غلام
محمد گرامي
حڪيم
الامت علامه اقبال
نئين
دور۾ پيدا ٿيل انقلاب پسند ادب جي تاريخ ۾، علامه
اقبال جو نالو سرفهرست آهي. خود ترقي پسند نقاد
به تسليم ڪري چڪا آهن، ته نذرالاسلام ۽ جوش پارا
انقلاب پسند شاعر به اقبال کان ئي متاثر ٿيا آهن.
اقبال، اسلام پسند شاعر آهي. سندس شاعري، وطنيت ۽
قوميت جي مرحلن کان گذري، آخري دور ۾ بين الاقوامي
نظام جي تشڪيل ۽ بين الاقوامي اخوت ۽ مساوات جي
تعمير تي پهتي.
ان
سلسلي ۾، مذهب جي بيروح نظام، ملا ۽ صوفي، روايات
۽ ميٿالاجيءَ جي خلاف، جنهن زور شور سان ’اقبال،
بغاوت ڪئي آهي، ان کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو
سگهي. ان سلسلي ۾ پاڻ اشتراڪيت جي اصول کي ڪن
فروعي اختلافن هوندي به ساراهيو اٿس، سندس ڪلام جو
اهو سارو ذخيرو، ’نئين ادب، جي بنيادي تصور جو
ترجمان سڏي سگهجي ٿو. سندس سوانح نگار توڙي سندس
فلسفي ۽ ڪلام جا شارح، سڀ متفق آهن ته اقبال جي
ڪلام ۾ اشتراڪيت پسندانه ۽ مذهب جي خلاف، باغي روح
موجود آهي، جنهن کان ڪو به صاحب مطالع انڪار ڪري
نه ٿو سگهي.
اشتراڪيت ۽ اقبال: هت اقبال جي ڪلام مان چند مثال
پيش ڪجن ٿا، جن جي پس منظر ۾ اشتراڪيت پسندانه
خيالات جي ترجماني مڃي وئي.
جديد
انقلاب جي تائيد ۾ چوي ٿو:
نغمئه بيداريء جمهور هي سامان، عيش،
قصهّ
ءخواب آور، اسڪندرو جَم، ڪب تلڪ.
آفتاب تازه پيدا، بطن گيتي سي هوا،
آسمان ڊوبي هوئي تارون ڪا ماتم ڪب تلڪ.
اقبال، اسڪندر ۽ جم جي ملوڪيت کي خواب آور ٿو سڏي،
۽ ان جي مقابلي ۾ جمهور ۽ عوام جي بيداريءَ کي
سامان عيش ٿو چوي. ان طرح انقلاب کي ”آفتاب تازه،
ٿو سڏي، جنهن جي پيدائش هن زمين مان ٿي چڪي آهي.
ان جي مقابلي ۾ فرسوده خيالات کي ’ٻڏل‘ ۽ ’لٿل‘
تارا ٿو سڏي ان اشاره بازيءَ کان پوءِ بلڪل ظاهر
ظهور ٻڌائي ٿو ته انساني تاريخ جي مستقبل ۾
”اشتراڪيت، ئي ثمر آواز ٿيندي. فرمائي ٿو:
قومون ڪي روش سي مجهي، هوتا هي يه معلوم،
بي
سود نهين روس ڪي، يه گرميء گفتار .
انديشه هوا ”شوخي افڪار“ په مجهه ڪو،
فرسوده طريقون سي زمانه هوا بيزار.
انسان ڪي هوس ني جنهين رکا ٿا ڇپا ڪر،
کلتي
نظر آتي هين، بتريج وه اسرار.
(ضرب
ڪليم)
اقبال صاف ٻڌائي ٿو ته ’روس‘ جي گفتار جي گرمي ڪا
اجائي ڪانهي، شوخي-افڪار کي ڏسي، اهو واجبي انديشو
ٿو ٿئي، ته زمانو فرسوده طريقن کان بيزار ٿي چڪو
آهي، ٻيو ته سرمايه دارانه نظام ۾ ’انسان‘ جي هوس
۽ بدباطن طينت، جيڪي راز لڪائي ڇڏيا هئا، اهي راز
آهسته آهسته کلندا ٿا رهن.
اقبال جا سڀ شارع متفق آهن، ته دنيا جي سڀني سياسي
نظرين ۽ فطري مذهبن جي ترجماني ڪندي صرف اشتراڪيت
کي اسلام جي معاشي ۽ مادي روح سان قريب هجڻ جي ڪري
پسند ڪيو آهي. اشتراڪيت جي پيدا ڪيل انقلاب ۽ ان
جي اثرات کي جنهن وجد انگيز نموني ۾ اقبال بيان
ڪيو آهي، اهو ڪنهن به ٻئي شاعر جي حصي ۾ نه آيو
آهي.
اشتراڪيت، سرمايه دارانه نظام ۽ جاگيردارانه ماحول
۽ ملوڪيت جو ضد آهي. سرمايه داري هونءَ ته دنيائي
تاريخ جي پراڻي لعنت آهي، ليڪن گذريل ڏيڍ صديءَ ۾
جو ڪجهه گذريو آهي، اهو انسان ذات لاءِ نهايت
دردناڪ دور هو. يورپ ۾ جيئن جاگيردارانه نظام کي
شڪست پهتي، تيئن سرمايه دارانه نظام، پنهنجي خون
آشام درندگي کي هم گير ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ بنا ڪنهن
ڊپ ڊاءَ جي سنئون سڌو آمدنيءَ جي ذريعن تي قبضو
ڄمايائين. يعني، زراعت، صنعت ۽ تجارت کي هٿ ۾ رکي،
پنهنجي سرمايه سان اوزار ۽ مشينون بنايائون. انهن
مشينن جي ڪري، ٿوري وقت ۾، ٿوري خرچ تي، زياده
مقدار ۾ قيمتي مال بنائڻ شروع ڪيائون. ان طرح،
انسان جي محنت ۽ مزدوريءَ کي ختم ڪري، فقر و
فاقه، بيروزگاري ۽ افلاس کي وڌائي ڇڏيائون. نتيجو
اهو نڪتوجو انساني تمدن جو ڦيٿو، سرمايه دارانه
پٽيءَ سان تيز نموني ۾ گردش ڪرڻ لڳو ۽ انساني
ضرورتن جو مال، حد کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.
