جهاد
خودي
جي تصور ۾ اقبال قوت ۽ صلابت تي جيتري قدر زور ڏنو
آهي، اهو اوهين ڏسي چڪا آهيون. ان سان اها غلط
فهمي سولائيءَ سان پيدا ٿي سگهي ٿي( ۽ هڪ طبقي ۾
اها غلط فهمي پيدا ٿي به) ته اقبال انڌي قوت کي
مڃي ٿو ۽ ان لحاظ کان هن جو فلسفو در اصل بي
رحميءَ ۽ رتو ڇاڻ جو هڪ پيغام آهي.
ٻئي
پاسي غير اسلامي دنيا ۽ خاص ڪري يورپ ۾ اسلامي
جهاد بابت پهرين کان ئي شديد غلط فهميون هيون.
صليبي لڙائين جي زماني ۾، اهو خيال ڄڻ ته پختو ٿي
چڪو هو ته مسلمان هڪ ڄٽ ۽ وحشي قوم آهي، جنهن جو
مذهب کين ڦرلٽ ۽ تباهيءَ جي تعليم ڏئي ٿو ۽ سندن
جهاد جو اصول، دنيا جي امن پسند قومن خلاف مستقبل
جنگ جي اعلان جي حيثيت رکي ٿو.
منهنجي راءِ ۾ اهي ئي ڪارڻ هئا، جن تي اقبال
’اسرار‘ جي آخر ۾ جهاد جي اسلامي تصور جي چٽائي
ضروري سمجهي، ته جيئن معلوم ٿي وڃي ته اسلام جي ان
اصول جو مفهوم، مقصد ۽ خود سندس پيغام جو مطلب ٻين
تي غلبو ۽ تسلط يا ڪنهن قسم جي حاڪميت قائم ڪرڻ
ناهي، تنهنڪري ڪتاب جي پندرهين باب جو عنوان آهي:
مسلمان جي زندگيءَ جو مقصد حق جو مان مٿانهون ڪرڻ
آهي ۽ اها جنگ جنهن جي تري ۾ ملڪ گيريءَ جو لوڀ
لڪل هجي، اسلامي دين ۾ حرام آهي؛ پر اقبال جهاد جي
مسئلي جي هتي ڪو اصولي يا تفصيلي بحث ناهي ڪيو،
بلڪ پنهنجي خيال کي گهڻي ڀاڱي هڪ تاريخي واقعي جي
مدد سان بيان ڪيو آهي.
جهاد
جون حدون: چئي ٿو جڏهن شاهجهان پهنجي سلطنت جي حدن
وڌائڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي ڦهلائڻ جي مطلب سان،دکن
تي ڪاهيو ۽ اتي جي مسلمان رياستن شاهي فوج جو
سورهيائيءَ سان مقابلو شروع ڪيو ته هڪ ڏينهن
شاهجهان اُن دورجي مشهور الله لوڪ بزرگ حضرت ميان
مير (لاهوري) جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، حاضري جو مقصد
اهو هو ته درويش شاهي فوج جي سوڀ لاءِ دعا گهري.
بادشاهه جو عرض ٻڌي حضرت ميان مير پوءِ به ماٺڪو
ويٺو رهيو. ان تي سڄي محفل انهيءَ اوسيئڙي ۾ ويٺي
رهي، ته ڏسون ته شهنشاهه جي جواب ۾ درويش خدا مست
ڇا ٿو آکي. ايتري ۾ درويش جو هڪ عقيدتمند خدمت ۾
حاضر ٿيو، ۽ عرض ڪيائين:
”سائين، مون ڏاڍي پورهئي ۽ جاکوڙ سان هي هڪ درهم
ڪمايو آهي ته جيئن توهان جي خدمت ۾ نذراني طور پيش
ڪرڻ جي سعادت ماڻيان ـــ قبول ڪري نيازمند جي هڪ
پراڻي آرزو پوري ڪرڻ جي ڀلائي ڪريو.“
ان
تي حضرت ميان مير فرمايو: ”ان سڪي تي سلطان جو حق
آهي ڇو ته هن جي شاهي پوشاڪ ۾ هڪ پينو لڪل آهي. هي
ظاهر ۾ هڪ وسيع سلطنت جو مالڪ آهي؛ پر حقيقت ۾ هڪ
ڀينگيو انسان آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته هن
جون اکيون ٻين جي ڌن دولت تي ڇو کُتل هجن ها ۽ هن
جي بک جي ڄڀي هڪ جهان کي جلائڻ لاءِ ڇو آتي هجي
ها!“ پاڻ وڌيڪ چيائين: ”شهنشاهه جي ڀينگيائيءَ هن
جي تلوار پيدا ڪئي آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ ڏڪار ۽
پليگ ڦهلجي ٿي ۽ هن جو دٻدٻو دنيا وارن لاءِ مصيبت
آهي:
سطوتش اهلِ جهان را دشمن است،
نوح
انسان ڪاروان، او رهزن است
اقبال حضرت ميان مير جي ان بيباڪ ڳالهه ٻولهه جي
نتيجي يا بادشاهه تي ان جو رد عمل بيان نه ڪيو
آهي، هن انهيءَ باب کي درويش جي اعلان حق تي ئي
ختم ڪيو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته جهاد رڳو حق
۽ انصاب کي نالي تي تلوار کڻڻ جو نالو آهي. اقتدار
۽ لوڀ جي جنگ، پوءِ ان جا ڪارڻ ڪهڙا به هجن، جهاد
في سبيل الله نه آهي.
