ڪريم
بخش چنا
اقبال جو فلسفه خودي، تصوف جي روشنيءَ ۾
اقبال جي تعليمات جو بنيادي پٿر ”خودي“ آهي، جنهن
جي اسلامي ۽ تعميري حقيقتن جي اشاعت جو ذمو اقبال
پنهنجي سر تي کنيو ٿو ڀائنجي. پنهنجي شهره آفاق
تصنيف ”اسرار خودي“ ۾ علامه صاحب پنهنجي خوديءَ جي
نظريئي کي نهايت واضع نموني ۾ بيان ڪيو آهي. سندس
ٻين تصنيفن ۾ به خوديءَ جو ذڪر مختلف نمونن ۾ اچي
ٿو. پنهنجي شاهڪار ”ساقي نامه“ ۾ اقبال خوديءَ جو
تعارف هيٺين لفظن ۾ ڪيو آهي.
يه
موجِ ذڪر، نفس، ڪيا هي تلوار هي،
خودي
ڪيا هي تلوار ڪي دهار هي.
خودي
ڪيا هي راز درون حيات،
خودي
ڪيا هي بيداريءَ ڪائنات.
خودي
شير مولا جهان اس ڪا صيد
زمين
اس ڪي صيد آسمان اس ڪا صيد
خوديءَ بابت اقبال پاڻ فرمايو آهي ته مون خوديءَ
کي غرور جي معنيٰ ۾ استعمال نه ڪيو آهي. خوديءَ
مان منهنجو مطلب زندگي جو احساس ۽ انسان جي اعليٰ
مقام جو تعين آهي ۽ بس. جيئن چيو اٿس ته:
خودي
ڪي شوخي و تندي مين ڪبر و ناز نهين،
جو
ناز هو بهي تو بي لذت نياز نهين
ان
جي باوجود نهايت افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪن مسلمانن
اقبال جي خوديءَ واري اصلاح کي ان نگاهه سان ڏسڻ
جي ڪوشش نه ڪئي آهي جيڪا اقبال جي مقصود هئي. ۽
جنهن جي روشنيءَ ۾ خودي هڪ خالص اسلامي ۽ قرآني
چيز ثابت ٿئي ٿي. گهڻن مسلمانن خوديءَ جي مضمون جو
محض سطحي نظر سان مطالعو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾
ايتري غفلت کان ڪم ورتو اٿن، جو عام طرح سان ان جو
مطلب نهايت گمراهه ڪندڙ ثابت ٿيو آهي.
اقبال جي خوديءَ کي انانيت، غلبي جي خواهش،
حڪمراني ۽ تڪبر سان تعبير ڪري، اقبال ۽ سندس نظريي
سان ڏٺي وائٺي، زيادتي ڪئي ويئي آهي. اقبال جي
خوديءَ ۾ غيرت ۽ خودداريءَ جي جذبن سان گڏوگڏ عجز
۽ تواضع جون اعليٰ صفتون به ڏٺيون وڃن ٿيون.
اها
حقيقت آهي ته علامه اقبال جي حڪيمانه طبيعت جڏهن
مسلمانن جي تنزل واري حالت تي غور ڪيو ته کيس
محسوس ٿيو ته مسلمانن مان عمل جي قوت ختم ٿي ويئي
آهي ۽ عمل جو جيڪو ولولو ۽ جوش اڳوڻن مسلمانن ۾
هو، سو اسان پوين ۾ ڪو نه رهيو آهي. جيئن ته
ترقيءَ جو دارو مدار عمل تي آهي، تنهن ڪري اسان
مسلمان به عمل جي قوت کي ٻيهر زنده ڪري، ترقي جي
راهه تي وک وڌائي سگهون ٿا. انهي عمل جي قوت کي
ٻيهر اڀارڻ يا جيارڻ لاءِ اقبال اهو ضروري سمجهيو
ته مسلمانن کي پنهنجي هستيءَ جو احساس ذرا تند ۽
تيز طريقن سان ڏياريو وڃي. ان مبارڪ مقصد کي حاصل
ڪرڻ لاءِ، اقبال خوديءَ جو نظريو قائم ڪيو ۽ فارسي
زبان ۾ مثنوي اسرار خوديءَ لکي، مختلف پيرائن ۾ ان
جي وضاحت ڪئي. خوديءَ جي وضاحت ڪندي، اقبال انهيءَ
ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:
پيڪرِ هستي ز آثار خودي ست،
هرچه
مي بيني ز اسرار خودي ست
زيستن را چون خودي بيدار ڪرد،
آشڪارا عالم پندار ڪرد
صد
جهان پوشيدہ، اندر ذاتِ او،
غير
او پيدا ست از اِثبات او.
خودي
جي مٿي ڏيکاريل مفهوم کي اقبال پنهنجي ٻئي شاهڪار
”رموز بيخودي“ ۾ وري هن طرح واضع ڪيو آهي:
تو
خودي از بي خودي نشناختي،
خويش
را اندرگمان اندا ختي
جوهرِ نوريست اندرخاڪ تو،
يڪ
شعايش جلوه ادارڪ تو.
