سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1977ع

مضمون

صفحو :16

غلام مصطفيٰ قاسمي

رسالت جو مقام علامه  اقبال جي نظر ۾

پنجاب جي سرزمين سيالڪوٽ، صدين کان مردم خيز خطو رهيو آهي. يارهين صدي هجريءَ ۾ علامه  عبدالحڪيم سيالڪوٽي برصغير جو اهو بزرگ عالم ٿي گذريو آهي، جنهن جي علمي  شهرت ۽ استادي دنيا جي ڪيترن اسلامي ملڪن تائين پهچي ويئي. سندس تاليفون سڀ کان پهريائين استنبول ۽ مصر ۾ ڇاپيون ويون. ان جو فرزند مولانا عبدالله، لبيب پوٽو مولانا ابوالحسن ۽ مولانا قل احمد سيالڪوٽي به پنهنجي پنهنجي وقت جا يگانه عالم ٿي گذريا آهن. اسانجي اتر سنڌ جي گهڻي ڀاڱي عالمن جي استادي سند جو سلسلو علامه  عبدالحڪيم تي پهچي ٿو. علامه  عاقل شاهه هالاڻي وارو مخدوم محمد آريجا واري جو شاگرد هو ۽ اهو علامه عبدالحڪيم سيالڪوٽي جي پڙ پوٽي مولانا قل احمد جو شاگرد هو. مولانا عبدالحليم ڪنڊوي، هالاڻي ۾ پڙهيو ۽ ان جي فيض مان همايون ۽ شهدادڪوٽ سيراب ٿيا. اهو سلسلو وري سنڌ ڏانهن موٽي ٿو ڇو ته علامه  عبدالحڪيم جو حديث ۾ استاد شيخ  عبدالحق محدث دهلوي هو ۽ ان جو سلسلو سنڌ جي محدثن سان ڳنڍيل آهي. هن دور ۾ انهي سر زمين مان علامه  اقبال اهو فلسفي، مفڪر ۽ قومي شاعر پيدا ٿيو، جنهن جي فڪر، فلسفي ۽ شعر جي صدا مشرق کان وڌي مغربي ملڪن ۾ پهچي ويئي ۽ سندس پيغام ۽ فڪر جا ترجما دنيا جي سڌريل ۽ مشهور زبانن ۾ ٿيڻ لڳا.

علامه  اقبال جي فارسي توڙي اردو شعر جي باريڪ مطالعي سان اها ڳالهه واضع نظر اچي ٿي ته هُن گل و بلبل واري قديم شاعريءَ کي پاسيرو رکي شعر ۾ وقت جي پڪار پيش ڪئي آهي ۽ انساني زندگي جي مسئلن جي فلسفيانه رنگ ۾ اپٽار ڪئي آهي، اقبال وٽ انساني زندگي ۾ تسلسل آهي. اها حياتي رڳو هن دنيا تائين محدود نه آهي، پر موت کانپوءِ به زندگي جو اهو تسلسل  هلندو رهندو ۽ قومن جا حقيقي فيصلا اڳتي هلي پوريءَ طرح نيبهه ٿيندا، ان ڪري اقبال نه رڳو دنيا جي مسئلن تي سوچيو آهي، پر آخرت جي  نجات ۽ سڦلي هجڻ لاءِ ان  اسلام  جي بنيادي عقيدي توحيد ۽ رسالت تي عالمانه نموني پنهنجي شعر ۾ تجزيو پيش ڪيو آهي.

اسلام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهي ئي ڪلمي پاڪ جا ٻه جز آهن. پهرئين جز ۾ الله جي معبود ۽ حاڪم هجڻ جو اقرار آهي ته ٻئي جز ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وآلہ وسلم جي رسالت جو اقرار آهي. ايستائين ڪو به انسان مسلمان ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين  توحيد باريءَ سان گڏ حضوراڪرم جي رسالت جو اقرار نه ڪري. بلڪ الله پاڪ جو اتباع اصل ۾ محمد رسول الله ﷺ جي پيروي ۽ اتباع سان وابسته آهي ۽ اها ئي صحيح معنيٰ  ۾ الله سان محبت آهي. علامه  اقبال جي شعر ۾ خدا ۽ ان جي رسول سان محبت ۽ عشق جو جذبو هر هنڌ نظر ايندو. هو ڪڏهن ته هن عشق ۽ محبت ۾ سنئون سڌو به الله ۽ ان جي رسول سان مخاطب ٿئي ٿو، ڪڏهن ته هِن جهان۽ هُن جهان جي طلب کي به هن عشق ۾ ڇڏي  ڏئي ٿو.

