علاما اقبال جي
ڪهاڻي
(سندس نوڪر ميان علي بخش جي زباني)
خالد
هندي
سيد
گل محمد شاهه رضوي
آئون
علي بخش ڳوٺ اٽل ڳڙهه، ضلعي هوشيار پور جو رهندڙ ۽
ڊاڪٽر صاحب جو قديمي خادم آهيان. پڙهيل ڳڙهيل ڪو
نه آهيان، ان ڪري چٽيءَ طرح سان ٻڌائي نٿو سگهان
ته ان وقت ڪڏهن کان نوڪر ٿيس: ها البت ايترو ياد
اٿم ته جڏهن هن وٽ آيو هوس ته منهنجي عمر چوڏهن
سال هئي، يا شايد ان کان هڪ ٻه سال گهٽ يا وڌ.
ڪانگڙي جو زلزلو توهان کي ياد هوندو، بس ان کان
پنج يا ڇهه سال اڳ آئون ڊاڪٽر صاحب وٽ نوڪريءَ ۾
بيٺو هوس. هاڻ توهان خود حساب ڪري ڏسو ته مون کي
سندن خدمت ڪندي ڪيترو عرصو ٿيو آهي. آئون جڏهن اٽل
ڳڙهه کان لاهور آيو هوس، ته اسلاميا ڪاليج جي
پرنسپال مولوي حاڪم علي کي نوڪر جي ضرورت پيئي،
مون کي هڪ ماڻهو وٽس وٺي آيو ۽ چئن رپين، ڪپڙي ۽
پيٽ تي نوڪر ٿيس. مولوي حاڪم علي ڀاٽي دروازي جي
اندر رهندو هو. ان جاءَ جي سامهون هڪ ماڙي هئي،
جنهن ۾ اورنٽيئل ڪاليج جو هڪ پروفيسر صاحب شڪل جو
ڳورو۽ بدن جو ڀريل هو ۽ سندس نالو شيخ محمد اقبال
هو. اهو ئي شيخ محمد اقبال اڳتي هلي ڊاڪٽر اقبال ۽
سر اقبال بڻيو، ۽ الله کين وڏو درجو ڏنو، مولوي
حاڪم عليءَ سان ڊاڪٽر اقبال جي گهڻي ڏيٺ ويٺ هئي،
ٻيئي هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا هئا.
آئون
ڳوٺاڻو هوس، ان ڪري شهر جي لاهين چاڙهين کان واقف
نه هوس، شهر وارن جون ڪي ڳالهيون مون کي سمجهه ۾
نه اينديون هيون. هڪڙي ڀيري مولوي صاحب مون کي چيو
ته اڄ ٻوڙ ۾ انار داڻا( کٽا ڏاڙهون) وجهجان. مون
کي اهو نالو ياد نه آيو، آئون ان بدران بيهيداڻا
وٺي آيس ۽ ٻوڙ ۾ اچي وڌم. اها منهنجي ڳالهه ڏاڍي
مشهور ٿي ويئي. ڊاڪٽر اقبال به اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو
کليا.
هڪڙي
ڏينهن مولوي حاڪم عليءَ مون کي چيو ته پتاشن جو
مربو وٺي اچ. آئون سڄو شهر رليس، پر ڪٿان به
پتاشن جو مربو نه مليو، جنهن دڪاندار کان مربو ٿي
گهريم اهو بي اختيار کلڻ لڳو ٿي. هڪ ڏينهن ڪنهن
ڪم سان ڊاڪٽر صاحب وٽ ويس. مون کي ڏسي چيائون ته
علي بخش تون مون وٽ اچي نوڪري ڪر، تنهنجي مرضي مون
وٽ نوڪري ڪرڻ جي هجي ته آئون مولوي صاحب کي چوان.
پهرين ته آئون هٻڪيس پرپوءِ ها ڪيم، چوڻ لڳا هاڻ
ته جون جو مهينو ختم ٿيڻ تي آهي، ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ ڪاليج جون موڪلون ختم ٿينديون، ان کان پوءِ
اچجان. ستت ئي موڪلون شروع ٿي ويون ۽ آئون ڳوٺ
هليو آيس. موڪلون ختم ٿيڻ تي واپس آيس ۽ ڊاڪٽر
صاحب سان مليس، ته چوڻ لڳا: ابا علي بخش! تون وڃڻ
وقت مون سان ڪا ڳالهه ڪري نه وئين،انهي ڪري مون کي
ڀروسو نه ٿيو ته تون واپس مون وٽ ايندين. هينئر ته
آئون سيالڪوٽ مان نوڪر وٺي آيو آهيان، جيسين توکي
ٻي نوڪري ملي تيسين مون وٽ رهه، آئون تنهنجو ڪو نه
ڪو بلو ڪندس.