ڪجهه
شعر:
جيئن
ته مون مٿي چيو آهي، اقبال جهاد جي مسئلي تي هتي
ڪو اصلولي بحث ناهي ڪيو، البت ان باب جي شروع ۽
آخر ۾ ڪجهه شعر اهڙا ضرور چيا آهن، جن جي اڀياس
بنا اڳتي وڌڻ مناسب نٿو لڳي، قرآن حڪيم ۾ حضرت
ابراهيم عليہ السلام جي زبانيءَ مسلمان جي زندگيءَ
جي دستور کي هڪ هنڌ هيئن بيان ڪيو آهي: ”منهنجي
عبادت، منهنجي قرباني، منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ سب خداءِ
رب العالمين جي لاءِ آهي.“ اقبال ان تصور جي بيان
سان هن باب جو آغاز ڪيو آهي. مسلمان خدا جو سچو
عاشق ۽ ان جي رضا جو طالب آهي. جيڪڏهن مسلمان ۾
اها ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن هن جي آرزوئن ۽ تمنائن
جو مرڪز ذات خداوندي کان سواءِ دنيا جو دٻدٻو يا
ڌن دولت آهي، ته اهو مسلمان نه پر ڪافر آهي.(1)مسلمان
اهو آهي، جنهن جي زندگي، سموري جاکوڙ ۽ جدوجهد
باري تعاليٰ جي رضا ۽ حڪمن پٽاندر هجي. هن جو ڏسڻ
نه ڏسڻ، کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ سمهڻ، جاڳڻ
هرڳالهه الله جي فرمان موجب آهي:
تابعِ حق ديدنش نا ديدش، خوردنش، نوشيدنش،
خوابيدنش
هو
انهيءَ ڊسپلن تي ايترو پختو ٿي ويندو آهي، جو خدا
جي مرضي هن جي مرضيءَ ۾ ”گم“ ٿي ويندي آهي:
در
رضائش مرضيِ حق گم شود
تنهنڪري ان ڳالهه جو سوال ئي پيدا ٿيڻ نه کپي ته
ڪو سچو مسلمان ڪنهن اهڙي جنگ ۾ شريڪ ٿيندو. جنهن
کي الله جي تائيد ۽ قرآني جواز حاصل نه هجي.
باب
جي آخر ۾ جتي حضرت ميان مير جي تقرير ختم ٿئي ٿي،
اقبال اهڙن تاجدارن ۽ تلوار بازن جي نفسيات کي بي
نقاب ڪري ٿو، جن جي هوس پرستي کين جنگ تي اُڀاري
ٿي ۽ جنهن لاءِ هو طرح طرح جا بهانا گهڙين ٿا ۽
نعرا ايجاد ڪن ٿا. انهن ماڻهن جي رت ڇاڻ انسانيت ۽
مذهب خلاف اگري بغاوت آهي. ڦُرلٽ، قتل عام ۽
تباهيءَ کي جهاد يا سوڀ جي نالي ڏيڻ ۾ سندن عمل
جي اگراڻ نٿي گهٽجي سگهي. اهڙن شاهن جي بُک، ٻه ــ
ڌاري تلوار آهي، جيڪا هڪ پاسي دشمن جي ملڪ کي ۽
ٻئي پاسي پنهنجي لشڪر کي موت جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪي ٿي:
از
خيال خود فريب وفڪرِ خام،
مي
ڪند تاراج را تسخير نام.
