ادل سومرو
غزل
صحن، ڪمرا، پڌر اڪيلو هو،
هُن جي هوندي به گهر اڪيلو هو.
روح رولاڪ ۽ ذهن آواره،
جسم منهنجي کي در اڪيلو هو.
هر ”خوشيءَ“ سان هجوم ماڻهن جو،
”درد“ هڪڙو مگر اڪيلو هو.
ڪوبه ڳوڙهو نه خواب مرڪيو ٿي،
تَنهنجي نيڻن جو ٿر اڪيلو هو.
هو پکي الائي ڪٿي رهجي ويا،
اُداس سانجهيءَ جو سر اڪيلو هو.
لفظ هڪڙو نه آيو وچ ۾ ڪو،
ساٿَ هوندي سفر اڪيلو هو.
غزل
سِوا تنهنجي ٻيو ڪيرُ هو منهنجو!
ساري بستيءَ سان ويرُ هو منهنجو.
دل جي ديوار سا لُڏي وئي هئي،
ٻيو مڙيئي ته خيرُ هو منهنجو.
تنهنجي اُجري ۽ پاڪ دامن تي،
مان مڃان ٿو ته ميرُ هو منهنجو.
سوئي رت ۾ ويو ٻُڏي سارو،
جيڪو مسجد ۾ پيرُ هو منهنجو.
تنهنجي ساراهه جو حق ادا نه ٿيو،
ڪيڏو لفظن جو ڍيرُ هو منهنجو.
تنهنجا تحفا ڇڏيا ها وڪڻي مون،
پاڻ سان ئي انڌيرُ هو منهنجو.
ترائيل
پيار تنهنجي جو هُيو بس آسرو،
سومري جو ٻيو وسيلو ڪونه هو،
سمجهه ۾ آيو نه ڪوئي مامرو،
پيارَ تنهنجي جو هُيو بس آسرو.
ڳوٺ مان کسجي ويو هو ڇانورو،
ڇو ته منهنجو ڪو قبيلو ڪونه هو،
پيارَ تنهنجي جو هُيو بس آسرو،
سومري جو ٻيو وسيلو ڪونه هو.
مير محمد پيرزادو
گيت
وئي آهه مدت لنگهي پوءِ مس مس وري آهه برکا!
جليا پوءِ به اُڌما!
q
گلابي مهارن تي رابيل ڏندڙا، گلن هار مُکڙي مان
جهلڪار ڏين ٿا،
۽ گفتار جا هارمونيم ٿي ڇيڙي ته گفتا سُرنِ جا
ٻهڪار ٿين ٿا،
انهيءَ سحر ۾ يار راتيون رڱيون سين، برهه ۾ ڪي بي
باڪ باتيون ڪيون سين،
مليا پوءِ به صدما، جليا پوءِ به اُڌما!
q
ڀري نيڻ وٽيون جو مڌ ٿا ورهائن ته پياڪن جا ڪيئي
ولر پيا اچن،
سروپي ۽ ساڃاهه وٺي سونهن جي، ننگا نينهن نعرا
هنيون پيا نچن،
قدر تن کي قيمت سري، سونهن جي، جنين ٿڃ پيتي ڀليءَ
ڀونءِ جي،
امر ٿيا سي لمحا، جليا پوءِ به اُڌما!
q
نگاهون نگاهن سان ٻکجي وڃن ٿيون، ائين ڄڻ ڪُنڍيءَ
مينهن جي پور ۾،
ملن ٿيون ميارون ڏکن جا ڏوراپا ۽ سَو سَو سنيها
نِگهه گهور ۾،
توهان مڌ پياري، اسان ئي مڃيوسون، توهان جا مياري،
اسان ئي مڃيوسون،
مگر هاءِ جذبا! جليا پوءِ به اُڌما!
q
نه آ پيار جي پوءِ اسان جي وڃڻ سان، اُداسي اوهان
تي وڃي ڇانئجي ڇو!؟
هو ڪٺور بادل پياسن بُٺنِ جي ڏسي زار حالت وڃي
رانئجي ٿو!
اهو پاڻ تي ۽ اسان تي پيارا، نه سونهين جبر ٿو اڃا
جيءَ جيارا،
ملياسون نه ڏکڙا، جليا پوءِ به اُڌما!
ذوالفقار سيال
غزل
ڳالهه ڳالهه تي قسم کڻي ٿي،
ڪيڏي سادي آهي، وڻي ٿي.
ماڻهن کي ڄڻ موقعو گهرجي،
ڪجهه به ناهي ڳالهه بڻي ٿي.
هن جون چنچل سڀ ادائون،
گهوري گهوري اک هڻي ٿي.
وقت ته وهندڙ پاڻيءَ جيان آ،
جيئن ڪا پِيلي شاخ ڇڻي ٿي.
ايڏو ٿي هو چاهي مون کي،
مون لاءِ پل پل خواب اُڻي ٿي.
ذلف ائين ئي شعر لکي ٿو،
ماءُ جيئن ڪا ٻار ڄڻي ٿي.
