مِسروز ابڙو
نـــظــم
هٿ تي تنهنجو نانءُ لکي ٿي،
پنهنجو نانءُ لکڻ کان پوءِ هوءَ.
خوشبو خوشبو ٿي وئي آ ڄڻ،
تنهنجو نانءُ چمڻ کان پوءِ هوءَ.
ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه ڀري ٿي،
تنهنجو نانءُ وٺڻ کان پوءِ هوءَ.
رنگ رنگيلي ٿي وئي آهي،
تنهنجو نانءُ پڇڻ کان پوءِ هوءَ.
ڪيڏي سهڻي لڳندي آهي،
اڪثر ننڊ پوڻ کان پوءِ هوءَ.
صحرائن مان اُڪري وئي آ،
تنهنجو پنڌ پڇڻ کان پوءِ هوءَ.
دريائن مان لڙهندي وئي آ،
لونءَ لونءَ منجهه لڇڻ کان پوءِ هوءَ.
نکري پئي آ، مرڪي پئي آ،
عشق جو رنگ چڙهڻ کان پوءِ هوءَ.
مصور چوهاڻ
غزل
اکين جا لڙڪ ڳلڙن تان، سميٽي يار ٿا سوچون،
سوا هيءَ زندگي توکان ڪَٽِي ڪيئن ڌارِ ٿا سوچون!!
خيالن سان ڪندي ڳالهيون مڙيئي وقت پيو گذري،
سوا سورن ڳنڍيون ڪنهن سان، دلين جي تار ٿا سوچون!
حقيقت جي خوابن سان ڪٺن آ دوستي، پر ڇو؟
اجائي جستجو پيو ٿو ڪري، سنسار ٿا سوچون.
حُسن ڄڻ تنهنجو پاڻي آ، پيئون ٿا پيا جيئون ٿا
پيا،
حياتِ آب ته ناهين! تولئه هر وار ٿا سوچون!
وڪامي پئي محبت ڀي، ڀري بازار ۾ اڄڪلهه،
”مصور“! پيار جو خود ڀي ڪيون واپار ٿا سوچون!
رحيمداد جوڳي
نثري نظم
مٽيءَ جا لڙڪ
پاڻ مدتن کان
ٿڪل اکين جيان
تنهائيءَ جي ويرانن ۾
ڄڻ ته هجون
صحرائن جا پکي!
چپن ۾ يادن جي پياس کڻي
سيني ۾ درد جون رونقون رکي
لهندڙ سج جي پاڇن پويان
ڇڏي بي نشان پيرا ٽهڪن جا
ڊوڙندا رهياسين
زندگيءَ جي روڊ تي
هوائن سان گڏ!
۽ ٽاريءَ ٽاريءَ مان
خزان جي مند جا
ڇڻيل سڪل پن
ٽهڪن جون
تاڙيون ٿا وڄائن
بهار اچڻ جي خوشيءَ ۾!
هونءَ به
سڄي عمر
مٽيءَ جي لڙڪن جي
ساهه کڻڻ ۾ گذري وئي!
اياز جي قبر مٿان…
ستارا
سُرمئي اُڀ هيٺان
چانڊوڪيءَ جا
گيت ٿا ڳائن
چنڊ-
”اياز“ جي قبر مٿان
سنڌ جي دردن جا
نوحا ٿو لکي!
ª
ايس. نسيم ميمڻ
غزل
تنهنجا جلوا ڳالهائن ٿا، منهنجا جذبا ڳالهائن ٿا،
تنهنجا نخرا ڳالهائن ٿا، منهنجا اُڌما ڳالهائن ٿا.
در دريون هي بند ڪيو ڀل، تنهن ۾ ڪوئي فرق نه
ايندو،
تن جي آڏو ٽنگيل جيڪي، سي سڀ پردا ڳالهائن ٿا.