هن
کان اڳ، هاري ۽ مزدور، زراعت ۽ صنعت جي پيداوار ۽
ارتقاء ۾، سرمايه دارن سان، هڪ جهڙي حصي جا مالڪ
رهندا آيا ٿي، سي مشيني انقلاب کان پوءِ سندن
محتاج ۽ محڪوم بنجي ويا. ٻئي طرف، ڪارخانن ۽ زراعت
جا مالڪ سرمايه دار ئي قرار ڏنا ويا، جن مزدور۽
هاريءَ کي، سندن محنت جو حق، ايترو گهٽ ڏيڻ شروع
ڪيو، جو سندن زندگي عذاب بنجي وئي. ان طرح وقت جي
حڪومت تي به سرمايه دار طبقي قبضو ڪري ورتو ۽
قانون کي مزدور ۽ هاريءَ جي خلاف استعمال ڪرڻ ۾ ڪا
به رڪاوٽ نه رهي.
اهڙي
پر آشوب ۽ فتنه خيز دور ۾، ساري دولت چند ماڻهن جي
قبضي ۾ آئي ۽ لفظ ’سرمايو‘ پنهنجي وسيع ۽ همگير
خباثتن سان وجود ۾ آيو. اهڙي ظالمانه ۽ سرمايه
دارانه نظام جي خلاف، جڏهن بغاوت جي صدا بلند ٿي،
تڏهن ان کان به وڌيڪ معنيٰ خيز ۽ پر اثر، انقلاب
آفرين ۽ عوام نواز لفظ، ’اشتراڪيت‘ وجود ۾ آيو.
جيئن ’شهنشاهت‘ جي رد عمل ۾ ’قوميت‘ جو جذبو
ڪارفرما رهيو، تيئن سرمايه داريءَ جو رد عمل
اشتراڪيت ۾ پيدا ٿيو، جنهن سرمايه دارانه نظام جي
سڀني مطلبن ۽ مرادن کي ختم ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ
سرمايه دار ۽ مفلس، آقا ۽ غلام، مالڪ ۽ مزدور جي
ذليل ترين فريق کي ٽوڙي، دولت ۽ مال جي غلط تقسيم
جي سڀني دليلن ۽ نظرين کي پاش پاش ڪري ڇڏيو.
اشتراڪيت، سرمايه دارانه نظام جي ظلم ۽ تشدد لاءِ
ڪامياب احتجاج، ظالمانه قوت جي بيخ ڪنيءَ لاءِ
باغيانه اعلان؛ انسانيت جي پشت پنا ۽ انساني تمدن
لاءِ تعميري نصب العين جي حيثيت سان، هڪ اجتماعي
حرڪت سڏجڻ ۾ آئي. سرمائيدارانه نظام دولت ۽ قوت
مان پيدا ٿيو. پر، اشتراڪيت، افلاس ۽ بک مان پيدا
ٿي، ٻنهي طاقتن جي ٽڪرجڻ سان جو ڪجهه نتيجو
نڪتوآهي، ان کان هرڪو واقف آهي.
اڄ
دنيا ۾ پس مانده قومون بيدار ٿي چڪيون آهن. تخت ۽
تاج ۽ انهن جو تقدس ۽ رعب مٽيءَ ۾ ملي چڪو آهي.
سرمايه دارانه نظام جي بنيادن ۾ زلزلو اچي ويو
آهي. هر حڪومت، ان انقلاب انگيز غلغلي کانپوءِ
اکيون پٽي چڪي آهي. هر نظام، پنهنجي پوريءَ طاقت
سان، ان نئين انقلاب جي مقابلي ۾ اچي ڪري، پنهنجو
باقي رهيل وقار به وڃائي چڪو آهي.
’اشتراڪيت‘جي مقبوليت جواهو عالم آهي، جو اڄ
پورو’مذهبي بلاڪ‘ ان نظام کان متاثر ٿي چڪو آهي.
يورپ ۽ آمريڪا، ان بي پناهه سيلاب کان لرزه
براندام آهن. عراق، مصر، عرب، يمن، شرق، اردن،
لبنان، ايران، انڊونيشيا، آفريڪا، هندستان، جاپان،
ويٽنام ۽ پاڪستان، ان انقلاب جي اثر کان بچي نه
سگهيا آهن. اهو انقلاب، هر ملڪ ۾، ان ملڪ جي
مقتضيات آهر، پيو منزلون طئي ڪري. بقول مولانا
عبيدالله سنڌي:
”انسانيت جو آئينده دور ۾ اجتماعي نظام، اشتراڪيت
جي دور مان گذرندو، يا ان کان متاثر نظام، يا ان
جو نعم البدل پيدا ٿيندو. جو اسلام جي روح سان، هم
آهنگ هوندو.“
ان
موجب اڄ هر هنڌ شخصي اقتدار جو خاتمو ٿي رهيو آهي.
بادشاهه وڃي تاس جي پتن ۾ لڪو آهي. ذاتي اعزاز ۽
مورثي امتياز ختم ٿي رهيو آهي. دولت ۽ ملڪيت، صنعت
۽ زراعت تي، جمهور ۽ عوام جو قبضو وڌي رهيو آهي.
سرمايه ۽ اشتراڪيت، جي باهمي آويزش کي ڏسي، اقبال
پُر اميد رهندو آيو آهي. ڄڻ ته هو روس ۾ پيدا ٿيل
حريت ۽ مساوات جي باطل سوز چنگاريءَ جي ڄڀين ۽
ڀڙڪن کي ڏسي، خوش ٿئي ٿو. اقبال ڏسي ٿو ته اهي
نظام، جن جي آغاز ۽ انجام ۾ ڪا نيڪ نيتي ڪا نه
آهي، انهن جي جاءِ تي هڪ ڏينهن اشتراڪي نظام ئي
اچي ويندو چوي ٿو:
وه
حڪمت، ناز ٿا جس پر، خِرد مندان، مغرب ڪو،
هوسَ
ڪي پنجه ء خونين مين، تيغ، ڪارزاري هي.
تدّبر ڪي فسون ڪاري سي محڪم، هو نهين سڪتا،
جهان
مين جس تمّدن ڪي، بِنا، سرمايه داري هي.
ڦر
اٺي ’ايشيا‘ ڪي دل سي چنگاري، ’محبت‘ ڪي،
زمين، جو لانگه اطلس قبايان، تتاري هي.