عسڪر
شاهي و افواج غنيم،
هردو
از شمشيرِ جوعِ او دونيم.
جنگجو سلطان پينُن کان به گهٽ پينوءَ جي بُک هُن
جي پنهنجي جيءَ کي ٿي کائي. (قهر درويش برجان
درويش) پر سلطان جو لوڀ هزارن لکن جي لاءِ موت جو
پيغام بنجي سگهي ٿي:
آتشِ
جانِ گدا جوعِ گداست،
جوع
ِ سلطان ملڪِ و ملت رافناست.
پر
اهڙا ماڻهو قدرت جي قانون کان بچي نٿا سگهن، حق ۽
انصاف کان سواءِ، رڳو ملڪ ڦٻائڻ
جي لوڀ ۾ تلوار کڻندو، توڻي هو مسلمان هجي يا غير
مسلم، سندس تلوار سندس ئي سيني مان پار هوندي:
هر
ڪي خنجر بهرِ غير الله ڪشيد،
تيغ
ِ او درسينه عه او آرميد.
مطلب
ته اقبال ڏاڍي زبردست انداز ۾ اهو خيال ظاهر ڪيو
آهي ته حڪومت ۽ اقتدار ڌن دولت يا ٺلهي ڪوس ۽
تباهيءَ لاءِ جيڪا جنگ لڙي وڃي، اها جهاد نٿي ٿي
سگهي. اسلامي اصطلاح ۾ رڳو خدا ۽ نيڪيءَ جي واٽ ۾
ڪوشش ڪرڻ. سينو ساهڻ ۽ سر سهسائڻ جو نالو جهاد
آهي.
”(اسرار و رموز پر ايڪ نظر“ جو 7 باب. مصنف،
پروفيسر محمد عثمان)“
”ارمغان حجاز“ جي سنڌي
ترجمي جي تمهيد
لطف
الله بدوي
*
لطف
الله بدوي ولد حاجي امام بخش، خادم شڪارپور ۾ 4
–جولاءِ 1904ع تي ڄائو. ترجمي، تحقيق ۽ تصنيف جي
ميدان ۾ بدوي صاحب ادب کي گهڻوڪجهه ڏنو آهي. ادب
جي سڀني صنفن تي لکيو اٿس، جنهن ۾ ناول، ناٽڪ،
تاريخ، شخصيات، شاعري اچي ٿا وڃن. شاعريءَ ۾ پهرين
جوڳي ۽ پوءِ بدوي تخلص ڪم آندو اٿس. ”تذڪره لطيفي“
سنڌي ادب ۾ سندس هڪ اهم ۽ زنده ڪارنامو آهي. ”سنڌي
ليکڪن جي ڊائريڪٽريءَ“ ۾ بدوي صاحب جون 29 تصنيفون
ڄاڻايون ويون آهن. ان کانسواءِ سندس علمي، ديني ۽
ادبي مقالن ۽ مضمونن جو چڱو تعداد سنڌي رسالن ۽
اخبارن ۾ ڦهليل آهي. ان ريت سندس ڪيترائي اڻ ڇپيل
مسودا موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ بدوي صاحب علامه
اقبال جي شعر ۽ فڪر بابت گهڻو ڪجهه لکيو آهي،
جنهن کيس علامه اقبال تي اٿارٽيءَ جي حيثيت
ڏياري آهي. بدوي صاحب جنهن خلوص ۽نيڪ نيتيءَ سان
علامه اقبال جي ڪلام ۽ ذڪرکي سنڌي ٻوليءَ جو ويس
پهرايو آهي، ان جو ذڪر ”ارمغان حجاز“ جي تمهيد ۾
هيئن ڪيو اٿس:
”علامه جي شعر ۽ فڪر سان جا محبت اٿم، اها ئي
هنن مشڪل مرحلن ۾ رهنمائي ڪندي رهي آهي. خدا ڪري
ته هي منهنجو پورهيو، جو خلوص نيت تي رکيو ويو
آهي، منهنجي وطن وارن وٽ قبول پوي.“
بدوي
صاحب 19- نومبر 1968ع تي لاڏاڻو ڪيو:
***
”ارمغان حجاز“ علامه اقبال رحمته الله عليہ جي
آخري تصنيف آهي، جنهن ۾ سندس سڄي زندگيءَ جي
اسلامي افڪار جي مطالعي جو نچوڙ موجود آهي. جن
حقيقتن کي بنيادي طرح جدا جدا تصنيفن ۾ بيان ڪيو
اٿس، انهن سڀني کي مجمل طور تي، هن آخري ڪتاب ۾
پيش ڪيو ويو آهي. الاهيات کي هڪ طرف، ۽ اسلامي
مسائل کي ٻئي طرف بيان ڪيو ويو آهي.
