مسز
سروجني نائيڊو ۽ اقبال
چٽو
پاڌيا ڪڙم جي هيءَ هاڪاري مائي حيدرآباد (دکن) جي
علم و ادب جي سينڌ جو سندور آهي. هڪ اهڙو روشن
تارو، جنهن جي نور سان هند ۽ سنڌ جي سر زمين
جڳمڳائيندي رهي. شاعر، اديب، مقرر، هڪ انڊلٺ ۽
هزار رنگ. بنگال جو جادو سندس تقريرن ۾ سموهيل.
ڪبير داس جو بي تعصب روح سندس شاعريءَ ۾ جيئرو
ٿي پيو هو. ان ساز جي ليءَ ۾ شيام جي بانسريءَ جون
مڌرتانون هيون ۽ حمد ۽ نعت جو سوز ۽ ميٺاج به.
حيدرآباد جي سياست ۾ هن ڪڏهن به عملي بهرو نه
ورتو. پر شعر۽ ادب جي هر محفل جي شمع به پاڻ هئي،
ته صدر به. سماجي زندگيءَ ۾ سندس حيثيت هڪ هڏڏوکي
ڀيڻ ۽ ٻاجهاري ماءُ جهڙي هئي. سڀني جي ڏکن سورن ۾
هڪ جهڙي ڀاڱي ڀائيوار، سٻاجهي، رلندڙ ملندڙ،
لاڳيتو وسندڙ ڪرم جو ڪڪر. جنهن ۾ اڀرڻ جي سگهه
ڏٺائين، هن ممتاماريءَ کيس ڇاتيءَ سان لڳايو.
اُتساهه ڏياريو، جَهد ۽ عمل جو نئون روح منجهس
ڦوڪيو. حيدرآباد کي ”شهر گوهري“ (حيدرآباد بابت
سروجني نائيڊو جو هڪ نظم) چوندي هئي ۽ حيدرآباد جي
رهواسين تان گهور ويندي هئي.
شاعر
سروجنيءَ تي سياستدان سروجنيءَ ڪڏهن به سوڀ نه
پاتي، اهو ئي املهه ڳڻ هو، ته سڄي ڄمار نيشنل ازم
جي خدمت ڪرڻ ۽ ڪانگريس جي پهرين صف جي اڳواڻ هئڻ
جي باوجود، هوءَ مسلم ليگي اقبال، پاڪستان جي تصور
جي خالق اقبال ۽ ٻه قومي نظريي جي اڳواڻ اقبال جي
اڻهٽي مداح ۽ دوست رهي. اقبال جا اڻ ڳڻ شعر کيس
حفظ هئا ۽ پنهنجي انگريزي تقريرن ۾ انهن کي ڪتب
آڻيندي هئي. گهڻي پراڻي ڳالهه آهي، يعني ڊسمبر
1911ع جي، اقبال پنهنجا ڪجهه نظم عطيا بيگم فيضيءَ
کي موڪليا ۽ اها هدايت ڪيائين ته اهي سروجني
نائيڊو کي پڻ ٻڌايا وڃن. ٿي سگهي ٿو ان هدايت جي
ڪري ئي عطيا بيگم جي اندر جي عورت جاڳي پئي ۽
اقبال کي لکيائين ته: ”سروجني اردو شاعريءَ جو قدر
نٿي ڪري سگهي.“ ان راءِ بابت عطيا بيگم فيضيءَ جي
ڪتاب جي ترجمي ڪندڙ ضياءِ الدين احمد برنيءَ هي
نوٽ لکيو آهي:
”منهنجي خيال ۾ عطيا بيگم صاحبه کي غلط فهمي ٿي
آهي. مسز نائيڊو، اقبال جي شعرن مان ڏاڍو مزو
ماڻيندي هئي. نه رڳو اهو پر هوءَ اردو شاعري مان
به شاعر هئڻ جي ناتي مدد وٺندي هئي، کيس فارسيءَ
جا به ڳچ شعر ياد هئا، جن کي هوءَ مهل تي ڪتب پڻ
آڻيندي هئي. منهنجي خيال ۾ هوءَ اقبال جي بيحد قدر