نوجوانن کي ڇڏي، ان وقت جا جيڪي روايت پرست تصوف
پسند عالم هئا، تن اقبال جي خوديءَ واري نظريي جي
ننهن چوٽيءَ سان مخالفت ڪئي، چي: خوديءَ جو سبق
ڏيئي اقبال هڪ طرف طبيعتن ۾ هٺ جو ٻج ڇٽي ٿو ته
ٻئي طرف نوجوانن ۾ خدا تعاليٰ جي همسريءَ جا يا
ان پاڪ ذات جي خلاف بغاوت جا جذبا اڀاري ٿو. ان
ڪري خان بهادر مظفر احمد پيرازده صاحب علامه اقبال
جي مثنوي ”راز خودي“ لکي. اقبال جي نظريه خودي کي
رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اقبال کي عقل ۽ دين کان
آجو، ملت فروش ۽ اسلام دشمن قرار ڏنو آهي:
خود
زما خيلي بسي وحشت سگال،
جامه
زن نيل دستان چون شغال
فلسفي فطرت ز دين بر گشت گال،
در
بيابانِ جنون سر گشتگال
عقل
ودين داد را دشمن همه در لباسِ شخنگان رهزن همه
دشمن
جان آمدند اسلام را،
رهزن
جان آمدند اسلام را.
ٻئي
هنڌ لکي ٿو ته :
ازخودي پيغامہ زن اسلاف را،
ڪرده
پامال جنون انصاف را
بنده
دنيا بهردنيا دين فروش،
سر
برملت فروش آئين فروش
خودي
جي مذمت ڪندي پيرزاده صاحب فرمائي ٿو ته:
هرچه
گفتي ازخودي حاشا غلط،
سربسر ازلفظ تا معنيٰ غلط
در
حيات ڪس خودي را دخل نيست،
خلق
عالم نورس اين نخل نيست.
عجب
آهي جو پيرزاده صاحب،
جو
منصور حلاج جي نعره ”انا الحق“ جو سرگرم حامي آهي،
سو اقبال جي انا کان ايترو بيزار ڇو آهي؟ منصور
جي طرفداريءَ ۾ لکي ٿو:
زاهدان منصور را خون گرداند،
بيڪس
و معذور را خون ڪرده اند،
مرده
حق گو را سدار آوبختند،
جي
گندرا خون ناحق ريختند
خون
منصور از شما خواهم گرفت،
خفته
خون را خون بها خواهم گرفت
صوفين جي فلسفي کان اقبال چڱي طرح سان واقف هو ۽
ان جو تمام گهڻو مطالعوڪيو هئائين. افلاطون جي
فلسفه اشراق کان وٺي الشيخ اڪبر محي الدين ابن
عربي جي وحدت الوجود تائين بلڪ ان کان به پوءِ
ايران ۽ هندستان ۾ جيڪي صوفيا ڪرام ٿي گذريا آهن،
تن جو تمام وڏو مطالعو ڪيو هئائين. ايتري قدر جو
پنهنجي
PHD
واري سند لاءِ هن جيڪو ڪتاب ”
Development of metaphysis persia
“ لکيو سو. سندس تصوف جي ڄاڻ لاءِ وڏي شاهد جي
حيثيت رکي ٿو. ان جي باوجود اقبال تصوف کي خارجي
عنصر ڪري ليکي ٿو، جنهن جي اثر جي ڪري مسلمانن
سان اوائلي اسلام واري عمل جي طاقت نڪري ويئي.
صوفين سڳورن کي مخاطب ٿيندي اقبال چئي ٿو ته:
زمن
گو صوفيان با صفا را،
خدا
جويان معنيٰ آشنا را،
غلامه همت آن خود پرستي،
ڪه
بانور خودبين خدارا.
يعني
منهنجي طرفان خدا جي تلاش ڪرڻ وارن ۽ صورت جي
بجاءِ معنيٰ جي شوقين صوفين کي اهو پيغام ڏي، ته
مان انهيءَ خود پرست ۽ خودشناس مسلمان جي همت جو
غلام آهيان. جنهن پنهنجي ئي خوديءَ ۾ خداوند
تعاليٰ جي ذات جو مشاهدو ڪيو آهي.
