سنڌيڪار: وليرام ولڀ
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ
ڊاڪٽر اقبال ۽
سوشلزم
ڊاڪٽر سر محمد اقبال ننڍي کنڊ جو عظيم مفڪر ۽ شاعر
ٿي گذريو آهي. کيس عمومن اسلامي شاعر سمجهيو ويو
آهي. ٻڌايو ويو آهي ته هن پنهنجي شاعريءَ جي وسيلي
ننڍي کنڊ
جي
مسلمانن کي سندن تاريخ ۽ شاندار ماضيءَ کان واقف
ڪري، منجهن آزاد زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ نئون روح
ڦوڪيو. پر اقبال هڪ فلسفي پڻ هو، ان ڪري هو انساني
عظمت جو قائل هو. انسان جو انسان جي خلاف ظلم ۽
ستم جاري رکڻ ۽ استحصال کي فروغ ڏيڻ، انساني قدرن
جي ابتڙ آهي، ان ڪري اقبال اهڙين ڪاررواين جي خلاف
هو. سندس زندگي جي دور ۾ روس جو مشهور انقلاب آيو،
جنهن ۾ سوشلسٽ طاقت، راز جي شهنشاهي ۽ ظالمانه
آمريت ۽ سرمايه داري نظام جو خاتمو آندو. اهو غير
ممڪن آهي، ته اقبال تي اهڙي عظيم انقلاب جو اثر نه
ٿيو هجي. ٻيو ته اقبال پاڻ غريب خاندان جو هو(1)،
ان ڪري سندس همدرديون غريبن سان هئڻ، هڪ لازمي امر
هو؛ جنهن ۾ هاري، مزدور، غريبن جو پڙهيل لکيل طبقو
۽ ٻيا نادار ماڻهو شامل ڪري سگهجن ٿا. هو انگريزن
جي ٺاهيل نظام مان به خوب واقف هو. جنهن ۾ فقط
سرمايه دار، جاگيردار يا زميندار طبقو فلاح حاصل
ڪري سگهيو ٿي. اسيمبلين جا ميمبر به اهي هئا ته
اعليٰ انتظامي ڪائونسل جا صلاحڪار به اُهي، ڪنهن
به غريب کي اها طاقت نه هئي، جو ڪنهن سيٽ لاءِ
بيهي سگهي يا ڪنهن اعليٰ عهدي لاءِ دم هڻي سگهي،
انگريزن هڪ ٻي چالاڪي به ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ننڍي
کنڊ جي ماڻهن تي غلامي ۽ ذلت جي زندگي مڙهڻ خاطر
هڪ نئون ڪلاس (طبقو) وجود ۾ آندو، جنهن کي ”آءِ
–سي- ايس“ سڏيو ويندو هو. اهي ڪارا انگريز پنهنجن
اڇن مالڪن کان وڌيڪ ظالم ثابت ٿيا، ڇا ڪاڻ ته جيڪي
به غلط ڪم انگريزن کي ڪرائڻا هوندا هئا، اهي سندن
معرفت ڪيا ويندا هئا. اقبال کي خبر هئي ته جيڪڏهن
ننڍي کنڊ جا مسلمان آزاد به ٿيا، تڏهن به اهي اهڙن
ماڻهن جي چنبن ۾ اچي ويندا، جي استحصالي طبقي سان
وابسته هئا، يعني ته سرمايه دار، مِلن جا مالڪ،
جاگيردار ۽ زميندار، مير پير ۽ آءِ –سي ايس
ڪلاس. ان ڪري هُن پنهنجي ڪلام ذريعي انهن ڳالهين ۽
حقيقتن جو پرچار ڪيو آهي، جن ۾ انسان کي غلام
بڻائڻ، هڪ ٻئي جا حق غصب ڪرڻ، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن
جو مستقل استحصال ۽ سرمايه داري نظام جي براين جو
پوتا ميل ڏنو ويو آهي، هن اهو به ٻڌايو آهي ته
انسان جي ٻئي انسان جي هٿان استحصال سندس پنهنجي
غلطيٰ سبب آهي، ڇا ڪاڻ ته پيدائشي طور هڪڙا ماڻهو
ٻين ماڻهن کان وڌيڪ چالاڪ ۽ ٺڳي ڏانهن مائل هوندا
آهن ۽ اهي اخلاق ۽ ڪردار جا سٺا نه هوندا آهن.
