سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 2010ع

مضمون

صفحو :18

پروفيسر رياض الاسلام                                                                             تحقيق

ترجمو: غلام محمد لاکو

پاڪستان ۾ وچئين دور (مسلم) جي تاريخ جو زوال

]ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر پاڪستان جي نامور محقق ۽ تاريخ دان ڊاڪٽر رياض الاسلام مرحوم، هي مختصر ۽ مقصد ڀريو مضمون مارچ 1981ع ۾، پشاور يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي پاران منعقد ٿيل هڪ سيمينار ۾ پڙهيو هو. هي مضمون ڪانفرنس جي روئداد جلد1، سال 1986ع ۾ ڇپيو ويو[

مسئلو ڇا آهي؟

ورهاڱي کان اڳ تاريخ جي جنهن شاخ کي گهڻو ڪري پيار سان ”انڊو مسلم هسٽري“ چوندا هئا، اها هاڻي پاڪستان ۾ زوال پذير ۽ گم ٿيڻ جي خطري هيٺ آهي. ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ لاثاني عالم پيدا ٿيا، جي تاريخ جي هن شاخ جا بهترين ڄاڻو هئا. ان ڏس ۾ پروفيسر محمد حبيب، پروفيسر محمد شفيع، ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي، ڊاڪٽر اي حليم، ڊاڪٽر ابن حسن، پروفيسر حبيب الله، ڊاڪٽر سيد معين الحق، سيد حسام الدين راشدي ۽ شيخ عبدالرّشيد جا نالا وڏي اهميت رکن ٿا. انهن مان چار زندهه آهن ۽ آخري بزرگ ته نوي سالن جي عمر جي قريب آهي. پروفيسر عزيز احمد سٺ واري ڏهاڪي ۾، هندستان جي اسلامي عهد جي تاريخ جو ڀلوڙ عالم ٿي اڀريو، پر افسوس ته هي اسڪالر هاڻي اسان جي وچ ۾ ڪونهي. ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي تاريخ جي هن شاخ جو وڏو ڄاڻو هو. بعد ۾ سندس مطالعي جا ميدان وسيع ٿيندا ويا. پر پوءِ به هن کي وچئين دور جي تاريخ جو ماهر ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو.

برصغير جي مسلم دور جي تاريخ ۽ ثقافت جي مطالعي لاءِ ”انڊو مسلم هسٽري“ محاورو استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو تصور ڪيو ٿي ويو ته پاڪستان جي قيام سان، تاريخ جي هن شاخ جي همت افزائي ٿيندي، اها وڌندي ويجهندي ۽ ورهاڱي کان اڳ واري صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري پيدا ٿيندي. ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته، هي اميد ڪوڙي ثابت ٿي آهي. گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ ٽي يا چار پاڪستاني، هن ميدان ۾ ماهر (Specialised) طور نروار ٿيا. انهن مان ٻه پنهنجو دور پورو ڪرڻ تي آهن (هڪ اڳ ۾ ئي رٽائر ٿي ويو آهي، ۽ ٻيو رٽائر ٿيڻ کي ويجهو آهي).

ڏکڻ ايشيا جي ڊگهي مسلم حڪمرانيءَ واري دور بابت ماهر پيدا ڪرڻ ۾، جيڪڏهن هندستان سان ڀيٽ ڪبي ته، اسان جي ناڪامي ظاهر ٿي پوندي. هندستان ۾ تاريخ جي هن شعبي جي ماهرن جو وڏو تعداد: پوڙهن، اڌيڙ عمر، ۽ نوجوان عالمن جي صورت ۾ موجود آهي. اسان جي ڀيٽ ۾ انهن جي تحقيقي ڪتابن ۽ مقالن جو تعداد گهڻو آهي. علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جي شعبي تاريخ کي، وچئين دور جي (مسلم دور) مطالعي جو خاص مرڪز ٺاهيو ويو آهي. انهن جي علمي اسٽاف (Academic) ۾، ڇهه پروفيسر آهن ۽ سمورو عملو، پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي، هڪ فيڪلٽيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻو آهي. اڄ انهن وٽ مسلم دور بابت: مائڪرو فلم، قلمي نسخا، يا انهن جون فوٽو ڪاپيون ۽ دستاويزن جو هڪ وڏو تعداد موجود آهي. انهن وٽ مواد ڇپرائڻ لاءِ مالي وسيلا جام آهن. هندستان جي ٻين يونيورسٽين خاص ڪري: دهلي، الهه آباد، پَٽنه، حيدرآباد، ڪلڪتي ۽ بمبئي يونيورسٽين جي تاريخ جي شعبن ۾، وچئين دور جي تاريخ جا بهترين مطالعاتي مرڪز آهن. جي سوال پڇيو وڃي ته هندستان ۾، هي سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن ٿيو؟ ان جو بلڪل سڌو جواب آهي ته، هن مقصد لاءِ اتي (هندستان) ڏوڪڙ پيسو جام آهي. اسان جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي هڪ فيڪلٽيءَ جي ڀيٽ ۾، علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾، وچئين عهد جي مطالعاتي مرڪز لاءِ، تمام گهڻا فند موجود آهن.

تجزيو:

اهو هڪ معقول سوال آهي جيڪو اسين چڱي طرح هڪ ٻئي کان پڇي سگهون ٿا ته، ڪيئن پاڪستان ۾ ننڍي کنڊ جي عظيم مسلم دور کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، ۽ اهو هاڻي زوال پذير آهي. ان متعلق ڪي سبب پيش ڪري سگهجن ٿا.

پهريون، هندستان جي تقسيم کان اڳ ٿورا مسلمان اسڪالر، تاريخ جي جديد هندستاني مطالعن (کوجنا) لاءِ تيار ٿيا هئا. تاريخ جي تحقيق ۾ هندو ۽ انگريز عالم اڳڀرا هئا. تحريڪ پاڪستان جي اُڀار ۽ قيام پاڪستان، فطري طرح سان 18، 19 ۽ 20 صديءَ جي، ننڍي کنڊ جي تاريخ جي مطالعي لاءِ، هڪ خاص محرّڪ جذبو پيدا ڪيو. اهڙا عنوان جيڪي 1947ع کان اڳ نظرانداز ٿي ويا هئا، مثال طور شاهه ولي الله، مجاهدن جي جدوجهد، ۽ علي ڳڙهه تحريڪ، هاڻي توجہ ڇڪرائڻ شروع ڪيو.1857ع جي انقلاب ۾ مسلمانن جي ڪردار، ڇوٽڪاري ۽ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ مسلمانن جي جدوجهد،، مسلم ليگ ۽ ٻيا متعلقه عنوان، تحقيق جو عنوان بنجي ويا. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته، هي هڪ صحتمند رجحان آهي. مسلمان اسڪالرن کي انهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي، جيڪي اڳ ۾ ميدان ۾ موجود آهن. تحريڪ پاڪستان، جنهن ذريعي مسلمانن کي جدا وطن مليو، ان بابت به گهري تحقيق جي ضرورت آهي. جديد هند- پاڪ تاريخ جي سلسلي ۾ مناسبت پيدا ڪرڻ، ننڍي کنڊ جي نئين تاريخ کي پنهنجي پاسي ڪرڻ ۽ تحقيق ۾ برابري يا مطابقت واسطي، مسلمانن جي ڪوشش سچ ته وقت جي ضرورت آهي. ان طرح اسان جي علمي سگهه وچئين دور کان جديد دور طرف مُڙي وئي.

ٻيو، فارسي زبان جو زوال پڻ هڪ اهم عنصر آهي. ننڍي کنڊ جي اسلامي دور جي مطالعي لاءِ، سڀ جا سڀ ماخذ فارسي زبان ۾ آهن، ۽ ان تي (فارسي) عبور کان سواءِ ڪوبه، وچئين دور جي حدن ۾ ڪاميابي نه ٿو ماڻي سگهي. چاليهه- پنجاهه سال اڳ شاگردن جو مناسب تعداد، جيڪو تاريخ ۾ ايم.اي ڪرڻ ايندو هو، ان کي فارسي زبان جي چڱي ڄاڻ هوندي هئي. هاڻي ڪو شاگرد تاريخ ۾ ايم.اي ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ته، مشڪل سان ان وٽ فارسي زبان جي ٿوري به ڄاڻ هجي ٿي. هن نڪتي بابت به پنهنجي ڀيٽ ڀارت سان ڪجي ٿي ته، بلڪل شرم جوڳي حالت سامهون اچي ٿي.

ٽيون، آرٽس (Humanities) جي مضمونن جي واپاري تور تڪ به، عام طرح تاريخ ۽ ٻين مضمونن جي زوال جو سبب بني آهي.

آخر ۾: آءٌ هي به چوندس ته هن ڏس ۾ مکيه بي رحم سبب، اعليٰ اختيارين پاران تاريخ ۾ گهٽ دلچسپي، همت افزائي نه ٿيڻ ۽ سرپرستيءَ جي کوٽ آهي. پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪو چاهي ته، مسلم  دور (وچيون عهد) جي باري ۾ علي ڳڙهه طرز جو ڪو ادارو ٺاهي ته، هن ڏس ۾ اسان کي ناڪامي ٿيندي. جيڪڏهن اسين سڀني پاڪستاني يونيورسٽين ۾، مسلم عهد جي مهارت رکندڙ، استادن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيون، تڏهن به علي ڳڙهه مطالعاتي مرڪز جي مهارت جي ڀيٽ ۾، مشڪل سان ڪو چوٿون- پنجون حصو بنجي سگهندو.

ڀلا ڇا ڪجي؟

مٿئين تجزيي موجب تاريخ جي مضمون جي زوال جا ٻه مکيه سبب آهن: رقمن ۽ سرپرستيءَ جي کوٽ، ۽ تاريخ جي عالمن جي فارسي زبان سان لاتعلقي. جيتريقدر پهرئين سبب جو تعلق آهي ته، هي سوچڻ کپي ته فنڊ يا ڏوڪڙ هر سطح تي موجود هجڻ کپن. هن ڏس ۾ اعليٰ سطح تي سوچ ويچار ڪجي ته، اسان جي تاريخ جي سونهري مرحلي کي يعني ڏکڻ ايشيا ۾، مسلم دور کي نظرانداز ڪيو وڃڻ برداشت ڪري سگهجي ٿو! اثرائتي تجويز هن ريت اڳتي آڻجي ته، اعليٰ اختياريون ”سينٽر فار دي اسٽڊي آف ميڊيول هسٽري اينڊ ڪلچر“ وجود ۾ آڻين. علي ڳڙهه طرز جو ادارو نه ٿا ٺاهي سگهون ته، گهٽ ۾ گهٽ ان نوعيت جي ڪنهن ننڍي سينٽر کي ته في الحال وجود ۾ آڻجي.