دان هئي.، مون بمبئيءَ ۾ کوڙ ڀيرا مسز نائيڊو کي
اقبال جو تازو ڪلام ٻڌايو ۽ پاڻ نه رڳو انهن کي
گهري ڌيان سان ٻڌائين. پر اهڙو داد ڏنائين. جيڪو
رڳو هڪ شاعر ئي ڏئي سگهي ٿو.“
اقبال جي ڪلام سان سندس چاهه جو ان مان ڪاٿو
لڳائي سگهجي ٿو، ته جڏهن اقبال جي جيئري حيدرآباد
جي رهواسين پهريون ”اقبال ڏينهن“ ملهايو ته مسز
نائيڊو حيدرآباد ۾ نه هئي ۽ جيئن ئي کيس ان جي
خبر پئي، پاڻ تار وسيلي هي پيغام مُڪائين:
”مان
پنهنجي بهترين دوست اقبال کي هندستاني نشات ثانيه
جو عظيم ترين شاعر سمجهان ٿي. هن شاعر جا اردو ۽
فارسي شعري ڪارناما هندستاني قوم جا زبردست سونهان
ثابت ٿيندا.“
سروجني نائيڊو جي ان مختصر پيغام ۾ اقبال سان سندس
ناتن ۽ هن جي ڪلام بابت راءِ جو چٽو اظهار موجود
آهي. تار جي ٻوليءَ ۾ هن پنهنجي دل جا سڀ تار ڇيڙي
ڇڏيا آهن. سروجنيءَ جو هي ”بهترين دوست“ خود سندس
ڪيڏو مان ڪندو هو، ان جو هڪ واقعو مولانا مظفر
حسين شهيد جي واتان ٻڌو. چئي ٿو ته، لڳ ڀڳ 1936ع
جي ڳالهه آهي ته هو ۽ مولانا چراغ حسن حسرت مرحوم
اقبال جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هيڏانهن هوڏانهن جون
ڳالهيون، پئي ٿيون ته مسز نائيڊو جي اچڻ جو اطلاع
مليو. طبيعت ٺيڪ نه هوندي به اقبال هُن جي آجيان
لاءِ پاڻ اٿي ويو ۽ هي ٻئي ڄڻا ڳچ دير تائين
ٻاهرين ويهڻ جي هنڌ ويٺا رهيا. سروجني نائيڊو ۽
اقبال ڊرائينگ ۾ ڳالهيون ڪندا رهيا ۽ جڏهن هوءَ
وڃڻ لڳي ته سندس جهلڻ تي به اقبال کيس موٽر تائين
ڇڏڻ لاءِ ويو ۽ موٽي ڳچ مهل تائين مسز نائيڊو جا
ڳڻ ڳائيندو رهيو.
سروجني نائيڊو جي زندگي ڏاڍو مصروف ۽ هڪ سيلانيءَ
واري زندگي هئي. هوءَ سدائين سفر ۾ ئي رهندي هئي.
ان ڪري اقبال هَن جي ۽ پنهنجي گڏيل دوستن کان خطن
وسيلي هن جا ڏس پڇندو رهندو هو. ان مان سمجهجي ٿو
ته ٻنهي ۾ خط پٽ جو سلسلو پڻ رهيو هوندو. ڏک آهي
ته اسين مسز نائيڊو جي نالي اقبال جا خط هٿ نه ڪري
سگهياسين. هونئن اسان پاڻ سندس ڪچهرين ۾ اقبال جو
ذڪر هن جي واتان ٻڌو آهي، هوءَ اقبال جي مداح هئي
۽ هَن جي دوستيءَ تي هميشه --- فخر ڪندي هئي.
(اقبال ۽ حيدرآباد (دکن) تان کنيل ص 219-221
شيخ
اياز
عمل ۽
انقلاب جو پيغام
(تقرير)
ڊاڪٽر شيمل، مسٽر بش مئن، خواتين ۽ حضرات!