”پيام مشرق“ ۾ هن انساني استحصال جو هن ريت نقشو
چٽيو آهي(2) :
آدم
از هي بصري بندگي آدم ڪرد،
گوهري داشت ولي نذر قباد و جم ڪرد.
يعني
از خوئي غلامي زسگان خوار تر است،
من
نه ديدم ڪه سگي پيش سگي سر خم ڪرد.
(انسان ٻئي ماڻهوءَ جي ڪمزوريءَ جو غلط فائدو وٺي،
هن کي غلام بنايو آهي. حالانڪ انهيءَ ماڻهوءَ ۾ به
ساڳيو ئي گوهر موجود آهي. پر پنهنجي گهٽ عقل هئڻ
سبب هُن پاڻ کي استحصالي قوتن جو غلام بنائي ڇڏيو
آهي، غلاميءَ سبب انهيءَ ماڻهوءَ مان انساني
وصفون ڇڏائي ويون آهن ۽ اهو ايترو ته خوار ڪيو ويو
آهي، جو سندس زندگي ڪتن کان به خراب آهي. ڇا ڪاڻ
ته مون نه ڏٺو آهي ته ڪنهن به ڪتي، ڪنهن ٻئي ڪتي
جي اڳيان سر نمايو هجي.)
ان
ڪري ظاهر ٿيو ته جيڪي ماڻهو سرمايه دار ۽ استحصالي
طبقي سان وابسته آهن، انهن وٽ جيڪي به سرمايو يا
ملڪيت آهي، اها سندن جائز ڪمائيءَ مان هٿ ڪيل
ڪونهي ۽ ظلم ۽ ناحق جو نتيجو آهي. اها حرام جي
ڪمائي غير قانوني ۽ غير اخلاقي طريقن سان هٿ ڪيل
آهي. ان ڪري اهڙي ماحول جي خلاف هن باغيانه رويه
اختيار ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي.
اُٺو
ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو،
ڪاخ،، آمرا ڪي در و ديوار هلادو،
گرمائو غلامون ڪا لهو سوز يقين سي،
ڪنجشڪ فرومايه ڪو شاهين سي لڙادو.
(اُٿو، منهنجي دنيا جي غريبن کي جاڳايو ۽ امير، جن
غريبن جو رت چوسيو آهي، انهن جي محلاتن جا در ۽
ڀتيون بنياد کان ڪڍي ڇڏيو. غلامن جي خون کي يقين
جي سوز سان جوش ۾ آڻيو ۽ کين ٻڌايو ته اوهان غلام
نه آهيو، پر اوهان کي زبردستي غلام بنايو ويو آهي.
ائين ڪرڻ سان بي پهچ جهرڪيءَ کي باز سان لڙائي
ڇڏيو،
ڏسڻ
۾ ٿو اچي ته علامه اقبال روس جي سوشلسٽ انقلاب جو
حامي هو. جنهن ۾ غريب پورهيتن زار شاهيءَ جو خاتمو
آندو، نه ته زار جو ايڏو ته ڏهڪاءُ پيل هو، جو
ماڻهو نالي ٻڌڻ سان ئي ڏڪڻ لڳندا هئا. هن کي پڪ
هئي ته جمهوري دور جو آغاز ٿيو آهي. سامراجي ۽
سلطنت شاهي ڪمزور ٿي ويئي آهي. ظلم ۽ استحصال جو
خاتمو ٿيڻ وارو آهي. مظلوم انسانن جو دور اچڻ
وارو آهي، جنهن ۾ ڪو به مالڪ ۽ ڪو به غلام نه
رهندو ۽ ڪنهن جو ظلم گهڻي وقت تائين قائم نه رهي
سگهندو. سرود انجم يعني ته تارن جو راڳ آلاپيندي
اقبال هن ريت رقم طراز آهي.(4):
خواجه زسروري گذشت ـــ بنده زچاڪري گذشت
زاري
و قيصري گذشت ـــ دور سڪندري گذشت
شيوه
بُت گري گذشت مي نگريم ومي رويم.