ٻيو مسئلو، جنهن کي سڀني مرحلن يعني ڪاليج کان ڊاڪٽريٽ (Ph.D) پروگرام تائين حل ڪرڻ کپي. تاريخ جي شاگردن کي تيار ڪجي ته، اهي انٽرميڊيٽ کان بي.اي تائين فارسي مضمون پڙهن. انهن شاگردن کي اسڪالرشپون ڏجن، جي تاريخ سان گڏ فارسي به پڙهن. ايم.اي سطح تي جيڪي شاگرد فارسيءَ ۾ مهارت ڏيکارين، انهن کي اسڪالرشپ يا فيلوشپ ڏجي. اسڪالرشپ يا فيلوشپ انهن شاگردن لاءِ به هجن، جي تاريخ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪن.

اسان هن مسئلي کي نظرانداز ڪيون، جيڪڏهن اسان جي خواهش هجي ته، وچئين دور جي اسان جي عظيم سياسي ۽ ثقافتي ورثي کي ختم ۽ غائب ٿيڻ ڏجي، ۽ ٻين لاءِ ميدان خالي ڇڏجي ته اهي هن ميدان ۾ داخل ٿي، اسان جي ماضيءَ ۾ ٽوڙ ڦوڙ ۽ هيرا ڦيري ڪن. هي به ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن مطالعي جي هڪ شاخ کي، خشڪ ٿيڻ ۽ گم ٿيڻ ڏنو ويو، تڏهن اهو ڪو آسان ڪم نه هوندو ته، ان ۾ وري ساهه وجهي ان کي وڌندڙ يا وسيع ٿيڻ جي حالت تي وٺي اچجي.

 

ª

 

نئون ڪتاب

 

ڪتاب: عبدي جو رسالو

تصنيف: مولوي عبدالقادر عبدي

تحقيق ۽ ترتيب: فقير لياقت علي جوڻيجو

ڇپائيندڙ: خليفو عبدالحي جوڻيجو ميموريل ڪاميٽي عمرڪوٽ 2010ع

سائيز: ڊيمي

صفحا: 422

قيمت: 500 رپيا

****

عبدالله فقير ڪاتيار ۽ مولوي عبدالقادر ’عبدي‘ ٻئي

 

’جماعت جي راڳ‘ ۾ سندن ڪافين جي ڪري مشهور آهن، ٻئي جماعت جي وڏن مريدن مان هئا ۽ ٻئي وفات کان پوءِ درگاهه جي مقامن ۾ آرامي آهن. عبدالله فقير بابت چڱي معلومات موجود آهي باقي مولوي صاحب جي سنڌي ڪلام ۽ سوانح کي پهريون ڀيرو فقير لياقت علي جوڻيجي، علمي تحقيق جي اصولن موجب، ٽن اصل قلمي ڪتابن مان سهيڙي، صحيح صورتخطي ۾ هي ’عبدي جو رسالو‘ شايع ڪيو آهي. جنهن ۾ مواد جي ترتيب ’شاهه جي رسالي‘ واري آهي. يعني جدا جدا سر ۽ هر سُر هيٺ پهريائين بيت ۽ پوءِ ڪافيون. سندس اها خذمت جماعت ۾ توڙي سڀني ادبي دستخط ڪتابن ۾ محفوظ هو پر هن کان اڳ اشاعت هيٺ ڪونه آيو؛ البت سندس فارسي ’ديوان عبدي‘ جو مون مطالعو ڪيو.                     

 ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

محمد انس راڄپر                                                                                                                                                                تحقيق

 

خلافت تحريڪ ۾  نوشهروفيروز جو حصو

 

سائين جي.ايم.سيد سنڌ جو عظيم هيرو هو. سنڌ لاءِ سندس درد، محبت ۽ عشق تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو ۽ نسلن تائين اهو اتساهه جو ذريعو رهندو. سندس پوري زندگي وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندي گذري. سندس زندگيءَ ۾ پاڻ جن تحريڪن ۽ جدوجهدن ۾ بهرو ورتائون، تن مان خلافت تحريڪ به هڪ آهي.

خلافت تحريڪ سنڌ جي چند اهڙين تحريڪن مان هڪ آهي، جن ۾ سنڌ جي عوام پرجوش نموني حصو ورتو. سنڌ جا شهر، ڳوٺ، ٻهراڙيون، توڙي پري پري جا علائقا هن تحريڪ جي ڏينهن ۾ ٻري رهيا هئا. خلاف تحريڪ جي تاريخ لکي وئي آهي، ان تي گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي: پر هن تحريڪ جي جدوجهد جو وڏون نامور ماڻهن، وڏن سهرن کان وڍي عام ماڻهن ۽ ٻهراڙين تائين جيڪو تاڃي پيٽو جڙيل هو، تنهن جو تفصيلي طور مطالعو ڪرڻ جي اڃا به ضرورت محسوس ٿئي ٿي.

موجوده نوشهروفيروز ضلعو  تحريڪ خلافت جو هڪ اهم مرڪز هو. تحريڪ خلافت ۾ نوشهروفيروز جي تاريخ تي تحقيق ڪندي آءٌ جڏهن خلافت تحريڪ جون پاڙون، جيڪي پوري سنڌ ۾ پکڙيل هيون، سي نوشهري فيروز ۾ جانچڻ ويٺس ته اهي اندر ئي اندر نوشهري فيروز جي ڪيترين ئي ٻهراڙين ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ پکڙيل نظر آيون. اندازو ٿئي ٿو ته خلافت تحريڪ سان جيڪي ننڍا وڏا ڳوٺ وابسته نظر اچن ٿا، تن سان وابسته منتشر آبادي جيڪا پري پري تائين، ٻهراڙين ۾، ننڍين ننڍين غير معروف وسندين جي صورت ۾ آباد هئي، سا به ڀرپور نموني وابسته رهي هوندي. انهيءَ اندازي ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته، جن ڳوٺن ۾ خلافت تحريڪ  جا جلسا اخباري رڪارڊ تي آيا آهن، انهن ڳوٺن جي جلسن ۾ ماڻهن جي شرڪت تمام وڏي تعداد ۾ نظر اچي ٿي.

نوشهري تعلقي جي جن ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ جتي خلافت ڪاميٽيون ٺهيون تن ۾ ڍينگو، ڀريا روڊ، ڀريا، جلباڻي ڳوٺ، کاهي، درٻيلو، ساندن جو ڳوٺ، ٺارو شاهه، ڀورٽي، مٺياڻي، ڦل، چيهو ۽ پڊعيدن شامل آهن.

نوشهري کان مين نيشنل هاءِ.وي سان ڇهن ميلن تي ڀريا شهر آباد آهي. ڀريا کان اوڀر طرف ڇهن ميلن جي فاصلي تي ڀريا روڊ آباد آهي. مين ريلوي لائين تي جنڪشن اسٽيشن آهي. ڀريا روڊ کان ڀرين ڏانهن ايندڙ رستي تي ، ڀريا روڊ  کان ٻن ميلن جي پنڌ تي مٺل آباد اسٽاپ کان چند قدمن تي ڳوٺ ڍينگو آباد آهي. ڀريا ۽ ڀريا روڊ جي وچ تي روهڙي ڪئنال جي ڪناري ڳوٺ دريا خان جلباڻي آباد آهي. ڀريا کان ٺارو شاهه ويندڙ رستي تي ساندن جو ڳوٺ آهي. ٺارو شاهه ۽ ڪنڊياري کي ملائيندڙ پراڻي رستي جي وچ تي درٻيلو آباد آهي. نوشهري کان اتر طرف ۾ ستن ميلن جي فاصلي تي ٺارو شاهه شهر ٻڌل آهي. ٺارو شاهه جي اولهه پاسي کان رستو نڪري ٿو، جو سڌوڀورٽيءَ تي پهچائي ٿو. ڀورٽيءَ کان اولهه طرف ٻن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ ميرل ڀرٽ آهي، هن ڳوٺ جو زميندار ميان دين محمد ڀرٽ خلافت تحريڪ جو مرڪزي رڪن هو. هيءُ ڪچي جو علائقو سڏبو آهي. هن کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي مٺياڻي شهر آباد آهي. نوشهري فيروز کان پڻ سڌو اولهه طرف رستو نڪري ٿو. جيڪو وڃي مٺياڻي شهر پهچي ٿو. نوشهري جي اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ تي چند ميلن جي فاصلي تي روهڙي ڪئنال جي ڪناري تي ڳوٺ ڦل آباد آهي. جيڪو اڄ ڪلهه چڱي چوکي شهر جي صورت وٺي چڪو آهي. نوشهري جي اوڀر ۾ 14-15 ڪلوميٽرن تي ڳوٺ چيهو ۽ ان کانپوءِ ڏيڍ ڪلوميٽر جي پنڌ تي پڊعيدن آباد آهي. چيهو تي اڄ به ڳوٺ آهي پر پڊعيدن، جيڪو چيهي کان صديون پوءِ آباد ٿيو، سو اڄ ڪلهه پنهنجي محل وقوع جي ڪري شهر آهي. شهر پڊعيدن کان اڌ ميل جي فاصلي تي مين ريلوي لائن سان پڊعيدن جنڪشن اسٽيشن آهي.

