”موجوده زماني کي عقلي عملن ۽ سائنس جي بي مثال
ترقيءَ تي فخر آهي، ۽ اهو فخر ۽ ناز يقينن حق
بجانب آهي. اڄ زمان ۽ مڪان تي انسان قابض ٿي چڪو
آهي، ۽ فطرت جي اسرار تائين رسائي ۽ ان جي نقاب
ڪشائيءَ ۾ حيرت انگيز ڪاميابي حاصل ڪئي اٿس. ليڪن
ان ترقيءَ جي هوندي ان زماني ۾ ملوڪيت جي جَبر ۽
استبداد، جمهوريت ۽ قوميت جا نقاب چاڙهيا آهن، ۽
انهن نقابن جي اوٽ ۾ ”آزادي جي قدر“ ۽ ”انسانيت
جي شرف“ جي اهڙي مٽي پليت ڪئي آهي، جنهن جو مثال
تاريخ عالم جي ڪنهن سياهه کان سياهه صفحي ۾ به نٿو
ملي سگهي. جن نام نهاد مدبرن جي هٿ ۾ انسانيت جي
قيادت ۽ حڪومت سونپي ويئي آهي، اهي خونريزي ۽ غريب
آزاريءَ جا ديوتائون ثابت ٿيا آهن. جن حاڪمن جو
اهو فرض هو ته انساني اخلاق جي بنيادي حقن جي
حفاظت ڪن، انسان کي انسان تي ظلم ڪرڻ کان روڪين، ۽
انسان جي ذهني ۽ علمي سطح کي بلند ڪن، انهن ئي
ملوڪيت جي جوش ۾ اچي خدا جي بي گناهه بندن کي
تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهو رڳو ان لاءِ ڪيو ويو،
جيئن پنهنجن مخصوص ماڻهن جي ناجائز خواهشن لاءِ
تسڪين جو سامان پيدا ڪري سگهجي. انهن ڪمزور قوتن
تي قبضي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انهن جي اخلاق، مذهب،
معاشرت، ادب، دولت ۽ مال تي به هٿ صفا ڪيا آهن، ۽
انهن بد نصيب انسانن کي خونريزي ۾ ايترو ته مصروف
ڪيو آهي جو اڄ دنيا جي هر گوشي ۾ قيامت برپا ٿي
چڪي آهي. سائنس جي تباهه ڪن اوزارن سان انساني
تمدن جا آثار مٽجي رهيا آهن. تماشبين حڪومتون
اقتصادي ميدان ۾ ڪمزور طبقي جو خون چوسي رهيون
آهن. ساري دنيا جا مفڪر سوچي رهيا آهن، ته ڇا
تهذيب ۽ تمدن جي هن عروج واري زماني ۾ انساني ڪمال
جو انجام ههڙو ٿيڻو هو؟
علامه اقبال
گذارش
1977ع جو سال، علامه اقبال جي سئو ساله جشن ولادت
جي طور سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. ”مهراڻ“ جو هي
پرچو ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جيڪو ”اقبال نمبر“
جي روپ ۾ اوهان جي آڏو آهي.
علامه اقبال جنهن دور ۾ ڄائو، پليو ۽ نپنو، اهو
نه رڳو پاڪ- هند اُپکنڊ ۾ غلاميءَ ۽ مايوسيءَ جو
دورهو، پر پوري عالم اسلام لاءِ هڪ خطرناڪ دورهو،
مسلمان قوم
ـــ
جيڪا ڇهين صدي عيسويءَ کان سورهين عيسويءَ تائين،
علم ۽ فن، طب ۽ رياضيءَ، توڙي سائنس ۾ اهم ڪارناما
سر انجام ڏيئي چڪي هئي ۽ سڄي دنيا ۾ هڪ سڌريل ۽
سگهاري قوم جي حيثيت سان، پنهنجو ڌاڪو ڄمائي چڪي
هئي، اها ئي قوم ارڙهين ۽ اوڻويهين صديءَ تائين،
گهڻي ڀاڱي، يورپ جي غلاميءَ جو ڳاٽي ڀڳو ڳٽ ڳچيءَ
۾ پائي چڪي هئي! پورچو گيزن ته سورهين صديءَ جي
مُهڙ ۾ ئي، ننڍي کنڊ جي ڌرتيءَ تي پير ڌريو هو،
اڇي چمڙيءَ وارن انهن سامونڊي ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي
خطري کان، لطيف، گهڻو اڳي خبردار ڪري چڪو هو:
دنگي
وچ درياهه، ڪين ٻُڏي ڪين اُپڙي،
هو جي واڍي واڻئا، سي سُونهڻ سڀ سَڙيا،
معلم ماڳ نه اڳيين، ڦلنگي منجهه ڦريا،
ملاح تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تهجي
علامه اقبال جي بيدار ذهن ۾ سڄو پسمنظر چٽو پٽو
هو.
