور جي شخصيت بابت سائنسي کوجنا خاطر سندس قبر کي کولي لاش جو معائنو ڪيو ويو. انهيءَ ڪم جي نگراني ميڪائيل گيراسيموف ڪري رهيو هو ۽ اهو 22- جون 1941ع جو ڏهاڙو هو، هيڏانهن اها ڪاروائي جاري هئي ته روس تي هٽلر جي جرمن فوجن ٻي عالمگير جنگ جو وڏي ۾ وڏو حملو شروع ڪري ڏنو...!!

انهيءَ تحقيقات جي نتيجي ۾ خبر پئي ته تيمور جو قد پنج فوٽ ست انچ هو ۽ هو بت ۾ سگهارو انسان هو. اهو به پتو پيو ته هو ساڄي ٽنگ کان انڪري منڊو هو جو سٿر جو هڏو سندس گوڏي سان ٻيڻايل هو. جنهن ڪري کاٻي ٽنگ جي مقابلي ۾ سندس ساڄي ٽنگ ننڍي هئي ۽ ان ڪري هو ساڄي ٽنگ کي گهلي هلندو هو. ان کانسواءِ اهو به معلوم ٿيو ته سندس کاٻو ڪلهو ساڄي جي مقابلي ۾ مٿي نڪتل يا اُڀو هو. سندس ساڄي هٿ ۽ ٺونٺ تي زخمن جا نشان به مليا، سندس کوپڙيءَ تي ڳاڙها نشان به ڏسڻ ۾ آيا.

ريگستان چوڪ:

هيءُ سمرقند جو مرڪز آهي جتي رستي جي هڪ پاسي هڪ وڏي ميدان جي ٽن طرفن کان خوبصورت مدرسا ۽ مسجدون آهن. سڀ کان شاندار ۽ عظيم الشان عمارت الغ بيگ جو مدرسو آهي. الغ بيگ شاهه رخ جو پٽ ۽ تيمور جو پوٽو هو، هو علم  رياضي ۽ هيئت جو ماهر هو.

 

ريگستان چوڪ- سمرقند

هن مدرسي جو بنياد 823هه/1417ع ۾ رکيو جيڪو ٽن سالن ۾ ٺهي پورو ٿيو. هنن عمارتن جي اهم خصوصيت داخل ٿيڻ جو دروازو ۽ ان جي مٿان ٺهيل پيش طاق آهن ۽ انهن جي ڪنڊن تي ٺهيل بلند و بالا مينار آهن، جن جي اوچائي 45 ميٽر آهي. انهن تي نيري يا آسماني رنگ جي ڪاشي ۽ ٻين مختلف رنگن جي ڪاشيءَ جو تمام سهڻو ۽ نفيس ڪم ٿيل آهي. اڪثر مينارن تي ور وڪڙ ۽ گولائي ۾ ڪاشيءَ جون ڦيريدار ننڍيون ننڍيون سرون يا ٽڪر لڳل آهن پر اهي ايڏي ته ڪاريگري ۽ مهارت سان لڳل آهن جو انهن ۾ ڪٿي به گهٽ وڌائي ڏسڻ ۾ نه ايندي، وري مناسب هنڌن تي قرآني آيتون ۽ ٻيون عبارتون نهايت خوبصورت خطاطيءَ ۾ رقم ٿيل آهن. مدرسي جي عمارت چورس ۽ ٻه ماڙ آهي ۽ ڪل اٺيتاليهه ڪمرا آهن، هر ڪمري جو دروازو ننڍي اوچائي وارو آهي ته جيئن ان ۾ نِوِڙي داخل ٿِجي ۽ ائين ٻاهر نڪرجي. هر ڪمري جي دروازي مٿان خط ثلث ۾ عربي عبارتون، حديثون ۽ اقوال لکيل آهن. هڪ دروازي جي مٿان هڪ عبارت هن ريت هئي:

الفقير اشد علي الشيطان من الف عابد

يعني: هڪ فقير هزارعا بدن جي مقابلي ۾ شيطان تي وڌيڪ ڳرو آهي.

هڪ ٻئي هنڌ هيءَ عبارت هئي:

قيّدو العلم بالکتاب

يعني: علم کي ڪتابت يعني لکڻ ذريعي قيد يعني ياد ڪريو.

تيمور کان پوءِ سندس روشن دماغ ۽ عالي ظرف پوٽي الغ بيگ 814هه/1409ع کان 855هه/1449ع تائين چاليهه سال حڪومت ڪئي. هو پاڻ رياضي ۽ هيئت جو ماهر هو بلڪ پاڻ انهيءَ مدرسي ۾ پاڙهيندو هو. هو شاعري ۽ فنون لطيفه جو دلداده هو. سندس دور علم ۽ فن، سائنس ۽ فلڪيات جي بيمثال ترقيءَ جو زمانو ثابت ٿيو.

اهوئي سبب آهي جو کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ انهيءَ مدرسي جي اندر هڪ ايوان هيٺ چار مجسما ٺاهيل آهن جن جي آڏو دنيا جو گولو رکيل آهي. الغ بيگ پاڻ ڪرسيءَ تي ويٺل آهي، سندس چار ساٿي جيڪي ڏيکاريل آهن انهن جا نالا هن ريت آهن:

قاضي زادهء رومي (الغ بيگ جو استاد)

مولانا غياث الدين جمشيد

مولانا معين ڪاشي

مولانا صلاح الدين موسوي

 

ويٺل الغ بيگ

بيٺل قاضي زاده رومي، غياث الدين جمشيد، معين هاشمي ۽ صلاح الدين موسوي

مدرسي جا ڪمرا جيڪي طالب علمن جي رهائش لاءِ هئا، هينئر اتي سوونيئر شاپ ٺهيل آهن ته جيئن سياح تاريخي عمارت کي ڏسڻ سان گڏ خريداري به ڪري سگهن. مدرسي جي ڪن ڪمرن اندر نوادرات ۽ ڪي آثار جن ۾ قلمي ڪتاب وغيره شامل آهن شوڪيسن ۾ رکيل آهن، هڪ شوڪيس ۾ الغ بيگ جي تيار ڪرايل زيج گورگاني (1448ع) جيڪا سورهين صدي يعني 1652ع ۾ آڪسفورڊ مان لاطيني زبان ۾ ڇپيل آهي، ان جو عڪس پڻ رکيل آهي. هن جو وڏو ڪارنامو شمسي سال جي وقت جي لحاظ کان پوري پوري پيمائش آهي.

اها قسمت جي عجيب ستم ظريفي آهي ته الغ بيگ جهڙو روشن دماغ حڪمران پنهنجي پٽ ميرزا عبداللطيف جي هٿان قتل ٿي ويو. ان کان اڳ هن پنهنجي ڀاءَ عبدالعزيز کي به مارايو، ليڪن ڇهن مهينن بعد جڏهن عبداللطيف چنار باغ کان سمرقند اچي رهيو ته الغ بيگ جي هڪ نمڪ خوار بابا حسين عبداللطيف کي قتل ڪري سندس سر الغ بيگ جي مدرسي ٻاهران دروازي تي لٽڪائي ڇڏيو.

جيئن تصوير نمبر ٻي مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ريگستان جي ميدان تي ٽي مدرسا آهن. الغ بيگ جو مدرسو جنهن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو، سامهون يا وچ واري عمارت مسجد ۽ مدرسه طلاڪاري آهي ۽ الغ بيگ مدرسي جي آمهون سامهون مدرسه شيردار آهي. مدرسه طلاڪاري جيتوڻيڪ فن عمارتسازيءَ جي لحاظ کان ساڳئي قسم جو آهي پر ان جي گنبد ۽ ديوارن تي سون جي پاڻي ۽ ٻين رنگن جي ميلاپ سان تزئين ۽ آرائش جو جيڪو ڪم ٿيل آهي اهو حيران ڪندڙ آهي، اسان ان جي اندر ڪيمرا سان جيڪي فوٽا ڪڍيا آهن اهي جيتوڻيڪ ايترا صاف نه آهن پر انهن سان هڪ اندازو ٿي سگهي ٿو.

ٻئي مسجد توڻي مدرسه طلاڪار ۽ مدرسه شيردار ازبڪ حڪمران امير يلنگتوش يارهين هجري سترهين صدي عيسويءَ ۾ تعمير ڪرايا جڏهن سمرقند تي ازبڪ قابض ٿي ويا. اهي ٻئي مدرسا ٽيهن سالن جي عرصي ۾ ٺهي پورا ٿيا. بلڪ مدرسه طلاڪاري 1647ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1660ع ۾ مڪمل ٿيو. ان جي پيش طاق جي اوچائي به سو فوٽن کان مٿي آهي. مدرسه شيردار 1619ع کان 1636ع ڌاري تعمير ٿيو. هن جو به اهوئي ساڳيو فن تعمير آهي. هن کي ’شيردار‘ ان ڪري چون ٿا جو پيش طاق جي مٿين ڪنڊن وٽ چيتي جون تصويرون ٺهيل آهن ۽ چيتي جي اڳيان هرڻ به ڏيکاريل آهي، چيتي کي سج جي تيز ڪرڻن ۾ انساني مهانڊن جي آڏو خاص انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هي ٻئي مدرسا جيتوڻيڪ مدرسه الغ بيگ کان ٻه صديون پوءِ تعمير ٿيا آهن ۽ وسعت ۾ وڌيڪ آهن، پر انهن ۾ اصل خوبصورتي ۽ توازن جو اهم سنگم ناپيد آهي جيڪو مدرسه الغ بيگ جي خصوصيت آهي.

مان جڏهن مدرسه الغ بيگ جي اندر گهمي رهيو هوس ۽ جيئن هڪ ڪنڊ واري حجري ۾ گهري ليئو پاتم ته فوراً اتي بيٺل پهريدار مون ڏي وڌي آيو ۽ چيائين ته ٻه ڊالر ڏي ته توکي مٿي ان مينار تي چڙهڻ ڏيان ۽ تون مٿي وڃي سمورو نظارو ڪر. مون اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هن مون کي ان طرف کان جتي مرمت جو ڪم هلي رهيو هو، وٺي ويو ۽ مون کي مينار جي ڏاڪڻ ۾ چڙهڻ لاءِ چئي لوهي ڄاريءَ جو دروازو بند ڪري ڇڏيائين ته جيئن ٻئي ڪنهن کي خبر نه پوي. آءٌ پهريائين ته شوق ۾ ڪافي ڏاڪا چڙهي ويس پر چوٽيءَ تي پهچڻ کان اڳ ئي لهي آيس جومٿي ڏاڪا ڪافي سوڙها هئا ۽ وڌيڪ وقت لڳي رهيو هو.