هنن شهرن ۽ ڳوٺن جو قديمي جاگرافي جي طريقي تي به نقشو جوڙي سگهجي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سنڌو درياء نوشهري جي اوڀر کان وهندو هو. شهر ڀريا درياء جي الهندي ڪناري تي آباد هو. ٺارو شاهه درياء مان کوٽيل پراڻي  نو لکي واهه جي ڪناري تي آباد هو، کاهي، درٻيلو به اولهندي ڪناري سان آباد هئا. درياء جي اڀرندي ڪناري تي ڳوٺ چيهو آباد هو، پڊعيدن تنهن زماني ۾ اڃا وجود ۾ ئي ڪونه آيو هو. ڳوٺ ڦل بابت اندازو ٿئي ٿو ته اهو ڳوٺ درياء جي پيٽ ۾ پوءِ ڪنهن زماني ۾ آباد ٿيو. هيءُ سنڌو درياء جو اهو پراڻو لنگهه آهي جنهن لنگهه سان محمد بن قاسم اتر سنڌ ڏانهن لانگهائو ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان باري ۾ لکي ٿو: ”بلڪل قرين قياس آهي ته محمد بن قاسم ساوندري ڇڏڻ بعد مهراڻ جي ڪنهن شاخ يا ڍوري جو ڪپ وٺي اتر طرف ڪوچ ڪيو هجي. انهيءَ قديم ڍوري جا نشان هن ساوڙي کان اتر طرف کارجاڻي، آمرجي، مسرجي واءِ ۽ چيهي جي اولهه طرف ڀريا ۽ هالاڻي بهلاڻي وٽان اڃا تائين ظاهر بيٺا آهن.(1)

نوشهروفيروز

نوشهروفيروز هن علائقي  جو مرڪزي شهر آهي. ان زماني ۾ به هيءُ تعلقو هو ۽ ان جي هتي مرڪزي حيثيت هئي. تنهن ڪري هتي خلافت ڪاميٽيءَ جي ڪم کي به مرڪزي حيثيت حاصل رهي. نوشهروفيروز جو حڪيم قاضي شمس الدين ولد ميان عبدالله (1894- 1960ع) خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن ۽ سنڌ مان مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. سنڌ ۽ هند خلافت ڪميٽيءَ جي ڪيترن ئي عهدن تي فائض رهيو. اهڙي طرح حڪيم فضل محمد به هتي جو رهواسي هو، جيڪو ساهتي پرڳڻي جو خلافت تحريڪ جو صدر رهيو. سندس صدارت ۾ ڪيترائي جلسا ٿيا. ترڪن تي برطانوي سرڪار جي ذلت آميز شرطن مڙهڻ تي نظرثانيءَ لاءِ وائسراءِ هند ۽ گورنر چيلسفورڊ کي جيڪو ياد داشت نامون ڏنو ويو هو، انهيءَ تي سندس صحيح پڻ هئي. انگريزي ڪپڙي پائڻ کي حرام قرار ڏيڻ واري خلافتي عالمن جي فتويٰ تي به موصوف تصديق ۽ صحيح ڪئي.(2)

نوشهري ۾ خلافت ڪميٽيءَ جون ڪيتريون ئي سرگرميون ٿيون، جن مان جيڪي دستياب ٿي سگهيون آهن. انهن مان جيڪا پهرين سرگرمي، دستياب ٿي سگهي آهي، سا آهي. ان وفد جو دورو، جيڪو فضل محمد نوشهرائي، مولوي عبدالخالق مورائي ۽ مولوي محمد معاذ نوابشاهه واري تي مشتمل هو، جيڪو ڍينگي ڪانفرنس واري ڏينهن کان ضلعي نواب شاهه جي دوري لاءِ نڪتو هو. وفد ڀريا، ٺارو شاهه کان ٿيندو نوشهري فيروز پهتو. وفد کي نوشهري جي معزز زميندارن زور جي دعوت ڏني هئي. ٻين بجي منجهند جو وفد پهتو. رئيس نجم الدين جي بنگلي تي معزز مهمانن جي رهائش جو اعليٰ پيماني تي بندوبست ڪيو ويو. جمعي جي نماز قاضي احمدي صاحب جي مسجد ۾ پڙهي وئي. افسوس! رئيس قمر الدين ۽ رئيس نجم الدين ۽ مولوي فضل محمد صاحب جن قاضي صاحب کي جلسي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني، پر قاضي صاحب تشريف فرما نه ٿيا.

شام جو قاضي نجم الدين صاحب جي بنگلي تي زير صدارت (شيخ) عبدالعزيز جي جلسه خلافت منعقد ٿيو. ماڻهو اٽڪل 2000 آيل هئا. معزز صدر پنهنجي پر اثر تقرير ۾ ماڻهن کي قطع تعلق ۽ هجرت وغيره تي خوب زور دار تقريرون ڪيون. هڪ هندو صاحب نالي کيمچند قطع تعلق تي خوب ڳالهايو ۽  ڳالهائيندي چيائين ته هندستان جو ڀلو ان ۾ آهي ته هندو مسلمانن سان متفق ٿين ۽ 30 ماڻهو هجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.(3)

پير ميان جمال الدين قريشيءَ جي استعيفا:

 نوشهروفيروز مان مٿيون وفد جڏهن دورو ڪري واپس وريو ته نوشهري جو ماحول تمام گرم ٿي ويو. ان جو اثر ئي هو جو ستن اٺن ڏينهن کان پوءِ اها خبر اخبارن جي زينت بڻي، ته نوشهري فيروز جي پير صاحب پير ميان جمال الدين قريشي، جنهن کي سرڪار کان کوڙ ساريون عزتون مليل هيون. جهڙوڪ لوڪل بورڊ جي ميمبري ۽ درٻار جي ڪرسي. سي سڀ پير موصوف ٿڏي ڇڏيون آهن. لوڪل بورد جي ميمبري ۽ درٻار جي ڪرسيءَ تان موصوف استعيفا لکي آفيسرن کي موڪلي ڇڏي آهي.(4)

ٻارڙن جي خلافت ڪميٽي:

نوشهري ۾ خلافت تحريڪ جو جذبو، ولولو ۽ جوش ايترو وڌيو جو ٻار به ان کان متاثر ٿيا. الوحيد اخبار طرفان 81 مئي تي پير ميان جمال الدين جي سرڪار کي عزتن واپس ڪرڻ تي آفرين ڇپي ۽ ان کان پوءِ سُتت ئي نوشهري جي ٻارن لاءِ هڪ ”شابس“ ڇپي، ان شابس لاءِ اخبار ۾ لکيل هو:

”گهڻي خوشيءَ سان لکجي ٿو ته، خدا جي فضل سان نوشهروفيروز ۾ اهڙي سجاڳي ۽ جوش پيدا ٿيو آهي، جو اتي جي ننڍڙن ڇوڪرن پنهنجي هڪڙي ڪميٽي ٺاهي آهي. جنهن جا ڪم ڪندڙ پريزيڊنٽ ۽ سيڪريٽري به ڏهن ورهين جا ڇوڪرا آهن ۽ قومي سڌارن ۽ قومي خدمتن لاءِ تيار ٿيا آهن. اهڙي مبارڪ تحريڪ پهريون مثال آهي. ۽ اهي ڳالهيون ڏسي اسان جو يقين وڌندو ٿو وڃي. خدا جي مهرباني.... اسان جي لاءِ چڱا ڏينهن.....“ (5)

10 جون 1920ع تي نوشهري ۾ خلافت ڪميٽيءَ جي زير سايه عام جلسو پير ميان جمال الدين قريشيءَ جي بنگلي تي کليل ايوان ۾ رئيس ميان نجم الدين صاحب جي صدارت ۾ ٿيو. جتي اٽڪل 500 ماڻهو هندو مسلم حاضر ٿيا. مولانا مولوي فضل محمد صاحب قرآن شريف جي آيتن ۽ حديثن سان قطع تعلقات بابت واعظ ڪيو ۽ ٻين صاحبن به پردرد تقريرون ڪيون. نوشهرو جي هڪ پوليس ڪانسٽيبل محمد مراد، سرڪاري نوڪريءَ کان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. اٽڪل ٽين بجي رات جو جلسو ختم ٿيو.(6)

خلافت تحريڪ جون سرگرميون نوشهري فيروز ۾ جيترو عروج تي پهتيون اوترو مخالفن افواهه اٿارڻ به شروع ڪيا جيڪي هن طرح هئا ته، نوشهري جا ڪافي زميندار خلافت تحريڪ تان هٿ کڻي ويا آهن. انهن افواهن جي ترديد لاءِ رئيس نجم الدين انصاري الوحيد ۾ هيٺينءَ ريت خط لکي وضاحت ڪئي:

”جناب مدير الوحيد السلام عليڪم! سنڌ واسي اخبار 29 مئي 1920ع ۾ هڪ آرٽيڪل پيل آهي ته: نوشهرو تعلقه ۾ جن زميندارن خلافت ڪميٽيءَ ۾ تحرڪ ورتو هو تن منجهان هڪ ٻن کان سواءِ سڀني خيال ڦيرايو آهي وغيره، ان لاءِ اسان سنڌ واسين کي به خبر موڪلي آهي ته، الوحيد اخبار جي ذريعي به شايع ڪرڻ گهرون ٿا ته، اها ڳالهه بلڪل بي بنياد ۽ گپ اٿاريل آهي. جيڪي صاحب خلافت ڪميٽين ۾ شامل ٿيل آهن،  سي سڀ پنهنجن ڪيل ارادن تي محڪم آهن ۽ هڪ به ڪونه ڦريو آهي: بلڪه وڌيڪ صاحب خلافت ڪميٽين ۾ شريڪ ٿيندا ٿا وڃن. باقي قطع تعلقات لاءِ مرڪزي ڪميٽيءَ جي فيصلي جا منتظر آهن. شال الله تعاليٰ مسلمانن کي مرتد ٿيڻ کان امن ۾ رکي.“(7)

