استاد جي حيثيت سان:
چراغ خويش بر افروختم ڪه دست ڪليم،
درين
زمانه نهان زير آستين.
در
آب سجده و ياري زخسروان مطلب؟
ڪہ
روز فقر نياگان ما چنين ڪردند
اها
رسالت، ڇا فرعونن جي فرعونيت ۽ انهن جي جادوءَ کي
يدِ بيضا کان مغلوب ۽ معجزن سان سرنگو ٿيندي هئي،
بعثت محمديه سان گڏ ختم ٿي ويئي. هاڻي فقط قيام
ذڪر (قرآن حڪيم) جي شڪل ۾ زنده ۽ موجود آهي.
فرعونيت جڏهن به ڪنڌ مٿي کڻندي ۽ جنهن به روپ ۾
اڀرندي، قرآن حڪيم جو زنده معجزو کيس نيچو
نوائيندو. مون ته مغلوبيت ۽ اونداهيءَ جي دور ۾
هن اُمت جي اڳيان رڳو هڪ چراغ روشن ڪيو آهي، اهو
به رڳو ان ڪري ته نبوت جو يد بيضا ” زير آستين
نهان“ ڪري ڇڏيو ويو آهي. رسالت محمديه جي سدا روشن
سورج جي دنيا تي چمڪڻ کانپوءِ مون جهڙي متبع
اُمتيءَ جي ڪهڙي مجال جو پيغام رسالت کان جدا ڪنهن
پيغام يا دعوت جي جرات ڪريان.
منهنجي صلاح اها ئي آهي ته خدائي وحده لاشريڪ
اڳيان هڪ ڀيرو وري ڪنڌ نواڙيو سندس حڪمرانيءَ کي
مڃيو ۽ سندس ڪامل دين جو پورو پورو اتباع ڪريو،
دنيا جي سرڪش حڪمرانن جي دستگيري ڇڏي ڏيو، ”روز
فقر“ يعني خلافت راشده جي عهد ۾ اسان جي وڏن اها
ئي صراط المستقيم اختيار ڪئي هئي ۽ انهيءَ نسخي تي
عمل ڪري ان وقت جي جابرن تي غالب پيا هئا ۽ الله
جي مخلوق تي جبري تسلط ۽ حڪومت ڪندڙن کي ثابت ڪري
ڏيکاريائون:
”الملڪ الله“
شخصيت ۽ ڪردار:
اقبال سموري عمر سادي زندگي گذاري. هو خودداري،
استغنا ۽ فقر غيور جو عملي نمونو هو. ڪڏهن ڪنهن
اڳيان هٿ نه ٽنگيائين. ڪڏهن ڪنهن جو احسان نه
کنيائين. سندس مجلس جا دروازا ڪنهن لاءِ بند نه
هئا. امير ۽ غريب، واقف توڙي غير واقف، بنا روڪ جي
اچي وڃي ٿي سگهيا. مسلمان نوجوانن سان ملي ڏاڍو
خوش ٿيندو هو. سندس وس پڄي ها ته پنهنجي دلي تڙپ
منجهن منتقل ڪري ڇڏي ها. اسلام جي حقانيت جو يقين
۽ ملت اسلاميه جو درد سندس رڳ رڳ ۾ هو. منجهس فڪر
جي جيڪا جولاني ڏسجي ٿي، انهيءَ جو مثال اسلامي
شعر و ادب جي تاريخ ۾ ورلي ملندو.
اولاد:
علامه ٽي شاديون ڪيون پهرينءَ، زال مان پٽ
مسٽر
آفتاب اقبال موجود آهي. هڪ ڌيءَ به ڄائي هئي، جا
ڏاڍي ذهين هئي، پر ڏهن ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ الله
کي پرتي. ٻيءَ زال مان هڪ ڌيءَ ڄائي، جا ڄمندي ئي
مري ويئي. جوڻس به ويم ۾ فوت ٿي ويئي. ٽئين زال
مان ٻه ٻار، جاويد اقبال ۽ منيرا بانو آهن. حضرت
علامه لاڏاڻي ڪرڻ کان ڪجهه سال اڳ هڪ وصيعت جي
ذريعي، پاڻ کان پوءِ چئن شخصن کي ننڍن ٻارن جي
ڪفالت، نگهباني ۽ پنهنجي تخلييات جو نگران مقرر
ڪيو، انهن چئن مان هڪ ڄڻو ته ٻارن جو مامو خواجه
عبدالغني هو، جو علامه جي جيئري فوت ٿي ويو.
باقي ٽي صاحب هي هئا:
چوڌري محمد حسين، سپرنٽينڊنٽ پريس برانچ لاهور؛
شيخ اعجاز احمد، سب جج، اقبال جو ڀائيٽو ۽ حڪيم
منشي طاهر الدين موجد”دلروز“.
چوڌري محمد حسين انهيءَ وصيعت تي اکر به اکر عمل
ڪري وفا جي دنيا ۾ هڪ مثال قائم ڪيو. جاويد اقبال
هاڻي ڊاڪٽر جاويد اقبال ٿي، لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج
آهي. منيرا بانو جي شادي ٿي چڪي آهي ۽ پنهنجي گهر
۾ آباد و شاد آهي.
تصنيفون:
علامه اقبال اردو، فارسي ۽ انگريزي، ٽنهي ٻولين ۾
پنهنجون تصنيفون يادگار ڇڏيون آهن.
اردو
۾ علم الاقتصاد، بانگ درا، بال جبريل، ضرب ڪليم،
ارمغان حجاز جا ڪجهه نظم. فارسيءَ ۾ اسرار خودي،
رموز بيخودي، پيام مشرق، زبور عجم مع گلشن راز
جديد و بندگي نامه، جاويد نامه، پس چہ بايد ڪرد اي
اقوام شرق مع مثنوي مسافر، ارمغان حجاز (انهي ۾
فارسي ۽ اردو ٻنهي ٻولين جو ڪلام گڏ ڪيل آهي.)
انگريزي- ايران ۾ فلسفہ مابعدالطبعيات جي اوسر،
تشڪيل جديد الهيات اسلاميه، ملتِ بيضا تي هڪ
عمراني مقالو، خلافت اسلاميه.
(1)علم الاقتصاد-اهو معاشيات تي پهريون مستند ڪتاب
آهي، جو اردو ۾ لکيو ويو. انهي جو ٻيو ايڊيشن ڪجهه
سال ٿيا ته شايع ٿيو هو ۽ هاڻي به ملي رهيو آهي.
(2)ايران ۾ فلسفہ مابعدالطبعيات جي اوسر- اهو
علامه جو اِهو مقالو آهي، جنهن تي کيس پي. ايڇ
ڊي. جي ڊگري ملي هئي. اصل انگريزي ڪتاب 1908ع ۾
شايع ٿيو هو، جنهن جو ترجمو مير حسن الدين بي.
اي. ايل. ايل. بي. (عثمانيا) اردوءَ ۾ ”فلسفہ
عجم“ جي نالي سان ڪيو. علامه جي پنهنجي چواڻي ”هن
کوجنا جو مقصد، جيئن ظاهر ٿيندو، ايراني مابعد
الطبعيات جي آئيندي تاريخ لاءِ هڪ بنياد تيار ڪرڻ
آهي، اهڙي تبصري ۾، جنهن جو نقطه نظر خالص تاريخي
آهي، اهڙي تفڪر جي اميد رکڻ نه گهرجي، جنهن ۾ جدت
هجي، تڏهن به هيٺ ڏيکاريل ٻن معاملن ڏانهن اوهان
جي ڌيان ڇڪائڻ جي همٿ ڪريان ٿو:
”(الف) مون ايراني تفڪر جي منطقي تسلسل جي خبر
لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهيءَ کي مون جديد فلسفي
جي زبان ۾ پيش ڪيو آهي؛
”(ب)
تصوف جي موضوع تي مون وڌيڪ سائنسي طريقي سان بحث
ڪيو آهي ۽ انهن ذهني حالتن ۽ شرطن کي عام منظر تي
آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جي انهيءَ قسم جي واقعي کي
ظهور ۾ آڻين ٿا. انهيءَ ڪري خيال جي اُبتڙ، جو عام
طور تي مڃيو ويندو آهي، مون اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي ته تصوف انهن مختلف عقلي ۽ اخلاقي قوتن جي
گڏيل عمل ۽ اثر جو نتيجو آهي، جو هڪ ستل روح کي
سجاڳ ڪري، زندگي جي سڀ کان اوچي مقصد ڏانهن
رهنمائي ڪن ٿيون.“
(3)
بانگ درا-هي اقبال جي ابتدائي ٽن دورن جي چونڊ
اردو ڪلام جو مجموعو آهي، جو 1924ع ۾ پهريون ڀيرو
شايع ٿيو. اقبال جا ڪي شروعاتي نظم، جي ”مخزن“ ۽
ٻين رسالن ۾ شايع ٿيا هئا، يا جي انجمن ڪشميري
مسلمانان ۽ انجمن حمايت الاسلام لاهور جي جلسن ۾
پڙهيا ويا هئا، هن مجموعي ۾ شامل ناهن. ائين ٿو
لڳي، ڄڻ اهي سندس معيار تي پورا نٿي لٿا. هن ڪتاب
جا 1924ع کان جون 1975ع تائين 32 ايڊيشن ڇپجي چڪا
آهن.
