خليفو عبدالحڪيم بيان ٿو ڪري ته ”هڪ وائيس چانسلر
ٻڌايو ته مون هڪ تازي نووارد عالم دين کان هڪ فرقي
لاءِ پڇا ڪئي. چيائين ته ان فرقي ۾ جيڪي غالي آهن،
اهي سڀ واجب القتل آهن. ۽ باقي سزا جي لائق آهن.
هڪ ٻئي فرقي(اسماعيلي) لاءِ، جنهن ۾ ڪروڙ پتي
ماڻهو آهن، ان لاءِ پڇا ڪرڻ تي فرمايائين ته سڀ
واجب القتل آهن. هڪ عالم دين، جنهن اسلامي دستور ۾
ٻين فرقن کي جڳهه ڏني آهي، فقط هڪ فرقي(احمديت) کي
اسلام کان خارج ڪيو آهي، تنهن فرمايو ته پوءِ اهو
فرقو به واجب القتل آهي، پر هن وقت ۾ ظاهر ظهور
نٿو چئي سگهجي، موقعو ايندو ته پوءِ ڏسي وٺنداسون،
هڪ ٻئي عالم فرمايو ته هاڻي ته اسان فقط هڪ فرقي
جي خلاف جهاد في سبيل الله شروع ڪيو آهي، ان ڪم ۾
ڪاميابيءَ کان پوءِ انشاءَ الله ٻين فرقن جي به
خبر وٺنداسون، هڪ عالم جو ذڪر ڪيو آهي، ته ان هڪ
ڏينهن مسجد کي پاڻيءَ سان پئي ڌوتو، پڇا ڪرڻ تي
ٻڌايائين ته مسجد ۾ هڪ سوئر (وهابي) آيو هو، سو
نماز پڙهي مسجد کي پليد ڪري ويو آهي، تنهن ڪري
ساريءَ مسجد کي پاڪ ڪري رهيو آهيان.“ (اقبال اور
ملا؛ خليفو عبدالحڪيم)
اقبال انهن متعلق چوي ٿو:
دين
حق از ڪافري رسوا تر ست.
زان
ڪه ملا مومن و ڪافر گر ست.
ڪم
نگاهه و ڪور ذوق وهرزه گرد.
ملت
از قال و اقوالش فرد فرد.
دين
ڪافر، فڪر وتدبير وجهاد.
دين
ملا في سبيل الله فساد.
رشته
ء دين چون فقيهان ڪس نه رشت،
ڪعبه
را ڪردند، آخر خشت خشت.
شعرن
جو مطلب آهي ته اڄڪلهه حق جو دين ڄڻ ته ڪافريءَ
کان زياده خوار ڪيو ويو آهي، ڇا لاءَ ته اڄڪلهه
جو ملا مومن کي ’ڪافر‘ ٿو بنائي. اڄڪلهه جو ملا
اکين کان انڌو، ڪور ذوق ۽ احمق آهي، سندس قال ۽
اقوال، پوريءَ ملت کي پريشان ۽ منتشر ڪري ڇڏيوآهي.
هن دور ۾ ’ڪافر جو دين‘ جهاد جي فڪر ۽ تدبير ۾ رڌل
آهي، پر ُملا، جو دين ُفي سبيل الله، الله جي
نالي جي آڙ ۾، فساد تي سندرو ٻڌيو بيٺو آهي، دين
جو رشتو جڏهن ته فقيهن مان ڪنهن به مضبوط نه ٻڌو
آهي، تڏهن ڄڻ ته ڪعبي کي ٽوڙي، ان جي سِرَ سِرَ
کي جدا ڪيوويو آهي.
ان
طرح اقبال فرمائي ٿو:
ديک
مسجد ۾ شڪسته رشته عه تسبيحِ شيخ،
بت
ڪده ۾ برهمن ڪي پخته زناري ڀي ديک،
يعني، مسجد ۾ ڏسو ته ملا ۽ مولويءَ جي تسبيح جو
ڌاڳو ڇنو پيو آهي، سندس داڻو داڻو الڳ ٿي چڪو آهي،
پر مندر ۾ برهمن جي زنار جي پختگي اڄ به موجود
آهي.
اقبال فرمائي ٿو ته ملا جو قلب زنگ اُلود ٿي چڪو
آهي، سندس دل پٿرکان وڌيڪ سخت آهي، مٿس قرآن ۽
حديث جو ڪو به اثر نٿو ٿئي، سندس دل ۾ رقت ۽ مروّت
موجود ئي ڪا نه آهي؛ ان لاءِ ڪو اهڙو علاج سوچڻ
گهرجي جو سندس دل کي پگهاري وجهي. چوي ٿو:
چنان
ناليم اندر مسجد شهر،
ڪه
دل دو سينه عه ملا گدازيم.
يعني: شهر جي مسجد ۾ ايترو ته روڄ راڙو ڪريون، جو
ملا جي سيني ۾ جا دل آهي، اها به پگهرجي وڃي.
اقبال فرمائي ٿو ته ملا ۽ شيخ، سڀ پنهنجي زماني جي
تقاضائن کان نا آشنا آهن، بين الاقوامي مسئلن کان
اڻ واقف آهن، سماج ۽ ان جي شعورکان اٻوجهه آهن،
انسان ۽ ان جي ارتقا کان بيخبر آهن، تنهن ڪري سندن
فڪر نڪو جامع آهي، نڪو همه گر. فرمائي ٿو:
پيرانِ ڪليسا هون ڪه شيخانِ حرم هون،
ني
جدّتِ گرفتار هي، ني جدت ڪردار.
اقبال، ’جدّت ڪردار‘ چئي، قدامت پسند خيالات تي
ضرب هنئي آهي.
مٿين
چند حوالن مان صاف طرح سان واضع ٿو ٿئي ته اقبال
قدامت پسند گروهه جي ان مذهب پرستيءَ کي؛ جنهن ۾
’روحِ عصر‘ ڪار فرما نه آهي، رجعت ٿو سڏي.
