سنڌيا
شاهه
ٻه
مختصر ڪهاڻيون
کُليل هٿ
گهڻي دير کان گئلريءَ جي دريءَ وٽ ڪرسي رکيو ويٺو
هو. صبا گهر جي ڪم ڪار ۾ پاڻ کي مصروف ڏيکاريندي
هڪ کان ٻيو ڪم کڻي سندس آڏو لنگهي ٿي ويئي. اسٽول
رکي پردا ٽنگڻ بيٺي، ته هن اُٿي دريءَ وارو پردو
کڻي ڏنس، کيس اڻ ڏٺو ڪري دريءَ تي در وارو وڏو
پردو ٽنگي اسٽول تان لهي ڪمري ڏانهن هلي ويئي ۽
بيڊ تي ڍير ٿيل وهاڻن ۽ گدين کي پوش چاڙهڻ ويهي
رهي.
ڪاوڙيل ماءُ کان هيسيل ٻار جيان بيڊ جي ڪنڊ تي
ويهي هڪ گدي کڻي پوش پائڻ لڳو ته هٿ مان کسي
ورتائينس:
”مون کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ جي عادت آهي، مهرباني.“
ٻي گدي کڻي ان کي پوش پائيندي ڀڻڪيو:
”ڪوئي جي نيڪ نيتي ڏيکاري ٿو ته پوءِ ڇا آهي؟“
کانئس گدي وٺي پاڻ پوش پائيندي رکو جواب ڏنائينس:
”ڏيکاءَ واري نيڪ نيتي به قبول ڪانه پوي!“
وهاڻا بيڊ جي مٿن کان رکي گديون کڻي ڪمري مان نڪتي
ته پويان ايندي چيائينس: ”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ نه،
توکي ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيم.“
گديون صوفن تي رکندي وراڻيائين: ”ڄاڻ اٿم.“
کانئس گديون وٺي پاڻ صوفن تي رکندي چيائين:
”تون نه ٿي ڄاڻين.“
گهوريندي پڇيائينس: ”مون کان وڌيڪ ٻيو ڪير سڃاڻي
توکي؟“
مرڪي چوڻ لڳو: ”تڏهن ئي ته توکي ٻڌائڻ آيو آهيان.“
پويان ڦري اچي بيٺس. دادلي ٻار وانگي اتاولو ٿي
چوڻ لڳس:
”ٻڌ ته صحيح نه، مان ڇا ٿو ٻڌائڻ چاهيان توکي.“
بنا نهارڻ جي چيائينس: ”ٻڌان پيئي.“
هٿ وٺي پنهنجي سامهون ڪندي چيائينس:
”ائين نه پوري ڌيان سان ٻڌ.“
هلڪو اونهو ساهه کڻندي چيائين: ”ها ٻڌاءِ.“
اکين ۾ روشني ڀرجي آيس، ساهن ۾ خوشبو ۽ آواز ۾
درياء ڀرجڻ جهڙو پڙاڏو.
”مون کي محبت ٿي ويئي آهي.“
پهريان حيرت مان اکيون ڦاٽي ويس ۽ پوءِ سُسي ويس.
هڪ دل چيس ٽهڪ ڏيئي کلي ۽ ٻي دل چيس ته پار ڪڍي
روئي.
سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ لوڏيندي خوشيءَ مان ٻڌائڻ
لڳس:
”ٻڌئي، مون کي محبت ٿي ويئي آهي!“
هٿ ڇڏائيندي پڇيائينس: ”اڃا گهڻا دفعا ٿيندي توکي
محبت؟“
مون سان توکي آسمان جي سڀني تارن جيتري محبت هئي،
هر تاري جي ڪنڊ توکي منهنجي مرڪندڙ چپن جي ڪنڊ
لڳندي هئي. پوءِ توکي حرا سان محبت ٿي، هوءَ توکي
مٿانهين کان وهندڙ آبشار لڳندي هئي، ايتري تائين
جو هن جي سرشار محبت ۾ تون هن سان شادي به ڪري ڇڏي
۽ هاڻ ٽين!؟“
صوفي جي ڪنڊ تي ويهي مٿي کي هٿ ڏيئي پڇڻ لڳس:
”اڃان ڪيتريون دنيائون فتح ڪرڻ چاهين ٿو تون؟“
سندس آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ ڀڻڪيو:
”اها مون کي خبر نه آهي.“
صبا منهن ڦيري ڇڏيو ته هن چيو:
”مون کي خبر نه آهي ته مون سان ائين ڇو ٿو ٿئي پر،
ٿئي ضرور ٿو.“
صبا سندس جهڪيل ڪنڌ ڏسي، ٿڌو ساهه کنيو ۽ چوڻ لڳي:
”شايد، تنهنجي مٽي زرخيز زمين مان کنئي وئي آهي جو
تون هڪ کان پوءِ ٻي محبت ڪري سگهين ٿو ۽ مان
هڪڙوئي ٻوٽو پوکي ان جي داسي ٿي ويهي رهي آهيان!“
خوش ٿيندي چيائينس: ”تنهنجي دل ڪيڏي وڏي آ، سچ،
نيري آسمان جيڏي… جنهن جي جهوليءَ ۾ هڙئي چنڊ تارا
ماپي ويندا آهن.“ ڦڪو مرڪي: ”سڄي ڪائنات!“
”تون رنج ته نه ٿيندينءَ نه؟“ ڄڻ پڇندو هجيس،
”تنهنجو رانديڪو کڻان رنج ته نه ٿيندينءَ!“
صبا مرڪي پئي: ”تڏهن رنج ٿي هيم جڏهن حرا سان شادي
ڪئي هئي!؟“
”جڏهن ڪنهن تي محبت نڇاور ٿيندي هجي ته رنج نه
ٿجي. ان تي گلن جون پتيون نڇاور ڪرڻ گهرجن.“
خوشيءَ مان اٿي سندس هٿ چمي ورتائين ۽ فليٽ جون
ڏاڪڻيون ائين لهڻ لڳو ڄڻ پاس ٿيڻ کان پوءِ موڪل
ملي وئي هجيس.
صبا پنهنجي مٺ کولي هٿ جي تريءَ کي ڏٺو ۽ ڀڻڪي:
”تنهنجي زندگيءَ ۾ منهنجو وجود گرين سگنل وارو آهي
جنهن کان پوءِ تون، محبت جي ڪهڙي به ڊگهي سفر تي
نڪري سگهين ٿو.“
هن پنهنجو کليل هٿ ڇنڊي ڇڏيو ۽ اونهو ساهه کڻي
ڀڻڪي: ”مون پنهنجا هٿ کولي ڇڏيا آهن!“
لـــــــولــــــي
رات جو ادبي گڏجاڻي تان موٽندي دير ٿي وئي هيس.
ٻاهرين گيٽ ٽپي اڱڻ واري در جي چانئٺ اورانگهي
بيٺو، ته سامهون ئي ڏاڪڻ جي پاسي ڀت وٽ کٽ تي
ليٽيل ماءُ تي اک پيس.
پوڙهي ماءُ ٿڌي هوا لڳڻ ڪري ڪرونڊڙي ٿي وئي هئي،
پيرن ۾ چؤڻي رکيل رلي کڻي ماءُ جي مٿان وجهندي
ماءُ جي لولي ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳس:
”لولي منهنجا شير الا، تنهنجو مٽ نه ڪير الا.
لا اِلٰہ الا الله ﷴ رسول الله ﷺ
ماڻهس گرمي محسوس ڪندي ئي جاڳي پئي ۽ پڇڻ لڳس:
”هينئر موٽيو آهين ابا؟“
ماءُ جي ڀر ۾ ويهي کيس زور ڏيڻ لڳو.
ماڻهس وڌيڪ ڪجهه ڪڇڻ بدران اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
ماڻهس کي ننڊ اچي وئي ته پنهنجي ڪمري ڏانهن آيو.
ڀر واري ڪمري ۾ ليئو پائي ڏٺائين، وڏا ٻئي پٽ،
انٽرنيٽ کوليو وندريا ويٺا هئا.
مرڪندو پنهنجي ڪمري ڏانهن آيو. سندس گهر واري
ننڍڙي ڌيءُ کي موبائيل جي ’ٽ- يون‘ هلائي ننڊ
ڪرائي رهي هئي.