(4)
بال جبريل- هي مجموعو 1935ع ۾ منظر عام تي آيو،
هن ۾ پهرين غزل آهن. پوءِ رباعيون ۽ قطعا ۽ پڇاڙي
۾ مختلف سُرن جي هيٺ نظم آهن، اهو ڪتاب جنوري
1975ع تائين ويهه ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. اهو اقبال
جي اردو شاعريءِ جو معراج آهي، جو هن ۾ علامه غزل
جي دلفريب نموني ۾ اهي سڀ حقيقتون ۽ سڃاڻپون ۽
تعليمات بيان ڪيون آهن، جي قوم کي گهڻگهرائيءَ ۽
يقين پيدا ڪرڻ ۽ مغربي طلسم کان پاسو ڪري مومن
مرد بنجڻ لاءِ ڪار آمد آهن.
(5)ضرب ڪليم- هي 1936ع ۾ ”حاضر زماني جي نالي هڪ
جنگ جو اعلان“ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. ديباچي کان
پوءِ سمورا غزل ۽ نظم ڇهن سُرن ۾ ورهايل آهن: (1)
اسلام ۽ مسلمان، (2) تعيلم ۽ تربيت، (3) عورت، (4)
ادبيات، لطيف فن،(5) سياسيات مشرق و مغرب، (6)
محراب گل افغان ڪي افڪار. هر مسئلي ۾ علامه جي
فڪر جا جواهر قول فيصل جي حڪم جي حيثيت رکن ٿا ۽
انهن ۾ جو درس ۽ پيغام لڪل آهي، اهو سڀني قومن جي
ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي. جولاءِ 1936ع کان جنوري
1976ع تائين انهيءَ مجموعي جا ارڙهن ايڊيشن ڇپجي
چڪا آهن.
(6)”ملت بيضا تي هڪ عمراني نظر“ ۽ ”خلافت
اسلاميا“، اقبال جا ٻه ليڪچر هئا، جي انگريزيءَ ۾
ڏنا ويا هئا. پهرين جو اردو ترجمو مولانا ظفر علي
خان ۽ ٻئي جو چوڌري محمد حسين ڪيو آهي.
(7)”اسرار خودي“ فارسي زبان ۾ اقبال جي پهرين
تصنيف آهي، جا 1915ع ۾ ڇپي. ان وقت کان وٺي هن وقت
تائين انهيءَ جا ڪئين ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. هن
ڪتاب ۾ حضرت علامه مختلف طريقن سان ثابت ڪيو آهي
ته سموري ڪائنات خوديءَ جي فرمان هيٺ آهن، جڏهن
خوديءَ سان گڏ عشق جو امتزاج ٿيندو آهي ته خودي
سموري عالم ۽ ماروائي عالم تي ڇائنجي ويندي آهي.
خودشڪني اقبال وٽ مذموم آهي، پر خود گري ۽
خودشناسي مقصدِ حيات اقبال جي خوديءَ جي راهه
ڏيکاري انهن درجن کان آگاهه ڪري ٿو، جتان لنگهي
خودي تڪميل جي منزل تي پهچي ٿي ۽ عارف خوديءَ کي
خليفتہ الله في الارض جي لائق بنائي ٿي. هن ڪتاب
جو ترجمو دنيا جي ڪافي ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي.
(8)
رموز بيخودي(فارسي)- هي در اصل اسرار خوديءَ جو
ٻيو حصو آهي، جو 1918ع ۾ شايع ٿيو، پوءِ اسرار و
رموز کي گڏ ڪيو ويو. انهيءَ ۾ اقبال دليلن سان
ثابت ڪيو آهي ته اسلامي آئين، حيات ملي جي لاءِ
بهترين ضابطو آهي. ماڻهن تي لازم آهي ته اُهي هڪ
خاص حد تائين انا جي انفرادي حيثيت کي قائم ۽
محفوظ رکن. انهيءَ کانپوءِ ملت جي ڀلائيءَ ۽ سڌاري
تان پنهنجي انفرادي حيثيت قربان ڪري ڇڏين. هن ڪتاب
کي هونءَ ته علامه ملت اسلاميه جي حضور ۾ پيش ڪيو
آهي، پر اسرار و رموز ٻنهي مثنوين ۾ پوري عالم
انسانيت کي خطاب ڪيو ويو آهي. انهن جي وسيلي اقبال
هلندڙ دور جي غلط نظرين جي پَت وائکي ڪئي آهي، جي
ماڻهن ۽ قوم جي باري ۾ قائم ڪيا ويا هئا ۽ انهن جي
بچاءَ، بقا، تسلسل ۽ ترقيءَ لاءِ صحيح رستو ٻڌايو
آهي.
انهن
ٻنهي مثنوين جو تعلق ملت جي ماضي سان هو. ضرورت
انهيءَ امر جي هئي ته ملت جي آئيندي جي باري ۾ به
ڪجهه چيو وڃي. اقبال جي ذهن ۾ انهيءَ جو خاڪو به
موجود هو. ان ڪري هو مولانا گراميءِ کي 1- جولاءِ
1917ع جي خط ۾ لکي ٿو:
”مثنوي جوٻيو حصو (يعني رموز بيخودي) جلد پورو ٿيڻ
وارو آهي، پر هاڻي ٽيون حصو ذهن ۾ پيو اچي ۽ مضمون
دريا جيئن ڀرجيو پيا اچن ۽ حيران پيو ٿيان ته ڪنهن
ڪنهن کي نوٽ ڪريان. انهيءَ حصي جو مضمون
هوندو”حيات مستقبلہ. اسلاميه“ يعني قرآن شريف مان
مسلمانن جي ايندڙ تاريخ تي ڪهڙي روشني ٿي پوي ۽
جماعت اسلاميه، جنهن جو بنياد ابراهيمي دعوت کان
شروع ٿيو، ڪهڙا ڪهڙا واقعا ۽ حادثا ايندڙ صدين ۾
ڏسڻ واري آهي ۽ نيٺ انهن سڀني واقعن جو مقصد ۽
مراد ڇا آهي؟ منهنجي سمجهه ۽ ڄاڻ ۾ اهي سڀ
ڳالهيون قرآن شريف ۾ موجود آهن ۽ استدلال اهڙو
صاف ۽ واضع آهي جو ڪو به نٿو چئي سگهي ته تاويل
کان ڪم ورتو ويو آهي. اهو الله تعاليٰ جي خاص
ٻاجهه ۽ مهر آهي، ته هن قرآن شريف جو اهو ڳجهو علم
عطا ڪيو آهي. مون پندرنهن ورهين تائين قرآن شريف
پڙهيو ۽ ڪن آيتن ۽ صورتن تي ڪئين مهينا نه، پر
سال غور ڪيو آهي ۽ ايتري ڊگهي عرصي کانپوءِ انهيءَ
مٿئين نتيجي تي پهتو آهيان؛ پر مضمون ڏاڍو نازڪ
آهي ۽ جنهن کي لکڻ سولو نه آهي. ته به مون اهو پڪو
پهه ڪيو آهي ته اهو هڪ ڀيرو لکي وٺندس ۽ ان جي
اشاعت منهنجي حياتيءَ کانپوءِ ٿيندي يا جڏهن
انهيءَ جو وقت ايندو، تڏهن ڇپجي ويندي.“
پر
اهو ارادو ڪنهن سبب ڪري عملي صورت اختيار ڪري نه
سگهيو.