سن
1936ع ۾ جڏهن علامه ، ”ضرب ڪليم“ جي تڪميل کان
فارغ ٿي چڪوهو، تڏهن سندس ارادو هو ته ضرور حرمين
شريفين جي زيارت لاءِ ويندو. حضور صلي الله عليہ
وسلم جي چائنٺ چمڻ جو شوق هونءَ ته ڪيتري عرصي کان
موجود هوس، جيئن ”رموز بيخودي“ جي آخر ۾ فرمايو
اٿس:
خاڪ
يثرب از دو عالم خوشتر است
اي
خنڪ شهري ڪه آنجا دلبر است
هست
شان رحمت گيتي نواز
آرزو
دارم ڪه ميرم در حجاز
(يثرب جي مٽي، مون کي ٻنهي جهانن کان مٿي آهي.
اُهو ڪهڙو نه ٿڌو شهر آهي، جتي منهن جو دلبر موجود
آهي. تنهنجي رحمت جو شان جهانن کي نوازيندڙ آهي.
خواهش اٿم ته منهنجو موت حجاز ۾ ٿئي.)
اُن
ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ علامه پنهنجو سڄو توجهه
ان بابرڪت سفر جي طرف ڏنو ۽ حضور صلي الله عليہ
وسلم جي سنگ آستان تي پهچي، ”ارمغان حجاز“ جي
افڪار جي سوکڙي پيش ڪرڻ گهري. مگر افسوس جو سندس
هيءَ آرزو پوري ٿي نه سگهي. سندس صحت ڏينهون ڏينهن
ڪرندي وئي، جنهن ڪري حجاز جو سفر ناممڪن بڻجي
پيو. هن خواهش جي پوري نه ٿيڻ جو افسوس کيس ڪيتري
قدر هو، اُن جو نقش سندس هڪ خط مان معلوم ٿئي ٿو،
جو هن سيد ميران شاهه، رئيس اعظم جمال ده والي
(رياست بهاولپور) کي لکيو هو:
”اوهان جو خط مليو، الحمد الله جو اوهان خيريت سان
آهيو ۽ حج جي تيارين ۾ مصروف. خدا تعاليٰ اوهان کي
هي سفر مبارڪ ڪري، ان جي فرشتي جون رحمتون اوهان
سان شريڪ حال رهن. جيڪر مان به اوهان سان هلي
سگهان ۽ اوهان جي صحبت جي برڪت کان مستفيض ٿيان،
پر افسوس جو جدائيءَ جا ڏينهن اڃا باقي آهن.“
هن
آرزو جي ناڪامي، سندس دل ۾ شوق جي آگ کي تيز ڪندي
رهي، حضور صلي الله عليہ وسلم سان جا کيس والهانه
محبت هئي، اها شعر جي صورت وٺي ڪاغذ تي ايندي
رهي. اُهي اشعار ”ارمغان حجاز“ جي صورت وٺندا
رهيا. هي ڪتاب 1937ع جي آخر ۾ جمع ڪيو ويو. منهنجي
نظر ۾ فارسي حصي جي اڃا به تڪميل ٿي نه سگهي.
علامہ مرحوم کي وڌيڪ ڪجهه چوڻو هو، پر موت، اسان
کان هو ناياب گوهر کسي ورتو. هيءُ ڪتاب ڪهڙي مقصد
سان لکيو ويو، ان لاءِ علامه رحمته الله عليہ
پاڻ فرمائي ٿو:
بيان
ساقي نه پيماني جو لکيم،
حديث
عشق بيباڪانه لکيم،
ٻڌايو مونکي جواُمت جي پاڪن،
انهيءَ کي صاف ۽ رندانه لکيم.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن تصنيف ۾ هر جا حديث
عشق بيباڪانه لکيل نظر اچي ٿي جا فڪر انساني جي
انتها آهي. هيءَ مقبوليت ته ”الله کان سواءِ ٻي
ڪنهن شئي جو وجود نه آهي،“ ارمغان حجاز ۾ اهو نقش
برقرار نظر اچي ٿو.