هي
جلسو جيئن ته توهان کي معلوم آهي ته سنڌ
يونيورسٽيءَ پاران اقبال جي سئو ساله جشنِ ولادت
جي سلسلي ۾ ٿي رهيو آهي، اها اسان جي خوش قسمتي
آهي ته ڊاڪٽر اينميري شيمل هن جلسي ۾ شريڪ آهي،
اسين سندس آجيان ٿا ڪريون، ڊاڪٽر شيمل ڪنهن به
تعارف جي محتاج نه آهي،پاڻ هڪ مشهور شخصيت آهي ۽
اقبال سان خاص لڳاءَ اٿس. پاڻ اقبال تي تمام اهم
ڪم ڪيو اٿس ۽ هُن جي ڳچ نظمن جو جرمن ٻوليءَ ۾
ڏاڍي سهڻائيءَ سان ترجمو ڪيو اٿس. اقبال تي سندس
نظر گهري پئي رهي آهي.
جرمن
فلسفين ۽ اديبن پنهنجي فڪر ۽ فن سان عالمي خيالن
تي گهرو اثر ڇڏيو آهي. اقبال انهن خيالن کان جنهن
ريت مدد ورتي آهي. سا ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي
ڪانهي.گوئٽي کي غالب جو همنوا چيو اٿس ۽ غالب کي
خطاب ڪري چئي ٿو:
گلشن
ويمر مين تيرا همنوا خوابديده هي
اقبال جرمنيءَ مان پي.ا يڇ. ڊي جي ڊگري به حاصل
ڪئي هئي. اقبال جو جرمنيءَ سان جيڪو تعلق رهيو
آهي، ان کي آڏو رکندي، ڊاڪٽر شيمل جي هتي هئڻ سان،
هن جلسي کي هڪ خاص اهميت ۽ معنويت حاصل ٿي ويئي
آهي.
منهنجي نظر ۾ اقبال جي ڪلام جو فلسفياڻو پهلو خاص
اهميت رکي ٿو ۽ مون ان تي سورهن سالن جي ڄمار کان
غور ڪيو آهي، جڏهن پيام مشرق پهريون ڀيرو مون
پڙهيو.
ڪنهن
وڏي شاعر جي نظرين ۽ فن جي تصور کي لنوائي، هُن جي
شاعريءَ جو تجزيو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ائين نه ته
اسين سندس شاعريءَ کي صحيح طور تي سمجهي
سگهنداسين، ان ڪري اقبال جي شاعريءَ کي سمجهڻ لاءِ
سندس فڪر جي نظام کي سمجهڻ ضروري آهي.
اقبال فلسفي جو شاگرد رهيو آهي ۽ هن مشرق ۽ مغرب،
ٻنهي جي مفڪرن جي فڪر جو وسيع ۽ تمام گهري نظر سان
اڀياس ڪيو آهي. ان ئي اڀياس جو نتيجو آهي ته هن
زندگيءَ ۽ ان جي سمورن مظهرن تي گهڻي ڳنڀيرتا سان
غور ڪيو آهي ۽ پنهنجي فڪر کي گهڙيو ۽ ٺاهيو آهي.
ان هوندي به هن مختلف موقعن تي عقل کي منزل نه پر
چراغ راه چيو آهي: ۽ فڪر کي زندگيءَ کان دوري چيو
آهي:
انجام خرد هي بي خضوري،
هي
فلسفه زندگي سي دوري
عقل
۽ فڪر بابت اقبال جي اهڙن شعرن ڪن ماڻهن کي ٻڏتر ۾
وجهي ڇڏيو آهي ۽ هو سمجهڻ لڳا آهن، ته اقبال شروع
کان ئي فلسفي جو مخالف آهي يا فلسفي کي شڪ جي نظر
سان ڏسي ٿو. جيڪو شاعر فلسفي تي پنهنجي سڄي
شاعريءَ جي پيڙهه رکي ۽ زندگيءَ جي مختلف عوامل جي
معنا ۽ اپٽار ۾ فلسفياڻو ورتاءُ اختيار ڪري، اهو
فلسفي جي خلاف نٿو ٿي سگهي. در اصل اقبال ان فلسفي
جي خلاف آهي، جيڪو زندگيءَ کان عمل جو حوصلو کسي
ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ۽ زندگيءَ کي عيني نقطه
نظر تائين محدود ڪري ڇڏي، ان ڪارڻ ئي هيگل جي
تصوريت (Idealism)
کي ڪا به اهميت نٿو ڏئي.