نوشهري فيروز ۾ خلافت جون سرگرميون وڏي عروج تي هيون. عوام پرجوش هو، ڪيترن ئي ناليوارن ماڻهن کي عوام جي جذبي خلافت جو حامي بنجڻ تي مجبور ڪيو. مٿي ذڪر ٿيو ته پير ميان جمال الدين به سرڪاري عزتون موٽايون. ان کي ڪي چند ڏينهن مس گذريا ته قاضي احمدي صاحب، جنهن جو مٿي ذڪر ٿيو ته، کيس نوشهري جي چڱن مڙسن خلافت جلسي ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني، پر هو شريڪ نه ٿيو، تنهن کي به راهه راست تي اچڻو پئجي ويو. 26- جون 1920ع جي الوحيد خبار جي اداريي ۾ هيءَ ڳالهه سامهون آئي ته: نوشهري جي قاضي ميان احمدي صاحب پاڻ سنڀالي ورتو ۽ آخر راهه حق تي اچي ويو.“ الوحيد کي رئيس ميان نجم الدين لکي موڪليو ته: اتاهون جو (نوشهري جو) قاضي حافظ احمدي صاحب، جو ڪن سببن ڪري ظاهري خلافت ڪميٽي ۾ شامل نه ٿي سگهيو هو سو 15 جون تي دل وجان ۽ مال سان بهرو وٺڻ لاءِ دلچسپ تقرير ڪري اچي شامل ٿيو ۽ هاڻي اسان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي خلافت جو ڪم ڪري رهيو آهي.“ ساڳئي ڏينهن تي هڪ خاطو الوحيد کي اطلاع ڏنو ته: قاضي احمدي جو پٽ ميان نصرالله اگرچه ڪن سببن جي ڪري جدا رهندو ٿي آيو، پر ان کي خرچ باقاعدي ملندو هو. هاڻي مهينو ٻه ٿيندا جو بند ڪيو ويو آهي. ان جو خاص سبب اهو نظر اچي ٿو ته ميان نصرالله اسلامي حمايت رکندڙ آهي.“ هن پوئين ڳالهه مان اندازو ٿئي ٿو ته قاضي صاحب جي فرزند جو ڌار رهڻ خلافت جي مسئلي تي پيءُ سان اختلاف وارو ڪارڻ ئي هوندو، ان ئي سبب جي ڪري مهينو ٻه سندس خرچ به بند ڪيو ويو، پر پوءِ  نيٺ قاضي ميان احمدي صاحب خود خلافت جو حامي ٿي پيو.(8)

18- جون تي پهرين شوال 1338هه عيدالفطر جو ڏينهن هو. هيءَ عيد مسلمانن خلافت جي حمايت ۾ غم جو ڏينهن ڪري ملهائي هئي. الوحيد کي عيدالفطر جي حوالي سان نوشهري فيروز جي خلافت ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري رئيس ميان قمر الدين صاحب رپورٽ ڏني ته: هتي نوشهري فيروز ۾ عيدالفطر جي ڏينهن ڪنهن به گهر ۾ ڪوبه خوشيءَ جو آثار ته اصل ڏسڻ ۾ ڪونه آيو: پر شهر ۾ گويا ماتم هو. اڪثر ماڻهو سياهه لباس ۾ هوا ۽ جيڪي ٿورا اڇي لباس ۾ هوا، تن جا به ڪپڙا تمام سادا، ڦاٽل ۽ ميرا هوا. سڀ ڪنهن دال ڀاڄيءَ تي وقت گذاريو ۽ اهو غم ادنيٰ کان اعليٰ تائين سڀ ڪنهن جي دل ۾ هو. دهل وغيره صفا بند هئا. مسجد ۽ عيدگاهن ۾ سڀني نمازين مٿا اگهاڙا ڪري گريه وزاريءَ سان سلطان المعظم خليفة المسلمين جي حق ۾ اسلام جي عزت لاءِ دعائون گهريون ۽ سڀ ڪنهن مسجد ۾ الوحيد جو خاص عيد نمبر پڙهيو ويو ۽ ڪيترن ٻارن ۽ صغيرن پنهنجي عيد جي خرچيءَ جا پيسا خلافت بيت المال ۾ جمع ڪيا.(9)

سنڌ ۾ ٽيون يوم خلافت وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو. مختلف شهرن ۾ هڙتالون ڪيون ويون، دڪان بند ڪيا ويا، نوشهري شهر جي صورتحال ان ڏينهن الوحيد ۾ هن طرح رپورٽ ڪئي وئي:

”نوشهري فيروز ۾ سارو ڏينهن مڪمل هڙتال رهي ۽ ڪم ڪار هندو مسلمانن جا سڀ بند هوا، شام جو 7 بجي ٽي دڪان کليا. سارو ڏينهن غم ۽ ماتم ۾ گذريو. ٻڌجي ٿو ته قاضي احمدي ڪا نامناسب حرڪت ڪئي، جنهن جو تفصيل آئيندي ڏبو، ان ڪري اوچتو مٿس موچڙن جو وسڪارو ٿي ويو. گهڻن ماڻهن جي وچ ۾ پوڻ جي ڪري ستت ئي مارڪٽ کي روڪيو ويو.“(10)

پنڊت امرسين 11 آگسٽ کان ڪراچيءَ مان وري سنڌ جي گشت تي روانو ٿي ويو. کيس سنڌ جي مختلف شهرن جو گشت ڪرڻو هو. پر پوءِ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ۾ گهڻي دير جي ڪري سڀ پروگرام ڇڏي پنڊت صاحب نوشهري اچڻ جو پروگرام پڌرو ڪيو. جيڪو الوحيد ۾ هن طرح ڇپيو:

”پنڊت امرسين صاحب جي نشست واري پروگرام ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. جو پنڊت صاحب کي ميرپورخاص وري حيدرآباد مجبوراً گهڻو رهايو ويو. جتي 22 تاريخ رهي کاهي، ڀريا ۽ ٺارو شاهه مان ٿيندو موٽي حيدرآباد ۾ اچي ڪانفرنس ۾ 26 تاريخ حاضر ٿيندو.(11)

6- آڪٽوبر تي قاضي اسد الله شاهه صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب، مولوي محمد معاذ صاحب، مولوي محڪم الدين صاحب، مولوي عبدالخالق صاحب ۽ مسٽر محمد هاشم صاحب جن تي مشتمل وفد نواب شاهه ۾ تقريرون ڪري نوشهري ڏانهن روانو ٿيو.(12)

8- آڪٽوبر 1920ع تي هيءُ تبليغي وفد نوشهري فيروز پهتو. رئيس ميان نجم الدين خان صاحب نهايت فراخدليءَ سان وفد جي مرحبا ڪئي. شام جو جلسي لاءِ ڍنڍورو ڦيريو ويو. گهڻا هاري ماڻهو آبادي تي هئا؛ پر تڏهن به حاضرين جو تعداد چڱي انداز ۾ هو. پهرين حافظ ڪريم بخش ”جانو جگر اسان جو نام و نشان ترڪي“ وارو غزل نهايت جوش خروش سان پڙهيو. جنهن جي وچ ۾ هو از خود شرم شرم جا لفظ چئي هڪ عجيب حالت پيدا ڪري رهيو هو. تنهن کان پوءِ شيخ عبدالمجيد صاحب ترڪ موالات، سديشي، ڪائونسلن جي بائيڪاٽ تي زوردار تقرير ڪئي. ان کان پوءِ مولوي محڪم الدين به ساڳئي موضوع تي تقرير ڪئي. گهڻو زور سديشي ۽ گئورڪشا تي ڏنائين. تنهن کان پوءِ مولوي محمد معاذ، مولوي عبدالخالق مورائي ۽ قاضي سيد اسد الله شاهه صاحب جي تقرير جو ماحاصل هي هو ته: اسين انگريزن کي ڪنهن به قسم جو ڏوهه نه ڏيون. بلڪه جيڪو قصور آهي سو اسان مسلمانن کي چئون، جن پنهنجي هٿن سان اسلام جي ٻيڙي ٻوڙي آهي، اسلام جي بربادي جي ساري ذمه برداري مسلمانن تي آهي ۽ اهي پير جن پنهنجي مذموم روش کان خلافت جي هل چل کي نقصان پهچايو آهي، انهن سان ئي ترڪ موالات ڪرڻ گهرجي.“(13)

جڏهن ترڪيءَ کي سمرنا ۾ فتح ٿي ۽ انگريزن ان جي خلاف پنهنجا جنگي جهاز قسطنطنيہ ۽ در دانيال ڏانهن روانا ڪيا، حالانڪ ان عمل ۾ اٽلي ۽ فرانس به شامل نه ٿيو هو، ته ان جي خلاف حڪومت برطانيا جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. هيءُ 20- سيپٽمبر 1922ع جو ڏينهن هو. ڪيترن ئي شهرن ۾ مذمت جون قراردادون پاس ڪيون ويون. اهڙن شهرن ۾ نوشهروفيروز به شامل هو. 30 سيپٽمبر 1922ع تي به اجلاس ٿيا. نوشهري فيروز ۾ به ان تاريخ تي اجلاس ٿيو.(14)

ڀريا:

ڀريا شهر ۾ خلافت جي گهڻين سرگرمين جو احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. البته جيڪب آباد ڪانفرنس کان موٽندي جيڪو وفد ڍينگي خلافت جلسي ۾ شريڪ ٿيو، تنهن وفد نواب شاهه ضلعي جو تبليغي دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان پروگرام تحت اهو وفد جڏهن ڍينگي کان موٽيو ته ڀريا ۾ سندس اچڻ ٿيو. دوري جي تفصيلي خبر الوحيد ۾ ڇپي. ڀريا اچڻ ٿيو.  جتي سيد مراد علي شاهه پنهنجي وسعت اخلاقيءَ سان معزز مهمانن جي خوب خاطر ڪئي. ڀريا جي هاءِ اسڪول جو سير ڪيو ويو. شام جو شاهه (مراد علي) صاحب جي بنگلي تي زير صدارت انور علي شاهه لاڙڪاڻي واري جي، هڪ جلسو منعقد ٿيو. مستورات لاءِ پردي جو انتظام ڪيو ويو هو. قطع تعلق، سوديشي، هجرت ۽ هندو مسلم اتحاد بابت تقريرون ڪيون ويون ۽ سٺ ماڻهو هجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.(15)

هن جلسي جي خاص خوبي اها هئي ته هن ۾ مستورات به وطن جي آزاديءَ جي جذبي تحت جلسي ۾ شريڪ ٿيون هيون. جلسي ۾ ميزبانيءَ جا فرائض سرانجام ڏيندڙ شخصيت سيد مراد علي شاهه، موجوده سيد مراد علي شاهه جو ڏاڏو هو.