نخواهم اين جهان و آن جهان را،

 مرا اين بس ڪه دانم رمز جان را.

سجودي ده ڪه از سوز و سرورش،  

به وجد آرم زمين وآسمان را.

اقبال، باري تعاليٰ جي حضور ۾ اهڙو ته سجدو ۽ نياز ڪرڻ گهري ٿو، جو ان کي ڏسي زمين ۽ آسمان به وجد ۾ اچي وڃن. هو نماز ۾ به ان جي شوق ۽ محبت کي امام ٿو سڏي.

 

شوق تيرا اگر نه هو ميري نماز ڪا امام،

 ميرا قيام بي حجاب ميرا سجود بي حجاب،

مطلب ته شوق ۽ محبت کان سواءِ ساري نماز،

 بيهڻ يا سجدو ڪرڻ، سڀ کي اقبال حجاب سڏي ٿو. ٻئي هنڌ چئي ٿو:

نمازِ بي حضور از من نمي آيد نمي آيد،

 دلي اورده ام ديگر ازين ڪافر چه مي خواهي.

اقبال جي نظر ۾ الله جو علم اهو ئي آهي، جيڪو رسالت جي ذريعي اسان وٽ پهتو ۽ ان جو نالو شريعت آهي ۽ اقبال، سنت جو اصل مدار رسول سان محبت کي قرار ڏئي ٿو.

علم حق غير از شريعت هيچ نيست،

 اصل سنت جز محبت هيچ نيست.

هن محبت کي اسان اقبال جي ڪلام مان جنون جي حد تائين محسوس ڪريون ٿا:

غنچه ء از شاخسار مصطفيٰ،  

گل شو از بادِ بهار مصطفيٰ

از بهارش رنگ وبو بايد گرفت،  

برهء از خلق او بايد گرفت.

اقبال انسانيت جي گلشن لاءِ اهو ضروري ٿو ٺهرائي ته ان کي رسول مصطفيٰ جي بهار مان رنگ ۽ بوءِ وٺڻ گهرجي ۽ ان جي خلق ۽ اخلاق حسنه سان حصو هٿ ڪرڻ کپي، تڏهن حقيقي تازگي ۽ توانائي هٿ ايندي.

علامه اقبال رسالت، مآب کي ساري جهان لاءِ رحمت سڏي ٿو. جيئن قرآن حڪيم ۾ آيو آهي: وما ارسلناڪ الارحمته للعالمين. (اي رسول! اسان تو کي رڳو جهانن لاءِ رحمت  بنائي موڪليو آهي):

آنڪه مهتاب ازسر انگستش دونيم،

رحمتِ او عام، اخلاقش عظيم،

از مقامِ او اگر دور ايستي، 

 از ميانِ مشعرِ مان نيستي.

هن شعر ۾ اقبال، رسول اڪرم جو چنڊ کي ٻه اڌ ڪري چيرڻ جي معجزي جو به ذڪر ڪيوآهي، ۽ جيڪو رسول اڪرم صه جي مقام ۽ تعليم کان پري رهڻ گهري ٿو، ان کي اقبال پاڻ کان بنهه ڏور ڏسڻ گهري ٿو.

اقبال، رسالت جي مقام ۽ مرتبي تي جيڪي لکيو آهي، ان جو سارو مدار محبت تي آهي ۽ سندس ڪلام هن سلسلي ۾ نهايت پراسرار آهي. جنهن جو اصلي ڪارڻ اهو آهي ته رسول اڪرم ﷺ سان اقبال جي عقيدت رسم ۽ روايت تي ٻڌل نه آهي. پر اها ذاتي فڪر ۽ اونهي سوچ ۽ ويچار جو نتيجو آهي. اقبال جي نظر ۾ انساني معلومات جا ذريعا ٻه آهن: هڪ ته اهي مشاهدات آهن، جيڪي اسان جي پنجن حواسن جي ذريعي اسان وٽ پهچن ٿا.  ٻيا اهي جيڪي ڪشف ۽ الهام ڌاران برگزيده انسانن تي لهن ٿا، اهي ان شخص جي ذهني اوسر ۽ استعداد جي قالب ۾ ماپجي  لهندا آهن. جيڪو انهن کي قبول ڪندو آهي. جيڪڏهن ذهن ۾ ڪجهه ڏنگ هوندو، دل ۾ ڪجهه ڪدورت هوندي ۽ نظر ۾ ڪجهه ڪمزوري هوندي ته واردات جي شڪل ئي بدلجي ويندي. اهو نازڪ ۽ پر اسرار مقام آهي. اتي ڪو ته ترڪيو، ته وڃي ستن زمينن جي تري ۾ ڪرندو، اقبال اسان کي انهيءَ مقام بابت خبردار ڪيوآهي:

صاحب ساز ڪو لازم هي ڪه غافل نه رهي،

گاهه گاهي غلط آهنگ ڀي هوتا هي سروش.