(9)
پيام مشرق ( فارسي)-جرمنيءَ جي مشهور شاعر گوئٽي
(GOETHE)
جي مغربي ديوان جو جواب آهي. اهو ڪتاب 1923ع ۾
شايع ٿيو. انهيءَ وقت کان 1975ع تائين انهيءَ ڪتاب
جا چوڏهن ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. ديباچي ۾ اقبال
انهيءَ جو مقصد بيان ڪندي فرمائي ٿو:
”پيام مشرق جي باري ۾، جو ”مغربي ديوان“ کان سئو
سال پوءِ لکيو ويو آهي، مون کي ڪجهه عرض ڪرڻ جي
ضرورت ناهي. ڏسندڙ خود اندازو لڳائيندا ته هن ڪتاب
جو مقصد گهڻو ڪري انهن اخلاقي، مذهبي ۽ ملي
حقيقتن کي پيش ڪرڻ آهي، جن جو ماڻهن ۽ قومن جي
باطني تربيت سان لاڳاپو آهي...مشرق ۽ خاص ڪري
اسلامي مشرق صدين جي لاڳيتي ننڊ کانپوءِ اکيون
پٽيون آهن؛ پر مشرق کي اهو محسوس ڪرڻ گهرجي ته
زندگي پنهنجي دائري ۾ ڪنهن قسم جو انقلاب پيدا نٿي
ڪري سگهي، جيستائين اول سندس اندروني گهراين ۾
انقلاب نه ايندو ۽ ڪانئين دنيا خارجي وجود اختيار
نٿي ڪري سگهي، جيستائين ان جو وجود اڳين انسانن جي
ضمير جي شڪل نه اختيار ڪندو، فطرت جو اهو اٽل
قانون، جنهن کي قرآن ”ان الله لايغير مابقوم حتي
يغير مابا نفسهم“ جي سادن ۽ سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو
آهي، زندگيءَ جي شخصي ۽ اجتماعي ٻنهي پهلوئن تي
حاوي آهي ۽ مون پنهنجي فارسي تصنيفن ۾ انهيءَ
صداقت کي اڏي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
گوئٽي مغرب ۾ روحانيت جي کوٽ تي رُنو آهي ۽ مشرق
کان انهيءَ پيغام جي آس رکي اٿس، اقبال سئو سالن
کان پوءِ مغربي ملڪن کي اخلاق، مذهب ۽ رهڻي ڪهڻيءَ
جو سبق ياد ڏياريو آهي ۽ احساس، جوش، چرپر، عمل ۽
عشق جي جذبن پيدا ڪرڻ تي زور ڏيئي يورپ کي ٻڌايو
آهي، ته روحانيت جي درس حاصل ڪرڻ کانسواءِ زندگي
اوچن درجن تي نٿي پهچي سگهي.
(10)
زبور عجم (فارسي)- هن ۾ ”مثنوي گلشن راز جديد ۽
”بندگي نامہ“ به شامل آهن. جون 1927ع کان 1972ع
تائين ڏهه ڀيرا ڇپجي چڪو آهي. ”مثنوي گلشن راز
جديد“ ۾ حضرت علامه سيد محمود شبستريءَ جي مشهور
مثنوي ”گلشن راز“ جي تقليد نَو سوال قائم ڪري،
انهن جو جواب ڏنو آهي. وحدت الوجود جي مسئلي کي
جديد روشنيءِ ۾ حل ڪري، عملي دنيا تي انهيءَ جو
اثر ۽ ڳانڍاپو ظاهر ڪيو اٿس.
”بندگي نامہ، در اصل غلامي ۽ محڪميت جي خلاف هڪ
جهاد آهي. هن ۾ اول بندگيءَ بابت بحث ڪيو اٿس،
پوءِ غلاميءَ جي لطيف فن، سنگيت ۽ چترڪاريءَ تي
تبصرو ڪيو اٿس ۽ پڇاڙيءَ ۾ مردانِ حر جي اڏاوت جي
فن کان روشناس ڪرايو اٿس.
غزلن
۽ قطعن جي هڪ حصي ۾ حضرت علامه خدا کي خطاب ڪيو
آهي ۽ ٻئي حصي ۾ پوري دنيا، خاص طور تي مشرق کي
مخاطب ٿي عام بيداريءَ جو پيغام ڏنو آهي. پوءِ عهد
ماضيءَ جي ياد، چرپر، جاڳرتا، عمل جي ذوق، محبت ۽
زندگي پيدا ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، جيئن گذريل زماني
جو شان، مان ڏيا ۽ دٻدٻو ٻيهر حاصل ڪري سگهجن ۽
مشرق هڪ ڀيرو وري مادي ۽ روحاني دنيا تي پنهنجي
برتريءَ جو جهنڊو ڦڙڪائي سگهي. زبور عجم ۾ اقبال
غزل کي اوج ڪمال تي پهچائي ثابت ڪيو آهي ته بلند
کان بلند خيالن ۽ موثر تلقينن لاءِ به غزل کان
وڌيڪ زوردار ۽ زندهه صنف سخن موجود ناهي. اهو ئي
سبب آهي جو اقبال پنهنجي پڙهندڙن کي صلاح ڏني آهي.
”اگر
هو ذوق تو خلوت مين پڙهه زبور عجم“
(11)
جاويد نامه (فارسي)- هي اطالوي شاعر ڊانٽي(
DANTE
) جي خدائي سکدائڪي (DIVINE
COMEDY)
جو جواب آهي. 1932ع کان سيپٽمبر 1974ع تائين انهي
جا ڇهه ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. هن ۾ زندهه رود اقبال
پير روميءَ جي رهنمائيءَ ۾ آسمانن جو سير ڪيو آهي
۽ رب حضور ۽ تجليات سان همڪنار ٿيڻ جو شرف حاصل
ڪيو آهي. فلڪ قمر، وادي طواسين، فلڪ عطارد، فلڪ
زهرهه، فلڪ مريخ، فلڪ مشتري، فلڪ زحل ۽ ماروائي
فلڪن تي جن خاص شخصيتن سان ملاقات ٿئي ٿي، جن جي
زباني اقبال ڪئين ڳوڙها مسئلا سليا آهن ۽ نهايت
ڪارائتي تعليم ڏني آهي. پڇاڙيءِ ۾ پنهنجي پٽ جاويد
کي مخاطب ٿي سڀن نوجوانن کي پيغام ڏنو آهي ۽ ”نزاد
نو“ جي لاڙن ۽ تقاضائن پٽاندر سندس رهنمائي ڪئي
آهي.
(12)
پس چہ بايد ڪرد ائي اقوام شرق مع مثنوي
مسافر(فارسي) – هي 1936ع ۾ پهريون گهمرو شايع ٿي
هئي. 1972ع تائين انهيءَ جا ست ڇاپا پڌرا ٿي چڪا
آهن. هن ۾ اقبال پير روميءَ جي زبان مان اها
خوشخبري ٻڌائي ٿو ته:
”خاور از خواب گران بيدار شُد.“
پوءَ
انهيءَ ئي جي زباني مشرقي قومن جي ڪليمي حڪمت ۽
فرعوني حڪمت جا گڻ ۽ اوگڻ ٻڌائي توحيد جو سبق
ڏيئي، نفي ۽ اثبات کي ”ساز و برگ امتان“ ثابت ڪري
ٿو. فقر ۽ مرد حر جا ايمان افروز تفسير ۽ تفصيل
ٻڌائڻ کان پوءِ شريعت ۽ طريقت جا اسرار ۽ رمزون
سمجهائي ٿو ۽ ”افتراق هنديان“ تي ماتم ڪري، اتحاد
جو سبق ڏئي ٿو. حاضر جي سياسيات جي تجزئي ڪرڻ
کانپوءِ امت عربيہ کي سندن شاندار ماضي ياد ڏياري
ٿو. پوءِ سڀني مشرقي قومن کي فرنگي سياسيات جو
طلسم ٽوڙي بيداريءَ جي تلقين ڪري ٿو.
مثنوي مسافر، افغانستان جي سياست جو يادگار آهي.
هن ۾ سرحد جي قومن کي نصيحت ڪيل آهي، ته ”رمز دين
مصطفيٰ“ کي سمجهو ۽ پنهنجي وجود ۾ ”تعمير خوديءَ“
ڪريو.
(13)
ارمغان حجاز- هي ڪتاب حضرت علامه پنهنجي آخري
بيماريءَ جي ڏينهن ۾ مرتب ڪيو هو، پر انهيءَ جي
ڇپائي سندس لاڏاڻي کانپوءِ نومبر 1938ع ۾ ٿي،
انهيءَ ۾ هڪ حصي ۾ فارسي قطعا ۽ رباعيون حضور حق،
حضور رسالت، حضور ملت، حضور عالم انساني ۽ به
ياران طريق وغيره آهن، جن جي اڀياس مان خبر پوي ٿي
ته شاعر پنهنجي تصور جي عالم ۾ حجاز جو سفر ڪري
رهيو آهي. فڪر جي گهرائي ۽ عشق جي شدت انهن قطعن
جي خصوصيت آهي.
