اشتياق انصاري
تحقيق
گنباٽ قلعو
(چاڪر ڪوٽ)
سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙا دور جو آغاز ٿيو ته ڪلهوڙن
پنهنجي پيري مريدي کانسواءِ حڪومتي معاملن ۾ ڀروسي
جهڙا ماڻهو ڳولڻ شروع ڪيا. ڪلهوڙن پنهنجي خاص
ٽالپر پوئلڳن کي به اهميت ڏئي کين مان وارا منصب ۽
عهدا ڏنا. جن ۾ مير شهداد خان ۽ سندس پٽ مير چاڪر
خان به شامل هئا. تاريخ ۾ ٽالپرن مان جنهن شخص
ڪلهوڙن جي ماتحت ممتاز حيثيت حاصل ڪئي، اهو مير
شهداد هو. جو ميان يار محمد جو نهايت ڀروسي جوڳو
ڪارڪن هو ۽ کيس ”برخوردار“ جو خطاب حاصل هو جو
ڪلهوڙا حڪمرانن جي طرفان ڪنهن خاص ماڻهو کي ڏنو
ويندو هو. ميان يار محمد خان کي جڏهن شاهي منصب
مليو، تڏهن شهزادي معزالدين حڪم ڪيو ته ملتان جي
طرف فوج موڪلي وڃي ۽ يار محمد خان، مير شهداد خان
کي ئي موڪليو هو. مير جي اعليٰ خدمتن کان خوش ٿي
شهزادي کيس پٽ باران جي جاگير تحفي ۾ ڏني هئي. مير
شهداد نور محمد خان جي دور ۾ 2 رجب 1147هه (18
نومبر 1737ع) تي وفات ڪئي. هن جو مقبرو شاهپور
(تعلقو شهدادپور) جي قريب هڪ ڳوٺ ۾ آهي. جو ”شهداد
جو قبو“ جي نالي سان مشهور آهي.
مير شهداد جا چار پٽ هئا جن مان ٽن ڪلهوڙن جي دور
حڪومت ۾ مٿانهين حيثيت حاصل ڪئي: مير ڄام نندو جو
مشهور سپهه سالار هو. مير چاڪر خان جو خيرپور
رياست جي حاڪمن جو وڏو وارث هو ۽ مير بهرام جو
ٽالپرن جي سڄي خاندان ۾ سڀني کان بلند شخصيت جو
مالڪ هو.(1)
ميان يار محمد ڪلهوڙي کانپوءِ جڏهن حڪومت جون
واڳون ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هٿ ۾ آيون تڏهن به
شهداد خان جي مان ۽ مرتبي ۾ ڪمي ڪا نه آئي. هو نور
محمد ڪلهوڙي جي سپهه سالار طور ڪيترن جنگن ۾ سنڌ
جي فوج جي مهنداري ڪندو رهيو. جيئن ”تاريخ ڪلهوڙا“
۾ آهي ته ”ميان نور محمد خان جي دور ۾ شڪارپور تي
حملو ٿيو تڏهن ”جواهر“ جو بيان هيءُ آهي ته ميان،
مير شهداد ٽالپر کي اڳتي روانو ڪيو ۽ ان جي پٺيان
پاڻ به لاڙڪاڻي پهتو. ان سان گڏ سٺ هزار سوار ۽
پيادا هئا.(2)
مير شهداد خان سان گڏ ٽالپرن چئن پيڙهين تائين
ڪلهوڙا دور ۾ اهم ذميواريون نباهيون ۽ بهترين
خدمتون ڏنيون. جن ۾ مير بهرام، مير بجار، مير
صوبدار، مير عبدالله خان، مير فتح خان کان علاوه
باقي فردن مان، مير چاڪر، ڄام نندو، مير شهداد جا
پٽ ۽ مير بهرام جا ڀائر هئا. مير شاهو، مير شهداد
جي ڀاءُ شاهڪ جو پٽ هو. هي ٽيئي به بهرام وانگر
سڀني جنگي مهمن ۾ شريڪ رهيا ۽ ميان نور محمد خان
جا وڏا فوجي جرنيل مڃيا ويندا هئا. هن متعلق معلوم
نه ٿي سگهيو ته هوڪهڙي زماني ۾ وفات ڪري ويا.
”نامئه نغر“ مان صرف ايترو پتو پوي ٿو ته مير چاڪر
جو مرڪز شاهپور هو ۽ مير شاهو جا ٻه فرزند هئا. هڪ
جو نالو مقصود خان ٻئي جو آلودو خان هو.(3)
گنباٽ قلعي (چاڪر ڪوٽ) جوبنياد
گنباٽ قلعي (چاڪر ڪوٽ)، مير چاڪر خان پنهنجي مرشد
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي رهائش لاءِ اندازاً
1740ع ۾ ٺهرايو هو. مير چاڪر خان ان وقت جي جديد
سهولتن مطابق ۽ دفاعي نُڪتئه نگاهه کان ڪوٽ کي
مضبوط ڪري ٺهرايو هو. غلام شاهه ڪلهوڙو هت پهتو ته
کيس وڏي شان شوڪت سان ڪوٽ اندر جڙيل خاص رهائشگاهه
۾ رهايو ويو.
چيو وڃي ٿو ته ان وقت هن علائقي ۾ خاص طور تي ڪوٽ
جي چؤڦير واريءَ جا وڏا دڙا هوندا هئا. جڏهن تيز
هوا گهلندي هئي ته هر طرف واري ئي واري اڏندي
رهندي هئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي مير چاڪر اهو
ڪوٽ اڏائي آڻي تخت تي ويهاريو ته اچي تيز طوفان
لڳو. ميان صاحب کي واريءَ ايترو ته تنگ ڪيو جو آخر
هو بيزار ٿي هيءُ ڪوٽ ڇڏي هليو ويو. جيئن ”تاريخ
ڪلهوڙا“ ۾ ذڪر آهي ته ”شاهپور جو شهر ميان غلام
شاهه آباد ڪرايو هو، ليڪن اتي تيز هوائن لڳڻ ڪري
مٽي ۽ دز تمام گهڻي اڏامندي هئي انهيءَ ڪري اهو
شهر ڇڏي ڏنائين ۽ هڪ ٻيو نئون ”شاهپور“ نالي شهر
آباد ڪريائين“(4)
بهرحال ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي هيءُ هنڌ سنڌ جي
تخت گاهه بنائڻ واري خيال کان مناسب نه لڳو پر
تنهن هوندي به مير چاڪر پنهنجي قبيلي سان گڏ هن
ڪوٽ ۾ ئي ويٺو رهيو ۽ هتان ئي ڪلهوڙن جي حمايت ۾
وقت به وقت فوجي نفري موڪليندو رهيو. خاص ڪري
ڪلهوڙن ۽ ميرن واري ذاتي جنگاڻ دوران جيڪي گهرو
لڙايون لڳيون، تن ۾ مير چاڪر هتان جا ڪيترائي
ويڙهو راڄ موڪليا هئا.
نالو
’چاڪر ڪوٽ‘ جي ڏکڻ اوڀر پاسي تي ’شاهپور‘ جو پراڻو
شهر هو. هي ٻئي جاڙيون وَستيون ڪلهوڙن جي دور ۾ 18
صدي ڌاري وجود ۾ آيون هيون ۽ بعد ۾ ٽالپرن جي زوال
سان گڏ ئي ٻئي تاريخي وستيون تباهه ٿي ويون. هاڻي
انهن ٻنهي ڦٽل ماڳن ڀرسان ساڳي ئي نالي سان
”شاهپور چاڪر“ جو وري شهر آباد ڪيو ويو آهي. سوين
سالن کان وٺي هڪ نه ٻئي روپ ۾ ”شاهپور“ نالي وارو
شهر جيئرو رهندو اچي ٿو.
”شاهه پور“ لفظ قديم ايراني تهذيب ۾ هڪ سوني تاج
پاتل ديوتا جو تصور ڪيو ويندو هو. ڪن ڏند ڪٿائن ۾
انهن ديوتائن جي ڇانوَ وقت جي بادشاهن ۽ ڌنوانن تي
هوندي هئي. هونءَ به ايران جا قديم بادشاهه پهلوي
گهراڻي کان آڳاٽو پنهنجي پاڻ کي ”شاهه پور“ لقب
سان سڏرائيندا هئا.(5)
ماهر ”شاهپور“ لفظ جو اشتقاق هيئن ڪن ٿا- شاهه=وڏو
’پور‘=سگهارو،
ڪامل يعني حاڪم يا شهزادو يا وڏو مُک وغيره. لفظ
”پور“ شهر/ وستي جي معنيٰ ۾ به ڪتب اچي ٿو. مثال
طور: خيرپور، ميرپور، نورپور نصرپور، بقاپور، رحمت
پور، خانپور وغيره. هن شهر تي ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي جي نالي پٺيان ”شاهپور“ نالو پيو. لفظ
”شاهه“ جي معنيٰ ’بادشاهه‘ به آهي.
هونءَ چاڪرڪوٽ يا شاهپور شهر اڏڻ جو سهرو ڪلهوڙن
جي خاص خدمتگار ٽالپرن ڏانهن وڃي ٿو. اهڙي طرح
چاڪر ڪوٽ تي اهو نالو سندس اڏيندڙ مير چاڪر خان
ڪري پيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيءُ ڪوٽ 1960ع ۾
ڏٺو هو، ان وقت هن کي ”گنباٽ قلعو“ به سڏيندا
هئا(6).
ٽالپر
گنباٽ قلعي ۽ ان جي ڏاکڻي پاسي پراڻو ’شاهپور چاڪر
جو شهر ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ ٻڌايو ويو
هو. چيو وڃي ٿو ته اهو ڪوٽ ۽ شهر ڪلهوڙن جي پياري
۽ لاڏلي سپهه سالار مير شهداد خان جي پٽ مير چاڪر
خان ٺهرايو هو. مير چاڪر خان جو تعلق ميرن جي
سهراباڻي نک (پيڙهه) سان هو.
ٽالپرن سنڌ جي فتح بعد پاڻ ۾ ملڪيت جي معاملي تي
تنازعي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو.
اهڙي طرح ساري سنڌ ٽالپر گهراڻي جي ٽن نکن
سهراباڻي، ماڻڪاڻي ۽ ٺاراڻي ۾ ورهائجي وئي.
”جنت السنڌ“ ۾ آهي ته نواب فتح خان هيبت بيگ بهادر
سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو. پهريون حصو ذات همايون،
پنهنجي عزيزن لاءِ مقرر ڪيو. جنهن جون حدون
ڪراچيءَ کان سيوهڻ تائين ڊيگهه ۾ هيون، ۽ ويڪر ۾
اهو حصو ٽنڊوالهيار کان کيرٿر جبل تائين هو. ٿر جو
سرحدي علائقو به هن حصي سان شامل هو. هيءَ سرڪار
شهداداڻي سڏبي هئي، حيدرآباد سندس تختگاهه هو. ٻيو
حصو شاهه بندر کان وٺي ڇوڙ تائين هو. ڏکڻ ۾ ڪڇ جي
رڻ کان وٺي اتر ۾ موري تعلقي تائين هو. سنڌ جو
هيءُ ڀاڱو مير فتح علي شاهه. مير فتح خان جي پٽ،
مير ٺاري خان ستاره جنگ جي حوالي ڪيو. هيءَ سرڪار
ماڻڪاڻي سڏبي هئي. سندس تخت گاهه ونگي ۾ هو.
ان کانپوءِ سنه 1806ع ۾ مير ٺاري خان جي پٽ مير
علي مراد خان مير پور خاص جو شهر تعمير ڪرائي. اُن
کي تختگاهه مقرر ڪيو. مٺي، نئون ڪوٽ، بلڙي جا
رهندڙ کوسا، جيڪي اڳ ڍٺ جي رهندڙ سوڍن راڻن جي
ماتحت هئا، تن ٽالپرن جو طرف ورتو. مير غلام علي
خان ۽ مير سهراب خان سوڍن ٺڪرن مان شاديون ڪيون ۽
سندن جاگيرن کي بحال رکيو. جنهن ڪري ننگر پارڪر
تائين ملڪ ٽالپرن جي قبضي هيٺ اچي ويو. ٽيون حصو
ٿر ۽ موري کان اُٻاوڙي، روجهاڻ ۽ سيوهڻ تائين مير
سهراب خان جي حوالي ڪيو ويو جا سرڪار سهراباڻي
سڏبي هئي. سندس تختگاهه احمد آباد ڏيجي هو. پوءِ
خير پور تختگاهه مقرر ٿيو.
مٿيان ٽئي سرڪاري يونٽ اهميت رکندڙ هئا. مير سهراب
خان جي چاچي ڄام نندي خان کي نادر شاهه سنه 1740ع
۾ ميان نور محمد خان پاران ضمانت طور پاڻ سان
خراسان ڏانهن وٺي ويو هو، جتي مير صاحب مشهد مقدس
۾ وفات ڪئي. مير سهراب خان هاڻوڪو ڏيجي جو ڪوٽ،
ٽڪريءَ مٿان اڏائي مٿس توبون رکايون ۽ مٿس ’احمد
آباد‘ نالو رکيو هو.(7)
چاڪر ڪوٽ جو پايو وجهندڙ به سهراباڻين ٽالپرن جي
پونئيرن مان مير چاڪر خان وڌو هو. ساڳي وقت مير
صاحبن عام رعيت لاءِ شاهپور چاڪر جو شهر، چاڪر ڪوٽ
کان ٻاهر ڏکڻ طرف اڏايو هو. باقي ڪوٽ اندر مير
چاڪر خان جو خاندان رهائش پذير هو. چيو وڃي ٿو ته
شاهپور چاڪر جو بنياد مير شهداد خان جي پٽ مير
چاڪر خان 1739ع جي لڳ ڀڳ وڌو هوندو. ڇو جو مير
شهداد خان، شهداد پور جو بنياد 1739ع ۾ وڌو هو.
شاهپور چاڪر جي برباديءَ جو وڏو سبب ڪلهوڙن ۽
ٽالپرن جي گهرو ويڙهه به ٻڌائي وڃي ٿي.
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد چاڪر ڪوٽ ۽ شاهپور
چاڪر مان ٽالپرن جا آخري خاندان به نقل مڪاني ڪري
ويا پوءِ سارو ڪوٽ ويرانيءَ جي ور چڙهي ويو!
شاهپور چاڪر جو پراڻو شهر، جيڪو ميراڻي زوال سبب
کنڊر بڻجي چڪو هو، ان کي بعد ۾ سيٺ آسومل سرڪاري
کڻت ڪري آباد ڪرايو هو. ساڳيءَ طرح چاڪرڪوٽ کي به
هندو پنئچات هٿ ڪري ان کي مساڻ بڻايو هو. ان مساڻ
جو مرگهٽ دروازي ڀر سان هو. ڪاٺ ڪفن اندر اڀرندي
ڪنڊ وٽ لوهي ڇپري هيٺ هوندو هو.
اڳتي هلي جڏهن ورهاڱو ٿيو ته چاڪر ڪوٽ هندن جي وڃڻ
بعد وري هڪ دفعو ويران پيو هو، ته جنيد نالي هڪ
مهاجر هتان جي تپيدارن جي مدد سان هيءَ زمين ڪليم
۾ کڻت ڪئي. حالانڪ سرڪاري کاتي ۾ اهي پراڻا آثار
ڏيکاريل آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته
حڪومت 1965ع کان وٺي قلعي واري زمين ڪنهن ٻاهران
آيل کي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن قلعي ۾ ڪڻڪ پئي پوکائي،
ان وقت هن اولهه واري ٻانهين کي ڊهرائڻ جو انتظام
ڪيو هو، ته جيئن ٻارهن مهينن اندر سڄو قلعو ڊاهي
ڇڏي(8). هڪ مقامي ڪڙمي ولي محمد ڪوٽ اندر ڪجهه
عرصو ٻني ٻاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته مٿس سرڪار 50
رپيا ڏنڊ وڌو هو. ان ڪڙميءَ جي بقول هر ڏيڻ مهل هن
کي هيٺان زمين مان ڪيترائي هڏاوان پڃرا هٿ آيا
هئا.
ڏاوت
مير چاڪر جو ڪوٽ 3 22 11.26 اتر
041 68.38 اوڀر ديهه شاهپور ۽ تعلقي شهداد پور ضلع
سانگهڙ ۾ واقع آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت اوڏڪي ڪچي
مٽيءُ جي آهي. ان ۾ ڪٿي به پڪي سر ۽ ديوارن ۾ ڪاٺ
يا لوهه ڪتب نه آندو ويو آيو. هيءُ مستطيل شڪل جو
ڪوٽ اندازاً ساڍن ٽن ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي. ڪوٽ جو
اوڀر ۽ اولهه پاسو اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان ڊگهو آهي.
ڪوٽ جي اڏاوت خاص ڪري گوني ڪُنڊن جي بيهڪ ڏسي ان
جي هشمت ۽ ڪاريگرن جي مهارت جو اندازو ڪري سگهجي
ٿو.
ميرن جي ڀاڄ بعد ڪافي عرصو ڪوٽ ويران حالت ۾ هو.
ان ڪري اندر جهنگ ۾ مرون رهندا هئا، بعد ۾ ڪوٽ جي
کڻت ڪري ان ۾ پوک شروع ڪئي وئي. 1997ع ڌاري ڪوٽ جو
معائنو ڪيو ويو هو ته ڪوٽ اندر 80 سيڪڙو زمين تي
زراعت ٿئي ٿي. باقي 2009ع ۾ وڃڻ ٿيو ته ڪوٽ جي وڏي
حصي ۾ گهر ٺهي ويا، البت ڪوٽ ٻاهران سالن کان پوکي
راهي ٿيندي رهي ٿي. ماڻهن ته هاڻي ڪوٽ جي باقي بچل
برجن ۽ ديوارن کي ڊاهي ان ٽڪري ۾ گهر اڏڻ شروع ڪيا
آهن. ان کانسواءِ ان ڪوٽ جي مٽي، ماڻهو کڻي وڃي
گهرن جي ڀراءَ ۾ ڪتب آڻن ٿا. ڪيترا ڪنڀر به هتان
جي مٽي کڻي ويندا رهيا. بهرحال اها صورتحال رهي ته
ڪجهه عرصي ۾ هن تاريخي ڪوٽ جو سنڌ ۾ ظاهري وجود ئي
نه رهندو.
ديوار
ڪوٽ جي چؤڦير ڪچي مٽيءَ جي هڪ شاهوڙ ديوار ڏنل
هئي. جيڪا هيٺ بنيادن وٽ 20 فوٽ ويڪري هئي، پوءِ
اها آهستي آهستي مٿي هلي 10فوٽن جي ڪشادي فصيل
ٺاهي پئي. ان فصيل کي ٻاهران حفاظت لاءِ 2.6 فوٽ
ٿلهي ۽ 5 فوٽ اوچي ديوار ڏنل هئي. ڪوٽ جي فصيل
ايتري ته موڪري هئي جو ان تي باقاعده گهوڙا گاڏي ۽
ڏاند گاڏي هلي سگهندي هئي. مقامي ماڻهو روايت ڪن
ٿا ته ميرن جا پهريدار باقاعده گهوڙن تي چڙهي
چوڪسي ڪندا هئا. ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار جي سراسري
بلندي 16 فوٽ هئي.
گنباٽ قلعي (چاڪر ڪوٽ) جي اوڀر ۽ اولهه ٻانهي 370
فوٽ ڊگهي هئي، اتر ۽ ڏکڻ ٻانهي 312 فوٽ جي ڊيگهه
ٺاهي ٿي. پنجويهه ٽيهه سال اڳ به ڪوٽ جون ديوارون
ڪافي ثابت بيٺيون هيون. پر مالڪي نه هئڻ ڪري 1997ع
۾ صرف سندس اتر ديوار 156 فوٽ بيٺل نظر اچي ٿي.
جنهن ۾ ٻن برجن جا نشان به ڏسي سگهجن ٿا. 2009ع ان
ديوار ۽ برجن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، صرف هڪ برج جو
ٽڪرو بيٺل آهي. ڪوٽ جي چؤڦير ديوارن ۽ برجن کي
خوبصورتي بخشڻ لاءِ ڪنگريون ڏنل هيون. ڪنگرين جي
ٿولهه 2.6 فوٽ هئي.
برج
ڪوٽ جي
چئن
ڪنڊن تي حفاظت لاءِ چار برج مامور هئا. ان
کانسواءِ ڪوٽ جي اُتر ۽ ڏکڻ ٻانهي ڊگهي هئڻ ڪري
انهن چؤديوارن جي وچ تي ٻه ٻه برج هئا. ساڳي طرح
ڪوٽ جي اتر پاسي تي وچ تي هڪ هڪ برچ بيٺل هو. ائين
چئجي ته چاڪر ڪوٽ جي حفاظت نون (9) برجن پنهنجي
ڪلهي تي کنئي هئي. انهن ۾ ڪنڊن تي چوڪيداري ڏيندڙ
برج قد ۽ بت ۾ ڪجهه قدر وڏا هئا، بنسبت ٻين برجن
جي. ديوارن جي وچ واري برج جو قطر 16 فوٽ بيهي ٿو،
هي برج هيٺان گول هئا، جيڪي آهستي آهستي مٿي سوڙها
ٿيندا پئي ويا. هي برج ايترا ته لسا هئا جو ماڻهو
ڪيتري به ڪوشش ڪري، ان تي چڙهي نه سگهندو هو. البت
برجن تي چڙهڻ لاءِ اندرين پاسي کان ڪچن سرن جون
ڏاڪڻيون هيون. جيڪي ڦيري تي مٿي چڙهنديون وينديون
هيون.