انهن مدرسن جا حجرا جيڪي شاگردن لاءِ گويا هاسٽل جا ڪمرا هئا، ڏسي مون کي ياد آيو ته آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج ۾ پراڻين هاسٽلن يا ڪورٽن جا نقشا به ائين آهن ته پهريائين هڪ وڏي گيٽ مان داخل ٿيو ته اندر چئني طرفن کان هڪ ٻه يا ٽه ماڙ ٺهيل ڪمرا نظر ايندا. ليڪن سوال اهو هو ته ڇا اهي به ايڏا خوبصورت ۽ سهڻا ٺهيل هئا. هرگز نه. ان مان هن ڳالهه جو اشارو ٿي مليو ته ڪو وقت هو جڏهن مسلمانن وٽ تعليم جي سڀ کان وڌيڪ اهميت هئي ۽ اهوئي دور سندن ترقيءَ جو دور هو. جنهن جو ثبوت الغ بيگ جي اها علم هيئت ۾ زيج يا جدول (Table) آهي جيڪا الغ بيگ جي مرڻ کان ٻه صديون پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ لاطيني زبان ۾ ترجمو ٿي شايع ٿي آهي. هن مان ان جو پڻ واضح ثبوت ملي ٿو ته اهو وقت هو جڏهن وڌ ۾ وڌ خرچ يا موجوده دور جي اصطلاح ۾ بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ٿيندو هو.

مسجد بيبي خانم:

ريگستان چوڪ ۾ انهن ٽنهي مدرسن جي ٻئي طرف هيءَ شاندار عمارت آهي جيڪا هڪ روايت موجب تيمور هندستان جي فتح کان واپس ٿيڻ بعد 801هه/1399ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي. هڪ ٻي روايت موجب ته جڏهن تيمور اڃا هندستان ۾ هو ته هيءَ مسجد سندس گهر واري بيبي خانم جيڪي چيني نسل جي هئي، ان ٺهرائڻ شروع ڪئي. بهرحال ان مسجد جي تعمير ۾ اهو تصور ڪار فرما هو ته اها هر حال ۾ اڳئين عمارتن کان وسيع، بلند ۽ منفرد هوندي. ان جي تعمير ۾ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان آيل ڪاريگرن، انجنيئرن، ڪاشيگرن ۽ سنگتراشن حصو ورتو. ’ظفرنامه‘ جي لکڻ موجب هندستان مان آندل هاٿين مان پنجانوي هاٿي آذربائيجان، ۽ ايران مان سنگ مرمر ۽ ٻيا پٿر ڍوئڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا.

ليڪن 1404ع ۾ جڏهن امير تيمور هڪ ڊگهي جنگي مهم کان واپس آيو ۽ هلندڙ ڪم جو معائنو ڪيائين ته مسجد جي پيش طاق جي گهٽ اوچائيءَ تي کيس غصو آيو ۽ اهو يڪدم ڊهرائي ڇڏيائين. بلڪ روايت موجب جيڪي ان ڪم جا نگران هئا انهن کي مارائي ڇڏيائين ۽ ان کان پوءِ پاڻ سڄي ڪم جي نگراني ڪرڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ اسپين جي رياست قسطليه جو سفير ڪلاويجو امير تيمور جي درٻار ۾ آيل هو جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ اهو سڄو احوال ڏنو آهي ته ڪيئن تيمور پاڻ ان ڪم جي نگراني ڪندي هدايتون ڏيندو هو. هن اهو به لکيو آهي ته ڪيئن تيمور گوشت جون ديڳيون رڌرائي اهي پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ڪم ڪندڙ رازن ۽ مزدورن کي کارائيندو هو. مسجد جي پيمائش ڊيگهه پنج سو فوٽ ۽ ويڪر ساڍا ٽي سو فوٽ آهي، ان جو پيش طاق (portal) هڪ سئو فوٽن کان مٿي آهي ۽ ان جو مينار ڏيڍ سو فوٽن کان وڌيڪ اوچو آهي. مسجد جي اندر چار سئو ٿنڀا ۽ انهن تي چار سئو گنبد آهن. مسجد جي وڏي گنبد تي قرآن جون آيتون ايڏي وڏي خط ۾ لکيل آهن جو پري کان پڙهڻ ۾ اچن ٿيون. اها ايڏي ساري تعمير پنجن سالن جي اندر يعني 1404ع ۾ 806 هجريءَ ۾ مڪمل ٿي. اهو سن مٿي دروازي تي لکيل آهي جتي امير تيمور گورگان جو نالو ۽ سندس ابن ڏاڏن جا نالا به اُڪريل آهن.

هن مسجد جي صحن جي وچ ۾ ٿلهي تي سنگ مرمر جو هڪ وڏو رحل ٺهيل آهي جتي شايد ڪنهن وقت قرآن شريف رکيل هوندو. چون ٿا ته جيئن هيءَ مسجد ٺهي راس ٿي ته ان جا ڪي حصا ڪِرڻ لڳا، شايد ان جو سبب اهو هو ته اها تمام گهڻي جلدي ۾ ٺاهي وئي هئي. اڻويهه صديءَ ۾ وڌيڪ نقصان آيل زلزلي سبب ٿيو جنهن ڪري هيءَ مسجد اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي ۽ دروازو بند آهي جنهن تي قفل لڳل آهي. وڏي محنت کان پوءِ ٻاهريون دروازو يا گيٽ بحال ٿيو آهي. پر مون جڏهن ان کي ڪنڌ مٿي کڻي گهڻي غور سان ڏٺو ته ان جا ڪي حصا اڃا تائين پوري طرح مرمت نه ٿي سگهيا آهن. تاهم ان دروازي جي پيش طاق جو جاهه و جلال ڪنهن حد تائين واپس آندو ويو آهي. مسجد جي اتر طرف جتي پراڻي زماني ۾ ڪي دڪان يا بازار هوندي اتي هينئر جديد قسم جو مارڪيٽ ٺاهيو ويو آهي جيڪو هر طرف کان کليل نظر اچي ٿو. البت ان ۾ وڪڻڻ لاءِ ٿلها ٺاهي ڏنا ويا آهن. اتي هر قسم جو خشڪ ميوو وڪري لاءِ موجود هو ۽ وڪرو ڪندڙ عورتون هيون.

مسجد بي بي خانم جي سامهون روڊ جي ٻئي طرف بيبي خانم جو مقبرو آهي، جنهن کي لڳي ٿو مڪمل طور مرمت ڪري نئين رنگ ۾ آندو ويو آهي. مان جڏهن ان ۾ اندر داخل ٿيس ته ڏٺم ته قبرون هيٺ آهن جن لاءِ الڳ ڏاڪڻ هئي. ايتري ۾ اتي ويٺل عورتن مان هڪ مون کي اشارو ڏنو ته تون هيٺ وڃي سگهين ٿو. ائين آءٌ هيٺ لهي زيارت ڪري ٻاهر نڪري آيس.

شاهه زندهه:

هڪ ننڍي پهاڙيءَ تي هيءَ تاريخي قبرستان آهي. جنهن جي اصل شهرت جو سبب حضرت قثم بن عباس جي مزار ۽ مقبرو آهي. هو پيغمبر اسلام ﷺ جو سؤٽ هو. تاريخي روايت آهي ته هو حضرت عثمانؓ  جي دور حڪومت سال 676 هجريءَ ۾ اسلام جي تبليغ خاطر هن علائقي ۾ آيو پر مقابلي ۾ شهيد ٿي ويو. ليڪن اها روايت مشهور ٿي وئي ته هو شهيد ڪونه ٿيو بلڪه هڪ وڏي پٿر صخره ۾ اندر هليو ويو جنهن ڪري مقامي روايت موجب هو ”شاهه زندهه“ آهي. ابن بطوطه جڏهن 1331ع ۾ سمرقند آيو ته کانئس ذري گهٽ هڪ صدي اڳ چنگيز خان سمرقند کي تباهه ڪري چڪو هو، پر قثم بن عباس جو مقبرو صحيح سالم هو ۽ مقامي ماڻهو هر خميس ۽ آچر تي ان جي زيارت لاءِ ويندا هئا. بلڪه هو وڌيڪ لکي ٿو ته تاتاري خود اتي رڍون، ٻڪريون ۽ ڳئون ۽ روڪڙ نذراني طور ڏيڻ اچن ٿا.

تيمور جي وقت ۾ ”شاهه زندهه“ جي اهميت ان ڪري وڌي وئي جو هن پنهنجي خاندان جا ڪيترا فرد جن ۾ سندس ٻه ڀينر شامل آهن، کي هتي دفن ڪرايو. اهڙي طرح ٻيا ڪيترا امير ۽ شاهي خاندان جا فرد هتي مدفون آهن. انهن سڀني جا الڳ الڳ ننڍا وڏا خوبصورت رنگين ڪاشيءَ جي سرن سان ٺهيل مقبرا آهن جيڪي خوبصورتيءَ جو اعليٰ نمونا آهن. اڄ به انهن جي ڪاشيءَ جي رنگن ۾ ڪو فرق نه آيو آهي، انهن جي تازگي ۽ چمڪ اڄ به اها ساڳي آهي پوءِ ڀلي ڪٿان اکڙي ويون هجن.

مٿي پهاڙيءَ جي آخر ۾ حضرت قثم بن عباس جو قديم طرز تي ٺهيل مقبرو آهي جنهن سان گڏ ٽن گنبدن واري ننڍي مسجد آهي. وچ تي ننڍڙي زيارتگاهه به موجود آهي. جنهن تي 1331ع جو سن لکيل آهي جيڪو ظاهر آهي ته تيمور کان اڳ جو آهي. مزار تي پهچڻ لاءِ وروڪڙ برآمده آهي جنهن ۾ گهٽ روشني ڪرڻ لاءِ هيٺ ميڻ بتيون ٻاريل هيون ۽ مزار وٽ به ائين مڌم روشني هئي. آءٌ جڏهن اتي پهتس ته هڪ ٻه ماڻهو هئا جيڪي پڻ اٿي وڃڻ لڳا. آءٌ جلديءَ ۾ دعا گهري ٻاهر نڪري آيس.