ڪتاب
جي ٻئي حصي ۾ ابليس کي مجلس شوريٰ، ۽ ڪن ٻين اردو
نظمن، مثال طور، ”پوڙهي بلوچ جي پٽ کي نصيحت
”تصوير مصر“، ”عالم بررخ“، ”آواز غيب“ ۽ ”ملازاده
ضيغم لولابي ڪشميري ڪا بياض“ وغيره شامل آهن. انهن
جي وسيلي هاڻوڪي زماني جي سياسي ۽ سماجي انقلابن ۽
فڪري تحريڪن تي فيصله ڪُن تنقيد ڪئي ويئي آهي، جن
مان ڪيترن ئي رازن جو انڪشاف ٿئي ٿو ۽ صحيح
رهنمائي ملي ٿي. سيپٽمبر 1975ع تائين انهي جا
يارهن ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.
(14)
تشڪيل جديد اللهيات اسلاميه
The
Recons Truction of Religious Thought in Islam
هي
علامه اقبال جي انهن ڇهن فلسفاڻي خطبن جو مجموعو
آهي، جي هن مدراس حيدرآباد دکن ۾ ڏنا هئا. اهو
پهريون گهمرو 1930ع ۾ لاهور ۾، ٻيو گهمرو 1934ع ۾
آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان معمولي تبديلن سان ۽
ستين ليڪچر جي واڌاري سان ۽ ٽيون گهمرو وري لاهور
مان شايع ٿيو، ”علم اور روحاني تجربات“ ”روحاني
تجربات ڪا فلسفيانه معيار“ ”ذات واجب کا تصور اور
حقيقتِ عادت“ ”انائي انسان اور جبر وا ختيار“،
”تمدن اسلامي ڪي روحيت، ”نظام اسلام مين روح حرڪت“
(يعني اجتهاد). هن ڪتاب ۾ علامه ڄڻ هڪ جديد
اسلامي علم ڪلام جي بانيءَ جي حيثيت سان سامهون
آيو آهي. هن انهن مسئلن تي اسلام ۽ جديد فلسفي جي
حوالي سان سير حاصل بحث ڪيو آهي ۽ هن دور جي مفڪرن
لاءِ اسلام تي غور ۽ فڪر جا در اُپٽيا آهن. سيد
نذير نيازي هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڪيو آهي، جو
1957ع ۾ هڪ ڀيرو ڇپجي اڻلڀ ٿي چڪو آهي. انهن خطبن
جي اڀياس کان سواءِ علامه اقبال جي منظم فڪر تي
ڄاڻ حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.
انهي
کانسواءِ اقبال جي خطن جا ڪيترائي مجموعا مرتب ٿي
چڪا آهن، جن ۾ اقبال بي تڪلف کلندي ڳالهائيندي
موتي ورهائيندي نظر اچي ٿو.
اڻ
ڳڻيا انگريزي ۽ اردو مضمون، جي مختلف رسالن ۽
اخبارن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، وري متفرق ليڪچر،
خطبن، بيانن ۽ پيغامن کي هِتان هُتان گڏ ڪري ڪيترن
ئي ادارن ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو آهي، جن مان ”Reflection
of Iqbals Thought“
گفتار اقبال، مقالات اقبال ۽ حرف اقبال وغيره قابل
ذڪر آهي.
حيات
جو نظريو:
اقبال جي حيات جي نظريي جو تَت، جيئن ”دائره
معارف اسلاميا“ ۾ ڏنل آهي، هيئن آهي:
(1)
اقبال اسلام جو سچو معتقد ۽ اسلامي تهذيب جو تمام
وڏو دعي هو. خدا هن لاءِ خلاق ازلي آهي. هن جي
خلاقي هر پل بروئي ڪار ايندي رهي ٿي. زندگي سراپا
خلاقي آهي.
(انسان جيڪڏهن پنهنجي مقصد کان واقف ٿي وڃي ته هو
پنهنجي انهيءَ خلاقي جو طرف متعين ڪري سگهي ٿو.)
(2)
نوع انسان جي اوسر جو سدرت المنتهيٰ محمد ﷺ جي ذات
با برڪات هئي. ختم نبوت جي معنا اها آهي ته هاڻي
ڪنهن نبيءَ جي ضرورت نه رهي آهي؛ ڇو ته زندگيءَ
جون سڀيئي بنيادي حقيقتون خدا جي آخري ڪتاب قرآن
حڪيم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون ويون آهن ۽ اڻ کٽندڙ
ترقيءَ جون راهون کوليون ويون آهن. ملت اسلامي کي
اجتهاد جو دروازو بند ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته اصل
زندگي ۽ ان جو مقصد لڳاتار جهاد ۽ مسلسل اجتهاد
آهي. زندگيءَ جا سانچا بدلبا رهندا، پر قرآن نون
فڪرن ۽ ماڻڻ جي اڏوت ۾ هميشه هر اوسر تي حاوي
رهندو.
(3)
انسان کي خارجي توڙي باطني ٻنهي تي سوڀ پائڻ مان
پنهنجي معرفت ۽ قدرت ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي.
(4)
اقبال فرنگي تهذيب ۽ تمدن تي شدت سان تنقيد ڪري
ٿو، هو يورپ جي محدود عقليت ۽ ماديت کان بيزار
آهي. هو چاهي ٿو ته مسلمان به يورپ وانگي علمن ۽
فنن ۾ ترقي ڪن، پر مادي تمدن ۾ روحاني تفڪر ۽ تاثر
جي اندازجي آميزش سان انهيءَ کي ڪامل انسانيت جو
آئينه دار بنائين.
(5)
اقبال زندگيءَ جي هر دائري ۾ فقط اسلامي نظام جي
پابندي جو داعي آهي.
(6)
اقبال اسلام جي ارڪان و شعائر جي پابندي سيرت جي
تعمير ۽ تڪميل لاءِ لازم قرار ڏئي ٿو، پر باطڻ کي
ظاهر تي به ترجيح ڏئي ٿو.
(7)
اسلامي تعليم ۾ غير اسلامي تصوف ۽ مزار عن الحيات
جا جيڪي جزا گهڙي ويا هئا، اقبال مسلمانن کي انهن
کان پاسي ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. پر هو تصوف جي ان
صحيح جوهر جو قائل ۽ معنقد آهي، جو روميءَ جهڙي
برک صوفيءَ ۾ ڏسجي ٿو.
(8)
فلسفياڻي حيثيت سان اقبال تخليقي اوسر پسند (
Creative evolutionist)
آهي. انهيءَ لحاظ کان کيس برگسان (Bergson)
جو
همنوا سمجهڻ گهرجي. هو نطشي (Neitzsche)
جو به مداح آهي، پر چوي ٿو ته ڪبريائيءَ جو صحيح
تصور قائم نه ڪري سگهڻ ڪري هو توازن وڃائي ويٺو ۽
کيس ڪو ڪامل مرشد نه مليو.
(9)
اقبال جو خاص موضوع خوديءَ جي معرفت ۽ تڪميل آهي.
عرفان نفس کان عرفان ذات الاهي ڏانهن رستو کلڻ جو
موضوع پراڻو هو. اقبال انهيءَ جي تشريح و توضيع
اهڙي انداز سان ڪئي، جو کانئس اڳ ڪنهن وٽ به نظر
نٿي اچي.
(10)
خوديءَ کان سواءِ اقبال جو خاص موضوع عشق آهي، جو
سندس خيال موجب ملڪـه خلاقي آهي. منطقي عقل جي ڀيٽ
۾ عشق ئي حقيقي معرفت جو سر چشمو آهي. صوفياڻو
حڪمت ۽ وجدان جو اهو مضمون به پراڻو هو، جنهن ۾
سندس دل ۽ دماغ ۽ شاعري جي ڪمال غير معمولي وسعت،
تازگي ۽ گهرائي پيدا ڪري ڇڏي.
فڪرن
جي لحاظ سان اقبال ملت اسلاميه جي عظيم ترين
رهنمائن ۾ شمار ٿيڻ جو حقدار آهي. سندس فڪرَ ۽
تاثر مسلمانن جي شعور ۽ تحت الشعور ۾ ويٺل آهن،
انهن کي جمود مان ڪڍي حريت ۽ کوجنا جي دڳ لائڻ ۾
جيتري ڪاميابي اقبال کي ٿي، اوتري سندس سهيوڳين
مان ڪنهن مفڪر ۽ رهنما کي نه ٿي. سندس اثر پاڪ ۽
هند مان نڪري، افغانستان ۽ ايران کانسواءِ عربي ۽
فرنگي دنيا تائين پهچي چڪو آهي. هو انهن شخصيتن
مان آهي، جي صدين کان پوءِ انسانيت جي فضا کي روشن
ڪنديون آهن.
(دائره معارف اسلاميه، جلد 3، ص 13-14.)