جڏهن
انسان فطري طرح سان حاصل ٿيل پنهنجن وصفن جو قدر
ڪري ٿو، عمل صالح ۽ خدا جي ذڪر سان پنهنجي دل جي
آئيني کي روشن ڪري ٿو، تڏهن لازمي طرح سان هن جي
زندگي خود خدا تعاليٰ جي پاڪ وصفن جي ترجمان ٿي
وڃي ٿي. اهڙو انسان گهٽ ۾ گهٽ انهي انعام جو حقدار
آهي ته الله تعاليٰ انهي کي هڪ دائمي اثر ۽ رسوخ
عطا ڪري ۽ هن جو نالو ۽ ڪارنامو ٻئي دنيا جي
نقشي تي دوام حاصل ڪن. اهڙو انسان گويا خدا جي ذات
۽ صفات جو پنهنجن نيڪ عملن سان دنيا ۾ تعارف ڪرائي
ٿو ۽ انهيءَ پاڪيزه زندگي بسر ڪرڻ جي عيوض خدا
انسان کي هن فاني زندگي ۾ غير فاني رتبو عنايت ڪري
ٿو. انهيءَ ئي جذبي جي تحت اقبال فرمايو آهي ته:
نمود
اس ڪي نمود تيري،
نمود
تيري نمود اس ڪي،
خدا
ڪو تو بي حجاب ڪردي،
خدا
تجهي بي حجاب ڪردي
هت
”نمود اس ڪي نمود تيري“ مان اها ئي مراد آهي ته
تنهنجي حسين فطرت جي اظهار سان خدا جي اعليٰ صفتن
.الاسماءُ الحسنيٰ“ جو اظهار ٿئي ٿو ۽ جڏهن تنهنجي
حسين فطرت مضبوط ايمان ۽ عمل صالح جي صورت ۾ ظاهر
ٿئي ٿي، ته ڄڻ ته خدا جو نوردنيا ۾ جلوه گر ٿي
رهيو آهي. پنهنجي فارسي شاهڪار ”اسرار ”خودي“ ۾
اقبال خوديءِ“ جي نظريي جي ڪافي وضاحت ڪئي آهي، پر
اردو۾ به ”خودي“ بابت سندس ڪلام گهٽ ڪو نه آهي:
تيري
خودي سي هي روشن تيرا حَريمِ وجود
حيات
ڪيا هي اس ڪا سرور وسوز و حيات
بلند
تر مدو پروين سي هي اسي ڪا مقام
اسي
ڪي نور سي پيدا هين تيري ذات وصفات
حريم
تيرا خودي غير الله ڪي محاذ الله:
دوباره زنده نه ڪر ڪاروبار لات و منات
يهي
ڪمال هي تثميل ڪا ڪه تو نه رهي
رها
نه تو تو نه سوزخودي نه ساز حيات
مٿين
بيتن مان ظاهر ٿيو ته اقبال جي خوديءَ جو مطلب
تڪبر يا وڏائي نه آهي، بلڪ خود شناسي يا عرفان نفس
آهي ۽ هيءَ اها مقدس ۽ سرمدي حقيقت آهي، جنهن جي
نشاندهي خود الله سبحانہ و تعاليٰ قرآن شريف جي
ڪيترين آيتن ۾ ڪرڻ فرمائي آهي:
وَالقد خلقنا الانسانَ وَ نعلمُ ما تو سَوسِ بِہ
نفسہُ وَ نحنُ اقرب من حِبلِ الوَ ريدِ.
(۽
اسان انسان کي پيدا ڪيو ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته هن
جو نفس هن ۾ ڪهڙا ڪهڙا وسوسا وجهي ٿو ۽ اسين انسان
کي سندس نڙ گهٽ کان وڌيڪ ويجها آهيون)
مٿين
آيت شريف مان ظاهر ٿئي ٿو ته انسان فقط پنهنجن
نفساني خواهشن جي پورائي لاءِ هن دنيا ۾ ڪو نه آيو
آهي. هن کي گهرجي ته خدا جي ذڪر ۽ دل ۽ نگاهه
پاڪيزگيءَ سان پنهنجي حقيقت کي پروڙي ۽ سندس وجود
۾ مستور جيڪا ذات خداوندي آهي، تنهن جو مشاهدو
ماڻي. هن ساڳئي مفهوم کي اسان جي ڀٽائي گهوٽ
اِجهو هن طرح نباهيو آهي:
تا
ڪا ڪاني پاءَ، وَننِ ۾ وصال جي،
دوينائي دور ڪري، معرفت ملهاءِ،
سپيريان جي سونهن ۾، رخنو ڪين رهاءِ،
اک
اشهد جاءِ، ته مشاهدو ماڻين،
قرآن
شريف جي آيت ڪريمه ۽ شاهه صاحب جي بيت مان ظاهر
ٿيو ته اسان جي دل ئي خداوند تعاليٰ جي رهائشگاهه
آهي. پنهنجي وجود ۾ ٽٻي ڏئي خدا جي ذات ۽ صفات جي
صحيح حقيقت حاصل ڪرڻ جو ٻيو نالو خودي يا خودشناسي
آهي. اها ئي خودي آهي. جنهن جي لاءِ اسان جي
لاکيڻي لطيف فرمايو آهي ته:
”نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.“
انسان عادتن وائڙو آهي. گهر ۾ بهترين شئي هوندس،
تڏهن به ان کان ڪمتر شئي حاصل ڪرڻ لاءِ وتندو
واجهائيندو. انسان جي انهيءَ ڪمزوري ڏانهن اشارو
ڪندي الله سُبحانہ و تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمايو
آهي:
وَ
في الارض آيات اللمُومنِينَ وَ في انفُسکُم افلا
تبصِروُن.
جيڪي
شخص خدا جي وجود تي پختو يقين رکن ٿا، تن جي لاءِ
زمين ۾ ۽ خود سندن جانين ۾ نشانيون آهن. ڇا اوهان
نٿا ڏسو؟
مٿينءَ آيت ڪريمه مان ظاهر ٿيو ته الله سبحانه و
تعاليٰ جي ذات ۽ صفات جي ادراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان
جي آسپاس ۽ خود اسان جي جانين ۾ بي انداز نشانيون
آهن. اسان جيڪڏهن اپائڻهار جي ڪائنات جي مختلف
مظاهر ۾، ۽ خود پنهنجين جانين ۾ نه ٿا ڏسي سگهون ۽
مانڊاڻ کي ڏسندي مانڊي کي نه ٿا پسي سگهون، ته ان
۾ قصور اسان جو پنهنجو آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي جو.