مون
چيو منهنجا ڪي ڳوٺائي هت رهن ٿا، آئون انهن وٽ
رهندس. ائين چئي هليو آيس، ٿورن ڏينهن گذرڻ
کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب جي استاد مولوي سيد مير حسين
شاهه صاحب جو فرزند سيد تقي محمد شاهه صاحب، ڏس
پڇائيندو مون وٽ آيو ۽ چيائين ته تو کي شيخ صاحب
گهرايو آهي.
ڳالهه هيئن آهي ته ڊاڪٽر صاحب سيالڪوٽ مان جيڪو
نوڪر آندو هو، اهو بي ايمان ثابت ٿيو. ڊاڪٽرصاحب
سمجهيو ته سڌري ويندو، پر ائين نه ٿيو. تڏهن کيس
نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيائين ۽ پوءِ مون کي گهرايائين.
ڊاڪٽر صاحب جي پهرين شادي جوانيءَ ۾ ٿي چڪي هئي.
ان زماني ۾ ٻارن ٻچن کي سيالڪوٽ ڇڏي آيو هو ۽
لاهور ۾ اڪيلو رهندو هو. سندن ماني آئون پچائيندو
هوس. هاڻ ته آئون خدا جي فضل سان چڱو موچارو بورچي
آهيان.
پران
زماني ۾ مون کي کاڌو مڙئي رڌڻ ايندو هو. پر جيڪي
ڪجهه رڌي آڻي اڳيان رکندو هوس، ڊاڪٽر صاحب شڪر
ڪري کائي ويندا هئا.
اها
ڳالهه ڪانهي ته ڊاڪٽر صاحب کي سٺن کاڌن جو شوق نه
هو، هو هميشه سٺو کاڌو کائڻ پسند ڪندا هئا. دستر
خوان تي هميشه ٻن ٽن قسمن جا ٻوڙ ضرور هوندا هئا،
البت کاڌو گهٽ کائيندا هئا. گهڻو ڪري هڪ ويلو ئي
کائيندا هئا. گهڻو ٿيو ته رات جو لوڻ واري چانهن
پيئندا هئا. صبح جو چانهن به ڪو نه پيئندا هئا.
گهڻو ڪري کاڌي کائڻ کانسواءِ ڪاليج هليا ويندا هئا
۽ ٻنپهرن جو اچي ماني کائيندا هئا.
چانور ڀانءَ نه پوندا هئن، انهيءَ ڪري هو گهڻو ڪري
ماني کائيندا هئا. پاوا وڻندا هئن ۽ پاوا هميشه
چانورن سان کائيندا هئا. پڇاڙيءَ ۾ صبح جو چانهن
به پيئڻ لڳا. پلاءُ به گهڻي شوق سان کائيندا هئا.
فجر
جي نماز کانپوءِ قرآن ڪريم پڙهندا هئا. قرآن ڪريم
ڏاڍيان پڙهندا هئا، آواز ۾ اهڙو ته ميٺاج ۽ سوز
هئن جو پٿر دل به جيڪر پاڻي ٿي پوي. بيماريءَ جي
زماني ۾ قرآن ڪريم نه پڙهندا هئا. نماز به گهٽ
پڙهندا هئا، وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي چوڻ
لڳا، ”علي بخش، منهنجي دل گهري ٿي اڄ نماز پڙهان.“
مون چيو: ”توهان پلنگ تي ويٺا رهو، آئون اوهان کي
اتي ويٺي ويٺي وضو ڪرايان ٿو.“ جڏهن وضو ڪرائي چڪس
ته مون چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب، مون مهر کي ويٺي ويٺي
نماز پڙهندي ڏٺو آهي، خدا ڄاڻي ڇا ڳالهه آهي.“ پاڻ
چيائون ته ”مجبوريءَ جي حالت ۾ اهو به جائز آهي.“
جن
ڏينهن ۾ اسين ڀاٽي دروازي ۾ رهندا هئاسون، هڪ ڀيري
پورا ٻه مهينا باقاعدي تهجد نماز پڙهندا رهيا. تن
ڏينهن عجيب حال هئن. قرآن ڪريم اهڙي مٺي آواز ۾
پڙهندا هئا، جو دل گهرندي هئي ته بس سمورا ڪم ڪار
ڇڏي وٽن ويٺو رهان ۽ قرآن ڪريم ٻڌندو رهان. ان
زماني ۾ کاڌو پيتو به ڇڏائجي ويو هئن. رڳو شام جو
ٿورو کير پيئندا هئا. الاءِ ان ۾ ڪهڙي رمز هئي!