رصدگاهه الغ بيگ(observatory):

شاهه زندهه کان جيئن آءٌ ٻاهر نڪتس ته مون ڊرائيور کي چيو ته هاڻي رصدگاهه تي هلڻو آهي. پر هن الائي ڇو ضروري سمجھيو ته مون کي پراڻي سمرقند يعني افراَسياب جي هڪ ڪنڊ تي ٺهيل مزار تي وٺي وڃي جيڪا اتان گهڻو پري نه هئي. مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ چڙهڻي پوي ٿي. آءٌ جڏهن اتي پهتس ۽ جوتا لاهي اندر داخل ٿيس ته مجاور مون کي ڏسي زور زور سان تلاوت شروع ڪئي. منهنجي آڏو هڪ ڊگهي ڪمري ۾ قبر مٿان اٽڪل 35 فوٽ ڊگهو پڙ پيل هو. ٻئي طرف ٻه ٽي نوجوان عورتون ويٺل هيون. جڏهن تلاوت ڊگهي ٿي وئي ته آءٌ اٿي قبر جي چوڌاري گهمي ٻاهر نڪري آيس ۽ نذراني طور ڪجھ پئسا اُن مجاور کي ڏنم. هڪ عام روايت موجب اها قبر حضرت دانيال پيغمبر جي چون ٿا جيڪا غلط ڳالهه آهي. دراصل اها هڪ ٻي ولي جنهن جو نالو دانيال هو، جي قبر آهي.

هاڻي اسان سڌو رصدگاهه پهتاسين. جيئن آءٌ ان جي ڏاڪن تي قدم رکي رهيو هوس ته پري کان بيٺل هڪ شخص مون کي اشارو ڪيو ته نه اچ. اتي هڪ ٻيو ماڻهو ويجھو آيو جنهن چيو ته مقرر ٽائيم ختم ٿي چڪو آهي. مون کي ان ڳالهه جو گهڻو افسوس رهندو ته آءٌ ان کي نه ڏسي سگهيس.

الغ بيگ هيءَ رسدگاهه پنهنجي دور حڪومت 832هه/1420ع ۾ تعمير ڪرائي جنهن جي نگراني مولانا علي قوشيجي جي هٿ هيٺ هئي. الغ بيگ جي شهيد ٿيڻ واري سال 1449ع ۾ ڪن عقل جي انڌن ان کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بابر پنهنجي تزڪ ۾ الغ بيگ جي رصدگاهه جو سرسري ذڪر ڪيو آهي.

سمرقند تي روس جي قبضي کان پوءِ ويهين صديءَ جي شروع ۾ يعني 1908ع ۾ هڪ روسي ماهر آثار قديمه کوٽائي ڪري ڌرتيءَ هيٺ ٺهيل زاويه ماپ سدس (Sextant) کي نروار ڪيو جيڪو اڄ سوڌو قائم آهي. انهيءَ اوزار ذريعي الغ بيگ ۽ سندس ساٿين هڪ هزار کان وڌيڪ تارن جو مشاهدو ڪري انهن جي وقت ۽ مقام جو تعين ڪيو هو.

مسجد حضرت خضر:

سمرقند شهر جي ٻاهران قلعه افراسياب چڙهائي تي هيءَ مسجد واقع آهي جيڪا هونئن ته ننڍي آهي پر ان لاءِ روايت آهي ته اها پهرين مسجد آهي جيڪا امام قتيبه حضرت خضر عليه السلام جي اشاري ملڻ تي ٺهرائي. مان جڏهن هن مسجد وٽ پهتس ته دروازي جي ڏيڍيءَ اندر ويٺل ٻن عورتن مان هڪ مون کي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ چيو. آءٌ ٽڪيٽ وٺي اندر ويس ته مسجد جي هڪ طرف دالان ۾ صندل تي ننڍي قد سان بت ۾ هلڪو، مٿي تي پڳ، نهايت مختصر سونهاري سان هڪ بزرگ شخص ويٺل هو. جنهن جي پيرانديءَ کان وري هڪ ٻيو ماڻهو ويٺل هو. انهن جي سامهون ٻه ٽي بينچون پيل هيون جن تي ڪي عورتون ۽ مرد ويٺا هئا. مان مسجد ۾ اندر داخل ٿيڻ بجاءِ هنن ڏانهن رخ رکيو ته بزرگ سان ويٺل شخص اٿي مون کي کيڪاريو ۽ پڇڻ لڳو ته ڪٿا آيا آهيو. اهو شخص چڱيءَ ريت فارسي ڳالهائي رهيو هو. مون هن شخص کي پنهنجي باري ۾ فارسيءَ ۾ ٻڌايو ته امالڪ حافظ شيرازيءَ جا شعر پڙهڻ لڳو ۽ مون کي چوڻ لڳو ته توکي به حافظ جا شعر ياد آهن. مون فوراً سمرقند ۽ بخارا وارو شعر کڻي پڙهيو. پر مون ڏٺو ته کيس اها ڳالهه نه وڻي ۽ سمرقند جي بجاءِ ڪو ٻيو لفظ وجھي. حافظ جو ترميم شده شعر پڙهڻ لڳو.  ان کان پوءِ هن ٻيا به ڪيترا شعر ٻڌائڻ لڳو ۽ مون کي به چوندو رهيو. ايتري ۾ اهو خواجه خضر جهڙي شڪل صورت وارو بزرگ ماٺ ڪري ويٺو رهيو. اتي سندن آڏو پيالي ۾ سردي جون ڪٽيل ڦاڪون پيون هيون، جيڪي مون کي کائڻ لاءِ چوندو رهيو ۽ مون ڪجهه کڻي کاڌيون جيڪي ڏاڍيون لذيذ هيون.

مون کي جو بخارا وڃڻ جي تڪڙ هئي ته مان وڌيڪ ترسڻ بنا اٿي کڙو ٿيس ۽ جڏهن وري دروازي تي پهتس ته اها عورت مون کي اشاري سان مسجد جي ٻي پاسي کليل ميدان طرف وٺي آئي ۽ مسجد جي پويان سرن سان ٺهيل قبر جهڙي جاءِ طرف اشارو ڪري چوڻ لڳي ته اها امام قتيبه جي قبر آهي. ان کان پو هن مون کي اڱڻ ۾ موجود هڪ پراڻي کوهه جي منهن تي آڻي بيهاريو، اتي مون کانئس موڪلايو جو مون کي وڌيڪ دير ٿِي رهي هئي.

خواجه عبيدالله احرار:

سمرقند شهر جي ٻاهران نقشبندي سلسلي جي بزرگ خواجه عبيدالله احرار جو مدرسو، مسجد، خانقاهه ۽ مزار آهي. جيئن ماڻهو اتي پهچي ٿو ته پهريائين مدرسي جو عاليشان باب نظر اچي ٿو جنهن ڪري آءٌ ان ۾ اندر گهڙي ويس. اها هڪ وڏي عمارت آهي جيڪا زبون حالت ۾ آهي ۽ مرمت طلب آهي بلڪل ڀڙڀانگ پئي آهي، آءٌ جيئن اندر داخل ٿيس ته هڪ مرد ۽ عورت تي نظر پئي جيڪي شايد رکوالي ڪري رهيا هئا. مان اڳتي وڌي هيڏي هوڏي واجهائڻ لڳس ته اها اڌڙوٽ عمر جي عورت منهنجي ويجهو اچي پهتي، مون کيس ڪيمرا هٿ ۾ ڏئي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. هن ٽڪ به ڪيو پر پوءِ خبر پئي ته فوٽو ڪونه آيو. مدرسي جي ٻاهر ٻئي طرف لڳو لڳ خانقاهه آهي، هاڻي مان ان طرف هليو آيس، ۽ جلدي جلدي ڪمرن ۾ واجهائڻ لڳس ته مزار ڪٿي آهي. ايتري ۾ آءٌ هڪ ڪمري ۾ دروازي تي پهتس جتي هڪ ماڻهو ڪجهه تبرڪات ۽ ڪيسٽون رکي ويٺو هو. مون کانئس پڇا ڪئي ته تو وٽ فارسيءَ ۾ ڪا شيءِ آهي. جواب ڏنائين ته نه! مون کانئس پڇيو ته ڀلا خواجه احرار جي مزار ڪٿي آهي. اشارو ڪري چيائين ته اڱڻ ۾ بيٺل هن وڏي وڻ جي ٻئي طرف ٿلهي تي جيڪي قبرون آهن انهن ۾ آهي. مان هاڻي انهيءَ وڻ جي هيٺان گذري رهيو هئس. مون ڏٺو ته اتي ڪي سن وغيره لکيل هئا جن مان اندازو ٿيو ته اهو وڻ خواجه احرار جي وقت جو يعني گهٽ ۾ گهٽ چار صديون اڳ جو آهي.

مان جڏهن انهيءَ ٿلهي وٽ پهتس ته هڪ ٻه ٻيا ماڻهو باقي هئا جيڪي واپس وڃي رهيا هئا. اهو ٿلهو جنهن تي خواجه احرار جي مزار آهي، زمين کان پنج فوٽ کن مٿي ٿيندو جنهن تي ٻيون به ڪيتريون قبرون آهن. مون غور سان نهاريو ته هڪ قبر تي پنج فوٽ ڊگهي لوح سنگ مرمر تي وڏي عبارت لکيل آهي جيڪا ٻين قبرن کان منفرد هئي ۽ اهائي خواجه احرار جي قبر هئي. مان جلدي فاتحه پڙهي ٻاهر نڪري آيس.