هيگل
ڪا صدف گهر سي خالي،
هين
اس ڪي طلسم سب خيالي.
ان
ڪري فلسفي کان ڌار ڪري اقبال جي شاعريءَ جو تجريو،
هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو اسان کي ڪنهن ڪارائتي نتيجي
تي نٿو رسائي سگهي.
زندگي ۽ ڪائنات بابت اهي نظريا، جن کي اسين
فلسفياڻو چئون ٿا، اصل ۾ ٻن عنصرن جو نتيجو آهن.
هڪ ته اهو نظريو آهن، جنهن جون پاڙون مذهب ۽
اخلاقيات ۾ پري تائين پکڙيل آهن، ٻيو اهو آهي،
جنهن جي پيڙهه کوجنا تي آهي. ۽ جنهن کي اسين
سائنسي چئون ٿا. انفرادي حيثيت سان فلسفين ۾ ان
تي گهڻو اختلاف آهي ته انهن ٻنهي نظرين ۾ انهن جي
فڪري نظام ۾ ڪنهن جو ڪيترو حصو آهي. پر ڪنهن نه
ڪنهن حد تائين ٻنهي جي موجودگيءَ سان فلسفو عبارت
آهي. فلسفو هڪ اهڙو لفظ آهي، جنهن کي محدود ۽ وسيع
ٻنهي معنائن ۾ ڪتب آندو ويو آهي، مان ان کي وسيع
معنا ۾ ڪتب آڻڻ چاهيان ٿو.
فلسفو در اصل الاحيات ۽ سائنس جي وچ ۾ هڪ
ڳانڍاپي جي حيثيت رکي ٿو. علم الاهيات وانگر ان
جي پيڙهه انهن قياس آرائين تي آهي، جن جي باري ۾
اڃا تائين قطعي علم جو ڏس نه لڳايو ويوآهي، پر
سائنس وانگر فلسفو مذهب يا روايتن جي سند (
(Authority))
تي ٽيڪ ڏيڻ بدران انساني تعقل (Human
Reason)
تي پنهنجي پيڙهه کڻي ٿو. قطعي علم سمورو سائنس جو
حصو آهي. عقيدا، جيڪي قطعي علم کان مٿان آهن،
الاهيات جي گهيري ۾ اچن ٿا، پر الاهيات ۽ سائنس جي
وچ تي هڪ اهڙي زمين به آهي، جيڪا ڪنهن جي به مُٺ ۾
ناهي ۽ جنهن تي ٻنهي طرفان هڪ جهڙيون جُلهون
ٿينديون آهن ۽ اها زمين فلسفو آهي. خيالي ذهنن جي
دلچسپين تي آڌار رکندڙ ڳچ جيترا اهڙا سوال آهن، جن
جو سائنس وٽ ڪوبه جواب نه آهي ــــ ۽ الاهيات جي
ماهرن جا جواب اڄ ايترو موثر نه آهن، جيترا گذريل
صدين ۾ هئا. ڇا دنيا، ذهن ۽ ماديءَ ۾ ورڇيل آهي ۽
جيڪڏهن ائين آهي ته ذهن ڇا هي ۽ مادو ڇا هي؟ ڇا
ذهن مادي جي اثر هيٺ آهي يا خود مختيار آهي؟ ڇا
اها ڪنهن ماڳ ڏانهن وڌي رهي آهي؟ ڇا فطرت جا
ڪجهه قانون آهن يا انهن تي اسان جو عقيدو نظم ۽
ضبط سان اسان جي فطري محبت تي قائم آهي؟ ڇا انسان
اهو ڪجهه آهي، جيڪو هو فلڪيات جي ماهر کي ڏسڻ ۾ ٿو
اچي. جيڪو هڪ ننڍڙي غير ضروري ڪائنات تي بانبڙا
پائي رهي آهي، يا انسان اهو ڪجهه آهي، جيڪو هو
هئملٽ (Hamlet)
کي نظر ايندو آهي، يا هو ساڳي مهل ٻئي آهي؟ ڇا
زندگي گذارڻ جو هڪ طريقو شريفاڻو ۽ ٻيو غير
شريفاڻو آهي يا زندگي گذارڻ جا سمورا طريقا بيڪار
۽ سکڻا آهن، جيڪڏهن زندگيءَ جو ڪو شريفاڻو طريقو
آهي ته ان جي پيڙهه ڇا آهي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي
ڪهڙي واهه آهي! ها غير کي ابدي هئڻ کپي، جيئن ان
جوقدر ڪري سگهجي. ڇا ان صورت ۾ جڏهن ڪائنات انڌي
اوڙاهه ڏانهن وڌي رهي هجي، ان جي ڳولا ضروري آهي؟
ڇا عقل نانءُ جي ڪنهن شئي جو وجود آهي. يا جنهن کي
اسين عقل سمجهون ٿا، اهو رڳو مور کتا جو سڌريل
روپ آهي! انهن سوالن جا جواب تجربيگاهن ۾ نٿا
ڦولهي سگهجن، الاهيات جي ماهرن انهن جي قطعي جوابن
ڏيڻ جي هاڪار ڪئي آهي؛ پر اها قطعيت ئي جديد ذهن ۾
انهن لاءِ شڪ پيدا ڪري ٿي. فلسفي جو ڪم انهن سوالن
جو جيڪڏهن جواب ڏيڻ ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن تي غور
ڪرڻ آوس آهي. الهٰيات، فلسفي ۽ سائنس جا اهي ئي
اهم سوال آهن، جيڪي اقبال جي آڏو رهيا آهن. اهي
سوال مشرق ۽ مغرب، ٻنهي هنڌن تي اٿاريا ويا آهن ۽
انهن جي جوابن ڏيڻ جون ڪوششون به ڪيون ويون آهن.
اقبال انهن سوالن ۽ انهن جي جوابن جي ڪوششن تي
ڏاڍي ڳنڀيرتا سان غور ڪيو آهي. جيڪڏهن هو فلسفين
جي ڪن خيالن سان هڪ هنڌ سهمت به ٿيو آهي ته ٻئي
هنڌ انهن سان بنيادي طور اختلاف به ڪيو اٿس ۽ ان
ريت پنهنجي ڇنڊ ڇاڻ جي عمل سان هن پاڻ پنهنجي فڪري
نظام کي گهڙڻ ۽ ٺاهڻ ۾ مدد پڻ ورتي آهي.
يونان قبل مسيح واري عهد ۾ وڏا وڏا فلسفي پيدا
ڪيا، پر رومين جي عروج جي شروعاتي دور ۾، يوناني
فلسفي جو ناتو زندگيءَ کان ڪٽجي ويو ۽ ان تي ماٺار
ڇائنجي وئي. پوءِ جڏهن عيسائيت جو زور ٿيو ته
فلسفي کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي، عيسائي مذهبي
پيشوائن يوناني فلسفي کي مذهب دشمن چئي، ان جي
خلاف زبردست آواز اٿاريو۽ يوناني فلسفي جا ڪيترائي
ڪتاب برباد ڪيا ويا.
اسلام جڏهن ظهور ۾ آيو ۽ مسلم عرب، مصر ۽ شام ۾
فاتح جي حيثيت سان داخل ٿيا، ته اسڪندريه
لائبريريءَ ۾ کين جيڪي ڪجهه بچيل سچيل سائنس ۽
فلسفي تي ڪتاب لڌا، انهن کي محفوظ ڪري ڇڏيائون ۽
عربيءَ ۾ انهن جو ترجمو ڪري، انهن جي ڪارائتين
ڳالهين مان ڀرپور لاڀ پرايائون ۽ انهن کي پنهنجي
علم ۽ فن جو جزو بڻايائون. سقراط، افلاطون ۽ ارسطو
وغيره جي خيالن سان مسلم عالم ۽ حڪيم رڳو آشنائي
نه ٿيا؛ پر ان تي تنقيدي نظر وجهي، ان ۾ آملهه
واڌارو به آندائون. برٽرينڊ رسل پنهنجي ڪتاب (History
of Western philosophy)
۾ ان ڳالهه جو چٽو پٽو مڃيو آهي، ته عيسائين
يوناني علم ۽ فن کي دفن ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر پٺيان نه
ڇڏي هئي: مسلم عرب نه رڳو يوناني فلسفي کي محسوس
ڪري ورتو؛ پر ان ۾ نئين جان وجهي ڇڏي ۽ خاص ڪري
ڪيميا کي گهڻو اڳتي وڌائي ڇڏيو.