(يعني ته ڌڻي جي مالڪي يا وڏائي ختم ٿي ۽ نوڪر به
چاڪري ڪرڻ کان ويو. زار ۽ قيصر، جن دنيا کي اٿلايو
پٿلايو، تن جي به بادشاهي ختم ٿي. سڪندر جو دور به
نه رهيو، جنهن ۾ هڪ قوم ٻي قوم تي بنا ڪنهن ڏوهه
يا سبب جي حملو ڪندي هئي. خوشامد ۽ چاپلوسيءَ (بت
گري) جو دور به ختم ٿيو. اهي حقيقتون پيا ڏسون ۽
پيا وڃون.)
روس
جي انقلاب سچ ته انساني زندگيءَ ۾ ڪا يا پلٽ آڻي
ڇڏي. جتي زار ۽ ان جا امير ۽ ڪمانڊر حڪومت ڪندا
هئا، اتي هارين ۽ مزدورن جو راڄ قائم ٿي ويو. زار
جي دور ۾ سرمايه دار، مزدورن کان ٿورڙي موڙيءَ ۾
محنت وٺي، ڪارخانن جي سڄي آمدني پاڻ کائي ويندا
هئا. اهڙي طرح جاگيردار ۽ زميندار طبقو هاريءَ کي
بکيو ۽ بيوس بڻائي، سندس الهه تلهه کڻي ويندو هو.
اهڙيءَ طرح هٿ ٺوڪيا روحاني پيشوا (پادري) ماڻهن
تي روحانيت ۽ ڪرامتن جو ڍونگ رچائي، ماڻهن جو
مستقل استحصال جاري رکندا آيا. اهي ساڳيون حالتون
ننڍي کنڊ ۾ موجود هيون، اقبال پاڻ به انهي ظلم کان
سخت متاثر ٿيل هو. ان ڪري هو به انهيءَ اعلان ڪرڻ
کان رهي نه سگهيوته:
جس
کيت سي دهقان ڪو ميسر نهين روزي
اس
کيت ڪي هر خوشده گندم ڪو جلادو.
(مطلب ته جنهن ٻنيءَ مان هاريءَ کي پورو کاڌو به
نصيب نه ٿو ٿئي ته پوءِ اهڙي ٻنيءَ ڇا سڀ سنگ ساڙي
ڇڏيو.)
سوشلسٽ عقيدو اهو آهي ته ملڪ جي ڪمائي ۽ پيدائش جا
سڀ وسيلا حڪومت وٽ هجن ۽ آمدني جي ورڇ ماڻهن جي
لياقت، محنت ۽ ايمانداري جي اصولن تي هئڻ گهرجي
جنهن ۾ غريب وڌيڪ غريب نه رهي ۽ شاهوڪار وڌيڪ
شاهوڪار نه ٿي وڃي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو پلئه
پوي، جيڪو سندس حق آهي. ائين نه ته هڪ نااهل يا
محنت نه ڪندڙ ماڻهو، لائق ۽ محنتي ماڻهوءَ کان
وڌيڪ حاصل ڪري سگهي. سوشلزم انساني مساوات ۽
هڪجهڙائي جو حامي آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي
ملڪ جي معيشت ۽ انتظاميا ۽ پنهنجي لياقت آهر حصي
وٺڻ جو حق آهي، پر سرمايه داري نظام ۾ هوس پرست
انسان، جنهن جو پيٽ ڀرجڻ جو نه آهي، اهو اخلاقي
قدرن کي بالاي طاق رکندي، انسان جو دشمن ۽ قاتل ٿي
پيو آهي. ڪارل مارڪس جنهن کي اشتراڪيت جو پيغمبر
سڏيو وڃي ٿو، تنهن جي واتان اقبال هن ريت ٻڌرايو
آهي، جو در حقيقت سندس پنهنجو خيال آهي(6):
رازدان جزو ڪل از خويش نامعلوم شد است،
اَدم
از سرمايه داري قاتل اَدم شد است.
(ڪائنات جو رازدان پنهنجي ذات کان بلڪل بي خبر ٿي
ويو آهي، ڇا ڪاڻ ته ماڻهو سرمايه داريءَ جي ڪري
ماڻهوءَ جو قاتل ٿي پيو آهي.)