خواجه عبيدالله احرار نائين صدي هجري جي شروع ۾ خواجه محمد شاشيءَ جي گهر ۾ 806هه/1404ع ۾ پيدا ٿيو. ان زماني ۾ شاش عربيءَ ۾، ۽ چاچ فارسيءَ ۾ تاشقند کي چوندا هئا. هن اڻانوي سالن جي عمر ۾ سمرقند جي ننڍڙي ڳوٺ ڪمانگران ۾ 895هه/1490ع وفات ڪئي. هن سلطان ابوسعيد جيڪو خواجه احرار جو وڏو معتقد هو، جي چوڻ تي 855هه/1451ع ۾ تاشقند کي ڇڏي اچي سمرقند ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. خواجه احرار يعقوب چرخي کان فيض حاصل ڪيو جيڪو وري بهاءُالدين نقشبنديءَ جو خليفو هو. ليڪن ان کان علاوه هن خواجه علاؤالدين عطار جيڪو بهاءُالدين جو جانشين ٿيو، جي صحبت ۾ پڻ رهيو.

خواجه احرار کي ’ولي سمرقند‘ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو جو تاريخي طور وقت جي حڪمرانن سان سندس سٺا تعلقات هئا جيڪي سندس وڏي عزت ڪندا هئا. دراصل تيمور جي پٽ شاهه رخ کان وٺي اڪثر حڪمران نقشبندي صوفين جا معتقد هئا. بابر بادشاهه جيڪو تيمور جي پنجين پيڙهيءَ مان هو، ’تزڪ بابريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته سندس پيءُ خواجه احرار جو مريد هو ۽ اڪثر ان جي حاضريءَ ۾ ويندو رهندو هو. بابر جڏهن 906هه/1500ع ۾ سمرقند فتح ڪيو ته ان کي خواجه احرار جي برڪت سمجهيو هئائين. بلڪ لکي ٿو ته ان کان اڳ هن خواب ۾ خواجه احرار کي ڏٺو جنهن مون کي فتح جي بشارت ڏٺي هئي. بابر پاڻ 935هه/1582ع ۾ خواجه احرار جي هڪ ننڍي رساله ’والديه‘ جو ترجمو ترڪيءَ ۾ ڪيو هو.

عثماني سلاطين مان سلطان محمد فاتح دوم (1462ع-1451ع) غائبانه طور خواجه احرار جو عقيدتمند بنيو جنهن ڪري ڪي تحفا تحائف به موڪلي ڏنائين. اڳتي هلي ان جو اهو نتيجو نڪتو جو خواجه احرار جو خاص خليفو بابا حيدر استنبول ۾ وڃي قيام ڪيو ۽ اتي نقشبندي سلسلو قائم ٿيو، جيڪو اڄ تائين ترڪيءَ ۾ مقبول عام سلسلو نقشبندي آهي.

مولانا عبدالرحمان جامي (817هه/989هه) خواجه احرار جو ننڍو معاصر آهي، ۽ نقشبندي سلسلي يا طريقي سان وابسته شخصيتن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. مولانا جامي فارسي زبان جو وڏو شاعر ۽ نثر نويس آهي، کيس خواجه احرار سان وڏي عقيدت هئي ۽ ان ڪري 870هه/1465ع ۾ خاص طور خواجه جي زيارت ۽ ملاقات لاءِ سمرقند جو سفر ڪيائين. مولانا جاميءَ مثنوي ’تحفه الاحرار‘ ۾ خواجه احرار سان والهانه عقيدت جو اظهار ڪيو آهي جنهن جي هڪ بند ۾ چوي ٿو:

زد به جهان نوبت شاهنشاهي

ڪوڪبه  فقر  عبيد  الاهي.

ترجمو: جهان ۾ شهنشاهيءَ جي نوبت وڄي چڪي جيڪا عبيدالله (احرار) جي فقر جي چمڪندڙ تارن جو نتيجو آهي.

امام بخاريءَ جي مزار:

سمرقند جي اُتر ۾ ٽيهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اسلام جي هڪ وڏي شخصيت امام محمد بن اسماعيل بخاريءَ جي مزار آهي. هو 196هه/810ع ۾ بخارا ۾ ڄائو ۽ 256هه/870ع ۾ وفات ڪيائين. سندس عظيم ڪارنامو سورهن سالن جي ڏينهن رات جي محنت کان پوءِ حديثن جي مجموعي صحيح بخاري کي مرتب ڪرڻ آهي، جنهن کي قرآن کان پوءِ معتبر ترين ڪتاب مڃيو وڃي ٿو. صحيح بخاريءَ ۾ ڪل 2762 حديثون آهن. بشرطيڪ ورجايل حديثن کي ڳڻپ ۾ شامل نه ڪيو وڃي.

امام بخاريءَ جي مزار جو ميدان وسيع و عريض ايراضيءَ تي ڦهليل آهي جنهن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه دير هلڻ بعد سنگ مرمر جو چار پنج فوٽ اوچائي تي ٺهيل چبوترو آهي جيڪو چئن طرفن کان کليل آهي يعني چئني ٿنڀن تي بيٺل آهي ۽ ان جي اندر پنج فوٽ اوچي ٿلهي تي امام بخاريءَ جي مرقد آهي جيڪا ڪاري سنگ مرمر جي آهي، اهو سڄو ڪم نهايت نفيس نموني ۾ ٿيل آهي. مزار جي مٿان ڪو وڏو قبو يا گنبد ناهي.

قبر کان ويهه فوٽن تي پري ٻه ٽي بئنچون پيل آهن جن تي زائرين ويهي دعا گهرائن ٿا ڇو ته ان ڪم لاءِ اتي اڳيئي هڪ امام ويٺل نظر اچي ٿو. مون به اتي ويهي دعا گهري ۽ قبر جي چوڌاري ڦري ٻاهر نڪرڻ لڳس ته هڪ طرف مسجد نظر اچي وئي. مون مسجد جي دروازي تي بيهي اندر نظر وڌي ته مسجد نئين تعمير ٿيل نظر آئي. مسجد جي سامهون ٻئي طرف ڪجهه ڪمرا ڏسي آءٌ ان طرف هليو ويس، خبر پئي ته اهي ميوزيم جا ڪمرا آهن. اتي موجود نگران مون کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني. مون اندر وڃي ڏٺو ته صحيح بخاريءَ جا ڪجهه ڇپيل نسخا رکيل هئا، يا ان جون ڪي شرحون موجود هيون، جيئن ته صحيح بخاريءَ جون سون جي تعداد ۾ شرحون لکيون ويون آهن، ان لحاظ کان هتي رکيل تعداد بلڪل ناڪافي معلوم ٿيو.

مزار کان جڏهن آءٌ ٻاهر نڪري رهيو هوس ته مون ڏٺو ته ڪي نوان شادي شده جوڙا گهوٽ ڪنوار جي ڪپڙن ۾ ملبوس مزار تي حاضري ڏئي ٻاهر اچي رهيا هئا ۽ پنهنجن مائٽن سان فوٽو ڪڍرائڻ ۾ مشغول هئا، مون ڪنهن کان پڇا ڪونه ڪئي پر محسوس ٿيو ته اهي ماڻهو ائين ضرور خير و برڪت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندا هوندا.

بخارا

سمرقند کان بخارا 270 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اسان اٽڪل ساڍي نوين بجي اچي بخارا هوٽل ۾ پهتاسين جتي اڳيئي بڪنگ ٿيل هئي. هي ڏهه ماڙ عمارت آهي ۽ شهر جي وچ ۾ آهي جتي وڏو تعداد غير ملڪي سياحن جو ڏسڻ ۾ آيو.

بخارا نهايت تاريخي شهر آهي جيڪو 54هجريءَ ۾ اسلامي سلطنت جو حصو بنيو ۽ 91هجريءَ قتيبه بن مسلم باهلي هتي جو حڪمران ٿيو، ان کان پوءِ بخارا اسلامي علوم ۽ فنون جو اهم مرڪز رهيو آهي. جيتوڻيڪ 1220عيسويءَ ۾ منگول سردار چنگيز خان جي هٿان اهو تباهه ٿيو پر جلدئي وري ساڳيو عروج حاصل ڪري ويو. ڪو وقت هو جڏهن بخارا ۾ 360 مسجدون ۽ 80 مدرسا هئا جن ۾ ڏهه هزار کان وڏيڪ طالب علم هئا. اهڙيءَ طرح شهر ۾ 118 حوض هئا.

بخارا ٽين ۽ چوٿين صدي هجري يا نائين ۽ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ ايراني نسل جي ساماني حڪمرانن جي تسلط هيٺ رهيو، جيڪي بغداد جي عباسي خليفن جي مرضيءَ سان حڪمران بنيا هئا. اهوئي فارسي زبان جي ترقي ۽ اوسر جو دور آهي جڏهن فردوسي جهڙي شاعر ’شاهنامه‘ لکڻ جو آغاز ڪيو.

بخارا جو شهر ۽ ان جي ماڻهن جي خوبصورتي ۽ حسن به ملڪان ملڪ مشهور هو، ايران جي شاعر حافظ شيرازيءَ کي بيشڪ شيراز جو حسن وڌيڪ پسند هو، ليڪن کانئس ٻه صديون اڳ مولانا رومي پنهنجي جڳ مشهور مثنوي جي ٽئين دفتر ۾ هڪ اهڙي عاشق جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو معشوق بخارا ۾ رهي ٿو. مولانا رومي پهريائين بخارا شهر جي تعريف هن ريت ڪري ٿو:

اين بخارا منبع دانش بود
پس بخارا ايست هرکه آنش بود
 

ترجمو: اهو بخارا ئي آهي جيڪو علم ۽ ڏاهپ جو سرچشمو آهي انڪري بخارا جي خبر ان کي پوندي جيڪو ان جي حسن ادا کي ڏسي.

حڪايت ته ڊگهي آهي پر محبوب جي حسن کي بيان ڪندي چوي ٿو:

در سمرقند ست قند، اما لبش
از بخارا يافت و اَن شد مذهبش
اي بخارا، عقل افزا بوده اي
ليک از من عقل و دين بربوده اي.
 

ترجمو: جيتوڻيڪ سمرقند ۾ کنڊ ۽ شڪر آهي، پر ان جي چپن جو مٺاس کيس بخارا ۾ مليو ۽ اهوئي هن جو سڀ ڪجهه هو. اي بخارا، تون عقل ۽ ڏاهپ کي وڌائڻ وارو آهين، ليڪن مون کان ته عقل به ويو ته دين ۽ مذهب به ويو!