مسلمانن ۾ ارسطو تمام گهڻو مقبول رهيو. ابن رشد،
ارسطو جي ڳوڙهن اصولن جي ان چٽائيءَ سان اپٽار
ڪئي، جو اها صدين تائين مشرق ۽ مغرب ۾ مقبول رهي ۽
ان ڪري ئي ماڻهن کي ارسطو جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾
سولائي ٿي؛ پر يوناني فلسفو هڪ اهڙي سطح تي پهچي
ويو هو، جتي ان جو ناتو زندگيءَ کان ٽٽي ويو هو.
زندگيءَ کان لنوائڻ ان ۾ هڪ ٺهر ۽ ماٺار پيدا ڪري
ڇڏي هئي.
اسلام ۾ ابتدا کان ئي فڪر جي ٻن مڪتبن کي ڏاڍي
مقبوليت ملي. هڪ اشعريه ۽ ٻيو معتزله. اشعريه مذهب
۽ شريعت جي حمايت يوناني منطق ۾ ڳولي ۽ معتزله
مذهب کي رڳو ڪن عقيدن جو ميڙ سمجهندا هئا. اقبال
انهن سمورن فيلسوفاڻن خيالن جو وسيع اڀياس ڪيو ۽
ان نتيجي تي پهتو ته گهڻا فلسفي، اهڙين شين ۾
الجهي رهجي ويا آهن، جن جو زندگيءَ سان ڪو به
واسطو ناهي. اقبال ان جي ابتڙ مذهب ۽ ڪائنات جو هڪ
اهڙو تصور پيش ڪيو، جنهن جي پيڙهه حقيقت تي آهي.
اقبال اهو شاعر آهي، جنهن مذهب، فلسفي ۽ سائنس جو
اڀياس ڪري، زندگي ۽ ڪائنات کي شعوري طور تي سمجهڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي. مشرقي شاعريءَ جو لهجو گهڻو ڪري
ڏکن ڏڌل، پيڙهيل ۽ مايوس پي رهيو آهي جنهن ان کي
قنوطي بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ طبقي پنهنجي مفاد ڪارڻ
مذهب ۽ فلسفي کي زندگيءَ کان لنوائڻ ٻڌايو آهي،
انهيءَ لاڙي هيٺ اهو بي عمل تصوف اُسريو، جنهن
صوفين جي وڏي تعداد کي گوشه نشيني اختيار ڪرڻ تي
مجبور ڪيو ۽ کين زندگيءَ جي گرمي کان وانجهيل
رکيو:
مجاهدانه حرارت رهي نه صوفي مين،
بهاني بي عملي ڪا بني شراب الست
ان
ريت دين ۽ دنيا ۾ اهڙي ورڇ پيدا ٿي وئي، جنهن ۾
زندگي پنهنجو آدرش وڃائي ويٺي. ان ڪارڻ سماج ۾
اهڙي هيٺ مٿاهينءَ جنم ورتو، جنهن ۾ هڪ مخصوص
طبقي کي زندگيءَ جا سمورا سک، عيش ۽ آرام مٺ ۾ هئا
۽ عوام کي سمورين سهوليتن کان وانجهيل رکيو ويو.