چاڪر ڪوٽ جا اهي مورچا، ديوار کان ٻاهر نڪتل هئا.
ٻاهران انهن جي بلندي 16 فوٽ هئي.
اتي مال چاريندڙ ستر سالن جي هڪ ڌراڙ ٻڌايو ته برج
ايترا ويڪرا هئا جو ان تي ڏهه کٽون رکي سگهبيون
هيون. اسان مال چاريندا هئاسين ته انهن مورچن تي
چڙهي ويندا هئاسين، اتي توبن رکڻ جا نشان به نظر
ايندا هئا پر اتي ڪا توب موجود ڪانه هئي.
بهرحال موجوده وقت ان ڪوٽ جي ٻن برجن جا بوتا ڪجهه
قدر ثابت بيٺا آهن. هڪ اولهه اتر ڪنڊ وارو برج ۽
ٻيو اتر ديوار جي وچ تي هڪ برج جا آثار ظاهر آهن.
اسان جو ڪجهه هفتن بعد وري وڃڻ ٿيو ته اولهه اتر
ڪنڊ واري برج جو ڪافي حصو ڪو همراهه ڪوڏر سان ڪڍي
ويو هو. شايد ڪجهه مهينن بعد ڪوٽ جون هي آخري
نشانيون به نه لڀن.
دروازا
چاڪر ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه دروازا هئا. هڪ مکيه
۽ وڏو دروازو ڪوٽ جي ڏکڻ پاسي کان وچ تي هو. جنهن
جي ويڪر 20 فوٽ هئي. آخري دور ۾ ان دروازي تي ڪنهن
لوهي در به هڻايو هو.
ان کانسواءِ هڪ عام دروازو ڪوٽ جي اتر اوڀر ڪنڊ وٽ
قائم مورچي ڀرسان هو. جنهن مان هاڻي به هڪ ڪچي سڙڪ
ڪوٽ جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿي.
ڪوٽ اندر ٻيون اڏواتون
ڪوٽ اندر ٽالپرن پنهنجي رهائش لاءِ ڪافي جايون
ٺهرايون هيون. جيڪي گهڻو ڪري ڪچي مٽي جون هيون.
مٽي ايڏي ته مضبوط هئي. جو ڪافي سالن تائين سخت
بارش ۽ هوائن جو مقابلو ڪندي رهي. اڄ به انهن
عمارتن جا آثاردڙن جي شڪل ۾ موجود آهن.
ڪوٽ ۾ ڪنڊيءَ جو هڪ وڻ به هو، جنهن جي لاءِ مشهور
آهي ته مير صاحبان ڏوهارين کي ان تي ٽنگي ڦاهي
ڏيندا هئا.
ٽالپرن جي وڃڻ بعد هتان جي هندن ڪوٽ کي سنڀاليو.
هت هندن جو وڏو پيرومل هو. هنن اندر پنهنجي مُڙدن
کي ساڙڻ لاءِ مساڻ ۽ ڪوٺيون ٺهرايون. هڪ ڪوٺيءَ ۾
هندو پاڻ ويهندا هئا ۽ ٻي ۾ مڙدي کي ساڙي ان جي رک
دٻن ۾ محفوظ ڪري رکندا هئا. ڪوٽ اندر هندن جو مندر
به هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب 1960ع ڌاري لکي ٿو: ”مندر
واري عمارت موجود آهي، باقي قلعي جون ديوارون ۽
برج 1950ع تائين موجود هئا.“
هندن هن ڪوٽ اندر وڻ رکرايا. مالهي رکيائون،
بينچون وغيره ٺهرايائون. ان ڪوٽ ۾ هڪ ٻاوو سدائين
موجود هوندو هو. ورهاڱي بعد هيءُ ڪوٽ اُجڙي ويو.
مقامي ماڻهو مساڻ جي ڪوٺين جون سرون ۽ لوهه ڪڍي
ويا. هن وقت به ڪوٽ اندر اتر پاسي تي هندن جي مساڻ
۾ پراڻين جاين ۽ ڪوٺين جا آثار باقي بيٺا آهن.
ڪوٽ اندر هاڻي ڪامل شاهه جي مزار تي اڄ به ماڻهن
جي اچ وڃ آهي. (1997ع) موجودهه وقت ڪامل شاهه
تائين شاهپور چاڪر سان پڪو روڊ اچي ٿو، جيڪو ڪوٽ
کي ختم ڪري ٺاهيو ويو آهي. ڪامل شاهه جي مزار به
وڏي ۽ پختي ڪري جوڙي وئي آهي.
مارا
ڪوٽ جا مارا، ڪوٽ جي حفاظت ۽ حملي آورن کي روڪڻ
لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. مارا نه رڳو ڪوٽ جي دفاع
لاءِ ڪارگر آهن. پرڄڻ ته اهي ڪوٽ جون اکيون آهن.
جنهن جي پويان بيهي پهريدار دشمن جي حملي کي روڪڻ
سان گڏ ان جي چرپر تي به نظر رکي سگهي ٿو. ڪوٽ جي
مارن جي ڊزائين ۽ ساخت ڏسي ماڻهو ان دور ۾ ويڙهه ۾
استعمال ٿيندڙ هٿيارن جي قسمن جو به اندازو ڪري
سگهي ٿو، ته اهو ڪوٽ تير ڪمان ۽ تلوار بازيءَ جي
دور جو آهي. يا بارود جي ايجاد بعد بندوق ۽ توب
واري دور ۾ ٺهيو آهي.
بهرحال چاڪر ڪوٽ جا مارا ڪوٽ جي خوبصورت ڪنگرين
هيٺان وچ تي هئا، جن مان سولائيءَ سان فائر ڪري
سگهبو هو. شاهپور چاڪر جا جهونا ٻڌائين ٿا ته مارن
جا سوراخ ٻاهرين طرف هيٺ زمين طرف لهوارا هئا، اهي
مارا زمانو گذرڻ ڪري پنهنجي اصلي شڪل وڃائي ويٺا
هئا، ان ڪري آخري وقت ۾ گول نظر ايندا هئا، ٿي
سگهي ٿو ته اهي چوڪور يا مستطيل هجن. مارا وقت
گذرڻ ڪري ۽ موسمي اثر ۽ کاڌ ڪري ايترا موڪرا هئا
جو ماڻهو جو منهن ان ۾ داخل ٿي ويندو هو. ديوار جي
بنسبت برجن وارا مارا سوڙها ۽ ننڍڙا هوندا هئا.
اهي به ٻاهرين طرف زمين ڏي لهوارا هئا.
پاڻي
گنباٽ قلعي جي رونق ۽ ماڻهن جي گذر معاش جو ذريعو،
ان جي ڀرسان وهندڙ واهن تي هو. ڪوٽ جي ڏکڻ ۽ اتر
پاسي تي ٽي وڏا واهه- روڻو، عالي ۽ يارو واهه
وهندا هئا، جيڪي داد واهه مان ڦٽي نڪرندا هئا. داد
واهه وري سڪرنڊ وٽان سنڌو درياء منجهان وهي ايندو
هو. هڪ ٻيو واهه علي بحر نالي به هوندو هو، جيڪو
جهوني شهر شاهپور چاڪر کان اوڀر طرف اٽڪل ڏيڍ ميل
جي پنڌ تي يارو واهه مان وهندو هو. اهي سمورا واهه
ڇهه ماهي وهندا هئا. يعني درياء جڏهن چاڙهه
کائيندو هو تڏهن اهي واهه موج مستيءَ ۾ ايندا هئا.
اهي سڀ واهه گهڻو ڪري ڪلهوڙا دور جا هئا. هونءَ به
سنڌ جي زراعت ڪلهوڙا دور ۾ عروج تي هئي. ڪلهوڙن
سڄيءَ سنڌ ۾ نوان واهه کوٽرايا هئا ۽ هنن باقاعده
پوکي راهي تي توجهه ڏنو هو.
ڪوٽ جي آسپاس وسيع ڍنڍون به هونديون هيون جتي پٻڻ،
لوڙهه بِهه وغيره جام ٿيندا هئا. پاڻيءَ جي
گهڻائيءَ ڪري هت مڇي به گهڻي مرندي هئي. ملاحن جا
هت ميلا هوندا هئا. ملاحن جون ڪيتريون مياڻون هت
مشهور هيون. ڪوٽ جي اڀرندي پاسي پڻ هڪ نيرائي ڍنڍ
سان گهيريل هو. جنهن کي ريڻ واهه سيراب ڪندو هو.
انگريز راڄ ۾ گورا ڪامورا پنهنجين ميمن سميت انهن
ڍنڍن تي تفريح ۽ شڪار لاءِ ايندا هئا.
بهرحال 1892ع، 1898ع ۽ 1932ع ۾ نوان وڏا ڪئنال
مٺڙائو، جمڙائو ۽ روهڙي ڪئنال کوٽڻ ڪري، چاڪَر ڪوٽ
جا پراڻا واهه، واهڙ، ڍنڍون ۽ ڍورا به ڀڙا ۽ ڀڙيون
ٿي ويا. (9) قلعي اندر به هڪ کوهه موجود هو، جيڪو
1947ع ۾ لٽايو ويو(10).
ميراڻي دور ۾ شاهپور چاڪر جي آسپاس سارين جو فصل
تمام گهڻو ٿيندو هو. ان کانسواءِ جوئر، ٻاجهر،
مڪائي، وونئڻ ۽ ڪڻڪ جا فصل پوکيا ويندا هئا. واهن
جي آبڪلاڻيءَ ۾ هرلن ۽ نارن جي چاڙهيڪن تي به پوکي
راهي ٿيندي هئي. چوڦير ساوڪ سبزي ڪري ماڻهن وٽ
چوپايو مال به جام هوندو هو.
تختگاهه
ڪلهوڙا دور ۾ شاهپور جي حوالي سان سنڌ ۾ ٻن شهرن
جو ذڪر ملي ٿو. جن کي ڪلهوڙن ڪجهه عرصي لاءِ سنڌ
جو تخت گاهه بنايو هو. ڪلهوڙن پنهنجي حڪمرانيءَ ۾
مختلف وقتن اندر سنڌ ۾ ڪيترائي تخت گاهه ٺهرايا
هئا. جن ۾ ڳاڙهي خدا آباد (اول) مراد آباد، الهه
آباد، شاهه ڳڙهه، شاهپور (اول)، شاهپور (ثاني)،
خدا آباد (ثاني) ۽ حيدرآباد وغيره شامل آهن. انهن
مان ٻن تخت گاهن کي شاهه پور (اول) ۽ شاهه پور
(ثاني) جي نالي سان سڏيو ويو آهي. ’تاريخ ڪلهوڙا‘
۾ آهي ته:
”مراد آباد شهر تباهه ٿي ويو ته ميان غلام شاهه
محمد آباد جي ڀر ۾ هڪ نئون شهر ”الهه آباد“ جي
نالي سان تعمير ڪرايو. پوءِ ان جو نالو بدلائي
”شاهپور“ رکيو ويو. ليڪن هيءُ شهر زيادهه عرصي
تائين مرڪز نه رهيو، ۽ جلد ئي ان کي ترڪ ڪيو ويو.“
(11)
محققن جو خيال آهي ته الهه آباد جو شهر موري جي آس
پاس هو. ان کانسواءِ شاهپور (اول) جو ذڪر ڪتابن ۾
آيو آهي ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ٽيون دفعو سنڌ
جو واڳ ڌڻي ٿيو ته هن نئون شهر وسايو. ان لاءِ
قانع لکيو آهي ته:
”هاڻي جڏهن دشمن خواهه ملڪ جي فتح بابت پوري
دلجاءِ ٿيس تڏهن تاريخ 25 محرم الحرام 1173هه جي
نئين وسايل شهر ’شاهه پور‘ ۾ ڇانوڻي هڻي صاحبزادي
کي متعلقين سميت ساڪره کان پاڻ وٽ گهرايائين، شهر
ڇهه سال سنڌ جو تخت گاهه رهيو.“ ميجر هيگ هن جو
جاءِ وقوع نصرپور ڀرسان ٻڌايو آهي. جنهن سان ٻيا
به ڪافي محقق متفق آهن. هيءُ شهر اڄ به نصرپور
ڀرسان ’شاهپور - درپور‘ نالي سان موجود آهي. (12)
شاهه پور (ثاني)
ميان غلام شاهه جڏهن ڪڇ جي ٻي مهم (1178هه-1746ع)
تي نڪتل هو تڏهن شاهپور (اول) جو شهر اهميت وڃائي
ويٺو هو. ميان صاحب وطن وريو ته نئون شهر آباد ٿي
چڪو هو. علي شير قانع رقم طراز آهي:
” ڪڇ کان موڏي اچڻ تي گهڻي مٽي ۽ واءُ جي ڪري
’پراڻي شاهه پور‘ کان ’نئين شاهه پور‘ لڏي آيا ۽
بادشاهه جي درگاهه مان اڳئين لقب سان گڏ صمصام
الدولہ جو خطاب پڻ عطا ٿيو.“
هيءُ شهر پورا چار سال (1182هه-1768ع تائين سنڌ جو
دارالحڪومت رهيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن شهر
جو وجود پڻ پهريون ’شاهه پور‘ وٽ ٻڌائي ٿو. خدا
داد خان ۽ غلام رسول مهر جو خيال آهي ته ”هيءُ شهر
اڄ به تعلقي سڪرنڊ ۾ ننڍڙي واهڻ جي صورت ۾ موجود
آهي.“(13)
ماهرن شاهپور (اول) ۽ شاهپور (ثاني) جي جاگرافيائي
بيهڪ جي باري ۾ رڳو اندازا ڪيا آهن. انهن وٽ ڪابه
پڪي پختي ثابتي ڪانهي. اڄ به چاڪرڪوٽ جا مقامي
بزرگ وڏي يقين سان اها روايت ٻڌائن ٿا، جيڪا هو به
پنهنجي وڏن کان ٻڌندا آيا آهن ته شاهه پور (اول)
پراڻي، هن چاڪرڪوٽ جي ڀرسان ئي آباد هئي، جتي غلام
شاهه ڪلهوڙو آيو هو پر مٽي ۽ ڌڌڙ ڪري هت وڌيڪ رهي
نه سگهيو هو، ۽ شاهه پور (اول) کي ڇڏي ويو. ان بعد
مير چاڪر ڪافي وقت چاڪرڪوٽ ۽ شاهه پور کي آباد
ڪيون ويٺو رهيو، پر پوءِ هو به انگريزن هٿان شڪست
کائڻ کان پوءِ دلبر داشت ٿي هيءُ شهر پنهنجي
خاندان سميت هميشه لاءِ ڇڏي ويو. چاڪر ڪوٽ ته
مهاجرن جي کڻت جي ور چڙهي ويو. البت شاهپور (اول)
پراڻي، ڀرسان ئي شاهپور (شاهپور چاڪر) پنهنجو نالو
هڪ نه ٻي روپ ۾ برقرار رکيون بيٺو آهي.
هونءَ به ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا جيڪي به تخت گاهه
رهيا آهن، انهن جي ڀرسان سندن مدفن گاهه پڻ آهن.
جيئن ڳاڙهي، خدا آباد، ڊرگهه بالا، محمد آباد، خدا
آباد (ثاني)، حيدرآباد وغيره. ساڳي طرح شاهپور
ڀرسان به مير شهداد خان جا قبا هن شهر کي ڪلهوڙن
جو پراڻو تخت گاهه شاهه پور (اول) هئڻ طرف شڪ پيدا
ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ساڳي وقت هڪ دفاعي ڪوٽ- چاڪر
ڪوٽ جي موجودگي به هن هنڌ کي پراڻو تخت گاهه ثابت
ڪرڻ لاءِ سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو، جنهن تي اڃا تحقيق
جي ضرورت آهي.
شهداد خان جا قبا
چاڪر ڪوٽ کان اتر ۽ اولهه ڪجهه فاصلي تي شاهپور
چاڪر ۽ شهداد پور وستي وسائيندڙ آرامي آهن. سدا
واهه ڪناري ميرن جو هيءُ قديم قبرستان پنجن ايڪڙن
۾ ڦهليل ٿيندو. مقامي ماڻهو ان کي ”شهداد خان جا
قبا“ يا ”ميرن جا قبا“ ڪري سڏين ٿا. آثارن مان لڳي
ٿو ته هن گورستان کي چؤڦير ديوار ڏنل هئي. ڪٿي ڪٿي
اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا. قبرستان ڀرسان به دڙن جي صورت
۾ ڪنهن قديم وستيءَ جا نشان چغلي هڻن ٿا. موجوده
وقت ساري قبرستان کي سم ۽ ڪلر کائي ويو آهي. سار
سنڀال نه هئڻ ڪري مسجدون، مزارون ۽ عمارتون اُجڙي
اچي پٽ پيون آهن. ڳوٺاڻن به باقي بچل سرون ۽ پٿر
کڻي وڃي گهر وسايا آهن. سنڌ جي تاريخ جي هن اهم
باب جي جيڪڏهن ترت سار سنڀال نه لڌي، ته سنڌ جي
تاريخ جي ٻين گم ٿيل گوشن جيان تاريخ جو هيءُ باب
به هميشه لاءِ ميسارجي ختم ٿي ويندو.
(1) مسجد: مير شهداد بن ڄام نندو
قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته قبرستان ڀرسان جي
مجاورن لاشاري فقيرن جا گهر آهن، جن جي وڏن کي مير
صاحبن تيرنهن ايڪڙ زمين به ڏني هئي. مجاورن جي
گهرن ويجهو ڏکڻ ۾ هيءَ مسجد آهي. سنهي سرن واري
هيءَ مسجد تمام زبون حالت ۾ آهي. هن جو رنگ روغن
صفا ختم ٿي چڪو آهي. ٽن گنذن واري هن مسجد جو
وچيون گنبذ وڏو آهي. ان جي ٻاهرين ديوار ختم ٿي
چڪي آهي. مسجد جي اندر مختلف رنگن جي گلڪاري ٿيل
آهي. ونگن مٿان سهڻي دلڪش جاميٽريڪل ڊزائين ٺهيل
آهي. مسجد اندر ويڪري آهي. جنهن ۾ سؤکن ماڻهو نماز
پڙهي سگهن ٿا. مسجد جو محراب تمام خوبصورت
سينگاريل آهي. مسجد جي تعمير ڪلهوڙا دور جي
عمارتسازيءَ جو نادر نمونو آهي. مسجد جي ٻاهرين
دروازي تي مؤذن لاءِ خوبصورت ڇٽيدار چبوترو آهي.
مسجد جي دروازي تي پٿر تي ڪتبو لکيل آهي:
”افضل الذڪر لا الٰہ الا الله محمد رسول الله“
”عرض مير شهداد بن جام ننده فقير تالپر در حضور
رباني عصائم رادو حصه گردان نيم بحسن و حسين نيم
به حيدر“.
مٿئين ڪتبي مان واضح آهي ته هيءَ مسجد مير شهداد
بن ڄام نندي جي ٺهرايل آهي. البت ان تي تعمير جو
سال لکيل نه آهي. تاريخن ۾ مير شهداد جي وفات سال
1210 هجريءَ ۾ ڄاڻايل آهي. ان ڪري لڳي ٿو ته هيءَ
مسجد ان کان اڳ جي ٺهيل آهي.
مير شهداد خان جي قبر
مير شهداد خان جي قبر سندس ٺهرايل مسجد جي پويان
اولهه ۾ آهي. چوڪنڊي طرز جي هيءَ قبر چار فوٽ بلند
ٿلهي تي آهي. مسجد جي لڳ هن اڪيلي قبر جي چؤڦير
شايد ديوار به ڏنل هئي. هاڻي به ان جا نشان ظاهر
آهن. بلند ۽ وسيع ٿلهي جي چوگرد پٿرن جا سهڻا گل
نقش ٿيل آهن. ان قبر واري ٿلهي جي ٽئين طبقي تي
تعوين لکيل آهي. قبر جي پيرانديءَ کان پارسيءَ ۾
هيءُ ڪتبو آهي:
”هو الغفور اين تربت مرحوم مير شهداد فقير تالپر
بن ڄام ننده فقير تالپر تاريخ نوزدهم سن 1210هه
رمضان وفات يافت“
مزار جي تعوين جي ٻنهي پاسن تي تمام نفيس ۽
خوشخطيءَ ۾ مٿان قرآن ڪريم جي آيت ”تبارڪ الذي“
پٿر تي اڪريل آهي. مير شهداد جي تربت جي مٿي کان
هي اکر لکيل آهن: الحي القيوم، افضل الذڪر لااِلٰہ
الا الله محمد رسول الله، يا محمد، يا محمد، يا
محمد سلام قول من رب رحيم“.