اقبال جي خودي نه ڪا ان جي پنهنجي ايجاد آهي، جنهن
کي بدعت چيو وڃي ۽نه وري اها ڪا فلسفياڻي يا
شاعراڻي ٻٽاڪ آهي، جنهن کي لنوائي ڇڏجي. اقبال
جنهن خوديءَ ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي، سا هڪ
ازلي ۽ ابدي صداقت آهي، جنهن جي تعليم الله تعاليٰ
پاڻ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ ڏني آهي. خودي يا عِرفان
نفس اها عظِيم نعمت آهي، جنهن جي تلاش ۾ شوق ۾
شهيدن، ولين ۽ خدا جي ٻين صالح بندن دنيا جي
سمورين لذتن ۽ نعمتن کي ٺڪرائي ڇڏيو. هيءَ خودي
نفس جي دولتمنديءَ جي اها صورت آهي، جتان انسان کي
”قلبِ سليم“ جو ناياب تحفو حاصل ٿئي ٿو. مطلب ته
جيڪڏهن ڪنهن کي خودي حاصل آهي ته هو انسان آهي؛
ٻيءَ صورت ۾ هو ڍورن کان به بدتر مخلوق آهي. جيئن
قرآن شريف ۾ آيل آهي:
لَقَذ خَلَقُنَاالانسانِ فَي احسن تَقويم ثمّ رَدد
ناهُ اسفَل السّافِلِين.
(بيشڪ اسان انسان کي بهترين صورت ۾ پيدا ڪيو، پر
پوءِ (سندس بد اعمالين جي ڪري) کيس موٽائي ردي
مخلوق ۾ آندوسين.)
اهڙي
طرح قرآني آيتن مان دليل ۽ برهان ڏيئي اقبال انسان
کي قائل ٿو ڪري، ته: ”تون زمين تي الله سبحانہ و
تعاليٰ جو خليفو آهين، اشرف المخلوقات آهين، امانت
جو حامل ۽ حق تعاليٰ جو نائب آهن؛ خدا جي ڪتاب جو
وارث ۽ مخطوب اليه آهين؛ بيهڪ ۽ صورت جو شاهڪار
آهين“ ۽ انهن مڙني لاثاني وصفن جو واسطو ڏيئي، کيس
تاڪيد بلڪ منٿ ٿوڪري، ته پنهنجي خوديءَ يعني
حقيقت کي سڃاڻ ۽ ان جو قدر ڪر:
نائبِ حق در جهان بودن خوش است
بر
عُناصر حڪمران بودن خوش است
نائبِ حق همچو جانِ عالم هست
هَستِي او ظِل ّ اسمِ اعظم است.
جيڪي
شخص پنهنجي وجود جي اندر خداوند تعاليٰ جي سوَن
نشانين جي هوندي به حقيقي حُسن ۽ جمال جي جهلڪ
حاصل ڪرڻ لاءِ هيڏي هوڏي نهارين ٿا، تن کي
جهنجهوڙيندي اقبال کين چئي ٿو:
اي
تماشگاههِ عالم روئي تو
تو
ڪجا بهر تماشا مي روي
يعني: ته اي وائڙا شخص تنهنجوئي ته چهرو سمورن
دنيا وارن جي ديدار جو مرڪز آهي. تون ٻين جا چهرا
ڏسڻ جي لاءِ ڪيڏانهن پيو وڃين؟
وري
ٻئي هنڌ انسان کي مخاطب ٿي چيو اٿس ته:
رهي
در سينه عه انجم ڪشائي
ولي
از خويشتن نا آشنائي
بڪي
بر خود ڪشا چون دانه عه چشمي
ڪي
از زيرِ زمين نخلي بر آئي
يعني: اي انسان تون تارن جي سيني مان رستا ٺاهين
ٿو، ليڪن
خود
پنهنجو پاڻ کان ناواقف آهن. اي غافل هڪ ڀيرو ٻج
وانگر اک کولي پنهنجو پاڻ کي ڏس ته ڪيئن نه زمين
جي گهراين مان تنهنجي هستي ميويدار کجيءَ جي وڻ
وانگر نمودار ٿئي ٿي.
مٿين
سمورن بيتن ۾ اقبال انسان کي پڪاري چئي ٿو، ته اي
انسان تون اشرف المخلوقات ۽ حق تعاليٰ جو نائب
هوندي به احساس ڪمتريءَ ۾ گرفتار نه ٿي:
خدائي لم يزل کا دستِ قدرت تو زبان تو هي
يقين
پيدا ڪر اي غافل ڪه مغلوبِ گمان تو هي.