ڊاڪٽر اقبال سرمايه داري نظام جي سخت خلاف هو. اهو
ئي سبب آهي جو هن انهيءَ بابت پنهنجي ڪلام ۾ شڪايت
ڪئي آهي ۽ پنهنجي آرزو ڏيکاري آهي ته ڪيئن ۽ ڪهڙي
ريت اها ظلم جي ڄار ٽٽندي. خدا جي حضور ۾ شڪايت
ڪندي اقبال، لينن جي روپ ۾ هڪ طويل نظم لکيو آهي،
جنهن جون آخري چار سٽون هن ريت آهن(7):
تو
قادر و عادل هي مگر تيري جهان مين.
هين
تلخ بهت بنده مزدور ڪي اوقات،
ڪب
ڊوبي گا سرمايه پرستي ڪا سفينه.
دنيا
هي تيري منتظر، روزِ مڪافات
پر
کيس انهيءَ ڳالهه جو به يقين هو ته سرمايه داريءَ
جو ظالماڻو نظام اوس ختم ٿيڻو آهي، جنهن کي ڪو
روڪي نٿو سگهي. اقبال هڪ حيرت انگيز پيشن گوئي پڻ
ڪئي هئي، جا هاڻي سچ ثابت ٿي آهي، ٻڌايو آهيس ته
(8):
گيا
دور سرمايه داري گيا ـــــ تماشا دکا ڪر مداري گيا
گران
خواب چيني سنڀلني لگي ـــ هماله ڪي چشمي ابلني لگي
پراني سياست گري خوار هي ــــ زمين مير و سلطان سي
بيزار هي
سرمايه داري جي ختم ٿيڻ جو اشارو روسي انقلاب
ڏانهن آهي، پر چين جو جاڳڻ سندس اڳ ڪٿي آهي، جا
بلڪل صحيح ثابت ٿي. چين سوشلسٽ انقلاب رستي پاڻ کي
ايترو ته جاڳائي ڇڏيو آهي. جو اها آفيم کائيندڙ
سست ۽ بکي قوم مان بدلجي ڍاول، ترقي يافتا ۽
طاقتور قوم بنجي ويئي آهي، اقبال جو چوڻ آهي ته
مذهب کي به انساني استحصال جو هڪ اوزار ڪري
استعمال ڪيو ويو،جنهن کي سرمايه داري نظام ۾ ماڻهن
جي خلاف، سندن جذبات تي کيڏي، سندن خلاف استعمال
ڪيو وڃي ٿو. مذهبي نظام ۾ پيري مريديءَ جو سلسلو
ماڻهن کي ڦرڻ جو وڏو هٿيار آهي. اقبال جي زماني ۾
پيري مريدي تمام گهڻو وڌيل هئي ۽ پير صاحب، مريدن
جا هَڙَ ٽپڙ کڻي وڃڻ پنهنجو ابائي حق سمجهندو هو،
نه ته پوءِ ڪوڙي ڪرامت جو ڍونگ رچائي مريد کي
مجبور ڪندو هو ته جيڪڏهن نه ڏيندين ته ڏاڏا
سائينءَ جي دعا سان تباهه ڪري ڇڏيندو سين. ويچارو
مريد مجبور ٿي پنهنجي گڏ ڪيل موڙيءَ تان هٿ کڻندو
هو، ۽ جا کين آئي ويل ڪم اچي سگهي ٿي. اقبال باغي
مريد جي روپ ۾ عوام کي جاڳائڻ لاءِ اهڙن حرام خور
پيرن جي خلاف هن ريت آواز اٿاريو آهي(9):
هم
ڪو تو ميسر نهين مٽي ڪا ديا ڀي،
گهر
پير ڪا بجلي ڪي چراغون سي هي روشن،
نذرانه نهين، سود هي پيران حرم ڪا،
هر
خرقه سالوس ڪي اندر هي مهاجن.