اقبال اشتراڪيت کي ”محبت جي چنگاري“ سڏي ٿو، ۽ روس
کي ايشيا جي دل. انقلابي ڪشمڪش جي خيرمقدم ۾ چوي
ٿو:
ڪشيد
ابر بهماري خيمه اندر وادي و صحرا،
صدائي آبشاران از فراز ڪوهسار آمد.
سرِ
خاڪِ شهيد بر گناهِ لاله مي پاشم،
ڪه
خونش بانهالِ ملّتِ ما سازگارآمد.
مزدور جي مظلومانه حيثيت کي هن طرح ٿو فارسيءَ ۾
بيان ڪري.
جو
مزدور ڪپهه ۽ ريشم ٿو پيدا ڪري، اهو تن ڍڪڻ کان
محروم آهي. پرجنهن سرمائيدار پورهيو ئي نه ڪيو
آهي، اهو ريشم کان سواءِ ٻيو ڪجهه پهري ئي نٿو!
منهنجي خون فشانيءَ مان ئي’لعل‘بنيو آهي، جنهن کي
واليءَ جي منڊيءَ تي مڙهيو ويو آهي ۽ منهنجي پٽ جي
اک جي ڳوڙهي مان اَمير جو گوهر بنيو آهي.
منهنجي خون سان ’ڪليسا‘ جا پادري، مقدس مذهبي
پيشوا ٿلها ٿي پيا آهن، ۽ منهنجي ٻانهن جي زور تي،
حڪومت جا هٿ همه گير طاقتن تائين پهتا آهن.
منهنجي صبح واري آهَ زاريءَ سان بر پٽ رشڪ، گلستان
بنجي چڪا آهن، ۽ منهنجي جگر جي طراوت سان لاله و
گل ۾ جواني آئي آهي.
ان
کان پوءِ انقلاب جي دعوت ڏيندي، اقبال چوي ٿو:
بيا
ڪه تازه نوامي تراد از رگ، ساز
مئه
ڪه شيشه گدازد به ساغر اندازيم
يعني، اچو ته ساز جي تارن کي ڇيڙي، ڪا تازي نوا
پيدا ڪريون، ۽ اهڙي ’مئي‘ پيدا ڪريون، جا شيشي کي
به پگهاري وجهي، اها پيالي ۾ اوتيون.
ز
رهزنانِ چمن انتقامِ لاله ڪشم
بَه
بزمِ غنچه و گل، طرح ديگر اندازيم
يعني: اچو ته ’چمن‘ جي رهزن کان ’لاله‘ کي ناس ڪرڻ
وارو انتقام وٺون. ۽ اچو ته غنچه ۽ گل جي گڏيل بزم
ٺاهي، ڪا نئين طرح ۽ نئين روش ٺاهيون.
بَه
طوافِ شمع، چو پروانه زيستن تا ڪ
چوي
ٿو: پرواني وانگر شمع جي چوڌاري دستوري طواف آخر
ڪيستائين؟ آخر پنهنجي پاڻ کان ايتري بيگانگي ڇو؟
اقبال صاف نموني ۾ مزدور کي تلقين ڪندي چوي ٿو:
بندهء مزدور ڪو جاکر مرا پيغام دي،
خضر
ڪا پيغام کيا هي، يه پيامِ ڪائنات.
اي
ڪه تجهه ڪو کا گيا هي،
حيله ڪر سرمايه دار،
شاخِ
اَهو پر رهي صديون تلڪ تيري برات.
مڪر
ڪي چالون سي بازي لي گيا سرمايه دار،
انتهائي سادگي سي کا گيا مزدور مات.
اٺ
ڪه اب بزمِ جهان ڪا اور هي انداز هي،
مشرق
و مغرب مين تيري دور ڪا آغاز هي.
آفتاب تازه پيدا بطن گيتي سي هوا،
آسمان، ڊوبي هوئي تارون ڪا ماتم ڪب تلڪ،
توڙ
ڊاليِن فطرتِ انسان ني زنجيرين تمام،
دوريء جنت سي روتي چشمِ آدم ڪب تلڪ.
باغبانِ چاره فرما سي يه کتي هي بهار،
زخمِ
گل ڪي واسطي تدبير مرهم ڪب تلڪ.
ڪر
مکِ نادان، طوافِ شعله سي آزاد هو،
اپني
هستي ڪي تجلي زار سين آباد هو!
اقبال بندهء مزدور کي پيغام ڏيندي چوي ٿو ته
”هي
توڏانهن پيغام ڪائنات آهي. اي مزدور تو کي حيله گر
۽ بهانه ساز سرمائيدار کائي چڪو آهي. تنهنجي
حياتيءَ جي سموري موڙي ڄڻ هرڻ جي سڱ تي صدين کان
ٽنگي بيٺي آهي. سرمائيدار مڪر جي چال سان تو کان
راند کٽي چڪو آهي، ۽ تون انتهائي سادگيءَ سان شڪست
کائي چڪو آهين، هاڻي اٿ! اڄ دنيا جي محفل جو انداز
ئي بدلجي ويو آهي، اڄ مشرق توڙي مغرب ۾ تنهنجي دور
جي شروعات ٿي چڪي آهي. هاڻي هڪ تازو آفتاب اڀري
چڪو آهي، آخر ٻڏندڙن تارن جو ماتم ڪيستائين؟ اڄ
انسان جي فطرت سڀ زنجير ڇني ڇڏيا آهن، جنت کان
دوريءَ جي ڪري آدم جي اک مان ڪيستائين ڳوڙها
وهندا! اڄ ’بهار‘خود باغبان کي چئي رهي آهي ته گل
جي زخم لاءِ مرهم جون تدبيرون ڪيستائين! اي نادان
پروانا، شعلي جي طواف کان آزاد ٿي ۽ پاڻ کي پنهنجي
هستيءَ جي تجليءَ ۾ آباد ڪر!“
اقبال جو مٿيون ڪلام مزدور لاءِ انقلاب آفرين
پيغام آهي، جنهن ۾ اشتراڪيت جو روح موجود آهي.
جيئن
سرمائيداريءِ مزدور جي هڏين کي پيهي پنهنجي فلڪ
بوس محلاتن جون سرون تيار ڪيون آهن، تيئن
زمينداريءَ هاري جي رت ست کي ڄور وانگر چوسي ڇڏيو
آهي. سرمائيداري ۽ زمينداري ٻئي استبداد ۽ بادشاهت
جي وڻ جون گويا ٻه شاخون آهن. اقبال مزدور جي
بربادي ۽ تباهيءَ تي نوحه خواني کان پوءِ هاريءَ
جي بي گورو ڪفن لاش تي هن طرح ٿو ڳوڙها ڳاڙي:
دهقان هي ڪسي قبر ڪا اگلا هوا مرده،
بوسيده ڪفن جس ڪا اڀي زير زمين هي.