غزل
نوڙيءَ کي ٿا نانگ بڻائن،
قانوني هي ماهر آهن.
سياست جو منشور هي آهي،
روز نوان اعلان مٽائن.
ڪالهه جي ڳالهه وساري ڇڏيو،
ڳولهي ڳولهي سچ لڪائن.
هڪڙي ڳيت ۾ ملڪ ٿا ڳيهن،
ڪنهن کي به هي ڪين ٻڌائن.
کسڪي پير وڃن ڌرتيءَ تان،
راند ٿا اهڙي هي رچائن.
ذلف ڪڍي هي ساهه اسان جو،
پوءِ به خيرخواهه سڏائن.
سرمد چانڊيو
مهان ڪوي شيخ اياز جي نانءِ
اما! اما! مِٺي اما!
سڄيءَ سنڌ جي اما! اياز جي مٺي اما!
شڪارپور! شڪارپور!
جهانَ تو گهڻا ڏٺا، هزار وارڀي سَٺا
منافقيون
ڏچا ڏٺا ۽ دربدر
ٻچا
ڏٺا
اتر جي اوٽ ڀي ڪئي، ڇپر
ٿي ڇانوَ ڀي ڪئي
ڏنا توميت ڀي نوان،
ڏنا تو گيت ڀي نوان
شڪارپور! شڪارپور!
نئون جهان تو اڏيو، لهو مٽيءَ سان گڏيو
سِپي
سِپي تو ٿڃُ جي،
دعا دوا ڪري ڏني
سکي سکي! به تو سڏيو، پٽيا پٽيا به تو سڏيو
نوان رباب تو ڏنا، حَسين خيال تو ڏنا
شڪارپور! شڪارپور!
تو چنڊ
ٿي کڙي چيو، تو باک جان
ڦُٽي سڏيو
اچو اچو اي دوستو! هي رنگ بُو ڏسي وٺو
قدم قدم تي التجا، گهڙي گهڙي تون رهنما
نشان تي نشان تون، جديد تر بيان تون
شڪارپور! شڪارپور!
ڪو خوف تو نه ڀاسيو، ولايتن کي واسيو
تو برهه بانورو ڏنو، تو ساءُ سانورو ڏنو
اڏول تنهنجي هوڏ تي، جليا پتنگ لوڏ
تي
اُڏام تي اُڏام ٿي، هليا پرين هشام ٿي
شڪارپور! شڪارپور!
توجيل ويل ڀي ڏٺا ۽ نينهن نيل ڀي ڏٺا
اکيون اکين سان چار ٿيون، هُشار ٿيون هُشار ٿيون
ونيون وهُون بهار ٿيون ۽ نينهن تان نثار
ٿيون
جوان جوتِ ۾ ڀريا، عميق ۾ ٻريا تريا
شڪارپور! شڪارپور!
ادب جو آبُ تاب تون، اڄوڪو آفتاب تون
بري به تون جري به تون ۽ سون کان کري تون
سنيهه سنڌ جو به تون، نقاد هند جو به تون
حسين تر نظام تون ۽ پريت جو پيام تون
شڪارپور! شڪارپور!
گُجر جي گام گام تون، حوا جي هوڏ هام تون
هزارها تضاد ٿيا، فساد تي فساد ٿيا
جديد نور جي اما! اتم شعور جي اما!
صبوح جي اذان تون، اسان جي آن بان تون
شڪارپور! شڪارپور!
غريب جو گراهه تون ۽ ساهه تون پساهه تون
تون کير نير جي صدا، تون وير وير جي صدا
سماءُ تون سڌير تون، سدائين باضمير تون
ذهين لازوال تون، بليغ بي مثال تون
شڪارپور! شڪارپور!
تون موملن جا ماڻ ڀي ۽ روح جي رهاڻ ڀي
۽ سُور جو سرور تون ۽ ذوق جو ضرورتون
نڪور دل جو نينهن تون ۽ ڏاهپن جو ڏينهن
تون
حسين تون حسان تون، مهان تون مهان تون
شڪارپور! شڪارپور!
ازل سندي اُساٽ تون، ڪُواٽ مان به واٽ تون
اُماس ۾ اُهاءُ تون، صدين مٿان سُهاءُ تون
ذري ذري لقاءُ تون ۽ چار سُو چٽاءُ تون
سڳنڌ جو سڀاءُ تون، هڳاءُ ئي
هڳاءُ تون
شڪارپور! شڪارپور!
سُهاڳڻين جي سيج
تون،
هنسي خوشي جا هيج تون
لطيف جي تون سين آن، خداءِ جي تون دين آن
اميد جو اُپاءُ تون، نياءُ ئي نياءُ تون
حيات جو حياءُ تون گلاب دل جو گهاءُ تون
شڪارپور! شڪارپور!
اما! اما! مٺي اما!
سڄيءَ سنڌ جي اما!
”اياز“ جي مٺي اما!
شڪارپور! شڪارپور! |