مير نصير محمد ڄام نندي جي قبر
مير شهداد خان جي قبر کان چند قدمن تي سندس پيءُ
مير نصير محمد ڄام نندي جي قبر آهي. هي پڻ پيلي
پٿر
Sand Stone))
جي چوڪنڊي طرز جي نقش نگارن واري آهي. هيءَ ٽي فوٽ
پڪي ٿلهي تي جڙيل آهي. تربت جي تعوين تي سهڻي
انداز ۾ ”آيت الڪرسي“ ۽ ”قل هو الله“ چٽيل آهي.
قبر جي اوڀر ۾ هيءُ ڪتبو تحرير ٿيل آهي:
”ميان نصير محمد ڄام ننده بن فيروز فقير تالپر“
مائي حوا بنت مير چاڪر جي مزار
ڄام نندي واري ٿلهي تي ئي ڀرسان اولهه پاسي هڪ
عورت جي قبر آهي. چوڪنڊي طرز تي تعمير ٿيل ان قبر
تي اوڀر پاسي هيءُ ڪتبو تحرير ٿيل آهي:
”ميان نصير محمد مائي حوا بنت مير چاڪر فقير
تالپر.“ مائي حوا جي قبر جي اولهه پاسي هڪ قبر تي
هيءُ ڪتبو نقش ٿيل آهي، هيءَ مزار مير صاحب جي
ڪنهن ديري جي آهي:
”ناد علياً مظهر العجائب تجده ڪو نا لک
في التوائب يا محمد ويو لايتک يا علي
يا علي کل هم و غم سينجلي بنوڪ محمد يا علي برحمتڪ
يا ارحم راحمين.“
ڄام نندي واري مسجد
مير نصير ڄام ننده جي مزار جي سامهون اترئين طرف
هڪ وڏي مسجد جڙيل آهي. هيءَ مسجد مير صاحب جي ڀيڻ،
پنهنجي ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ ٺهرائي. مسجد جي مکيه
دروازي تي پٿر تي هيءُ ڪتبو لکيل آهي:
افضل الذڪر لا الٰہ الا الله محمد رسول الله.
محمد نصير ڄام ننده فقير بن ڄام فيروز قوم تالپر
بتاريخ بيت وششم ماهه رمضان 1217هه جو وفات يافث.
ان وسيع مسجد جي ديوارين تي سهڻن رنگن سان نقش
چٽيل آهن. محراب جي ٻنهي طرفن تي امامن سڳورن جي
روضن جون تصويرون ٺهيل آهن. پارسيءَ ۾ ڪجهه
عبارتون لکيل آهن، مسجد جي ٻاهرين ديوار ۽ دروازو
ختم ٿي چڪا آهن. البت مکيه دروازي مٿان هڪ گول
گنبذ آهي.
تڳئي فقير جي تربت
ان مسجد جي اوڀر پاسي چند سؤ فوٽن تي هڪ چبوتري
اندر تڳئي فقير جي قبر آهي. چبوتري ۾ ننڍيون ۽
سنهيون سرون استعمال ٿيل آهن. ان چبوتري اندر هڪ
ٻي قبر سندس ڪنهن مريد جي آهي. تڳيو فقير ذات جو
مگسي هو. مير سندس معتقد هئا.
عبد الله شاهه شهيد جو چبوترو
قبرستان جي اتر پاسي تي هڪ چبوتري ۾ سيد عبدالله
شاهه جي قبر آهي. تربت جي تعوين تي آيت الڪرسي
لکيل آهي. عبد الله شاهه وڏو عالم هو. مير صاحبن
جي ساڻس عقيدت هئي. هن جي شهادت بعد مير صاحب
پنهنجي خاندان سميت هت زيارت تي ايندا هئا. هاڻي
به زيارتي اچن ٿا.
ٿلهي تي بغير ڪتبي مزار
عبد الله شاهه جي چبوتري جي اوڀر ۾ ست فوٽ بلند
ٿلهي تي چوڪنڊي طرز جي هڪ مزار آهي. هن تي آيت
الڪرسي لکيل آهي. ٿلهي تي چوڌاري ٻارهن ٿنڀن تي
قبو بيٺل آهي. هيءَ مزار بغير ڪتبي جي آهي.
مراد فقير
قبرستان جي اترين طرف پٿرن چار جون ٺهيل مزارون
آهن. جن مان اوڀر طرف ٽين نمبر تي آيت الڪرسي نقش
ٿيل آهي، چوٿين مزار جي تعوين تي اندران ڏکڻ پاسي
هيءُ ڪبتو لکيل آهي:
افضل الذڪر لا الٰہ الا الله محمد رسول الله.
وفات مراد فقير قوم بلوچ لکاري في التاريخ 19- شهر
رجب سنه 1102 هه“
شهيد ٿيل مسجد
مير نصير محمد ڄام نندي واري مسجد جي اتر- اولهه
ڏيڍ سؤ فوٽن تي هڪ شهيد ٿيل مسجد آهي. مسجد جو
وچيون وڏو گنبذ شهيدچڪو آهي. مسجد جي اولهه ۾ هڪ
مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. مسجد سنهين سرن جي ٺهيل
آهي. هيءَ مسجد بلڪل شهيد ٿي چڪي آهي. ڄڻ هڪ سرن
جو باقي بوتو وڃي بچيو آهي. مسجد جي پويان اولهه ۾
ٽن قبن نما چبوترا آهي. پهرين چبوتري ۾ هڪ قبر
آهي. جنهن جي تعوين تي آيت الڪرسي اُڪريل آهي. ٻئي
چبوتري هيٺان ٻه مزارون آهن. ٻن تي نقاشيءَ جو
نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي. اهي سڀ مزارون ڪتبن کان
خالي آهن.
ميان نصير محمد مير شهداد خان جي قبر
ٽين چبوتري ۾ ٽي قبرون ٻن طبقن واري ٿلهي تي آهن.
جن کي ٻاهران چوڌاري پڪين سرن جي ديوار آهي.
ٻاهرين اوڀر پاسي واري خوبصورت دروازي تي هي اکر
لکيل آهن:
”ميان نصير محمد مير شهداد خان ولد خان تنگ تالپر
بلوچ فقير ومال کرده ماه رجب سنه 1147هه“.
اها خوبصورت ٿنڀن مٿان هڪ ڇٽي رکيل، جنهن جو اڇو
گول گنبذ اڄ به جاذب نظر اچي ٿو، جنهن تي سهڻي نيل
بيٺي آهي. اها مزار وڏي مير شهداد خان جي آهي. چون
ٿا ته شهدادپور انهيءَ مير صاحب جو ٻڌايل آهي.
ساڳي ديوار اندر ٿلهي تي باقي ٻيون مزارون سڀ ديره
جات جون آهن، جن مٿان به ڇٽيون جڙيل آهن. ٿلهي کي
چوگرد سهڻو پٿر جو ڪٽهڙو آهي ۽ مٿس ڄاريدار پڃرو
جوڙيل آهي. مير شهداد جي قبر مٿان اهو گنبذ آهي.
جنهن جي بعد ۾ مرمت ٿيل نظر اچي ٿي.
مير شهداد خان جي ڇٽيءَ جي اوڀر ۾ ٻه ڇٽيون زبون ۽
ڪريل حالت ۾ آهن. جن جا گنبذ ڊهي چڪا آهن. البت
سندن ٿنڀا سالم بيٺا آهن. ٻنهي ڇٽين هيٺان ٻه
قبرون آهن. جن تي ڪو به ڪتبو ڪو نه آهي. ان تي
قرآني آيات لکيل آهن.
ميان نصير محمد مير فتح علي جي قبر
انهن چبوترن جي ڏکڻ ۾ هڪ زبون حالت ۾ پٿريلو
چبوترو آهي، جنهن جي چؤڦير ٻاهران ديوار ڏنل هئي.
هاڻي صرف دروازو باقي رهيو. ان دروازي مٿان هيءُ
ڪتبو آهي:
ميان نصير محمد مير فتح علي ولد هوتک تالپر قوم
بلوچ فقير بقاشد بتاريخ 7- صفر سنه 1101هه.
ان ٿلهي تي چبوتري هيٺان ٽي قبرون آهن جن مان
اڀرندي ٻه گڏ قبرون آهن.
الڳ ٽي چوڪنڊيون قبرون
اهي چبوترن ۽ قبن جي پويان اتر طرف کان مير صاحبن
جي خاص ماڻهن مان سپاهه، امير ۽ وزير دفن آهن. اهي
مزارون تمام گهڻي تعداد ۾ آهن ۽ سڀ پڪين ننڍين
سِرن جون ٺهيل آهن. (14)
حوالا
(1) مهر، غلام رسول. ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا“ دؤر“ سنڌي
ادبي بورڊ 1964ع ص، 16
(2) ڏسو حوالو-1، ص 833
(3) ڏسو حوالو-1، ص 837
(4) ڏسو حوالو-1، ص 557
(5) لکنو، تيجڪمار- (مرتب): لغات ڪشوري. (بحوالو
ماستر لکمير ڏاهري: ”شاهپور چاڪر“) (قلمي)
(6) بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”رهاڻ هيرڻ کاڻ“، (جلد
اٺون) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڄام
شورو، 2008ع، ص 13.
(7) مولائي شيدائي رحيمداد خان: ”جنت السنڌ.“
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي. 2000ع ص 483
(8) ڏسو حوالو-6
(9) ڏاهري لکميرماستر”شاهپور چاڪر“ (قلمي)
(10) ڏسو حوالو-1.
(11) ڏسو حوالو-1، ص 975
(12) انصاري اشتياق: ”ميان غلام شاهه ڪلهوڙو“
عباسي ڪلهوڙا اتحاد حيدرآباد 2002ع ص 101
(13) ڏسو حوالو- 9 ص 102
(14)
قريشي حامد علي خانائي: ”شاهپور چاڪر ۾ ٽالپرن جا
قبا“ ٽه ماهي مهراڻ 1-1976ع سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو.
بشير
نوناري
تحقيق
ورهاڱي کان اڳ جو سنڌي افسانو
سنڌيءَ ۾ پهرين نثري آکاڻي جا ڇاپي هيٺ آئي سا هئي
مشهور لوڪ ڪهاڻي تي ٻڌل، ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ
جي،“ جنهن جو لکندڙ هو منشي اڌارام ٿانورداس. اها
آکاڻي ڪيپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر (1849ع) ۾
ضميمي طور ڏنل هئي جيڪا ديوناگري لپيءَ ۾ شائو ٿي
هئي ڇو جو عربي لپي تيار ئي 1853ع ۾ ٿي.(1)
ميمڻ رانجهن خان پنهنجي ڪتاب ”سنڌي افسانو (آزادي
کان اڳ) جي صفحي نمبر 8 تي لکي ٿو ته ”سنڌيءَ ۾
پهرين آکاڻي جا ڇاپي هيٺ آئي سا هئي ”آکاڻي راءِ
ڏيارچ جي“، جنهنجو ليکڪ منشي اڌارام ٿانورداس مير
چنداڻي هئو. اها آکاڻي ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي
گرامر ۽ ديوناگري رسم الخط ۾ موجود آهي، جيٽو
1853ع ۾ ڇپيو هئو. (2)
پروفيسر موهن لعل پنهنجي ڪتاب ”ادبي گل“ جي صفحي
نمبر 56-57 تي لکي ٿو ته منشي اڌارام ٿانورداس مير
چنداڻيءَ جي لکيل ”آکاڻي راءِ ڏياچ“ هيءَ آکاڻي
ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي سنڌي گرامر ۽ ديوناگري خط ۾
موجود هئي، جيڪو 1853ع ۾ ڇپيو هو.(3)
ميمڻ رانجهن خان ۽ پروفيسر موهن لعل، ان آکاڻيءَ
جي ڇپجڻ جو سال 1853ع لکيو آهي. وري ان کان اڳ لکن
ٿا ته اها آکاڻي ديوناگري رسم الخط ۾ موجود آهي.
مان سمجهان ٿو ته ميمڻ رانجهن خان ۽ پروفيسر موهن
لعل کان اها غلطي ٿي جو انهن 1853ع ۾، جيڪا عربي
رسم الخط تيار ٿي، ته هنن وري ان ڪتاب ڇپجڻ وارو
سال 1853ع لکيو آهي جڏهن ته اها آکاڻي ديوناگري
لپيءَ ۾ 1849ع ۾ ڇپي هئي جنهن جي وضاحت منگهارام
ملڪاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهي. اهڙي راءِ
ته سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڪهاڻيڪار عبدالحق عالماڻي
به ڏئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ منشي اڌارام ٿانورداس
مير چنداڻيءَ جون اوائلي آکاڻيون ”راءِ ڏياج“ ۽
”شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه“ به قابلِ ذڪر آهن. جن مان
پوئين آکاڻي اصلي ناگري زبان ۾ لکيل هئي. منشي
صاحب جون اهي آکاڻيون ”ڪئپٽن اسٽئڪ“ جي سنڌي گرامر
۾ درج ٿيل آهن. جيڪو 1853ع ڌاري ڇپيو.(4)
اهڙي تصديق سنڌيءَ جو عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار
گوبند مالهي ۽ ڪلاريجهسنگهاڻي پنهنجي ترتيب ڏنل
ڪتاب ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ ۾ هنن لفظن ۾ ڪن ٿا.
”سنڌيءَ ۾ پهرين نثر جي ڪهاڻي جا لکڻ ۾ آئي سا هئي
راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي ڪهاڻي جنهن جو ليکڪ منشي
اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي هئو. منشي صاحب سنڌي
نثر جي مکيه پايه وجهندڙن مان هڪ هو. هيءَ ڪهاڻي
ڪئپٽن اسٽئڪ جي گرامر ۾ ضميمي طور ڏنل آهي جو ڪتاب
ديوناگري لپيءَ ۾ 1849ع ۾ ڇپيو. آکاڻيءَ جي مکيه
خاصيت آهي ته اها ٺيٺ سنڌيءَ ۾ لکيل آهي. انگريزن
جي سنڌ فتح ڪرڻ کان جلد ئي پوءِ 1853ع ۾ عربي
آئيوٽيا سنڌي ٻوليءَ لاءِ مقرر ٿي.(5)
1853ع ۾ عربي آئيوٽيا ٺهڻ سان سنڌي نثر لکڻ توڙي
ڇپائڻ کي وڏي هٿي ملي ۽ اوائلي ڪتاب جيڪي نئين
لپيءَ ۾ نڪتا سي قصا ڳالهين جي روپ صورت ۾ هئا. جن
۾ ساديون سوديون ڳوٺاڻيون يا گهرو ڪهاڻيون بيان
ڪيل هونديون هيون ۽ منجهائن اخلاقي نصيحتن نڪتا تي
زور ڏنو ويندو هئو. ان ڏانءَ جي پهرين ڪهاڻي ”ڀنڀي
زميندان جي ڳالهه“ غلام حسين قريشيءَ جي لکيل هئي،
(1854ع) جا پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي تان ورتل
هئي. تنهن کان پوءِ سيد ميران محمد شاهه (اول)
”سڌا توري ۽ ڪڌا توڙي جي ڳالهه“ (1855ع) ساڳي پنڊت
بنسي ڌر جي هندي قصي ”ڪيڌي سيڌي“ تان سنڌيءَ ۾
الٽو ڪئي جا ”مهراڻ“ مخزن (1959- 1) ۾ ڇپي هئي.(6)
ميمڻ رانجهن خان پنهنجي ڪتاب ” سنڌي افسانو
(آزاديءَ کان اڳ) جي صفحي نمبر 10 تي لکي ٿو: ”ڪن
عالمن ۽ ڄاڻن جو خيال آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون
افسانو سيد ميران محمد شاهه اول، مٽيارين واري
لکيو، جو هنديءَ ۾ ڪرشنا دتا جي لکيل آکاڻيءَ
”سودي ڪبودي“ جو سنڌي ۾ ترجمو، ”سڌا توري ۽ ڪڌا
توري جي ڳالهه “ جي عنوان سان شائع ٿيو“.(7)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي
مختصر تاريخ“ جي صفحي نمبر 145 تي ”سڌا توري ۽ ڪڌا
توري جي ڳالهه“ کي پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي
”سبودي ڪبودي“ تان ترجمو ٿيل ڏيکاري آهي. (8)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب
جو تاريخي جائزو“ جي صفحي نمبر 119 تي لکي ٿو ته،
”سنڌي زبان ۾ پهرين ڪهاڻي غلام حسين قريشيءَ جي
لکيل ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ آهي جيڪا 1854ع ۾
ڪتابي صورت ۾ ڇپي. ان قسم جون ٻيون ڪهاڻيون آهن.
سيد محمد شاهه اول جي ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي
ڳالهه“ (1855ع) ۽ ”مفيد الصبيان“ (1861ع). (9)
اڪبر لغاري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“
جي صفحي نمبر 67 تي لکي ٿو ته ”1851ع ۾ سورٺ راءِ
ڏياچ، شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي
ڳالهه وغيره جي نالي سان ڪهاڻيون لکيون ويون، انهن
ڪهاڻين کي اسان باقاعدي افسانو نه ٿا چئي سگهون ڇو
ته اهي افساني جي فني سٽاءَ کان ڪافي وانجهيل
هيون.“ (10)
محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ”چار مقالا“ جي
صفحي نمبر 62 تي لکي ٿوته ”اڄ کان تقريبا هڪ صدي
اڳ ۾ سنڌي نثر ۾ ڪهاڻين لکڻ جو رواج پيو، راءِ
ڏياچ ۽ سورٺ، شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه، ڀنڀي زميندار
جي ڳالهه، سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو ۽ ٻيون به ڪي
ڪهاڻيون 1851ع ڌاري لکيون ويون.“ (11)
پروفيسر موهن لعل پريمي پنهنجي ڪتاب ”ادبي گل“ جي
صفحي نمبر 57 تي لکي ٿو ته، ڪن عالمن ۽ محققن جي
خيال ۾ ميران محمد شاهه اول (مٽياري واري) پهريون
افسانو لکيو. هن هندي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪرشنا دتا جي
آکاڻي ”سبودي ڪبودي“ جو ترجمو ”سڌا توري ۽ ڪڌا
توري جي ڳالهه“ جي عنوان سان ڪيو.“ (12)
مان ڪجهه ڪتابن ۽ مقالن جا حوالا ڏنا آهن، انهن ۾
هيٺيون شيون تحقيق طلب آهن.
1- ميران محمد شاهه اول جي ”سڌا توري ۽ ڪڌا توري
جي ڳالهه“ واري آکاڻي، جنهن کي منگهارام ملڪاڻيءَ
پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي ”ڪيڌي سيڌي“ تان ترجمو
ڪيل ڄاڻائي آهي.
2- ميمڻ رانجهن خان ۽ پروفيسر موهن لعل پريميءَ
”سڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ واري آکاڻيءَ کي
ڪرشنا دتا جي لکيل هندي قصي ”سبودي ڪبودي“ تان
ترجمو ڪيل لکي آهي.
3- ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ”سڌا ۽ ڪڌا توري واري
ڳالهه“ واري آکاڻيءَ کي پنڊت بنسي ڌر جي هندي قصي
”سبودي ڪبودي“ تان ترجمو ٿيل لکي آهي.
4- ڪيترن ليکڪن ميران محمد شاهه اول جي ”سڌا توري
۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ کي ترجمو ٿيل آکاڻي ڪري ڪونه
لکي آهي. جنهن ڪري پڙهندڙ سمجهي ٿو ته اها ڄڻ
ميران محمد شاهه (اول) جي طبعزاد آهي. پر جيڪڏهن
اسان لفظ ”ترجمو“ ڪڍي ڇڏينداسين ته پوءِ ايندڙ
ڪتابن ۾ لکندڙ/ پڙهندڙ/ محقق طبعزاد ڪري پڙهندا ۽
لکندا. جيئن ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ محمد
اسماعيل عرساڻيءَ ان آکاڻي ”سُڌا توري ۽ ڪُڌا توري
جي ڳالهه“ کي پنهنجن ڪتابن ۾ ترجمو ٿيل آکاڻي ڪري
ڪونه لکيو آهي. جڏهن ته اها اصل ۾ ترجمو ٿيل آکاڻي
آهي. جنهن جو ترجمي نگار ميران محمد شاهه (اول)
مٽياري وارو آهي.