ڪنن ۾ ٻيهر ماءُ جي ڏنل لولي گونجڻ لڳي:
”لولي منهنجا شير الا، تنهنجو مٽ نه ڪير الا،
لا اِلٰہ الا الله ﷴ رسول الله ﷺ
ننڍڙي ڌيءُ جي ڀر ۾ ويهي سندس
گهنڊڙين وارن ۾ آڱريون ڦيريندي ڀڻڪيو: ”اڄوڪن
ٻارن کي لولي نصيب ئي ڪانهي.“
گهر واريءَ فخر سان چيس: ”هيءُ انٽرنيٽ جو دور
آهي. اڄوڪا ٻار سمجهه ڀريا ٿيڻ کان اڳ انهن شين کي
سڃاڻن ٿا جيڪي اسان اڃان هاڻي ڏٺيون آهن.“ ۽ هن جي
من ۾ ماءُ جي لولي هوريان هوريان گونجڻ لڳي:
”لولي منهنجا شير الا، تنهنجو مٽ نه ڪير الا…“
هن جي ڀڻڪي ۾ ڪشادگي ڀرجي وئي: ”لولي شير بڻائي
ٿي، اهو احساس ڏياري ٿي ته اسان جي مَٽ ٻيو ڪوئي
به ڪونهي.“
گهر واريءَ ختم ٿيل ٽيون ٻيهر هلائيندي چيو:
”انٽرنيٽ، موبائيل ٻارن ۾
Confidence
ڀري ٿي.“
لوليءَ جي سُرور مان ڀڻڪيو: ”لولي، ٻولي ۽ ڌرتيءَ
سان پيار سيکاري ٿي.“
گهر واريءَ ٽوڪ مان کلندي چيس:
”۽ سڄي عمر روئاري ٿي!“
نئون ڪتاب
ڪتاب: آجپي جي گيت جهڙي شاعري
موضوع: شاعري
شاعر: عبدالحڪيم ’ارشد‘
ڇپائيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/حيدرآباد سنڌ 2011ع
سائيز: ڊيمي
صفحا: 224
قيمت: 220 رپيا
شيخ
اياز
نوٽ بڪ مان
اها ڪا نئين ڳالهه ته ناهي...
اڄ منهنجي هڪ دوست هڪ پُرلطف واقعو ٻڌايو.
هن چيو ته ”تو عبداللطيف ’ساربان‘ جو نالو ته ٻڌو
هوندو؛ مان ننڍي هوندي هن جا نظم سنڌي رسالن ۾
پڙهندو هوس. هن جي اسلامي تخيل مون کي بيحد متاثر
ڪيو هو؛ ۽ هن جي هر سٽ پڙهي منهنجين رڳن ۾ خون جي
گردش تيز ٿي ويندي هئي ۽ جوشِ ايمانيءَ سبب منهنجو
گلو ڀرجي ايندو هو. مون هن کي ڏي ڏٺو ڪونه هو، پر
اهو ٻڌو هوم ته هو روهڙيءَ جي ڪنهن پاڙي ۾ رهندو
آهي. هڪ ڏينهن هن سان ملاقات جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ
روهڙيءَ ويس. رستي تي مون هن جي شڪل شباهت جو تصور
ڪري سوچيو ته هن جا خالد بن وليد ۽ طارق بن زياد
جهڙا چَوڙا ڪُلها هوندا؛ هن جي اکين ۾ مجاهدينِ
اسلام جو نور هوندو؛ ۽ هن جي چپن جي هر جنبش نعرهء
تڪبير جي ياد ڏياريندي؛ هو لنبي ڪُڙتي ۽ شلوار ۾
واقعي اسلامي حرّيت ۽ غيرت جو شاهڪار نظر ايندو.
روهڙيءَ پهچي، مون هن جي گهر جي پُڇا ڪئي ۽ ڏَس تي
اُتي پهتس، ته آءٌ هن جي گهر کي ڏسي بيحد متاثر
ٿيس. گهر لڳو ته پراڻو ٿي، پر ان جا محرابَ ۽ طاقَ
مغليه فنِ تعمير جا يادگار ٿئي لڳا؛ ۽ گهر جي
ٻاهران ڪيتريون ئي کجيون فاتحانِ عرب جون نشانيون
ڏيئي رهيون هيون. مون دل ئي دل ۾ خوش ٿي چيو ته
واقعي، شاعرِ اسلام جو غريبخانو هجي ته اهڙو هجي!