اقبال ان نظريي تي زبردست جُلهه ڪئي ۽ پنهنجي شعرن
۾ قرآن مجيد جي هن آيت جو تفسير ڪيو ته ”کان
ُالناس، اُمت واحدت“ يعني سموري انسانيت هڪ ئي
قوم آهي، جنهن جو مقصد حيات يڪسان آهي، حيات جو
اهو مقصد انساني احترام تي مدار رکي ٿو. سمورا
انسان برابر آهن ۽ ان ڪري تهذيب ۽ تمدن جي نعمتن
تي مڙني انسانن جو حق هڪجهڙو ۽ برابر آهي.
بندهء حق بي نياز از مقام،
ني
غلام او را نه ڪس او را غلام
شوپنهائر جو چوڻ آهي ته انسان ايترو لاچار آهي،
جو هو پنهنجي آرزوئن ۽ تمنائن موجب زندگي بسر نٿو
ڪري سگهي. اقبال شو پنهائر جي ان خيال سان سهمت نه
آهي ۽ انسان کي قائل ۽ مختار قرار ٿو ڏئي. ان ريت
هو فطرت جي ڇڙ واڳ طاقتن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو
قائل ناهي؛ پر هو انسان کي فطرت جو فاتح ٿو سمجهي
۽ فطرت جي تسخير ۾ انساني ڪوششن کي ساراهي ٿو.
اَن
هنرمندي ڪي برفطرت فزود،
رازِ
خود را برنگاههِ ماڪشود.
آفريند ڪائناتِ ديگري،
قلب
را بخشد حياتِ ديگري
بهار
برگِ پراگنده را بهم بربست،
نگاهه ماست ڪه برلاله آب و رنگ افزود.
انساني عظمت جي اها مڃتا اقبال جي شاعريءَ جو ڏاڍو
سگهارو ۽ صحت مند لاڙو آهي. هن وٽ خوديءَ جو تصور
به انهيءَ لاڙي جو نتيجو آهي. خودي هڪ اهڙي وسيع
قوت آهي، جو انسان جي اندر بهتر زندگيءَ لاءِ
جدوجهد جو اُمنگ پيدا ڪري، کيس نون نون معرڪن تي
سوڀ پائڻ تي هر کائي ٿي:
سنا
هي خاڪ سي تيري نمود هي ليڪن،
تري
سرشت مين هي ڪو ڪبي و مهتابي.
رڳو
ايترو ئي نه پر انسان جيڪي اهم ڪارناما سرانجام
ڏنا آهن,
۽ جنهن ريت ان جا قدم ترقيءَ جي راهه ۾ اڳتي ڏانهن
وڌندا رهيا آهن، سي اقبال جي آڏو رهيا آهن.
عروجِ آدمِ سي انجم سهمي جاتي هين.
ڪه
يهي ٽوٽا هوا تارا مد ڪامل نه بن جائي.
اقبال وٽ انسان ايڏو عظيم آهي، جو موت به کيس مات
نٿو ڪري سگهي. انسان جسماني حيثيت سان ته پڪ مري
وڃي ٿو، پر سندس اظهار جو جوهر دنيا ۾ باقي رهندو
آهي. تهذيب ۽ تمدن جي ترقيءَ ۾ سندس حصو کيس اڻهئي
جيئرو ٿو رکي:
جوهرِ انسان عدم سي آشنا هوتا نهين،
آنک
سي غائب تو هوتا هي فنا هوتا نهين.
مفاد
پرست طبقي مذهب جي اوٽ وٺي تقدير تي به پنهنجي
معنا ٿاڦي آهي ۽ ان ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته غربت
۽ امارت، غم ۽ خوشي، تڪليف ۽ آرام سڀ ڀاڳ جي بازي
آهي؛ پر اسلامي نقطه سان تقديرجي اها معنيٰ ناهي،
ته ڪنهن خارجي طاقت انسان کي هڪ مخصوص زندگي گهارڻ
تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. الله ڪائنات ۽ فطرت تي
انسان کي حڪمران بڻائي موڪليو آهي ۽ تسخير عالم تي
کيس قدرت به عطا ڪئي اٿس ۽ اها ئي هن جي تقدير
آهي؛ پر سماج جڏهن طبقن ۾ ورڇيل ۽ ڊانواڊول هوندو
آهي، ته تقدير جي معنا ڦري ويندي آهي. ۽ غلامي، دک
۽ پيڙا، مايوسي ۽ ڏنجهه انسان جو مقدر بڻجي ٿا
وڃن، اسلام سماج جي انهن ئي اوگڻن تي جُلهه ڪئي
آهي. اقبال به تقدير بابت اسلام جي انهيءَ نظريي
جو پاسو کنيو آهي ۽ چيو آهي ته انسان پنهنجي تقدير
جو پاڻ خالق آهي. هو پنهنجي عمل سان پنهنجي تقدير
بڻائي ـــ ۽ بي عمليءَ سان ذليل ۽ خوار ٿو ٿئي.