هاڻي اچون ٿا ان سوال ڏانهن ته ”سُڌا توري ۽ ڪُڌا
توري جي ڳالهه“ جو اصل تخليق ڪار ڪير آهي؟ ان سوال
جو جواب ڏيڻ لاءِ مان ٽماهي ”مهراڻ“ جو پرچو 1-
1959ع اٿلايان ٿو، جنهن جي صفحي نمبر 193 تي،
”سُڌا توري ۽ ڪُڌا توري جي ڳالهه“ (سنڌ جو بنيادي
ادب) جي موضوع تي غلام محمد گراميءَ جو ليک آهي،
جنهن جي پڙهڻ سان ان سوال جو جواب ملي وڃي ٿو ته
”سُڌا توري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه“ جو اصل تخليق ڪار
”مني ڌر“ آهي. اصل قصو هنديءَ ۾ لکيل آهي. جنهن
کانپوءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ، ميمڻ رانجهن
خان، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ پروفيسر موهن لعل
”پريمي“ جا رايا رد ٿي وڃن ٿا. (13)
1890ع ۾ مرزا قليچ بيگ، مشهور
Lamb`s Tales From Shakespeare
جو ترجمو ”دلپسند قصا“ نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايو
هو. (14)
ساهتيه اڪاديمي نئين دهلي انڊيا پاران ڇپيل ڪتاب
”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ جي صفحي نمبر 11 ڄاڻايو ويو
آهي ته ”دلپسند قصا“ مشهور ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو
آهي.(15)
ڊاڪٽر نور افروز خواجه (پنهنجي پي. ايڇ. ڊي جي
مقالي) ماهوار نئين زندگي (نومبر 97ع ) جي صفحي
نمبر 29 تي ”دلپسند قصا“ آکاڻين واري ڪتاب کي مرزا
قليچ بيگ جو ڪري لکيو آهي.(16)
محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي ڪتاب ” چار مقالا“ جي
صفحي نمبر 62، 63 تي لکي ٿو ته ”ڪهاڻين جا مجموعا
شايع ٿيڻ لڳا. ميران محمد شاهه جو ”مفيد الصبيان“
مرزا قليچ بيگ جو ”دلپسند قصا“ ۽ ديوان ڪيولرام جا
”سوکڙي“ ۽ ”گل“ ان سلسلي جون ڪڙيون آهن. (17)
مان جيڪي حوالا مختلف ڪتابن تان ڏنا آهن انهن ۾
ليکڪن پنهنجن ڪتابن ۾ مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب
”دلپسند قصا“ کي اهڙي نموني لکيو آهي جو پڙهندڙ
سمجهندو ته ڄڻ اهو ڪتاب مرزا قليچ بيگ جو طبعزاد
آهي پر اصل ۾ اهو ترجمو ٿيل آهي. جنهن جي وضاحت
اسان منگهارام ملڪاڻيءَ جي ڪتاب تان حوالو کڻي ڪري
ڪئي آهي. پر جيئن ته مان اڳ ۾ به ذڪر ڪري آيو
آهيان ته لکندڙ/ محقق کي گهرجي ته ڪجهه ته پتوڙ
ڪري. توڙي جو منهنجي به ڪوشش اڃان اڻپوري آهي.
مڪمل تڏهن ٿئي ها جو مان پنهنجين اکين سان
Lamb`s Tales From Shakespeare
ڏسان ها، جنهن ڪتاب تان مرزا قليچ بيگ ”دلپسند
قصا“ ترجمو ڪيو هو. پر جيڪو حال، پريان نال
وانگي“، اهو ٿورو ڪي گهڻو توهان اڳيان حاضر آهي.
(راقم)
هاڻي اچون ٿا سنڌي افسانن ڏانهن، جن جي چيچ پڪڙي
ان دور جا افسانا نگار، جديد افساني واري واٽ تي
وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. مان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان
ته، ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي“ (1849ع) ”ڀنڀي
زميندار جي ڳالهه“ (1854ع) ۽ سُڌا توري ۽ ڪُڌا
توري جي ڳالهه“ (1855ع) مفيد الصبيان“ (1861ع) ۽
”دلپسند قصا“ (1890ع) وارين آکاڻين کانپوءِ جنهن
اديب جو ذڪر اچي ٿو، اهو ديوان ڪوڙو مل چندن مل
آهي. جنهن 1891ع ۾ سنڌيءَ ۾ پهريون اصلوڪيون
”ٻاراڻيون آکاڻيون“ لکيون. (هن ليکڪ لاءِ منگهارام
ملڪاڻي صاحب، محمد اسماعيل عرساڻيءَ، اڪبر
لغاريءَ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر نور
افروز خواجه (پي. ايڇ. ڊي مقالي) پنهنجن پنهنجن
ڪتابن ۾ لکيو آهي ته سنڌي افساني جو پهريون
باقاعدي ليکڪ آهي. اچو ته ڪوڙي مل صاحب جي
”ٻاراڻيون آکاڻيون“ ڪتاب مان آکاڻي کڻڻ جو ڍنگ
ڏسون.
هڪڙو هو جهنگ، انهيءَ جهنگ ۾ هيون ٻه هرڻيون. هڪڙي
هئي وڏي ٻي هئي ننڍڙي. وڏي هرڻي هئي ننڍڙي هرڻيءَ
جي ماءُ هڪڙي ڏينهن اُڀَ ۾ گهاٽا ڪڪر ٿيا ۽ واءُ
لڳو. وڏي هرڻي چيو ننڍڙيءَ کي، اڄ مان جهنگ کان
ٻاهر ڪين وينديس. اڄ ڏينهن آهي ٿڌو سو ماڻهو
بندقون کڻي ايندا شڪار ڪرڻ ۽ هرڻي ڏسندا ته بندوق
هڻي ماري وجهندا. تون به اڄ ٻاهر متان نڪرين!“ پر
ننڍڙي هرڻي ماءُ جو چيو ڪين ڪيو.“ (18)
ان کانپوءِ جنهن اديب جو نانءُ اچي ٿو اهو پرمانند
آهي. پرمانند ميوارام جا ” دل بهار“ (1912ع) جا
چار ڀاڱا، جن ۾ ”جوت“ مان ڪٺيون ڪري ڇپايل مزيدار
۽ وندرائيندڙ ۽ نصيحت ڀريون آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا پڙهي،
کلي کيرا ٿي پوندا هئاسين. ”دل بهار“ (ڀاڱو1) جي
هڪ کلائيندڙ آکاڻيءَ مان هيٺيون ٽڪروڏجي ٿو. ”ڪي
زال مرد پاڻ ۾ ٺهندا ئي ڪين هئا. ”چانڊيا مگسيا“
هوندا هئا. مرد ڌاري ڪتو زال ڌاري ٻلي. وري عجب
ڪهڙو جو ٻلي ڪتو به پاڻ ۾ ڪونه ٺهڻ! ٻارهوئي چٽا
ڀيٽي لڳي پئي هوندي هين. هڪڙي ڀيري رات جو ڏاڍو
اچي مِينهن ڇٽڪيو. ڪتو ويڙهجي سيڙهجي ٻاهر ڍير تي
پئجي رهيو هو، سو پُسي ڀت ٿي پيو. باقي ٻلي سا مزن
۾ هئي. چلهه وٽ ڪوسي ستي پئي هئي. ڪنهن مهل جاڳي
ته ڇا ڏسي ته ڪتو ٻاهر پيو آهي. تڏهن مسخري ڪري
چوڻ لڳس:
مينهن وُٺو، ڪتو مٺو، ٿيڙس برو حال،
آنءُ ٿي مزا ماڻيان، جيئن راجا سنڌي زال“.
پرمانند صاحب ڏيتي ليتيءَ جي ٻرندڙ مسئلي تي پهرين
اصلي آکاڻي ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو“ به لکي هئي ۽ تنهن
کان گهڻو پوءِ هڪ پنگتي آکاڻي ”هيري جي مُنڊي“
(1934ع) خطن جي صورت ۾ پنهنجي سلوڻيءَ ۽ موزون
سنڌيءَ ۾ لکيائين. (19)
ان کانپوءِ نانڪ رام ڌرمداس به معاشرتي ۽ اخلاقي
افسانا ”ڌرم راءِ جي وهي“ ۽ ”جيوت جو جس“ (1915ع)
۾ لکيا هئا.(20)
ان کانپوءِ جنهن اديب جو نانءُ اچي ٿو اهو آهي
لالچند امر ڏنو مل. هن جو ”ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ هڪ
دردناڪ ۽ دل ڀڄائيندڙ افسانو آهي. جنهن ۾ سنڌي
گهروزندگيءَ جو هڪ خاڪو آهي. سندس ٻيا مشهور
افسانا ”ڏکن ڏڌي زندگي“ ۽ ننڍڙي نينا“ آهن. هن جو
پلاٽ به ساڳين مسئلن تي ٻڌل آهي. (21) پر لالچند
امر ڏني مل جي جديد ٽيڪنيڪ جي لحاظ سان پهرين
مختصر ڪهاڻي ”حُرَ مکيءَ جا“ آهي، جيڪا هُن 1914ع
۾ لکي. (22)
لالچند امر ڏني مل جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”حُر مکيءَ جا“
پهرين ”سنڌ ڪاليج مسلني“ ۾ ڇپي هئي. هيءَ تاريخي
کوجنا واري آکاڻي هئي. جنهن ۾ جهونن سنڌي مسلمانن
جي پنگتي حالتن جون ڪافي جهلڪيون هيون.(23)
لالچند پنهنجي افسانن ۾ گهرو زندگيءَ جي مسئلن،
عورتن جي بيوسي ۽ سندن تڪليفن، گڏيل ڪٽنب جي
مسئلن، زوري شاديءَ ۽ سنڌي سماج جي ٻين مسئلن، غلط
ريتن رسمن ۽ رواجن مان خراب نتيجا نڪرڻ وغيرهه کي
خاص طور تي پيش ڪيو آهي. انهيءَ کان علاوه هن
افساني جي ذريعي سنڌي اديبن ۽ سنڌي عوام ۾ شعور
پيدا ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.(24)
مرزا قليچ بيگ جو افسانو ”شريف بيگم“ (1914ع) جو
ذڪر به ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي (سنڌي ادب جي
مختصر تاريخ) ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا (چونڊ سنڌي
افسانا) ۽ ميمڻ رانجهن خان (سنڌي افسانو- آزادي
کان اڳ) پنهنجن پنهنجن ڪتابن ۾ ڪيو آهي پر حيران
آهيان ته پروفيسر منگهارام ملڪاڻي صاحب پنهنجي
ڪتاب سنڌي ”نثر جي تاريخ“ (ڇاپو ٻيو 1977ع ۽ ڇاپو
ٽيون 1993ع) ۾ الائي ڇو مرزا قليچ بيگ جي افساني
”شريف بيگم“ جو ذڪر نه ڪيو آهي، توڙي جو اهو نثر
جي تاريخ تي بهترين اوائلي ڪتابن مان هڪ آهي. اچو
ته مرزا قليچ بيگ جي افساني ”شريف بيگم“ جو دروازو
کولي جهاتي پائي ڏسون ته ڪهاڻي اسان کي ڇا ٿي
ٻڌائي؟
1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو هڪڙو افسانو ”شريف بيگم“
جي عنوان سان شايع ٿيو. ان کي اسين جيڪڏهن موجوده
افساني جو پيش خيمو چئون ته بجا آهي.جيتوڻيڪ هن
افساني جو مضمون سماج جي اصلاح آهي، پر ان جي سٽاء
موجوده افساني کان ٻي طرز جي نه آهي. هن افساني ۾
مرزا صاحب جو مرڪزي ڪردار پنهنجي عمل سان ثابت ٿو
ڪري ته انسان پنهنجي همت سان آهستي آهستي پنهنجي
مقصد ۽ منزل تائين پهچي سگهي ٿو. ميان محمد امين،
جنهن پنهنجي زندگي تڪليف ۽ مصيبت ۾ پئي گذاري ۽
کيس مفلسي وڪوڙي وئي هئي، تنهن پنهنجي ڌنڌي، اخبار
نويسيءَ تي، مڪمل اعتبار ٿي رکيو. جيتوڻيڪ هن کي
پنهنجي ڪم ۾ ڪا به ترقي نظر نه ٿي آئي، ۽ سندس گهر
واري پڻ سندس انهيءَ وقت وڃائڻ تي ناراض هوندي هئي
پر هو پنهنجي مقصد کي ماڻڻ لاءِ ايڏو ته اٽل ٿي
بيٺو جو باوجود مالي ۽ ذهني تڪليفن جي، پنهنجي
ارادي تي قائم رهيو. ان بعد افسانه نگار هن جي گهر
جي حالت بيان ڪري ٿو، جنهن مان اسان کي سڄي ماحول
جي خبر پئجي وڃي ٿي.
هڪ ڪامياب افساني نگار جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته
هُو افساني جي هر هڪ نڪتي کي ظاهر ڪري، جيئن
پڙهندڙ هر حقيقت کان واقف ٿئي. مرزا صاحب هڪ
افساني نويس جي حيثيت ۾، اسان کي افساني جي هر هڪ
نڪتي کان واقف ڪندو ٿو وڃي. انهيءَ زماني ۾ پهرين
مهاڀاري لڙائي لڳي ٿي. حڪومت کي پروپئگنڊا لاءِ هڪ
اهڙي اخبار نويس جي ضرورت پئي، جو وقت جي ضرورتن
موجب، عوام جي دلين ۾ جنگ جي حالتن بابت دشمنن جي
لاءِ نفرت جو جذبو پيدا ڪري سگهي. ان لاءِ ميان
محمد امين کي چونڊيو ويو. جنگ جي چئن سالن جي عرصي
۾، محمد امين پنهنجي زندگيءَ کي ٺاهي وٺي ٿو، هاڻي
هُو مفلس نه آهي، بلڪ هڪ دولتمند شخص آهي، جنهن وٽ
پنهنجو بنگلو به آهي ۽ نوڪر چاڪر به آهن. افساني
جو پويون حصو انساني زندگيءَ جي ڪاميابيءَ جو هڪ
اهڙو نقشو پيش ڪري ٿو جنهن کي جيڪڏهن سچ پچ ڪوبه
مفلس انسان پڙهندو ته ان جي دل ۾ هي جذبو ضرور
پيدا ٿيندو ته هُو به پنهنجي ڪاميابيءَ لاءِ ڪجهه
سوچي. هڪ افساني جي ڪاميابيءَ جو هي هڪ چڱو مثال
آهي. (25)
گذريل ٻن مهاڀاري لڙائين جي وچ واري دور ۾، ترجمو
ڪيل آکاڻين کان سواءِ، ڪي طبع زاد ڪهاڻين جا ڪتاب
پڻ پڌرا ٿيا، جن سڀني ۾ سماجي ۽ اقتصادي شعور ظاهر
هو. اهڙو پهريون ڪتاب هو ”ڄيٺمل پرسرام“ جو ”چمڙا
پوش جو آکاڻيون“ (1923ع)، جنهن ۾ ”ڀارتواسي“
هفتيوار اخبار مان پنهنجون لکيل آکاڻيون چونڊي
ڪٺيون ڪيون هئائين. هي مڙيئي آکاڻيون ڄيٺيمل صاحب
جي باريڪ شخصي جاچ پڙتال جو نتيجو هيون. جن ۾ سنڌ
جي سرمائيدارن جي ڏوهن گناهن تي سخت نڪته چيني ڪيل
هئي، ۽ ڪيترين پنگتي اوڻاين مثلا زوريءَ شادي،
وڌوا وواهه، حوس وغيره جي بيباڪ نموني ۾ اوگهڙ ڪيل
هئي.“ (26)
هن نه رڳو سنڌي سرمائيدارن جي گناهن تي ڪڙي نڪته
چيني ڪئي آهي پر ڪيترن سماجڪ مسئلن زوريءَ شادي،
وڌوا وواهه بابت به قلم هلايو آهي. (27)
ڄيٺيمل پرسرام پڻ پنهنجي باريڪ بين نظرن سان سماجي
براين کي عيان ڪيو. هن ٻين سماجي مسئلن سان گڏ
سنڌي سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي گناهن تان به پردو
کنيو، جو پنهنجي ڏاڍ سان غريب عوام کي پيڙيندا
رهندا هئا. ازان سواءِ هن صاحب ”نئين سنڌي
لئبريري“ ۽ ”ستو هندو مالا“ جي نالي سان ٻه ڪتابي
سلسلا شروع ڪيا جن ۾ ناول، مختصر ناول ۽ افسانا
وغيره سڀ اچي وڃن ٿا. خود ڄيٺيمل صاحب مغرب جي
ڪيترن مشهور ناولن ۽ طويل ڪهاڻين کي سنڌي زبان ۾
مختصر طرح سان ترجمو ڪري افسانن جو روپ ڏنو، جن ۾
مونا وانا، ٻال هتيا، جو ٽالسٽاءِ جي ڊرامي
Power Of Darkness
تان ورتل هو ۽ گل پلاس، جو هڪ مشهور ”اسپين جي
سفر“ واري ناول تان کنيل هو ۽ ٻيا ڪيترا ئي افسانا
اچي وڃن ٿا. (28)
ڄيٺيمل پرسرام ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان سواءِ هو
تصوف پرست ۽ ”ايني بيسنت“ جو پيروڪار هيو ۽ ان سان
گڏ هو پاڻ کي پڪو صوفي تصور ڪندو هيو (ايستائين جو
وليم شيڪسپيئر جي شعرن ۾ به صوفيانه قسم جا نظريا
ڳولي لهندو هو). هن انجمن ”روح رهاڻ“ جي نالي سان
جوڙي، جنهن جو مقصد هيو ”صوفي ازم کي سياست کان
ڌار ڪرڻ“. هن جي خيال ۾ ”هن جي اصولن کي ختم ڪري
رهي هئي“.
ڄيٺيمل پرسرام عظيم سوشلسٽ انقلاب کي ڀليڪار چيو.
هو نئين سوويت يونين جي ڪاميابين تي دلي همدرديءَ
سان نظر رکي رهيو هو. هن پنهنجن ڪتابن/ لکڻين ۾
سوويت يونين جي مختلف سماجي ۽ ثقافتي پهلوئن جي
باري ۾ ڪيترا ئي ڀيرا ساراه ڪري چڪو هو. هن
ڪيترائي ڪتاب ولاديمير ايلچ لينن جي نانءِ ارپنا
ڪيا هئا. ڄيٺيمل پرسرام جو فن وسيع سماجي اهميت
رکندو هيو. هو نه صرف وطن آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ
جي جدوجهد ۾ خود مصنف جي لاءِ پر ترقي پسند مزاج
رکندڙ دانشورن جي لاءِ به تمام مکيه هٿيار هيو.
ڄيٺيمل پرسرام جون تمام گهڻيون ڪهاڻيون به آهن جن
۾ هن سرمائيدارن جي حوس ۽ اميرن ماڻهن جي بادشاهي
ظلم کي ظاهر ڪيو ۽ بدنصيب هارين جو دفاع ڪيو. هو
هڪ وڏو ڪالم نويس به هيو، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾
ڪم ڪندوهو. جن جا صفحا وڏي دليريءَ سان ڌرتيءَ جي
طاقتور ماڻهن کي ظاهر ڪندا هيا.(29)
ان کانپوءِ جنهن اديب جو ذڪر اچي ٿو، اهو آهي،
”پرڀداس ڀيرومل“. ڀيرومل مهر چند جو پٽ ”پرڀداس
ڀيرومل“ به پنهنجي پيءُ وانگر گهريچي اصطلاحي
عبادت ۾ استاد هوندو هو، ۽ سندس شخصي آزمودن تي
ٻڌل ڪيتريون گهرو جيوت جي دکن واريون آکاڻيون (جن
مان ڪي پهرين ”جوت“ ۾ ڇپيون هيون). ”اندر جا اڌما“
نالي سان ”سک ٽرئڪٽ“ وارن 1932ع ۾ ڇپايون. پرڀداس
جي سماجي نڪته چينيءَ ۽ گهروزناني عيارت جو مثال
مٿئين ڪتاب مان ”ماٽي جي سس“ واري آکاڻي مان ڏجي
ٿو.
”سومائي ڪنهن جو اٽو کٽو آهي جو ههڙيءَ جي پناري
ڌيءُ وجهي. تنهن کان ته ڌيءَ کي حق بخشائي ويهار
جي. هاڻي ڏس ٻڌ ته سڀني کي پيئي ريگهريون ٻڌي،
چلتا پئي ڪري ته مون سان مائٽي ڪريو. زبانون پئي
ڏئي ته مان ڏيتي ليتي نڪا گهران ٿي، نڪا گهرنديس.
جيڪي ڏيندا سو مون کي امرت! موچڙي تي رکي موڪليندا
ته به ٻي نه ٻولينديس. پاروٿي کچڻي پرائي پادر تي
کڄي ايندي ته اکين تي رکي وٺي رکنديس.........
اسان جي شهرن ۾ ٽڪاڻا اونهئين گهڻا، پر هن مائيءَ
کي ته در تي، سا زور ڪري صبح سانجهيءَ پيئي وڃي.
ارداسون پئي رکي، باسون پئيباسي، ته ڪٿي مڙيو ئي
ڪا ٻڪي ڦاسي. نيٺ مائٽن جو اٽو کٽو جو هن جي مٺيءَ
زبان تي هرکجي ويا، ۽ کڻي انگ اڙايائونس. مان
ڳالِهيون پئي ٻڌندي هيس ته هينئون پيو هپاڻيو هو
ته تهڙيءَ سان ڪيئن منهنجو گذر ٿيندو. پر اڄڪلهه
ڪير ٿو اسان جو اندر پڇي؟ اسان جي زبان تي مرم جي
مهر. اهي ڳالهيون ڳڻيندي شاديءَ رات به اچي سهڙي،
۽ مان وڃي هائوءَ جو هپو ٿيس“.