جان
ڀي ڪروِ غير هي، تن ڀي ڪروِ غير،
افسوس ڪه باقي نه مڪان هي نه مڪين هي.
اقبال، مزدور جي ڪاميابيءَ وانگر، هاريءَ جي
آسودگي به اشتراڪيت ۾ ڏسي ٿو ۽ ان کي به اهو ساڳيو
ئي سبق ڏئي ٿو:
بتا
ڪيا تيري زندگي ڪا هي راز، هزارون برس سي توهي
خاڪباز،
زمين
پرهي گو خاڪيون ڪي برات، سحر ڪي اذان هو گئي،اب
تو جاڳ
زماني مين جُوٺا هي اس ڪا نگين،
جو اپني خودي ڪو سمجهتا نهين
بخاڪِ بَدن، دانهء دل فشان ڪه اين دانه دارد ز
حاصل نشان.
ان
کان پوءِ، عالم انسانيت جي سڀني بکين ۽ ڏکين جي
بيداري ۽ زندگيءَ جي لاءِ ’لينن‘ کي هن طرح حق
تعاليٰ وٽ مناجات ٿو ڪرائي:
اي
انفس و آفاق مين پيدا تيري آيات،
حق
يه هي ڪه هي زنده و پابنده تيري ذات.
مين
ڪيسي سمجهتا ڪه تو هي يا ڪه نهين هي،
هر
دم متغيّر هين خرد ڪه نظريات.
وه
ڪون سا آدم هي، ڪه توجس ڪا هي معبود،
وه
آدمي خاڪي ڪه جو هي زيرِ سماوات.
يه
علم يه حڪمت يه تدبّر يه حڪومت،
پيتي
هين لهو، ديتي، هين تعليم مساوات
بيڪاري وعرياني ميخواري و افلاس،
ڪيا
ڪم هين فرنگي مدنيت ڪي فتوحات.
آثار
تو ڪُڇ ڪُڇ نظر آتي هين ڪه آخر،
تدبيرڪو تقدير ڪي شاطر نه ڪيا مات.
تو
قادر و عادل هي، مگر تيري جهان مين،
هين
تلخ بهت بندهء مزدور ڪي اوقات.
ڪب
ڊوبيگا سرمايه پرستي، ڪا سفينه،
دنيا
هي تري منتظر، روز، مڪافات.
ان
کانپوءِ، ’لينن‘ جي جواب ۾، فرمان خدا وندي کي
حاصل ٿو ڪري، ۽ ان کي مخصوص الهامي انداز ۾
سرمائيدارانه نظام جي خلاف هڪ دعوت، انقلاب ڪري
پيش ٿو ڪري، جنهن جي هر زير و بم ۾ طوفانن
جوهولناڪ شور آهي، جنهن جي لفظ لفظ ۾ بادلن جي
هيبتناڪ گجگوڙ آهي، جنهن جي هڪ لفظ ۾ بجليءَ جي
زهره گداز ڪڙڪ موجود آهي.چوي ٿو:
اٺو
ميري ڪي غريبون ڪوجگادو،
ڪاخ
امرا ڪي در و ديوار هلادو.
گرمائو غريبون ڪا لهو سوز، يقين سي،
ڪنجشڪ فرومايه ڪو شاهين سي لڙادو.
سلطانيءَ جمهور ڪا آتا هي زمان،
جو
نقش ڪُهَن تم ڪو نظر آئي مٽادو.
جس
کيت سي دهقان ڪو ميسر نهين روزي،
اس
کيت ڪي هر خوشهء گندم ڪو جلادو.
آفرين نظام ۾ اسلامي انقلاب جي محرڪات کي ڏسي
اقبال اشتراڪيت جي انقلابي تعليم ۽ عملي حرڪت کي
گويا پسند ٿو ڪري ۽ ان جي انقلابي چوي ٿو:
چيست قرآن خواجه را پيغام مرگ، دستگيرِ بندهء بي
ساز وبرگ
نقش
قرآن تا درين عالم نشست،
ــ
نقشهائي ڪاهن و پاپا شڪست.
ڪارل
مارڪس لاءِ چوي ٿو:
صاحب، سرمايه آن نسل، خليل،
يعني
آن پيغمبري بي جبرئيل،
زان
ڪه حق درباطل، او مضمرست،
قلب،
او مومن، دماغش ڪافرست.
اقبال، ڪارل مارڪس کي سندس ڪتاب ”سرمايه“ جي نسبت
سان ”صاحبِ سرمايه“ سڏي ٿو: ابراهيم عليہ السّلام
جي نسبت سان کيس ”نسل خليل“ سان نسبت ڏئي چوي ٿو
ته هو به بت شڪن آهي، پر ”پيغمبري بي جبرئيل“ آهي،
۽ حق، گويا سندس، ’باطل‘ ۾ موجود آهي: سندس قلب
مومن آهي، پرظاهري طور يهودي نسل جي ڪري ڪافر آهي.
اقبال، اشتراڪيت جي ٻنهي مرحلن، تخريب ۽ تعمير
کي’لا‘ ۽ ’الا‘ مان تشبيهه ڏيندي چوي ٿو:
نهاد، زندگي مين ابتدا ’الا‘ انتها’الا’،
پيام، موت هي جب لا هوا اِلاّ سي بيگانه.
اشتراڪيت سان خطاب ڪندي چيو ٿو؛
ڪردهء ڪار، خداوندان تمام،
بگذر
از ’لا’ جانب، ’الا‘ خرام.
يعني، دنيا جي سڀني مصنوعي ۽ هٿ سان تراشيل خدائن
۽ انهن جي نظامن جي خاتمي کاپوءِ ’لا‘ جي نفيءَ
کان’الاّ الله، جي اثبات ڏانهن وڌڻ گهرجي.