اقبال، حق تعاليٰ جي حضور ۾:
اقبال جي ڪلام مان جا ٽين روايت، ’نئين ادب، ۾
استعمال ڪري رهيا آهن، اها آهي، حق تعاليٰ جي حضور
۾ سندس بيباڪي! دين ۽ ان جي عقيدن جي روشنيءَ ۾
اگر ڏٺو ويندو ته پوءِ حق تعاليٰ جي حضور ۾ اهڙي
بيباڪيءَ ۽ گستاخيءَ جي ڪا به عملي حيثيت نٿي رهي،
ڪنهن به نقطه عه نظر سان، ان قسم جا خيالات
ظاهرڪري نٿا سگهجن. پر ’شاعر‘، پنهنجي فني آزادي
جي ڪري، اهڙيءَ سنگلاخ زمين تي به سير ڪري ٿو.
اقبال کان اڳ ’رومي‘ چئي ويو آهي:
به
زير ڪنگره ڪبرياش مرده انند،
فرشته صيد، پيمبر شڪار، يزدان گير.
ان
شعر ۾ رومي اهڙن ’مردن‘ جو ذڪر ڪيو آهي، جي ڪبريا
جي ڪنگري هيٺ رهن ٿا، ۽ جن وٽ فرشتا ۽ انبياعه
شڪار ٿيل آهن، ۽ هنن ’يزدان‘ تي به گرفت حاصل ڪئي
آهي. اهو شعر پنهنجي حقيقت جي حيثيت سان ڪنهن به
تاويل جو محتاج نه آهي.
در
دشتِ جنون من، جبريل امين صيدي،
يزدان به ڪمند آور، اي همتِ مردانه:
يعني؛ منهنجي جنون جي رڻ پَٽَ ۾ جبريل امين به
شڪار ٿيل آهي. اي همتِ مردانه! هاڻي اڳتي وڌي،
خود ’يزدان‘ تي شڪار لاءِ ڪمند اڇلاءِ!
اقبال اڳتي چوي ٿو ته ’انسان‘ خود خدا جو هم ڪار
۽ هم آرزو آهي. ’انسان‘ پنهنجي خوديءَ کان آگاهه
ٿئي ۽ پنهنجي جستجو ڪري، ته پوءِ جڏهن ان تي
خوديءَ جا مقامات کُلندا، تڏهن کيس خدا جي جَلوَن
جي گدائي ڪرڻ جي ضرورت نه رهندي. چنانچه ان قسم جي
گدائيءَ تي حضرت موسيٰ عليہ السلام سان هن طرح ٿو
خطاب ڪري؛
گدائي جلوه رفتي برسرِ طور،
ڪه
جانِ تو زخود نامحرمي هست،
قدم
در جستجوئي آدمي زن،
خدا
هم در تلاشِ آدمي هست!
قرآن، توريت ۽ بائيبل گواهه آهن ته حضرت موسيٰ
عليہ السلام ديدار الاهيءَ لاءِ حق تعاليٰ جي
اجازت سان ’طور‘ تي ويو هو ۽ تجليات الاهيه جو تاب
نه سَهي، بيهوش ٿي ڪريو. ”خر موسيٰ صَعِقا.“ ان
مضمون ۾ موسيٰ عليہ السلام لاءِ طعني هڻڻ جهڙوڪ ڪو
به پهلو نه آهي، نڪو قرآن يا بائبل ئي ان قسم جي
موشگافي بيان ڪئي آهي،’اقبال، هڪ ’سرسل‘ کي چوي
ٿو:
اي
موسيٰ تون گدا بنجي طور تي وئين، ڇا لاءِ ته
تنهنجو ’روح‘پنهنجيءَ معرفت کان محروم آهي! تون
پنهنجو قدم آدميءَ جي جستجو ۾ کَڻ، ڇا لاءِ ته خدا
خود آدم جي تلاش ۾ آهي!
اقبال جو مٿيون شاعراڻو خيال، مذهبي نقط عه نظر
کان نظر انداز ڪرڻ جهڙو نه آهي، ۽ موسيٰ عليه
السلام متعلق سندس گستا خانه ڪلام ڪفر کان گهٽ نه
آهي. ان کانسواءِ، هڪ ’مرسل‘ کي ائين چوڻ ته
’تنهنجو ’روح‘ پنهنجيءَ معرفت کان محروم آهي، وڏي
گستاخي آهي. اقبال رڳو موسيٰ عليه السلام تائين
محدود رهي ها ته به گستاخيءَ کان نه بچي سگهيو
آهي. پر اڳتي وڌي چوي ٿو ته ”اي موسيٰ تون، آدم جي
جستجو ۾ قدم کڻ، ڇا لاءِ ته خود خدا به آدم جي
جستجو ۾ آهي“. اها به ظاهر ظهور بي ادبي آهي.
ٻئي
هنڌ چوي ٿو ته پنهنجي خوديءَ تائين رسائيءَ سان ئي
’خدا‘ ملي ٿو:
ڪرا
جوئي، چرا درپيچ و تابي،
ڪه او پيدا ست تو زيرِ نقابي.
تلاشِ او ڪني، جُز، خود نه بيني،
تلاش، خود ڪُني، جز او نه يابي!
اقبال چوي ٿو:
ته
’خدا ‘ خود اسان کي پيو ٿو ڳولي،
ڇا
لاءِ ته اسان کانئس گم ٿي ويا آهيون!
ما
از خدائي گم شده ايم، او به جستجو ست،
چون
ما نيازمند و گرفتار آرزو ست،
گاهي
به برگِ لاله نوبسد پيامِ خيوش،
گاهي
درونِ سينئه مرغان به هائو هو ست.