پرڀداس مشهور ليکڪ ٿيو، تنهن کان اڳ پنهنجي سک ڌرم
واري نالي هرنام سنگهه سان هه- پ وديارٿيءَ جي سان
شراڪت ۾ ڪي پنگتي آکاڻيون چيدي سنڌيءَ ۾ لکيون
هئائين، جي به ”سک ٽرئڪٽ سوسائٽي“ وارن ”هيرا
جواهر“ (1931ع) مجموعي ۾ ڇپايون هيون. اهي سڀ
سياڻپ ڀريل ويچارن ڪري سٺيون سماج سڌارڪ آکاڻيون
هيون، ۽ ڪن ۾ وڻندڙ مذاق پڻ رکيل هو، مثال طور
”سياڻي سس.“ وديار ٿي صاحب جا پنهنجي روءِ سوءِ
لکيل اخلاقي ۽ پنگتي اصلوڪين آکاڻين جا ڪتاب هئا:
”مکڙيون“، ”موتين جو مهراڻ“، ”املهه رتن“ وغيره،
جي به ”سک سوسائٽيءَ“ ڇپايا هئا.(30)
پرڀداس، جي ڪهاڻين جا واقعا گهريلو چهچٽن مان کنيل
آهن. هن گهرو ۽ خانداني مسئلن کي نهايت ئي دلپذير
۽ وندرائيندڙ انداز ۾ پيش ڪيو آهي هن جا موضوع
سڀئي اصلاحي نوعيت جا آهن، سندس ڪهاڻين جا موضوع ۽
پلاٽ به سنوان سڌا ٿين ٿا، جيڪي مڪالمي ۽ بيان جي
ترڪيب سان گهڙيا ويا آهن، ليڪن سندس جدا جدا
ڪهاڻين ۾ هڪ قسم جي يڪسانيت آهي، جيڪي سڀئي هڪ
نقطئه نگاه جي چوڌاري ڦرن ٿيون.(31)
هاڻ جنهن اديب جو نانءُ اچي ٿو اهو عبد الله ”عبد“
آهي. مون کي حيرت آهي ته سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ عبد
الله ”عبد“ کي صفا نظر انداز ڪيو ويو آهي، ان جو
اندازو، توهان ان مان به لڳائي سگهو ٿا ته جن به
اديبن، سنڌي ادب جي تاريخ تي ڪتاب لکيا آهن، انهن
ڪتابن ۾ عبدالله ”عبد“ جي افسانن کي تبصري هيٺ
آندو ئي نه ويو آهي. جيئن: محمد اسماعيل عرساڻي
پنهنجي ڪتاب ”چار مقالا“ ۾ صرف ٻن ڪهاڻين جا نالا
آندا آهن، (1) اسڪول ماسترياڻي (2) اتفاق. ڊاڪٽر
نور افروز خواجه پنهنجي پي. ايڇ. ڊي مقامي ”سنڌي
افسانو“ (ماهوار نئين زندگي 1997ع) ۾ هيئن ذڪر ڪري
ٿي. ”عبد الله ”عبد“ ۽ عثمان ڏيپلائيءَ جا نالا به
اهم حيثيت رکن ٿا.“ ”ماسترياڻي“ ۽ ”اتفاق“ سندن
اهم افسانا آهن. ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌيءَ ”
سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ عبدالله ”عبد“ جون ٻه
ڪهاڻيون لکيون آهن. (1) اسڪول ماسترياڻي (2)
ويچارو ماستر. ڊاڪٽر غلام علي الانا ”چونڊ سنڌي
افسانا“ ۾ صرف عبد الله ”عبد“ جو لکيو آهي. ڊاڪٽر
عبد الجبار جوڻيجي ”سنڌي ادب جي مختصرتاريخ“ ۾
سندس ڪهاڻي ”اسڪول ماسترياڻي“ لکي آهي. اڪبر
لغاريءَ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ ۾ صرف نالو
لکيو آهي. هنن مٿين ليکڪن عبد الله ”عبد“ جي ڪنهن
به هڪ ڪهاڻيءَ تي تبصرو ناهي ڪيو. شاباس هجي ميمڻ
رانجهن خان کي. (هن عبد الله ”عبد“ جي ٻن ڪهاڻين
تي مختصر تبصرو ڪيو آهي، سنڌي ادب جا ٻه وڏا نالا
آهن، جن ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ پروفيسر
منگهارام ملڪاڻي صاحب. هنن پنهنجن ڪتابن ترتيبوار
”آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۽
”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ ”عبد الله عبد“ جو ذڪر ئي
ناهي ڪيو. ڇا سبب آهي ليکڪ ئي پاڻ ٻڌائي سگهن ٿا؟
اچو ته عبد الله ”عبد“ جي افسانن ۾ جهاتي پايون.
”سنڌو“ جي افسانه نگارن ۾ عبد الله ”عبد“ جو نالو
به اچي ٿو، جو هن رسالي جي ابتدائي لکڻ وارن مان
هڪ هئو. عبد الله ”عبد“ جو هڪ افسانه، ”اسڪول
ماسترياڻي،“ ڪتابي صورت ۾ جدا ڇپجي چڪو هو.
جيتوڻيڪ سندس افسانه نويسي پائيدار ثابت نه ٿي، ۽
هن پنهنجو سڄو ڌيان تنقيد نگاريءَ ڏانهن ڏنو، مگر
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻ جيڪي به ٿورا افسانا
لکيا اٿس، اهي فن جي لحاظ کان تعريف جي لائق آهن.
”اسڪل ماسترياڻيءَ“ ۾ هن موجوده زناني تعليم ۾ جي
نقص آهن، انهن تي وڏي طنز ڪئي آهي. هن ڏيکاريو آهي
ته اخلاق جي ابتريءَ جو تعليم جهڙي مقدس مقصد جي
درسگاهن ۾ اچڻ خود تعليم جي ڪوتاهي آهي. اهو
افسانو اصلاحي رنگ ۾ لکيو ويو آهي، ۽ ان جي
حقيقتون ڏنيون ويون آهن، انهن مان هڪ پڙهندڙ عبرت
آموز سبق حاصل ڪري سگهي ٿو. ”سنڌو“ رسالي ۾ سندس
ٻيو هڪ افسانو، ”مزيدار ڀل“ جي عنوان سان شايع ٿيل
آهي. ان افساني ۾، جيئن ان جي عنوان مان معلوم
ٿيندو، هڪ عجيب قسم جي ڀل آهي. جنهن سان هڪ خط جي
سلسلي ۾ زال ۽ مڙس جي وچ ۾ ناراضگيءَ جو سبب پيدا
ٿئي ٿو. پر جڏهن حقيقت ظاهر ٿئي ٿي، تڏهن سندن اها
ناراضگي دفع ٿي وڃي ٿي. هن افساني ۾ افسانه نگار
انساني فطرت کي ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي ته ڪهڙيءَ
ريت ننڍيون ننڍيون ڳالهيون جن تي هوند اعتبار نه
ڪرڻ گهرجي، وچ ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ جيڪڏهن انهن بابت
پوريءَ سمجهه کان ڪم نه ٿو ورتو وڃي، ته ان جا
نتيجا خراب نڪرن ٿا. عبد الله ”عبد“ جي انهن ۽ ٻين
افسانن کي ڏسي، جي ٿوري انداز ۾ اسان کي ميسر ٿي
سگهيا آهن، ائين چئي سگهجي ٿو ته منجهس افسانه
نگاريءَ جي فن بابت چڱي مهارت موجود هئي. (32)
هاڻي اسان جنهن اديب جي افسانن جو دروازو
کڙڪائينداسين، اهو ”لطف الله بدوي“ صاحب آهي. هن
ليکڪ کي به، اسان جي سنڌي محققن بلڪل نظر انداز
ڪيو آهي. اهو هن طرح سان ته – اچو ته سنڌي ادبي
تاريخ تي لکيل ڪتابن جا پنا اٿلايون.
محمد اسماعيل عرساڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”چار مقالا“ ۾
لطف الله بدويءَ لاءِ هيئن لکيو آهي. ”لطف الله
بدويءَ جي افسانن ۾ وري ”غربت“ ۽ ”خوفناڪ بدلي“ کي
خاص مقام حاصل آهي.“ (ميمڻ رانجهن خان پنهنجي
ڪتاب ” سنڌي افسانو- آزادي کان اڳ“ ۾ ”غريبت“ ڪري
لکيو آهي ۽ ٻيو افسانو ”خوفناڪ بدلو“ ڪري لکيو
آهي). ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب
”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ لطف الله بدويءَ جي
ٻن افسانن جو ذڪر ڪيو آهي. (1) خوفناڪ بدلي (2)
غربت ۽ سندس مجموعي کي ”دسته گل“ جو نالو ڏنو اٿس.
ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”چونڊ سنڌي
افسانا“ ۾ لطف الله بدويءَ جي هڪ افساني ”غريبت“
جو ذڪر ڪيو آهي. اڪبر لغاريءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي
ادب جو مختصر جائزو“ ۾ لطف الله بدويءَ بابت هن
طرح لکيو آهي. ”لطف الله بدوي وري ”غربت“ کي
پنهنجي قلم جو موضوع بڻايو.“
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“
۾ هڪ افساني ”غريبت“ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس مجموعي
”دسته گل“ جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر نور افروز خواجه
به پنهنجي مقالي ”سنڌي افسانو“ (نئين زندگي
ماهوار- نومبر 1997ع) ۾ ٻن افسانن جو ذڪر ڪيو آهي.
(1) غربت (2) خوفناڪ بدلو.
مٿين ڪتابن جا ڪجهه حوالا ڏنا آهن. لطف الله
بدويءَ جي ڪنهن به افساني تي تبصرو ٿيل ناهي. جس
هجي ميمڻ رانجهن خان کي ( هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي
افسانو آزادي کان اڳ- ۾ ڪجهه افسانن تي تبصرو ڪري،
لطف الله بدويءَ جو ڪجهه قرض ادا ڪيو آهي). ڊاڪٽر
شمس الدين عرساڻيءَ پنهنجي ڪتاب (آزاديءَ کان اڳ
افسانوي ادب جي اوسر) ۾ لطف الله بدويءَ جو ذڪر
ڪيو آهي پر ڪهاڻين تي تبصرو ناهي ڪيو. هاڻي اچو ته
لطف الله بدويءَ جي افسانن جي ڳنڍ کوليون.
منگهارام ملڪاڻيءَ ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لطف الله
بدويءَ جو ذڪر ڪيو آهي پر تبصرو ناهي ڪيو. سماجي
افسانه نگارن ۾، جن جا افسانا ”سنڌوءَ“ ۾ پئي
ڇپيا، لطف الله بدوي به هڪ آهي. ”تعليم“ اخبار ۾
سن 1928ع ڌاري، سندس هڪ افسانو ”غريبت“ شايع ٿيو
هو.ان کانپوءِ اين. ايڇ. پنجابي ڪمپني ڪراچي، سندس
افسانن جو مجموعو ”دسته گل“ جي نالي سان شايع
ڪرايو، جو هن وقت ملي نه ٿو سگهي. افسانن جو هي
پهريون مجموعو هو، جو سنڌي زبان ۾ شايع ٿيو هو.
”غريبت“ افسانو به ان ۾ شامل هو، جنهن ۾ هن اسڪول
ماستر جي زندگيءَ جو نقشو چٽيو آهي، جا اسان جي
معاشري تي وڏي تنقيد آهي. ابتدائي دؤر ۾ سندس هڪ
ٻيو افسانو، ”خوفناڪ بدلو“ جي عنوان سان شايع ٿيو
هو. هن افساني ۾ مصنف ڳوٺاڻي حقيقت کي بيان ڪيو
آهي، جنهن ۾ زمينداري ظلم کي چٽيءَ طرح سان پيش
ڪيو اٿس. هڪ نوجوان زميندار ڳوٺ جي هڪ ڪڙميءَ جي
زال کي پنهنجي حوس جو شڪار بنائڻ ٿي گهريو. مگر
هوءَ ستي سليوان نڪتي، ۽ جوڙو زميندار جي ظلم جو
شڪار ٿي ويو. جيئن ته هيءَ هڪ ڳوٺاڻي حقيقت هئي ۽
اهڙا واقعا اسان جي اکين اڳيان ٿيندا رهن ٿا، تنهن
ڪري هن افساني کي وڏي اهميت حاصل آهي. افساني جي
ترتيب ۽ ادائگيءَ کانسواءِ، منجهس ڳوٺاڻن دلڪش
نظارن جو بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري افسانو وڌيڪ
اثر وارو ٿي پيو آهي. مصنف هڪ هنڌ اهڙي نظاري کي
هيئن ٿو چٽي: ”جولاءِ جي آخري هفتي جا ڏينهن، گويا
سج افق تان ٽانڊا وسائي رهيو هو. جيتوڻيڪ سج صاف
لهي ويو هو، تڏهن به لئي جي لامن تي ڳيرا ۽ ڪانوَ
سهڪي رهيا هئا. ڳوٺ جي تلاءَ تي جهنگلي ڪبوترن جا
ميڙ پياس اجهائڻ لاءِ اچي مڙيا هئا.ڳوٺ جون زالون
هڪ هڪ ٿي کوهيءَ تي دلا کنيو ٿي آيون.“
ساڳئي مصنف جو ٻيو افسانو ”ديپڪ ۽ ملهار“ جي نالي
سان شايع ٿيو. ان ۾ هن موسيقيءَ جي غير فاني طاقت
جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ڏيکاريو اٿس ته موسيقي ڪهڙي ريت
انساني طبيعت تي پنهنجو اثر وجهي سگهي ٿي. هي
افسانو پنهنجي نوعيت جي خيال کان انفرادي حيثيت
رکي ٿو.“ (33)
”سنڌوءَ“ جي ابتدائي دؤر ۾ لطف الله بدوي جا ٻه
تاريخي افسانا نظر اچن ٿا، جن مان هڪ افسانو، ”عشق
۽ فرض“ ڪافي اهم آهي. اهو ”فردوسيءَ“ جي ”شاهنامي“
تان ورتل آهي، جنهن ۾ سهراب ۽ هڪ ايراني ڇوڪري
”گرد آفريد“ جي تاريخي حقيقت پيش ڪئي وئي آهي. گرد
آفريد ايران جي سرحد تي هڪ قلعي جي حاڪم ”هجير“ جي
نياڻي آهي. سهراب توراني فوج سان گڏ، ايران تي
چڙهي اچي ٿو ۽ هجير سان سندس مقابلو ٿئي ٿو. هجير
جي نياڻي، گرد آفريد، سندس مقابلو ڪري ٿي، پر
هارائي ٿي. جنگ جي ميدان ۾ سهراب جي دل ۾ گرد
آفريد لاءِ محبت پيدا ٿئي ٿي، پر گرد آفريد کي
پنهنجي وطن ايران جي محبت سهراب سان شادي ڪرڻ کان
روڪي ٿي، ڇو ته سهراب ايران جو دشمن هو. گرد
آفريد، اهڙيءَ ريت، پنهنجيءَ محبت تي وطن جي محبت
کي فوقيت ڏئي ٿي، ۽ آخر ڪار هڪڙي ايراني غدار هٿان
سندس موت ٿئي ٿو. سهراب قلعي کي ان وقت اچي فتح
ڪري ٿو، جنهن وقت گرد آفريد جا پويان پساهه آهن.
افسانه نگار حب الوطنيءَ جي انهيءَ عظيم تاريخي
واقعي کي اهڙي درد انگيز انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جو
ڪن جاين تي پڙهندڙن جي اکين مان بي اختيارڳوڙها
ڪريو پون.“ (34)
لطف الله بدويءَ جي مجموعي ”دسته گل“ ۾ ست افسانا
آهن. انهن مان ”غريبت“ افساني جو ذڪراسين مٿي ڪري
چڪا آهيون. ٻيو افسانو، ”غريبن جو افسوس الله
واهي،“ هن مجموعي جواهم افسانوآهي. هيءَ سنڌي سماج
جي انهيءَ ماحول جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ٻهراڙيءَ جا
ماڻهو عام طرح زميندارن ۽ ڪامورن جي زور ۽ طاقت جو
شڪار ٿيندا آهن. افسانه نگار ان جي ابتدا فطرت جي
هيٺئين نظاري سان ڪري ٿو: ”پوهه جو مهينو هو.
اولهه جي پچات سڄو ڏينهن هلي رهي هئي. درياءَ جي
ڪناري تي، ڏينهن لڙي ئي سردي اچي پنهنجي سامان سان
حاضر ٿي. رنگپور جي پتڻ تي ٻيڙي هئي. مهاڻي رات جي
لاءِ گندي ۽ سوڙ پنهنجي ڀونگيءَمان آڻي ٻيڙيءَ ۾
وڌي، جو هن کي رات پرينءَ ڀر گذارڻي هئي. ٻيڙيءَ ۾
ويٺلن جي رڙ پئي پيئي ته ”ميان مهاڻا، هاڻ جلد ڪر،
ڄاڻ پارو لٿو!“
افسانه نگار انهن ٿورن جملن ۾ موسم ۽ وقت جو سڄو
نظارو پڙهندڙن جي اکين سامهون آندو آهي. دريا جي
ڪناري تي سياري جي ٿڌ جو نقشو هن کان وڌيڪ ٻيو ٿي
نه ٿو سگهي. ان کانپوءِ، افسانه نويس ٻڌائي ٿو ته
مهاڻو جڏهن ٻيڙي کولي دريا ۾ وڌيو، ته ايتري ۾ ڳوٺ
جو وڏيرو، ڪن ماڻهن سميت اچي سهڙيو. وڏيري حڪم ڏنو
ته ٻيڙي موٽائي ڪناري تي آندي وڃي، جيئن هو ۽ سندس
ماڻهو ان ۾ سوار ٿين. مهاڻي ٻيڙي ته موٽائي آندي،
پر زميندار جي عتاب هيٺ اچي ويو- ته هن ٻيڙي سندس
پهچڻ کان اڳ ڇو ڇوڙي، جڏهن کيس نياپو به پهچايو
ويو هوته هو وڏيري لاءِ ترسي! هن ڪوڙيءَ حقيقت کي
ٽيڪي ڏيڻ لاءِ وڏيري جو نوڪر به موجود هو. نتيجو
اهو نڪتو جو ويچاري مهاڻي کي مار پيئي.
افسانه نگار اسان کي انهيءَ موقعي تي هڪ صحيح
حقيقت کان واقف ڪيو آهي، جنهن کي تاريخي چئجي ته
بيجا نه ٿيندو. انگريزي حڪومت اندر جيڪڏهن انتظام
جي ڪا وڏي ۾ وڏي برائي هئي ته اها هئي جو زميندار
طبقي کي آزاد ڇڏيو ويو هو. مار کائڻ کان پوءِ،
مهاڻي ٻيڙيءَ ۾ ڀوتار ۽ سندس رفيق کي، ۽ پوءِ انهن
جي گهوڙن کي سوار ڪيو- ويچارن مسافرن کي ٻيڙيءَ
مان لهي وڃڻو پيو. هن ظلم جي نظاري کي افسانه نويس
هيئن ٿو پيش ڪري: ”ٻيڙي غروب آفتاب جي سرخ شفقي
رنگ ۾ رنگ جي اڳتي وڌي. مسافر ڪوهيڙي جي ڌنڌ ۾
ٻيڙيءَ کي عميق جي اڇوڙن تي ويندي ڏسندا رهيا، ۽
ائين پئي معلوم ٿيو ته هو ڪنهن خضر جي طرف نهاري
رهيا آهن، جو ٻيڙيءَ کي ڪناري تي موٽائي آڻي، ان ۾
اهڙو سوراخ ڪري، جو هوءَ ٻڏي، بيدادگريءَ جي ظلم
کان هميشه لاءِ بچي وڃي.“
ٻيڙيءَ مان لاٿل مسافرن مان، هڪ مسافر سان سندس
ننڍو نينگر به گڏ هو. سڀني مسافرن رات ڪنهن ويجهي
ڳوٺ ۾ گذاري، پر نينگر هن حقيقت کي سمجهي نه سگهيو
ته آخر هن زميندار جي اچڻ ڪري کين ٻيڙيءَ مان لهڻو
ڇو پيو! انهيءَ ڳالهه کي عرصو گذري ويو. هڪ ڏينهن
ٻيلي کاتي جي ڪنهن آفيسر جي منزل انهيءَ ڳوٺ ۾ ٿي،
جنهن ۾ مهاڻو، مسافر ۽ ننڍڙو نينگر رهندا هئا.
آفيسر جي خوشامد ۽ رسائيءَ لاءِ راکا نڪري پيا، ۽
ڳوٺ جي ماڻهن کان ڪجهه نه ڪجهه ڇڏائڻ لاءِ گهمندا
رهيا. مهاڻي جون مينهيون به ٻيلي جي آسپاس چرنديون
هيون. مهاڻي ڪجهه به ڏيڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري
سندس سڀ مينهيون ڍڪ ۾ وڌيون ويون. ننڍڙي نينگر جي
اکين اڳيان اهو واقعو به گذريو، ۽ ڪنهن ماڻهوءَ
کان ائين چوندي ٻڌائين ته هي ڪامورا ڪوريئڙي جو
ڄار آهن، جيڪو آيوسو ڦاٿو – پر انهيءَ حقيقت کي
سمجهڻ کان به قاصر رهيو. سيارو گذري ويو، ۽ بهار
جي موسم آئي. نينگر جو امتحان ٿيڻ وارو هو. هو
لالٽين جي روشنيءَ ۾ ڪتاب پڙهي رهيو هو. اوچتو
هڪڙو پتنگ آيو، ۽ بتيءَ جي چوڌاري ڦيرا ڏيندو،
ننڍڙي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن اڏامڻ لڳو. ڪمري جي
ڪنڊ ۾ ڪوريئڙي جو وڏو ڄار هو. پتنگ به هيڏانهن
هوڏانهن ڦرندو، آخر وڃي ان ڄار ۾ اٽڪيو. ڪوريئڙي
جي ڄار ۾ لرزش آئي، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ پتنگ ان ۾
پوريءَ ريت ڦاسي ويو، جنهن مان سندس نڪرڻ محال هو.