اقبال، اشتراڪي انقلاب جي ولوله انگيز ۽ محشر خيز
دعوت ۾، ايندڙ انقلاب کي زخميل نانگ وانگر پيچ
وتاب کائيندي ڏٺو آهي. اقبال ڏسي ٿو ته ڪائنات جو
هر ذرو خورشيد عالم تاب بنجڻ لاءِ بيقرار آهي. هر
داڻي ۾ نمود ۽ نمائش جي تڙپ موجود آهي. ان کي ڏسي
اقبال ٻڌائي ٿو ته تمام جلد اسرافيل جو صور ڦوڪيو
ويندو، جنهن سان استبداد ۽ بادشاهت جا فلڪ سير
قلعا ڊهي پوندا، زلزله خيز ۽ دهشت انگيز وٺ پڪڙ
سان دشمن، انسانيت عناصر کي منهن ڀر ڪيرايو ويندو،
پهاڙن کي ڪپهه جي پنڊن وانگر پڃي، ڄڻ هوا ۾ اڏايو
ويندو: آءُ ڏسي رهيو آهيان ته اهڙو سج اُڀري رهيو
آهي، جنهن جي ڪرڻن سان فضائي ڪائنات ۾ پيدا ٿيل
زهر کي ناس ٿيڻو پوندو، قيامت کان اڳ قيامت جهڙو
منظر ايندو، جنهن ۾ ظلم ۽ تشدد جون سڀ قوتون
پنهنجو حساب ڪتاب ڏينديون: حق ۽ انصاف جو ميزان
جلد کڙو ڪيو ويندو، جنهن ۾ ظالم ۽ فتنه انگيز قوتن
جي سزا ۽ جزا جو فيصلو ڪيو ويندو، مظلوم ۽ مقهور
عناصر ۾ نئين زندگي جا آثار پيدا ٿيندا، انسانيت ۾
نيئن روشني پيدا ٿيندي، هيڻن ۾ قوت ۽ گُنگن ۾
گويائي پيدا ٿيندي.
اقبال ٻڌائي ٿو ته اها محبت جي چنگاري، ايشيا جي
دل، يعني روس ۾ دکي چڪي آهي ۽ ان جا فلڪ رسا شعلا
في الحال ’ماديت‘ جي دامن جي هوا تي ڀڙڪي اُٿيا
آهن. اهو وقت پري نه آهي، جڏهن عنقريب روحانيت ۽
ايماني قوت جي پيٽرول سان اها چنگاري ساري دنيا
جي سرمائيدارانه نظام ۽ ملوڪيت پسند روايتن کي
ساڙي خاڪ ڪري رکي فرمائي ٿو:
من
درين خاڪ ڪُهن گوهر جان مي بينم،
چشم
هر ذره چو انجم نگران مي بينم.
دانه
را ڪه به آغوش زمين است هنوز،
شاخ
در شاخ برومندو جوان مي بينم.
ڪوه
را مثل پر ڪاه سبڪ مي يابم،
پر
ڪاهي صفت ڪوه گران مي بينم.
انقلابي ڪه نه گنجند به ضمير افلاڪ بينم.
وهيچ
نه دانم ڪه چنان مي بينم،
خرم
اَن ڪس ڪه درين گرد سواري بينم،
جوهر
نغمه ز لرزيدن تاري بينم.
فرمائي ٿو: مان هن پراڻي مٽيءَ ۾” گوهر جان، ۽
زندگي جو موتي ڏسي رهيو آهيان. هر ذري جي اک کي
تارن لاءِ نگران ڏسي رهيو آهيان. اهو داڻو جو اڃا
زمين جي آغوش ۾ لڪل آهي، ان کي شاخ شاخ تي ثمر آور
جوان ۽ سبز ڏسي رهيو آهيان. ڏسان ٿو ته پهاڙ ائين
آهن، جيئن گاهه جو تيلو، ۽ گاهه جو تيلو ائين آهي،
جهڙو ڪوه گران! اهو انقلاب جو افلاڪ جي ضمير ۾ نٿو
ماپي سگهي، اهو ڏهي رهيو آهيان. پر اهو نٿو ڄاڻان
ته اهڙي انقلاب کي مان ڏسي ڪيئن رهيو آهيان! ۽ ڇو
ڏسي رهيو آهيان. مبارڪ آهي، اهو شخص؛ سڀاڳو آهي،
اهو ماڻهو، جو هن گرد ۽ غبار واري طوفان ۾ سوار کي
ڏسي ۽ ساز جي تارن جي لرزي ۾ نغمي جو جوهر محسوس
ڪري.
اقبال جي ولوله انگيز ۽ جذت آور تشبيهات ۽
استعارات ۾ جا جدّت ۽ طرب انگيزي آهي، ان جو احساس
ته اهي ئي ڪري سگهن ٿا، جي باذوق آهن ۽ جي شعر جي
پس منظر جي وجداني، ۽ الهامي جذبي کي پروڙي سگهن
ٿا. انقلابي نظام ۽ دعوت کي ’گوهرحيات‘ ۽ افلاڪ جي
ضمير جو انقلاب سڏي، اقبال هڪ اهڙي ته انوکي ۽
تعجَب انگيز واردات کي بيان ڪيو آهي، جنهن جي شرح
ڪندي هوند دفتر لکي ڇڏجن. اقبال، ان طوفان انگيز انقلاب ۾ ’سوار‘ جو به قائل آهي، هو ان ڪشمڪش کي
غبار آلود ۽ وقتي جهڪ ٿو سمجهي. ان سان گڏ ان جو
به قائل آهي ته ساز مان ته هر حال ۾ تندن کي ڇيڙڻ
سان نغمي جو پيدا ٿيڻ يقيني آهي، پر مبارڪ آهي
اهو شخص، جو ”نغمي جي جوهر“ کي تارن جي لرزش مان
نڪرندي ڏسندوـــ ۽ اهو سڀ ڪجهه ضرور ٿيندو.
ٻئي
هنڌ، پنهنجي شاهڪار نظم،’شمع و شاعر‘ ۾ به نهايت
وجد انگيز نموني ان خوش انجام انقلاب جي خوشخبري
ٻڌائي ٿو چوي ٿو.
آسمان هوگا سحر ڪي نور سي آئينه پوش،
اور
ظلمت رات ڪي سيماب پا هو جائيگي،
آ
ملين لي سينه چاڪان، چمن سي سينه چاڪ،
يعني
گل ڪي هم نفس باد، صبا هو جائيگي،
ديک
لوگي سطوت رفتارِ دريا مال،
موجِ
مضطر ڀي اسي زنجير پا هو جائيگي.
ناله
صياد سي هون گي نوا سامان طيور
خون
گلچين سي ڪَلي رنگين قبا هو جائيگي،
آنک
جو ڪُڇ ديکتي هي، لب په آسڪتانهين،
محو
حيرت هون ڪه دنيا ڪيا سي ڪيا هو جائيگي.