چوي
ٿو: ”اسان ’خدا‘ کان گم ٿي ويا آهيون. خدا اسان کي
پيو ٿو ڳولي، ۽ اسان وانگرنيازمند به آهي ۽ آرزوءَ
۾ گرفتار به آهي. ڪڏهن لاله جي پَنَ تي پيو
پنهنجو پيغام لکي موڪلي، ڪڏهن پکين جي سيني ۾
سندس ها ۽ هو آهي!“
اقبال هڪ هنڌ ان مسئلي تي گرفت ڪئي آهي، ته ’صفت،
رزاقيت‘ ڪيئن ٿي ڪم ڪري؟ ٻيو ته اگر اسان لاءِ فنا
ابدي آهي ته پوءِ اهو ڪنهن جي ”عِجز“ جو ڪرشمو
آهي! چوي ٿو:
تيري
شيشي مين مئي باقي نهين هي،
بتا
ڪيا تو مرا ساقي نهين هي،
سمندر سي مِلي پياسي، ڪو شبنم،
بخيلي هي يه رزاقي نهين هي،
سندس
شڪايت جو لهجو تلخ آهي. چوي ٿو ته ’سمنڊ‘ ته ’بقا
يافته‘ آهي، ان مان ’انسان‘ کي ائين قطرو ٿو ملي،
جيئن شبنم پياسي کي ٿي ملي. اگر سمنڊ مان ڪجهه
وڌيڪ پياسي کي ملي ها ته پوءِ سمنڊ ڪين کُٽي ها،
پر پياسي جي پياس ختم ٿي وڃي ها! ان طرح ’خدا‘،
جوصاحب بقا آهي، ان به پنهنجي بقا جي سمنڊ مان
’انسان‘ کي ڄڻ هڪ قطرو ڏنو آهي. اها رزاقي نه
آهي، پر بخيلي آهي. ان طرح هڪ ٻئي انداز سان به
پنهنجي دليل کي پيش ڪري ٿو ته اي الله! تون ’ساقي‘
آهين ته پوءِ تو وٽ ’مئي‘ هئڻ گهرجي. مئي کانسواءِ
ته ڪو ’ساقي‘ ٿي نٿو سگهي. مگر ان جي ابتڙ تنهنجي
شيشي ۾ ’مئي‘ ڪا نه آهي، پر ان سان گڏ اصرار اهو
آهي ته تون ساقي به آهين: ٻيءَ حالت ۾ اگر هوندي
سوندي سمنڊ مان پياسي کي قطرو ئي ڏنو وڃي ته پوءِ
اها بخيلي آهي، ان کي رزاقي نٿو چئي سگهجي!
اقبال، حق تعاليٰ کي تعلقات جي نڀائڻ ۾’بي وفا‘ ۽
’هرچائي‘سڏيندي ويرم ئي نٿو ڪري. چوي ٿو:
ڪڀي
هم سي ڪڀي غيرون سي تماشائي هي.
بات
ڪهني ڪي نهين، تو ڀي تو هر جائي هي.
معاذ
الله، ’هر جائي،‘ چوڻ ۾ جيڪو نشتر آهي، ان جي
گستاخانه انداز جو ڪو به ڪاٿو ڪري نٿو سگهجي. سو
به حق تعاليٰ کي چوڻ ته ڪڏهن اسان سان ياري ته
ڪڏهن دشمن سان قرب! ڳالهه چوڻ کان ٻاهر آهي! اها
ساڳي شڪايت اڃا به هڪ سخت پيرائي ۾ هن طرح ڪئي وئي
آهي:
آشنا
هر خار را از قصوعه ما ساختي،
در
بيابانِ جنون بردي، وَ رسوا ساختي.
جرم
ما يڪه دانه عه، تقصير او يڪ سجده،
ني
بان بيچاره مي سازي، نه باما ساختي،
صد
جهان، مي رويد از ڪشت، خيال، ما چو گل،
يڪ
جهان و اَن هم از خون، تمنا ساختي.
طرح،
نو افگن ڪه ما جدّت پسند افتاده ايم،
اين
چه حيرت خانه عه امروز فردا ساختي.
چوي
ٿو: ”اها ڪا چڱي ڳالهه آهي جو اسان جي ’قصي‘ کي
راز ۾ رکي نه سگهئين ۽ هر ڪنهن تائين پهچائي
ڇڏيئي! اسان کي ’جنون‘جي رڻ پَٽ ۾ رولي ۽ خوار
خراب ڪري ڇڏيئي! اسان جو جرم اهو جو’داڻو‘ کاڌو
سون ۽ ابليس جو جرم اهو جو هڪ سجدو نه ڪيائين.
گناهه رڳو هڪ داڻي جو ۽ هڪ سجدي جو، پر جهيڙي کي
ايترو وڌايواٿئي، جو نڪو هن ابليس، ويچاري، سان ٿو
ٺهين، نڪو اسان سان ٿو صلح سان هلين. تنهنجي تخليق
جو ڪمال به رڳو ايترو آهي، جو اسان جي ’خون، تمنا،
‘ مان هي جهان ۽ هو جهان ٺاهيا اٿئي، پر اسان جي
تخليق جو ڪمال آهي جو اسان جي خيال جي زمين مان،
گلن وانگر سوين جهان ٿا پيدا ٿين!“
آخر
۾ اقبال چوي ٿو ته اي الله! هاڻي اسان جو تعلق
ڪنهن ’پراڻي تعلق‘ جي بنياد تي ڪين هلندو، اسان
جدت پسند ٿي چڪا آهيون. اسان لاءِ ڪا ’نئين طرح‘
پيدا ڪر، ۽ عشق جو ڪو ’نئون نظم‘ بناءِ، هي اڄ ۽
سڀاڻي جو حيرت خانو ڇا جي لاءِ بنايو اٿئي؟
انسان حق تعاليٰ جي تخليق آهي، الله جي ڪمال تخليق
جو مظهر آهي، صوفين وٽ ”خلق ال آدم عليٰ صورتہ،“
مشهور عقيدو آهي. انسان، الله جو راز آهي. قرآن ۾
ان کي ”احسن تقويم“ چيو ويو آهي، پر اقبال ان تي
سخت تنقيد ڪندي چوي ٿو ته تون ايڏو ڪامل ۽ فنڪار،
۽ ٺاهيو اٿئي، مِٽيءَ جو پتلو! مناسب ته ائين هو
ته ڪا ’شهڪار‘ تصوير بنائين ها، جا تنهنجي هُنَر۽
فَن جي مُنهن تي سونهي ها!
نقش،
دگر طرازده، آدم پخته تر بيار،
لعبت، خاڪ ساختن، مي نه سزد خدائي را!
چوي
ٿو ته ڪو ٻيو نقش پيدا ڪر، ۽ ڪو ڪامل نموني ۾ آڻ،
هي مٽيءَ جو پتلو ته خدا کي سونهي ئي نٿو!
’انسان ‘ ناقص ۽ عاجز آهي، منجهيس ’عيب‘ آهن،
’اقبال‘ ان جو طعنو به خدا کي ڏئي ٿو، سندس
انداز، بيان جي شوخي هن طرح آهي:
يهي
آدم هي سلطان بحر و بر ڪا،
ڪهين ڪيا ماجرا اس بي بَصر ڪا،
نه
خودبين، ني خدا بين، ني جهان بين،
يهي
شهڪار هي تيري هُنر ڪا!