جڏهن خودي گهڻو بلند ٿي ٿي وڃي، ته انساني تقدير
خدائي تقدير ۾ بدلجي ٿي وڃي:
تن
به تقدير هي آج ان ڪي عمل ڪا انداز،
ٿي
نهان جن ڪي ارادون مين خدا ڪي تقدير
تقدير عمل ۽ عمل تقدير آهي، انساني جوهر جي
اظهارکي عمل درڪار آهي ۽ ان ۾ انسان جي عظمت لِڪل
آهي، دنيا جون سموريون رونقون، رنگ روپ، تهذيب ۽
تمدن جي ساري ترقي انساني عمل جوئي ڦل آهي. عمل
حرڪت ۽ حرڪت زندگي آهي، جيڪڏهن زندگي عمل کان
ڀڙڀانگ ٿي وڃي، ته ان تي سڪوت ڇانئجي ويندو آهي،
جيڪو موت جو دليل آهي:
فريب
نظر هي سڪون وو ثبات،
تڙپتا هي هرذره ڪائنات،
ٺهرتا نهين ڪاروان وجود،
ڪه
هر لحظه هي تازه شانِ وجودِ.
سمجهتا هي تو راز هي زندگي،
فقط
ذوقِ پرواز هي زندگي.
سمجهتي هين نادان اسي بي ثياب،
اڀرتا هي مٽ مٽ ڪي نقشِ حيات.
جيڪڏهن هڪ پاسي صالح ۽ صحتمند عمل افڪار تازه کي
جنم ڏئي ٿو ته ٻئي پاسي افڪار تازه جهانِ نو جي
اڏاوت ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا.
جهانِ تازه ڪي افڪارِ تازه سي هي نمودِ
ڪه
سنگ وخشٽ سي هوتي نهين جهان پيدا.
مجموعي حيثيت سان اقبال جي شاعري انقلاب، عمل ۽
جدوجهد جو اتساهه ڏياريندڙنياپو آهي. هو زندگيءَ
کي متحرڪ سمجهي ٿو ۽ هر کن بدلجندڙ دنيا ۾، اسان
کي پنهنجي مقام مقرر ڪرڻ جو پرچار ڪري ٿو. هو اسان
جي زندگيءَ جي اکين ۾ گهورڻ جي سگهه پيدا ڪري ٿو ۽
هڪ اهڙي سماج جو قيام چاهي ٿو، جنهن جي پيڙهه
انصاف، مساوات، سچائي ۽ احترام آدميت تي هجي. ان
لاءِ هو اسان کان همت، حوصلي ۽ جرائت رندانه جو
طالبو آهي. ڪشمڪش، حيات کان لنوائڻ هن وٽ هيڻائيءَ
جو دليل آهي:
گريز
ڪشمڪشِ زندگي سي مردون ڪا،
اگر
شڪست نهين هي تو اور ڪيا هي شڪست،
اقبال جي شاعري، ۾ اِهي ئي اُهي جمهوري ۽ رجائي
قدر آهن، جيڪي سندس شاعراڻي عظمت جو روشن ثبوت
آهن، ۽ جن جي ڪري هن جي شاعري انسان لاءِ عمل ۽
انقلاب جو پيغام بڻي رهندي.
(سنڌ
يونيورسٽي پاران ملهايل علامه اقبال جي سئو ساله
ولادت جي جشن تي، سينيٽ هال، سنڌ يونيورسٽي پراڻو
ڪيمپس ۾ پڙهي ويئي). |