اقبال جو چوڻ آهي ته پير جيڪي ڏن پنهنجي مريدن کان
وٺن ٿا، اهو حرام جو مال آهي. ۽ اهو ائين آهي جيئن
مهاجن (وياج خور ڪراڙ) اٻوجهه ماڻهن کي قرض ڏيئي،
موڙيءَ کان ڏهوڻا پئسا وصول ڪندو آهي. پر ٻنهي ۾
فرق آهي ڇا ڪاڻ ته پير بنا ڪنهن موڙي ڏيڻ جي ماڻهن
کي ڦريندا رهن ٿا. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو، جو
پير صاحب جي حويلي بجليءَ مان جهرڪندي نظر ايندي
آهي ۽ مريد جي گهر ۾ ٺڪر جو ڏيئو به ڪونهي. سندس
اهو به خيال هو ته خدا جي طرفان ٺاهيل ڪائنات
نامڪمل آهي ۽ ان ۾ زمين تي رهندڙ انسان سان، سندن
تخليق ۾ وڏو ظلم ڪيو ويو آهي. هونئن به جڏهن انسان
(آدم) کي خلقيو ٿي ويو، تڏهن فرشتن اعتراض اٿاريو
هو، ته ڇا اهڙي شئي کي جنم ڏنو وڃي ٿو، جيڪو زمين
تي وڃي، خونريزي ڪندو ۽ فساد ڦهلائيندو ۽ فرشتن جي
ڪيل اها ڳالهه بلڪل صحيح ثابت ٿي آهي. (10) ڇاڪاڻ
ته انسان نامڪمل آهي، ڪائنات نامڪمل آهي، خدا جو
ٺاهيل قانون ۽ جوڙجڪ (انتظام) نامڪمل ۽ ناقص آهي،
فرشتن جي ئي گيت ۾ اقبال خدا جي ڪارخاني جي اوڻاين
جو هن ريت ذڪر ڪيو آهي(11):
عقل
هي بي زمامي اڀي، عشق هي بي مقام اڀي،
نقش
گر ازل تيرا، نقش هي ناتمام اڀي.
خلق
خدا ڪي گهات ۾ رند فقيہ مير پير.
تيري
جهان مين هي وهي گردش صبح و شام اڀي.
تيري
امير مال مست تيري فقير حال مست،
بنده
هي ڪوچه گرد اڀي، خواجه بلند بام اڀي.
دانش، دين، علم وفن بندگي هوس تمام،
عشق
گره ڪشاهي ڪا فيض نهين هي عام اڀي،
ڪائنات جي خلقيندڙ هيءَ دنيا انهيءَ ڪري پيدا ڪئي
ته انسان انهيءَ کي ٺاهي جوڙي جنت وانگر بڻائي
ڇڏيندو؛ پر هوس پرست انسان سرمائيدار روپ ۾ پنهنجي
لالچ ۽ هٻڇ سبب انهيءَ کي دوزخ کان به بڇڙو بنائي
ڇڏيو آهي. اهو سبب آهي جو خدا جو ٺاهيل نقش ناقص ۽
غلطين سان ڀريل آهي. رند، مذهبي رهنما، مير ۽ پير،
سڀئي خدا جي مخلوق جي تاڙ ۾ ويٺا آهن ته ڪيئن انهن
جو استحصال ڪريون؛ پر اهم ڳالهه هيءَ آهي ته
هزارين سال گذري ويا آهن ته اڃا به امير مست لڳا
پيا آهن. ڪروڙين پيا ڪمائجن، ڪروڙين جمع آهن ته
ڪروڙين خرچ پيا ڪن. غريب جو هي حال آهي، ڇو هُو
پنهنجي حال ۾ مست آهي، يعني ته گذارڻ ۾ پورو آهي.