هن نظاري کي ڏسي، نينگر جي اکين سامهون مهاڻي جي
مجبوريءَ جا ٻئي واقعا ڦرڻ لڳا. هو زميندار ۽
ڪامورن جي راکن جو ته مقابلو نه ٿي ڪري سگهيو، پر
ننڍڙي روح اندر هي انقلاب ضرور آيو جو هن ڪوريئڙي
جي ڄار کي ڊاهي ڇڏيو- ته جيئن وري ڪو ٻيو پتنگ ان
جو شڪار نه ٿئي.
مٿئين افساني ۾ انقلابي روح کي نهايت ئي دور
انديشيءَ سان جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ۽ نئين
نسل کي بيداريءَ جي دعوت اثرائتي انداز ۾ ڏني وئي
آهي. انقلاب جي اها ترغيب ڪنهن زور ۽ طاقت تي ٻڌل
نه آهي، بلڪه انساني جذبي، سوچ ۽ روح کي بيدار ڪيو
ويو آهي ته هو مظلوم جي حمايت ڪري ۽ ظالم جو
مقابلو ڪري. اها صحيح انسانيت آهي ڇاڪاڻ ته آدميت
جي اها ئي نشاني آهي ته آدميءَ جي عزت ڪئي وڃي.“
(35)
سنڌ جي تاريخ دان حسام الدين راشديءَ جو نالو به
افساني جي اوائلي فنڪارن (افسانه نگارن) ۾ شمار
ٿئي ٿو. پر افسوس تڏهن ٿئي ٿو جڏهن اسين اوائلي
افسانه نگارن ۾ سندس نالو تمام گهٽ ڏسون ٿا. مثال
طور: منگهارام ملڪاڻيءَ ”سنڌي نثر جي تاريخ“،
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي
جائزو“، اسماعيل عرساڻي“ چار مقالا“ ۽ ڊاڪٽر نور
افروز خواجه (پي. ايڇ. ڊي مقامي- ”سنڌي افسانو“) ۾
حسام الدين راشديءَ جو ذڪر ئي ڪو نه ڪيو آهي. باقي
غلام علي الانا ”چونڊ سنڌي افسانا“) ۽ ڊاڪٽر عبد
الجبار جوڻيجي ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ صرف
نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي، حسام الدين راشديءَ جي ڪنهن
به افساني کي تبصري هيٺ ناهي آندو- جيڪڏهن ڪنهن
ماڻهو ٿورڙو به، حسام الدين راشديءَ جي افسانن کي
تبصري هيٺ آندو آهي ته اهو ميمڻ رانجهن خان (سنڌي
افسانو- آزاديءَ کان اڳ) آهي.
اچو ته حسام الدين راشديءَ جي افساني ڏانهن هلون.
”انارڪلي“ سندس تاريخي افسانو آهي، جو جهانگير
بادشاهه ۽ انارڪليءَ جي محبت بابت لکيل آهي.
شهنشاهه اڪبر کي اها ڳالهه نه ٿي آئڙي، تنهن ڪري
انارڪليءَ جي پڄاڻي تمام عبرتناڪ نموني سان ٿي.
راشدي صاحب انهيءَ تاريخي حقيقت کي ڪاميابيءَ سان
افسانوي انداز ۾ لکيو آهي.“ (36)
اوائلي افسانا نگارن ۾ حيدر بخش جتوئيءَ جو به
نانءُ اچي ٿو پر اهو ڏسي حيرت ٿئي ٿي ته حسام
الدين راشديءَ وانگر، حيدر بخش جتوئيءَ جو به نالو
اسان جي ڪتاب مان غائب آهي. ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي صرف نالو وٺي ذڪر ڪري ويو آهي، وڌيڪ ڪجهه
به نه ٿو ٻڌائي. ان کان سواءِ صرف ڊاڪٽر نور افروز
خواجه آهي جنهن پنهنجي مقالي ۾ ذڪر ڪيو آهي اچو ته
ڏسون. ”1936ع کان سنڌ ۾ سوشلسٽ تحريڪ جو اثر سنڌي
ادب تي ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري ترقي پسند ادب جو لاڙو
سنڌيءَ ۾ عام ٿيڻ لڳو. ترقي پسند اديبن ۾ اڪثريت
نوجوان افسانه نگارن جي هئي، جيئن هاري پارٽيءَ جي
ليڊر حيدر بخش جتوئيءَ هارين جي زندگيءَ بابت
ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ”ڪمدار جا
ڪارناما“ ڪتاب ۾ شايع ڪيل آهن.“ (37)
اوائلي افساني جو هڪ افسانا نگار ۽ ناول نگار محمد
عثمان ڏيپلائي به آهي. پر الائي ڇوهن اديب جي
افسانن کي تمام گهٽ ڇهيو ويو آهي. مثال: ميمڻ
رانجهڻ خان پنهنجي ڪتاب ”سنڌي افسانو (آزادي کان
اڳ)، منگهارام ملڪاڻيءَ جي ”سنڌي نثر جي تاريخ“،
ڊاڪٽر ميمڻ عبد المجيد سنڌيءَ جي ”سنڌي ادب جو
تاريخي جائزو“ ۾ عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو ئي
ڪونهي. ۽ هيٺين ڪتابن ۾ صرف عثمان ڏيپلائيءَ جو
نالو آيو آهي پر ڪنهن به سندس افساني جو ذڪر ناهي
ڪيو ۽ نه ئي سندس افساني تي تبصرو ڪيو آهي. (سواءِ
شمس الدين عرساڻيءَ جي ”آزاديءَ کان پوءِ افسانوي
ادب جي اوسر“) جي مثال: 1- اسماعيل عرساڻي (چار
مقالا) 2- غلام علي الانا (چونڊ سنڌي افسانا) 3-
اڪبر لغاري (سنڌي ادب جو مختصر جائزو 4- ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ) 5-
ڊاڪٽر نور افروز خواجه (سنڌي افسانو پي. ايڇ. ڊي
مقالو- ماهوار نئين زندهي 1997ع) ڏيپلائي بابت،
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي چوي ٿو:”ڏيپلائي جيئن ته
اول مصلح ۽ مبلغ آهي ۽ فنڪار بعد ۾ آهي، تنهن ڪري
سندس ڪيتريون ڪهاڻيون اڻ گهڙيل نقش پيون ڀانئجن،
جيڪي جيڪر ڪنهن قابل نقاش جي فنڪارانه هٿ لڳڻ سان
زياده خوبصورت ۽ جاندار بنجن ها! ڪن ڪهاڻين ۾
واقعات کي ادبي انداز ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ انهن کي
بنهه ننگي روپ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح جو
اها هڪ ادبي يا فني تصوير ٿيڻ بدران هڪ سلحي
سوقيانه تحرير بنجي پوي ٿي ۽ اهڙين ڪهاڻين کي ڪنهن
به صورت ۾ ادبي دائري ۾ داخل ڪري نه ٿو سگهجي.“
(38)
1938ع ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ مرشد ٽوڙ سلسلو شروع
ڪيو- سندس ڪتاب ۾ لکيل پيش لفظ هن ريت آهي. ”اها
حقيقت آهي ته آدم کان ايندڙ دنيا ۾ مرشد جي مقابلي
۾ ڪي ٻيا رهزن ۽ مهلڪ پيدا ڪو نه ٿيا آهن. اهي
مريدن کي اهڙا ڏٽا ٿا ڏين ته ”اسين ڇٽل تير
موٽايون ٿا، هر مشڪل لاهيون ٿا. قيامت ۽ بهشت جون
حورون ڏيارينداسون، ان ڪري اسان جي هٿن ۾ بيجان
لاشن وانگر ٿي رهو ۽ پنهنجو خواهه پنهنجن ٻچن جو
تن، من ۽ ڌن اسان جي حوالي ڪندا رهو، نه ته اسين
ڪاوڙ جي اهڙو قهر نازل ڪنداسون، جو هميشه لاءِ
اوهان جو خانو خراب ٿي ويندو، ۽ پوءِ ويچارا
وسوڙيل مريد پنهنجو سڀ ڪجهه هنن رهزنن جي حوالي
ڪندا رهن ٿا.“ (39)
”مرشد جي ڪڪي“ نالي ڪتاب ۾ ڏيپلائي ڪڪيءَ جو
بغاوتي ڪردار پيش ڪندا لکي ٿو ته، مان قلندر ڪو نه
ٿينديس، مون کي ڪهڙي گتي پئي آهي جو قلندر ٿيان“؟
”پوءِ هندورو ڀلي خالي رهي؟“. خالي ڇو رهي؟ بسترا،
طول وهاڻا رکي ڇڏيو مشهور ائين ڪري ڇڏيو ته قلندر
پهريون پنهنجي سر تشريف پيو فرمائي“ ڀوڪ
مريدياڻيون اتي به پيون کيسا ختم ڪنديون.“ (40)
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون هي آهن.
مرشد جي ڏاڙهي، مرشد جون ٽنگون، مرشد جو اُٺ، مرشد
جي ڌيءَ، مرشد جي ٿُڪَ، مرشد جو ڪتو، اسپيشل امام،
مرشد جو نڪ، مرشد جي ننهن، مرشد ۽ گادي، سڃي جو سر
وغيرهه. (41)
1925ع کان 1940ع وارو عرصو ترجمي جو عرصو آهي. هن
دور ۾ برِ صغير جي افسانن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو،
توڙي جو طبعزاد افسانا به لکيا ويا پر ترجمي وارو
ڀاڱو مڙيئي چڱو آهي. هيٺيان ترجمي نگار ۽ طبعزاد
افسانا نگار قابلِ تعريف آهي.
وديار ٿي، چوهڙ مل، جڳت آڏواڻي، ميلارام، هيرانند
عيدناڻي، پارومل، دلدار موسوي، هري آشا، ديو
سڀاڻي، منهر داس، گوبند مالهي، چيتن شهاڻي،
شيوارام ليکو تلسياڻي، شويڪ بي. موٽواڻي، ڪلياڻ
آڏواڻي، دارجنداس آڏواڻي، نانڪرام ڌرمداس مير
چنداڻي، (43) سرائي اميد علي، محمد خان غني، محمد
عيسيٰ نظاماڻي، ساقي سجاولي، شيوارام لالا. (44)
محمد صالح ڀٽي (45) محمد صديق مسافر (زيب النساءِ،
چاند بيبي) (46)
هاڻي اسان جن افسانا نگارن جي افسانن جي دنيا ڏي
اچون ٿا، انهن افسانن سنڌي ادب ۾ چار چنڊ لڳائي
ڇڏيا- نه صرف چار چنڊ لڳائي ڇڏيا پر اسان جي
افسانن کي ترجمو ڪري انگريزيءَ ۾ آندو ويندو هيو.
ورهاڱي کان اڳ جا جديد افسانا نگار هي آهن جن جي
افسانن کان سواءِ سنڌي ادب (سنڌي افسانو) ٻسو ٻسو
لڳندو. امر لعل هنڱوراڻي، مرزا نادر بيگ، آسانند
مامتوراءِ، عثمان علي انصاري، شيخ اياز، مخدوم
محمد صالح هالائي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي،
آنند گولاڻي، نجم عباسي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سڳن آهوجا،
شيخ عبد الستار، ڪرشن (ڪشن) کٽواڻي، ڀڳوان
لالواڻي، آسم اتم چنداڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، تيرت
وسنت، لڇمڻ راجپان، ڀوڄراج موٽواڻي، ڪماري نانڪ
گدواڻي، جيوت نرياڻي، رام امر لعل، ڀون پنجواڻي،
حشو ڪيولراماڻي، ايم- آر مائيداساڻي، شيخ عبد
الزرق راز، ڪروڙ پتي، حبيب الله ڀٽو، بولچند آشا،
ماڌو آچاريه، موتي ڇاٻڙيا ۽ ٻيا. (47)
هاڻي اسان ڪن افسانا نگارن جي افسانن جو مختصر
جائزو وٺنداسين.
امر لعل هنگوراڻي:
سنڌي ادب جي افق جي تاري ڪيرت ٻاٻاڻيءَ امر لعل
هنگوراڻيءَ بابت چيو هو،“ سنڌيءَ ۾ صحيح معنيٰ ۾
نئين ۽ جديد ڪهاڻيءَ جي ڪوشش ۽ وڪاس ۾ ”ادو عبد
الرحمان“ (افساني جو نالو) هڪ وڏو قدم آهي. سنڌي
ساهت جي اندر پنهنجي دور جي حد نشان ٿي رهندي،
جتان سنڌي جديد ڪهاڻيءَ جو بنياد ٻڌي سگهجي ٿو.
جديد ڪهاڻيءَ جون ڪجهه پنهنجون تقاضائون آهن.
سنڌيءَ ۾ ڪجهه پوين ڏهاڪن سالن ۾ جيڪو نئين ۽ جديد
جي نالي ۾ ڏنو ويو آهي، مان ان جي ڳالهه نه ٿو
ڪريان. جديد ساهت جو هڪ پنهنجو تصور ۽ تصور انداز
آهي، جنهن جا ڪجهه بنيادي عناصر آهن. نئون پراڻي
جي ڀيٽ ۾ نئون تڏهن سڏبو، جڏهن اهو مدي خارج قدرن
کي چئلينج ڪري نون انساني قدرن جو درشن پسائي،
جيون ۾ هڪ تازگيءَ جو احساس ڏئي، ۽ ها، چوڻ جو ڍنگ
نرالو ۽ دلپسند به هجي. باقي ٻوليءَ جي ڊاهه ڊاهه
ڪرڻ يا جيون جي سڙيل ۽ بانسي پهلوءَ جي نمائندگي
ڪرڻ، منهنجي سمجهه ۾ نواڻ نه آهي. نواڻ تي به چٿر
آهي.(48)
اچو ته ”ادو عبد الرحمان“ ڪهاڻيءَ ۾ عدالت واري
منظر نامي ڏانهن هلون.
”عبد الرحمان: (پاڻ کي) ”ادا عبد الرحمان،
سرشتيدار صاحب مذهب ٿو پڇي. ادا عبد الرحمان ياد
ڪجانءِ ته قسم کنيو اٿئي ته سچ کان سواءِ ڪجهه ڪو
نه چوندس. سوال ته ڏاڍو اگرو آهي. جي چوان ٿو ته
مسلمان، ته هندو ڪندا دل ۾، سچ ڪري چئه. اڙي ادا
عبد الرحمان ٿوري ۾ منجهي پيو آهين. ٻڌائينس ”سچل“
جو گفتو ”هندو مومن نه آهيان جو ئي آهيان سوئي
آهيان.“ سرشتيدارن مئجسٽريٽ ڏانهن منهن ڪري نهارڻ
لڳو. مئجسٽريٽ (سرشتيدار کي) لکينس مسلمان.
سرشتيدار: عمر؟
عبدالرحمان- ادا عبدالرحمان، سرشتيدار صاحب عمر ٿو
پڇي. اسان چئون مسلمان نه آهيون ته مئجسٽريٽ لکي
مسلمان. سرشتيدار کي چوينس ته ڀل اهو به مئجسٽريٽ
کان پڇي ( سرشتيدار کي) سائين اهو به ڀل مئجسٽريٽ
کان پڇو. عبدالرحمان جي فقط ايتري چوڻ جي دير هئي.
مئجسٽريٽ کي گجي اچي ويئي ۽ ڌمڪائي عبدالرحمان کي
چيائين ته ”ڄٽ چڱيءَ طرح اظهار ڏي. ڪورٽ ۾ آيو
آهين.“ عبدالرحمان مشڪندو رهيو. ۽ پاڻ کي چوڻ لڳو
”ادا عبدالرحمان، مئجسٽريٽ چوي ٿو ته چڱي طرح
اظهار ڏي. عبدالرحمان، مئجسٽريٽ کان پڇ ته ڄٽ ڪنهن
کي چئجي.“ اڃان عبدالرحمان مئجسٽريٽ کي چويئي چوي
ته مئجسٽريٽ چيس ته ڄٽ اڻ پڙهيل کي چئبو آهي.
عبدالرحمان (پاڻ کي) ادا عبدالرحمان! مئجسٽريٽ
صاحب چوي ٿو ته ڄٽ- اڻ پڙهيل کي چئبو آهي.
عبدالرحمان تڏهن ته تون ڄٽ ڪو نه ٿئين. تون سنڌي،
پارسي، اردو، سنسڪرت ۽ هندي ڄاڻين. تون پنج ٻوليون
ڄاڻين. مئجسٽريٽ صاحب کان ته پڇ ته پاڻ گهڻيون
ٻوليون ڄاڻي.
عبدالرحمان- (مئجسٽريٽ کي) سائين!...
مئجسٽريٽ اڌ ۾ ڪپي چيس ته ڄٽ اهو جو انگريزي نه
ڄاڻي. عبدالرحمان (پاڻ کي) ادا عبدالرحمان
مئجسٽريٽ صاحب چوي ٿو ته ڄٽ اهو جو انگريزي نه
ڄاڻي، پاڻ انگريزي ڄاڻي. ٽوپڻمل جو پٽ!
پڻس ڍڪ منشي، پڇيس ته سائين تڏهن توهان جا ابا
ڏاڏا جي انگريزي نه ڄاڻندا هئا، سي به ڄٽ هئا.
يعني توهان ٿيا ڄٽ جا ........مئجسٽريٽ گرم ٿي
ويو. يڪدم پنو ۽ قلم کنيائين ۽ عبدالرحمان کي
چيائين ته تو تي ڇو نه قاعدي جي ڪارروائي ڪجي، ته
تون ڪورٽ جي بي ادبي ڪئي آهي. هينئر گهڻو نه
ڳالهاءِ جيڪو لکڻو هجئي سو لکي ڏي. عبدالرحمان قلم
پنو کڻي هيٺيئن ريت لکيو:
جناب مئجسٽريٽ صاحب!
ادي عبدالرحمان ڪورٽ جي بي ادبي نه ڪئي آهي. توهان
پاڻ ڪورٽ جي بي ادبي ڪئي آهي. اڄوڪي ڏينهن ۾ ٻين
شاهدن کي گاريون ڏنيون اٿوَ. ادي عبدالرحمان کي
گاريون سندس گودڙيءَ جي پلوَ کي به لڳن. توهين
ماڻهن جا حاڪم نه آهيو پر سندن نوڪر. اسان شاهد
ڪورٽ ۾ پاڻ ته ڪو نه آيا آهيون، توهان گهرايو آهي
۽ آئي جو آدر به اهو! ڪير توهان جي ڪورٽ کي شاهدي
ڏيندو، جي شاهدن کي گارين جي ورکا پوندي؟ توهين
سبب ڏيکاريو ته توهان کي ڇو نه موقوف ڪيو وڃي، جو
توهان ڪورٽ ۾ شاهدن کي گاريون ڏنيون آهن، ادي
عبدالرحمان ته جيئن توهان کانئس قسم کڻايو آهي ته
”خدا کي حاضر ناظم ڄاڻي سچ چوندس، سچ کان سواءِ
ٻيو ڪجهه ڪين چوندس.“ سوئي سچ چيو آهي.“ (45)
هي اهو امر لعل جو ڪردار ”عبدالرحمان.“ ڪهڙي نموني
ڪورٽ جي اندر پنهنجو ڪيس رکي ويو. ليکڪ پنهنجي
مهارت سان هڪ مست ڪردار کان ڪم وٺي ٿو. ليکڪ هن
ڪهاڻيءَ جي ذريعي سماج جي اندر ٿيندڙ ارهه
زورائيءَ خلاف لکيو آهي. ڪورٽ جي هڪ نگران (جج) تي
تنقيد ڪري ويو آهي. هيءَ اها تنقيد آهي جنهن کي
ڪرڻ لاءِ جرئت گهرجي- ۽ سوچڻ جهڙي اها به ڳالهه
آهي ته انگريزن جي دور ۾ (1930ع) هي ڪهاڻي سرجي
وئي آهي جنهن دور ۾ ڪنهن گوري کي اف چوڻ به جرئت
جهڙو ڪم هو- ليکڪ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار
”عبدالرحمان“ کي ڪورٽ جي اندر قانون جا حوالا ڏئي
سمجهائي (تنقيد ڪري) ٿو. ته تون پاڻ قانون جي
پاسداري نه ٿو ڪرين، تون پاڻ ڪورٽ جي توهين ڪرين
ٿو- جڏهن چويس ٿو ته ”ڄٽ“ ڇا آهي ته جج چيس ته
جنهن کي انگريزي نه اچي ته موٽ ۾ جج کي اهو چوڻ ته
تنهنجا ابا ڏاڏا انگريزي نه ڄاڻندا هئا ته تون
ٿئين ڄٽ..... يا جڏهن سرشتيدار پڇي ٿو ته تون ڪهڙي
مذهب جو آهين؟ ته موٽ ۾ سچل جو شعر ٻڌائڻ ته ”
هندو مومن ناهيان جوئي آهيان سوئي آهيان“- ان شعر
ڏيڻ مان ليکڪ جي مراد اها آهي ته ليکڪ مذهبي ويڇن
۾ ماڻهن کي اڪيلو ڪري ويڇا رکڻ نه ٿو چاهي- هن وٽ
وڌيڪ اهميت ماڻهوءَ جي آهي ۽ پوءِ ئي سندس مذهب
جي. ليکڪ لبرل خيالن جو مالڪ آهي ۽ ان دور ۾ ماڻهو
مذهبي ٻنڌڻن ۾ گرفتار هئا ته ليکڪ انهن کي ڄڻ راهه
ڏسي ٿو- اها ليکڪ جي شعوري ڪوشش آهي جيڪا ساراهه
جوڳي آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ ڪهاڻي ان دور سان واسطو
رکي ٿي جنهن دور ۾ ماڻهو علم کان گهڻو پري هئا.