ننڍي
کنڊ جا مسلمان سماجي، تعليمي، اقتصادي ۽ سياسي طور
تي پوئتي رهجي ويا ـــ ۽ زندگيءَ جي ميدان ۾
ڏينهون ڏينهن ويا، پوئتي ڌڪبا ۽ ڌڪاڻبا. علامه
اقبال مسلمانن جي اڪيلائيءَ، هيڻائيءَ ۽
مايوسيءَ کي پريندي ئي پروڙي ورتو ـــ ۽ ان جي
پڄاڻي آڻڻ لاءِ کين هڪ پليٽ فارم تي ڪٺي، ڪرڻ
لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين.
فرد
قائم ربط ملت سي هي تنها ڪُڇ نهين،
موج
هي دريا مين اور بيرون دريا ڪُڇ نهين،
علامه اقبال انهيءَ عظيم مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽
انهيءَ ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي آزاد ۽
خودمختيار”پاڪستان”.
علامه اقبال پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ ڀاڱو اسلامي
فقهه، سياست، ثقافت ۽ ادب جي اڀياس کي ڏنو. ان
اڀياس جي نتيجي ۾ ئي مٿس عالمگير سچائيءَ جي
اعتبار کان، اسلام جي حيثيت ۽ اهميت اجاگر ٿي. کيس
مسلمانن جي تباهيءَ جي ڪارڻن جو پتو هو:
هلي
اچ خانقاهن مان ادا ڪر رسمِ شبيري
جو
فقرِ خانقاهي آ فقط اندوهه دلگيري.
سندءِ دين و ادب اندر ڏسان ٿو، بوءِ رهباني.
علامه اقبال جمود يا ماٺار جو نه پر جدوجهد ۽
انقلاب جو شاعر آهي. ان ڏس ۾ هو ڪا به رک رکاڻي ڪا
نه ٿو ڪري:
اُٺو
مري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو،
کاخِ اُمرا ڪي دروديوار هلادو.
هُن
پير ستيءَ جا ڇوڏا لاٿا آهن:
نذرانه نهين سود هي پيرانِ حرم ڪا،
هرخرقه سالوس ڪي اندر هي مهاجن.
اقبال وٽ آفاقي رنگ پڻ آهي ـــ هو سموري انسان ذات
جي دک کي سهي ٿو هو ڪارنهن بدران انساني پيشانيءَ
تي سورج چمڪندو ڏسڻ چاهي ٿو:
صبح
کان بي بهره ڇو آ حضرت انسان جي ذات؟
-امداد حسيني
شمع
سوزان
****
سُڻ
اي طلبگار درد دل جا، مان ناز ۽تون نياز ٿي وڃ،
مان
غزنوي سو مناٿ وارو ۽ تون مثالِ اياز ٿي وڃ.
نه
آهي گهٽ شان تنهنجو هر گز، ڪمال شانِ سڪندري کان،
جي
آهه سيني ۾ تنهنجي سامان ته پاڻ آئينه ساز ٿي وڃ.
خدا
جي بندن جي خاص خدمت ۾ زندگيءَ جو ڪمال آهي،
تون
تنهن کي فرضِ قديم سمجهي، سدا مثالِ، نماز ٿي وڃ
نه
ٿي قناعت شمار گلچين، انهي سان وڌندو نه شان
تنهنجو،
ڏسي
گلن جي چمن ۾ رونق تون دل سان دامن دراز ٿي وڃ.
اي
هند جا فرقه ساز آذر! چڱي نه هي آهه بت فروشي،
بچائي دامن بُتن کان پنهنجو غبار راهِه حجاز ٿي
وڃ.