مون در جو ڪڙو کڙڪايو ته ٿوريءَ دير بعد هڪ بيحد
حسين ۽ وجيهه ڪرڙوڍ پريان نظر آيو. مون کي تعجب
آيو، ڇو ته هو منهنجي تصور جو پورو مجسمو ٿي لڳو-
چَوڙا ڪُلها، دلڪش ڏاڙهي، ڀريل بدن، ڊگهو قد،
رعبدار مڇون، منهن تي قلندرانه شان، ۽ اکين ۾
والهانه تجلي!
”مون ڪجهه مرعوب ٿي، هٻڪي چيو، ’ننڍي هوندي کان
وٺي اوهان جي ڪلام کان بيحد متاثر رهيو آهيان.
منهنجي نظر ۾ اوهين ”فردوسيء اسلام“ آهيو! اوهان
جو ڪلام حق ۽ صداقت جو آواز آهي، جنهن مرده
مسلمانن ۾ نئين جان پيدا ڪئي آهي! واه، ڇا جوش ۽
خروش آهي اوهان جي ڪلام ۾! ڇا…‘
”’اوه، اوهين عبداللطيف ’ساربان‘ سان ملڻ آيا
آهيو؟ ها، انهيءَ جو گهر منهنجي پاسي ۾ آهي. مان
ته سونو خان حجم آهيان.“
”مان سوني خان حجم کي حيرت سان تڪيندو رهيس،
جيستائين هو گهر اندر هليو ويو.“
مون پنهنجي دوست کي مرڪي چيو، ”تو انهيءَ ڪهاڻيءَ
جو پلاٽ انگريز اديب، ’سمرسيٽ ماهم‘ تان چورايو
آهي.“
”چريو آهين ڇا؟ مان انگريزي ڪٿي ڄاڻان! افسانه
نويس تي پلاٽ جو نزول ٿيندو آهي: ممڪن آهي ته اهو
ساڳيو پلاٽ سمرسيٽ ماهم تي به ٿوريءَ ڦيرگهير سان
نازل ٿيو هجي! آخر اها ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي،
صدين کان مختلف مذهبن جي مقدس افسانن ۾ ان جو
ثبوت ملي ٿو.“
“سنڌي موسيقي هڪ نهايت سهڻي، دلپذير، فني ڪمالات
واري، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي انفرادي حيثيت رکندڙ
موسيقي آهي، جا پنهنجي فن جي لحاظ سان دکن، پنجاب،
آگري ۽ مرهٽا اسڪول کان جداگانه رنگ رکي ٿي. افسوس
اهو آهي ته ان تي ڪا مستقل تاليف سنڌي زبان ۾ ڪانه
ڪئي ويئي آهي.”
“اها به ضرورت آهي ته سنڌي راڳ جي نه فقط تاريخ
مرتب ڪجي، پر ان جي حاصلات ۽ تربيت لاءِ ڪو معياري
اسڪول ۽ ادارو به قائم ڪجي، جنهن ۾ قابل ۽ استاد
ڳائڻا رکجن، جي هن فن کي سيکارين.”
“اسان جا فنڪار ڏاڍين سهڻين صلاحيتن وارا آهن، پر
افسوس اهو آهي جو فن ۾ ڪنهن به قسم جي جدت نٿا
پيدا ڪن. اڪثر پراڻيون طرزون، پراڻي نموني ۾ ڳايون
وڃن ٿيون. اگر اهو سلسلو قائم رهيو ته پوءِ اسان
جو سنڌي راڳ ڪابه ترقي نه ڪري سگهندو.”
“شاعر وقت جي زبان آهي، ته ڳائڻو شاعر جي زبان
آهي؛ تنهنڪري ڪوشش ڪري، شاعرن جو نئون ڪلام نين
طرزن ۾ ڳايو وڃي ته بهتر.”
“اڪثر ڪلام غلط حيثيت سان ڳائجي ٿو، حالانڪ شاعر
جو ڪلام سندس صحيح لفظن ۾ ڳائڻ گهرجي، عام ماڻهن
جي غلط لفظن جو نقل نه ڪرڻ گهرجي.”
-
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
(مهراڻ 2/1962ع) |