جواني ۾ ورزش به ڪندا هئا. ڀاٽي دروازي واري دڪان
۾ ته صبح سويري اٿي ڏنڊ ڪڍندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن مگدر
به هلائيندا هئا.
ڊاڪٽر صاحب اورنٽيئل ڪاليج ۾ ٿورا ڏينهن رهيا.
اُتان گورنمينٽ ڪاليج ۾ هليا ويا. ان زماني ۾ سيد
تقي شاهه، بابو ميران بخش، فقير افتخار الدين، شيخ
عبدالقادر سان سندن ڏاڍي محبت هئي، هو روز ايندا
ويندا هئا. مولوي حاڪم عليءَ سان به ملاقاتون
ٿينديون هيون، پر سندن وقت گهڻو ڪري لکڻ پڙهڻ ۾
صرف ٿيندو هو. لکندا ٿورو هئا ۽ پڙهندا گهڻو هئا،
جنهن ڪمري ۾ سمهندا هئا، ان ۾ هڪ وڏي ميز تي ڪتاب
پيا هوندا هئا. آءُ ڪڏهن ارادو ڪندو هوس ته ڪتاب
ٺاهي ڪٻٽ ۾ رکان ته پاڻ چوندا هئا اتي ئي پيا
هجن.
ڪانگڙي جي زلزلي جو لاهورتي به اثر پيو. شهر ۾
ڪيترائي گهر ڊهي پيا. هر طرف شور برپا ٿي ويو.
منهنجو حال اهو هو جو ڪڏهن گهٻرائجي کُڏ تي چڙهي
ويندو هوس، ڪڏهن هيٺ لهي ايندو هوس، پر ڊاڪٽر صاحب
پنهنجي ڪمري ۾ کٽ تي ليٽيا ڪتاب پڙهندا رهيا، ڪو
به ڊپ ڪو نه ٿين. مون کي گهٻرايل ڏسي ڪتاب پڙهندي
پڙهندي ڪنڌ مٿي کڻي چيائون. ”علي بخش، ائين هيٺ
مٿي نه ٿي، ڏاڪڻ تي بيهي رهه، ائين چئي وري
اطمينان مان ڪتاب پڙهڻ ۾ لڳي ويا.
هڪ
ڀيري ڏٺم ته ڊاڪٽر صاحب پلنگ تي ويٺا آهن، اڳيان
ڪاغذ ۽ پينسل آهي، ڪڏهن ڪجهه سوچڻ لڳندا آهن، ڪڏهن
ڪاغذ تي ڪجهه لکندا آهن. ڪڏهن پيشانيءَ ۾ سرَ پئجي
ويندا آهن ۽ ڪنڌ جهڪيل هوندو آهي ۽ ڪڏهن چپن تي
مرڪ هوندي اٿن ۽ آهستي آهستي ڪجهه پڙهندا رهندا
آهن. ان وقت ته منهنجي سمجهه ۾ ڪا ڳالهه نٿي آئي.
پوءِ
معلوم ٿيم، ته ڊاڪٽر صاحب شاعر آهن ۽ سندن شعر چوڻ
جو اهو ئي نمونو آهي. شعر شاعري ۽ شاعر جو مطلب
گهڻن ڏينهن کانپوءِ منهنجي سمجهه ۾ آيو.
شعر
چوڻ وقت ڊاڪٽر صاحب جي عجيب ڪيفيت ٿيندي هئي. ويٺي
ويٺي ليٽي پوندا هئا. هر هر پاسا پيا بدلائيندا
هئا. وري وري اٿي ويهي رهندا هئا.
ڪڏهن
منهن مان فڪر پيو جهلڪندو ۽ ڪڏهن منهن مان خوشي
پئي بکندي. سندن کٽ جي ڀرسان هڪ ميز پئي هوندي
هئي. ان تي ڪاپي ۽ قلم پيو هوندو هو، جڏهن شعر
چوڻ جو موڊ هوندو هئن، ته ڪڏهن پاڻ لکندا هئا ۽
ڪڏهن ڪو ملڻ ايندو هو ته ان کان شعر لکائيندا هئا.
هڪ
ڀيري شيخ عبدالقادر کان شعر لکائڻ شروع ڪيائون.
.ٻئي ڄڻا ساري رات ويٺا لکندا رهيا. صبح تائين شعر
ختم ٿي ويو. اهو نظم انجمن جي جلسي ۾ پڙهيو ويو.