برصغير ۾ جڏهن ٽيون يوم خلافت ملهايو ٿي ويو ته، ان ڏينهن ڀريا ۾ به هم وطنن سان يڪجهتيءَ جي طور يوم خلافت وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويو. جنهن جي رپورٽ الوحيد ۾ هن طرح ڇپي ته:

”ڀريا شهر ۾ يوم خلافت وڏي ڌام ڌوم سان ملهايوويو. مسلمانن جا دڪان بند هئا. مزدور ۽ ٺيڪيدار ۽ ٻيا سارو ڏينهن ڪم تي نه چڙهيا. شام جو عيد گاهه ۾ جلسو ڪري ڀرين ۽ ان جي لڳ جلباڻي ڳوٺ جي مسلمانن جي طرفان حضور وائسراءِ کي بمبئي مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ جي تجويز پاس ڪرائي وئي.“(16)

ڍينگو/ ڀريا روڊ:

ڳوٺ ڍينگي ۾ خلافت تحريڪ جو مرڪز خلافت ڪميٽيءَ جي صورت ۾ نهايت مضبوط نموني ڪم ڪري رهيو هو. جيئن ته ڍينگو ٻهراڙيءَ جو ڳوٺ هو، ان ڪري ڍينگي خلافت ڪميٽيءَ جون اڪثر سرگرميون سندس قريبي شهري ڀريا روڊ ۾ ٿينديون رهيون. ڀريا روڊ ۾ شهر جي خلافت ڪميٽي معلوم نه ٿي سگهي آهي. اتي جيڪي خلافت تحريڪ بابت سرگرميون معلوم ٿيون آهن، سي سڀ ڍينگي خلافت ڪاميٽيءَ جي طرفان ٿيون آهن. نوشهري ۽ ڀرين ۾ جنهن خلافت وفد جي دوري جو ذڪر ٿيو آهي، سو وفد جيڪب آباد کان ڍينگي خلافت ڪاميٽيءَ جي زوردار پيغامن موڪلڻ جي ڪري نوشهري تعلقي جي دوري تي نڪتو. ڍينگي خلافت ڪميٽيءَ طرفان مختلف وقتن تي مختلف سرگرميون رڪارڊ تي اينديون رهيون. هن ڪميٽيءَ جي سڀ کان پهرين سرگرمي، جيڪا ملي آهي، سا ڪميٽي جي سيڪريٽري جو هيءُ بيان آهي ته: ”نوشهروفيروز تعلقي ۾ زميندار خلافت عظميٰ سان وفادار آهن ۽ باقاعدي جدوجهد ڪندا ٿا اچن ۽ عيدالفطر جي ڏينهن اتي (نوشهري فيروز) ۾ جلسو ٿيڻو آهي.“(17)

شهر ڍينگي ۾ تاريخ 8 جولاءِ 1920ع تي زير صدارت پير علي انور شاهه جي هڪ جلسو ٿيو. جناب پير صاحب هجرت جا مقصد ٻڌايا ۽ هجرت جي ضرورت تي تقرير ڪندي فرمايائن: ته خدا جو حڪم آهي ته جڏهن دين جي ڪم ۾ ڪا رنڊڪ ٿئي ته اهڙي زمين ۾ وڃو جتي آزاديءَ سان خدائي احڪام جاري ڪري سگهو، ان بعد ڍينگي لاءِ هجرت ڪميٽي ٺاهي وئي. صدر پير علي انور شاهه ۽ ناظم مستري گل محمد مقرر ٿيا.  مولانا تاج محمود صاحب، رئيس المهاجرين جان محمد صاحب، پير تراب علي شاهه صاحب ۽ پير علي انور شاهه کي مبارڪباد ڏني وئي، جو انهن جي ڪوششن سان مهاجرن جو پهريون قافلو سنڌ مان روانوٿيو.(18)

ڍينگي ۾ هن خلافت ڪانفرنس ٿيڻ جي نتيجي ۾ نالي بچل جمعدار نصرت واهه ۽ ٻين نوڪرن لاکا بيٽ جي پنهنجي عملدارن کي راڄ مان رسائي وٺي ڏيڻ بند ڪئي ۽ پنهنجي عملدار آئلداس داروغي کي چيائون ته: ”اڄ کان پوءِ اسان جمعدار خواهه بيلدار راڄ ۾ ڪنهن رسائيءَ بابت نه وينداسين، جو اهو لاپو ۽ کير وغيره کائڻ حرام آهي.“ هنن غريبن کي ان عمل جي پاداش ۾ اهڙيون تڪليفون ڏنيون ويون جو لاچار ٿي نالي محمد بچل جمعدار تاريخ 6 جولاءِ تي پنهنجي عزرائيل جهڙي آفيسر کي استعيفيٰ لکي ڏني ۽ ٻيا نوڪر به اهڙي آزار کان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهن.(19)

هيءَ ڳالهه خلافت تحريڪ سان عوام جي جذباتي لڳاءَ جو هڪ بهترين مثال آهي، ۽ اهو به ڏيکاري ٿو ته هن تحريڪ سماج تي ڪهڙا خوبصورت اثر ڇڏيا ۽ بهترين روايتن کي جنم ڏنو.

ڍينگي خلافت ڪميٽي طرفان 2 نومبر تي رٿيل خلافت جو جلسو، ڀريا روڊ جي تاريخ جو شاندار جلسو هو. هن جلسي جي لاءِ خاص مهم هلائي وئي هئي. اڳواٽ الوحيد ۾ ان بابت خبرون ڇپرايون ويون.

الوحيد ۾ هن طرح خبر ڏني وئي: ”مستري گل محمد سيڪريٽري خلافت ڪميٽي ڍينگو لکي ٿو ته منگل ڏينهن تاريخ 20 صفر مطابق تاريخ 2- نومبر 1920ع تي اسٽيشن ڀريا روڊ تي شاهي جلسو منعقد ٿيندو. حاميان خلافت تي ضروري فرض آهي ته، هن جلسي ۾ اچي شريڪ ٿين. سنڌ ۾ ظلم ٿي رهيا آهن. تن کي کولي ظاهر ڪري ان تي نفرت جو اظهار ڪن. مولوي محمد صديق جي گرفتاريءَ جو ٻڌي نواب شاهه ضلع جا ماڻهو وري ننڊ مان اٿيا آهن. ڪيترائي جهنگل جا رهندڙ ماڻهو سخت رنج آهن ۽ چون ٿا ته، اسان اهڙو ظلم اکين سان ڪونه ڏٺو هو. مولوي صاحب ڪهڙي چوري ڪئي. مٿئين جلسي ۾ شيخ عبدالمجيد (سنڌي) صاحب پنهنجي پارٽيءَ سميت اچڻ قبول فرمايو آهي. ٻاهريان سڀ صاحب سومر شام جو يا رات تي ڀريا روڊ اسٽيشن تي پهچڻ گهرجن ۽ اڳواٽ اطلاع اچڻ جو موڪلين.“ 2- نومبر تي جلسو جڏهن ٿيو ته ان جي رپورٽ هن طرح ڇپي:

”اسٽيشن ڀريا روڊ تي خلافت ڪميٽي ڍينگو جي زير سايه مستري گل محمد جي اهتمام سان 2 نومبر تي شاهي جلسو ٿيو، جتي هندو مسلمان حاضر هئا. انهن ۾ سوامي گووند انند سڀاپتي، مسٽر محمد بخش قاضي بي.اي عليگ، مولوي عبدالخالق صاحب مورائي ۽ مير الله بخش خان صاحب به حاضر هئا. تقريرون گهڻو ڪري هارين جي انجمن ٺاهڻ، ترڪ موالات ۽ پوليس جي ظلمن تي ٿيون. هڪ پوليس انسپيڪٽر ۽ ٻه صوبيدار خاص طرح تقريرن لکڻ لاءِ جلسي ۾ حاضر هئا. هارين جي هڪ جماعت ٺاهي وئي، جا اميد ته ڪمائتو ڪم ڪندي رهندي.“(20)

الوحيد ۾ خبر ڇپي ته:

”ڍينگي واري جلسي جي موقعي تي، جو ڪڙمين جي انجمن ٺهي آهي. ان جو صدر سوامي گووند انند ۽ سيڪريٽري مستري گل محمد صاحب مقرر ٿيا. جڏهن ته سوامي صاحب جيل ۾ وڃڻ تي تقرير ڪندي چيو ته: مان پاڻ ههڙي ڏٻري ۽ نفيس بدن هوندي وطن خاطر چار سال جيل ۾ گذاري آيو آهيان. ته سڀ ماڻهو کيس چوطرف وري ويا ۽ پيار ۽ عزت ڪرڻ لڳا ۽ ماڻهن ۾ انهن لفظن ڏاڍو اتساهه پيدا ڪيو، پر افسوس جو پوليس جو عام ماڻهن تي ڏاڍو دٻاءُ هو ۽ ماڻهن کي جلسي کان روڪي رهيا هئا.(21)

ڳوٺ ساند:

هيءُ مولوي فيض الڪريم جو ڳوٺ آهي، جنهن خلافت اسلاميه جي خلاف فتويٰ جاري ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ هڪ وڏي هيجاني جهڙي صورتحال برپاڪري ڏني هئي. هن فتويٰ تي سنڌ جي ڪيترين ئي پيراڻين گادين جي سجاده نشينن صحيون ڪيون هيون. جن هن فتويٰ تي صحيون ڪيون هيون. تن جي خلاف سنڌ جي مسلمانن توڙي هندن تمام وڏي غصي ۽ ڪاوڙ جو مظاهرو ڪيو هو. ڪيترن ئي مسلمانن اهڙين درگاهن سان پنهنجي مريديءَ جا تعلقات ٽوڙي ڇڏيا هئا.