منصب
جي ادائگي:
هڪ
عظيم شاعر، مفڪر ۽ مصلح جي حيثيت سان اقبال پنهنجي
منصب جي ذميدارين کي سهڻي طريقي سان پورو ڪيو.
پنهنجي مقصد حيات ۽ نصب العين جي تڪميل لاءِ هن
ڪهڙا ذريعا اختيار ڪيا، ۽ انهن ۾ ڪهڙيءَ طرح
ڪامياب ٿيو؟ انهيءَ دلچسپ داستان کي محمد عبدالله
قريشيءَ جي لفظن ۾ ملاحظو ڪريو:
”اقبال جي طبيعت جي وسعت ۽ همہ گيري ڪيترن ئي رنگن
۾ جلوه گر ٿي. هن هڪ طرف شعر ۽ سخن ۾ نيون راهون
ڳولي لڌيون ته ٻئي طرف فلسفي ۾ نوان رايا قائم
ڪيا. سندس فلسفياڻي ۽ حڪيماڻي شاعري مرده قوم کي
نئين زندگي بخشي.“
فلسفي رڳو حقيقتن جي خشڪ ۽ بيجان تعبير ڪندو آهي،
پر شاعر ان جي زندگي مان ڇُلڪندڙ تعبير، فلسفي
ڪائنات جي صورت جو ذهني ادراڪ ڪري پنهنجا نتيجا
مجرد تصورن ۾ بيان ڪندوآهي، پر اقبال چوي ٿو:
”شاعر جي اها بدنصيبي آهي جو سندس ڪم، چڱو مدو جو
ڪجهه به آهي، محسوس نٿو ٿئي ۽ ظاهربين اکيون
مرثيات ڏانهن قدرتي طرح وڌيڪ متوجهه ٿينديون آهن.
(خواجا حسن نظاميءَ جي نالي خط.)
اهڙو
به وقت هو جو اقبال جي ڳالهه سمجهڻ وارو ڪو به نه
هو. هو پنهنجو پاڻ کي بلڪل اڪيلو محسوس ڪندو هو ۽
چوندو هو:
”لاهور هڪ وڏو شهر آهي، پر مان انهيءَ ميڙاڪي ۾
اڪيلو آهيان. هڪ ڄڻو به اهڙو ناهي، جنهن سان دل
کولي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري سگهي.
”طعنه زن هي ضبط اور لذت بڙي افشان مين هي،
هي
ڪوئي مشڪل سي مشڪل رازدان ڪه واسطي.
لارڊ
بيڪن لکي ٿو ته جيڏو شهر وڏو هوندو، هيڪلائي پڻ
اوڏي وڏي هوندي، سو منهنجو حال به منهنجي لاهور ۾
اهڙو آهي.“
(اڪبر الهه آباديءَ جي نالي خط، 6- آڪٽوبر 1911ع.)
اسرار خودي 1915ع ۾ شايع ٿيو. انهي ۾ به هيڪلائيءَ
جو ذڪر هيئن آهي:
من
ڪه بهر ديگران سوزم چو شمع،
ازم
خود را گويه آموزم چو شمع.
دل
بدوش و ديده بر فرداستم.
درميان، انجمن تنها ستم.
درجهان يارب! نديم من ڪجاست.
نخل
سينام ڪليم من ڪجاست،
شمع
را تنها تپيدن سهل نيست،
آه
يڪ پروانه من اهل نيست،
انتظارِ غم گساري تا ڪجا،
جستجو رازداري تا ڪجا،
من
مثال لاله عه صـــــــحـــــرا ستم،
درميانِ محفلي تنها ستم،
پوءِ
خدا کان يار همدم ۽ محرم راز جي تمنا ڪئي اٿس:
خواهم از لطف تو ياري همدمي،
از
رموزِ فطرت من محرمي.
همدمي ديوانداي فرزانداي،
از
خيال اين و اَن بيگانه اي
تا
بجان او سپارم هوي خويش،
باز
بينم در دل اوروي خويش.
اها
دعا مقبول ٿي ۽ نيٺ اقبال کي رازدان ملي ويو.
گئه
دن ڪي تنها ٿا مين انجمن مين،
يهان
اب مرئي رازدان اور ڀي هين.
در
اصل شاعر جي اڻ ڳڻ مشڪلاتن مان هڪ اها به ٿيندي
آهي ته هو جڏهن ڪجهه چوڻ چاهيندو آهي ته سڀ کان
پهرين کيس زبان ۽ اسلوب جي مسئلن سان منهن ڏيڻو
پوندو آهي، جيئن سندس مطلب سمجهائڻ ۾ آساني ٿئي.
هو سڀ ڪجهه پنهنجي سوچ ۽ ويچار، پنهنجي جاکوڙ،
پنهنجي جگر جي رت ۽ ٻوليءَ جي ڦير ڦار سان پيدا
ڪندو آهي، هونءَ ته هر لفظ لغت ۾ موجود هوندو آهي،
۽ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه هوندوآهي، پر شاعر انهن
جي مخصوص واهپي سان کين پنهنجو ڪندو آهي ۽ انهن
تي پنهنجي مُهر هڻندو آهي. پوءِ اهي لغت جا نٿا
رهن، شاعر جا بنجي ويندا آهن. تخليقي عمل ۾ زبان ۽
بيان جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪي نهايت سخت مرحلا
پيش ايندا آهن. انهن مرحلن کي نظر انداز ڪري، اسان
ڪنهن شاعر جي تخليقي جاکوڙ کي سمجهي ئي نٿا سگهون،
علامه اقبال هڪ ڀيري انهيءَ مونجهاري کان ڪڪ ٿي
چيو هو:
”شاعر جي جگر ڪاويءَ جو اندازو عام ماڻهو نٿا
لڳائي سگهن. کين ٺهيل ٺڪيل شعر ملي ٿو. اهي انهيءَ
روحاني ۽ لطيف ڪرب کان واقف نٿا ٿي سگهن، جنهن
لفظن ۾ سٽاءُ پيدا ڪيو آهي، جتي سٺو شعر ڏسو ته
ائين سمجهو ته ڪو نه ڪو مسيح صليب تي چڙهيو آهي.
سٺي خيال جو پيدا ڪرڻ ٻين لاءِ ڪفارو ادا ڪرڻ
آهي.“
(گرامي جي نالي خط)
۽
انهي ۾ شڪ به نه آهي ته اقبال برابر مسيحائي
ڏيکاري. هن ڪائنات جي نيض جي تڙپ ۽ حيات جي دل جي
دڪ دڪ محسوس ڪئي ۽ پنهنجن احساسن کي متحرڪ نقش ۽
نغمي ۾ ادا ڪيو. شاعريءَ جي شروعات غزل سرائيءَ
سان ڪيائين. پر غزل جي شهسواري سندس مطمع نظر نه
هو. هو وقتي جذبات ۽ خواب آور محسوسات مان نڪري
بلندين تي اڏامڻ لاءِ تيار پئي ٿيو. انهي ڪري
سندس نظرون افق ۾ وسيع ترماٿريون، هماليه جهڙو
عظيم جبل ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ چوٽيون ڏسي
رهيون هيون ۽ ستارن کان اڳتي وڃڻ لاءِ دل بيقرار
پئي ٿيس.
جڏهن
اقبال کي پنهنجي قلم جي طاقت تي ڀروسو ٿي ويو،
تڏهن هن غزل سرائيءَ سان گڏوگڏ نظم جي وسيع صنف
ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر شفاعت احمد مرحوم
جي چوڻي ته اقبال کي اهو ته شروع کان ئي احساس هو
ته سندس زندگيءَ جو هڪ نصب العين آهي، مشن آهي، پر
اهو در اصل ڪهڙو آهي، جنهن جي اڃا تائين ڪا خبر نه
هئي. هن محسوس ڪيو ته دريا، جبل، سج، چنڊ، تارا
سڀيئي، پنهنجي سيني ۾ ڪو راز لڪائي ويٺا آهن. هو
حقيقت جي ڳولا ۾ هر شيءَ سان مخاطب ٿيندو هو ۽ هر
شيءَ کان پڇا ڪندو هو ته پروانو ساڻس پيار ڇو ٿو
ڪري؟ ڪڏهن رنگين گل کي اهو چئي ٺڳيندو هو ته سندس
نظر ”غير از نگاهه چشم صورت بين“ ناهي. شايد
اهڙيءَ طرح هو پنهنجو راز پڌرو ڪري ڏئي. ڪڏهن هو
هماليه جي واتان انهيءَ سادي سودي زندگيءَ جي
ماجرا ٻڌڻ جي خواهش ڪندو هو، جنهن تي ”غازه رنگ
تڪلف ڪا داغ“ نه هو.” خفتگان خاڪ“ جي پاسي کان
لنگهندو هو ته سندس ڪيفيت دريافت ڪرڻ لڳندو هو.