وري
اڳتي هلي کيس چئي ٿو:
تو
راز ڪن فڪان هي اپني خودي مين عيان هوجا
خدا
کا رازدان هوجا خودي ڪا ترجمان هوجا
الله
سبحانہ و تَعاليٰ نبين سڳورن کي انسانن جي هدايت
لاءِ جيڪي دليل ۽ برهان عنايت ڪيا، معجزا تن ۾ اهم
حيثيت رکن ٿا. انهن معجزن مان حضرت موسيٰ عليہ
السلام جي لٺ تمام مشهور آهي. هونءَ ته اها لٺ
رڍون هڪلڻ، ٽارين ڇانگن ۽ نانگ بلا کي ٽارڻ لاءِ
ڪم ايندي هئي؛ پر نبوت عطا ٿيڻ کان پوءِ اها لٺ
حضرت موسيٰ جي لاءِ عجيب ڪرتب ڏيکارڻ لڳي. فرعون
جي جادوگرن جي آڏو نانگ بنجي سندن سمورين بلائن کي
ڳهي ويئي. فرعون جڏهن بني اسرائيلن کي پڪڙڻ لاءِ
هنن تي ڪاهي آيو ته لٺ جي هڻڻ سان سمنڊ سڪي پٽ ٿي
پيو، جتان بني اسرائيل اُڪري پنهنجي اصلوڪي وطن
ڪنعان پهتا. بني اسرائيل جي ٻارنهن قيبلن کي جڏهن
پنهنجن الڳ الڳ تڙن جي ضرورت پئي ته لٺ جي هڪ ئي
ڌڪ اسن هنن کي جدا جدا بستين ۾ پنهنجا پنهنجا تڙ
الڳ ٿي مليا، ان کان سواءِ خبرنه آهي ته ٻيا ڪيترا
عبرتناڪ ڪم حضرت موسيٰ عليه اسلام انهيءَ معجزه
انگيز لٺ مان ورتا، انهيءَ لٺ جي عظيم الشان ڪرتبن
ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي، اقبال انسان کي چئي ٿو ته
انهيءَ لٺ کان به وڌيڪ جامع صفات شئي خودي جي صورت
۾ تنهنجي وجود ۾ سمايل آهي، تون رڳو محنت ڪري ان
آفاقي شيءَ کي پنهنجي هستيءَ مان ڳولي هٿ ڪر:
خودي
دي مين ڊوبڪي ضرب ڪليم پيدا ڪر
خوديءَ جي هيڏي ساري تفصيل کان پوءِ اسين ڏسون ته
تصوف سان ان جي ڪيتري قدر موافقت يا مخالفت آهي.
ان سلسلي ۾ اسان کي جاچڻو پوندو، ته تصوف خود ڇا
آهي ۽ اسان جي دين اسلام سان ان جو ڪهڙو لاڳاپو
آهي. ان سلسلي ۾ اسين حضرت سيد علي هجوري عرف داتا
گنج بخش لاهوريءَ جي مشهور معروف ڪتاب ”ڪشف
المحجوب“ مان ڪي ٽڪرا ڏيون ٿا، جو ان موضوع تي
لکيل پهرين ڪتابن مان هڪ آهي.
”تصوف ۽ صوفي لفظ صفا مان نڪتل آهي. جن جو ضد ڪد
ورت يعني مير يا ميراڻ آهي. پوءِ جنهن شخص پنهنجي
اخلاق ۽ انساني لاڳاپن کي درست رکيو، دل کي ڪدورت
۽ کوٽ کان پاڪ صاف رکيو ۽ اسلام يعني حق سبحانہ و
تعاليٰ جي سچي ٻانهپ جي وصف پنهنجي اندر ۾ پيدا
ڪئي، ته هو صوفي بنجي ويو ۽ صوفين جي ٽولي ۾ شامل
ٿي ويو. دل جي صفائيءَ ۾ مطلب اهو آهي، ته الله جي
پاڪ ذات کان سواءِ ٻيا سمورا لاڳاپا ٽوڙي ڇڏجن ۽
دنيا جي موهه کان جند آجي رکجي. تصوف شرافت جو ٻيو
نالو آهي. شرافت نيڪ اخلاق ۽ نيڪ اعمال مان پيدا
ٿئي ٿي. حضرت مرتعش رحمته الله عليہ فرمائين ٿا،
ته تصوف نيڪ خلق جو نالوآهي. ”التصوف حسن الخُلق“
۽ ان جا ٽي قسم آهن:
پهريون الله تعاليٰ جي پاڪ ذات ڏانهن سچائي رکڻ ۽
باري تعاليٰ جي سمورن حڪمن جي دل جي پوري خلوص سان
تابعداري ڪرڻ.
”ٻيو
مخلوقات سان نيڪ خُلقي رکڻ جنهن جي معنيٰ آهي ته
وڏن کي عزت ڏيڻ، ننڍن تي شفقت جو هٿ رکڻ ۽ پاڻ
جيڏن ۽ جهڙن سان برابري ۽ هڪ جهڙائي جو ورتاءُ ڪرڻ
۽ اهڙيءَ هلت جي بدلي ۾ ڪا به خواهش نه رکڻ.