مون کي ياد نه آهي ته اهو ڪهڙو شعر هو؟ شڪوه ....؟
شڪوه ته ڪو نه پڙهيو. شڪوه جنهن جلسي ۾ پڙهيو ويو
هو ان ۾ آءُ به موجود هوس، اڃا ڊاڪٽر صاحب ٿورا
شعر مس پڙهيا ته هڪ ٻڍو شخص، جنهن جا وار ڪپهه
وانگر اڇا هئا، الا الله چيو ۽ جلسي گاهه جي وچ ۾
اچي بيٺو، جنهن جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا. اهو
ڏسي ٻين ماڻهن تي به گهڻو اثر ٿيو. ڪو به اهڙو شخص
نه هو، جنهن جي اکين ۾ لڙڪ نه هجن.
آءُ
پڙهيل ڳڙهيل ڪو نه آهيان ۽ نه ڊاڪٽر صاحب جي شعرن
جو مطلب سمجهي سگهان ٿو، ان جي شعرن ۾ اهڙون رمزون
آهن، جو سواءِ الله وارن جي ٻيو ڪو سمجهي نٿو
سگهي. مون کي شڪوه جا ڪجهه شعر اڃا تائين ياد آهن
۽ ان زماني ۾ به ياد هئا، اتي پهچي شڪوه ٻڌائڻ
شروع ڪيائين.
ان
وقت رات جي اوندهه پوري طرح جاويد منزل تي ڇائنجي
چڪي هئي. اها اڇن پيل پاون واري عمارت اوندهه واري
فضا ۾ ڳاٽ مٿي کڻي ڪجهه سوچيندي ۽ غور ڪندي لڳي
رهي هئي. آءُ ۽ علي بخش آمهون سامهون کٽن تي ويٺا
هئاسون، سندس ڀر ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ٻيو ملازم
عبدالرحمان ويٺو هو.
مون
پڇيو، ميان علي بخش، ان زماني ۾ ڊاڪٽر صاحب جو
لباس ڪهڙو هو. چوڻ لڳو: انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب
عام پنجابين وانگيان سلوار ۽ قميص پائيندو هو.
قميص تي ڪوٽ نه فراڪ ڪوٽ، اهو عام ڪوٽ جو توهان ۽
اسان پايون ٿا، البت سياري ۾ هو بند ڳچيءَ وارو
فراڪ پائيندو هو. مٿي تي اڇي ململ جو پٽڪو ٻڌندو
هو. موتئي رنگ جي پٽڪي جو به شوق هوس، بعد ۾ ترڪي
ٽوپي به پائڻ لڳو.
ڊاڪٽر صاحب ولايت وڃڻ کان پهرين، ڪڏهن به سوٽ نه
پاتو ۽ سوٽ ڪڏهن پاتو نه پاتي جهڙو، نه ته کين دل
سان ديسي لباس پسند هو. انهن ڏينهن گوجر سنگهه جي
قلعي ۾ نظام الدين نالي هڪ ٻڍو درزي هو، ڊاڪٽر
صاحب هميشه ان کان ڪپڙا سبائيندو هو. درزي به ڪپڙا
محنت سان سبندو هو. هڪ ڏينهن درزي مون کي چوڻ لڳو:
علي بخش آئون شيخ صاحب کان ڏاڍو ڊڄان ٿو. آهي ته
نيٺ ته شاعر، ڪٿي ڪاوڙ ۾ اچي جيڪڏهن منهنجي خلاف
هڪ اڌ شعر لکي ته منهنجي ٻيڙي تري، سچ پچ ته ڊاڪٽر
صاحب کي ته سٺي پوشاڪ جو شوق نه هو جهڙو ڪپڙو جنهن
آڻي ڏنو ته کڻي پاتائين. ڪڏهن به نه چيائين ته هي
ڪپڙوسٺو نه آهي يا هن جو رنگ خراب آهي. اصل ۾ کين
انهن شين سان دلچسپي ڪا نه هئي. بيماريءَ جي زماني
۾ ڪي انگريز سوداگر (گهڻو ڪري اهي سوداگر هالنڊ
جا رهاڪو هئا) قالين کڻي آيا، ظاهري طرح ان جو
رنگ گهڻو شوخ ۽ سهڻو هو. ان وقت جيترا به ماڻهوڀر
۾ ويٺا هئا، تن سڀني چيو ته ڊاڪٽر صاحب اهو خريد
ڪريو، مطلب ته ٻارنهن سو روپيا ڏيئي اهو قالين
خريد ڪيو ويو. پر ڪو مهيني ڏيڍ کانپوءِ پتو پيو ته
نڀاڳن ٻيڻي قيمت وصول ڪئي آهي نه ته قالين نهايت
سادا هئا.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي آمدني ۽ خرچ جو حساب نهايت
باقاعدگيءَ سان رکندو هو. منشي طاهر الدين وٽ اڄ
به ٽيهن پنجٽيهن سالن جو سمورو حساب ڪتاب لکيل
موجود آهي. ڇا مجال آهي ته ان ۾ هڪ پائيءَ جو فرق
هجي. منشي طاهر الدين کي توهين سڃاڻو ٿا ته هو
عرصي تائين ڊاڪٽر صاحب وٽ رهيو. جڏهين ڊاڪٽر صاحب
وڪالت ڪندو هو ته سارو ڪم ڪار منشي جي حوالي هو،
پر انهن وڪالت ڇڏي ته منشي به ڌار ڪاروبار شروع
ڪيو؛ پر آخري وقت تائين حساب ڪتاب ان جي سپرد
رهيو. پريڪٽس ڇڏڻ تي منشي طاهرالدين کي جو پگهار
ملندو هو اهو به بند ٿي ويو. ڊاڪٽر صاحب ته کيس ان
هوندي به پگهار ڏيڻ ٿي گهريو، پر هن اها ڳالهه نه
مڃي.