ڏسي
پتنگن ۾ جوش الفت ۽ شوق هر دم فنا ٿيڻ جو،
سگهو
مثالِ، تون شمع سوزان سڙي ۽ محفل گذار ٿي وڃ.
منظوم ترجمو: غلام احمد نظامي.
عمل
****
رياضِ دهر ۾ نا آشناي بزمِ عشرت ٿي،
خوشي
روئندي رهي جنهن لئه نه محرومِ مسرت ٿي
تنهنجي تقدير بگڙيل تي ٿي روئي تنهنجي گويائي،
تون
حرفِ زير لب شرمنده، گوشِ سماعت ٿي.
پريشان ٿي نه مشتِ خاڪ، هن مان ڪين ڪجهه ورندو.
سڪندر ٿي، يا جامِ جم ٿي يا گرد ڪدورت ٿي.
حقيقت ۾ تنهنجي هستي ٿي مقصد خاص قدرت جو،
سراپا نور ٿي، هر گز نه ڪنهن جي لاءِ ظلمت ٿي.
خزينو ٿي، لڪائي پاڻ کي رک خاڪِ صحرا ۾،
نه
جنهن کي چور چورائي، تون اهڙي خاص دولت ٿي.
نه
شيشو ٿي، نه ساقي ٿي، نه مستي ٿي، نه پيمانو،
تون
هن ميخانئه عالم ۾ هرشيِءِ جي حقيقت ٿي.
تون
رهه آزاد دنيا جي خسارن يا خيالن کان،
بنائي پنهنجي دنيا، پاڻ حاڪم ٿي، رعيت ٿي.
تو
کي رازِ، دو عالم دل جو ٿيڻو رازدان آهي،
عمل
کان بعد تو کي کولڻي پنهنجي زبان آهي.
منظوم: غلام احمد نظامي
پوڙهي ٻروچ جي پٽ کي نصيحت
****
ٿي
تنهنجي بيابان جي هوا تو کي گوارا،
هن
دشت کان بهتر نه آ دهلي نه بخارا.
جنهن
طرف به چاهين صفت سيل روان هل،
وادي
هي اسان جي آ ۽ صحرا جا نظارا.
غيرت
ئي وڏي ڳالهه آ دنياءِ عمل ۾،
پهرائي ٿي درويش کي تاج سر دارا.
حاصل
ڪنهن ڪامل کان هي پوشيده هنر ڪر.
ٻُڌجي ٿو ته شيشي کي بڻائن آهي خارا.
افراد جي قبضي ۾ اٿي قوم جي تقدير،
افراد ٿيا ملت جي مقدر جا ستارا.
محروم ٿيا دولت دريا کان سي غواص،
ڄاڻن
نه ڪناري جي هوا، آَه! ويچارا.
دين
پاڻ هٿن سان ڏئي آجي ٿي جي ملت،
آ
اهڙي تجارت ۾ مسلمان دو پارا.
آ
دنيا کي وري معرڪه روح و بدن پيش،
تهذيب ڪري ٿي وري وحشت کي ونگارا.
منظوم ترجمو:لطف الله بدوي
حضرت
ــــ انسان
جهان
۾ دانش و بينش جي ڪيڏي آهي ارزاني،
ڇپي ڪاٿي سگهي ڪا شيءِ جو هي عالم آ نوراني.
ڏسي جي ڪو ته آ باريڪ فطرت جو حجاب ايڏو،
فرشتن جو نمايان، ان کان مرڪڻ آهه پنهاني.
جهان هي دعوت ديدار آهي ابن آدم لئي.
جو هر مستور کي بخشيو ويو آ ذوق عرياني،
اهو ئي فرزند آدم آ، جنهن جي اشڪ خونين کان،
بڻايو حضرت يزدان آ دريائن کي طوفاني.
فلڪ کي ڇا خبر هي خاڪدان ڪنهن جو نشيمن آ،
غرض تازي کان ڪنهن جي آ شبستان جي نگهباني.
اگر مقصود ڪل مان هان ته مون کان ماروا ڇا آ؟
سندس هر شور نئين نئين جي ٻڌائج انتها ڇا آ؟
قبر،
پنهنجي مردي سان
*
آه!
ظالم، تون جهان ۾ بنده محڪوم هئين،
مان نٿي سمجهيو ته تنهنجي خاڪ ڇو آ سوز ناڪ.