اهڙيءَ طرح فارسي زبان جو ٻيو اوائلي شاعر رودڪي به ساماني دربار سان وابسته هو. انهيءَ دور ۾ اسلامي دنيا جو ڏاهو فيلسوف ۽ حڪيم بوعلي سينا (980هه/1037ع) پڻ بخارا جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هو ڪجهه وقت لاءِ ساماني حڪمران جو صلاحڪار ۽ مشير ٿي رهيو. اتي ئي هن پنهنجو جڳ مشهور ڪتاب ’القانون في الطب‘ تصنيف ڪيو جيڪي ايندڙ پنجن صدين تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو. بوعلي سينا پنهنجي مختصر خودنوشت سوانح ۾ لکيو آهي ته بخارا ۾ ڪيڏي وڏي پيماني تي ڪتابن جي بازار لڳندي هئي ۽ ڪيئن هڪ ڏينهن هن کي منطق ۽ حڪمت تي هڪ اهڙو ڪتاب هٿ آيو جنهن سان سندس چوڏنهن طبق روشن ٿي پيا هئا.

بخارا ۾ جڏهن آءٌ صبح جو تيار ٿي ٻاهر نڪتس ته ڊرائيور مون کي سڀ کان پهرين حضرت خواجه بهاءُالدين نقشبنديءَ جي مزار ڏانهن وٺي آيو جيڪا شهر کان ڪجهه فاصلي تي آهي پر بخارا ايئرپورٽ جي نزديڪ آهي.

قصر عارفان جو هڪ عام نظارو- بخارا

بهاءُالدين نقشبنديءَ جي مزار وسيع و عريض علائقي ۾ ڦهليل آهي ۽ ان جو تاريخي نالو ’قصر عارفان‘ آهي. مان جيئن اڃان بلڪل ٻاهرين گيٽ تي پهتس ته ڏٺم ته ڪيترائي فوٽو ڪڍرڻ وارا ۽ مووي ٺاهڻ وارا بيٺا هئا. ان کان اڳ اسان ڪار روڊ جي ٻئي طرف اسٽينڊ تي بيهاري جتي ميلي جو سمان هو، ڇو ته اتي ئي خريداري ڪرڻ لاءِ تبرڪات ۽ ٻيون شيون موجود آهن. مان اتي پهريائين مٿي ڍڪڻ لاءِ مقامي رنگ واري ٽوپي خريد ڪري مٿي تي پائي ڇڏي. آءٌ جڏهن گيٽ جي سامهون بيهي پنهنجي ڪيمرا سان فوٽو ڪڍڻ جو سوچي رهيو هئس ته هڪ فوٽوگرافر اڳتي وڌي آيو. مون کيس چيو ته هو منهنجو فل سائيز فوٽو ڪڍي.

قصر عارفان جي مين گيٽ ٻاهران

ان کان پوءِ هو فوٽوگرافر منهنجو دوست بنجي ويو ۽ مون کيس چيو ته تون منهنجي ڪيمرا سنڀال ۽ مون سان گڏ هل ته جيئن منهنجي مووي به ٺاهي سگهين ۽ فوٽا به ڪڍي سگهين. هن اها ڳالهه قبول ڪئي. ان کان پوءِ اسان اندر آياسين. ’قصر عارفان‘ هڪ قسم جو ڪامپليڪس آهي جتي ڪيتريون عمارتون آهن جيڪي هاڻي گهڻي ڀاڱي نهايت محنت سان مرمت ڪري بحال ڪيون ويون آهن، جن لاءِ ترڪيءَ جي حڪومت گهڻي مدد ڪئي هئي بلڪ هڪ اطلاع موجب ايوان، خانقاهه، مدرسي ۽ مسجد وغيره جي بحاليءَ جو مڪمل خرچ ترڪي حڪومت برداشت ڪيو هو. ان نئين مرمت شده ايوان جو افتتاح بهاءَالدين نقشبندي جي 675 ساله ورسيءَ جي موقعي تي ٿيو.

جيئن اسان اندر داخل ٿياسون ته منهنجي نظر هڪدم پنج ڇهه فوٽ اوچائي تي ٺهيل ٿلهي تي وڃي پئي جنهن تي قبرن جا ڪتبا بلڪل واضح نظر اچي رهيا هئا. مون ويجهو وڃي ڏٺو ته انهيءَ پنج ڇهه فوٽ اوچي ٿلهي تي کليل آسمان هيٺان سنگ مرمر جي لوح سان خواجه بهاءَالدين جي قبر هئي. سمرقند ۾ هن کان اڳ آءٌ خواجه احرار جي قبر به بلڪل ائين ڏسي آيو هئس. معلوم ٿئي ٿو ته نقشبندي حضرات قبرن جي مٿان مقبرو يا روضو ڪونه ٿا ٺهرائن، بلڪ اهڙيءَ طرح جو قبرن جي ويجهو وڃڻ به مشڪل آهي. قبرن جي مٿان به ڪاشيءَ رکيل نظر ڪونه آئي. هاڻي مون وارو فوٽوگرافر منهنجو گائيڊ ٿي ڪم ڪري رهيو هو. ۽ هو مون کي تاريخي مسجد وٽ وٺي آيو جنهن کي پڻ تمام سٺي نموني بحال ڪيو ويو آهي. مسجد مان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ٿوري پنڌ ڪرڻ بعد مون ڏٺو ته ڪي سڪل وڻ جا ٿڙ آهن يا پورا ڪريل وڻ آهن، جن جي هيٺ مٿان اتان جا ماڻهو خاص ڪري عورتون گذري رهيون هيون، مون کي محسوس ٿيو ته اهي شايد ڪنهن مراد يا منت حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪري رهيا هئا.

ائين اسان گهمندي گهمندي ميوزيم وٽ پهچي وياسين جتي اندر داخل ٿيڻ سان مون اتان جي نگران سان پنهنجو تعارف ڪرايو ته هو اتي مون سان گڏ هلڻ لڳو ته جيئن منهنجي رهنمائي ڪري سگهي. هن ميوزيم ۾ نقشبندي سلسلي جي اڪثر بزرگن جي ذاتي استعمال جي شين يا انهن جي آثارن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان کان سواءِ ڪجهه قلمي ڪتاب وغيره به شوڪيسن ۾ رکيل آهن. اتي رکيل هڪ شوڪيس ۾ مون جڏهن هڪ قلمي نسخي جي نالي تي نظر وڌي ۽ وري اصل ڪتاب جي عبارت تي غور ڪيم ته معاملو اُلٽو نظر آيو. مون نگران جو توجهه ڇڪايو، خبر پئي ته هو فارسي عربيءَ کان نابلد هو، ليڪن چيائين ته هو اها ڳالهه ڄاڻو حلقن تائين ضرور پهچائيندو.

نقشبندي سلسلي جي باري ۾ هتي ايترو ٻڌائڻ ضروري آهي ته بهاءَالدين نقشبنديءَ کان اڳ ۾ هيءُ سلسلو ’طريقه خواجگان‘ سڏبو هو جيڪو خواجه يوسف همداني (وفات 535هه/1140ع) کان شروع ٿئي ٿو. هن جيتوڻيڪ بخارا ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي پر پوءِ ارڙهن سالن جي عمر ۾ بغداد هليو ويو، جتي ابوعلي فارمدي کان بيعت ٿيو ۽ جڏهن واپس موٽي آيو ته سندس ڪيترا مريد ۽ خليفا پيدا ٿيا جن مان عبدالخالق غجدواني (وفات: 575هجري) جيڪو بخارا جي ويجهو غجدوان جو هو، خاص طور قابل ذڪر آهي، ان جو جانشين وري خواجه عارف ريوگري ٿيو. هو پڻ بخارا جي پسگردائيءَ جو هو. ان جو جانشين خواجه محمود انجير فغنوي ۽ ان جو جانشين عزيزان علي راميتني هو جيڪو پڻ ولايت بخارا جي ڳوٺ راميتن جو هو. راميتني کان پوءِ ان جا جانشين خواجه محمد بابا سماسي ۽ ان جو جانشين امير ڪلال (وفات 772هجري) ٿيو ۽ خواجه بهاءُالدين نقشبند انهن ٻنهي کان فيض حاصل ڪيو. بهاءُالدين سال 718هه/ 1318ع ۾ بخارا ۾ پيدا ٿيو ۽ 792هه/1389ع ۾ وفات ڪيائين. ابجد جي حساب موجب ’قصر عارفان‘ منجهان ئي وفات جو سال 792 نڪري ٿو. خواجه بهاءُالدين کان اڳ هن سلسلي ۾ پڻ قادري سلسلي وانگر ذڪر ’جهر‘ يعني وڏي آواز سان ذڪر ڪرڻ جو رواج هو، ليڪن خواجه بهاءُالدين مخفي يعني هوريان ذڪر ڪرڻ ۽ دل ۾ لفظ الله جي نقش ويهارڻ تي زور ڏنو جنهن ڪري پاڻ ’نقشبند‘ جي لقب سان ۽ کانئس پوءِ هيءُ سلسلو نقشبندي نالي سان مشهور آهي. خواجه نقشبندي جي وفات کان پوءِ هيءُ سلسلو برصغير ۽ ترڪيءَ ۾ گهڻو مقبول ٿيو. هندستان ۾ هيءُ سلسلو خواجه باقي بالله جيڪو ڪابل جو هو جي معرفت پهتو ۽ ان وقت پنهنجي عروج تي پهتو، جڏهن شيخ احمد سرهندي دهليءَ ۾ باقي بالله کان بيعت ڪري هن سلسلي کي دين جي تجديد خاطر اڪبر بادشاهه جي غير اسلامي عقيدن خلاف استعمال ڪيو، ان ڪري کيس مجدد الف ثاني سڏيو وڃي ٿو.

لب حوض

خواجه بهاءُالدين نقشبنديءَ جي مزار کان پوءِ ڊرائيور سڌو ’لب حوض‘ وٺي آيو جيڪو بخارا جو گويا مرڪز آهي ۽ جتي تاريخي حوض آهي. قديم بخارا ۾ اهڙا سوين حوض هئا. حوض جي ٽن طرفن کان بلند عمارتون آهن، اوڀر ۾ نادر ديوان بيگي مدرسو آهي جيڪو 1622ع ۾ مڪمل ٿيو. اولهه ۾ نادر ديوان بيگي خانقاهه آهي، اهي ٻئي عمارتون عبدالعزيز خان جي وزير نادر بيگ ٺهرايون هيون. حوض جي اتر ۾ رستي جي ٻئي طرف ڪوڪلتاش مدرسو آهي جيڪو وڏي ۾ وڏو چيو وڃي ٿو. حوض جي ڏکڻ ۾ بخارا جي يهودين جو پراڻو محلو قائم هو.