ڊاڪٽر صاحب جي ولايت وڃڻ کان ڪجهه عرصو پهرين سندن
وڏي ڀاءُ شيخ عطا محمد صاحب تي هڪ ڪيس هليو، جيڪو
ان ڏينهن ۾ فورٽ سنڊيمن ۾ انجنيئر هو. ڊاڪٽر صاحب
کي انهيءَ سلسلي ۾ بلوچستان وڃڻو پيو. آئون به
ساڻن گڏ هوس. ”بلبل ڪي فرياد“ جيڪو سندن مشهور نظم
آهي، پاڻ رستي ۾ ئي لکيائون. ڪيس ڳچ ڏينهن هليو.
آخر شيخ عطا محمد آزاد ٿيو. شايد انهيءَ ڪيس جي
ڪري ڊاڪٽر صاحب قانون ڏانهن ڌيان ڏنو. انهن
بيريسٽري جي تعليم جي لاءِ ولايت وڃڻ جو پهه ڪيو،
ڏوڪڙ پاڻ گڏ ڪيا هئائون ۽ ڪجهه شيخ عطا محمد
پنهنجي ڀاءُ کان ورتائين ۽ ولايت اسهيو، ڪانگڙي جو
زلزلو جيڪڏهن 1905ع ۾ آيو هوندو ته زلزلي کان هڪ
سال پوءِ يعني 1906ع ۾ ولايت ويا هئا، اصل ۾ ڊاڪٽر
صاحب دنيادار ڪو نه هئا ۽ دنيا وارن جهڙيون اٽڪلون
ڪو نه اينديون هين، هو پاڻ وٽ پئسو ڏوڪڙ ڪو نه
رکندا هئا. منشي طاهر الدين خزانچي هو، اهو ئي خرچ
ڪندو هو. مون کي ڪئين ڀيرا ساڻن سفر جو اتفاق ٿيو.
سفر ۾ پئسا ڏوڪڙ بلڪ ريلوي جو ٽڪيٽ به مون وٽ
رهندو هو. پاڻ وٽ هڪڙي پائي به نه رکندا هئا. کين
اها به خبر نه هئي ته پاڻ جيڪي نظم لکيا اٿس.
انهن کي ڇاپي وڪڻي سگهجي ٿو، ڪجهه نظم شيخ
عبدالقادر ڇاپڻ لاءِ کڻي ويندو هو، ڪجهه نظم
مولانا ظفر علي خان جي اخبار ۾ ڇپجي ويندا هئا.
انهن ڏينهن ۾ منشي فضل الاهي مرغو به رقم هڪ خوش
نويس هو، ان به ڊاڪٽر صاحب جا ڪيترا نظم ڪتابي
صورت ۾ ڇپائي ڳپل ناڻو ڪمايو. شايد کين ڪڏهن به
ڪتابن ڇپائڻ جو خيال نه اچي ها، پر ڀلو ٿئي چوڌري
محمد حسين صاحب جو، جنهن ڊاڪٽر صاحب کي اها ڳالهه
سمجهائي.
ڊاڪٽر صاحب وٽ چوڌري صاحب جو اچڻ وڃڻ عرصي کان
هليو ٿي آيو، جيڪو ڪاليج جي پڙهائيءَ کان وٺي گهڻو
ايندو هو، پر جڏهن ڪاليج ڇڏي ملازم ٿيا، تڏهن به
هو روزانو اچڻ لڳو. شايد ڪڏهن ڪو اهڙو اتفاق ٿيو
هجي جو چوڌري صاحب نه آيو هجي، نه ته مينهن هجي يا
واچ، چوڌري ضرور شام جو ڊاڪٽر صاحب جي خدمت ۾ پهچي
ويندو هو.