تنهنجي ميت کان سندم اونداهيون وڌجي ويون،
تنهنجي ميت کان زمين جي آهه عزت چاڪ چاڪ.
الامان محڪوم جي ميت کان آهي الامان.
اي سرافيل! اي خداي ڪائنات! اي جان پاڪ.
منظوم ترجمو: لطف الله بدوي
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
اقبال جي
ڪلام جون ادبي خوبيون
*
علامه اقبال هڪ وڏو عالم، مفڪر، فلسفي ۽ مصلح
هو، انهن خوبين ۽ عالمانه بصيرت جي باوجود هو
باڪمال شاعر ۽ اديب به هو. اهو ئي سبب آهي، جو
سندس فلسفيانه فڪر ۽ مدبرانه سوچ جي اظهار جو
طريقو خشڪ، منجهائيندڙ، ٻُسو ۽ بي چسو نه آهي. هن
فلسفي جي مسئلن ۽ حڪيمانه نڪتن کي اهڙيءَ طرح
سنواري سينگاري، رنگين ۽ حسين بنائي پيش ڪيو آهي،
جيئن هڪ قابل سنگتراش بي ڊول ۽ اڻ گهڙيل پٿر کي
گهڙي ٺاهي، نقش و نگار ڪڍي انهن کي دلڪش بنائيندو
آهي. فلسفيانه مسئلن ۽ نظريه حيات جي نڪتن کي
اسلوب بيان جي اهڙي دلڪش، موثر ۽ رنگين تاڃي پيٽي
۾ سمايو اٿس، جو پڙهندڙ لاءِ انهن ۾ هڪ ڪشش ۽ اثر
پيدا ٿي پيو آهي. مطلب ته فلسفي جي سنجيدگي ۽
خشڪيءَ کي رعنائي ۽ رنگينيءَ ۾ بدلي ڇڏيو اٿس.
بلند خيال، ڳوڙهي سوچ ۽ مد برانه ويچار ۽ ويڃاءُ
کي اهڙي ته سهڻي نموني پيش ڪيو اٿس، جو پڙهندڙ جو
ذهن مقصد ۽ مفهوم جي تهه تائين پهچي وڃي ٿو ۽ اثر
پذير به ٿئي ٿو.
ابهام ۽ مونجهارو شعر جي خوبي نه آهي، پر عيب آهي.
شعر اهو آهي، جو پڙهندڙ سولائي سان سمجهي سگهي؛ ۽
ان ۾ ايترو تاثير هجي، جو پڙهندڙ ان کان متاثر ٿيڻ
کان رهي نه سگهي. اقبال جو شعر ابهام يا مونجهاري
کان پاڪ آهي. هن جي سوچ ۽ ويچار ۾ سلجهاءُ آهي،
دلنشيني آهي ۽ اسلوب بيان ۾ ڪشش ۽ اثر آهي. سلاست،
شستگي ۽ رواني سندس شعر ۾ دلڪشي، جاذيبت ۽
اثرانگيزي پيدا ڪئي آهي.
اقبال اردو ۽ فارسي زبانن ۾ شعر چيو آهي؛ حالانڪ
اهي ٻيئي زبانون سندس مادري ٻوليون نه هيون. هن
انهن ٻنهي ٻولين ۾ نهايت ڪاميابيءَ سان پنهنجن
خيالن، جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪري، ثابت ڪيو آهي،
ته کيس ٻنهي ٻولين تي قدرت حاصل هئي، ۽ هو انهن
ٻولين جي ادبي خوبين ۽ فني نزاڪتن کان بخوبي واقف
هو. نه فقط ايترو، پر هن اردو شاعريءَ کي هڪ نئون
موڙ ڏنو، شاعريءَ کي ذهني عياشيءَ جي اوڙاهه مان
ڪڍي، اعليٰ مقصد ۽ نظرييه حيات جي اظهار جو ذريعو
بنايو. هن اردو شاعريءَ کي نوان اسلوب، نيون
تشبيهون ۽ نوان استعارا ڏئي، ان ۾ وسعت پيدا ڪئي،
۽ هڪ نئين انداز بيان جو بنياد وڌو. ان سان گڏ
فارسي لفظن جي ميلاپ سان نيون ۽ انوکيون ترڪيبون
جوڙي، انهن لفظن ۾ وڏو مقصد سمايائين. اهڙن
خوبصورت ترڪيبن مان ڪجهه هي آهن: حنا بندي، لاله
ڪاري، تنڪ تابي، سحرخيزي، طلسم سامري، چراغ
مصطفوي، شرار بولهبي، رعشه سيماب، عروس لاله، شر
زنده، تقدير اسم، ڪم اوراقي، شيشه بازي،
خاراشگافي، قنديل رهباني، غلط آهنگ، فقر غيور،
ضرب ڪليم ۽ بال جبريل وغيره.