ڇا،
بحر ۽ بر جو سلطان اهو ئي آدم آهي؟ اگر ها ته ان
انڌي جي ڪهڙي ماجرا بيان ڪجي؟ نڪو آهي خودبين، نڪو
خدا شناس، نڪو آهي کيس جهان جي خبر! ته ڇا، تنهنجي
هُنَر جو شهڪار اهوآهي؟
’انسان‘ فاني آهي، ڇو؟ اقبال ان ۾ ’انسان،‘ کي
جوابدار نٿو تصور ڪري، ڇو ته تخليق جو هر عيب ان
جي خالق ڏانهن راجع رهي ٿو. خدا جي هنر جو شهڪار
’انسان‘ اگر فاني ۽ نا پائيدار آهي ته پوءِ ان
ناپائيداريءَ جي عيب جو جوابدار’انسان‘ نه، پر
خود خالق آهي. اقبال چوي ٿو ته ’انسان‘ جي تخليق
خود ’انسان‘ کان زياده پائدار رهي ٿي. پر ان جي
مقابلي ۾ حق تعاليٰ جو شهڪار، ’انسان‘ ڪا به بقا
نٿو رکي.
مزو
اهو آهي ته اهڙي ناپائدار تخليق لاءِ، فرشتن کي
سجدي لاءِ چيو ويو، ۽ ابليس جي انڪار ڪرڻ تي کيس
لوڌايو به ويو ۽ ملعون ۽ مردود به سڏيو ويو! ان جي
مقابلي ۾ انسان جي تخليق، ’بتَ‘ کي سجدي ڪرڻ کان
منع ڪئي ويئي!
ان
سلسلي ۾ هڪ ’برهمڻ، جي واتان هن طرح ٿو اقبال
شڪايت ڪري:
به
يزدان، روز، محشر برهمن گفت، فروغ، زندگي تاب شرر
بود،
و
ليڪن گر نه رنجي، با تو گويم، صنم از آدمي،
پاينده تر بود.
يعني؛برهمڻ حشر جي ڏينهن، الله کي چيو ته ’فروغ،
زندگي‘ اگر تاب شرر جو نالو آهي، ته پوءِ اگر رنج
نه ٿين ته هڪ ڳالهه ڪريان ته ان معيار تي بُت،
انسان کان زياده پختو ۽ پڪو به آهي ۽ گهڻو وقت
جٽاءُ به ڪري ٿو. حالانڪ ’بُت،‘ انسان جو ٺاهيل
آهي ۽ آدمي تنهنجو! تنهنجي ۽ منهنجي تخليق ۾ ايڏو
فرق ڇو؟ اهو ’برهمڻ‘ خود اقبال ئي آهي، جو
’برهمڻ،‘ جي زبان سان شڪايت ڪرڻ کان به نٿو گسي!
چيو
وڃي ٿو ته هر ڪنهن انسان جي ڪلهن تي ’ڪراما
ڪاتبين‘ ويٺا آهن، جي گناهه ۽ ثواب ويٺا لکن، قرآن
۾ پڻ ’ڪراما ڪاتبين‘ جو ذڪر موجود آهي جي انسان جي
عملن کي ويٺا لکن. اقبال چوي ٿو ته آخر ڪراما
ڪاتيبين جي سيڙائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ تو اسان کي
ايتري مهلت ڪٿي ڏني آهي جو اسين گناهه ڪري سگهون!
گناهه ما چه نويسند، ڪاتبان عمل؟
نصيب
ماز جهان، تو يڪ نگاهي نيست!
يعني: آخر اسان جا گناهه، عمل جا ڪاتب لکندا ڇا؟
اسان کي تنهنجي هيڏي جهان ۾ نه رڳي هڪ ’نگاهه‘ ملي
آهي، آخر ان کي به گناهه سڏيندا ڇا؟
انسان فاني آهي، اقبال به مڃي ٿو، پر ان مقام جي
جيڪا فضيلت آهي، ان تائين ته خدا کي به ’رسائي‘ نه
آهي! درد مندي، بيقراري، اشڪباري ۽ آهه وزاريءَ جا
مزا ته فقط انسان لاءِ ئي آهن. خدا کي نڪا ’دم،
مستعاري‘ جي نعمت حاصل آهي، نڪا ’غم، روزگار، جي
لذت! اقبال چوي ٿو:
يه
جهان درد مندان تو بگو، چه ڪار داري،
تب
وتابِ ما شناسي؟ دلِ بيقرار داري؟
چه
خبر ترا ز اشڪي، ڪه فرو چڪند ز چشمه،
تو
به برگ گل ز شبنم دُر، شاهوار داري!
چه
بگويمت ز جاني ڪه نفس نفس شمارد!
دم،
مستعار داري؟ غم، روزگار داري؟
فرمائي ٿو: اي خدا، ٻڌاءِ! تون اسان دردمندن جي
ڪيفيات سان ڪو واسطو رکين ٿو؟ اسان جي بيقراري ۽
حدت کي سڃاڻين ٿو؟ ڪا بيقرار دل تو وٽ آهي؟ تو کي
ڪهڙي خبر ته اسان جي اک مان جو ڳوڙهو ٿو وهي، ان
جي قيمت ڪيتري آهي؟ تو رڳو گل جي پن تي شبنم جو
قطرو رکيو آهي، پر اسان جي ڳوڙهن جهڙا ڪي موتي تو
وٽ آهن؟ تو کي ڪهڙي خبر ته اسان جو دم ڪيئن ٿو
گذري تون ڪو اسان وانگر اڌارو دم رکين ٿو، يا اسان
وانگر روزگار جو غم تو وٽ آهي؟
اقبال چوي ٿو ته ”درد“ آرزومندي، جي نعمت انسان جو
ئي حصو آهي: هي اهو مقام آهي، جنهن جو بَدل شان
خداوندي به ٿي نٿو سگهي!
متاعِ بي بها هي درد سوز و آرزو مندي،
مقامِ بندگي دي ڪر، نه لون شان خدا وندي!
ٻئي
هنڌ اقبال چوي ٿو:
تب و
تاب فطرت ما، ز نيازمندي عه ما،
تو
خدائي بي نيازي، نرسي بَه سوز و سازم.