جيئن اڄ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ اسڪول آهن تيئن ان
وقت ته هڪ اڌ اسڪول جيڪڏهن هوندو به هو ته اهو
تمام پري هو ڇاڪاڻ ته انگريز ۽ وڏيرا نه چاهيندا
هئا ته هيٺئين طبقي وارا ماڻهو (مسلمان- هندو) هنن
کي ڀؤ هيو ته جي هي اسڪولن ۾ آيا ته بري ڀلي، ظلم
جبر، غلام ۽ آقا جي هنن کي خبر پئجي ويندي.
سو اسان وري موٽي اچون ٿا ڪهاڻيءَ طرف ان دور ۾
لعل هنگوراڻي سيٺين تي تنقيد ڪري ويو آهي، ڪورٽ تي
تنقيد ڪري ويو آهي. هيءَ اها ڪورٽ آهي جنهن تي اڄ
به اسان تنقيد ڪرڻ کان اڳ سوچيون ٿا ته 75 سال اڳ
وارو وقت ته اڃا ڏاڍ ۽ نا انصافيءَ وارو هو (توڙي
جو اڄ به اهو ڏاڍ آهي پر ڏاڍ ڪرڻ وارو رڳو بدلجي
ويو آهي). هن ڪهاڻيءَ تي ڪيرت ٻاٻاڻي هيئن راءِ
ڏئي ٿو. ”ادو عبدالرحمان“ هڪ مست ڪردار جي چوڌاري
ٿي ڦري، جو ڪو رواجي مست نه آهي. اڳتي هلي سندس
ڪردار مان اڀري ٿو بيهي ته هو هڪ وڏو عالم آهي ۽
ان کان به وڌيڪ ڳالهه اها آهي ته سندس آتما بلڪل
روشن آهي پوءِ جي اوسر مان اها به جهلڪ ملي ٿي؛
ڪجهه ڪي قدر ظاهر ٿئي ٿو ته اڄوڪي مطبي، نردئي،
کوکلي، کوٽي ۽ واهيات دنيا جي وهنوار ئي کيس مست
بڻايو آهي. ان ڪري سندس (مست) رخ دنيا جي ٽڪر ۾
بيٺو آهي، جو ئي نئون ۽ وقت جو سوکيم سچ آهي ۽
ڪهاڻيءَ جي بنياد کي مٿي کڻي بيٺو آهي. ۽ پوءِ
زميندار جي ڏاڍائي ۽ جج جي ڪڌائي جو مقابلو ڪندي،
نام نهاد ”اعلي سماج“ جي کوکلائپ جو پردو فاش ڪري
ٿو ڇڏي. هن ڪردار جو ايڏو ته تاثير آهي، جو هڪ
دفعو پڙهڻ کانپوءِ ذهن تي ڇانئجي ٿو وڃي ۽ سالن
تائين جهونجهاڙيندو ٿو رهي.“ (50)
امر لعل هنگوراڻيءَ جي ڪهاڻين تي منگهارام ملڪاڻي
تبصرو ڪندي چوي ٿو ته، ”هن دور جو اوائلي ڪهاڻي
نويس ”امر لعل هنگوراڻي“ هو، جنهن جون ڪهاڻيون
1930ع ۾ سندس برپا ڪيل ”ڦلواڙي“ مخزن ۾ شايع
ٿينديون هيون، جن مان پهريون ٻه هيون: ”ڏس ڏيوم ته
ڪٿان لڀندي“ ۽ ”ادو عبدالرحمان.“ امر لعل کي حقيقت
نگاريءَ (Realism)
تي ٻڌل جديد ڪهاڻي نويسيءَ جي فن جو باني ڪوٺي
سگهجي ٿو. هيءُ صاحب آکاڻين جا موضوع اڪثر پنهنجي
وڪالتي ڌنڌي مان کڻندو هو ۽ انهن کي ڪلا جو مک
ڏيندو هو. (51)
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي، امر لعل هنگوراڻيءَ جي
ڪهاڻين تي هيئن تبصرو ڪري ٿو. ”سنڌي ڪهاڻي هن دور
۾ مقصد ۽ اصولن جي اها واٽ وٺي اڳيان وڌي، جنهن جو
پهريون پانڌيئڙو امر لعل هنگوراڻي آهي. هو پهريون
ئي ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جي طبعزاد ڪهاڻين کي سنڌي
ادب ۾ اهم مقام حاصل ٿيو. پروفيسر منگهارام
ملڪاڻيءَ کيس پهريون حقيقت نگار اديب چيو آهي،
جنهن جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو پايو وڌو. ”ڏس ڏيوم ته
ڪٿان لڀندي“، ”ادو عبدالرحمان،“ ” هيءَ به
رانجهوءَ سنڌي رمز“، ”رام ۽ رحيم“، ”گوليءَ جو
گناهه“ وغيرهه اهي سندس ڪهاڻيون هن عرصي ۾ شايع
ٿيون. ليڪن ورهاگي تائين ٻيون به ٻه ٽي ڪهاڻيون ڪن
ماهوار رسالن ۾ ڇپيون هيون. هنگوراڻي وڪيل هو، ان
ڪري سماجي نشيب وفراز جو کيس ڪافي مشاهدو هو.
عدالتن ۾ بعضي عجيب وغريب وارداتون ڏسبيون آهن ۽
نين نين ڳالهين جو انڪشاف ٿيندو آهي. ڪيترا معاملا
ظاهري طور ته مٿان صاف سٿرا ڀانئبا آهن، ليڪن انهن
جي تهن ۾ گهڻيون ئي ڳنڍيون ڏنل هونديون آهن يا ته
وري پيچيده معاملا به ڪڏهن ڪڏهن جلديءَ ۾ نبري
ويندا آهن. ڪن ڪيسن جي دوران نوان انساني پهلو
سامهون ايندا آهن. ڪيترا مجرم بظاهر خطرناڪ ڏوهن ۾
جهلبا آهن، پر انهن جي جرم جو انداز حقيقت ۾ ايڏو
سنگين نه هوندو آهي. يا ته ڪي ظاهري معصوم نظر
ايندڙ نوجوان ڏوهاري اندر جا درنده صفت نڪري پوندا
آهن. عدالت جي ميزان جو پلڙو ڪڏهن مدعي ڏانهن ته
ڪڏهن وري مدعيٰ عليه ڏانهن لڙيل هوندو آهي، ساڳي
حيقيت شاهدن سان به هوندي آهي. ڪي ”اندر ڪارو
ڪانءُ ٻاهر ٻولي هنج جي“ يعني ته چرب زبان مگر
مڪار ٿين ٿا. ۽ ڪي وري خدا ڪارڻ شاهدي ڏيڻ واسطي
اچن ٿا، ڪن کي وري پوليس پنهنجي فائدي ۾ شاهد ڪري
بيهاريندي آهي. ليڪن ڪي شاهدن صرف پنهنجو مافي
الضمير بيان ڪندا آهن! ”ادو عبدالرحمان“ به هڪ
اهڙي شاهدن جي ڪهاڻي آهي. (52)
بقول ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي، ”شري امر لعل هنگوراڻيءَ
جي ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ اهڙي معيار جي رچنا
آهي، جيڪا انيڪ ٻولين ۾ الٽو ٿي مقبول ٿي پيئي ۽
يونيسڪو طرفان ڇپيل دنيا جي بهترين ڪهاڻين جي
سنگرهه ۾ پڻ کيس جڳهه ملي.“
امر لعل هنگوراڻيءَ جون هيٺيون ڪهاڻيون مشهور آهن.
1- ادو عبدالرحمان 2- ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي 3-
هيءَ به رانجهوءَ سنڌي رمز 4- لالي 5- گوليءَ جو
گناهه 6- ڀائو 7- رام ۽ رحيم 8- رکڙي ٻنڌن 9- لکيو
ڪين ٽري 10- ٻڍيءَ جي ٻاجهه 11- واقفيت (53)
امر لعل هنگوراڻيءَ جي ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ تي
مختصر تبصرو ڪيو آهي. سندس ٻيون به ڪهاڻيون بهترين
آهن جيڪڏهن ٻين ڪهاڻيون بهترين آهن جيڪڏهن ٻين
ڪهاڻين تي تبصرو ڪبو ته هوند ڄڻ ڌار باب (Chapter)
بڻجي ويندو. ائين کڻي چئجي ته ورهاگي کان اڳ جي
افسانا نگارن مان هي اهڙو افسانا نگار آهي جيڪڏهن
ڪير هن کي نظر انداز ڪري ٿو ته اهو وڏي چڪ ڪري ٿو
۽ سنڌي ادب سان بد ديانتي ڪري ٿو. مون کي ڏک آهي
”ميمڻ رانجهن خان“ جو، جنهن جو مقالو ئي ”ورهاگي
کان اڳ جو افسانو“ آهي ته هن امر لعل هنگوراڻيءَ
جهڙي جديد سنڌي افسانا نگار کي ڪيئن ۽ ڇو وساريو؟
مددي ڪتاب ۽ رسالا
1.
ملڪاڻي، منگهارام ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني
پبليڪيشن حيدرآباد/ڪنڊيارو. ٽيون ايڊيشن اپريل
1993ع، ص 38.
2.
ميمڻ، رانجهن خان ”سنڌي افسانو (آزاديءَ کان اڳ)“،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
سنڌ، ڇاپو پهريون ڊسمبر 1966ع، ص 9
3.
موهن لعل پروفيسر، ”ادبي گل“، سچل سرمست سنڌي ساهت
سوسائٽي سنڌ، ڏوڪري، ڇاپو پهريون سال 2005ع، ص 56،
57
4.
عالماڻي عبدالحق، ”ورهاڱي کان اڳ سنڌي ڪهاڻي“،
ماهوار سهڻي سال 6.3.1970، ص 21
5.
مالهي گوبند- ڪلاريجهسنگهاڻي ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“،
(ڀاڱو پهريون) ساهتيه اڪاديمي نئين دهلي (سندري
پرنٽنگ پريس، چيمبور ڪالوني، بمبئي) ص 10
6.
ڏسو حوالو-1، ص 39
7.
ڏسو حوالو-2، ص 10
8.
جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن
1994ع، ص 146
9.
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي
جائزو“، عجائب اسٽورز فريئر روڊ سکر، ڇاپو پنجون:
1995ع، ص 119
10.
لغاري اڪبر، ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، نيوفيلڊس
پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ، ڇاپو ٽيون: جنوري 1999ع، ص
67
11.عرساڻي،
محمد اسماعيل، ”چار مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو/حيدرآباد سنڌ ٻيون ايڊيشن: 1983ع، ص 62
12.
ڏسو حوالو-3، ص 57
13.
گرامي، غلام محمد، ايڊيٽر ”سماهي مهراڻ“، ”سڌاتوري
۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ پرچو 1959ع، ص 193، سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد
14.
ڏسو حوالو-1، ص 42
15.
ڏسو حوالو-5، ص 11
16.
خواجه نورافروز، ڊاڪٽر، ”ماهوار نئين زندگي“ محڪمه
اطلاعات حڪومتِ پاڪستان نومبر، 1997ع، ص 29
17.
ڏسو حوالو-11، ص 62، 63
18.
ڏسو حوالو-1، ص 43
19.
ساڳيو ڪتاب، ص 45
20.ڏسو
حوالو-11، ص
63, 64
21.
ڏسو حوالو-11، ص 64
22.جتوئي،
ادريس، ”جمال ابڙو ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي“ ڪويتا
پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌي ادبي سنگت، نوان جتوئي
ڇاپو پهريون جون 2005ع، ص 64
23.ڏسو
حوالو-1، ص 46
24.ڏسو
حوالو-16، ص 29
25.
ڏسو حوالو-2، ص 15، 16، 17
26.ڏسو
حوالو-1، ص 58
27.ڏسو
حوالو-5، ص 12
28.ڏسو
حوالو-11، ص 65
29.وي.ايف.آگئيف.ڊاڪٽر
محمود صادق (مترجم) ”سندھ
تاریخ
کے
آئینے
میں“
حوري نوراني، مڪتبه دانيال، وڪٽوريه چيمبرز ڪراچي،
پهريون ڇاپو 1989ع، ص 442، 443
30.ملڪاڻي،
منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن
حيدرآباد/ ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن: اپريل 1993ع، ص
58، 59
31.
عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي
افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ
يونيورسٽي، ڄام شورو، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1982ع،
ص 211
32.ميمڻ،
رانجهن خان، ”سنڌي افسانو (آزاديءَ کان اڳ)
”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
سنڌ، ڇاپو پهريون ڊسمبر 1966ع، ص 29، 30
33.ساڳيو
ڪتاب، ص 30، 31، 32
34.ساڳيو
ڪتاب، ص 50، 51
35.
ساڳيو ڪتاب، ص 58 کان 62 تائين
36.ساڳيو
ڪتاب، ص 49، 50
37.خواجه
نور افروز ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوڳءِ سنڌي افسانوي
ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ
يونيورسٽي، ڄام شورو، ڇاپو پهريون، سيپٽمبر 1982ع،
ص 226
38.عرساڻي،
شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌ افسانوي
ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي
ڄام شورو، ڇاپو پهريون، فيبروري 1982ع، ص 226
39.ڏيپلائي،
ثريا سوز، ”ڏيپلائي، هڪ مصلح“ مرتب: عبدالجبار
جوڻيجو، محمد قاسم ٻگهيو، مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، فيبروري
1988ع، ص 117
40.ڏيپلائي،
ثريا سوز، ”ڏيپلائي، هڪ مصلح“ مرتب: عبدالجبار
جوڻيجو، محمد قاسم ٻگهيو، ”مقالا“ سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، فيبروري
1988ع، ص 120
41.
عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي
افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ
يونيورسٽي، ڄام شورو، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1982ع،
ص 224
42.ملڪاڻي،
منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن
حيدرآباد/ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن: اپريل 1993ع، ص
53، 54
43.ميمڻ،
رانجهن خان، ”سنڌي افسانوي (آزاديءَ کان پوءِ)“
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
سنڌ، ڇاپو پهريون ڊسمبر 1966ع، ص 37 کان 45
44.الانا
غلام علي، ”چونڊ سنڌي افسانا“ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي، ڇاپو ٽيون، مارچ 1981ع، ص
9
45.
جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن:
1994ع، ص 168
46.ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“
عجائب اسٽورز فريئر روڊ سکر، ڇاپو پنجون: 1995ع، ص
120
47.هڪڙو
انورفگار ڊاڪٽر، (مرتب) ”جي تند برابر توريان“ شيخ
اياز- سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو 1998ع، ص 8
48.هنڱوراڻي
امر لعل، ”ادو عبدالرحمان“ نيو فيلڊس پبليڪيشن
ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ، ٻيو ايڊيشن: 1985ع،
ص 8، 9
49.ساڳيو
ڪتاب، ص 23 کان 25
50.
ساڳيو ڪتاب، ص 10
51.
ملڪاڻي، منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني
پبليڪيشن حيدرآباد/ڪنڊيارو، ٽيون ايڊيشن: اپريل
1993ع، ص 59
52.
عرساڻي شمس الدين ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي
افسانوي ادب جي اوسر“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ
يونيورسٽي، ڄام شورو، ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1982ع،
ص 194، 195
53.
هنڱوراڻي امرلعل، ”ادو عبدالرحمان“ نيو فيلڊس
پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد، حيدرآباد، سنڌ ٻيو
ايڊيشن: 1985ع، ص 9-7
مرزا ڪاظم رضا
بيگ
تحقيق
مخدوم طالب الموليٰ جي مرثيه گوئي
شاعريءَ ۾ مرثيه جي صنف ايتري قدر منفرد ۽ شاعريءَ
جي سڀني صنفن کان ايتري ته مختلف آهي جو ان جو
پنهنجو الڳ فن ۽ ڌار اصول آهن. مرثيو، عربي ٻوليءَ
جو لفظ آهي ۽ اهڙي نظم لاءِ استعمال ٿيو آهي جنهن
۾ ڪو شخص ڪنهن ٻي شخص جي موت جو غم ملهائي، مگر
جهڙي طرح غزل ۾ صرف محبوب جي سراپا حسن جي تعريف
ڪجي ٿي، اهڙي طرح مرثيه رڳو حضرت امام حسين عليہ
السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ برپا ٿيندڙ مجلس
سان مخصوص ٿيو. مرثيه ۾ امام حسين عليہ السلام ۽
سندن ساٿين جي جنگ ۽ شهادت جو بيان ٿئي ٿو. عربي،
فارسي، اردو توڙي سنڌي زبانن ۾ مرثين جو هڪ ضخيم،
اڻ ملهه ۽ قابلِ قدر ذخيرو موجود آهي.
ڊاڪٽر سيد صفدر حسين، پنهنجي اردو ڪتاب ”رزم
نگارانِ ڪربلا“ ۾ لکي ٿو ته، ”جڏهن اُتر ۾ اردو
شاعريءَ جو بنياد پيو، ان کان پهرين سنڌي، ملتاني
۽ گجراتي زبانن ۾ انيڪ مرثيه لکيا ويا.“
سنڌي مرثيه جي ابتدا، جڏهن سنڌي شاعري وجود ۾ آئي،
تڏهن کان ٿي، ۽ سنڌي مرثيه جي ابتدا بيتن ۽ ڏوهيڙن
سان ٿي، جنهن جو مثال سرتاج الشعراء حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيؒ جي رسالي ۾ سر ڪيڏارو آهي، جنهن
کي پڙهڻ سان دردِ غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. پر علم
عروض جي حدن اندر فارسي بحرن تي سيد ثابت علي شاهه
يا ميرزا مراد علي بيگ ”مراد“ کي سنڌي مرثيه جو
باني چئي سگهجي ٿو. ان کان پوءِ آخوند محمد عالم،
ميرزا فتح علي بيگ ”فتح“، مير حسن علي خان ٽالپر،
ميرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“، ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا
قليچ بيگ، مير عبدالحسين خان سانگي، ميرزا قربان
علي بيگ ”قربان“، ميرزا علي محمد بيگ مظفر، ميرزا
حسين علي بيگ، ميرزا امام علي بيگ، ميرزا عباس علي
بيگ، ميرزا سلطان حيدر بيگ، منظور حسين نقوي، سيد
احسن الهاشمي، وغيره مرثيه جي صنف ۾ طبع آزمائي
ڪئي آهي.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سنڌي، فارسي ۽ اردو
جو مايه ناز شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ غزل،
ڪافيون، وائيون، رباعيون، قطعا، مثنوي وغيره ڪثرت
سان موجود آهن. مرثيه گوئي جي حوالي سان سندن پنج
مرثيه ”شانِ حسين“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع
ٿي منظرِعام تي آيا آهن، جيڪي تاريخي ۽ ادبي حيثيت
سان ايمان افروز پڻ آهن. مخدوم طالب الموليٰ،
مرثيه گوئي ۾ جنهن انداز سان پنهنجي جذبي جي عڪاسي
ڪئي آهي اهو قابلِ تعريف آهي.
دنيا ۾ جتي جتي مسلمان رهن ٿا، انهن پنهنجي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ ڪربلا جي سانحي تي، پنهنجن وڏن جي پيروي
ڪندي مرثيه، سلام ۽ نوحا لکيا آهن. جيستائين هي
ڏينهن ۽ رات جو سلسلو آهي، اوستائين ڪربلا جي قضيي
تي عاشقانِ امام حسين عليہ السلام پنهنجي عقيدت جا
نذرانا پيش ڪندا رهندا. عربي، فارسي ۽ اردو وانگر
سنڌي زبان جا شاعر به سانحئه ڪربلا تي غم ۽ ڏک جو
اظهار ڪندا رهيا آهن ۽ هيءُ سلسلو قيامت تائين
جاري ۽ ساري رهندو. مخدوم طالب الموليٰ جي دل ۾ به
حبِ اهلبيت جو سوجهرو هو ۽ حبِ اهلبيت ۾ مخدوم
طالب الموليٰ ڪيترائي پرسوز مرثيه، نوحا ۽ سلام
لکيا آهن، جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:-
ڇا خاطرِ شبير آ درگاهِه خدا ۾،
هرگز نه ڪڏهن فرق پيو جنهن جي دعا ۾،
يڪتا آ عبادت ۾ شجاعت ۾ سخا ۾،
بيڪس به ٻيو اهڙو نه آهي هر دو سرا ۾،
ڇا مرتبو آهي ڇا وري ظلم سهيو آ،
لاشو به ته بيڪفن ۽ بي دفن رهيو آ.