ان
سان گڏ لفظن، ترڪيبن ۽ اصطلاحن ۾ نئون رنگ، نئون
اثر، نئين معنيٰ ۽ مفهوم پيدا ڪيائين. انهيءَ جدت
۽ انفراديت جي ڪري، کيس اردو شاعريءَ ۾ منفرد
حيثيت ۽ مٿانهون مقام حاصل آهي.
اقبال جي شاعريءَ جو مقصد شاعري برائي شاعري نه
هو، پر هن وٽ هڪ مقصد ۽ پيغام هو، جيڪو هن
پنهنجيءَ قوم تائين انداز ۾ پهچائڻ ٿي گهريو. اهو
ئي سبب آهي، جو هن مقصديت کي واضع ۽ موثر بنائڻ
لاءِ ادبي خوبين ۽ فني لطافتن کان ڪم ورتو آهي؛
حالانڪ اهي ڳالهيون سندس مول متو نه هيون. اقبال
جي شاعريءَ جي ادبي خصوصيتن ۽ فني نزاڪتن جي هتي
ڪجهه قدر اپٽار ڪجي ٿي.
اقبال جو هڪ مشهور نظم آهي، ”آرزو“. هن ۾ هو دعا
ٿو گهري، ته ” اي منهنجا مالڪ! مون کي هن گوڙ
گهمسان واريءَ دنيا کان پري، هڪ اهڙي پر سڪون جڳهه
عطا ڪر، جنهن جي فضا نهايت دلڪش هجي، اتي خوبصورت
جبل هجن، صاف ۽ شفاف پاڻي واري ندي هجي، ساوڪ ۽
سبزي هجي، ۽ فطرت جي هرڪا دلفريبي موجود هجي“
صف
باندهه دونون جانب بوٽي هري هري هون،
ندي ڪا صاف پاني تصوير لي رها هو
هو دلفريب ايسا ڪهسار ڪا نظاره
پاني ڀي موج بن ڪر اُٺ اُٺ ڪي ديکتا هو
پاني ڇو رهي هو جهڪ جهڪ ڪِي گل ڪي ٽهني
جيسي حسين ڪوئي آئينه ديکتا هو
مهندي لڳائي سورج جب شام ڪي دلهن ڪو
سرخي لئه سُنهري هر ڦول ڪي قبا هو
ڦولون ڪو آئي شبنم جس دن وضو ڪراني،
رونا مرا وضو هو ناله ميري دعا هو
ڪهڙو
نه دلڪش نظارو، ڪهڙي نه اثرائتي، رنگين ۽ حقيقت
پسندانه نوع ۾ چٽيو اٿس. ندي جي ٻنهي پاسن کان
بيٺل وڻن جي قطارن کي، ٻنهي طرف صفون ٻڌي بيهڻ سان
تشبيهه ڏئي، ان ۾ ڪيڏي نه دلڪشي ۽ رنگيني پيدا
ڪئي اٿس. نديءَ جي پاڻيءَ تي وڻن جي پاڇي لاءِ
ڪهڙي نه سهڻي تمثيل آندي اٿس، ته ڄڻ نديءَ جو صاف
پاڻي وڻن جي تصوير ڇڪي رهيو هجي. پاڻيءَ جي موجن
جي اُڀار لاءِ چوي ٿو، ته موجون ڄڻ بي اختيار ٿي
اٿي اٿي جبل جي دلفريب نظارن کي ڏسي رهيون هجن.
اها ادبي خوبي حسن تعليل جو نهايت سهڻو مثال آهي.