کيس نه ته سٺو ڪپڙو اوڍڻ لاءِ آهي نه سٺو کاڌو
کائڻ لاءِ. بيماريءَ ۾ به گهرو ٽوٽڪن کانسواءِ
سندس ڪو به علاج ڪو نه ٿو ٿي سگهي. ان ڪري غريب
جي زندگي وبال آهي. اميرن لاءِ کُڏ مٿان کُڏ وارا
محلات آهن، پر غريب گهٽين ۽ رستن تي پريشان حال ۽
بي اجهي آهي. اقبال اها شڪايت وري دهرائي ٿو ته
انسان کي ڇو نامڪمل ٺاهيو ويو آهي، جو جيڏانهن به
نگاهه ڪجي ٿي ته هوَس، لالچ ۽ استحصال کانسواءِ
ٻيو ڪي به ڪين ٿو ڏسڻ ۾ اچي. ايتري قدر جو علم،
ڄاڻ، فن ۽ مذهب جو به سڄو سارو دارو مدار هوَس تي
ٻڌل آهي. سرمايه داري نظام ۾ استحصال قوتن جو
هميشه اهو رد عمل آهي، ته اهي ظاهري طور پاڻ کي
ماڻهن جو خادم سڏائين ٿا، پر حقيقت ۾ اهي سندن خون
چوسيندڙ آهن، انهن کي عوام سان ڪا به همدردي ڪا نه
هوندي آهي، پر پنهنجي چالبازين ۽ مڪر سبب هو پاڻ
کي عوام جو نوڪر، عوام جو گهڻگهرو ۽ عوام جو دوست
سڏائيندا رهن ٿا(12):
يه
علم يه حڪمت، يه تدبر يه حڪومت،
پيتي
هين لهو، ديتي هين تعليم مساوات.
مذهب
جي باري ۾ اقبال جي راءِ آهي ته انهيءَ کي به ٻئي
جي مال حضم ڪرڻ لاءِ صدين کان وٺي استعمال ڪيو ويو
آهي ۽ ڪيو وڃي ٿو. ڇا ڪاڻ ته غريب کي عبادت مان به
ڪي ڪين ٿو حاصل ٿئي. انهيءَ جي ابتڙ سرمايه دار
جيڪڏهن عبادت ڪري به ٿو ته اها ڏيکاءَ لاءِ آهي ۽
نه ٿوڪري ته اهو سندس پيدائشي حق آهي. عبادت ڪري
به ڇو. هُن وٽ سڀ ڪجهه آهي. ٻنهي حالتن ۾ وٽس
پئسي جي پالوٽ ٿيندي رهي ٿي. ڇا ڪاڻ ته عام چوڻي
آهي ته پئسو پئسي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو؛ پر غريب
ماڻهن وٽ سڀيئي جتن ڪندي به پئسو نه ٿو وڃي. سندس
نمازون ۽ روزا بيڪار آهن. خوشحاليءَ لاءِ سندس
التجائون خدا وٽ ٻُڌجن ڪو نه ٿيون. ارمغان حجاز ۾
اقبال غريب انسان جي زندگي جو نقشو هن ريت چٽيو
آهي(13):
پوجا
ڀي هي بي سود، نمازين ڀي هين بي سود،
قسمت
هي غريبون ڪي، وهي ناله و فرياد.
تيشي
ڪي ڪوئي گردش تقدير تو ديکي.
سيراب هي پرويز، جگر تشنه هي فرهاد
(يعني ته عبادت مان غريب کي ڪي به ڪين ٿو وري.
سندس قسمت ۾ اهيئي دانهون ۽ ڪوڪون آهن. فرهاد جي
قصي ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌائي ٿو ته فرهاد کي چيو
ويو ته تون تيشي سان جبل ڪاٽي پاڻي جي نهر جاري ڪر
ته تون کي شيرين ڏني ويندي. فرهاد جيتوڻيڪ جبل
ڪاٽي نهر ڪڍي، پر شيرين (سندس خوشي) کيس حاصل نه
ٿي سگهي، ڇا ڪاڻ ته بادشاهه پرويز انهي کي ڦٻائي
ويو ۽ فرهاد نراسائي ۾ پاڻ کي انهيءَ ساڳئي تيشي
سان ماري ڇڏيو).
علامه اقبال ڪارل مارڪس جي فلسفي کان گهڻي قدر
متاثر هو ۽ هُن چاهيو ٿي ته سندس ملڪ مان به
سرمايه داري(جاگيرداري، اجارهه داري، پيري مريدي)
نظام جو خاتمو ٿي وڃي ۽ غريبن جي زندگي ۾ سڌارو
اچي. عوام جو فائدو ٿئي ۽ ملڪ ترقي وٺي. ڇا ڪاڻ ته
فقط آزادي حاصل ڪرڻ سان سڀ ڪجهه حاصل نٿو ٿئي.