”اسرار خودي“ ۽ ”رموز بي خودي“ پهريان ڪتاب آهن،
جيڪي ڊاڪٽر صاحب پاڻ ڇپايا هئا. ان کان پوءِ
ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.
مون
کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ”بانگ درا“ ڇپائڻ جي لاءِ
وڏي جاکوڙ ڪرڻي پئي. ”بانگ درا“ جا سمورا نظم
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا هئا ۽ انهن مان
اڪثراهڙا هئا، جن جو نقل به ڊاڪٽر صاحب وٽ موجود
نه هو. البت گهڻن ماڻهن ڊاڪٽر صاحب جو ڪلام جمع
ڪري رکيو هو. ڏاڍي مشڪل سان اهي سمورا نظم گڏ ڪيا
ويا، درستين ۽ ڪٽ ڪوٽ کانپوءِ انهن کي ڇاپيو ويو.
مون
کي ڊاڪٽر صاحب سان ڏاڍي محبت ٿي ويئي هئي، سندن
يورپ وڃڻ کانپوءِ ٻئي ڪنهن ڪم ڪرڻ تي دل نٿي ٿيم،
پر پيٽ بڇڙي بلا آهي، هٿ پير جوڙڻ کانسواءِ ڪو
چاڙهو به ڪو نه هو. آئون اسلاميا ڪاليج جي هاسٽل ۾
نوڪر ٿي ويس. هتي جي زندگي رُکي هئي، منهنجي دل
ڪٿي به ڪا نه ٿي لڳي. تڏهن به ڏکيا سکيا ڏينهن
گذرندا ويا، ان زماني ۾ منهنجي چوري ٿي ويئي، وٽم
رکيو ئي ڇا هو، پر جيڪي ٿورا گهڻا ڏوڪڙ ۽ ڪپڙا
هئا، اهي منهنجي لاءِ هزارن لکن روپين جي برابر
هئا، کڄي ويا، ڏاڍو ڏک ٿيم، پر پنهنجي درد جو
داستان ڪنهن کي ٻڌايان ها. هڪڙوئي شيخ صاحب جو ڏڍ
هو، اهو به هت ڪو نه هو. هڪ ڏينهن خيال آيم ته
ڊاڪٽر صاحب کي خط لکان، ٻيو ڪجهه نه ته دل جو بار
گهٽجي ويندو ۽ ڏڍ ايندو. انهيءَ ڪري سندن ايڊريس
پڇي خط لکايم، جيئن خط لکائيندو ويس خط لکڻ وارو
به ائين لکندو ويو، خط ٽپال جي دٻي ۾ وڌم ته دل
تان بار گهٽجي ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب
جو جواب آيو، جنهن جو مضمون هي هو:
”مون
کي وڏو ڏک ٿيو، پر آءُ هتي ست سمنڊ پار ويٺو
آهيان، تنهنجي مدد ڪري نٿو سگهان. خير فڪر نه ڪر،
ڪجهه ڏينهن گذري ويا آهن، باقي جي آهن اهي به گذري
ويندا. خدا گهريو ته آءُ ٿوري عرصي ۾ لاهور ۾ پهچي
ويندس.“
خط
پڙهي دل کي دلداري ملي ۽ مون ان کي ڏاڍي خيال سان
رکيو. آءُ پڙهي ته ڪو نه ڄاڻان، اردو هجي يا
انگريزي، منهنجي لاءِ ليڪون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن
آئون اهو خط ڪڍي ڏسندو هوس. اڄ به اهو خط منهنجي
سامان ۾ ڪٿي نه ڪٿي پيو هوندو، ڪنهن ڏينهن فرصت
ملي ته ان کي ڳوليندس.
ڊاڪٽر صاحب ولايت مان آيا ته سڌا سيالڪوٽ هليا
ويا. آءُ ان زماني ۾ اسلاميا ڪاليج ڇڏي هڪ ٻئي هنڌ
نوڪر ٿي ويو هوس. انهيءَ ڪري مون کي سندس اچڻ جي
خبر نه پيئي. ڊاڪٽر صاحب به ماڻهن کان مون بابت
پڇرايو، پر انهن کي به ڪو پتو ڪو نه پيو. آخر
سيالڪوٽ مان پنهنجي هڪ دوست کي لاهور ۾ لکيائون ته
جڏهن آئون ولايت ويو هوس ته مون وٽ علي بخش نالي
هڪ ڇوڪرو هوشيار پور طرف جو رهندڙ نوڪر هو، ان جو
ڏس پتو پڇي مون کي لکو. ڳولا ڪندي ڪندي هڪ ڏينهن
کيس منهنجو ڏس ملي ويو ۽ مون کي ڳولي اچي لڌائين ۽
چيائين؛ ڊاڪٽر اچي ويو آهي ۽ تو کي گهرايو اٿس.
