پروفيسر محمد اسحاق ابڙو
علامه اقبال جي نظر ۾ عشق ۽ عقل جو مقام
علامه محمد اقبال، فارسيءَ جي هڪ وڏي شاعر مولانا
جلال الدين روميءَ جو پرپٺ شاگرد آهي. سندس ڪلام
پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته قرآن حڪيم ۽ حديث نبوي
صلي الله عليه وسلم کان پوءِ جنهن تصنيف مٿس تمام
گهڻو اثر ڪيو، اها آهي مولانا جلال الدين روميءَ
جي مثنوي؛ ان ڪري هو پنهنجي ڪلام ۾ هر هنڌ مولانا
رومي ۽ سندس مثنويءَ جي واکاڻ ڪري ٿو.
پيرِ
رومي خاڪ را اڪسير ڪرد،
از
غبارم جلوه ها تعمير ڪرد.
پير
رومي مرشدِ ضمير.
ڪاروانِ عشق و مستي را امير،
پير
رومي را رفيق، راه ساز،
تاخدا بخشد ترا سوز و گداز
(مولانا روميءَ مٽيءَ کي اڪسير بنايو ۽ منهنجي
خاڪي جسم ۾ روحاني جوت پيدا ڪئي. رومي روشن ضمير
مرشد آهي ۽ عشق و مستيءَ جي قافلي جو سرواڻ آهي.
تون به ان ٻڍڙي روميءَ کي پنهنجي سفر جو ساٿي
بنائي، ته ڌڻي تعاليٰ تنهنجي اندر ۾ سوز پيدا
ڪري.)
وري
ٻئي هنڌ ٻڌائي ٿو:
صحبت
پير روم سي مجهه پر هوا يه راز فاش،
لاک
حڪيم سر بجيب ايڪ ڪليم سر بڪف!
)مولانا
روميءَ جي مثنوي ۾ شريعت، تصوف ۽ اخلاقيات جي
بيشمار مسئلن تي بحث ڪيو ويو آهي، جن ۾ توحيد،
نبوت، وحدت الوجود، وحدت الشهود، روح، بقا، فنا
وغيره قابل ذڪر آهن، مگر سڀ کان وڌيڪ ”عشق“ تي زور
ڏنو ويو آهي. ساڳي ريت، شاعر مشرق علامه محمد
اقبال جو ڪلام به ”عشق“ سان ٽمٽار آهي. جيڪڏهن ڪو
انسان عشق ۽ روحاني جوت کان وانجهو آهي ته سندس
علم ۽ ڏاهپ اهڙين اکين جي مثل آهن جن ۾ سوجهرو
خيرڪو آهي؛ انهي ڪري علامه اقبال به پنهنجي
روحاني رهبر مولانا رومي وانگر پنهنجي تعليم جو
بنياد ”عشق“ تي رکيو. ڇو ته عقل دنيا جي طلب ڪري
ٿو ۽ عشق سچ جو ڳولائو آهي. عقل شڪ جي ڄار ۾
گرفتار آهي ته عشق لامڪان تائين رسي ٿو؛ عقل خطرن
کان پاسو ڪري ٿو ۽ عشق خطرات کي دعوت ڏئي ٿو، خود
مولانا رومي فرمائي ٿو ته عقل کي وڪڻ ۽ حيرانيءَ
کي خريد ڪر، ڇو ته عقل شڪ آهي ۽ حيراني مشاهدو
آهي.
زير
ڪي بفروش و حيراني بخر،
زير
ڪي ظن است و حيراني نظر،
علامه اقبال به عشق ۽ عقل جو هن ريت فرق بيان ڪري
ٿو:
خرد
اندر سرم بت خانه ريخت،
خليل
عشق ديرم را حرم ڪرد.