گل
جي شاخ جو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي جهڪڻ کي حسينه جي
آئيني ڏسڻ سان تشبيهه ڏيڻ، تشبيهه جي نزاڪت جو
نرالو انداز آهي. سج لهڻ وقت جيڪا ڳاڙهاڻ( شفق)
ظاهرٿيندي آهي، ان لاءِ ائين چوڻ ته ”جڏهن سج، شام
جي ڪنوار کي ميندي لڳائي“- شاعرانه فن جو خوبصورت
مثال آهي. انهيءَ شام واري ڳاڙهاڻ جي ڪري هر شئيءَ
لالاڻ مائل نظر ايندي آهي. ان لاءِ ائين چوڻ ته هر
گل جو پهراڻ لالاڻ ۾ ريٽجي سونهري ٿي پوي، شاعر
جي مشاهدي جي قوت، نازڪ خيالي ۽ لطافت جي بيانيءَ
جو سهڻو مثال آهي.
باک
ڦٽي کان اڳ، گلن تي ماڪ پوندي آهي. انهن ماڪ ڦڙن
کي عام طرح موتين سان تشبيهه ڏني ويندي آهي، پر
هتي شاعر ڏيکاريو آهي ته جيئن هڪ عابد زاهد صبح
جو سوير اٿي، وضو ڪري، عبادت لاءِ تياري ڪندو آهي،
تيئن ڄڻ ماڪ ــ ڦڙا گلن کي وضو ڪرائي پنهنجي خالق
۽ مالڪ جي حمد لاءِ تياري ڪندا هجن، هن مان شاعر
جي فنڪارانه صلاحيتن سان گڏ پاڪيزه خيالن جو پتو
پوي ٿو. آخر ۾ الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ ڪهڙي ته
عاجزي ڏيکاري اٿس ته روئڻ منهنجو وضو هجي، آهون ۽
دانهون منهنجي دعا هجي.
ٻئي
هڪ نظم جي هيٺين شعر ۾ ماڪ ــ ڦڙن لاءِ وري ٻي
تشبيهه آندي اٿس:
هي
رگِ گل صبح ڪي اشڪون سي موتي ڪي لڙي،
ڪوئي
سورج ڪِي ڪرن شبنم مين هي الجهي هوئي
ماڪ-
ڦڙا ڄڻ صبح جا ڳوڙها آهن، جيڪي جڏهن گلن تي پون ٿا
ته ڄڻ ائين ٿو معلوم ٿئي، ته موتين جي مالها آهي.
سج جو ڪرڻو جڏهن انهن ماڪ- ڦڙن تي پوي ٿو، ته انهن
۾ اهڙي چمڪ پيدا ٿئي ٿي، ڄڻ سج جو ڪرڻو انهن ۾
رلجي ملجي ويو آهي. حسن بيانيءَ جو ڪهڙو نه اعليٰ
مثال آهي.
”اسرار خودي“ جي هڪ شعر ۾ وري ماڪ- ڦڙن کي بلبل
جي اک جي ڳوڙهن سان ڀيٽ ڏني اٿس:
قطرهء شبنم سرِ شاخِ گلي
تافت
مثلِ اشڪ چشمِ بلبلي
هن
مان پوريءَ طرح معلوم ٿيندو ته شاعر اعليٰ خيال ۽
پاڪيزا جذبا ادبي خوبين سان مزيّن ڪري پيش ڪيا
آهن. هن پنهنجي مقصد ۽ مفهوم کي نين ۽ انوکين
تشبيهن ذريعي، نهايت واضع ۽ پراثر ڪري پيش ڪيو
آهي. سندس دلڪش ۽ رنگين منظر ائين آهن، جيئن ڪو
مصور حسين منظر چٽي، انهن ۾ رنگ ڀري، دل آويز ۽
جاذب نظارا پيش ڪندو آهي. اقبال جي شاعري ۾ منظر
نگاريءَ جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن مان ڪجهه اڳ ۾
اچي ويا آهن، ۽ ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا. اقبال جي هڪ
مشهور نظم ” هماليه“ جو هڪ بند ملاحظه فرمايو:
ليليء شب کولتي هي آ ڪي جب زلفِ رسا
دامنِ دل کينچتي هي آبشارون ڪي صدا
وه خموشي شام ڪي جس پر تڪلم هو فدا
وه درختون پر تفڪر ڪا سمان ڇايا هوا،
ڪانپتا ڦر هي ڪيا رنگِ شفق ڪهسار پر
خوشنما لگتا هي يه غازه تيري رخسار پر
رات
جي اونداهي ڇائنجڻ لاءِ ڪهڙو نه حسين انداز بيان
اختيار ڪيو اٿس، ته ڄڻ رات جي راڻيءَ پنهنجا ڊگها
وار کوليا آهن. آبشارن جي آواز کي صدا چئي، ائين
چوي ٿو ته دل بي اختيار ٿي انهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي
ٿي، ان مان شاعر جي حساسيت جو اندازو ٿئي ٿو.