هتان کان اڳتي بخارا جي قديم بازار يا ڪاروان سرايون شروع ٿين ٿيون، انهيءَ ڪري مون پاڻ پنڌ هلڻ شروع ڪيو. مون گذريل ٻن ڏينهن کان ڪوشش پئي ڪئي ته ڪٿي ڪتابن جو دڪان نظر اچي ته اهو شوق به پورو ٿئي. آخر اتي منهنجي نظر هڪ اهڙي جڳهه تي پئي، آءٌ اندر گهڙي آيس ۽ پڇا ڪيم ته ڪو فارسيءَ ۾ ڪتاب آهي. خبر پئي ته نه، تنهن هوندي به مان اتي رکيل ڪتابن کي وري به غور سان ڏسڻ شروع ڪيو. آخر مون کي اتي ڪافي وقت اڳ ڇپيل نظامي جي خمسه ۽ امير خسرو جي ’شيرين فرهاد‘ بابت آرٽ پيپر تي مصوري وارا ڪتاب هٿ لڳا. اتي ٻئي دڪان جي ٻاهران عربيءَ ۾ هڪ ننڍڙو پمفليٽ به هٿ آيو جيڪو تاشقند ۾ 2007ع ۾ ٿيل تقريب بابت هو. جنهن ۾ تاشقند جي حست امام متعلق مواد ڏنل هو. گهڻي پڪائيءَ کان پوءِ اهي ٻئي ڪتاب مون کي پنجاهه ڊالرن ۾ مليا جيڪي مون محسوس ٿي ڪيو ته مهانگا آهن، پر آخر بخارا مان ڪو ڪتاب ته وٺڻو هو.

هاڻي مان جيئن اڳتي هلندو ويس ته هڪ ٻئي پٺيان ڪاروان سراءِ جا نالا نظر ايندا ويا. هينئر انهن جي اندر سياحن جي خريداريءَ لاءِ شيون رکيون اٿن. هن کان اڳتي ڍڪيل بازار شروع ٿي وئي. ڪجهه فاصلي تي هڪ قسم جو دالان ٿي آيو، جيڪو وسيع و عريض هو ۽ ان جي مٿان وچ تي هڪ وڏو گنبد ۽ انهيءَ گنبد جي پاسن ۾ ننڍڙا اڌ گنبد آهن، انهن جي هيٺان چؤطرف وڪري جي شين رکڻ لاءِ ٿلها يا پليٽ فارم ٺهيل آهن. پهرين طاق صرافان، پوءِ طاق زرگران ۽ ان کان پوءِ طاق تلپڪ فروشان اچن ٿا. طاق انهيءَ ڍڪ بازار کي ئي چئجي ٿو جيڪي ان لاءِ ٺاهيون ويون هيون ته جيڪي قافلا بخارا ۾ ايندا هئا ۽ اچي انهن ڪاروان سراين ۾ قيام ڪندا هئا، اهي پنهنجو وکر ۽ سامان انهن بازارن ۾ وڪرو به ڪندا هئا ته خريد به ڪندا هئا. طاق صرافان جو مطلب جتي سڪا مٽائي سگهبا هئا. زرگران معنيٰ سون ۽ چاندي وغيره جو ڪاروبار. تلپڪ فروشان جو مطلب، ٽوپيون ٺاهيندڙ هئا.

وڏي ديوار مير عرب مدرسي جي آهي، سامهون طاق ڌلپڪ فروشان- بخارا

ڍڪ بازار جا گنبد ڪافي اوچا آهن ۽ اهي سرن جي ونگن تي ڪمال ڪاريگريءَ سان بيهاريا ويا آهن. انهن جي ٺاهڻ جو اهو به مقصد هو ته اهي گرميءَ کان گهڻو محفوظ هوندا هئا. جتي اها بازار ختم ٿئي ٿي ته ان جي ٻئي ڇيڙي تي ’مينار ڪلان‘ ۽ ’مسجد ڪلان‘ موجود آهن. مينار ڪلان کي بخارا جي سڃاڻپ چيو وڃي ٿو جيڪو قراخاني حڪمران ارسلان خان 1127ع ۾ ٺهرايو هو. هن کي ڏسي مون کي دهلي جو قطب مينار ياد اچي ويو. ڪلان جي فارسيءَ ۾ معنيٰ ئي آهي وڏو يا اوچو ۽ ان جي بلندي ستيتاليهه ميٽر آهي ۽ ان جو زمين تي بنيادي گهيرو ڏهه ميٽر آهي، جيتوڻيڪ اهو صرف پڪل سرن جو ٺهيل آهي. پر ان ۾ ڪاريگريءَ جو ڪمال نظر اچي ٿو. ان کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ڪيترن قسمن جا گولا ۽ گولايون ڏنل آهن جيڪي تعداد ۾ چوڏهن آهن. چون ٿا ته گذريل نون صدين ۾ انهيءَ مينار کي ڪنهن خاص مرمت جي ضرورت نه پئي آهي. تيرهين صديءَ جي شروع ۾ جڏهن چنگيز خان بخارا کي تاراج ڪيو ۽ هن مينار وٽ پهتو ته ان کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. انهيءَ ڪري مينار کي ڪجهه نه ڪيائين البت ان جي ڀرسان جيڪا مسجد هئي، ان کي ڊهرائي ڇڏيائين.

طاق زرگران جي پاسي ۾ الغ بيگ مدرسو آهي جيڪو هن پنهنجي ايامڪاري ۾ 1417ع ۾ ٺهرايو. الغ بيگ هڪ ٻيو اهڙو مدرسو غجدوان ۾ پڻ ٺهرايو هو جيڪو مشهور نقشبندي صوفي عبدالخالق غجدواني جو مسڪن هو جيڪو بخارا کان پنجيتاليهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.

ساڄي کان: مسجد ڪلان، مينار ڪلان ۽ مير عرب مدرسو- بخارا

الغ بيگ مدرسي جي سامهون عبدالعزيز مدرسو آهي جيڪو هن 1652ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪيو هو. عبدالعزيز استرخاني حڪمراني هو، سمرقند جي ريگستان ميدان وانگر بخارا ۾ پڻ مينار ڪلان ۽ ان جي سامهون ميدان اهم تاريخي ورثو آهن. مينار ڪلان جي ڀرسان مسجد جنهن کي چنگيز خان تباهه ڪيو. سورهن صديءَ ۾ وڏي جامع مسجد جي صورت ۾ تعمير ڪيو ويو، جنهن ۾ ڏهه هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. مسجد جي سامهون مير عرب مدرسو آهي، جيڪو 942هه/1535ع ۾ مڪمل ٿيو. اهو واحد مدرسو آهي جيڪو اشتراڪي روس جي وقت ۾ ڪجهه وقت لاءِ بند رهيو، پر پوءِ 1941ع ۾ اسٽالن جي حڪم سان کوليو ويو. ۽ ان ۾ 80 کان وڌيڪ طالب علمن کي پڙهڻ جي اجازت نه هئي. هينئر ان ۾ ٻه سؤ طالب علمن لاءِ بندوبست آهي. مير عرب لاءِ چون ٿا ته هو اصل ۾ يمن جو عرب هو جيڪو نقشبندي سلسلي سان وابستگي سبب هتي آيو ۽ شيباني حڪمران عبيدالله خان هن لاءِ هيءُ مدرسو تعمير ڪرايو. هن مدرسي جي پيش طاق تي نهايت خوبصورت ڪاشي ۽ گلڪاري جو ڪم ٿيل آهي. مان جڏهن هن مدرسي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته اتي بيٺل ماڻهو مون کي اندر اچڻ کان اهو چئي منع ڪئي ته مدرسي ۾ پڙهائي ٿي رهي آهي. چون ٿا ته روسي اقتدار جي زماني ۾ ترڪستان يعني وچ ايشيا جي پنجن ملڪن ۾ ڇويهه هزار مسجدن مان صرف چار سو کليل هيون ۽ انهيءَ پوري علائقي ۾ هڪ مير عرب مدرسو بخارا ۾ ٻيو تاشقند ۾ مرڪزي درسگاهه کليل هئا.

مينار ڪلان ميدان ۽ ان جي آسپاس ٻيا به ڪيترا تاريخي آثار ۽ ماڳ مڪان آهن، پر اتي ئي منجهند جو وقت اچي ٿيو هو، سو مون ڊرائيور کي موبائيل تي فون ڪري اچڻ لاءِ چيو. هاڻي اسان لب حوض جي چوڌاري ٺهيل هڪ ريسٽورنٽ جي ٻاهران پيل صندل تي طول وهاڻن تي چڙهي ٽيڪ ڏئي ويٺاسين ۽ پلاء جو آرڊر ڏنوسين، سامهون حوض ۾ ننڍڙا ڦوهارا به هلي رهيا هئا ۽ اسان ان تاريخي توت جي وڻ هيٺان ويٺا هئاسون جيڪو پنج سؤ سال کان وڌيڪ پراڻو هو ڇو ته ان تي سال 1441ع لکيل هو. دراصل اتي ڪل چار پنج توت جا وڻ هئا جيڪي حوض جي چئني طرفن کان لڳل هئا، اسان جنهن توت جي وڻ جي هيٺان ويٺا هئاسون ان جي هڪ ٻه شاخ سائي آهي. نه ته باقي سڪل هو. بهرحال سڄي رونق لب حوض ۽ اتي اهڙن ٻين ننڍن ريسٽورنٽ يا چاءِ خانن جي آهي جتي هر وقت چڱي خاص رش رهي ٿي. حوض جي هڪ ڪنڊ تي ملا نصر دين جو مجسمو ۽ ان جي پٺيان اٺن جي قطار ٺهيل آهي جن مان ڪي ويٺل به ڏيکاريا ويا آهن. ملا نصردين جيڪو پنهنجن لطيفن سبب مشهور آهي، تنهن لاءِ چون ٿا ته جڏهن امير تيمور، عثماني ترڪن کي شڪست ڏئي واپس وريو هو ته ملان کي پاڻ سان وٺي آيو هو. ماني کائي آءٌ وري لب حوض جي اتر طرف ڪوڪلتاش مدرسي ۾ اندر گهڙي ويس ته معلوم ٿيو ته ان جي اندر حجرن ۽ برآمدن ۾ سياحن لاءِ سوکڙين پاکڙين جا اسٽال ئي آهن. مان پورو چڪر ڏئي هڪ ٻه شيون ورتيون. بهرحال مان جڏهن اتي گهمي رهيو هوس ته ڪاروان سان گڏ هلندڙ قافلن جي روانگي واري مڌر موسيقيءَ جو آواز ڪنن تي پيو. مان ان اسٽال تي وڃي ٻه سي.ڊيون ورتيون جن تي ڪاروان لکيل هو.