ارمغان حجاز رباعيات جي صورت ۾ آهي. اگرچه اهل
عجم، هنن رباعين کي قطعات ئي چوندو، ڇو ته وٽن
رباعي مخصوص آهي. مگر علامه انهن قطعن کي رباعي ئي
ڪري سڏيو آهي. ايران جي شاعرن مان فقط بابا طاهر
همداني، ساڳي بحر ۽ وزن ۾ چار بيتي چيا آهن، انهن
کي خود اهل عجم وارن رباعيات ڪري لکيو آهي. بهر
حال علامه انهن قطعن کي ”رباعيات“ ڪري لکيو آهي.
هي رباعيون ئي اصل ڪتاب جي جان آهن. ڪتاب جي ٻئي
حصي ۾ علامه جون اهي اردون زبان ۾ نظمون آهن، جي
هن پنهنجي اخير عمر جي حصي ۾ لکيون هيون.
”ارمغان حجاز“ جي فارسي حصي کي هيٺين حصن ۾ ورهايو
ويو آهي:
پهريون: بحضور حق
ٻيو:
حضور رسالت صلي الله عليہ وسلم.
ٽيون: ملت جي حضور ۾.
چوٿون: حضور عالم انساني.
پنجون: ياران طريق سان.
پهرئين باب ۾، علامه موصوف، حق تعاليٰ جي بارگاهه
۾، پنهنجي سوالن کي پيش ڪيو آهي. انهن سوالن ۾ ڪٿي
دعائون آهن ته ڪٿي التجائون، ڪٿي شڪوه شڪايت آهي
ته ڪٿي شاعراڻي شوخي، ڪٿي عاجزي آهي ته ڪٿي انساني
خودداريءَ جو ظهور ٿو نظر اچي. هي رباعيون، گويا
ڪتاب جي حمد جو حصو آهن. مگر علامہ حمد جي اندر به
جدت پيدا ڪري وڌي آهي، جو سندس تخيل جي تخليق جو
بهترين مثال آهي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته رباعي،
نظم، قطعه يا غزل جي نسبت ۾، نهايت تنگ ميدان
رکندڙ آهي، ان ڪري شاعر مجبور ٿيندو آهي ته بلاغت
۽ ايجاز کان ڪم وٺي؛ ٿورن کان ٿورن لفظن ۾؛ زياده
کان زياده مطلب کي اُن ۾ آڻي سگهي. تنقيد نگارن وٽ
رباعيءَ جو ڪمال، بلاغت جي شان اندر شمار ٿئي ٿو:
حمد
جي ابتدا ڪيڏي نه عجيب انداز سان ڪئي ويئي آهي، جو
علامه غير معمولي تخيل جو ڪارنامو ٿي سگهي ٿو.
فرمائي ٿو:
اسان
بيدل جي دلين کي کسي ويا،
اجهايل شعلي جان، چمڪي جهڪي ويا،
هلي
اچ عام سان گڏجي گهڙي رهه،
چڱا
ميخانه مان مَٽ مئي جو پي ويا.
بيدل
جي معنيٰ اڪثر عاشق جي حيثيت ۾ ورتي ويندي آهي، پر
اُن جي ٻي معنيٰ، ناڪام ۽ مايوس به آهي. علامه
اُن جي ٻي معنيٰ کي وٺي، خداوند تعاليٰ جي حضور ۾
التجا ڪئي آهي ته اُهي جي اسان ناڪام انسانن جي
دلين کي کسي ويا هئا، اڄ اُنهن اولي العزم شخصيتن
جي چمڪ گويا گهٽجي وئي آهي. هاڻي جڏهن ته اُهي خاص
رهيائي نه آهن ته ”هلي اڄ عام سان گڏجي گهڙي رهه“،
ڇو ته اُهي خاص هاڻي حاصل ٿيڻ ئي مشڪل آهن. اُمت
مسلمه جي هيءَ اها نوحه خواني آهي، جنهن کي
پڙهندي، ندامت کان گردن جهڪي ٿي وڃي ٿي. واقعي
جيڪڏهن اسين پنهنجي عصر جو محاسبو ڪري ڏسنداسون ته
اسان کي صاف معلوم ٿيندو ته اسان وٽ صراط المستقيم
جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا به سر بلندي نه رهي آهي. اهو
ئي سبب آهي جو علامه پنهنجي عصر جي تهيدستي کان
متاثر ٿي، خالق کي التجا ڪئي آهي ته انهيءَ کان
سواءِ ٻيو چارو ئي نه آهي ته تون عامن سان ئي
گذارو ڪر.” جواب شڪوه“ ۾ هن ساڳي ڪمزوريءَ کي، هئن
سادگيءَ سان بيان ڪيو اٿس:
ره
گئي رسم اذان، روح بلالي نه رهي،
فلسفه ره گيا، تلقين غزالي نه رهي.