اهڙو
خاموش منظر، هڪ شاعر ۽ فلسفي کي نه رڳو دل جو
سڪون ۽ قلب جو قرار بخشي ٿو، پر منجهس جذبات ۽
احساسات، امنگن ۽ ارمانن، ويڇاءُ ۽ ويڇاءُ جي
هلچل پيدا ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شاعر چوي ٿو
ته شام جي اهڙيءَ خاموشي تان ڳالهائڻ ٻولهائڻ
قربان آهي، اها خاموشي جيئن ته شاعر ۾ سوچ ۽
ويچار پيدا ڪري ٿي، انهي ڪري هن کي وڻن تي به فڪر
جي ڪيفيت ڇانيل نظر اچي ٿي. شام وقت وڻن جي ڪيفيت
لاءِ ائين چوڻ ته ”انهن تي فڪر جي ڪيفت ڇانيل آهي“
اقبال جي منظر نگاريءَ جي شاعرانه فن جو ڪمال
آهي،
شام
جي شفق جو جيڪو اولڙو پهاڙ ٿي پوي ٿو، ان لاءِ
ڪهڙو نه خوبصورت انداز بيان اختيار ڪيو اٿس ته
هماليه جي ڳل تي اهو اولڙو ائين سهڻو لڳي رهيو هو،
جئين هڪ حسينه جي ڳلن تي ڳاڙهه ـــ سرو، پائونڊر
دلفريبي پيدا ڪندو آهي.
سورج
نه جاتي جاتي شام سيه قبا ڪو
طشتِ
اقق سي لي ڪر لاله ڪي ڦول ماري
لاله
جو گل جيڪڏهن ڪنهن هنڌ هنيو وڃي ته ان جي لڳڻ سان
ڳاڙها ۽ عنابي نشان ٿي پوندا. شاعر، شام جي
ڳاڙهاڻ( شفق) لاءِچوي ٿو ته سج ويندي ويندي ڄڻ
شام جي ڪاري پهريان کي، افق جي ٿالهي لاله جو
گل کڻي هنيو آهي.
پهاڙ
جي مٿان ڪڪر جڏهن ڦيرا پائي، مينهن وسائي ٿو، تڏهن
نديون وهي هلن ٿيون، جيڪي خشڪ زمين تي سر سبزيءَ
جو سبب بڻجن ٿيون، شاعر انهيءَ ”پهاڙي ڪڪر“ جون
اهي خوبيون سندس زباني بيان ڪيون آهن. ان ۾ منظر
نگاري ڪندي ڏيکاريو اٿس ته ”پهاڙي ڪڪر“ مان چشمن
کي ڇا ٿو پِڙ پوي، ۽ ساوڪ سان هو ڪهڙو سلوڪ روا
رکي ٿو.
سبزه
مزرع ذرخيز ڪي اميد هون مين
زادهء بحر هون، پر درد خورشيد هون مين
چشمه ڪوه ڪو دي شورشِ قلزم مين ني
سرپه سبزه ڪي کڙي هوڪر ڪها ”قم“ مين ني
ڪڪر
پنهنجون خوبيون بيان ڪندي چوي ٿو ته مان ٻني جي
اڀرندڙ ساوڪ جي اميد آهيان. سمنڊ مون کي ڄڻيو آهي،
سج منهنجي پرورش آهي. جبل جي چشمي کي مون سمنڊ
واري گجگوڙ ڏني آهي. ساوڪ جي مٿان بيهي مون کيس
”قم“ چيو، يعني مون ساوڪ کي زندگي بخشي، اهڙيءَ
طرح هن شعر ۾ نزاڪت ۽ لطافت سان گڏ فڪر جي گهرائي
۽ حقيقت نگاري به آهي، اها حقيقت نگاري بلڪل
سائنٽيفڪ آهي. |