نيڪ
خلقي جو ٽيون قسم اهو آهي ته نفساني خواهشن جي
پيروي هرگز نه ڪئي وڃي.“ حضرت جنيد بغدادي جن
فرمائين ٿا، ته تصوف اٺن خصلتن تي مبني آهي:
سخاوت، رضا، صبر، اشارت، غربت، اوني لباس، سياحت
۽ فقر“. حضرت ابوالحسن رحمته الله عليہ فرمائين ٿا
ته ”تصوف ڪنهن خاص وضع قطع يا علمي سند جو نالو نه
آهي. بلڪ هڪ وصف ۽ اخلاق جو نالو آهي.“ حضرت
ابوحَفصِ حدّاد نيشا پوري فرمائين ٿا ته ”تصوف
آداب ۽ احڪام جي پابنديءَ جو ٻيو نالو آهي. هر
وقت، هرحال ۽ هر مقام جي لاءِ آداب ۽ احڪام مقرر
آهن. جيڪو شخص پاڻ کي انهن جو پابند بڻائي ٿو، سو
انهيءَ رتبي ٿي پهچي وڃي ٿو، جنهن جي تمنا ڪرڻ
جڳائي....“ تصوف بابت مٿي ٻڌايل راين ۽ مقولن ڏيڻ
کانپوءِ حضرت سيد علي هجوري صاحب جن فرمائين ٿا ته
”اڄڪلهه جو تصوف ته فقط هڪ نالو آهي، جنهن جي
پٺيان ڪا حقيقت ڪا نه آهي پر ان کان اڳ يعني
اصحابن سڳورن ۽ سلف صالحين جي زماني ۾ تصوف هڪ
حقيقت هو، اگرچ ان کي اهو نالو مليل ڪو نه هو. صرف
هڪ وصف هو، اوهان ماڻهو تصوف بابت جيڪا راءِ رکو
ٿا، سا ان جي هاڻوڪي صورت کي ڏسي رکو ٿا. انهي
(ڏيهاڙي واري دستوري) تصوف کان ته اسين به بيزار
آهيون. نبي ڪريم جن جي اعليٰ فضيلتن ۽ اصحابن
سڳورنجي سهڻين وصفن کي اسين تصوف جو نالو ڏيون ٿا.
دين جو اصل روح اهو آهي، ته پوري سچائيءَ ۽ محبت
سان حق سبحانہ وَ تعاليٰ جي حڪمن جي بجا آوري ڪئي
وڃي. اهڙي صداقت ڀري بجا آوريءَ کي اسين تصوف جو
نالو ڏيون ٿا.“
حضرت
داتا گنج بخش جي ڪتاب ڪشف المحجوب مان مٿيان ٽڪرا
رڳو تصوف جي اصلي حقيقت کي واضع ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا
آهن. انهن ٽڪرن مان معلوم ٿيندو ته تصوف جي فقط
نالي کي هڪ پاسي رکي جيڪڏهن صوفين سڳورن جي خُلق،
للــّهيت، لاطمعي، تسليم ۽ رضا کي ڏسبو ته چئبو
ته تصوف عين اسلام آهي. تصوف جي نالي جي پوءِ
ضرورت ڇو پئي؟ انهيءَ ضرورت جو جواز ڀٽائي گهوٽ جي
هيٺئين ننڍڙي بيت مان ڏجي ٿو:
صوفي
صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو،
تِهان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرينءَ جو.
هميشہ کان وٺي ائين ٿيندو اچي ٿو ته جيڪو الله جي
وحدانيت ۽ حضرت محمد صلعم جي رسالت جو اقرار ڪري
ٿو سو مسلمانن جي زمري ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. پر
مسلماني جا به قسم ۽ درجا آهن. هڪڙا سئو في صد سون
آهن ته ٻيا مٺ گاڏڙ آهن. اهو هر ڪنهن انسان جي
پنهنجي ذاتي ڪوشش ۽ طبعي استعداد تي منحصر آهي، ته
هو ڪهڙي زمري ۾ اچي وڃي ٿو. هتي دل جي اخلاص، عمل
جي صداقت ۽ دنيا کان ٿورو پرڀرو ٿي للــهّيت جي
وصف پاڻ ۾ پيدا ڪرڻي آهي ۽ ظاهر آهي ته ”ابن سعادت
بازورِ بازو نيست“ اسان جي ڀٽائي گهوٽ به
مسلمانن جي هنن ٻن زمرن ڏانهن اشارو ڪندي فرمايو
آهي ته :
ڪنڌي
اُڀيون ڪيتريون ساهڙ ساهڙ ڪين،
ڪنين
سانگيو ساهه جو، ڪي گهوريس ڪيو گهڙن،
ساهڙ
سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي.
جن
ماڻهن قرآن شريف جو قدري تفصيل سان مطالعو ڪيو
آهي، سي ٻڌائي سگهندا ته ان پاڪ ڪتاب ۾ مسلمانن جي
هنن ٻن زمرن جو ڪيترو تفصيلي احوال آيل آهي. قرآن
شريف ۾ انسانن جي هنن ٻن ٽولن- دنيا جي طالبن ۽
عقبيٰ جي طالبن جو هنن آيتن ۾ ذڪر آيل آهي.
قد
افلح من زکّها وَ قد خاب مَنَ دسها (سورت الشمس
30 پاره آيات 9 ۽ 10)
ترجمو: ”اهو شخص ڪامياب ٿيو جنهن پنهنجي نفس کي
(دنيا جي آلودگين کان) پاڪ رکيو ۽ اهو شخص خساري ۾
ويو.
قد
افلح من تزکيّٰ وَذکَرَاِسمَ رَبيہِ فَصَليّٰ0
بَلَ توثرون الحيوات الدنيا وَالاخِرت خير وَ
ابقيٰ (سورت الاعليٰ 30س؛ رڪوع 14-17)
ترجمو: اهو شخص ڪامياب ٿيو جنهن پنهنجو پاڻ کي پاڪ
رکيو؛ پنهنجي پالڻهار جي نالي کي ياد رکيائين ۽
نماز پڙهيائين، اوهان ماڻهو ته دنيا واري زندگي کي
وڏي اهميت ڏيو ٿا جيتوڻيڪ پوئتي ايندڙ حياتي وڌيڪ
سٺي ۽ هميشه رهندڙ آهي.