مطلب
ته رومي ۽ اقبال ٻئي ساڳئي پنڌ جا پانڌيئڙا آهن ۽
هڪ زبان ٿي چون ٿا ته عشق کان سواءِ ڌڻي تعاليٰ جو
وجود، نبوت، معجزا، آسماني ڪتاب، ملائڪ، قيامت،
شفاعت، جزا ۽ سزا، جنت ۽ جهنم سڀ بي مقصد نظر
ايندا ۽ ايمان به ڪمزور ٿي ويندو. ٻنهي بزرگن جي
عشق مان مراد ڌڻي تعاليٰ جو عشق آهي، جو سدا حيات
آهي، انڪري ٻئي چون ٿا ته عقل کي عشق جو تابع
بنائي. عقل کي جڏهن ڇڙ واڳ ڇڏيو ويو ته تباهيءَ
ڏانهن گهلي ويندو، پر جيڪڏهن سندس واڳ عشق جي
حوالي ڪئي وئي ته پوءِ اهو انسان ذات لاءِ سراپا
رحمت ٿي پوندو.
علامه اقبال ٿڌي عقل کي عشق جي گرمي پهچائڻ لاءِ
زور ڀري فرمائي ٿو:
شمع
خود را همچو رومي بر فروز،
روم
را در آتش تبريز سوز.
جڏهن
مولانا رومي قونيه جو چيف جسٽس هو، تڏهن پنهنجي
علم ۽ ڏاهپ جي ڪري ملڪان ملڪ مشهور هو. هڪ دفعي
پنهنجيءَ جاءِ ۾ ويٺو هو ته وٽس شمس تبريزي لنگهي
آيو ۽ ڪتابن ڏانهن اشارو ڪري مولانا روميءَ کان
پڇيائين ته ”اين چيست؟“ مولانا رومي کيس مست سمجهي
جواب ڏنو ته ”اين دفتر يست که تو نمي داني“
(يعني: هي اهي ڪتاب آهن، جن جي تو کي ڄاڻ نه آهي.)
شمس تبريزي اتان ڪجهه ڪتاب کڻي جڏهن پاڻي جي حوض ۾
اڇلايا ته مولانا رومي کان رڙ نڪري وئي ۽ چيائينس
ته هي ڇا ڪيئي؟ ان تي شمس تبريزي حوض مان ڪتاب ڪڍي
آيو ته بلڪل سڪل ۽ صاف هئا. مولانا رومي حيران ٿي
کانئس پڇيو، ”اين چيست؟“ شمس تبريزي جواب ڏنو”اين
رمزيست که تو نمي داني“ (يعني: هي راز آهي، جنهن
جي تو کي خبر نه آهي.) بس، انهيءَ مشاهدي کان پوءِ
مولانا رومي ڪندن بنجي ويو ۽ عرفان جي نور سان
سندس اندر اُجرو ٿي ويو. اهو رومي، جو پهريائين
عقل ۽ دليل جي ڄار ۾ ڦاٿل هو، سو هاڻي آزادانه
عرفاني فضائن ۾ اڏامڻ لڳو.
خود
مولانا رومي فرمائي ٿو ته عشق سمورين بيمارين جو
علاج آهي. عشق جي وسيلي انسان آسمان تي پهچي ٿو ۽
جبل به نچن ٿا. عقل جو بحث ڀلي املهه ماڻڪ هجي، پر
عشق جو بحث ان کان گهڻو مٿانهون آهي، جيستائين
حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنہ عقلي بحث ۾
ڦاٿل هو ته ابوجهل جو همراز هو، پر جڏهن عقل کان
عشق ڏانهن رڙهي آيو ته ابوجهل جيڪو ابوالحڪم سڏبو
هو اهو اڪيلو هن بحث ۾ ڦاٿو رهيو.
شادب
اي عشق خوش سودائي ما،
اي
طيبِ جُمله علّت هائي ما،
جسم
خاڪ از عشق بر افلاڪ شد،
ڪوه
در رقص آمد و چالاڪ شد:
بحث
عقلي گر دُر و مرجان بود،
اَن
دگر باشد ڪه بحث جان بود.