---
جو شاهه ٻين کي ٿو ڏئي دولتِ اولاد،
افسوس جو ٻچڙن تي سندس ٿئي رڳو بيداد،
اصغر جو گلو ڇا لڳي ڇا ناوڪِ فولاد،
فرياد آ فرياد آ فرياد آ فرياد،
بي جرم و خطا ڪود ڪِ شبير کي ماريئون،
نادان کي معصوم کي بي شبير کي ماريئون.
---
فني اعتبار سان مرثيه جي ابتدا تمام احتياط سان
ٿيندي آهي، جنهن سان ڪربلا جا واقعا مربوط ڪيا
ويندا آهن، جهڙي طرح قصيدي ۾ تشبيب هوندي آهي،
اهڙي طرح مرثيه ۾ به عام طور شاعر ابتدائيه لکندا
آهن. جيئن مخدوم طالب الموليٰ هڪ مرثيه ۾ لکي ٿو
ته:
آءٌ ڇو نه ڪريان شڪر خدائي دوجهان جو،
جنهن بخشيو سندم دل کي مزو سوزنهان جو،
يڪسان آءٌ مسرت ۾ اگر دور فغان جو،
هئي نارِ جهنم به ته لطف آهي جنان جو،
ٿيندي آ خوشي صحت و آزار کان مون کي،
خلعت هي ملي آ انهيءَ سرڪار کان مون کي.
---
هر ڳالهه ۾ هڪ حسن آ هر شيءِ ۾ نفاست،
بدشڪل ڪائي چيز نه هئي جو بصارت،
روئڻ به آهي لطف جي ڪامل آ سماعت،
هر اشڪ جي ساغر ۾ عجب آهي بشاشت،
اکيون جي هجن نار ۾ آ نور جو جلوو،
هر ذهء ناچيز ۾ آ طور جو جلوو.
مرثيه نگاريءَ ۾ بلاغت کي ڪلام ۾ گهڻي اهميت حاصل
آهي، خاص ڪري واقعه نگاري بلاغت کان سواءِ بلڪل
مصنوعي ۽ بي تاثير ٿئي ٿي. عام طور ائين سمجهيو
وڃي ٿو ته فصاحت ۽ بلاغت اهڙيون خوبيون آهن جي ٻئي
هڪ هنڌ ٿي نه ٿيون سگهن. هي خيال ادب کان پري آهي
۽ استادن جي ويجهو غلط آهي. بلاغت ۾ واقعه ۽ حقيقت
جي خيال کي موزون طريقي سان آڻڻ ضروري آهي ۽ فصاحت
۾ لفظن جي سادگي ۽ رواني خوبي آهي. مختصر ته خيالي
۽ واقعه کي فصيح الفاظ جو جامو پهرائڻ فصاحت آهي،
تنهنڪري ساڳيوئي ڪلام بيڪ وقت فصيح ۽ بليغ ٿي سگهي
ٿو، جنهن جا هڪ ئي مثال ملن ٿا. مخدوم طالب
الموليٰ جي هڪ مرثيه جا چند بند پيش ڪجن ٿا، جن ۾
واقعه نگاري سان گڏ بلاغت به موجود آهي:
احوال ٿو هاڻي آءٌ لکان ڪرب و بلا جو،
طوفان هو، سيلاب هو، اربابِ جفا جو،
سينن ۾ تلاطم هو ۽ سامانِ دغا جو،
بشاش هو هڪ روح امام دو سرا جو،
رخ تي اثر هو نه بدن غرقِ عرق هو،
منهن تي سا صباحت جيئن سونو ڪو ورق هو.
---
فرمايائين سڀ قتل ٿيا دين جا باني،
قاسم به هو سم خورده برادر جي نشاني،
۽ حُسن ۾ اڪبر هو سندم يوسفِ ثاني،
عباس هو اسلام جي ڀرپور جواني،
سيني ۾ خلش لب تي سندم آهه نه آهي،
حالانڪ هتي منهنجو ڪو همراهه نه آهي.
هاڻي ننڍڙي علي اصغر جي بيان واري مرثيه جا بند
پيش ڪجن ٿا، جنهن مان بيانيه ابتدائيه جو پتو پوي
ٿو. مخدوم طالب الموليٰ طرزِ نگارش لائقِ صد تحسين
آهن:
ڇا سوال ڪرڻ غير کي ڇا حضرتِ شبير،
پر آهه ڪئي شاهه ٿي مجبور هي تقرير،
چائين ٿي مون کي آندو آهي اصغر بي شير،
ناگاهه لڳو گردن معصوم تي هڪ تير،
هي حال ڏسي شاهه نهاريو ٿي فلڪ ڏي،
۽ منهن مان سواءِ شڪر جي ٻي بات نه ڪئي ٿي.
---
پوءِ گود ۾ سرور جي هو تڙڦڻ لڳو اصغر،
۽ هڏڪيون ڀريون ٿي اُتي معصوم ته هر هر،
سيني سان لڳائي چيو شهه بادل مفطر،
آرام سان سمجهندو هئين هن گود ۾ دلبر،
هندم ڇو تون تڙڦين ٿو ٿيو توکي اباڇا،
يا ياد ڪري روئين ٿو تون پنهنجو ادا ڇا.
---
ان دم ۾ ڏنو دم کڻي ناگهه علي اصغر،
اکين مان ٿيا اشڪ روان شاهه جي هيڪر،
ڪجهه ڪين ڪڇيو ضبط ڪيو شير بهادر،
ڇا وقت اهو هوندو مٿي جانِ پيمبر،
پر رحم نه تر جيترو آيو هر فلڪ کي،
معصوم جي هن حال تي ملڪن به رنو ٿي.
هڪڙي بند ۾ خطابيه انداز ملاحظه ڪريو:-
ان پيءُ جو آءٌ پٽ آهيان جو اشجعِ عالم،
جنهن تي هو سدا سايه فگن فتح جو پرچم،
جنهن ذات سان اسلام جو بنياد هو محڪم،
سو اصل ۾ هو قوت پيغمبر اڪرم،
طِفليءَ ۾ به اُن نيٺ نه ازدر کي ڇڏيو هو،
بي فتح نه ان قلعئهِ خيبر کي ڇڏيو هو.
هاڻي ان مرثيه جا چند بند پيش ڪجن ٿا، جنهن ۾
واقعه نگاريءَ سان گڏوگڏ مڪالمو به آهي، ڪلام جي
بلاغت به ملاحظه ڪريو:-
شفقت سان نظر ڪيائون سوئي چهرهء دلدار،
۽ پيار سان ڳالهايو تڏهن احمد مختار،
ڪئي فاطمہ جي لعل ته نانا سان هيءَ گفتار،
ڇا رنج ڪو دل کي آهي اي نائبِ غفار،
ڇو اهڙا ملول اڄ ته نظر مون کي اچو ٿا،
ڇا آهي سبب ڪين ڪي خوش ڀي ڏسجو ٿا.
---
فرمايائون کڻي تازي مسلمان ڏي آڱر،
هن شخص کي اولاد نه آهي منهنجا دلبر،
هن لاءِ دعا حق کان گهري ٿي مون پيمبر،
پر روح الامين چيو اچي مون کي هي مقرر،
تحقيق دعا تنهنجي اڃا بت جي قرين آ،
پر هن جي مقدر ۾ ته اولاد نه ڪين آ،
هي ڳالهه ٻڌي جڏهن پسرِ فاطمہ زهرا،
الله جي رحمت جي طرح جوش ۾ آيا،
فرمايائون هن ڳالهه جو ڏک آهي نانا،
مون هن کي ڏنو پٽ وٺي ازدرگهِه مولا،
فرمايو نبي بيشڪ دل تنهنجي سخي آ،
پر درگههِ معبود ۾ هيءَ بي ادبي آ.
---
تنهن تي هي وري چوپسر حيدرِ ڪرار،
مون هن کي وري پٽ ٻه ڏنا اي شههِ ابرار،
فرمايو نبي ماٺ تون ڪر اي منهنجا دلدار،
نانا کي چوڻ هيئن لڳو هو ڪُل جو مددگار،
مختار مون کي آهي ڪيو فضل خدا اڄ،
ست هن کي تڏهن مون کي فرزند ڏنا اڄ.
---
اندم هي ندا عرش کان ناگاهه ٿي آئي،
تڪرار ڪريو ڪين هي آ جان فدائي،
شبير آ مختار سندس آهي خدائي،
عاشق آهي منهنجو هن کي روڪ نه ڪائي،
پهرين ته نه هئي بلڪل تقدير جي مرضي،
پر هاڻ اها مرضي جا شبير جي مرضي.
انساني جذبن ۽ احساسن کي زندگيءَ ۾ وڏو دخل آهي.
ڪنهن به واقعي تي جڏهن خوشي يا غم جو اظهار ٿيندو
آهي، تڏهن عزيز، اقربا، دوست ۽ احباب پاڻ ۾ هڪ ٻئي
لاءِ خوشي ۽ غم جا جذبات رکن ٿا. والدين کي پنهنجي
اولاد سان شفقت ۽ محبت فطري طور هوندي آهي. ڀاءُ
سان ڀيڻ جي محبت ۽ ماءُ کي پنهنجي پٽ سان پيار
هڪڙي حقيقت آهي. مخدوم طالب الموليٰ جي مرثيه
گوئيءَ ۾ اسان کي اهي سڀئي جذبات ۽ احساس ملن ٿا.
حضرت علي اڪبر عليہ السلام، حضرت امام حسين عليہ
السلام جو پٽ جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ دشمنن جي ڪثير
سپاهه ۾ اڪيلا جنگ لاءِ نڪتا، ان وقت امام عالي
مقام ۽ بيبي زينب جو ڪهڙو حال هو، ۽ جڏهن سندن
شهادت جي خبر ٻڌئون تڏهن امام عالي مقام جي دل جي
ڪهڙي حالت هئي، ان کي مخدوم طالب الموليٰ هن ريت
لکيو آهي:-
خدا جي واسطي مون کي پسر جو ڏس ڪو ڏيو،
هو نورچشم سندو هو ۽ منهنجي گهر جو ڏيو،
هو زخمي پياسو پسر هَئي ٻڌايو ڪٿ آ پيو،
جنهين جي لاءِ جو بيتاب اڄ پدر آ ٿيو،
هي وقت اهڙو آ ڪافر کي ڀي رحم ايندو،
حسين پٽ کان سواءِ جلدي مري ويندو.
---
زبان سان ٿو گهري پاڻي يا اشاري سان،
هو دور آهي يا آ نهر جي ڪناري سان،
اٿي ٿو پاڻهي يا ڪنهن غير جي اشاري سان،
ملايو مون کي سندم نوجوان پياري سان،
ڪليجو منهنجو ٿو ٻاهر اچي جدائي کان،
پسر ملايو کڻي هاڻ جان فدائي کان.
---
اُها زمين، اهو آسمان، اُها دنيا،
اها فرات، اهو ساڳيو رڻ، اُها صحرا،
اهو حُسين، اهو آهي لشڪرِ اعدا،
مگر نه آهين فقط تون هتي اي منهنجا ابا،
نه چين پل جو به ملندو ابا علي اڪبر،
وري نه مون کي ڪو ڏسندو ابا علي اڪبر.
---
سندم غيور، سندم ڪم سخن علي اڪبر،
سندم دلير سندم صف شڪن علي اڪبر،
سندم غريب سندم بي وطن علي اڪبر،
اي نورچشم اي نازڪ بدن علي اڪبر،
ڪريان ڇا هاڻ آءٌ مون کي حياتي ڪانه کپي،
اِجهو ٿو تو ڏي هي وڇرائيو به جلد اچي.
---
جواب ڏي مون کي اي بينوا علي اڪبر،
ڪٿي آهين تون سندم جا نفدا علي اڪبر،
نه آهي هوش مون کي دلربا علي اڪبر،
پڪاري توکي ابو ٿو ابا علي اڪبر،
ڪمر جو درد علمدار ويو ڏئي هَئي،
رهيو سهيو سُک اڄ سڀ ابانيئي هَئي هئي.
ساڳئي ئي مرثيي مان ڪجهه بند پيش خدمت آهن، جنهن ۾
جذبن ۽ احساسن سان گڏ ساڳيو سوز گداز به آهي:-
هي ٻڌندي شاهه هليو ان طرف به حال تباهه،
نظر ۾ آيو اتي پَٽَ تي پُٽ پيل ناگاهه،
پوءِ ڏسندي پيءُ کي ڀري آهه هيئن چيو ذيجاهه،
غلام صدقي کڻي خيمه ۾ هو يا شاهه،
پڦي ڏسان ۽ سڀن ساڻ ڪجهه ته ڳالهايان،
هلي آءُ ماءُ کان اڄ کير پنهنجو بخشايان.
---
چيو امام کڻي پٽ کي پنهنجي بسم الله،
پڦي ۽ ڀينرون ماءُ پڻ ڏسن سندءِ ٿيون راهه،
پوءِ لاش خيمه ۾ اندر کڻي جو آيو شاهه،
پڪاريو باتوان دم به زاري وصد آهه،
فلڪ شگاف ٿي، فرياد ڪيو سڀن اندم،
چيئون ٿي پهچ رسولِ خدا هتي هندم.
---
جڏهن جوان پسر ورتي هوندي راهه عدم،
ڇا گذريو هوندو شههِ ذوالمنن جي دل ۾ غم،
مگر ڪيو صبر و شڪر خوب شهنشاهه امم،
نه اڳتي تاب آ، ”طالب“ ڪجي بيان الم،
هي درد آهي اهو جنهن کان ٿيندي دل دونيم،
عطا ڪري هر مومن کي شال ربِ ڪريم.
مخدوم طالب الموليٰ هڪ مرثيه ۾ ڪربلا جي سرزمين کي
مخاطب ٿي فرمائي ٿو:-
ڏي خبر مون کي هي اڄ اي سرزمينِ ڪربلا،
ظلم ڪهڙي طرح ڪيا آلِ نبي تي اشڪيا،
ڪيئن ٿيا ٿي حق پرستن تي فقط جور و جفا،
ڪهڙي تڪليفن اندر هو لشڪرِ شاهه هدا،
ڪهڙي حالت ۾ ڏٺئي هن فوج جا اعدائي دين،
ڪهڙي رمزن ۾ ڀلا هو صاحبِ دينِ متين.
مخدوم طالب الموليٰ جا مرثيه فني سٽاءَ ۽ پختگيءَ
جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ ڪربلا
جي دردناڪ ۽ دل سوز واقعي جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا.
مخدوم طالب الموليٰ جي مرثين ۾ ڪم آيل عبارت جي
رنگيني، فصاحت ۽ بلاغت ۾ پاڻ ڪمال ڪري ڇڏيو اٿن.
لفظي ۽ معنوي صنعتون، تشبيهون، محاورا، استعارا،
مجاز، ڪنايا ۽ اصطلاح بي انداز ڪم آندا اٿس. جن تي
فارسي واقعي کي نهايت دل سوز انداز ۾ پنهنجن مرثين
۾ بيان ڪيو اٿس. جذبات نگاري سندن مرثين جو اهم
جزو آهي، تنهنڪري اڪثر سندن مرثيه جذبات سان ڀرپور
آهن. ان کان سواءِ واقعات نگاريءَ جا به بهترين
مثال ملن ٿا، جنهنڪري کين سنڌي ادب ۾ نامور سنڌي
مرثيه گو شاعرن جي فهرست ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
رپورٽ
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ستين ورسي
سنڌ جي هردلعزيز هاڪاري عالم، محقق ۽ سنڌي ادبي
بورڊ جي اڳوڻي چيئرمن علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي
ستين ورسي 10- ڊسمبر، جمعي جي ڏينهن تي ملهائي
وئي.
پروگرام مطابق، ڊاڪٽر غلام علي الانا، علامه قاسمي
چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر قاضي خادم، شاهه ولي الله
اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد لغاري، علامه صاحب
جي شاگردن، مداحن ۽ علامه صاحب جي فرزندن، علامه
صاحب جي مزار تي گُلن جي چادرون چاڙهيون ۽ مغفرت
جي دعا ڪئي. ان موقعي تي قرآن خواني ۽ خيرات جي
مانيءَ جو به انتظام ڪيل هو.
• ساڳي ڏينهن، شام جو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ علامه قاسمي صاحب جي
شخصيت ۽ علمي ڪم کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد
ڪئي وئي، جنهن جو اهتمام ”علامه قاسمي چيئر“ ۽
قاسمي صاحب جي گهر ڀاتين پاران ڪيو ويو. ان تقريب
جي صدارت، ”علامه قاسمي چيئر“ جي چيئرمن مظهرالحق
صديقي ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان، ناميارو اديب حميد
سنڌي هو.
• ان موقعي تي علامه قاسمي چيئر پاران شايع ڪيل،
علامه قاسمي صاحب جي تحرير ڪيل اردو ايڊيٽوريل تي
ٻڌل ڪتاب ”شذرات- ڀاڱو ٽيون“ ۽ مجموعي طور تي چيئر
جي نائين ڪتاب جي پڌرائي ڪئي وئي.
• ڪتاب ”شذرات“ جو علمي جائزو پيش ڪندي، محقق ۽
اديب پروفيسر سليم بيگ مرزا چيو ته قاسمي صاحب جي
تحرير ڪيل سنڌي ڪتابن سان گڏ، سندس اردو ڪتاب ۽
تحريرون پڻ نهايت اهميت واريون آهن ۽ قاسمي صاحب
پنهنجي اِن ڪتاب ۾ مختلف واقعن ۽ شخصيتن تي
ايڊيٽوريل تحرير ڪري وڏي علمي خدمت ڪئي آهي ۽ هڪ
صحافيءَ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ نهايت بنا ڪنهن
ڊپ جي ڏني آهي.
• تاج جويي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته علامه غلام
مصطفيٰ قاسمي، سنڌ جو سچو عاشق، شاهه عبداللطيف جو
شارح ۽ شاهه ولي الله دهلوي، مخدوم معين ٺٽوي،
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي واري
سلسلي جو ناميارو عالم هو ۽ مون کي خوشي آهي ته
مون قاسمي صاحب تي ڪتاب مرتب ڪري، کين پيش ڪيو.
• علامه قاسمي چيئر جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر قاضي خادم
چيو ته جديد سنڌ جي عالمن ۾ علامه قاسمي صاحب جي
حيثيت مختلف ۽ منفرد آهي. هو هڪ ئي وقت، عالم،
استاد، مؤرخ، مفڪر، محقق ۽ مقرر هو ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ”علامه قاسمي چيئر“ کي اهو اعزاز
حاصل آهي ته هن مختصر وقت ۾ علامه صاحب جي شخصيت ۽
سندن علمي ڪم تي نه رڳو تحقيق جو اهتمام ڪيو آهي،
بلڪ 9 ڪتاب، جن مان اڌو اڌ قاسمي صاحب جي تحريرن
تي ٻڌل آهن، شايع ڪيا آهن. ان کان سواءِ ”علامه
قاسمي چيئر“ پاران سنڌ يونيورسٽيءَ جي، سنڌي ۽
اسلامڪ اسٽڊيز شعبن جي پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي
”علامه قاسمي يادگار گولڊ ميڊل“ پڻ ڏنا ويندا آهن.
• علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي فرزند ۽ چيئر جي
ميمبر پروفيسر نظير احمد قاسمي چيو ته قاسمي صاحب،
سنڌ جي عظمت، دنيا آڏو پيش ڪئي ۽ سنڌ جي عالمن جي
ڪم کي عوام الناس آڏو پيش ڪيو. قاسمي صاحب،
خاموشيءَ سان علمي پورهئي ۽ تحقيقي ڪم ۾ رُڌل رهيو
۽ هاڻ سندن وفات کان پوءِ سندن علمي پورهيو سهيڙجي
پيو ته ڄاڻ ملي ٿي ته پاڻ ڪيڏو نه علمي ۽ تحقيقي
ڪم ڇڏي ويا آهن، جيڪو اُميد آهي ته ”علامه قاسمي
چيئر“ شايع ڪري آڏو آڻيندي.
• نامياري اديب ۽ تقريب جي خاص مهمان، حميد سنڌي
صاحب چيو ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي وڏو ڏاهو ۽
عظيم عالم هو ۽ هن پنهنجي عالمانه فڪر سان زندگيءَ
جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ۽ هو هڪ محبت ڪندڙ انسان
هو ۽ اسين ”بزمِ روح رهاڻ“ طرفان هر سال ان درويش
صفت عالم ۽ اديب جو ڏهاڙو ملهائي، کيس خراج تحسين
پيش ڪندا رهندا آهيون. |