ڍينگي خلافت جلسي کان جيڪو وفد نوشهري تعلقي جي دوري تي نڪتو، سو ڀرين کان ٿيندو پهريائين ساندن ۾ اچي لٿو. الوحيد ۾ رپورٽ جو اهو حصو هن طرح آهي:

”صبح جو وفد جي صلاح سان بمعه شاهه صاحب (مراد علي شاهه) انهيءَ ڳوٺ ساندن ۾ دعوت حق لاءِ اهو وفد ويو. جنهن ڳوٺ ۾ مولوي فيض الڪريم صاحب هڪ تحريڪ برپا ڪري سنڌ ۾ شور وڌو. ارادو هو ته مولوي صاحب سان فيصلو ڪجي ته يا اسان کي سمجهايو يا باز اچو. وفد سندس ڳوٺ ۾ هڪ ڪلاڪ انتظار ڪيو. مگر معلوم ٿيو ته مولوي صاحب حاضر هو، پر محض ان حق جي مقابلي کان ڊڄي اڌ ڪلاڪ کن اڳ ۾ هليا ويا.“(22)

ڍينگو خلافت ڪاميٽيءَ جي جلسي ۾ جنهن وفد پوري تعلقي نوشهري فيروز جو گشت ڪيو، اهو وفد ڀرين کان ٿيندو پهريائين ساندن جي ڳوٺ ۾ ويو جتان پوءِ ٺارو شاهه اچي پهتو، ”جتي تمام سٺو جلسو ٿيو، جنهن ۾ 1000 ماڻهو موجود هئا، اتي به قطع تعلق، سو ديشي، هجرت ۽ هندو مسلم اتحاد بابت تقريرون ڪيون ويون.“ (23) پنڊت امرسين خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌ جي دوري تي نڪتو هو جيڪو صاحب جڏهن نوشهري جي دوري تي اچڻو هو ته، سندس پروگرام ۾ ٺارو شاهه جو گشت به شامل هو. (24) پنڊت جي نوشهري اچڻ جي رپورٽ ته ملي سگهي آهي؛ پر ٺارو شاهه ۾ اچڻ ۽ جلسي ڪرڻ جي رپورٽ نه ملي سگهي آهي.

درٻيلو:

درٻيلي ۾ به هندو مسلمان خلافت اسلاميه سان يڪجهتيءَ لاءِ منظم ۽ تمام سرگرم هئا. هتي خلافت ڪاميٽي ۽ ان جي سرگرمين ۽ متعلق ماڻهن جي نالن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. صرف هڪ خبر، جيڪا 27 مئي جي الوحيد ۾ ڇپي سا رڪارڊ تي موجود آهي.

”درٻيلي مان خاطو لکي ٿو ته هتي اخبارن ذريعي ۽ تقرير..... سان هر روز ماڻهن کي موجوده حالت کان واقف ڪيو وڃي ٿو. هر رات عشاء جي نماز بعد سلطان وحيدالدين خان جي حق ۽ اسلام جي فتح لاءِ دعا گهري ويندي آهي.“

کاهي راهو:

کاهي راهوءَ ۾ به خلافت تحريڪ جون سرگرميون زورن تي هلندڙ هيون. ٽيون يوم خلافت جڏهن پوري هندستان ۾ ملهائجي رهيو هو ته، ان ڏينهن کاهي تعلقي نوشهري فيروز ۾ به مڪمل هڙتال ٿي. ۽ اتي جي رئيس ڪمال الدين صاحب، آنرري ميجسٽريٽي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.(25)

پنڊت امر سين جڏهن نوشهري جي دوري تي آيو ته سندس پروگرام ۾ کاهي راهو جو دورو 26 آگسٽ تي رکيل هو.(26)

”ترڪ موالات“ جي تحريڪ تحت جڏهن خلافت ڪميٽيءَ نين ڪائونسلن جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سڄي هندستان ۾ بائيڪاٽ جو طئه ڪيو ويو ۽ ڪاميٽيون ٺاهي دورا ڪيا ويا ته، کاهي راهوءَ جي هندو مسلمانن به يڪجهتيءَ تحت ترڪ موالات جو اعليٰ مظاهرو ڪندي چونڊن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ووٽ به چونڊن ۾ ڪنهن طرح نه وڌو ويو. (27)

ڀورٽي:

ڳوٺ ڀورٽيءَ ۾ خلافت ڪميٽي ٺهڻ ۽ ان جي عهديدارن وغيره بابت ڪجهه ملي نه سگهيو آهي، نه ئي اتي جي وڌيڪ سرگرمين جو پتو پيو آهي. البته ڀورٽيءَ ۾ هڪ شاندار خلافت جو جلسو ٿيڻ جي خبر ملي آهي. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته ڀورٽيءَ ۽ آس پاس ۾ خلافت تحريڪ ڪيتري سرگرم هئي. جلسي ۾ ست اٺ سئو ماڻهو شريڪ ٿيا هئا، جيڪو انگ ٻڌائي ٿو ته ڀورٽيءَ ۾ خلافت تحريڪ تي خاص محنت ۽ جدوجهد ٿيندي رهي هئي. هن جلسي ۾ نه رڳو ڀورٽي پر ڀورٽيءَ کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڳوٺ مٺل جي زميندار ميان دين محمد ڀرٽ ۽ ٻين ڪچي جي ماڻهن خاص طور دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪيو. جيڪو الوحيد ۾ ڇپيو ته:

”تعلقي نوشهري فيروز ۾ تبليغ جو ڪم هلندڙ آهي. جو سيد پارئيل شاهه صاحب چڱيءَ طرح هلائي رهيو آهي. تاريخ 15 مئي شام جو ڳوٺ ڀورٽيءَ ۾ زير صدارت وڏيري ميان علي شير جي، جلسو منعقد ٿيو اٽڪل 7- 8 سئو ماڻهو حاضر هئا. جلسي جي ڪم ۾ وڏيري ميان دين محمد ڀرٽ زميندار ۽ ٻين ڪچي جي ماڻهن خاص دلچسپي ڏيکاري. ڇوڪرن نظم پڙهڻ سان ماڻهن جي دلين تي چڱو اثر پيدا ڪيو. صدر صاحب ۽ مولوي ميان عبدالله صاحب ۽ پير پارئيل شاهه صاحب جن قطع تعلق، هجرت ۽ سوديشي تي چڱيون تقريرون ڪيون. مغرب جي نماز مهل دعا سان جلسو ختم ٿيو.“(28)

ميان علي شير زميندار ذات جو ڀرٽ هو. جنهن هن جلسي جي صدارت ڪئي. عبدالحق ڀرٽ، جيڪو موجوده پي پي حڪومت ۾ لائيو اسٽاڪ جو وزير آهي، سو سندس پوٽو آهي.

مٺياڻي:

مٺياڻيءَ ۾ به خلافت ڪميٽيءَ جي قيام بابت ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو آهي البته ڀورٽيءَ ۾ جيڪو جلسو ٿيو، جنهن ۾ پير پارئيل شاهه ۽ ٻيا ٻاهريان مهمان شريڪ ٿيا، تن موٽندي مٺياڻيءَ ۾ اچي جلسي ۾ شرڪت ڪئي. مٺياڻيءَ ۾ هيءُ جلسو پير پارئيل شاهه صاحب جن جي ڪوشش سان ٿيو. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته مٺياڻيءَ ۾ هيءُ جلسو پهرين ڪوشش هو، جيڪا پير پارئيل شاهه ڪئي. الوحيد اخبار ۾ اها خبر هن طرح شايع ٿي:

”تاريخ 17 مئي شام جو سيد پارئيل شاهه صاحب جن جي ڪوشش سان جلسو ٿيو..... جي جلسي تان موٽندي.... مولوي فضل محمد.... تراب علي نوشهرائي، مولوي ڪريم بخش صاحب مجاهدن سميت اتي حاضر هئا. مجاهد ۽ ٻين ڳوٺ جي ماڻهن شهر جو ڏاڍو شاندار گشت ڪيو. جو ٻهراڙي جي ماڻهن شايد اڳي ڪڏهن ڏٺو ڪونه هوندو. جلسي لاءِ پلاٽ  هڪ هندو صاحب ڏنو هو. مسلمانن ۽ هندن جو چڱو تعداد قريبن هزار کن حاضر هو. تقريرون اتي به قطع تعلق ۽ هجرت جي باري ۾ ٿيون. هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته: مسٽر سمٿ جيڪا اپر سنڌ وارن سان اجائي ظلم جي هلت هلي رهيو آهي، تنهن کي هيءُ جلسو حقارت جي نظر سان ڏسي ٿو.“ جلسي جو انتظام ميان محمد صديق ۽ ميان خير محمد زميندارن ڏاڍو چڱو رکيو هو. (29)

ڳوٺ چيهو:

اخبار الوحيد ۾ خبر لڳل آهي ته:

”سنڌ ۾ اڳ جيڪي خلافت ڪاميٽيون ڪم ڪري رهيون آهن تن کان سواءِ هيٺين شهرن مان پڻ اطلاع آيا آهن ته اتي به خلافت ڪميٽيون باقاعده ٺهي ويون آهن ۽ هر وقت خلافت اسلاميه جي اشاعت ۽ ديني خدمات ڪرڻ لاءِ ڪمربسته آهن. ۽ سدائين جمعيت خلافت اسلاميه صوبه سنڌ ۽ سينٽرل خلافت ڪميٽي انڊيا جي حڪمن تي تعميل ڪرڻ لاءِ تيار ۽ منتظر آهن.“ (30)

خبر جي هن تمهيد کان پوءِ ٽن شهرن جي خلافت ڪاميٽين جو ذڪر ٿيل آهي. هڪ جيڪب آباد ٻي ٺل، ٽين ٻورڙي ۽ چوٿين ”چيهي پٽ“ جي خلافت ڪميٽي، جن جي عهديدارن جا نالا به ذڪر ڪيل آهن. چيهي جي خلافت ڪميٽيءَ جا ٻه عهدا ذڪر ٿيل آهن، هڪ عهدو پريزيڊنٽ، رئيس ميان فتح خان صاحب ۽ ٻيو عهدو سيڪريٽري: ميان غلام رباني خان راڄپر.

