احمد
نديم قاسمي
علامه
ڊاڪٽر محمد اقبال
جڏهن
ڪنهن قوم جا چڱا ڏينهن ايندا آهن، تڏهن اول ان جي
دل ۾ پنهنجي پستيءَ ۽ تباهه حاليءَ جو احساس پيدا
ٿيندو آهي. ان وقت ان ستل قوم جو هڪ فرد سجاڳ ٿي
”بانگ درا، وسيلي انهيءَ بيٺل ۽ ڄميل ڪاروان کي
ترقيءَ جي شاهراهه تي آڻي سرگرم عمل ۽ جستجو ڪري
ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ وقت آيو، جڏهن ماٺار
جا اهي نشان ۽ نقش، جي سموري دنيا جي مسلمانن تي
ڇانيل هئا، ملت بيضا جي هر شخص کي نظر اچڻ لڳا ۽
اسلامي جي هر خطي ۾ اهڙا اڳواڻ پيدا ٿيا، جن جي
عمل، سُرت ۽ سڃاڻ قوم کي ترقي جي صحيح رستي تي
آڻي بيهاريو ۽ مُئل رڳن ۾ زندگيءَ جي گرمي ڊوڙائي،
منزل مقصود ڏانهن قطاري ڇڏيو.
علامه ڊاڪٽر محمد اقبال اهڙي ئي ڪاروان جو سالار
هو، جنهن جي درد ڀريل ترانن، پر سوز فريادن ۽
زندگي بخشيندڙ سينهي قوم جي حق ۾ صور اسرافيل جو
ڪم ڪيو ۽ سندن شعله نوائين ماڻهن جي گڱريل جذبن کي
گرمائي ڇڏيو.
اقبال جا وڏا:
اقبال جا ابا ڏاڏا ڪشميري پنڊ تن جي هڪ معزز
گهراڻي مان هئا، جن سلطان زين العابدين عرف بڊ
شاهه جي دور (823هه/1221ع کان 877 هه/1473ع ۾
اسلام قبول ڪيو. سندس ڏاڏو ڪشمير کان لڏي پنجاب
آيو ۽ اچي سيالڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس
خاندان جي هڪ شاخ اڃا تائين ڪشمير ۾ موجود آهي ۽
”سپرو“ سڏجڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ لفظ مان اهو شخص
مراد آهي، جنهن سڀ کان اول پڙهڻ سکيو يا جيڪو علم
۾ اڳرو هجي، اقبال جو پيءُ چوندو هو ته اهو نالو
ڪشمير جي برهمڻن پنهنجن انهن ڀائرن کي تعريض و
تحقير خاطر ڏنو هو، جن قديم قومي ۽ مذهبي رسمن ۽
لاڳاپن کي ڇڏي سڀ کان اول اسلامي زبان ۽ علم سکڻ
شروع ڪيا. هوريان هوريان اهو نالو هڪ دائمي ”گوت“
بنجي مشهور ٿي ويو. ڪشميري پنڊتن جي سياڻپ ۽
فلسفه دانيءَ کان ڪنهن کي انڪار ٿي سگهي ٿو؟ ظاهر
آهي ته قانون جي لحاظ سان ته ورثي ۾ اقبال کي
کانئن چڱو موچارو حصو ملڻو هو، اقبال انهيءَ جي
مڃتا ڪندي فرمائي ٿو.
مرا
بنگر ڪه در هندوستان نمي بيني،
برهمن زاده رمز آشنائي روم و تبريز است
مير
و مرزا ب يا سياست دل و دين باختہ انہ،
جز
برهمن پسري محرم اسرار ڪجاست.