ڪارل مارڪس جي شان ۾ هو هن ريت لکڻ کان سواءِ نه
رهي سگهيو:
وه
ڪليم بي تجلي، وه مسيح بي صليب
نيست
پيغمبر و ليڪن در بغل دارد ڪتاب
اس
سي بڙه ڪر اور ڪيا هوگا طبيعت ڪا فساد
توڙ
دي بندون ني آقائون ڪي خيمو ڪي طناب
(14)
اقبال جو خيال هو ته مذهب جو غلط استعمال انساني
ترقيءَ لاءِ نقصانڪار آهي ۽ دين ۽ مذهب کي ماڻهن
جي استحصال لاءِ صدين کان وٺي غلط نموني ۾ ڪم آندو
ويو آهي. سندس دور ۾ ننڍي کنڊ ۾ سرمايه دارانه
نظام جون استحصالي ڪارروايون جاري هيون. هندو ۽
مسلمان ٻنهي مذهبن جي غريب طبقي جو حال خراب هو.
اقبال کان ماڻهن جي اها حالت ڏٺي ۽ سٺي نه ٿي، ان
ڪري هو انهيءَ اعلان ڪرڻ کان رهي نه سگهيو ته:
(15)
لاڪر
برهمنون ڪو سياست ڪي پيچ مين
زناريون ڪو دير ڪهين سي نڪال دو.
وه
فاقه ڪش ڪي موت سي ڊرتا نهين ذرا،
روح
محّمد اس ڪي بدن سي نڪال دو.
فڪر
عرب ديڪي فرنگي تخيلات
اسلام ڪو حجاز و يمن سي نڪال دو.
بلشويڪ روس ڏانهن اشارو ڏيندي اقبال فرمايو آهي ته
مذهب کان نجات حاصل ڪرڻ خاطر روس تي ڪيئن نه دهريت
جي وحي نازل ٿي، جو انهن ڪليسا جي معبودن کي ڀڃي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، نه ته روس جا ماڻهو سوشلسٽ
انقلاب کان
اڳ
مذهب جي پوئواريءَ ۽ ڪليسا جي حفاظت کي پنهنجي
نجات جو سبب سمجهندا هئا:
هوئي
هين ڪس چليپا ڪي واسطي مامور
وهي
ڪه حفظ چليپا ڪو جانتي ٿي نجات
يه
وحي دهريت روس پر هوئي نازل
ڪه
توڙ ڊال ڪليسائون ڪي لات و منات
(16): دنيا ۾ انساني ڪشمڪش جو سڄو دارومدار
اقتصادي بي انصافيءَ تي آهي. سرمايه داري نظام ۾
هڪڙا حد کان وڌيڪ شاهوڪار ته ٻيا حد کان وڌيڪ
غريب. اهو سلسلو صدين کان وٺي جاري آهي.
سرمائيدارن، مزورن ۽ غريبن کي لٽڻ خاطر ڪيترائي
طريقا اختيار ڪيا آهن. ڪنهن مهل اهي نسل جي ڳالهه
ڪن ٿا ته ڪنهن مهل قوميت جي. اهو ڍونگ مذهب،
سلطنت، تهذيب ۽ رنگ تي به ٻڌو ويو آهي. اقبال جي
راءِ آهي ته اهي ڳالهيون در حقيقت سرمائيدارن جي
مڪر ۽ ٺڳيءَ جو جدا جدا چالون آهن. ڪنهن مهل
هڪڙيءَ ۾ ڪامياب آهن ته ڪنهن مهل ٻيءَ ۾. مطلب ته
انساني زندگيءَ جي هر دور ۾ هنن ڪڏهن به مزدور
يعني ته پورهيت طبقي کي آرام ۽ خوشحالي سان زندگي
بسر ڪرڻ نه ڏني آهي. سرمايه ۽ محنت تي لکندي
اقبال ٻڌائي ٿو ته:
(17)
اي
ڪه تجهه ڪو کا گيا، سرمايه دار حيله گر
شاخ
اَهو پر رهي صديون تلڪ تيري برات
دست
دولت آفرين ڪو مزديون ملتي رهي
اهل
ثروت جيسي ديتي هين غريبون ڪو زڪوات.
نسل،
قوميت، ڪليسا، سلطنت، تهذيب رنگ،
خواچگي ني خوب چن چن ڪر بنائي مسڪرات.