اَن
زمان ڪه بحث عقلي ساز بود،
اين
عمر رضه با بوالحڪم همراز بود.
چون
عمر رضه از عقل آمد سوئي جان،
بوالحڪم بوجهل شد در بحث آن.
علامه اقبال به عقل ۽ عشق بابت فرمائي ٿو ته عقل
وٽ خوف ۽ شڪ جو سرمايو آهي، پر عشق وٽ پختو عزم ۽
يقين آهي؛ عقل هوا وانگر سستو آهي، پر عشق
ملهائتي شئي آهي؛ عقل چوي ٿو ته خوش ٿي ۽ آباد ٿي،
عشق ٿو چوي ته الله جو ٻانهو ٿي ۽ آزاد ٿي. عشق کي
تلوار ۽ خنجر جو خوف ڪونهي، ڇو ته عشق جو تعلق
ماديت سان ڪونهي. مٽي جي مٺ مان ڪيميا پيدا ڪر ته
جيئن آستانه ڪامل کي چُمي ڏئي سگهين. پوءِ ڌڻي
تعاليٰ تو کي نوازيندو ۽ تون هن ڌرتي تي سندس سچو
نائب مقرر ٿيندين، جهڙيءَ طرح خدا ملائڪن کي
فرمايو ته مان زمين تي نائب مقرر ڪرڻ وارو آهيان؛
” اِني جَاعِلُ فِي الارُض خليفتهُ“.
عقل
را سرمايه از بيم و شڪ است،
عشق
را عزم و يقين لا ينڪف است.
عقل
چون با دست ارزان در جهان،
عشق
ڪمياب و بهائي او گران.
عقل
گويد شاد شو آباد شو،
عشق
گويد بنده شو آزاد شو.
عشق
را از تيغ و خنجر باڪ نيست،
اصل
عشق از آب و باد و خاڪ نيست،
ڪيميا پيدا ڪن از مشت گِلي،
بوسَه زن بر آستان ڪاملي
تا
خدائي ڪعبه بنوازد ترا،
شرح
اِنّي جاعِل سازد ترا.
وري
چوي ٿو ته جَوَنَ جي ماني کائيندڙ(حضرت علي ڪرم
الله وجہه) جنهن خيبر جو قلعو فتح ڪيو اهو عشق هو،
ته چنڊ کي اڌواڌ ڪرڻ وارو (رحمت اللعالمين صلي
الله عليه و آله وسلم ) به عشق هو.
عشق
بانانِ جوين خيبر ڪشاد.
عشق
در اندامِ مه چاڪي نهاد،
علام
اقبال کي ٻه قوتون هڪ ٻئي جي سامهون مقابلو ڪندي
نظر اچن ٿيون.
موسيٰ و فرعون و شبير و يزيد،
اين
دو قوت از حيات آيد پديد.
ليڪن
انهن قوتن جو اصل هڪ آهي؛ جيڪڏهن نيڪيءَ ڏانهن
راغب ٿين ته خير، بديءَ ڏانهن وڃن ته شر آهي،
اهڙيءَ طرح عقل به يا نيڪيءَ ڏانهن ويندو يا بديءَ
ڏانهن. جهڙي رت مولانا رومي فرمائي ٿو ته علم کي
جيڪڏهن جسم لاءِ استعمال ڪيو ويو ته نانگ آهي، پر
جيڪڏهن روح لاءِ استعمال ڪيو ويو ته پوءِ دوست
آهي.
علامه اقبال ضربِ ڪليم ۾ علم ۽ عشق کي هن ريت
ڀيٽي عشق جي فوقيت ظاهر ڪري ٿو.