مٿين
آيتن سڳورين جي مطالعي مان ائين سمجهڻ نه گهرجي ته
الله تعاليٰ اسان کي هر ڳالهه کان منع ڪئي آهي.
باري تعاليٰ پاڻ انسان کي هن دنيا ۾ موڪليو آهي ۽
دنيا کي هن جي لاءِ آخرت جي کيتي بنايو آهي. هن کي
پيءُ، ماءُ، زال، اولاد، مٽ مائيٽ، پاڙيسري ۽ ٻيا
لاڳاپي وارا ڏنا آهن. انهن جا هُن تي فرض ۽
ذميواريون آهن. هن کي هڪ ملڪ جو شهري ۽ حڪومت جو
تابع بنايو آهي. ان صورت ۾ هن تي انيڪ ذميواريون
عائد ٿين ٿيون، جن کان نٽائڻ جي ڪري هن جي زندگي ۽
هن جي اهل وعيال جي زندگي پائمال ٿي سگهي ٿي ۽ خدا
تعاليٰ جو ناراضپو الڳ ٿي سگهي ٿو. هاڻي اهڙي
منجهائيندڙ صورتحال کي ڪيئن منهن ڏجي. جيڪڏهن دنيا
سان منهن ڏجي ٿو ته آخرت جي ڪمائيءَ لاءِ وجهه ڪو
نه ٿو ملي ۽ جيڪڏهن آخرت جي اونَ رکجي ٿي، ته دنيا
جا معاملا دل جي چاهت موجب فيصلا نٿا ٿين، هاڻي
ڪجي سو ڪجي ڇا؟ انهيءَ صورتحال کي لطيف سائين ڏاڍي
عمدي نموني ۾ چٽيوآهي. فرمايو اٿس:
مون
کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اُڀا
ائين چون، مڇڻ پاند پسائين
هن
بيت مان اسان کي اشارو ملي ٿو ته اسان کي هن دنيا
۾ رهڻو به آهي ۽ ساڳئي وقت ان کان ڀڄڻو به آهي.
دنيا جي معاملن ۾ ڪنهن به صورت ۾ لاهي پاهي ڪاهي
پوڻو نه آهي، ڇو ته ائين ڪرڻ سان عاقبت ته اوَس
خراب ٿيندي پر انساني ناتا به صحيح نموني ۾ سڌري
ڪو نه سگهندا، ضرور ڪن خدا جي بندن جي حق تلفي ۽
دل شڪني ٿيندي، جا ڳالهه بذات خود تمام خراب آهي.
ان سلسلي ۾ رسول الله صلعم جن جي هڪ حديث ۾ فرمايل
آهي ته:
اَ
عمل لِدُنياک کانّک تعيش ابَدا واعمل لا خِر تِکَ
کَا لکَ تَمُوتَ غدا
(ترجمو: پنهنجي دنيا جي لاءِ اهڙي طرح جاکوڙ ڪرجو
ڄڻ ته تون هميشه جيئرو رهندين ۽ آخرت جي لاءِ ائين
جاکوڙ ڪرجوڄڻ ته تون سڀاڻي مرڻ وارو آهين.)
هن
حديث جي مضمون کي شاهه عبدالڪريم بلڙيءِ واري هن
طرح سان نباهيو آهي:
هنيون ڏجي جيب کي، لنڱ گڏجن لوڪ
کُڏيون ۽ کروٽيون، اي پڻ سڳر ٿوڪ،
مٿين
وضاحت مان معلوم ٿيو ته الله تعاليٰ اسان کي
دنياکان منع ڪا نه ڪئي آهي. ڇو ته ان صورت ۾ حقوق
العباد يعني بندن جا حق سمورا ساقط ٿي ويندا، جنهن
جو وڏو وبال آهي. جنهن ڳالهه کان اسان کي الله
تعاليَ منع فرمائي آهي، سو آهي دنيا جو موهه. شل
نه ڪنهن کي اهو مرض وچڙي؛ پوءِ ته ٻئي جهان ويس.
الله شل اهڙي صورتحال کان پناهه ۾ رکي. انسان جي
زندگي هڪ اڌاري شئي آهي جا ڪنهن ڏينهن ضرورمالڪ وٽ
واپس وڃڻي آهي. اسين پنهنجي انهي حشر کي پسند
ڪريون يا نه؛ پرائين ضرور ٿيڻو آهي. پوءِ ڇو نه
زندگيءَ جي مقصد ۽ دنيا جي حقيقت کان واقف ٿيڻ جي
ڪوشش ڪجي ۽ ان موجب پنهنجي سوچ ۽ عمل کي تشڪيل
ڏجي، شتر مرغ وانگر واريءَ ۾ منهن لڪائڻ سان ڪجهه
ڪو نه ورندو، هيءَ دنيا آخرت جي کيتي آهي ۽ جهڙيءَ
طرح ٻنيءَ مان فصل حاصل ڪرڻ لاءِ هر طرح جي جاکوڙ
ڪرڻي آهي، تهڙيءَ طرح دنيا جي زندگيءَ مان پورو
لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ به صحيح سمت ۾ سخت جاکوڙ ڪرڻي
آهي، جيئن پڇاڙيءَ ۾ هٿ نه هڻڻا پون:
سُونهن وڃايم سومرا، ميرو مُنهن ٿيوم،
وڃڻ
تت پيوم، جت هلڻ ناهه حُسن ريءَ،
اسان
کي دنيا ۾ هلڻو به آهي ۽ ان جي موهه کي سختيءَ سان
ٽارڻوبه آهي، لطيف سائين به سالڪ کي دنيا جي موهه
کان خبردار ڪندي، کيس نصيحت ڪري ٿو ته:
جي
ڀائين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام،
گولا
جي گولن جا، تن جو ٿيءُ غلام،
صبر
جي شمشير سان، ڪر ڪيني کي قتلام،
ته
نانگا تنهنجو نام، لکجي لاهوتين ۾
دنيا
عارضي آهي، رُڃ آهي، مرگهه ترشنا آهي ۽ بي ثبات
ڏيک ويک جو ٻيو نالوآهي. جيئن خليفي گل محمد چيو
آهي ته:
دنيا
ڪوڙ، سان ڪوڙ جا گڏ ٿئي،
نه
ڪنهن عارفن ريءَ وساري ڪڏهين.