هيءُ اهو مقام آهي، جتي ڪڏهن ڪڏهن وڏن صوفين ۽ سالڪن جا پير به ڏڪي يا ترڪي ويندا آهن. انهن کان خرافات ۽ بيهوده ڳالهيون نڪريون وينديون آهن، جيڪي دين محمديءَ کي ميرو ڪري ڇڏينديون آهن. اقبال کي سڀني صوفين ۽ مفڪرن جون اهي دلي وارداتون مطمئن نه ڪري سگهيون، ان ڪري هن دانهون ڪندي چيو:

درمان ڪجا ڪه درد بدر مان فزون شود،

دانش تمام حيله ء ونيرنگ سيميائي،

از من حڪايت، سفرِ زندگي مپرس،

در ساختم بدرد و گذشتم غزل سرائي.

جڏهن اقبال پنهنجو علاج ٻين وٽ نه لڌو، تڏهن ان ذات گرامي رسول عليہ الصلواته والسلام جي سيرت ڏانهن رجوع ڪيو. جنهن کي عقيدت مان  سيد، مڪي، المدني، العربي جي لقبن سان پڪاري ٿو. تڏهن کيس معلوم ٿيو ته هيءُ اهو برگزيده ذهن آهن، جنهن ۾ ڪنهن به ايرڦير جي ملاوٽ نه آهي، ان جو ذهني استعداد عروج تي پهتل آهي، جو الهامي واردات کي بنهه اصلي صورت ۾ پيش ڪري ٿو، اقبال کي رسول اڪرم صه جي شخصيت ۾ سوز و ساز ذڪر وفڪر، علم وعمل، بصارت، بصيرت، عقل ۽ نظر گڏجي ائين نظر آئي جو فقيري ۽ شاهيءَ جو اهو اجتماع آسمان جي اک نه اڳ ڏٺو هو ۽ نه پوءِ ڏسندي. ان مقام تي پهچندي رسول اڪرمه صه جن جي شان ۾ اقبال هن طرح عقيدت کي ظاهر ڪري ٿو:

هو نه ڦول تو بلبل ڪا ترنم ڀي نه هو،

چمنِ دهر مين ڪليون ڪا تبسم ڀي نه هو.

يه نه ساقي هو تو ڦر سي ڀي نه هو خُم ڀي نه هو،

بزم توحيد ڀي دنيا مين نه هو تم ڀي نه هو.

خيمه افلاڪ ڪا استاده  اسي نام سي هي،

نبض هستي تپش آماده اسي نام سي هي.

آخر ۾ چئي  ٿو:

ڪي محمد سي وفا تو ني تو هم تيري هين،

يه جهان چيز هي ڪيا نوح و قلم تيري هين،

علامه  اقبال دين جو سارو خلاصو ۽ تت اهو ٿو ڄاڻائي ته مسلمان پاڻ کي رسول مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم تائين پهچائي، ان جي پيروي ڪري، ان سان محبت رکي.

بمصطفيٰ برسان خويش را ڪه دين هم اوست.

 

 

*  حڪم ڪيو ويو ته جيئن ئي ڪو انگريز نظر اچي، مڪاني ماڻهن جو فرض آهي ته هڪدم ٽانگي مان لهي بيهن ۽ نوڙي سلام ڪن. هڪ 25 فوٽ ڊگهي ۽ 12 فوٽ ويڪري ڪمري اندر، مئي جي مهيني ۾ 25 ماڻهن کي واڙيو ويو، اتي هو هفتي تائين قيد رهيا. رفع حاجت لاءِ به کين ٻاهر نڪرڻ جي موڪل نه هئي. قصور ۾ پڙهو ڏياريو ويو ته جيڪي ماڻهو 10 اپريل 1919ع کان پهرين يا ان تاريخ کانپوءِ شهر کان ٻاهر هليا ويا آهن، جيڪڏهن چئن ڏينهن اندر نه موٽيا ته سندن ملڪيت ضبط ڪئي ويندي. (اقبال جا پڇاڙڪا ٻه سال تان ورتل، ص 120)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com