ان
طرح بندگي ۽ خدائيءَ متعلق چوي ٿو:
چنان
ما بندگي در ساختم من،
نه
گيرم گر مَرا بخشي خدائي!
”ارمغان حجاز“ ۾ چوي ٿو:
ترا
اين ڪشمڪش اندر طلب نيست،
ترا
اين درد و داغ، وتاب وتب نيست.
ازان
از لامڪان به گريختم من،
ڪه
آن جا ناله هائي نيم شب نيست.
يعني: اي خدا، تو کي طلب ۾ مون وانگر ڪشمڪش ڪا نه
آهي، نڪو تو وٽ مون وارو درد داغ، سوز ۽ تاب آهي.
مان ’لامڪان‘ ۾ رهڻ کان ان ڪري ڀڳو آهيان، جو اتي
’اڌ رات،‘ واريون آهون ۽ دانهون ڪين آهن، نڪو آه
وفغان، طلب ۽ تلاش جو ڪو اتي پتو آهي.
حيات
جاودان، جا خدا کي حاصل آهي، ان متعلق اقبال چوي
ٿو ته حيات جاودان جي تو کي ڪهڙي خبر؟
تو
نمي داني حياتِ جاودان چيست؟
نه
مي داني ڪه مرگِ ناگهان، چيست!
”يعرف الاشياء بالاضدادها“، هر شيءَ ضد مان سڃاتي
ويندي آهي. اقبال چوي ٿو ته جڏهن تو کي موت جي خبر
نه آهي ته پوءِ حيات جو ڪهڙوپتو؟ اقبال جو مقصد
آهي ته مرگ ناگهان کي اسان ئي ڄاڻون ٿا، تنهن ڪري
حيات جاودان جي به اسان کي ئي خبر آهي! ڇا حي
القيوم متعلق ائين ڪنهن به صورت ۾ چئي سگهجي ٿو؟
پر شاعري ۾ سڀ ڪجهه جائز! هڪ هنڌ اقبال چوي ٿو ته
مان پنهنجي ذات کي تنهنجي نظاري لاءِ وڃائي ويهان
ته پوءِ اهو سودو مون لاءِ ڏاڍو مهانگو آهي؛ ائين
نه ٿي سگهندو پر اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي ته
آخر پنهنجي وجود جي شهادت لاءِ دوستن جي خون کي ڇو
شرط رکيو اٿئي؟ چوي ٿو:
اگر
نظاره از خود رفتگي آرد حجاب اوليٰ،
نگيرد يا من اين سودا ڪه از بس اين گران خواهي.
چنان
خود را نگه داري ڪه با اين بي نيازي ها.
شهادت بر وجود، خود زخون دوستان خواهي؟
مقام
بندگي ديگر ، مقام عاشقي ديگر،
زنوري سجده مسي خواهي،
زخا
ڪي بيش ازان خواهي؟
يعني؛تون پاڻ تي نگهدار آهين ۽ بي نياز به آهين،
پر ان جي خبر نٿي پوي ته آخر پنهنجي وجود جي
”شهادت ۽ اظهار“ لاءِ دوستن جو خون ڇو ٿوگهرين؟
بندگيءَ جو مقام ٻيو آهي ۽ عاشقيءَ جو مقام ٻيو
آهي. تنهنجو حال اهو آهي جو نور جي پيداوار فرشتن
کان سجدا ٿو ڪرائين ۽ اسان پارن خاڪي انسانن کان
ته اڃا به وڌيڪ ٿو تقاضا ڪرين.
اقبال جو چوڻ آهي ته انسان جڏهن پنهنجيءَ انفراديت
۽ ذات کي فنا ٿوڪري، تڏهن ئي تنهنجو ديدار حاصل
ڪري سگهي ٿو. آخر ان جلوه نمائيءَ لاءِ دوستن جو
خون جائز ڇو؟ ٻيو ته نور وارا فرشتا رڳو سجدا ڪن،
پر مٽيءَ جا پتلا پنهنجو پاڻ فنا ڪن، آخر ائين ڇو؟
سندس ان فلسفيانه سوال ۾ جا بيباڪي ۽ گستاخي
آهي،ان کي شرح ڪڏهن به برداشت ڪري نٿي سگهي.
اقبال خدائيءَ جي نظام تي پڻ سخت چوٽون ڪيون آهن.
چوي
ٿو:
خدائي اهتمامِ خشڪ و تر هي،
خدا
وندا! خدائي درد سر هي،
و
ليڪن بندگي، استعفر الله!،
يه
درد سر نهين، درد جگر هي!
اقبال چوي ٿو ته’خدائي‘ خشڪ ۽ تر جي اهتمام جو
نالو، سو ته چڱو ٿيو، پر پوءِ ان جو سنڀالڻ ته
ڏکيو ڪم آهي، اهو ته درد سر آهي! مزو اهو آهي ته
اقبال سنئون سڌو خدا کي چوي ٿو؛
خداوندا، خدائي درد سر هي!
ان
سان گڏ ائين چوڻ ته:
يه
درد سر نهين، درد جگر هي،
ظاهر
۾ نهايت تلخ ڪلامي آهي، ۽ گستاخانه انداز بيان
آهي، پر شاعري ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي.
اقبال ٻئي هنڌ پنهنجي فلسفيانه رنگ ۾ چوي ٿه ته
جڏهن ’انسان‘ جو موجوده ’نمونو‘ ’ناقص ۽ فاني‘
آهي، تڏهن اهڙي ’ انسان‘ جي ڪافي تعداد ۾ پيدائش
جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو، قدرت به انسان ڪامل جي
تشڪيل ۾ رڌل آهي، ۽ خود خالق ڪائنات به’انسان‘
ڪامل‘ جي تخليق جي آرزو رکي ٿو. تڏهن به بار بار
هن ’ناقص ۽ فاني‘ انسان جي پيدا ٿيڻ جي آخر ڪهڙي
ضرورت پئي آهي، جو ابتدائي ضرورتن کان به محروم
آهي!