مسلمان جي حيثيت ۾ اسان کي ڄاڻڻ گهرجي ته دنيا ڇا
آهي، ان جي اصل حقيقت ڪهڙي آهي ۽ خداوند تعاليٰ
قرآن ڪريم ۾ ان بابت ڇا فرمايو آهي:
اعلمواَنــمّا الحياتُ الدّنيا لَعبُ وَلهوُ
وَزينتُ وَ تفَاخُر بَينَڪم وَ تڪاثُر فِي
الاَموال وَالاولاد ڪَمثل غَيثِ اعجب الکُفارَ
نباتُه.... وَماالحَياتهُ الدّنيا الاّ متاعُ
الغرور. (الحديد پاره 28، آيت 20)
ترجمو: اي انسانو! اوهان ڄاڻي ڇڏيو ته هي دنيا جي
حياتي راند روند سونهن ۽ نزاڪت، هڪ ٻئي سان فڪر
ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ واڌ ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، پر
اها اهڙي طرح فاني آهي. جهڙي طرح اهو مينهن، جنهن
سان سيراب ٿيل ٻوٽو ڪڙميءَ کي خوش ڪري ٿو ۽ دنيا
جي حياتي فقط ڏيکاءُ ۽ ڌوڪي جو سامان آهي.
(2)
اَلمال وَ البَنُون زينتهُ الحَياتُ الدّنيا
وَالباقيات الصّلحات خَير عِندَ ربّکَ ثوابا وَ
خّبرُ اَمَلا. (الڪهف 45 ـــ 46)
ترجمو: مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جي سوڀيا آهن،
پر جيڪي هميشه رهندڙ نيڪ يادگار ۽ عمل آهن، سي
ثواب لاءِ ۽ موچاري عاقبت لاءِ وڌيڪ فائديمند آهن.
دنيا
جي انهيءَ غير نفعمندي ۽ بي ثباتيءَ واري نوعيت جي
ڪري الله تعاليٰ اسان کي قرآن شريف ۾ تاڪيد فرمايو
آهي ته:
يااَيّهاالذين آمنوا لاَ تلهڪم اموالڪم ولا اولاد
ڪم عن ذڪر الله و من يعفل ذالڪ فاوللئڪ هم
الخاسرون0 و انفقوا مما رَزَقنا ڪم من قبل ان
ياتِي آ حَد کم الموت. (سورت المنافقون: پاره 28
آيت 10-9)
(اي
ايمان وارو: اوهان جو مال ۽ اوهان جو اولاد اوهان
کي الله جي ذڪر ۽ يادگيريءَ کان غافل نه ڪن ۽ جيڪي
ائين غافل ٿيا سي وڏي ڇيهي وارن مان آهن؛ ۽ موت جي
اچڻ کان اڳ ۾ اوهان ٺيڪ ڪمن تي خرچ ڪريو ان رزق
مان جيڪو اسان اوهان کي عنايت ڪيو آهي.)
مٿين
آيتن مان ظاهر ٿيو ته دنيا جي بذات خود ڪا به
حيثيت ڪا نه آهي، سواءِ ان جي جو اها آخرت جي
کيتي آهي؛ هڪ امتحان گاهه آهي جتي کوٽي ۽ کري جي
خبر پئجي سگهي ٿي. اهڙي بي ثبات، غيرنفعمند، بلڪ
هاڃيڪار دنيا ۾ جيڪو انسان ريجهي ۽ موهجي ويهي
رهندو سو ڇيهو نه پرائيندو ته ٻيو ڇا ڪندو. انسان
جي انهيءَ غفلت واريءَ هلت کان خبردار ڪندي
مولانا عبدالرحمان جامي پنهنجي شاهڪار رحه يوسف
زليخان“ ۾ فرمايو آهي ته :
دلا
تاڪي درين کاخ مجازي،
ڪُني
مانند طفلان خاڪبازي.
تو
اُن دست پرورده مُرغ گستاخ،
ڪي
بودت اُشيان بيرون ازين کاخ،
چرا
ز آن آشيان بيگانه گشتي،
چو
دونان چغه اين ويرانه گشتي؟
بفشان بال وپر زآميرزش خاڪ
بپرتا کنگرِ ايوان افلاڪ |