ساڳئي تصور کي هڪ ٻي رٻاعي ۾ زياده وضاحت سان بيان
ڪيو اٿس. معلوم ائين ٿئي ٿو ته هو گويا ڪعبہ جي
اندر وڃي پهتو آهي. بارگاهه ايزدي مان خطاب ٿئي
ٿو ته ”مسلمان زنده به آهي؟“ جڏهن علامه پنهنجي
بي بضاعتي جو اظهار هئن ٿو فرمائي:
سخن
آ هئڻ ۽ نا هئڻ پنهنجو،
ندامت کان ٽڙڻ منهنجو آ اهنجو.
سڃاڻي زنده مردن جو ٿو سجدو،
سندم
سجدي کان پرکج حال دل جو.
”اها
حقيقت جا مان عرض ڪري رهيو آهيان، ان ۾ ئي تذبذب
موجود آهي، ان ڪري ندامت کان مون ۾ شگفتگي اچي
ڏاڍو مشڪل آهي. منهنجي حالت کي منهنجي سجدي مان
چڱي ريت سڃاڻي سگهين ٿو، ڇو ته زنده مردن جي سجدن
کان تون غير واقف نه آهين“ هن عصر جي مسلمانن تي
ڪيڏي نه ڪڙي نڪته چيني آهي. سجدو ته ڪيو ٿو وڃي،
پر اُهو سجدو، جنهن کان زمين جو روح لرزي ٿي
اٿيو، هاڻي موجود نه آهي. مولانا رومي به انهيءَ
قبيل ۾ فرمايو آهي.:
بر
زبان الله در دل گاوخر
اين
چنين تسبيح ڪي دارد اثر
علامه جي پيغامي شاعريءَ جو هي اعجاز آهي، جو هو
پنهنجي هر هڪ لفظ سان خفته دلين جي احساس کي بيدار
ڪندو ٿو وڃي. ڪيڏو نه بصيرت افروز دليل آهي ته
جڏهن اسان جي سجدن ۾، جو ٻانهي جي عبوديت جو تنها
اقرار آهي، ان ۾ خلوص نه هجي ته ان جي ايمان جي
تڪميل ڪيئن ٿي سگهي ٿي ۽ هو اُن مرتبي تي ڪيئن
پهچي سگهي ٿو، جنهن کي مومن خطاب ڪيو وڃي ٿو، سچ
فرمايو آهي، مولانا رومي:
گبر
هڪ هو در زمان بايزيد
هئن
چيو اُن کي مسلمان سعيد،
آڻ
ايمان تان مليئي برتري
هٿ
اچي تو کي نجات ۽ سروري
اُن
چيو جي آ، اهو ايمان مريد
جو
رکي ٿو شيخ عالم بايزيد
مون
کي اُن جي ناهه طاقت ۽ توان
جي
کڻي ڪوشش ڪجي ان جي بجان
خاصن
جو اهو قحط ڪيڏو نه اسان جي دور تي بدنما داغ آهي.
خاصن جي ڪيميابي کان متاثر ٿي اسان جو مفڪر التجا
ڪري ٿو ته:
ڪيئي
پيدا جهان هي پاڻ کان ڇو
جمال
ان جي جو جلوو هي عيان ڇو؟
چوين
ٿو مون کي شيطان کان حذر ڪر
مگر
پالي ڪيئي ان کي جوان ڇو؟
هي
جهان حقيقت ۾ پاڻ ڪا به شئي نه آهي، مگر خدا
تعاليٰ جي صفات جو اظهار آهي. هن جي هر ذري مان
سندس جمال ئي عيان آهي. اهڙي جميل شئي ۾ ڪنهن به
فتني جي ضرورت نه هئي، مگر هڪ فتني جو وجود به
آندو ويو. ان کان پوءِ ان کان پاسي ڪرڻ جو حڪم،
ڪيتري قدر نه پريشان ڪندڙ آهي. هن باري ۾ شاعرانه
شوخيءِ سان گڏ ڪيڏو نه عجز جو اظهار آهي. انهيءَ
۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيڪڏهن خدا جو فضل شامل حال نه
رهي ته انسان دنيا جي هن فتني کان ڪٿي ٿو پاڻ
بچائي سگهي، شاهه ڀٽائي هن قبيل ۾ فرمايو آهي:
مون
کي مون پرين، ٻڌي اُڇليو ٻار ۾
اڀا
ائين چون، ته مٿان پانڌ پسائين.