21- مئي تي خبر لڳي آهي، تنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، ڏينهن ٻه اڳ يعني 18- 19- 20 مئي ڌاري چيهي ۾ خلافت ڪميٽي قائم ٿي هوندي. خلافت ڪميٽي ٺهڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وفد خلافت جي تبليغ لاءِ نوشهروفيروز ۽ ان جي آس پاس جو گشت ڪرڻ ۽ تبيلغ ڪرڻ لاءِ مختلف جڳهين تي روانو ٿيو. هن وفد جي خبر الوحيد اخبار ۾ ڇپي. هيءُ وفد جيڪب آباد خلافت  ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿيو. موٽي ڍينگي ۾ اچي خلافت جي جلسي ۾ شريڪ ٿيو. جتان کان پوءِ هيءُ وفد نوشهري فيروز جي آس پاس کان جلسا ڪندو، رئيس فتح خان راڄپر جي دعوت تي ڳوٺ چيهي پهتو. جتي پڻ خلافت جلسو منعقد ٿيو. اخبار جا پنا کاڄي وڃڻ جي ڪري وچ جا لفظ کاڄي ويا آهن. صرف ”صدارت جلسو.... منعقد“ جا لفظ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن ڪري خبر نه ٿي پوي ته صدارت ڪنهن ڪئي. ڪنهن ڪنهن تقريرون ڪيون. بهرحال اندازو  ٿئي ٿو ته: هيءُ وفد ئي اصل ۾ چيهي ۾ خلافت ڪميٽيءَ جي قيام جو سبب بڻيو. وفد ۾ مولوي فضل محمد نوشهرائي، مولوي عبدالخالق مورائي، سيد پارئيل شاهه، شيخ عبدالعزيز، مولوي محمد صديق مورائي ۽ مولوي حڪيم محمد معاذ (معاذ ٿاڌل وارو) شريڪ هئا. (31)

چيهي ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي قيام کان پوءِ هڪ ٻيو به جلسو منعقد ٿيو. جلسي جو باقاعدي وڏي پيماني تي اهتمام ٿيو. مهمانن جي استقبال لاءِ استقباليه ڪميٽي ٺاهي وئي هئي جنهن جو صدر رئيس فتح خان راڄپر ٿيو. هن جلسي ۾ رئيس فتح علي خان نهايت شاندار تقرير ڪئي. 22- مئي 1920ع جي الوحيد اخبار ۾ هيءَ تقرير مانائتي نموني شايع ٿي.

هن کان علاوه ٻيون به کوڙ سرگرميون چيهي خلافت ڪميٽيءَ طرفان ٿيون هونديون، جيڪي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان منظر تي آڻي سگهجن ٿيون. خلافت تحريڪ جي اڪابرن طرفان هندو مسلم اتحاد کي قائم رکڻ لاءِ اهو طئه ڪيو ويو هو ته مسلمان قربانيءَ وغيره جي موقعن تي ڳئون ۽ ڍڳي جي قرباني نه ڪن ۽ 26 آگسٽ 1920ع تي قربانيءَ جي عيد ٿي. پوري برصغير ۾ هيءَ عيد يوم غم ڪري ملهائي وئي. ڳوٺ چيهي ۾ به هيءَ عيد مرڪزي جمعيت خلافت سان يڪجهتيءَ جي طور بلڪل سادي نموني ادا ڪئي وئي ۽ ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهو ڳئون جي قرباني نه ڪئي. الوحيد اخبار ۾ اها خبر هن طرح ڇپي:

”ڳوٺ چيهي ۾ عيد قرباني بلڪل سادگيءَ سان ادا ڪئي وئي، ڪنهن به ماڻهو ڳوٺ جي ڳئون قرباني ڪانه ڪئي. نماز بعد جلسو ٿيو، جنهن ۾ هي ٺهراءَ پاس ٿيا:

1.         مصر جي آزاديءَ تي هيءُ جلسو خوشي ظاهر ٿو ڪري ۽ هند واسين کي استدعا ٿو ڪري ته مصرين جو مثال وٺي هندستان جي آزاديءَ لاءِ پوري ايثار ۽ استقلال سان ڪوشش ڪن.

2.        هيءُ جلسو خلافت جي متعلق تڪليفن جي معافي وٺڻ کي حقارت سان ڏسي ٿو.

3.        پير جهنڊي واري ايثار ۽ قرباني ڇڏي پير محبت شاهه کي معافي لاءِ جا ڪوشش ڪئي آهي،  تنهن کي پسند نه ٿو ڪري.

4.        ميان محمد مکڻ، حاجي احمد علي، مولوي محمد امين احرار ٿر واري جي سچي قرباني تي خوشي ظاهر ڪئي وئي. پڇاڙيءَ ۾ خليفة المسلمين ۽ اسلام جي فتح لاءِ دعا گهري وئي.“(32)

رئيس فتح خان راڄپر جي اسقباليه تقرير

رئيس فتح خان راڄپر (ولادت: 1890ع وفات: 1946ع) سردار احمد خان راڄپر (1917-1997ع) مرحوم جو پيءُ ۽ اڄڪلهه راڄپرن جي موجوده سردار خالد ميان راڄپر جو ڏاڏو هو. رئيس فتح خان جي ڏاڏي جو نالو به رئيس فتح خان هو. جنهن جو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ذڪر ڪيو آهي. هيءُ ميرن جي زماني جو ماڻهو هو. تنهن زماني ۾ به هڪ لک کن راڄوڙ سندس هٿ ۾ هئي. وڏي هلنديءَ وارو هو. هن جي پاڇي هيٺ ديوان عيدن مل هڪ پراڻي ڦٽل دڙي تي ڳوٺ ٻڌو ۽ پنهنجي ساهرن ۽ ٻين هندن کي اتي آباد ڪيو. اهو ڳوٺ پوءِ عيدن مل جي نالي پٺيان پڊعيدن سڏجڻ ۾ آيو. رئيس فتح خان ٻيو خلافت ڪميٽي چيهي جو پريزيڊنٽ هو. رئيس فتح خان کي ڀيرومل مهر چند پاڻ ڏٺو ۽ سندس باري ۾ لکيائين:

”ڳوٺ چيهي جي وڏيري فتح خان جو پوٽو جنهن جو نالو به وڏيرو فتح خان هو. سو پنهنجي ڏاڏي وانگر پڊعيدن جي ديوانن سان ڀائپيءَ جو رستو رکندو پئي آيو. جنهنڪري هندن ۽ مسلمانن جو هيءُ هڪ نهايت عمدو مثال آهي.“(33)

رئيس فتح خان چيهي ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جي هڪ جلسي ۾ صدارتي تقرير ڪئي. جيڪا الوحيد اخبار 22 مئي 1920ع ۾ نهايت شانائتي نموني شايع ڪئي. سا لفظ به لفظ هيٺ عرض ڪجي ٿي:

”معزز بزرگان و پيشوايان قوم! حضرات: هي وقت اسلامي دنيا لاءِ نهايت نازڪ آهي. اهڙو وقت اڳي شايد مسلمانن ڪونه ڏٺو هوندو. خليفة المسلمين حضرت سلطان وحيدالدين اڄ وڏي آفت هيٺ آهن. پاڪ جاين تي غير مذهبن جو پوريءَ طرح قبضو آهي. نه رڳو هندستان جا ساڍا ست ڪروڙ مسلمان بي آرام آهن، بلڪه دنيا جا چاليهه ڪروڙ مسلمان حيران ۽ پريشان آهن. مگر اسان کي نااميد ٿيڻ نه گهرجي. خدا تي ڀروسو رکي اسان پنهنجن پيرن تي محڪم ٿي بيهڻ جو ڪوشش ڪريون، ته الله سائين اسان کي فتح ڏيندو. اتحادين سلطان جي ملڪ جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ورهايا آهن. حجاز ۾ حسين، شام ۾ فيصل، عراق عرب ۾ عبدالله (جي حسين باغيءَ جا پٽ آهن) سرڪار ڪاٺ جا پتلا ٺاهي پنهنجي تابع فرمان يا پنهنجا غلام ڪري بادشاهه بنايا آهن.

ويا هنجه هلي، آيا ڪانوَ ڪنبن ۾

مورن جي مراد چوي مرن جاءِ ملي.

چتن سان چلي ٿي مئنا مقالون ڪري.

اهي مهربانيون اسان سان خاص انگريز سرڪار ڪيون آهن، جا اسان جي قديم خير خواهه سلطنت ۽ سڀ کان زياده مسلمان رعيت تي حڪمران آهي. پاڪ مقامات غير مذهب وارن جي هٿ ۾ ڏسي مسلماني دين ۽ خليفة المسلمين جي چمن کي برباد ٿيندو ڏسي مسلمان هرگز آرام سان رهڻ نه قبوليندا يا مري فدا ٿي ويندا يا ٻين کي فنا ڪري ڇڏيندا.

حضرات! مسلمان هر طرح جي قربانيءَ لاءِ تيار آهن. قبول ٿو ڪجي ته اسان وٽ لشڪر ناهي، هٿيار نه آهن، بارود ناهي، نه خدا کان سواءِ ڪو يار اٿئون نه مددگار: پر اسان کي پڪو يقين آهي ته، همٿ آهي، هٿيار، شرم سڄو ڪپڙو خاموشي مقابلي ڪرڻ لاءِ هميشه مسلمان تيار آهن.

سرڪار سان تعلقات ٽوڙي ڇڏجن، نوڪر نوڪرين ڇڏين، خطابن وارا خطاب آنرري ماجسٽريٽي، ميمبر ميمبريءَ کان استعيفائون ڏين، مطلب ته ڪوبه عهدو پاڻ سان نه رکجي، اهي آهن عزت وارن جا لاڳاپا، پر تنهن کان اڳ ۾ غريب لاڳاپا لاهي ڇڏين. رسائي اصل ڪنهن به ڪاموري جي نه ڪن.

پهريون ڏاڪو تعلقات ڇنڻ لاءِ اهو آهي جو رسائي نه ڪجي. ٻيو رستو آهي، سوديشي تحريڪ کي زور وٺائڻ يعني ديسي شين جو استعمال ڪرڻ ولايتي مال کي ڇڏي ڏجي ته پيو بازار ۾ ڌڪا کائي  ۽ پنهنجي ديسي شين کي ڪم آڻجي. اسان جا غريب ڀائر ٻهراڙيءَ جا تمام آسانيءَ سان اهو ڪم ڪري سگهندا. باقي شاهڪارن ۽ فيشن جي مريدن کي ذرا ڏکيو لڳندو. مان سچ ٿو چوان ته غيرت اهڙي شيءِ آهي جو پنهنجي پياري دل واريءَ زال کي طلاق ڏياري ڇڏي. تنهنڪري مسلمانن غيرت اسلامي ڪري ولايتي مال کي طلاق ڏني ته هنن ڪا ڳري قرباني ڪانه ڪئي.

