ظهير زرداري
چؤسٽا
توسوا هڪ گهڙي چئن ناهي پرين!
توسان آهن رهيون روح جون راحتون،
چنڊ آهي، مگر ساڻ تون ڪونه آن!
اڄ لڳن ٿيون اڌوريون ٽُـٽل چاهتون.
دوست ”دشمن“ ڪڏهن ناهه ٿيندو سڄڻَ،
ڇا ٿيو جي اکين کان پري ئي سهي،
هي ٻه ٽي ڏينهن آهن ڏکن جا ڪَڪَر،
تون نه گهٻرائجان نيٺ ويندا لهي!
سادڙو سادڙو ۽ ڳهيلو رهيو!
ميڙ ۾ آهيان مان اڪيلو رهيو!
ها مگر تنهنجي ايندي اڱڻ تي ظهيرَ،
آهيان خوشين سندو ڄڻ ته ميلو رهيو.
تنهنجي ليکي ته مون کي خبر ڪانه آ،
تنهنجي ڪوڙن حسابن کي سمجهان نٿو،
تون ڀلي پنهنجي مستيءَ ۾ خوش رهه مٺا!
پيار سمجهان، عذابن کي سمجهان نٿو.
علي محمد سولنگي
او -امڙ دُعا ڪا ڪر
درد دور ٿي وڃن،
سورَ سڀ ڀڄي وڃن.
ڏينهن ڏک سندا وڃن،
مينهن سک سندا وسن.
لُڙڪ، مُرڪ ٿي پون،
ٽهڪ ڪي ٽڙي پون.
قلب ڪائنات ۾،
چين ۽ قرار جي.
اجڙيل حيات ۾،
رُت وري بهار جي.
زندگيءَ ۾ رونقون،
ڪي وري وري اچن.
۽ رُٺل سي راحتون،
چاهتون ملي وڃن.
هٿ کڻي خدا جي در،
مٺڙي مصطفيٰ ﷺ جي در.
او امڙ! دعا ڪا ڪر،
او امڙ! دعا ڪا ڪر.
پريت گهمرو
غزل
اچ پرين توکي سمايان ساهه ۾،
تون رهين ٿو دل سندي درگاهه ۾.
هو مٺو مولا ڪري ڪاٿي ملي،
اوچتو هو مَنَ ملي ڪنهن راهه ۾.
رات جي هن سانت ۾ ڳوڙها وهن،
جيءُ جهريو تنهنجي جاني چاهه ۾.
تو ملين دولت ملي ٻيو ڇاکپي،
دلربا ڪيڏو اثر هو آهه ۾.
ڀروسو توتي رکي غلطي ڪيم،
مان ته ڦرجي بس ويس ويساهه ۾.
غزل
بي رُخيءَ کي تون هٽائي ڇو نه ٿو،
مُرڪ منهن تي تون سجائين ڇو نه ٿو.
آهه سالن کان رهي دل بيقرار،
پنهنجي ٻانهن ۾ سمائين ڇو نه ٿو.
نيڻ منهنجا لڙڪ هارن ٿا پرين،
نيڻ نيڻن سان ملائين ڇو نه ٿو.
ڏئي به ڇڏ ڪوڙي انا هڪ وار تون،
پيار جا تون گيت ڳائين ڇو نه ٿو.
منهنجي دل هردم اداس آهي پريت،
دل چريءَ کي تون کلائين ڇو نه ٿو.
پريم پتافي
غزل
نيڻن مان جي نڪتا آهن،
لڙڪ نه ڄڻ ڪي لاشا آهن.
پنهنجا نيڻ مقامن وانگر،
خواب کڻي دفنايا آهن.
تو به ته وقت اسان جا سڏڙا،
ٻوڙن جيئن ورنايا آهن.
سياري ۾ احساس ڪنبل جو،
تنهنجي ڳل تي بوسا آهن.
دل جي گهر ۾ درد سمورا،
اک جي رستي آيا آهن.
ڪير اسان جا نيڻ سهيڙي،
ڪِٿ ڪِٿ يار وڃايا آهن.
رياضت ٻرڙو
وائــــــي
تو جيان دل لڳي تصور آ،
من اندر روشني تصور آ.
دشمنن جي شهر ۾ ڪجھ لمحا،
درد جي دوستي تصور آ.
شام جي پُر سُڪون يادن ۾،
بي سُڪوني لڳي تصور آ.
آءٌ بي جان بُت جيان تو لئه،
منهنجِي ڪجھ زندگي تصور آ.
تون وفادار، اي هوا ناهين،
تنهنجِي پڻ نغمگي تصور آ.
مون چيو: گيتَ ۾ ميتُ آ منهنجو،
تو چيو: شاعري تصور آ.
تون به ’رياضت‘ جئين ٿو سپنن ۾،
تنهنجِي هر عاشقي تصور آ.
غزل
تو لئه دنيا مون،
دل ۾ جوڙي آ،
نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو!
هِتان کان هُن پار ڏي،
دلڙِي ڊوڙي آ،
نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو!
تنهنجي نالي زندگي،
چُپ ۾ چوڙِي آ،
نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو!
مِٺِي ماني چنڊ جِي،
تو بن ڪوڙِي آ،
نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو!
لفظن جي خوشبو پٺيان،
وائي ووڙِي آ،
نانءُ ته ڏي ان کي پنهنجو!
سيف الحق سيف
غزل
رهگذر ۽ سفر، اسان جوڳي!
دربدر دربدر، اسان جوڳي!
نيٺ وڃڻو ته آ پري توکان!
تنهنجو ڇڏبو شهر، اسان جوڳي!
ڀوڳيون من اندر پيا هردم،
هي عمر جو هجر، اسان جوڳي!
جاءِ نه جوڙي ڪٿي پيا ڀٽڪون!
هر شهر، هر نگر، اسان جوڳي!
من ۾ موتي کڻي هلون ٿا پيا،
ڪو ڏسي ديد ور، اسان جوڳي.
جوءِ ساري اسان ڪان گهر جهڙي،
ڇڏ اسان جو فڪر، اسان جوڳي.
”سيف“ ڄاڻون پيا سڄي جڳ کي،
ٿا رکون هر خبر، اسان جوڳي.
غزل
مرندي ٿيندا، خالي هٿ!
رهجي ويندا، خالي هٿ!
ڇا ڇا ميڙيون ويٺا ٿا،
هوڏي ويندا، خالي هٿ!
مال متاع هتي رهندو،
ڪانڌي ڏسندا، خالي هٿ!
کِسڪي ويندي واري مُٺ،
ساڳيا هوندا، خالي هٿ!
هلجي ”سيف“ کڻي نيڪيون،
ڪم ته ايندا، خالي هٿ! |