اشارن ئي اشارن ۾ هر شئي ساڻس هم ڪلام ٿيندي هئي ۽
کيس ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندي هئي.
ڪٿان کيس ”تلاش متصل“ جو سبق ملندو هو. ڪٿان ”حسن
ازل“ ۽ وحدت و ڪثرت جو راز کلندو هو. ڪٿي هو مال
حسن ڏسي ڏڪي ويندو هو، پر انهن شين ۾ اڃا کيس ڪو
ربط نظر نٿي آيو. هر شيءَ هڪ ٻئي کان ڇنل لڳندي
هئي ۽ هڪ جدا پيغام ڏيندي هئي. انهيءَ ڪثرت ۾ شاعر
کي انهيءَ وحدت جي ڳولا هئي، جا نه رڳو سندس لاءِ
”سامان جميعت“ هجي، پر ”شمع جهان افروز“ به هجي،
انهيءَ ڊوڙ ڊڪ، انهيءَ سرگردانيءَ ۽ انهيءَ
بيقراري ۽ اضطراب ۾ هو جلي رهيو هو ۽ ڪٿان ڪو پتو
نٿي پيس. هو ”زحمت تنگيءَ دريا“ کان پاسيرو هو ۽
”وسعت بحر جي فرقت ۾ پريشان.“ ڪڏهن ته هو انهي
زندگي کان، جا ”سراپا سوز آرزو“ آهي، گهٻرائجي
ويندو هو ۽ گل جي قسمت تي رشڪ ڪرڻ لڳندو هو ته
سندس زندگي ”بي گذار آرزو“ آهي ۽ هو زيب محفل“
هوندي به ”شريڪ شورش محفل“ نه آهي. ڪي نظم پڙهڻ
سان ائين ٿو لڳي ته شاعر جي طبيعت ۾ ڪجهه وياڪلتا
۽ بيچيني آهي. کيس ڪنهن شيءَ جي ڳولا آهي، جنهن کي
هو اڃا تائين حاصل ڪري نه سگهيو آهي. هو ڪنهن شئي
جي تلاش ۾ آهي، جنهن جو ڪو ڏس پتو نٿو ملي، هنجي
سامهون ڪجهه مونجهارا آهن، جن کي هو سلجهائڻ چاهي
ٿو؛ پر کيس ڪو ڇيڙو نٿو ملي، سندس دل مان هر هر
ڪجهه سوال اٿندا رهن ٿا، جن جو آٿت ڀريو جواب کيس
نٿو ملي. جڏهن ديوانگيءَ جي جوش ۾ تنگ ٿئي ٿو ته
”محيط آب گنگا“ کي التجا ٿو ڪري، ته کيس پنهنجي
آغوش ۾ وٺي ٻوڙي ڇڏي.
هن
وقت تائين سندس نغمو ”جبرئيلي آشوب“ نه پر فقط
”صداي درد“ هو: پر هو پنهنجو پاڻ کي ياسيت جي
سمنڊ ۾ ٻڏڻ نٿو ڏ.ئي. هن پنهنجي ”پروبال جي تاب و
توان“ جو جائزو ورتو ٿي ۽ پوءِ اطمينان جو ڊگهو
ساهه کنيائين ٿي. انهي ڪاري ڪارونڀار ۾ کيس ڪڏهن
ڪڏهن کنوڻ جي چمڪ ڏسڻ ۾ آئي ٿي. گهڻن دکن ۽ دردن
جو علاج ته کيس حضرت بلال جي پيروي ۾ نظر آيو، جو
عشق ۾ تڙپيو پئي ۽ هڪ پل لاءِ به آرام نٿي
ڪيائين. اهڙن موقعن تي کيس ”ڪشود عقده مشڪل“ مان
لذت ملڻ ٿي لڳي ۽ کيس پنهنجي ”سعي لاحاصل“ مان ئي
”لطف صد حاصل“ مليو ٿي.
انهي
زماني ۾ اقبال ”ترانه عه هندي“ ۽ ”ميرا وطن وهي
هي“ جهڙا قومي نظم لکي ٿو. هن پنهنجي وطن جي ”نفاق
انگيزيءَ“ تي پچي پڄري ٿو، مادر وطن جي فرزندن جو
نفاق کانئس ڏٺو نٿو ٿئي. هو هر وطني ماڻهن کي
ڌونڌاڙي ٿو ته ”وطن تي مصيبت اچڻ واري آهي“ ۽ سندس
بربادين جا مشورا آسمانن تي پيا ٿين:
وطن
ڪي فڪر ڪر نادان مصيبت آني والي هي،
تري
برباديون ڪي مشورئي هين آسمانون پر.
هو
انهن وکريل داڻن کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ جو خواهشمند
هو. جيڪڏهن سندس ڪوشش ڪار گر نه ٿي ته:
دکا
دون گا مين ائي هندوستان رنگِ وفا سڀ ڪو،
ڪه
اپني زندگي ڪو تجهه پر قربان ڪرڪي ڇوڙون گا.
مطلب
ته انهيءِ زماني جي بي تابي، وياڪلتا، سرگرمي ۽
پريشاني انهيءَ ايندڙ فلسفيت ۽ سڪون جي دور جي هڪ
لازمي پيش خيمو هئي، جڏهن اقبال يورپ وڃي اهو چوڻ
جي قابل ٿي سگهيو ته سندس ”نگاهه تيز دل وجود ڪو
بي چير گئي“ سندس ”نوائي عشق سي حريم ذات مين شور“
برپا ٿيو ۽ ”بتڪدہ صفات مين الامان ڪي غلغلي “
گونجي اٿيا. فطرت جو هر منظر هڪ راز جو حامل هو.
حسن ۽ عشق هن لاءِ خاص ڪيفيتن سان لبريز هو، حسن ۽
حق ملندا پئي ويا. آهستي آهستي هر شئي هن لاءِ عشق
جو پيامبر بڻجي ويئي؛ پر اهو عشق رڳو عشق تائين
بيهي نه رهيو هو، انهيءَ ۾ عمل جو سبق به موجود
هو. ”مور ناتوان، کان هو .”لطف خرام“ سکيو ٿي، ۽
چنڊ به کيس اهو چوندي ٻڌڻ ۾ آيو ٿي:
هلڻ
وارا هليا ويا ها، بيٺل چلهجي چپجي ويا ها
ناڪامي ۽ موت کيس تڇ ٿي لڳا ۽کيس خاطري ٿي ويئي
هئي، ته اهي شيون عمل لاءِ رستي جو پٿر نه ٿيون ٿي
سگهن،
يورپ
۾ کيس اها خبر پئي ته اتي وطن جي محبت ماڻهن جي
اکين کي ڪا اهڙي خود غرضيءَ جي پٽي ٻڌي ڇڏي آهي،
جو کين ٻين قومن جي دک درد سان ڪو واسطو ئي ڪونهي.
رات ڏينهن انهيءَ فڪر ۾ مبتلا رهن ٿا، ته سموري
دنيا جي دولت ميڙي پنهنجو گهر ڀري ڇڏين. يورپ وارن
جي انهي خود غرضيءَ جي ڪري سندس دل کي ڏاڍو ڌڪ
رسيو ۽ کيس خيال آيو ته جيڪڏهن سڀئي انسان هڪ ئي
ڪٽنب جا ڀاتي آهن، ته پوءِ انهن ۾ ايڏو ويڇو ڇو
آهي؟ اها ڦرلٽ ڪيستائين چالو رهندي؟ ڇا انسان جي
زندگيءَ جو مقصد اهو ئي آهي، جو يورپ جي قومن جي
آڏو آهي؟
سندس
طبيعت جي اها بي چيني انهيءَ زماني جي ڪيترن ئي
نظمن ۾ ڏسجي ٿي. مثال طور هو هڪ نظم ۾ چوي ٿو:
قدرت
ڪا عجيب يه ستم هي
انسان ڪو راز جو بنايا، راز اس ڪي نگاهه سي ڇُپايا
بي
تاب هي ذوق آ گهي ڪا، کلتا نهين بهيد زندگي ڪا،
ٻين
نظمن ۾ به هنڌ هنڌ انهيءَ طلب ۽ تلاش جو ذڪر اچي
ٿو، جيئن:
اگر
ڪوئي شئي نهين هي پنهان تو ڪيون سراپا تلاش هون
مين
نگه
ڪو نظاري ڪي تمنا هي، دل ڪو سودا هي جستجو ڪا،
هوريان هوريان اهي مونجهارا پاڻيهي پاڻمرادو ختم
ٿيندا ويا، پردا کڄندا ويا. ڀيد کلندا ويا، دل ۾
جيڪي هر هر سوال اٿندا پئي ويا، انهن جو جواب
ملندو ويو ۽ شاعر جي بي چين روح کي آٿت ملڻ لڳو.