5-
آڪٽوبر 1925ع جي اقبال هڪ خط جي ذريعي پنهنجي ڀاءُ
بزرگ شيخ عطا محمد کي اها خوشخبري ڏني:
”توهان ۽ بابا سائين جن اهو ٻڌي خوش ٿيندا ته ڪافي
عرصي جي ڳولا کانپوءِ اڄ پنهنجن بزرگن جو ڏس ملي
ويو آهي. حضرت بابا لولي حج ڪشمير جي مشهور مشائخ
مان هو. سندس ذڪر خواجه اعظم جي تاريخ ڪشمير ۾
اتفاق سان ملي ويو آهي. جو ڪجهه پنهنجن وڏن کان
ٻڌو هو، اهو مجموعي طرح برابر آهي. سندس اصل ڳوٺ
لوچر نه هو، پر موضع چڪو پرڳڻو اڊون هو. ٻارنهن
سال ڪشمير کان ٻاهر رهيو، ۽ ٻين ملڪن جي سير ۾
مصروف رهيو. زال سان سندس تعلقات ٺيڪ نه هئا، تنهن
ڪري دنيا ترڪ ڪري، ڪشمير ڇڏي هليو ويو. واپس اچڻ
تي غيبي اشاري ملندي حضرت بابا نصر الدين جو مريد
ٿيو، جو حضرت نور الدين ولي جو مريد هو. باقي
حياتي هن بابا نصر الدين جي صحبت ۾ گذاري ۽ پنهنجي
مرشد جي ڀرسان دفن ٿيل آهي. هاڻي اميد آهي ته وڌيڪ
حالتن جي خبر پئجي ويندي. گمان آهي، بابا نصر
الدين جو اولاد ڪشمير ۾ هوندو، کانئس وڌيڪ حالتن
جي خبر ملڻ جي اميد آهي ۽ انهي ۾ ڪهڙو عجب، ته وٽس
پنهنجي مريدن جو سمورو سلسلو موجود هجي.“
مشهور پاڪستاني محقق مولوي محمد عبدالله قريشي،
اقبال جي ابن ڏاڏن جي باري ۾ ڪجهه کوج لڳائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. سندس کوجنا مان پتو پيو آهي ته حضرت
شيخ نور الدين وليءَ جو خليفو بابا نصر الدين جي
مريدن مان هڪڙو بزرگ هو، جنهنجي اصل نالي جو پتو
پئجي نه سگهيو، پر سندس باري ۾”واقعات ڪشمير“
(تاريخ اعظي) مصنفه خواجه محمد اعظم ديده مري جي
صدصي 72 ۾ لکيل آهي، ته هن ٻارنهن سال ڪشمير کان
ٻاهر سير ۽ سياحت ۾ گذاريا ۽ ڪيترائي حج پيرين
پيادا ڪيائين، انهيءَ ڪري کيس ”بابا لول حج، يا
لولي حاجي، چوندا هئا. سندس وطن پرڳڻي، ”اڊون، جو
ڳوٺ، ”چڪو“ هو، جو ڪو لگام تعلقي ۾ آهي، اسلام
قبولڻ کان اڳ ذات جو برهمڻ هو، گوت سپرو ۽ ڌنڌو
زمينداري هو. هو سپرو خاندان جي انهن پهرين بزرگن
مان هو، جي مسلمان ٿيا. فقر اختيار ڪرڻ کان پوءِ
سڀ ڪجهه ڇڏي، پير جو آستانو وسايائين، ۽ لاڏاڻي
کان پوءِ به چرار شريف ۾ شيخ نور الدين ولي ريشي
جي مزار جي احاطي جي اندر پنهنجي مرشد بابا نصر
الدين جي پاسي ۾ جاءِ مليس.
بابا
لولي حج جي جانشينن جي سلسلي ۾ شيخ محمد اڪبر هڪ
باعمل صوفي هو، جنهن جي تقدس جي ڏاڍي شهرت هئي. هن
ڪيترائي ڀيرا پنجاب جو سفر ڪيو. مرشد سندس شرافت و
نجابت ڏسي سندس شادي پنهنجي ڌيءَ سان ڪرائي. شيخ
جي وصال کان پوءِ هو ئي سندس خليفو مقرر ٿيو.