ان
خيال کي اقبال هن طرح ٿو بيان ڪري:
هو
نقش اگر باطل، تڪرار سي ڪيا حاصل،
ڪيا
تجهڪو خوش آتي هي، آدم ڪي به ارزاني؟
’آدم
جي ارزاني‘ چئي، اقبال سخت چوٽ ڪئي آهي. سندس چوڻ
آهي ته جڏهن هي ’نقش‘ ئي باطل آهي، ۽ هڪ ڏينهن فنا
ٿيڻو آهي، ته پوءِ ’ناقص نقش‘ کي بار بار دهرائڻ ۽
پيدا ڪرڻ مان ڪهڙوفائدو؟ دنيا جي آبادي اگهاڙن،
بکين، بيمارين ۽ بيروزگارن سان ڀرجي چُڪي آهي.
جڏهن ته ايتري لا تعداد انساني آباديءَ لاءِ نه
آهي، اجهو نه امن، نه خوراڪ، نه پوشاڪ، ته پوءِ
ڇا، رڳو ماڻهن جي گهڻائي ئي تو کي وڻي ويئي آهي
ڇا؟ اقبال ٻڌائي ٿو ته ايتري آباديءَ ۾ ٻيو ته
مقصد نظر نٿو اچي، بجاءِ ان جي ته خالق کي انهن جي
’ڪثرت‘ ئي شايد پسند اچي ويئي آهي!
خوشحال ۽ بدحال آبادين متعلق اقبال، حق تعاليٰ سان
شڪايت ڪندي چوي ٿو: ائين ڇو آهي ته هنر مند ۽ سچا
ماڻهو خوار خراب آهن، عقل وارن کي تون رزق نٿو
پهچائي سگهين. سرمائيدار طبقو به ڄڻ خدائيءَ ۾
شريڪ پيو معلوم ٿئي. فرق اهو آهي ته اهي سرمائيدار
پنهنجن پَٺن کي مالا مال ڪري ٿا ڇڏين، پر تون
پنهنجن کي ’گاهه‘ جو پَن به نٿو ڏين، عيسائين جي
ڪليسائن ۾ ڪباب ۽ شراب آهي، هو موجون پيا ڪن، پر
مسجد ۾ رڳو خشڪ وعظ وڃي رهيا آهن. تنهنجا حڪم ته
هر حال ۾ حق آهن. پر اڄڪلهه جا مفسر تنهنجي قرآن
کي تاويلات جو هڪ بي معنيٰ دفتر بنايو ويٺا آهن،
تنهنجي جنت کي ته ڪنهن به نه ڏٺو آهي، پر اڄ يورپ
جو ته هر شهر فردوس برين وانگر سينگاريل آهن. آخر
ائين ڇو؟ چوي ٿو:
يا
رب يه جهان گذران خوب هي ليڪن،
ڪيون
خوار هين، مردانِ صفا ڪيش هنرمند،
گو
اس ڪي خدائي مين مهاجن ڪا ڀي هي هاٿ،
دنيا
تو سمجهتي هي فرنگي ڪو خدواند،
تو
برگِ گياهي نه دهي، اهلِ خِرد را،
او
ڪشتِ گل و لا به بخشد به خري چند،
حاضر
هين، ڪليسا مين ڪبابِ مئي گلگون،
مسجد
مين ڌرا ڪيا هي بجز موعظت و پند.
احڪام تيري حق هين مگر اپني مفسر،
تاويل سي قرآن ڪو بنا سکتي هين پازند.
فردوس جو تيرا هي ڪسي ني نهين ديکا ــــ افرنگ ڪا
هر قريه هي فردوس ڪي مانند.
ابليس:
آدم
۽ ابليس جو قصو ته مشهور آهي. آدم شيطان جي فريب ۾
اچي ٿو، ۽ سزا طور آدم ۽ ابليس ٻئي خارج ٿين ٿا،
اقبال ان متعلق هن طرح عذرداري ٿو ڪري:
جهان
از خود برون، آورده ڪيست،
جمالش جلوه بي پرده ڪيست؟
مرا
گوئي ڪه ازشيطان حذر ڪن!
بگو
با من ڪه او پرورده ڪيست،
چوي
ٿو ته تون مون کي چئين ٿو ته ’شيطان‘ کان حذر ڪر،
پر مون کي ته ٻڌا ته اهو شيطان آخر پاليل ڪنهن جو
آهي؟ ’شيطان‘ به تنهنجو ۽ مان به تنهن جو!
موت:
’موت‘ جي مسئلي ۾ چوي ٿو ته اسان کي زندگي اهڙيءَ
طرح گذارڻ گهرجي جو جڏهن اسان تي ’موت‘ اچي، تڏهن
خود خدا کي به شرمسار ٿيڻو پوي ته هن ڇو ههڙي
بهترين مخلوق کي فنا ڪري ڇڏيو!
چنان
به زي ڪه اگر مرگ ما ست مرگِ دوام
خدا
ز ڪردهِ خود شرمسار تر گردد!
خدا
کي ’موت تي شرمسار ٿيڻ‘ جو مضمون پيدارڪرڻ، اقبال
جي شاعرانه موشگافي جو ڪمال آهي، ورنه ڪنهن به
قريني سان ان خدا کي ’شرمسار‘ سڏڻ جائز نه آهي،
معاذ الله!
ان
طرح، آدم ذات جي شر ۽ فساد، جنگ ۽ جدال، قتل ۽
خونريزي کي ڏسي خدا کي ٿو چوي:
اگر
ڪج رو هين انجم، آسمان تيرا هي يا ميرا،
مجهي
فڪرِ جهان ڪيون هو، جهان تيرا هي يا ميرا؟
اقبال نهايت سخت نموني ۾ چوي ٿو ته اگر هن ڪائنات
جو نظام درهم برهم ٿي چڪو آهي، ته پوءِ ان لاءِ
جوابدار ڪير؟ آسمان به تنهنجا ۽ تارا به تنهنجا،
اگر اهي بغاوت ٿا ڪن ته پوءِ اهي تنهنجي’نظام‘ جي
سستي آهي، ان لاءِ مان ڇو فڪر ڪريان. آخر هي جهان
تنهنجو آهي يا منهنجو؟ ’اقبال‘ تجاهل عارفانه کان
ڪم وٺي، حق تعاليٰ تي ڄڻ ’بيخبري‘ جو الزام ٿو هڻي
ته هي نظام تنهنجو بنايل آهي، ته پوءِ ان کي
سنڀالڻ به تنهنجو ئي ڪم آهي ۽ نه منهنجو.