انهي
زماني جي آخري نظمن ۾ انهن سوالن جو پورو پورو
جواب ته نه ٿو ملي، پر ڪٿي ڪٿي هلڪا اشارا ضرور
آهن. سڀ کان گهڻي سوچ انهي ڳالهه جي هئي ته ڇا
يورپ جو هڻ هڻان ۽ نفسا نفسيءَ جو اهو ئي حال
رهندو؟ خدا جي زمين تي هيئن ڦرلٽ ٿيندي رهندي؟
ڏاڍو هيڻي تي ائين ئي ڏاڍ ڪندو رهندو؟ ڇا دنيا کي
انهن مصيبتن کان بچائڻ جو ڪو طريقو ناهي؟ پوءِ
جڏهن اسلام جي تعليم تي غور ڪيائين ته اها پريشاني
پاڻمرادو ختم ٿي ويئي. اهي شيون هاڻي ٿورن ڏينهن
لاءِ مهمان آهن. زمانو بدلبو. تهذيب جو اهو ملمعو،
جنهن جي تکي روشني ۾ انسان جي اک نٿي کُلي،
پاڻيهي لهي ويندو. اسلام جا اصول ملڪان ملڪ پکڙبا
۽ جيڪي خيال ايامن کان سيني ۾ دٻيل آهن، هر گهٽيءَ
۽ بازار ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا. اهي خيال هن پنهنجي هڪ نظم
۾ نهايت جوش سان هيئن بيان ڪيا آهن.
ديار
مغرب مين رهني والو خدا ڪي بستي دڪان نهين هي
کرا
جسي تم سمجهه رهي هو وه اب زر ڪم عيار هوگا
تمهاري تهذيب اپني خنجر سي آپ هي خودڪشي ڪري گي،
جو
شاخ نازڪ په آشيانه بني گا ناپائدار هوگا
انهي
نظم جي هڪ شعر مان ته اقبال جي انهي فيصلي جو به
اظهار ٿئي ٿو، ته هاڻي مسلمانن جي جذبن کي اڀارڻ ۽
پنهنجي ڪِريل قوم کي مٿي ڪرڻ تي پنهنجي سموري قوت
صرف ڪري ڇڏيندو.
مين
ظلمت شب مين ليڪي نڪلون گا،
اپني در مانده ڪاروان ڪو
شرر
فشان هوگي آه ميري،
نفس
ميرا شعله بار هو گا
انهي
سوچڻ کان پوءِ هن مسلمانن جي فساد مزاج جي سڌاري
۽ غلامي کان نجات لاءِ هڪ لائحه عمل مرتب ڪيو ۽
پنهنجي قوم کي ڪوٺ ڏني:
شمع
ڪي طرح جئين بزم گہ عالم مين،
خود
جلين ديده اغبار ڪو بينا ڪردين
کيس
پڪو ڀروسو ته مسلمانن جو آئيندو نهايت شاندار آهي
۽ دنيا جي اميدن جو علاج وٽن ئي آهي. هن قوم کي
توحيد، ڀائپيءَ عمل ۽ عشق جو سبق ڏنو ۽ سڀ کان
وڌيڪ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو، ته سندس قوم پنهنجو
پاڻ کي سڃاڻي، خود اعتمادي سکي، پنهنجي خوديءَ کي
صحيح طور تي سمجهي ۽ اهڙن اصولن تي ڪار بند ٿئي،
جي کيس ترقي جي معراج جي ڪمال تي پهچائين. هو
صبر، توڪل، مڃتا، رضا، فقر ۽ قناعت کي لڪل
معنيٰ ۽ غرضن جي گورک ڌنڌي کي ٽوڙي ڦٽو ڪري ٿو ۽
انهن جي اصلي غرض، غايت ۽ انهن جي صحيح استعمال
ڏانهن قوم کي راغب ڪري ٿو. ”سوزو ساز رومي، ۽ پيچ
و تاب رازي، پيغام ڏنو، انهي جو ذريعو شاعري آهي؛
پوءِ به اقبال جو شعر، سندس راءِ سندس خيال ۽ فڪر
جو حامل آهي.
خوديءَ جو تصور:
اقبال انسانيت جي فڪر جي هر شعبي تي حاوي آهي،
دين، مذهب، اخلاق، تمدن، معاشرت ۽ سياست سڀ منجهس
سمايل ۽ موهيل آهي. اقبال جي انهيءَ فڪر جي نظام ۽
حڪيماڻي تعليمات جو سرچشمو رڳو هڪ تصور آهي، جنهن
کي هن ”خوديءَ، جو نالو ڏنو آهي. سندس باقي تصور
انهيءَ هڪ تصور جي چوڌاري گهمن ٿا ۽ انهيءَ جو هڙ
حاصل ۽ نقصان ۽ انهيءَ سان علمي ۽ عقلي طور تي
لاڳاپيل آهن. انهي تصور کي ”خوديءَ“ جي نالي ڏيڻ
لاءِ به اقبال کي سخت ڇڪتاڻ سان مقابلو ڪرڻو پيو.
هن خوديءَ جي لفظ کي نئين معنيٰ عطا ڪئي ۽ سڀني
کي ڇرڪائي ڇڏيائين. اقبال پاڻ چوي ٿو:
”خوديءَ جو لفظ گهڻي هورا کورا کانپوءِ ۽
لاچاريءَ جي ڪري چونڊيو ويو هو. ادبي نقطه نظر کان
انهيءَ ۾ گهڻيئي اوڻائيون نظر آيون ٿي ۽ اخلاقي
لحاظ کان اردو ۽ فارسي ٻنهي ۾ اهو لفظ غرور ۽
تڪبر جي خراب معنيٰ ۾ استعمال ٿيو ٿي. ما بعد
الطبعي ۾ ٻيا لفظ جي ”مان“ جي جاءِ تي استعمال
ٿي سگهيا ٿي، اُهي به ايترائي خراب هئا، جيئن
انا، شخص، نفس، انانيت. ضرورت اها هئي ته انساني
نفس جي مفهوم ادا ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو بي رنگ لفظ
ملي. جنهن جي اخلاقي حيثيت ڪا نه هجي. جيتري قدر
مون کي خبر آهي، ته اردو ۽ فارسي ۾ اهڙو ڪو به
لفظ موجود ناهي. فارسي جو لفظ ”من، به اهڙو ئي
خراب آهي. پوءِ به شعري تقاضائن لاءِ مون سوچيو ته
”خودي“ جو لفظ سڀ کان وڌيڪ ٺهڪندڙ آهي. فارسي زبان
۾ ڪي شاهديون ملن ٿيون ته لفظ ”خودي“ نفس جي سادي
معنيٰ ۾ استعمال آهي. ”ڄڻڪ چئي سگهجي ٿو ته، ”من“
جي جوڙ جو اهو ئي بي رنگ لفظ آهي. اهڙي طرح مابعد
الطبيعات ۾ ”خودي، جو لفظ ”من“ جي انهيءِ ناقابل
تشريح احساس جي مفهوم ۾ استعمال ٿيندو آهي، جو هر
شخص جي شان يڪتائي جي ملڪيت آهي. الاهيات ۾ انهيءَ
جي اخلاقي حيثيت انهن ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي،
جي اخلاقي اهميت کان ڇوٽڪارو پائڻ نٿا چاهين. مان
زبورِ عجم (ص 74) ۾ اڳي ئي چئي چڪو آهيان:
گرفتم اين ڪي شرابِ خودي بسي تلخ است
بدرد
خويش نگر زهر ما بدر ما ڪش
(مان
مڃان ٿو ته خوديِءَ جو شراب بيشڪ ڏاڍو ڪوڙو آهي،
پر منهنجي صلاح اها ئي آهي ته پنهنجي بيماريءَ جو
اندازو لڳائي ۽ منهنجي زهر کي شفا لاءِ ڪتب آڻ.)