سندس
چوٿين پيڙهيءَ ۾ چار ڀائر: شيخ محمد رمضان، شيخ
محمد رفيق ۽ شيخ عبدالله وغيره افغانن جي دور ۾
ڪشمير مان لڏي پنجاب ۾ آيا ۽ سيال ڪوٽ ۾ رهائش
اختيار ڪيائون. سندس والد جيئن ته ڪشمير ۾ رهيو،
انهي ڪري سيال ڪوٽ ۾ ڪنهن کي سندس باري ۾ ڪا خبر
پئجي نه سگهي.
شيخ
محمد رمضان سڀ کان وڏو هو. هن تصوف تي فارسي
ٻوليءَ ۾ ڪجهه ڪتاب لکي پنهنجي صوفي پڻي جو ثبوت
ڏنو آهي. کيس ٽن ڌيئرن کان سواءِ پٽيتو اولاد نه
هو جنهن ڪري پيڙهي اڳتي نه هلي.
ٻئي
ڀاءُ شيخ محمد رفيق سيال ڪوٽ ۾ بزازي جو دڪان
کوليو ۽ سندس وڏي پٽ شيخ نور محمد به پنهنجي پيءُ
جي دڪان تي ئي ڪم ڪيو. شيخ عطا محمد ۽ علامه
اقبال سندس ئي پٽ هئا. شيخ محمد رفيق جو ٻيو پٽ،
شيخ غلام محمد، آبپاشي کاتي ۾ نوڪري وٺي روپڙ ۾
رهندو هو، جتي شيخ محمد رفيق پنهنجي پٽ سان ملڻ
لاءِ ويو، ۽ اتي ئي بيمار ٿي لاڏاڻو ڪيائين.
اهڙيءَ طرح اقبال جي ڏاڏي جو آخري آرامگاهه روپڙ ۾
آهي.
ٽئين
ڀاءُ شيخ عبدالله ضلعي سيالڪوٽ جي ڳوٺ جيٺي ۾
رهائش اختيار ڪئي. سندس اولاد مان گهڻا حيدرآباد
رياست ڏانهن هليا ويا ۽ اتي کيتيءَ ۾ لڳل رهيا.
سڀ
کان ننڍي ڀاءُ جي نالي جي خبر پئجي نه سگهي. اهو
لاهور ۾ رهي پيو ۽ بنا اولاد جي وفات ڪيائين.
اقبال جي پي شيخ نور محمد جي ڪنيت نڪ ٽوپيل هئڻ
ڪري شيخ نٿو هئي. هو ڏاڍو خوبصورت، چڱو قداور،
نهايت خوش پوش ۽ خوش ذوق انسان هو. واپاري ڌنڌي جي
واکاڻي صوفين ۽ عالمن جي سنگت ۾ اٿڻ ويهڻ سان
شريعت ۽ طريقت جون رمزون ۽ نقطا خوب سمجهندو هو.
مجلسي علم کان چڱيءَ طرح واقف هو. پنهنجي شوق جي
ڪري لکڻ پڙهڻ به سکي ويو هو، مٿس تصوف ۽ روحانيت
جو گهرو رنگ هو. علامه اقبال جو استاد مولوي
ميرحسن کيس اڻ پڙهيل فيلسوف، چوندو هو، اهو ئي رنگ
اقبال ۾ علم ۽ حڪمت، شعر ۽ ادب جي جوهرن سان ملي
ڏاڍو گهرو ٿي ويو هو، اقبال پنهنجي پيءُ جي
روحاني درجن جا ڪئين دلچسپ واقعا ٻڌائيندو هو. هو
قرآن مجيد جي تلاوت کي دين ۽ دنيا جي ترقي جو سبب
سمجهندو هو ۽ اقبال کي هميشه اها ئي تلقين ڪندو
رهندو هو ته، پُٽ! قرآن پاڪ اهڙي طرح پڙهندو ڪر،
ڄڻ اهو تو تي ئي نازل ٿي رهيو آهي، يا خدا تو سان
ڳالهائي رهيو آهي. اقبال جي طبيعت ۾ نرمي قرآن پاڪ
جي تلاوت جو ئي نتيجو هو.