علامه پنهنجي زندگيءَ جي آخري دور ۾ وحدت الوجود
جو قائل بڻجي ويو هو. جئن جئن غور۽ فڪر وڌندو
رهيو، هي رنگ به پختو ٿيندو ويو. هو مولانا
روميءَ جي پوئلڳن مان هو، ان ڪري وحدت الوجود جي
رنگ کان، ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهيو. اڪثر صوفي
وحدت الوجود کي حلول ۽ اتحاد جي حالت ۾ ڏسندا رهيا
آهن، مگر علامه انهن خيالن کان مٿي هو. هو عينيت
جي فڪر کان به آزاد هو. شيخ محي الدين اڪبر، جنهن
وحدت الوجود جي مسئلي کي وضاحت سان پيش ڪيو آهي.
اهو فرمائي ٿو ته ”وجود حقيقي فقط الله تعاليٰ جو
آهي، عالم جو ڪو به وجود نه آهي“، پوئين زماني ۾
جناب مجدد رحمته الله عليہ، شيخ اڪبر جي ڪن نظرين
سان اختلاف ڪيو آهي. هن ٻه وجود قائم ڪيا آهن. هڪ
”حقيقت عالم“ ۽ ٻيو ”حقيقت معلوم“. پر جيڪڏهن غور
سان ڏسبو ته عالم ۽ معلوم ۾ ڪو وڏو فرق نظر نه
ايندو. مان هن بحث ۾ وڃڻ نٿو گهران، مگر هي ٻڌائڻ
ضروري ٿو سمجهان ته علامه ”لاموجود الا الله“ جو
دل سان قائل هو. ان ڪري هن مسلڪ ۾ دل آزادي وڏو
گناهه ليکيو ويندو آهي. علامه ان جو اظهار هيئن
ٿو فرمائي:
نه
رنجايم دل ابليس جي مون
خطا
منهنجي ڪڏهن ڪارثواب آ
محبت
الاهيءَ جو نقش، جو هر مفڪر شاعر جو سرمايه حيات
آهي. علامه جي شعر ۾ جا بجا نظر اچي ٿو. هو
سراپا درد بڻجي هڪ هنڌ فرمائي ٿو:
ڏکويل بند ۾ دل جي رهن ٿا
سڄائي سور ڦڪيون نا مڱن ٿا
مون
کان سجدو گهرين پر شاهه ڪاٿي
زمين
ويران مان ڍل کي وٺن ٿا
محبت
وارن جو گروهه هميشه دل جي گرفت ۾ رهڻ سبب، دنيا
جي طرف توجهه ڏيئي نه سگهندو آهي. هو سراپا درد
بڻجي ويندا آهن، ان ڪري وٽن درمان جي ڪا اهميت ئي
نه رهندي آهي. شاهه ڀٽائي هن حقيقت کي هيئن ٿو
بيان فرمائي:
اُٿياري اُٿي ويا، منجهان مون آزار،
حبيب
ئي هڻي ويا، پيڙا جي پچار
طبيبن تنوار، هڏ نه وڻي هاڻ مون
علامه اسان کي درد جي بيخوديءَ جي انتها هيئن ٿو
ٻڌائي ته اهي جي تنهنجي محبت جي اندر فنا ٿي چڪا
آهن، انهن کان سجدي جي ڪهڙي طلب آهي. بادشاهه
ويران زمين کان ڍل ئي نه وٺندا آهن، هن ساڳي مضمون
کي ٻي هنڌ هيئن ٿو فرمائي؛
مرد
درويش ڪا سرمايه هي آزادي و مرگ،
هي
ڪسي اور ڪي خاطر يه نصاب زر وسيم.
دل
جي ڪيفيت جي ذڪرکان پوءِ مسلمانن جي تنزل جي
حقيقت نهايت درد انگيز پيرايه ۾ ڏني وئي آهي.
علامه ان مسلمان قوم کي ڏسڻ جو تمنائي آهي، جا
پنهنجي اوضاع ۽ اطوار کان ايڏي بلند هجي، جو
دوعالم کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي. اڃا به مٿي، اُن
جي رتبي جو هيئن ٿو نقش ڪڍي:
کپي
اُو قوم، ذڪر لاالہ سان،
ڪري
دل رات جي مان صبح پيدا.