جڏهن
ذات جي انڪار کي ننديان ٿو، تڏهن انهيءَ مان
منهنجو مطلب اخلاقي نقطه نظر سان پنهنجي ذات کان
انڪار نٿو هجي، نفس جو ضبط اخلاقي نقط نگاهه کان
”انا“ جي لاءِ طاقت جو سرچشمو آهي. ذات جي انڪار
کي ننديندي مان اخلاق جي انهن ڳڻن کي ننديان ٿو،
جي ”انا کي فنا ٿيڻ ڏانهن رهنمائي ڪن ٿيون ۽ ”انا
مان مراد الاهيات جي سگهه آهي، ڇو ته انهيءَ جي
فنا ٿيڻ جي معنيٰ اُن جي موت ۽ ذاتي ڪمزورين جي
ناقابليت آهي. اسلامي تصوف جو مقصد منهنجي سمجهه ۾
”انا“ کي فنا ڪرڻ ناهي، ڇو ته اسلامي تصوف ۾ فنا
مان مراد عدم وجود ناهي، پر ڪُلي طور تي انساني
انا جو الله تعاليٰ جي خودي تسليم ڪرڻ آهي. اسلامي
تصوف جو نصب العين اهو آهي ته ان منزل کانپوءِ هڪ
ٻيو پڻ درجو آهي، ڄڻ ته فنا کان پوءِ بقا جو ماڳ
آهي. جو منهنجي نگاهه جي نقطي هاڪاري کان ذات جو
سڀ کان مٿانهون ماڳ آهي، جڏهن مان چوان ٿو: ”بخته
مثل سنگ شو الماس باش.“
الماس جيئن سخت ٿي وڃو، انهيءَ مان منهنجو مطلب
اها سختي ۽ سنگدلي نه آهي، جا نطشي جي پيش نظر
آهي، يعني رحم ۽ انساني همدردي ترڪ ڪئي وڃي.
منهنجو مفهوم انا جي جُزي جي تڪميل آهي، جيئن اها
انهي قابل ٿئي جو پنهنجي وت آهر سمورين ماريندڙ
طاقتن کي مات ڏيئي سگهي، جي ذاتي ڪمزورين مان
نتيجو ۽ شخصي بقاءِ جي حاصل ڪرڻ ۾ رنڊڪ ٿيون وجهن.
اخلاقي نظر جي نقطي کان مون”خوديءَ جو لفظ خود
اعتمادي، خودداري، نفس جي عزت ۽ نفس جي بچاءَ جي
معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي، ايتري قدر جو هاڪاري ذات
يا پنهنجي حق تي اسرار ڪرڻ جي معنيٰ ۾ به، خاص ڪري
ان صورت ۾ جڏهن زندگيءَ جي خاطر فرض، انصاف ۽
سچائيءَ جي حمايت ۾ موت جو مقابلو ڪرڻو پوي.
منهنجي خيال ۾ اهو رويو عين اخلاق آهي، ڇو ته اهو
”انا” جي قوتن کي گڏ ڪرڻ ۾ ساز گار ٿئي ٿو. اها
جفاڪشي آهي، انتشار ۽ تحليل جي قوتن جي خلاف. عملي
طور تي الاهيائي انا ٻن وڏن حقن جي حاصل آهي، يعني
جيئڻ جو حق ۽ آزاديءَ جو حق، جن جو تعين الاهي
قانونن ۾ ٿي چڪو آهي.“
شروع
شروع ۾ ماڻهن انهيءَ تصور جي مخالف ڪئي ۽ خوديءَ
جي معنيٰ تي به اعتراض ڪيا؛ پر نيٺ سڀني مڃيو ۽
هاڻي اهو وقت جو چالو سڪو آهي. اقبال کي دعوت جي
انهيءَ ماڳ تي پهچڻ لاءِ ڪيتري دير رياضت ڪرڻي
پيئي، انهيءَ جو حال به سندس زباني ٻڌو، نهايت
انڪساريءَ سان چوي ٿو:
”جيتوڻيڪ مان ڪوغير معمولي ذهانت رکندڙ ماڻهو نه
آهيان، ۽ نه وري غير معمولي علم وارو آهيان، پوءِ
به عام ماڻهن کان علم ۽ سمجهه وڌيڪ اٿم. جڏهن ته
مون کي انهيءَ نتيجي تي پهچڻ لاءِ ويهن ورهين جي
ضرورت آهي؛ ڇو ته ممڪن آهي ته عام ماڻهو، جي دنيا
جي دماغي ۽ عملي تاريخ کان واقف نه آهن، ٿوري غور
۽ فڪر سان انهيءَ حقيقت تائين پهچي وڃن. اعتراض
ڪرڻ ٻي ڳالهه آهي ــــ مسئلو نهايت منجهيل ۽ گهرو
آهي ۽ جيئن ته انهيءَ جو لاڳاپو انسان جي هاڻوڪي ۽
مابعد الموت جي زندگيءَ سان آهي، انهيءَ ڪري هر
ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن نتيجي تي پهچن ضروري آهي، مان
جنهن نتيجي تي پهتو آهيان، اهو نتيجو گهڻو ڪري
مشرقي قومن جي هاڻوڪي سوچ ۽ طبيعت جي لاڙي جي خلاف
آهي. پر مشرق جا حڪيم انهيءَ ڳالهه کان اڻ ڄاڻ
ناهن ۽ اهو چُوڻ ته سراسر غلطي آهي ته مان انهيءَ
نتيجي تي پهچڻ ۾ مغربي فلسفين کان متاثر ٿيو
آهيان.“
-
(مهاراجا ڪشن پرشاد جي نالي خط، 4- مئي 1916ع
اتي
پهچي، اقبال کي سُڌ پئجي ويئي ته سندس زندگي جو
اصل مِشن ڇا آهي؟ اقبال کي پنهنجي انهيءَ پيغام جي
ڪاميابي جي پوري پڪ هئي، ان ڪري 12- اپريل 1916ع
تي هڪ ٻئي خط ۾ مهاراجا ڪشن پرشاد کي لکي ٿو:
”اها
مثنوي- جنهن جو نالو ’اسرار خودي، آهي، هڪ مقصد
آڏو رکي لکي ويئي آهي، منهنجي فطرت جو طبعي ۽
قدرتي لاڙو مستيءَ ۽ بيخوديءَ ڏانهن آهي، پر
انهيءَ خدا واحد شاهد جو قسم آهي، جنهن جي قبضي ۾
منهنجو ساهه، مال ۽ آبرو آهي، مون اها مثنوي
پاڻيهي لکي ناهي؛ پر مون کي اها لکڻ جي هدايت ٿي
آهي ۽ مان حيران آهيان ته مون کي اهڙي مضمون لکڻ
لاءِ ڇو چونڊيو ويو؟ جيستائين انهيءَ جو ٻيو حصو،
(يعني رموز بيخودي) پورو نه ٿيندو، منهنجي روح کي
آرام نه ٿيندو. هن وقت مون کي اهو احساس آهي ته بس
منهنجو اهو ئي هڪ فرض آهي ۽ شايد منهنجي زندگيءَ
جو اصل مقصد به اهو ئي آهي. مون کي اها سُڌ هئي
ته انهيءَ جي مخالفت ٿيندي، ڇو ته اسان سڀ زوال جي
زماني جي پيداوار آهيون ۽ زوال جو سڀ کان وڏو جادو
اهو آهي ته اهي جن ڪارڻن سڀني جزن کي پنهنجو
شڪار(پوءِ ڀل اهو شڪار ڪا قوم هجي يا ماڻهو) جي
نگاهه ۾ محبوب ۽ مطلوب بنائي ٿو ڇڏي، جنهن جو
نتيجو اهو ٿو نڪري، جو اهو بد نصيب شڪار کيس
تباهه برباد ڪندڙ سببن کي پنهنجو بهترين مربي
تصوير ٿو ڪري، پر:
نا
اميد ميدستم زياران قديم،
طور
من سوز و ڪه مي آيد ڪليم.
نه
اعتراض ڪندڙ رهندو، نه اقبال. اهو ٻج جو بُٺ زمين
۾ اقبال پوکيوآهي، اڀرندو، ضرور اڀرندو ۽ ”علي
الرغم مخالفت بار آور“ ٿيندو. مون سان انهيءَ جي
زندگي جو واعدو ڪيو ويو آهي، الحمد الله“
اقبال جو اهو زندگي افروز پيغام هو، جو اسان جي
دلين ۾ لهي رت سان گڏ ڊوڙڻ لڳو. مدتن کان سُتل قوم
جاڳي ٿي. ان ۾ تازو ولولو ۽ خود اعتماديءَ جو جذبو
اڀريو، بيدار ٿيو. هُو غلاميءَ جو طوق پنهنجي
ڳچيءَ مان لاهي آزاد ٿي ويئي ۽ طاقت ۽ حڪومت جي
مالڪ بنجي ويئي. پاڪستان سندس سپني جي ساڀيا آهي.
آزاد قوم جي حيثيت سان به اسان جو مقصد ۽ ماڳ
انهن ئي ڪيفيتن جو نتيجو آهي، جي شاعر تي وهيون
واپرايون هيون ۽ انهيءَ پيغام کي عملي ويس پارائڻو
آهي، جو اقبال اسان کي ڏنو آهي. |