شيخ
نور محمد تمام وڏي حياتي ماڻي. اقبال جي هر
دلعزيزي جو عروج پنهنجين اکين سان ڏٺائين. اسي
ورهين جي ڄمار ۾ اکين ۾ موتيو پئجي ويو هوس، جنهن
ڪري نظر هلي ويئي هيس. لڳ ڀڳ سئو ورهين جي ڄمار ۾
7- آگسٽ 1930ع تي سيالڪوٽ ۾ وفات ڪيائين. اقبال هي
تاريخ جو قطعو لکيو، جو امام صاحب جي قبرستان ۾
مرحوم جي قبر تي اڪريل آهي:
پدر
و مرشد اقبال ازين عالم رفت،
ما
هما را هر روان منزل ما ملڪ ابد.
هاتف
از حضرت حق خواست دو تاريخ رحيل،
آمد
آواز اثر رحمت ”آغوش لحد“
1349هه ـــ 1349هه
انهي
کان 15- 16 سال اڳ 9- نومبر 1914ع جي جڏهن اقبال
جي امڙ فوت ٿي ۽ اقبال نهايت ئي درد ڀريو نظم”امڙ
جي ياد ۾“ لکيو، ته حضرت اڪبر الهه آباديءَ همدردي
جي اظهار ڪندي، جي شعر چيا هئا، انهن ۾ ماءُ پيءُ
جي تربيت جي اثرن تي خاص طور تي اشارو ملي ٿو:
حضرت
اقبال مين جو خوبيان پيدا هوئين،
قوم
ڪي نظرين جو ان ڪي طرز ڪي شيدا هوئين.
يه
خود آگاهي، يه خوش گوئي يه ذوق معرفت،
يه
طريق دوستي، خود داري با تمڪنت،
اس
ڪي شاهد هي ڪي ان ڪي والدين ابرار ٿي،
با
خدا ٿي، اهل دل ٿي، صاحب اسرار ٿي،
جلوه
گر ان مين انهي ڪا هي يه فيضِ تربيت،
هي
ثمر اُس باغ ڪا يه طبع عالي منزلت.
روڪنا مشڪل هي آه و زاري و فرياد ڪو،
نعمت
عظميٰ هي مان ڪي زندگي اولاد ڪو.
مادر
مرحومه اقبال جنت ڪو گئين،
چشم
تر هي آنسوئون سي قلب هي اندوه گين.
اڪبر
اس غم ۾ شريڪ حضرت اقبال هي،
سال
رحلت ڪا يهان منظور اسي في الحال هي.
واقعي مخدوم ملت تهين، وه نيڪو صفات،
”رحلت مخدومہ“ سي پيدا هي تاريخِ وفات.
1333هه
حضرت
اڪبر الهه آباديءَ جو هي تاريخ جو قطعو امڙ مرحومه
جي لوح مزار تي اُڪريل آهي.
مادر
مخدومہء اقبال رفت،
سوئي
جنت زين جهان بي ثباب.
گفت
اڪبر بادل پردرد و غم،
”رحلت مخدوم“ تاريخ وفات
1333هه
عرفان ۽ تقويٰ ۽ اسلامي رنگ ڍنگ جي اها ئي ڀاڳڀري
فضا هئي، جنهن جي هنج ۾ اقبال سکيا ورتي هئي.
انهيءَ آڌار تي هن پنهنجي پٽ جاويد اقبال کي هيءَ
وصيت فرمائي:
غارت
گردين هي يه زمانه،
هي
اس ڪي نهاد ڪا فرانه.
خالي
اُن سي هوا ديستان،
تهي
جن ڪي نگاهه تازيانه،
جس
گهر ڪا مگر چراغ هي تو،
هي
اس ڪا مذاق عارفانه.
همت
هو اگر تو ڊونڊهه و ه فقر،
جس
فقر ڪي اصل هي حجازي،
مومن
ڪي اسي مين هي اميري،
الله
سي مانگ يه فقيري.