علم
ني مجهه سي ڪها عشق هي ديوانه پن،
عشق
ني مجهه سي ڪها علم هي تخمين وطن،
بندهء تخمين وظن، ڪرم ڪتابي نه بن،
عشق
ڳراپا حضور، علم سراپا حجاب.
علامه اقبال جي خيال ۾ عشق خود افزائي جو بلند ۽
عالي مرتبوآهي، ان ڪري حضرت ابراهيم عليه السلام
جي قرباني ۽ ايمان جي پختگي عشق آهي. حضرت امام
حسين عليہ السلام جو صبربه عشق آهي. بدر و حنين
جون لڙايون به عشق آهن، خدا جو ڪلام به عشق آهي ته
سندس رسول به عشق آهي.
صدقِ
خليل بهي هي عشق، صبرِ حسين بهي هي عشق،
معرڪه وجود مين بدر و حنين بهي هي عشق.
جيئن
ته عشق فنا جو نه
بلڪ
بقا جو ضامن آهي، ان ڪري عشق کان جو ڪم ٿيندو
آهي، اهو به موت جون حدون اورانگهي لافاني ٿي
ويندو آهي. مردِ مومن جو هر ڪم عشق جو ٿورائتو
آهي، ان ڪري اهو سدا حيات ٿي ويندو آهي.
مردِ
خدا ڪا عمل عشق سي صاحب فروغ،
عشق
هي اصلِ حيات موت هي اس پر حرام.
مسجد
قرطبه به عشق جي ڪري وجود ۾ آئي ان ڪري اها به سدا
حيات بنجي وئي.
اي
حريمِ قرطبه! عشق سي تيرا وجود،
عشق
سراپا دوام اس مين نهين رفت و بود.
علامه اقبال جي خيال ۾ هر شئي ۾ جا گرمي ۽ تڙپ
آهي، اها عشق جي ڪري آهي“ چنڊ ۽ تارن جي چمڪ عشق
آهي. ساوڪ جو اڀرڻ عشق آهي. کنوڻ جا چمڪا به عشق
آهن. من جون مرادون ماڻڻ لاءِ ڪوشش به عشق آهي.
ڪنهن من موهڻي نظاري لاءِ اندر جو آلاپ به عشق
آهي. مگر عشق جا درجا به مختلف آهن ته ان جي قوت ۾
به فرق آهي. مجنون ۽ فرهاد جي عشق ۾ قوت هئي پر
اهو عشق اقبال جي مخصوص عشق اڳيان هيٺاهين درجي جو
آهي. جيڪڏهن فرهاد تيشي سان جبل ٽڪيو ته ان ۾ ڪهڙي
حيرت جي ڳالهه آهي. عشق ۾ ته اهڙي طاقت آهي، جو
اهو سموري جبل کي کڻي سگهي ٿو.
تيشه
اگر به سنگ زد اين چه مقام گفتگو ست،
عشق
به دوش مي کشد اين همه ڪوهسار را.
علامه اقبال جي خيال ۾ عشق جو بلند ترين مقام ان
وقت حاصل ٿئي ٿو. جڏهن عشق جو مقصد به اعليٰ ۽
ارفع هجي؛ ۽ سڀ کان اعليٰ ۽ بلند مقصد انسان ذات
جي ڀلائي آهي. جيئن ته انسانيت جي بهترين خدمت
اسلام سيکاري ٿو، ان ڪري اقبال جو عشق دين جو عشق
آهي. هو ڪڏهن خدا سان عشق ڪري ٿو، ڪڏهن سرڪار دو
عالم صلي الله علي وآله وسلم سان عشق ڪري ٿو ۽
ٻڌائي ٿو ته رسول الله ﷺ سان عشق معرفتِ الاهيءَ
جو ذريعو آهي. ان بعد اوهان پوري سنسار جا مالڪ
بنجي سگهو ٿا.
ڪي
محمد سي وفا توني تو هم تيري هين،
يه
جهان چيز هي ڪيا لوح و قلم تيري هين، |