ٽيون رستو آهي هجرت ڪرڻ، جتي ديني آزادي ناهي، اتان هجرت ڪرڻ واجب آهي. سچ آهي ته وطن ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، وطن جي محبت هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ ٿئي ٿي، پر پنهنجي پياري دين اسلام لاءِ لڏڻ ۽ سفر جون تڪليفون سهڻ. في سبيل الله سڀ ڪو مسلمان قبول ڪندي ڏکن کي سک ۽ سورن کي سوکڙيون ڪري ڄاڻندو.

مان پنهنجي تقرير کي ختم ڪرڻ کان اڳي هيترو عرض ڪندس ته انهن ٽنهي طريقن کانسواءِ ٻيو طريقو ڪاميابيءَ جو آهي. مساوات، خاوند ۽ نوڪر، امير ۽ فقير ٻئي پاڻ کي هڪ جهڙو ڄاڻن، آڪڙ شاڪڙ اسلام ۾ آهي ئي ڪانه. هندن ۽ مسلمانن جي ميلاپ جي وڏي ضرورت آهي. ٻئي قومون پاڻ ۾ رس رکي (گڏ) هلنديون ته اهو ڏينهن پري ناهي جو اسان جي ٻيڙي ساحل تي لنگر انداز ٿئي.

هو تن يگ مشوه بشک.......

پراگندگي آره!........

پڊعيدن:

پڊعيدن ۾ ڪو الڳ خلافت ڪميٽيءَ جو وجود نظر نه ٿو اچي. مٿي ”چيهي پٽ“ جي خلافت ڪميٽيءَ جو ذڪر ٿيو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته، چيهي ۽ پڊعيدن جي خلافت ڪميٽي گڏيل هئي. خلافت تحريڪ جي مالي مدد لاءِ، مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ طرفان، مسلمانن کي اپيل ڪئي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ مخلف جڳهين تان خلافت بيت المال ۾ امدادي رقم موڪلي ويندي هئي، جنهن جي فهرست الوحيد اخبار ۾ ڇپجڻ ۾ ايندي هئي. پڊعيدن مان جون 1920ع جي خلافت بيت المال ۾ فيض محمد شاهه نالي هڪ شخص جا 00-15 رپيا شامل ڄاڻايل آهن، جنهن مان پڊعيدن ۾ خلافت سرگرمين جي شاهدي ملي ٿي. 10 جولاءِ 1922ع تي نوشهري فيروز ۾ ”ساهتي راڄنيتي ڪانفرنس“ جڏهن ٿي ته هندستان کان آيل مختلف وفد ريل رستي پڊعيدن کان ٿيندا نوشهري فيروز پهتا. (34) اپريل 1923ع تي مهاتما گانڌيءَ جو پٽ ديوداس گانڌي ۽ ڪانگريس جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري بابو راجندر پرساد هڪ وفد سان پڊعيدن اسٽيشن تي لٿو، جتان ڏاند گاڏين جي هڪ وڏي جلوس ۾ ان وفد کي نوشهروفيروز نيو ويو.(35)

ڦل:

شهر ’ڦل‘ ۾ به خلافت تحريڪ جو ڪم ۽ سرگرميون وڏي اوج تي رهيون. هت خلافت تحريڪ جو روح روان وڏيرو ميان راڄ محمد ڦل هو. راڄ محمد ڦل برادريءَ جو سردار هو. سندس پونئيرن ۾ وڏيرو ميان شجاع محمد ۽ ٻيا اڄ به برابريءَ جي سرداريءَ جي مسند تي ويٺل آهن. هيءُ وڏو صالح ۽ نيڪ گهراڻو آهي. برادريءَ جا ماڻهو پنهنجي فيصلن لاءِ به وٽن اچن ٿا ته دعا وٺڻ لاءِ به وٽن ئي اچي حاضريون ڀرين ٿا.

ڍينگي خلافت جلسي کان وٺي جنهن وفد تعلقي نوشهري جو دورو شروع ڪيو هو، سو جڏهن موري پهتو ته وڏيري ميان راڄ محمد صاحب وفد ڏانهن دعوت موڪلي، وفد سندس دعوت تي ڦل شهر ۾ آيو، جتي بعد نماز مغرب، شاندار جلسو منعقد ٿيو. اٽڪل هڪ هزار ماڻهو شريڪ ٿيا،جلسي جي صدارت وڏيري ميان فتح خان راڄپر ڪئي. وفد جي اڳواڻن خلافت تحريڪ جي موضوع تي تقريرون ڪيون. رئيس فتح خان راڄپر هتان ئي هن وفد کي دعوت ڏئي پنهنجي ڳوٺ چيهي وٺي ويو جتي ٻئي ڏينهن جلسو ٿيو. (36)

ڪائونسلن جي بائيڪاٽ جي سلسلي ۾ هڪ خلافت جو وفد جوڙيو ويو هو،جنهن سڄي سنڌ ۾ دورا ڪيا. هن وفد 6 آڪٽوبر تي نواب شاهه ۾ جلسو ڪيو هتان فارغ ٿي نوشهروفيروز روانو ٿيو. (37)

8 آڪٽوبر تي نوشهروفيروز ۾ جلسو ڪري ٻئي ڏينهن صبح جو وفد ڦل ڏانهن روانو ٿيو. (38) شيخ عبدالمجيد صاحب، قاضي اسد الله شاهه ۽ مولوي عبدالخالق مورائي هن وفد ۾ شامل هئا.
9- آڪٽوبر تي شهر ڦل ۾ جلسو ٿيو. وفد تازين حالتن تي چٽائيءَ سان سمجهاڻي ڏني. (39)

آخر ۾ هڪ مناجات ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان، جيڪا نوشهري جي ڪنهن نامعلوم مسلمان طالب علم جي طرف کان الوحيد ۾ شايع ٿي.

حال هيڻو آهي امت جو سچا سردار اڄ،

تو بنا ٻيو ڪير لهندو سيدا ڪر سار اڄ.

 

روز قيامت ٿا ٻڌون سڏڙا ڪندو يا امتي،

يا امتي جو وقت سائين ٿيو آهي اظهار اڄ.

 

حال بد افعال بد سڀ خيال بد ۽ حال بد،

ان سبب نت نت وهايون ٿا نماڻان نار اڄ.

 

لايغير ما بقوم آهي بيشڪ برثواب،
ليڪ ٻيا سڀ ويا ڇٽي آهن مسلمان خوار اڄ.

 

ٻيا سڀئي ڏڻ پيا گهمن کائن پين خوش خيال ۾،

آهي ڌڻ تنهنجو رڳو مرسل مٺا لاچار اڄ.

 

ڪيئن ڪيون ڪاڏي وڃون ڪونهي وسيلو ڪو ٻيو،

اٿ ڄام عربي حال ڏس ڇاٿا بڪن ڪفار اڄ.

 

ٿا چون اسلام جو نالو رڳو آهي رهيو،

پاڙ کان تنهنجي پٽڻ لاءِ ٿا ٿين تيار اڄ.

 

روم ويو ۽ شام ويو بصرو ويو بغداد ويو،

هاءِ استنبول ۾ آهي وڏو آزار اڄ.

 

حال هيڻن جو ٿيو مرسل مٺا توکي ڪيان،

عرض عاصيءَ جو اگهائج سينن کي ٺار اڄ(40).

 

حوالا

 

(1) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر: سڌارا ۽ واڌارا، فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو، سنڌ ص 61-515 سنڌي ادبي بورڊ 1966ع.

(2)  خانائي، حامد علي: ضلعو نوابشاهه تاريخي شهر ۽ شخصيتون. ص 317 نواب شاهه ڊسٽرڪٽ ڪلچرل سوسائٽي نواب شاهه 1987ع.

(3) الوحيد 10 مئي 1920ع.

(4) الوحيد 18 مئي 1920ع.

(5) الوحيد 20 مئي 1920ع

(6) الوحيد 13 جون 1920ع

(7) الوحيد 12 جون 1920ع.

(8) الوحيد 26 جون 1920ع

(9) الوحيد 26 جون 1920ع.

(10) الوحيد 6 آگسٽ 1920ع.

(11) الوحيد 20 آگسٽ 1920ع

(12) الوحيد 10 آڪٽوبر 1920ع.

(13) الوحيد 13 آڪٽوبر 1920ع

(14) سومرو مظهر الدين: ”تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي عالمن جو حصو“، ص 149، ۽ روزانه الوحيد
3 آڪٽوبر 1922ع.

(15) الوحيد 10 مئي 1920ع.

(16) الوحيد 10 آگسٽ 1920ع.

(17) الوحيد 17 جون 1920ع.

(18) الوحيد 16 جولاءِ 1920ع.

(19) الوحيد 11 جولاءِ 1920ع،

(20) الوحيد 27 آڪٽوبر 1920ع.

(21) الوحيد 7 نومبر 1920ع.

(22) الوحيد 10 مئي 1920ع.

(23) الوحيد 10 مئي 1920ع.

(24) الوحيد 20 آگسٽ 1920ع.

(25) الوحيد 6 آگسٽ 1920ع.

(26) الوحيد 20 آگسٽ 1920ع.

(27) الوحيد 22 نومبر 1920ع.

(28) الوحيد 27 مئي 1920ع.

(29) الوحيد 27 مئي 1920ع.

(30) الوحيد 21 مئي 1920ع.

(31) الوحيد 10 مئي 1920ع.

(32) الوحيد 31 آگسٽ 1920ع.

(33) آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جلد اول، ص 160، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، 2003ع.

(34) الوحيد 12 جولاءِ 1922ع.

(35) الوحيد 6 اپريل 1923ع.

(36) الوحيد 10 مئي 1920ع.

(37) الوحيد 10 آڪٽوبر 1920ع.

(38) الوحيد 13 آڪٽوبر 1920ع.

(39) الوحيد 15 آڪٽوبر 1920ع.

(40) الوحيد 13 مئي 1920ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com