آئون سندن گهر ويس ته اتي ڪو نه هئا، معلوم ٿيم ته
ڪورٽ ڏي ويا آهن. آئون ڪورٽ ويس ته پري کان ڊاڪٽر
صاحب دروازي کان ٻاهر نڪرندي ڏيکاري ڏني. ڊوڙي وڃي
ڀرسان بيٺس ته وڌي اچي ڀاڪر پاتائون، خيريت
پڇيائون ۽ چوڻ لڳا، اڄ جو اڄ پنهنجو سمورو سامان
کڻي اچ.
ڊاڪٽر صاحب پهرين ڀاٽي دروازي حڪيم شهباز الدين
جي جاءِ ۾ رهندو هو، ولايت مان اچڻ کانپوءِ اها
جاءِ ڇڏي ڏنائون. ان کانپوءِ گلاب سنگهه جي
ڇاپخالي وٽ ٽي مهينا رهيا، پوءِ اتان انارڪلي لڏي
آيا، ولايت کان اچڻ کانپوءِ کين گورنمينٽ ڪاليج
مان پنج سئو روپيا ماهوار پگهار ملڻ لڳو. ان
کانسواءِ پريڪٽس جي به موڪل هئن، ڪاليج مان جيڪي
ملندو هئن، اهو گهر موڪلي ڇڏيندا هئا، ۽ وڪالت جي
آمدنيءَ مان گذارو ڪندا هئا.
توهان هر هر ڊاڪٽر صاحب جي پراڻن دوستن ۽ ملندڙن
جو احوال پڇو ٿا، ڪن ماڻهن جو نالو ته ٻڌائي چڪو
آهيان، پر مولوي احمد الدين ۽ مولانا گراميءَ کي
وساري ويٺو آهيان، مولوي احمد الدين مشهور وڪيل ۽
ڊاڪٽر صاحب جو پاڙيسري هو، هو وڏو پڙهيل ڳڙهيل
ماڻهو هو، ٻنپهرن تائين ڊاڪٽر صاحب وٽ ويٺو هوندو
هو.
گرامي منهنجو هم وطن يعني هوشيارپور جو رهندڙ هو ۽
دکن واري نظام جو درٻاري شاعر هو. ڊاڪٽر صاحب جي
هن سان ۽ هن جي ڊاڪٽر صاحب سان ڏاڍي محبت هئي.
سندس شڪل صورت مان پروڙ ئي نه پوندي هئي ته ڪو کيس
پنهنجو نالو به لکڻ ايندوهوندو. بنهه ڄٽ لڳندو هو.
اهو ئي ڄٽن وارو پڳڙ، اها ئي گوڏ، طبيعت دنيا کان
نرالي هيس. خوش ته خوشيءَ خوش. بگڙيو ته بگڙندو
ويندو. صبح جو جتي وهندو هو، اتي ويٺي ويٺي شام
ڪري ڇڏيندو هو. ٻاهر نڪرندو هو ته مجال ڪو کيس
روڪي سگهي. جڏهن به هوشيارپور مان ايندو هو ته
ڊاڪٽر وٽ ترسندو هو. ڊاڪٽر صاحب سندس طبيعت کان
واقف هو.
انهي
ڪري ان ڳالهه جو گهڻو خيال رکندو هو، ته ڪٿي کيس
ڪا تڪليف نه پهچي. مثلن کانئس پڇيو ويندو هو ته
مولانا رات جو ڇا پيئندا، کير يا چانهه؟ مولانا
جواب ڏيندو هو ته ڀائو کير، ڊاڪٽر صاحب کير لڪائي
ڇڏيندو هو، ان سان گڏ مون کي هيئن به چئي ڇڏيندو
هو ته چانهه جو به انتظام ڪري ڇڏجان، متان چانهه
نه گهري وٺي. ڊاڪٽر صاحب جواهو خيال صحيح نڪرندو
هو، يعني رات جو جڏهن کانئس پڇندو هوس، ته مولانا
کير کڻي اچان، ته چوندا هئا، نه ڀائو کير نه
پيئندس، پيارڻي اٿئي ته چانهه کڻي اچ.