مينار ڪلان کا ايندي رستي ۾ منهنجي نظر بخارا جي تاريخي قلعي ارگ بخارا تي پئي هئي تنهنڪري هاڻي ڊرائيور کي چيم ته ان طرف هل. قلعي ۾ جنهن طرف کان داخل ٿجي ٿو، ان ديوار ۾ مين گيٽ کي مرمت ڪري بحال ڪيو ويو آهي. هونئن هن قلعي جا بنياد ٻه هزار سال کان وڌيڪ پراڻا آهن، بهرحال پنجين صديءَ کان 1920ع تائين اهو قلعو آباد هو جڏهن روسي فوجن ان تي بمباري ڪئي، هينئر ان جو گهڻو حصو ۽ جايون تباهه برباد ٿي چڪيون آهن، چند باقي بچيون آهن. دنيا جي ڪنهن به قديم قلعي وانگر ان ۾ داخل ٿيڻ جو لنگهه چاڙهي ۽ ور وڪڙ آهي جنهن جي ٻنهي طرفن کان چوبدارن لاءِ ڪوٺيون يا جڳهون آهن، اتان نڪري اڃا مس مٿي پهچجي ٿو ته کاٻي طرف شروع ۾ ڪاٺ جي ٿنڀن تي بيٺل ننڍي مسجد آهي، جيڪا زير مرمت هئي. مان ان جي دروازي تي بيهي اندر نظر وڌي ته شوڪيسن ۾ قلمي ڪتاب رکيل معلوم ٿيا، جيتوڻيڪ دروازي جي سامهون رسي ٻڌي پئي هئي ته جيئن ڪو داخل نه ٿئي ۽ يونيفارم ۾ هڪ ماڻهو بيٺل هو جيڪو نگراني ڪري رهيو هو. پر اهو ماڻهو منهنجي پڪي ارادي ۽ نيت کان متاثر ٿي ويو ۽ مون کي اندر وڃڻ ڏنائين. مون ڏٺو ته ڪي قرآن شريف جا قلمي نسخا ۽ ٻيا فارسيءَ جا ڪتاب جن ۾ مثنوي رومي ۽ ڪي ٻيا ڪتاب رکيل هئا.

مسجد سان لڳ تاجپوشي يا ڪرنش ايوان جا ڪي آثار باقي آهن، جتي بادشاهن جي تاجپوشي ٿيندي هئي يا هو ٻاهر ان آيل سفيرن سان ملندا هئا انهيءَ جڳهه تي بخارا جي آخري حاڪم عالم خان 1910ع ۾ تخت تي ويٺو هو.

ائين ڊٺل ۽ ڦٽل آثارن مان هلندي آءٌ قلعي جي آخري ڇيڙي تي پهتس جتي مون ڏٺو ته هڪ ڪمري تي تالو لڳل آهي ۽ ڪا پهر ڪونه هئي. مون کي الائجي ڇو افسوس ٿيو ته جيڪر اهو ڪمرو کليل هجي ها. اتان آءٌ واپس ٿيڻ لڳس ۽ جڏهن آءٌ قلعي جي مين گيٽ وٽ پهتس جتي پاسي وارن ننڍن ڪمرن اندر توڙي رستي ۾ ٺيلهن تي وڪري لاءِ ڪيتريون شيون رکيون هيون. اتي مون ڏٺو ته فارسي يا عربيءَ ۾ ڪن قلمي ڪتابن جا صفحا جن تي تصويرون ۽ شڪليون ٺهيل هيون، ديوار تي پوسٽر وانگر لڳل هئا. مان ويجهو وڃي انهن کي غور سان چتائي ڏسڻ لڳس ته ايتري ۾ هڪ نوجوان منهنجي طرف وڌي آيو ۽ مون کي اڌوگابري انگريزيءَ ۾ پڇڻ لڳو ته قلمي ڪتابن ڏسڻ يا وٺڻ ۾ دلچسپي رکان ٿو. مون هائوڪار ڪئي ۽ چيم پر پهرين مون کي اهي ڏسڻ ڏي. ائين چئي هو مون کي وري مٿي وٺي آيو ۽ اچي ان ڪمري کي کوليائين جنهن تي تالو لڳل ڏسي مون کي افسوس ٿيو هو. هن مون کي ٻڌايو ته هو اتان جو انچارج آهي. ائين چئي هن پاسي واري ڪٻٽ مان قلمي ڪتاب ڪڍي منهنجي آڏو رکڻ شروع ڪيا. پهريائين چند قرآن شريف جا نسخا ڏيکاريائين. اتي مون کيس چيو پر آءٌ تصوف جي ڪتابن ۾ دلچسپي رکان ٿو. هن باقي ڪتاب ڪڍي منهنجي آڏو رکيا. آءٌ اهي ڏسندو هن کي انهن جا نالا وغيره ٻڌائيندو ويس جو مون محسوس ڪيو ته هن کي فارسي وغيره جي ڪا خبر ڪونه هئي. هن مون کي ويهارو کن ڪتاب ڏيکاريا. جن مان گهڻا قرآن جا نسخا جيڪي پڻ غير مڪمل هئا جو انهن جا ڪجهه صفحا کٽل هئا، باقي فقه يا حديث بابت هئا. ليڪن هڪ ڪتاب جي نشاندهي ڪندي مون کيس ٻڌايو ته اهو يعقوب چرخيءَ جو فارسيءَ ۾ تفسير آهي، يعقوب چرخي خواجه بهاءالدين نقشبنديءَ جو خاص خليفو ۽ خواجه عبيدالله احرار جو مرشد هو ۽ نقشبندي سلسلي ۾ اهم مقام والاري ٿو. اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، پر مون کيس ٻڌايو ته اهو پاڪستان ۾ فارسي بلڪ ان جو اردو ترجمو به ڇپيل آهي.

مان ڏيڍ ڪلاڪ کن هن سان گڏ گذاريو ۽ آخر ۾ قرآن شريف جي هڪ مڪمل نسخي بابت پڇا ڪئي جنهن بابت هن چيو ته اهو پنج سو ڊالرن يعني چاليهه هزار روپين جو ٿيندو. ايتري ۾ مون هن کان سندس مشغولين بابت پڇيو. هن چيو ته هو پاڻ ليکڪ آهي ۽ تازو عمر خيام جي رباعين جو مجموعو روسي، ازبڪ ۽ انگريزيءَ ۾ ترتيب ڏنو اٿس، ائين چئي اهو ننڍڙو ڪتابڙو مون کي پيش ڪيائين. مون کيس چيو ته ان تي پنهنجو آٽوگراف يعني دستخط ڪري ڏئي. هن ائين ڪيو ۽ ائين اسان اتان روانا ٿياسين.

ارگ قلعي جو ٻاهريون دروازو هڪ وڏي چوڪ ۽ مين روڊ تي آهي، روڊ جي ٻئي طرف بلڪل سامهون بالا حوض آهي ۽ ان حوض جي ٻئي ڪناري تي مسجد ٺهيل آهي جيڪا اصل ۾ 1718ع ۾ تعمير ٿي. ان جو اڱڻ ڪاٺيءَ جي ويهه ٿنڀن تي بيٺل آهي، ان جي ڇت به ڪاٺيءَ جي آهي، پر ديوارن تي رنگين ڪاشڪاري ۽ گلڪاري موجود آهي. مسجد جو اڱڻ گويا اهو حوض آهي.

مسجد بالاحوض- بخارا

مسجد جي آڏو ڪيترن وڻن جو جهڳٽو آهي ۽ انهن جي هيٺان ننڍڙا دڪان يا ٺيلها هئا. مان جڏهن اتان گذري رهيو هئس ته اتي ٺيلهن تي رکيل ڪتابن تي نظر پئي جن ۾ ڪي قلمي ڪتاب به هئا، مان اهي کڻي ڏٺا پر اهي يا ته ڪي ورق هئا يا ٻين موضوعن مثلاً: طب وغيره بابت هئا.

هينئر شام جا ڇهه ٿي چڪا هئا، ۽ بخارا ۾ ڏسڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجهه هو، پر رات جو ئي ساڍي نوين وڳي منهنجي بخارا مان تاشقند لاءِ فلائيٽ هئي، جنهنڪري مون ڊرائيور کي چيو ته سڌو ايئرپورٽ ڏانهن هلڻ کپي، اتان ايئرپورٽ گهڻو پري نه هو ۽ اسان جلدئي ايئرپورٽ پهچي وياسين.

تاشقند ۾ جنهن هوٽل ۾ آءٌ ترسيس، اهو وچ شهر ۾ هو. صبح جو طي ٿيل پروگرام موجب پاڪستاني سفير ڪار سان گڏ پنهنجي آفيس جي هڪ خاتون اُماڻي، جيڪا انگريزي سمجهي رهي هئي ته جيئن اها مون کي تاشقند جون اهم تاريخي جڳهون ڏيکاري سگهي. هوءَ مون کي سڀ کان پهرين ’امير تيمور ميوزيم‘ تي وٺي آئي، اها هڪ نهايت شاندار عمارت آهي جنهن جو افتتاح تيمور جي ڇهه سؤ سٺ ساله ورسيءَ جي موقعي تي 1996ع ۾ ڪيو ويو. ميوزيم ۾ داخل ٿيڻ سان پهرين هڪ وڏو حال اچي ٿو جنهن جي مرڪز ۾ ٿلهي تي هڪ وڏي رحل تي حضرت عثمانؓ جي مرتب ڪرايل مصحف يعني قرآن شريف جو عڪس رکيل آهي. هيٺ مٿي گيلريون آهن جن ۾ ڪي آثار ۽ ڪي مخطوطا رکيل آهن، پر گهڻي ڀاڱي وڏيون تصويرون (Murals) ٺاهيل آهن جيڪي نهايت متاثر ڪن آهن. انهن ذريعي جنگي منظر ۽ تيمور جي ٺهرايل عمارتن يا ازبڪستان جي ٻين تاريخي عمارتن جي تصويرڪشي ڪئي وئي آهي.