اوسيئڙن کي ڀي ته زبانون، الڪن کي احساس ملي ويا،
روئندا ڀي هو آهن ڏاڍو، هي سڀ صدما ڳالهائن ٿا.
ديوارن کي ڪن به آهن، مون به ٻڌو آهي وڏڙن کان،
جنهن کي جي به مليا ويا آهن، سي سڀ درجا ڳالهائن
ٿا.
ڪاٿي هُو ٿيا ۽ ڪاٿي هي، راڙا روڄ شروع ٿي ويا هن،
هاڻي سچ پچ پڪ ٿي وئي آ، ڊپ ۽ کٽڪا ڳالهائن ٿا.
هي ته غزل تو ”سنڌو“ لکيا، تن جو ڀي ڪو مقصد آهي،
جيڪي راڳين ڳايا آهن، سي سڀ نغما ڳالهائن ٿا.
انور “ساگر” ڪانڌڙو
غزل
سفر جي عشق کي پيارا ڀُلائي ڇو نه سگهياسون،
ملي ويا نيڻ، پر دليون ملائي ڇو نه سگهياسون.
وُٺا هوندا، ڦُٽا هوندا، سُڪا هوندا ته ڇا حاصل؟
ٽُٽل ڏارن کي درخت سان، لڳائي ڇو نه سگهياسون.
رنا هوندا، رڙيا هوندا، اڪيلا ڀٽڪندا هوندا،
سوين عاشق خزائن ۾، کِلائي ڇو نه سگهياسون.
نون تازن گلن وانگي، ڏسي مُرڪي ٽِڙي پياسين،
اکين آڏو اهو منظر، هٽائي ڇو نه سگهياسون.
کڻي وارن جي وَر وَر مان، وراڪا ڏئي لٿي خوشبو،
سڄو ماحول حُسناڪي، ڀُلائي ڇو نه سگهياسون.
اُٿياسين يا اٿڻ محفل به چاهيو هو ته اٿڻو پيو،
اتي بدروح جو تن من، جلائي ڇو نه سگهياسون.
ملڻ پهريون دفعو ٿيو، يا مَٽائي جُوڻ ملياسين،
ملڻ ڪهڙي سبب ٿيو هو، ٻڌائي ڇو نه سگهياسون.
کڻي هاري وساري ڇڏ، ورائي منهن نه ڏسندو ڪر،
غضب راتين رهاڻين کان، نٽائي ڇو نه سگهياسون.
اندر جو حال في الحال، اندر جا زلزلا ظالم،
وڏي آواز سان روئي، سُڻائي ڇو نه سگهياسون.
وڏو پاڻي وڏو ڀنڀٽ، وچان وڌندي ڀلا ڪيسين؟
جتي ڦاٿين توکي ”انور“، بچائي ڇو نه سگهياسون.
رحمت سومرو
غزل
هر گهڙي انتظار، تنهائي،
ديد، دل بيقرار، تنهائي.
تنهنجي محفل ۾ بار بار آيس،
پر ملي بار بار تنهائي.
تنهنجي ٽهڪن جو ساٿ ڀي نه رهيو،
دل به ڪئي اختيار تنهائي.
هڪڙي حسرت جي مرتئي تي آ،
مون سان گڏ سوڳوار تنهائي.
ڏيڍ سٽا
جنهن ڏي به ڏٺو نيڻن
هر ماڻهو ۾ هڪڙو، نئون درد لڌو نيڻن.
¤
ڳالهاءِ کڻي هاڻي،
لفظن کي ننڊ منجهان، جاڳاءِ کڻي هاڻي.
¤
دلجاءِ اکيون تنهنجون،
جنهن جاءِ ملي راحت سا جاءِ اکيون تنهنجون.
¤
ويساهه سلامت رک،
منزل به ملي ويندي، بس چاهه سلامت رک.
¤
ٿو دل ۾ عشق اڏي،
هرڳاٽ اڀو آهي، پيو مقتل گاهه ڌڏي. |