ڪڏهن
ڪڏهن آڌي رات جو چانهه جي گهُر پريشان ڪري ڇڏيندي
هئي. ڪيترا ڀيرا ائين ٿيندو هو، ته آڌي رات جو
ٻين- ٽين بجي بازار ۾ وڃي دڪان کولائي کير آڻيندو
هوس ۽ چانهه تيار ڪري مولانا کي پياريندو هوس.
گرامي صاحب کي سنگترا ڏاڍا وٺندا هئا. بازار ۾
ويندو هوس، ته چوندو هو ته مون لاءِ ناگپوري
سنگترا وٺي اچجان، سنگترا آڻيندو هوس ته چوندو هو
ته اڙي ميان هي سنگترا ته تمام ننڍا ننڍا آهن ۽
کٽا به آهن، آئيندي اهڙا سنگترا نه آڻجان، ٻئي
ڀيري ويندو هوس ته سندس چوڻ موجب وڏا سنگترا
آڻيندو هوس، ته چوندو هو ته هي وڏا وڏا سنگترا
ڪهڙا کڻي آيو آهين، اهي ته ڪنهن نه ڪم جا آهن.
پڇندو هوس ته مولانا اڄ ڇا ڇا کائيندو؟ فرمائيندا
هئا ته اڄ دستر خوان تي شلغم ضرور هجن. جڏهن دستر
خوان لڳندو هو ته چوندو هو ته ميان تو کي بازار ۾
ٻي ڪا ڀاڄي نه ملي! ڏينهن جو شلغم، رات جو شلغم،
تون ته شلغم کارائي کارائي، ويچاري گرامي کي ماري
ڇڏيندين. گراميءِ کي سٺن کاڌن کائڻ جو شوق ته هو،
پر کائيندو تمام ٿورو هو. دسترخوان تي ٽن چئن قسمن
جا ڳنڌڻ هوندا هئا، هڪ هڪ ٽڪر مانيءَ جو سڀني ٻوڙڻ
مان ٻوڙي کائيندو هو ۽ هٿ ڌوئي اٿي کڙو ٿيندو هو.
انهن
ڏينهن هوشيارپور تائين ريل نه هلي هئي، ماڻهو
ٽانگن تي هوشيارپور مان جالنڌر ايندا هئا، ڳچ ڀيرا
ائين ٿيو ته مولانا گرامي لاهور يا دکن جو ارادو
ڪري گهر مان نڪرندا هئا، هوشيارپور کان جالنڌر
تائين ٽانگي ۾ ايندا هئا، پر جالنڌر پهچندي ئي ريل
تي نظر پوندي هين ته واپس پوئين پير موٽي ويندا
هئا.
ڊاڪٽرصاحب کي ولايت مان آئي اڍائي ٽي سال مس ٿيا،
ته پاڻ اوچتو نوڪري ڇڏي ڏنائون. سڀني دوستن جو
خيال هو ته نوڪري ڇڏڻ ۾ پاڻ غلطي ڪئي اٿن. ڇو ته
نوڪريءَ ۾ انهن کي ٻڌي رقم ملي ٿي ويئي، وري اڳتي
هلي ترقيءَ جو وجهه به هو، پر ڊاڪٽر صاحب کي نوڪري
ڇڏڻ ڪري ڏاڍي خوشي ٿي، جنهن ڏينهن استعيفا ڏئي آيا
ته مون کانئن پڇيو ته، شيخ صاحب توهان ڇو نوڪري
ڇڏي ڏني؟ وراڻيائون؛ ”علي بخش انگريزن جي ملازمت
۾ وڏيون مشڪلاتون آهن. سڀ کان وڏي مشڪل اها آهي
ته منهنجي دل ۾ ڪجهه ڳالهيون آهن، جن کي ماڻهن
تائين پهچائڻ چاهيان ٿو، پر انگريزن جي ملازمت ۾
رهڻ ڪري کليو کلايو چئي نٿو سگهان، هاڻ بلڪل آزاد
آهيان، جو چاهيان ڪرايان ۽ جو چاهيان چئي سگهان.
ڊاڪٽر صاحب جي محبت ۾ نه لاهور ڇڏيم ۽ نه شادي
ڪيم، پهرين شادي ننڍي هوندي ٿيم، پوءِ اها جلد
گذاري ويئي.
ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن مون کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، البت
سندس ڀاڻيجي هڪ ڀيري مون کي گار ڏني،پاڻ ان تي
ناراض ٿيا ۽ کيس مار به ڏنائونس. هڪ ٻه ڀيرا پاڻ ۾
ڪاوڙياسون، پر اها ڪاوڙ ٿوري وقت ۾ ختم ٿي ويئي.
(”هما“ (اقبال نمبر)، نئين دهلي،
آڪٽوبر 1976ع تان ترجمو) |