اميرتيمور ميوزيم- مصحف عثمان جو عڪس- تاشقند

تاشقند جو اهم تاريخي ۽ ثقافتي مرڪز ’حست امام‘ آهي جيڪو شهر جي وچ ۾ آهي. روس کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد هتي جي عمارتن کي اصلي رنگ ڍنگ ۽ شان مان سان بحال ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ آئسيسڪو (Isesco) جو وڏو هٿ آهي. هڪ وسيع و عريض ميدان ۾ هڪ طرف مدرسه براق خان آهي جيڪو 1502ع ۾ قائم ٿيو ۽ ڪيترين صدين تائين وچ ايشيا يا قديم ترڪستان ۾ اسلامي علوم جو وڏو مرڪز هو. ٻي عمارت مسجد تلاشيخ آهي جنهن جو بنياد 910هجريءَ ۾ رکيو ويو. انهيءَ مسجد جو ٻيو نالو حست امام پڻ آهي. انهيءَ مسجد جي ڀرسان هڪ الڳ عمارت ۾ جنهن ۾ هڪ وڏو ڪمرو آهي ۽ ان جي چوڌاري ننڍا ڪمرا يا ڪوٺيون آهن. ان وڏي ڪمري جي وچ ۾ شيشي جي باڪس ۾ ’مصحف حضرت عثمان‘ رکيل آهي. اهو قرآن شريف روس جي قبضي کان پوءِ روسي حڪومت پيسٽرسبرگ کڻي وئي جيڪو روس کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد 1989ع ۾ ازبڪستان جي موجوده حڪومت واپس کڻي آئي. مان ان جي چڱيءَ طرح زيارت ڪئي. شيشي جو باڪس موسمي اثرات کان محفوظ ٺاهيو ويو آهي جنهن جي آڏو هڪ پني تي هيءَ معلوم هئي، مصحف جي ورقن جي ماپ 53x68 س.م آهي ۽ ان ۾ لکيل متن جي ماپ 36x46 ۽ 33x39 آهي، صفحن جو ڪل تعداد 338 آهي، مڪمل مصحف ۾ 353 ورق هئا ليڪن موجوده مصحف ۾ 15 صفحا کٽل آهن.

انهيءَ ميدان ۾ اُتر طرف امام اسماعيل بخاري اسلامڪ انسٽيٽيوٽ جي شاندار عمارت آهي، بخارا جي مير عرب مدرسي کان علاوه اهو ٻيو مدرسو هو جتي روس جي قبضي دوران به اسلامي تعليم کي بند نه ڪيو ويو. ان جي اولهه ۾ ابوبڪر قفال شاشيءَ جو مقبرو آهي، جنهن کي پڻ بحال ڪيو ويو آهي. آءٌ ان ۾ اندر وڃي فاتحه پڙهي آيس، ان مقبري سان لڳ تاشقند يونيورسٽيءَ جون عمارتون شروع ٿين ٿيون. قفال شاشي پندرهين صدي عيسوي/ ڏهين صدي هجري (976-904) ۾ ٿي گذريو هو. هو فقه، حديث، اصول ۽ لغت جو وڏو عالم هو.

مان اڃا تاشقند جو اهو مرڪز ئي ڏسي پورو نه ڪيو هو ته منجهند جو هڪ ٿي ويو ۽ تاشقند ۾ پاڪستاني سفير جنهن جو آءٌ مهمان هئس، اتي اچي پهتو ڇو ته اسان کي منجهند جي ماني گڏ کائڻي هئي. مون کي هو هڪ سٺي هوٽل ۾ وٺي هليو جتي مقامي کاڌي جي فرمائش سبب اسان کي ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳي ويو. آخر جڏهن اسان ماني کائي نڪتاسين ته مون سندس مهمان نوازيءَ جو شڪريو ادا ڪندي کانئس موڪلايو ڇو ته شام جو منهنجي فلائيٽ هئي. پر جيئن ته اڃا ٻه ڪلاڪ کن گهمي سگهجي پيو تنهنڪري مون وري ان خاتون کي چيو ته مون کي شهر جي قديم حصي يا محلي يا بازار ۾ وٺي هل. ائين اسان تاشقند جي اصلي مرڪز ’چورسو بازار‘ اچي پهتاسون، هونئن ته اها شهر جي پراڻي بازار هئي پر هينئر اتي تمام وسيع ايراضيءَ ۾ ڦهليل هڪ عاليشان مارڪيٽ ٺاهيل آهي، جنهن جي ڇت تمام گهڻي اوچي آهي، اسان ان ۾ داخل ٿي جلد ئي نڪري آياسين. چورسو بازار جي مهڙ ۾ ڪوڪلتاش تاريخي مدرسو آهي جيڪو سورهين صديءَ ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. ان جو طرز تعمير به اهوئي بخارا ۽ سمرقند وارو ٿي لڳو. بهرحال وقت جي ڪمي سبب آءٌ ان جي اندر نه وڃي سگهيس.

آخر تاشقند مان روانگيءَ جو وقت اچي ويو ۽ آءٌ جيئن هوٽل مان نڪري ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿيس ته منهنجي نظر روڊ جي ٻئي طرف سامهون هڪ وڏي عمارت تي وڃي پئي جنهن تي امير علي شير نوائي لٽرري ميوزيم لکيل هو. نوائي نائين صدي هجري/پندرهين صدي عيسوي جي وڏي علمي شخصيت هو جيڪو حسين بايقرا جهڙي علم دوست حڪمران جو وزير خاص هو. علي شيرنوائي جو تعلق هرات سان هو ۽ مولانا عبدالرحمان جاميءَ کي پنهنجو مرشد سمجهندو هو ۽ تيموري خاندان سان سندس خاص تعلق هو. هو پاڻ عالم ۽ شاعر هو. فارسي ۽ ترڪيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا اٿس، شايد انهيءَ علمي عظمت سبب تاشقند ۾ روسي حڪومت سندس نالي پٺيان علي شير نوائي اوپيرا ۽ بيلي ٿئيٽر پڻ تعمير ڪرايو جنهن جي نگراني لينن جي مقبري ٺاهيندڙ ڪئي هئي.

مان جڏهن ايئرپورٽ تي ويهي انتظار جون گهڙيون ڪاٽي رهيو هوس ته مون کي بار بار اهوئي خيال اچي رهيو هو ته ڪيتريون اهم تاريخي شيون اڃان ڏسڻ کان رهجي ويون آهن. منهنجي ذهن ۾ هر وقت اهي عاليشان مدرسا ۽ انهن جون خوبصورت عمارتون گردش ڪري رهيون هيون، اهو انڪري به ته مان پنهنجي دوري ۾ اڃا تائين ڪنهن بادشاهي محل يا محلات کي ڏسي نه سگهيو هوس. هونئن به تيمور جو ٺهرايل محل ۽  ان جا آثار شڪري سبز ۾ آهن ۽ اهو شهر سمرقند کان 80 ميل ڏکڻ طرف هو ۽ اهو منهنجي پروگرام ۾ شامل نه هو. بهرحال منهنجي ذهن تي اهي عاليشان مدرسا ۽ الغ بيگ جون شاندار علمي ڪاوشون ئي غالب رهيون ۽ مان اهو سوچي رهيو هوس ته اسان پنهنجي دور ۾ جڏهن اهو حساب ڪتاب ڪندا آهيون ته سرڪار تعليم تي پنهنجي بجيٽ جو ڪيترو سيڪڙو خرچ ڪري رهي آهي ته ان لحاظ کان تيموري خاندان جي حڪومت ۾ اهو پڪ سان اڄ جي مقابلي ۾ گهڻو هوندو.

مان جڏهن پاڪستان مان ازبڪستان وڃڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو هئس ته منهنجي ذهن ۾ سمرقند، بخارا ۽ تاشقند کان علاوه خوارزم يا خيوا پڻ هو، جيڪو خوارزمي ۽ بيروني جو وطن آهي. ليڪن ظاهر آهي ته ٽن ڏينهن جي پروگرام ۾ ان جي گنجائش نه هئي، جيئن جهاز رن وي تان مٿي اڏامڻ لڳو ته آءٌ اهوئي سوچي رهيو هئس ته قسمت وري ڪڏهن هن حسين ۽ سونهن ڀريي ديس ۾ وٺي ايندي ۽ آءٌ خوارزم به ڏسي سگهندس.

 

مددي ڪتاب

1.        Central Asia Braddy Mayhew Lonely Planet

2.       Samarkand & Bukhara John Lawton London

3.       Justin Marozzi Tamerlame: Sword of Islam, Conqueror of world London

4.       The Malfuzat Timury Major Charles Stewart Sang-e-Meel, Publishers, Lahore, 200

5.        آثار تاريخي ورارود و خوارزم، جلد اول، سمرقند و بخارا، تاليف دکتر منوچهر ستوده، تهران 1384 شمسي

6.        ظفرنامه مولانا شرف الدين علي يزدي بتصحيح و اهتمام محمد عباسي امير کبير مطبوعات تهران 1336 شمسي

7.        امير تيمور هيرالڊ وليم مترجم محمد عنايت الله بک کارنر، جهلم، پاڪستان

8.        تزڪ تيموري، سيد ابوالهاشم ندوي، سنگ ميل پبليڪيشن لاهور، 2006ع

9.        تزڪ بابري، ترجمه رشد اختر ندوي، سنگ ميل پبليڪيشن لاهور، 2009ع

10.    خواجه احرار، عارف نوشاهي، پورب اکادمي، اسلام آباد 2010ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com