هيءُ
آهي علامه اقبال جي انقلاب پسندي ۽ اشتراڪي
روايت کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو شاعراڻو انداز.
اسان وٽ اقبال ئي پهريون فلسفي ۽ مسلم شاعر آهي،
جنهن وسعتِ نگاهه سان اشتراڪيت کي مطالع ڪيو آهي.
اقبال گويا ادب ۾ اشتراڪيت متعلق تحسين ۽ مدح جو
پهلو پيدا ڪري، ادب ۾ ان ’روايت‘ جو بنياد رکيو
آهي. اڳتي هلي، ’نئين ادب‘ جي شاعرن ان ’روايت‘ تي
مختلف تجربا ڪيا آهن. ان سلسلي ۾’جوش‘، جعفري،
’فيض.‘ ساحر لڌيانوي، احسان دانش ۽ فراق گور
کپوريءَ جو ڪجهه به لکيو آهي، ان متعلق نقاد چون
ٿا ته ان جي حيثيت نقش ثاني جي آهي ۽ ان جو ڪلام
اقبال جي صدائي باز گشت آهي.
مذهب
متعلق رد عمل: ’نئين ادب‘ جي ٻي شاعراڻي روايت آهي
مذهب ۽ مذهبي ڪردارن جي خلاف اعلانِ جنگ. ان
سلسلي ۾ ترقي پسند شاعرن ڪافي تجربا ڪيا آهن.
’مذهب‘جڏهن پنهنجي حقيقي روح ۽ اخلاقي نظام کان
هٽي ڪري محض جاگيرداري دور جو رکوال ۽ ترجمان بنجي
ٿو، تڏهن منجهس روايت ۽ ان جي بي سود تاويلات جو
گويا دفتر تيار ٿي وڃي ٿو. مذهب پنهنجي حقيقي روح
جي لحاظ سان، ڪيترو به انقلاب انگيز، اخوت ۽
مساوات جو حامي، حق ۽ انصاف جو داعي آهي، پر جڏهن
سندس تعليم کي مسخ ڪري، وڃائي کيس تاويل جي شڪنجي
۾ مروڙي ٿو پيش ڪيو وڃي، تڏهن منجهائنس اهو
الاهياتي روح ۽ آفاقي رنگ ختم ٿي وڃي ٿو. مذهب جي
تاريخ ۽ ان جي تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ مان اهو چڱي طرح
واضع ٿئي ٿو ته، ’مذهب‘ جي ابتداعي تعليم نهايت
نيڪ مقصدن تي مشتمل رهي آهي، پر پوءِ اڳتي هلي
جڏهن سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي جا ماڻهو مٿس قبضو
ڄمائين ٿا، تڏهن سندس حقيقي روح ختم ٿي وڃي ٿو ۽
پوءِ مذهب، الاهي ۽ عوامي قوت نه، پر جاگيردارن
جو رکوال ۽ سپاهي بنجي وڃي ٿو ۽ سرمايه ڪار حلقو
کيس ’عوام‘ جي تقاضائن ۽ جذبات جي خلاف استعمال
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو. ٻين مذهبن جي تاريخ سان
گڏ، خود ’اسلام‘ جي تاريخ به اهو ئي ثبوت ڏئي رهي
آهي. خلافت راشده کان پوءِ ملوڪيت ۽ بادشاهت جو
قيام، مذهبي، تقدس جي پاڇي ۾ ٿيو آهي ۽ مذهبي
پيشوائن وقت جي بادشاهن سان، گڏجي ڪم ڪيو آهي.
بادشاهه کي ”ظل اله“ چيو ويو آهي۽ مذهبي پيشوا کي
”شيخ الاسلام“. اهو ساڳيو حال يورپ ۾ رهندو آيو
آهي. اتي ’ڪليسا‘ ۽ ’رياست’ جي اتحاد سان عوام ۽
ان جي انقلاب پسند مفڪرن ۽ عالمن کي جنهن بيدرديءِ
سان ڪچليو ويو آهي، ان کان تاريخ جو هر ڄاڻو واقف
آهي.
اقبال به ان سلسلي ۾ بيروح مذهب ۽ ان جي حاشيه
بردار عالمن ۽ پيشوائن جي چڱيءَ طرح خبر ورتي آهي.
”مذهبي“ جو وحدت ۽ مرڪزيت پيدا ڪرڻ لاءِ آيوآهي،
ان جي پوئلڳن ۾ سوين اختلافي گروهبنديون آهن
هزارين اختلافي مسئلا آهن؛ هڪ ٻئي تي ڪفر جون
فتوائون آهن؛ سڀني فرقن جون مسجدون جدا جدا آهن؛
سڀ ڪنهن وٽ تصنيفات ۽ تاليفات جا دفتر آهن؛
روايات ۽ حڪايات جا دفتر هر فرقي جي عالمن کي ياد
آهن؛ تفسير ۽ حديث، فقہ ۽ ڪلام، الغرض هر شعبي ۾
هزارين اختلاف آهن. الاهيات کان وٺي، وحي ۽ رسالت
جي اصولي مسئلن تائين، مختلف فرقا آهن ۽ انهن جا
عقيدا آهن. خلافت ۽ امامت جي باري ۾ جهيڙا ۽
جهڳڙا آهن. ٻيو ته ٺهيو، عبادات ۽ انهن جي
ادائگيءَ جي ارڪان ۽ رسومات تائين اختلاف آهن. اگر
ڪنهن صاحب مطالع کي فراغت هجي ته پوءِ هو اهل
قرآن، اهل حديث، ديوبندي ۽ بريلوي، سنت جماعت ۽
اهل تشيع، پرويزيت ۽ مودوديت، احمديت ۽ قاديانيت
جا ڪتاب مطالع ڪري ڏسي ۽ انهن جي ’ڪفر سازي‘ کي
ملاحظه فرمائي. انهن سڀني دليلن ۽ نتيجن، عقيدن ۽
روايتن کي ڏسڻ کان پوءِ، اهو به معلوم ٿيندو ته
هر هڪ فرقو پاڻ کي سچو ۽ اسلامي فرقو ٿو سڏي ۽
ٻين فرقن کي گمراهه ۽ ڪافرٿو سڏي.