سڃاڻي سج اُن جي منزلن کي،
ٻهاري ڪهڪشان رستا اُنهيءَ جا.
پر
جڏهن ته ڪهڪشان سوار مسلمان کيس نظر نه ٿا اچن،
تڏهن سندس تصور اُن مصلح اعظم صلي الله عليہ وسلم
ڏي منتقل ٿي وڃي ٿو، جنهن جي اُمت کي ’اڪرم‘ هئڻ
جو شرف عطا ڪيو ويو هو. شاعر جي گردن، اُمت جي خود
فروشي، اک ۽ ڪن جي طلسم جي گرفتاري کي ڏسي ندامت
کان جهڪي وڃي ٿي، ۽ هو لرزي اُٿي ٿو ته متان اسان
جي بي بسي ۽ بيهودگي جو ڄاڻ، خدا جي محبوب تائين
پهچايو وڃي. اُن ڪري خالق کي التجا ٿو ڪري ته:
جڏهن
اتمام تي پهچي جهان هي،
ٿئي
تقدير هر مخفي عيان هي.
حضور
خواجه ڪج رسوا نه مون کي،
عمل
جاچج سندم، اُن کان نهان هي.
هن
کان وڌيڪ بي بسيءَ جو ڪو اظهار ٿي نٿو سگهي. آقا
جي سامهون، هڪ بندي جو ذليل ٿيڻ محبت جي فطرت جي
خلاف آهي. هن عجز ۽ بيچارگي کان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته علامه کي حضور سرور ڪائنات سان ڪيڏي
نه محبت هئي. اهڙي ريت هي حمد جو باب، محبت نبوي
صلعم جي جذبي تي وڃي پورو ٿئي ٿو، جنهن لاءِ
فرمائي ٿو:
بدن
هت، جان آهي ڊوڙ ڊڪ ۾،
هلي
اُن شهر ڏي بطحا کان گذري.
هتي
هج تون ۽ خاصن ساڻ گڏ رهه،
نه
مون کان منزل محبوب وسري.
”رموز بيخودي“ ۾ علامه جا ٻه شعر آهن:
معني
حرفم ڪني تحقيق ڪر،
بنگري باديددهء صديق گر.
قوت
قلب و جگر گردد نبي،
ازخدا محبوب تر گردد نبي.
”جيڪڏهن منهنجي حرف جي معنيٰ سوچيندي ۽ حضرت صديق
جي اکين سان ڏسندين، ته تنهنجي قلب ۽ جگر جي لاءِ
نبي (صلعم) قوت بڻجي ويندو ۽ خدا کان وڌيڪ اهوئي
محبوب نظر ايندو.“
عشق
۽ محبت جو ڪمال اهو ئي ٿئي ٿو. علامه کان هڪ ڀيري
مٿئين شعر جو مطلب پڇيو ويو هو، پاڻ فرمايو هئائين
ته ”مان سرڪار دو عالم صلي الله عليہ وسلم کي، هن
ڪري محبوب سمجهان ٿو ته، اسان سندس ئي وسيلي سان
الله تعاليٰ کي ڄاتو، راهبر مقصود ۽ منزل کان
زياده هوندو آهي“
بهرحال حمد جي فصيح ۽ بليغ باب کان گذرڻ بعد،
علامه محبوب جي منزل ڏانهن هليو آهي. معلوم ائين
ٿو ٿئي ته هو وڏي سرور ۽ ڪيف سان اُن سفر ڏي هلڻ
ٿو گهري. ڪيڏي نه هيج مان قافلي وارن کي عرض ٿو
ڪري:
اُٿي
خيمہ نشين، خيمو ڇڏي ڏي
ڪئي
ٻاهر وڃي سونهين آ منزل
ڪجائي کي هلائي عقل مشڪل
ڏيان
ٿو واڳ پنهنجي تو کي اي دل
قافلو جڏهن پنهنجي منزل تي هلندو آهي ته اُن جو
رهبر، اُن کان وڌي، ٿورو اڳتي وڃي ترسندو آهي.
علامه تصور ۾ دوست جي منزل ڏانهن هلندڙ قافلي جي
سونهين کي تيار ڏسي، عقل کي هٿ کان ڇڏي، عشق جي
هٿن ۾ پنهنجي واڳ ڏئي ٿو، هيءَ آهي محبت جي انتها.
|