ڪٽ
مرا نادان خيالي ديوتائون ڪيلئي
مکر
ڪي لذت مين تو لٽوا گيا نقد حيات.
مڪر
ڪي چالون سي بازي ليگيا سرمايه دار
انتهائي سادگي سي ڪها گيا مزدور مات.
لينن
جي روپ ۾ اقبال خدا سان هن ريت مخاطب آهي:
مين
ڪيسي ڪهون تو هي يا ڪه نهين هي
هر
دم متغير ٿي فرد ڪي نظريات
(18) کيس اها پڪ ڪانهي ته خدا آهي يا ڪونهي.
جيڪڏهن خدا آهي ته پوءِ هيڏو ڪيس ۽ بيداد ڇا جي
لاءِ روا رکيو ويو آهي. غريب ۽ بي اثر ماڻهوءَ جي
ڪٿي به رسائي نه ٿي ٿي سگهي. سرمائيدار ئي آهي،
جيڪو هر شيءَ تي حاوي آهي. جيڪڏهن خدا نه آهي ته
پوءِ هي ڪائنات ڪيئن وجود ۾ آئي.
حوالا ۽ سمجهاڻيون:
(1)
ياد اقبال (مڪتبه شاهڪار) ص 7
(2)
پيام مشرق (غلامي) ص 157
(3)
بال جبرئيل (فرمان خدا) ص 149
(4)
پيام مشرق (سرود انجم) ص 113
(5)
بال جبريل (فرمان خدا) ص 149
(6)
پيام مشرق(کارل مارڪس)ص 236.
(7)
بال جبرئيل (لينن خدا ڪي حضور) ص145.
(8)
بال جبرئيل (ساقي نامہ) ص 167.
(9)
بال جبرئيل (باغي مريد) ص 219.
(10)
قَالُوا اتجَعل فيها مَن تُفسِيد فيها و يُسفِلڪُ
الّد ماءَ، (چيائون ته تون اهڙيءَ شيءَ ٺاهي رهيو
آهين، جيڪو وڃي فساد ڦهلائيندو ۽ خونريزي ڪندو).
قرآن(سوره بقره) آيت 30.
(11)
بال جبرئيل (فرشتون ڪا گيت) ص 148.
(12)
بال جبرئيل (لينن ڪي حضور) ص 147.
(13)
ارمغان حجاز (دوزخي ڪي مناجات)ص 241.
(14)
ارمغان حجاز (ابليس ڪي مجلس شوريٰ) ص 218. علامه
اقبال ڪارل مارڪس کان ايتريقدر متاثر آهي، جو کيس
ڪليم ۽ مسيح سڏيو آهي. جيئن ته اقبال مسلمان هو ان
ڪري هو ڪارل مارڪس کي پيغمبر ته نه ٿو سڏي پر کيس
ڪتاب جو مالڪ سڏي ٿو. ڪليم جي معنيٰ آهي، خدا سان
ڪلام ڪندڙ ۽ مسيح جي معنيٰ آهي انسان کي ڏک سور
کان ڇڏائيندڙ يا نجات ڏيندڙ.
(15)
ضرب ڪليم ص 143. معنيٰ ٻانڀڻن کي سياست جي چنبي ۾
وجهي واڻين کي سندن پراڻن مندرن مان ڪڍي ٻاهر
ڪريو، ۽ مسلمان ۾ ڪو بکيو هوندي به مري نٿو،
انهيءَ مان دين( محمد)جو روح ڪڍي، ڦٽو ڪريو، عربن
(مسلمانن) جي سوچ کي اسلامي سوچ مان بدلائي فرنگي
(ڪافرانه) سوچ ڏيو ۽ اسلام کي مسلمانن جي ملڪن مان
(حجاز، يمن ) مان ڪڍي ٻاهر ڪريو. ان کان پوءِ ئي
ترقي ٿي سگهي ٿي. مطلب ته اقبال اسلامي ملڪن ۾
سوشلسٽ نظام جو قائل هو ته جيئن ظلم ۽ بي انصافي
ختم ٿي سگهي.
(16)
ضرب ڪليم ص143.
(17)
بانگ درا(سرمايه و محنت) ص 297.
(18)
بال جبرئيل (لينن خدا ڪي حضور) ص 146.
|