ملا
۽ مذهبي پيشوا جي تنگ نظريءَ جو اهو به ڪمال آهي
ته هو پنهنجي محدود ۽ فرسوده نظريات کي ئي دين ٿو
سمجهي، ان کان ٻاهر، علوم عاليه، فلسفي ۽ ڪلام،
سائنس ۽ تاريخ کي ڄڻ ته ’ڪفر‘ ٿو سمجهي. ان تنگ
نظري جي ڪري، منجهس جنگ و جدال، لفظي قيل قال،
خواهمخواهه استدلال ۽ ڪفر جي فتوائن کانسواءِ ٻيو
ڪجهه به نه آهي. هو پاڻ کي ۽ پنهنجن پوئلڳن کي
اهڙن غير ضروري ۽غير افادي اختلافي مسئلن ۾
الجهائيندو ٿو اچي، جو کين اهو به پتو نٿو رهي ته
ٻاهردنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. قومن جي زوال ۽ ڪمال
جا اسباب ڪهڙا آهن؟ موجوده دور جو قومي ۽ وطني
لحاظ سان دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ بين الاقوامي
مسئلن ۾ مختلف ملڪن جو ڪهڙو حال آهي؟ معاشي ۽
اقتصادي طور موجوده دور ۾ انسان ڪهڙي بحران ۾
مبتلا ٿي چڪو آهي؟ دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا سياسي نظريات
پيدا ٿي چڪا آهن، ڪهڙا ڪهڙا نوان ۽ فلسفيانه
نظريات جنم وٺي چڪا آهن، حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ڪٿي
ڪٿي جاري آهي ۽ آزادي ۽ غلاميءَ ۾ فرق ڪهڙو آهي؟
استبداد ۽ ملوڪيت، عوامي جمهوريت ۽ مطلق العنان
ڊڪٽيٽر شپ ڇا آهي؟ وڏيون قومون ڪيئن پيون، ننڍين
قومن کي تباهه ڪن؟ امن ۽ صلح، حق ۽ انصاف جي
باري ۾ بين الاقوامي طور ڪهڙيون قوتون ڪم ڪري
رهيون آهن؟ اسلامي ملڪن جي تعليمي ۽ سياسي حيثيت
ڪهڙي رهي آهي ۽ ’انسان،‘ ڪيئن ڪائنات جي تسخير
لاءِ پيو سائنسي ايجاد کان ڪم وٺي.
الغرض اڄڪلهه جو مذهبي پيشوا نه عمرانيات ۽
معاشيات کان واقف آهي ۽ نه تاريخ ۽ تهذيب کان؛ نڪو
اقتصاديات ۽ سياست کان، نڪو بين الاقوامي حالات ۽
معاشيات کان. ان جي مقابلي ۾ هو اهڙن خود ساخته
اختلافي مسئلن ۾ مبتلا آهي، جن جو نه آهي مُنهن ۽
نه سِرُ! جن جو نه عمل سان واسطو ۽ نڪو حال سان
تعلق، نڪو سماج جي اصلاح سان سندس پيوند، نڪو عوام
جي بيداريءَ لاءِ وٽس آهي، ڪو عملي نصب العين!
اهڙي ملا ۽ مذهبي پيشوا جي علم و نظر، مطالعي ۽
فڪر ۽ عبادت ۽ عمل جي ڪهڙي حيثيت ٿي سگهي ٿي؟ اهڙا
تنگ نظر ماڻهو ته اصل ۾ مذهب ۽ اخلاق کي بدنام
ڪندڙ آهن؛ ڇا لاءِ ته مذهب جي اها تعليم نه آهي ته
ڪوماڻهو نه ڪو سائنس کي مطالع ڪن ۽ نڪو فلسفي کي
پڙهن، رڳو چاڪيءَ جي ڏاند وانگر هڪ ئي چَڪر ۾ ڦري
ڦري، زندگي گذاري ڇڏين اقبال ان قسم جي مذهب ۽ ان
جي روايات ۽ ان جي پيشوائن جي عالمن تي ڪَڙي
تنقيد ڪئي آهي، اها تنقيد، اڳتي هلي، ’نئين ادب‘
جي ’روايت‘ بني آهي.
اقبال مذهب ۽ ان جي بيروح پيشوائن تي جنهن بيباڪ ۽
تلخ نموني ۾ تنقيدون ڪيون آهن، انهن کي ڏسي سوال
ٿو پيدا ٿئي ته ’اقبال‘ تي ڪفر جي فتوا ڇو نه آئي؟
کيس گرفت ۾ ڇو نه آندو ويو؟
ان
جو جواب خليفي عبدالحڪيم مرحوم هن طرح ڏنو آهي:
”اقبال تي ڪفر جي فتوا هن ڪري نه آئي جو هن جو
ڪجهه به چيو، سو شعر ۾ چيو. هونئن به مسلمانن ۾
صدين کان وٺي اها روايت قائم آهي ته شعر ۾ جو ڪجهه
به چئو، معاف آهي، پر جي نثر ۾ ڪجهه چيو ويو ته
پوءِ مار کائڻي پوندي. شعر ۾ ڪفر جي تعريف به
جائزن، ان کي تصوف ۾ شمار ڪيو ويندو.“__ (”اقبال
اور ملا“)
ملا
جو سارو ’دين‘’روايت‘ تي قائم آهي، اقبال چوي ٿو:
يه
امت روايات مين کو گئي،
حقيقت خرافات مين کو گئي.
اهي
روايتون ڇا آهن ۽ ڪهڙن مسئلن متعلق استعمال ڪيون
وڃن ٿيون، تنهن کي نه ڏسڻ گهرجي، اقبال چوي ٿو:
زما
بر صوفي و ملا سلامي،
ڪه
پيغام خدا، دادند ما را،
ولي
تاويل او در حيرت انداخت،
خدا
و جبرئيل و مصطفيٰ را.
يعني، ”ملا ۽ صوفيءَ تي سلام هجي، جن خدا جو پيغام
اسان تائين پهچايو، پر سندس ’تاويل‘ جي ڪهڙي ڳالهه
ڪجي! خود خدا ۽ جبرئيل ۽ محمد صلي الله عليه وسلم
جن به ’حيرت‘ ۾ آهن ته اسان ڇا چيو ۽ هي ملا ڇا
ٿو ٻڌائي؟“
’روايات ۾ ڦاسي، جي اختلافي مسئلا پيدا ڪيا ويا
آهن، اهي ڏاڍا دلچسپ آهن، اهي اڄ به موجود آهن.