خطا
وارو ڪير؟
اگر
هنگامي هائي شوق سي هي لامڪان خالي،
خطا
ڪس ڪي هي يا رب؟ لامڪان تيارا هي يا ميرا؟
اقبال حق تعاليٰ کي چوي ٿو لامڪان ته به تنهنجو
آهي، اگر اتي هنگامه شوق نه آهي، اصل موت جي
خاموشي ڇانئي پئي آهي، ته پوءِ اها ’خطا‘ تنهنجي
آهي يا منهنجي؟ ان ۾ لفظ ’خطا‘ غور طلب آهي. اول
ته لا مڪان ۾ هنگامه عه شوق جو هجڻ ڇو ضروري آهي؟
اگر لامڪان ۾ سڪوت آهي، ته پوءِ ان سان ’انسان“ جو
ڪهڙو مطلب؟ ان تي وڌيڪ اهو ته خدا کي چوڻ ته اها
’خطا‘ تنهنجي آهي ۽ نه منهنجي! اها آهي ”شاعري“!
رازدان:
’شيطان‘ انڪارڪيو، پر ڇو؟ ڇا لاءِ ته تنهنجو ئي
’رازدان‘ هو. ان ۾ منهنجو ڇا!
اس
صبحِ ازل انڪار ڪي جرات هوئي ڪيون ڪر
مجهي
معلوم ڪيا، وه ’رازدان’ تيرا هي يا ميرا؟
حرف شيرين ترجمان:
اقبال، هڪ هنڌ عجيب انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته دين جي
ترجماني جا فرائض مون ادا ڪيا. ان سلسلي ۾ ’حرف
شيرين ترجمان‘ جو خالق مان آهيان، ٻيو سڀ ڪجهه
تنهن جو آهي.
چوي
ٿو:
محمد ڀي تيرا، جبريل ڀي، قرآن ڀي تيرا،
مگر
يه ’حرف شيرين ترجمان‘ تيرا هي يا ميرا؟
آدم جو زوال:
آدم
جي اولاد جي زوال جو ذميدار ڪير؟ جڏهن ته ان ’آدم‘
جي ڪري ئي ڪائنات ۾ زندگي جدوجهد آهي. آدم ته هن
حيات جو مرڪز آهي. اقبال چوي ٿو ته اولاد آدم جو
زوال ٿي رهيو آهي، اهو زيان ڪنهن جو، منهنجو يا
تنهنجو؟ آدم جي زوال سان هن عالمِ حيات جو نظام
درهم برهم ٿي ويندو، ان لاءِ تون ئي سوچ؛ ڇو ته
اهو جهان، اهو آدم، سڀ تنهنجا آهن ۽ نه منهنجا!
اقبال چوي ٿو ته باوجود قدرت هئڻ جي به ’آدم جي
زوال کي نه روڪي ٿو سگهين ۽ نه تلافي ٿو ڪري
سگهين!
اسي
ڪو ڪب ڪي تاباني سي هي روشن جهان تيرا
زوالِ آدم خاڪي زيان تيرا هي يا ميرا؟
شڪايت:
اقبال جو مٿيون خطاب به هڪ ’شاعرانه شوخي‘ آهي.
ورنه ان طرح خطاب ڪرڻ گستاخي ۽ بي ادبي آهي.
اثر
ڪري نه ڪري سن تو لي ميري فرياد،
نهين
هي داد ڪا طالب يه بندهء آزاد
يه
مشتِ خاڪ، يه صرصر يه وسعت افلاڪ،
ڪرم
هي يا ڪه ستم تيري لذتِ ايجاد.
ٽهر
سڪا نه هوائي چمن مين خيمه عه گل،
يهي
هي فصلِ بهاري؟ يهي هي بادِ مراد؟
قصوروار غريب الدّيار هون ليڪن،
ترا
خرابه فرشتي نه ڪر سڪتي آباد
ميري
جفا طلبي ڪو دعائين ديتا هي،
وه
دشتِ ساده وه تيرا جهان بي بنياد،
مقام شوق تري قدسيون ڪي بس ڪا نهين
انهين ڪا ڪام هي يه جن ڪا حوصله هي زياد.
اول
اول ته طنزيه طور چوي ٿه ته ”تو تي اثر ٿئي نه
ٿئي، پر منهنجي فرياد ٻڌ.“ ان کانپوءِ تخليق ۽
مشتِ خاڪ انسان، باد صرصر ۽ افلاڪ جي وسعت تي طنز
ڪندي چوي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه تنهنجو ڪرم آهي يا
تنهنجي ستم جي لذِت ايجاد آهي؟ مزو اهو آهي ته چمن
۾ گل به پيدا ٿين ٿا، پر چمن جي هوا انهن لاءِ
سازگار نه آهي: ڇا ان کي فصلِ بهار ۽ بادِ مراد
چئي سگهجي ٿو! تنهنجي هيءَ زمين جا هڪ ويران
برپٽ وانگر هئي، ان کي تنهنجا فرشتا به آباد ڪري
نه سگهيا، اهو ويچارو بهشت مان تڙيل انسان آهي، جو
قصوروار ۽ مجرم ئي سهي، پر ان مجرم ئي اچي زمين کي
آباد ڪيو آهي. اي خالق! تنهنجو سارو رڻ پٽ ۽ بي
بنياد جهان، مون ڏاڍي تڪليف سان آباد ڪيو آهي. اهو
مون کي دعائون ڪري رهيو آهي، پر تو وٽ ڪو قدر نه
آهي. شوق جو مقام انهن جو آهي، جن جا حوصلا بلند
آهن، تنهنجي فرشتن جي وس ۾ ان مقام جي رسائي ڪا
نه آهي!
موازنو:
اقبال پنهنجيءَ ۽ خدا جي دنيا جو هڪ هنڌ هن طرح
سان موازنوٿو ڪري:
تري
دنيا جهان، مرغ و ماهي
مري
دنيا فغانِ صبح گاهي.
تري
دنيا مين، مين محڪوم و مجبور
مري
دنيا مين تيري بادشاهي.
اقبال پنهنجي محڪوم ۽ مجبور رهڻ تي طنز ڪندي خدا
کي چوي ٿو ته تنهنجيءَ دنيا ۾ مان محڪوم آهيان،
پر منهنجي دنيا تي تون بادشاهي ڪري رهيو آهين! ٻيو
ته تنهنجي دنيا اها آهي، جتي هوائن ۾ پکين کي ۽
سمنڊن ۾ مڇين کي آزادي حاصل آهي، پر منهنجي انسانن
واريءَ مجبور دنيا ۾ صبح جو روڄ راڙو، فغان ۽ گريو
آهي.
بهشت:
خدا
جي بهشت سان پنهنجي دنيا جو مقابلوڪندي چوي ٿو ته
هيءَ دنيا تنهنجي بهشت کان وڌيڪ سينگاريل آهي،
مقابلو ڪري ڏس ته بهشت حسين آهي، يا هيءَ دنيا؟
مناسب ائين آهي ته هن دنيا کي ئي جنت وانگر حياتِ
جاوداني ڏي، جنت ۾ آخر ڇا رکيو آهي؟
يکي
اندازه ڪن سودو زيان را،
چو
جنت جاوداني ڪن جهان را.
نمي
بيني ڪه ما خا ڪي نهادان،
چه
خوش آراستيم اين خاڪدان را.
مجبوري:
خدا
جي پاران وڌل پابنديءِ جي هن طرح طنزيه انداز ۾
ٿوخبر وٺي:
تري
آزاد بندون ڪي نه يه دنيا نه وه دنيا
يهان
مرني ڪي پابندي، وهان جيني ڪي پابندي!
حيات جاودان:
حق
تعاليٰ جي ’حياتِ جاودان‘ ۽ ’انسان جي فنا‘ متعلق
چوي ٿو:
من
ڪيستم؟ تو ڪيستي؟ عالم ڪجا است؟
درميان ما و تو دوري ڪجا است!
من
چرا در بند تقديرم، بگو؟
تو نه ميري، من چرا ميرم، بگو؟
چوي
ٿو ته مان ڇا آهيان؟ تون ڇا آهين؟ هي عالم ڇا آهي؟
حقيقت ۾ تو ۾ ۽ مون ۾ ته ڪا دوري ئي ڪا نه آهي! پر
پوءِ مان تقدير جي بند ۾ ڇو قابو آهيان، ان جو
جواب ڏي! ۽ تون نه مرين، پر مان مران، سو ڇو؟ ان
جو جواب ڏي!
ملڪ الموت:
هڪ
هنڌ مرد نڪته بين، مرڻ کان پوءِ خدا وٽ فرياد ٿو
ڪري ته ملڪ الموت کي روح ڪڍڻ جو ڍنگ نٿو اچي، ان
کي فرنگستان موڪلي ڏي ته اتان اهو فن سکي اچي!
تفنگش به ڪشتن چنان تيز دست،
ڪه
افرشته عه مرگ را دم گسست،
فرست
اين ڪُهَن ابله را در فرنگ،
ڪه
گيرد فنِ کشتن بي درنگ!
ابليس جي تقاضا:
هڪ
هنڌ ’ابليس‘ حق تعاليٰ سان مخاطب ٿي ٿو ڏيکاري ته
هاڻي ابن آدم جي شڪار ڪندي مان ٿڪجي پيو آهيان، ڇا
لاءِ ته ’ابن آدم‘ ۾ مقابلي جي طاقت نه رهي آهي،
ان ڪري مون کي ڪا لذت نٿي اچي.
اي
خداوندِ ’صواب و نا صواب‘،
من
شدم از صحبتِ آدم خراب!
بنده
بايدَ ڪه پيچد گردنم،
لرزه
اندازد نگاهش درتنم.
ان ۾
خدا کي صحيح ۽ غلط، ٻنهي جو خداوند ٿو سڏي ۽ شڪايت
ٿو ڪري ته مان آدم جي صحبت ۾ خراب ٿي ويو آهيان،
منهنجي مقابلي ۾ ڪو اهڙو آدم پيدا ڪرجو منهنجي
گردن کي مروڙي، ۽ جنهن جي نگاهه منهنجي بدن ۾ لرزو
پيدا ڪري.
سياستدان:
سياستدانن تي تنقيد ڪندي، ابليس کان ٿو چورائي ته
هاڻي مان ڊگهي موڪل تي وڃڻ ٿو گهران، ڇالاءِ ته
موجوده سياستدان ابليس بنجي چڪا آهن، تنهن ڪري
منهنجي ڪا به ضرورت نه رهي آهي، چوي ٿو.
جمهور ڪه ابليس هين ارباب سياست،
باقي
نهين اب ميري ضرورت، تہِ افلاڪ!
جبرئيل:
وري
ابليس کي ’جبرئيل‘سان هن طرح ٿوهمڪلام ڪري ڏيکاري.
ابليس ٿو چوي:
مين
کٽڪتا هون دلِ يزدان مين ڪانٽي ڪي طرح،
تو
فقط الله هو، الله هو، الله هو!
يعني، مان ’يزدارن جي دل‘ ۾ ڪنڊي وانگر چڀي رهيو
آهيان، پر تنهنجي زبان تي آهي، الله هو، الله هو!
يعني زندگي آهي خلش ۽ تپش، سوز ۽ حدّت، پر تو وٽ
فقط سڪون ۽ خاموشي آهي.
بهر
حال، هي آهن اقبال جي ڪلام مان چند مثال، جن کي حق
تعاليٰ جي حضور ۾ گستاخي ۽ بيباڪي چيو وڃي ٿو.
حالانڪه ڪن هنڌن تي حد کان وڌيڪ تلخ ۽ طنزيه بيان
آهي ۽ ڪنهن به شريعت ۾ ان قسم جو خطاب جائزنه آهي،
پر جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه شاعرانه شوخي جي آڙ ۾ چيو
ويو آهي، تڏهن برداشت ڪيو ويو آهي. ورنه اگر ڪو
ٻيو، ڪنهن ٻيءَ طرح چوي ها ته پوءِ لازمي طرح سان
کيس ’ڪافر ۽ ملحد‘ چيو وڃي ها! پر ’شاعر‘ تي ڪا
به ميار نه آهي!
(مقالي ”مشرقي شاعري ءَ جا فني قدر ۽ ر’جحانات“،
مهراڻ نمبر 2 ۽ 3، مان 1964ع، تان کنيل.) |