مثلا:
ڪانءُ حرام آهي يا حلال؟ رسول ڪريم جن نُور هئا
يا بشر؟ قرآن حادث آهي يا قديم؟ الله جون صفتون
عين آهن يا غير؟ قرآن جا لفظ مخلوق آهن يا غير
مخلوق؟معراج جسماني آهي يا روحاني؟ رسول ڪريم صلي
الله عليه وسلم جن حيات آهن يا نه ؟ عيسيٰ عليه
السلام زنده آهي يا مرده؟ نماز ۾ آمين باالجهر
جائز آهي يا ناجائز؟ مئلن کي ختمو ڏيارڻ جائز آهي
يا ناجائز؟ رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن کي
علم غيب آهي يا نه؟ نماز ۾ امام جي پويان قرائت
ڪرڻ جائزآهي يا ناجائز؟ مئا ٻڌن ٿا يا نه؟ نبوت
ختم ٿي يا جاري آهي!وغيره.
اهي
مسئلا اُهي آهن، جن تي سڀني ’فرقن‘ هڪ ٻئي جي خلاف
گمراهيءَ ۽ ڪفر جون فتوائون ڏنيون آهن. ٻيو ته
ٺهيو، اهو به هڪ اختلافي مسئلو آهي ته آيا خدا
ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿو يا نه؟ نعوذ باالله منها !
’امڪان ڪذب، جو اهو خطرناڪ مسئلو اڄ به زير بحث
آهي. اهڙن اختلافي مسئلن جيڪو ذهني ۽ اعتقادي
انتشار پيدا ڪيو آهي، ان کان اهي ئي واقف هوندا،
جن ان قسم جي اختلافي مسئلن کي مطالع ڪيو هوندو.
علامه اقبال چوي ٿو ته اسان جي دور ۾ مذهبي ماڻهو
جنهن ڪم ۾ مشغول آهن، سي اهي ئي ڪم آهن، جي ابليس
پنهنجي مجلس شورا ۾ پنهنجي همڪار ڪارڪنن کي سونپيا
هئا. ملا گويا شيطان جي فيصلن تي عمل ڪري رهيو
آهي.
اقبال فرمائي ٿو:
ابن
مريم مر گيا يا زندهء جاويد هي،
هين
صفات ذات حق، حق سي جدا يا عين ذات؟
آني
والي سي مسيحِ ناصري مقصود هي،
يا
مجدد جس ۾ هون، فرزندِ مريم ڪي صفات؟
هين
ڪلام الله ڪي الفاظ حادث يا قديم،
اُمتِ مرحوم ڪي هي ڪس عقيدي مين نجات؟
ڪيا
مسلمان ڪي لئي ڪافي نهين اس دور مين،
يه
الاهيات ڪي ترشي هوئي لات و منات؟
تم
اسي بيگانه رکو، عالم ڪردار سي،
تابساط، زندگي مين اس ڪي سب مهري هون مات.
خير
اس مين هي قيامت تڪ رهي مومن غلام،
ڇوڙ
ڪر اورون ڪي خاطر يه جهان، بي ثبات،
هي
وهي شعر و تصوف اس ڪي حق مين خوب تر،
جو
ڇپادي اس ڪي آنکون سي تماشا ئي حيات.
هر
نفس ڊرتا هون اس امت ڪي بيداري سي مين،
هي
حقيقت جس، ڪي دين ڪي احتساب ڪائنات،
مست
رڪو ذڪر و فڪر صبح گاهي مين اسي،
پخته
تر ڪردو مزاج خانقاهي مين اسي،
اقبال جي مٿين تلخ ۽ تُند تنقيد، جا ابليس جي زبان
سان بيان ڪئي وئي آهي،اها اگر ڪو ٻيو محقق نثر۾
لکي ها ته پوءِ يقينا مٿس ڪفر جي فتوا اچي ها، پر
جڏهن ته شاعريءَ جي لباس ۾ سڀ ڪجهه چيل آهن، تڏهن
ان کي برداشت ڪرڻ لاءِ گويا جواز موجود آهي.
اقبال اڃا به ٻئي هنڌ، بنا ڪنهن استعاري ۽ واسطي
جي، صاف صاف چئي ڏنو آهي.
تمدّن، تصوّف، طريقت، ڪلام
بتانِ عجم ڪي پجاري تمام.
هن
هڪ ’شعر‘ ۾ اقبال اهو ڪجهه چيو آهي، جو هوند دفترن
۾ به نه لکي سگهجي ها. اقبال اڄڪلهه جي موجود ۽
مروج علم ۽ فن، تصوّف ۽ علم ڪلام کي عجم جي بتن
جو پوڄاري سڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته موجوده
بيروح اسلامي تمدن، موجوده سڪون آور تصوّف، موجوده
علم ڪلام، اهي سڀ گويا عجمي تصورات ۽ غير اسلامي
اثرات مان پيدا ٿيل آهن ۽ انهن جو قرآن ۽ حديث جي
صحيح نصب العين سان ڪو واسطو ڪو نه آهي. ان جو
تفصيل پنهنجي ڪتاب ”فلسفه عه عجم“ ۾ به بيان ڪيو
اٿس.
علامه اقبال جي ملفوظات ۾ آهي:
”اڪثر ڪري پيشه آور ملا مولوي، عملي طور اسلام کان
منڪر، شريعت کان منحرف ۽ ماده پرست ۽ دهريا ٿين
ٿا.“ (اقبال اور ملا)
اقبال جا مٿيان لفظ تمام سخت ۽ تلخ آهن. سندس چوڻ
جو مطلب اهو آهي ته ’دين‘ ۽ ان تي ايمان آڻڻ جو
مقصد آهي، اخلاق ۽ ڪردار جي بلندي ۽ عمل جي پختگي:
اگر اهي پيدا نه ٿيا ته پوءِ گويا انهن ’ايمان‘
آندو ئي ڪو نه، الله جي حڪمن ۽ رسول ڪريم جي عمل
جي پيروي نه ڪرڻ کي ئي اقبال اسلام کان انڪار،
ماده پرستي ۽ دهريت سڏي ٿو. اقبال موجوده عالمن جي
ڪفر جي فتوائن کان به واقف آهي، اڄ ڪو به فرد يا
ڪو به گروهه ڪفر جي فتوا کان بچيل نه آهي. ڪو نه
ڪو فرقو اهڙو نڪري ايندو، جنهن ٻئي فرقي تي ڪفر جي
فتوا ڏني هوندي. |