جنم
۽ تعليم:
اقبال 9 – نومبر 1877ع تي سيالڪوٽ ۾ ڄائو. هي اهو
ئي شهر آهي، جنهن جي خاڪ پاڪ مان علامه عبدالحڪيم
جهڙو يگانو فاضل پيدا ٿي چڪو آهي. اقبال جي پيدائش
در اصل ملتِ بيضا جي ظهور جي خوشخبري هئي:
نعرهء زد عشق ڪه خونين جگر سي پيدا شد،
حسن
لرزيد ڪہ صاحب نظري پيدا شد.
فطرت
آشفت ڪه از خاڪ جهان مجبور،
خودگري، خود شڪني، خود نگري پيدا شد.
(يعني) جڏهن ڪائنات جي سر جڻهار انسان کي تخليق
ڪيو، تڏهن عشق رڙ ڪري اٿيو ته اهو سچو عاشق اچي
ويو، جو محبت ۾ جگر جي خون سان ڪشت وفا جي آبياري
ڪندو.
حسن
انهيءَ انديشي کان ڏڪي ويو ته هي ايترو باريڪ بين
۽ دور رس هوندو، جو صورت جي جلوي جي رنگيني ۽
ظاهري چمڪ دمڪ جي پويان لڪل ناپائيداري ۽ بي
ثباتيءَ جي بي رنگي به ڏسي وٺندو.
فطرت
انهيءَ خيال کان پريشان ٿي وئي ته مشيت ايزديءَ جي
حڪم سان ٻڌل بي وس ۽ مجبور عنصري عالم جي بيجان
خاڪ مان هڪ اهڙو اختيار جو صاحب پيدا ٿي ويو آهي،
جو پنهنجي ڪردار ۽ عمل ڪري پنهنجي تقدير پاڻ
ٺاهيندو ۽ پنهنجي قاهر قوتن جي سر ڪشيءَ سان
پنهنجي حيات جو رشتو پاڻ ئي پاش پاش ڪري ڇڏيندو.
يعني
هو زمين تي فساد ڦهلائيندو ۽ پنهنجي عقل سان
پنهنجي خاڪي جسم جي اونداهن پردن ۾ لڪل عروج ۽اوسر
جي تابناڪ صلاحيتن جو مشاهدو ڪندو.
ٻن
ڀائرن ۽ چئن ڀينرن ۾ اقبال سڀني کان ننڍو هو. مڪتب
جي شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ اقبال اسڪاچ
مشن هاءِ اسڪول سيالڪوٽ 1893ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان
پاس ڪيو. پوءِ اسڪاچ مشن ڪاليج ۾ داخلا وٺي علمن ۽
فنن حاصل ڪرڻ کان سواءِ فارسي ۽ عربي شمس
العلماءِ سيد مير حسن کان پڙهيو. مولانا مرحوم
عربي نظم ۽ نثر جو هاڪارو عالم، اسلاميات جو سچو
شيدائي ۽ نهايت نيڪ خصلت ۽ پاڪ منش بزرگ هو. سندس
صحبت جي فيض سان اقبال ”تپش“ کان آشنا ٿيو ۽ سندس
اهو جهومر جڳمڳائجي اٿيو، جو فطري طرح سندس طبيعت
۾ موجود هو. هن شعر چوڻ شروع ڪيا، استاد اتساهه
ڏياريس ۽ سندس شاعري ٿوري ئي عرصي ۾ اڪثر استاد
شاعرن جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويئي، هن خط ۽ ڪتابت
ذريعي فضيح الملڪ نواب مير زا داغ دهلويءِ کي
پنهنجو ڪلام ڏيکاريو ۽ پنهنجي شفيق استادن جي
نوازشن کي هميشه ياد رکيو. 1905ع ۾ جڏهن اعليٰ
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلستان اسهيو، تڏهن پنهنجي
نظم ”التجاءَ مسافر“ ۾ علم ۽ عمل جي رزانيءَ جي
دعا گهرڻ ۽ هڪ سدوري پٽ وانگي ”قدم مادر جو پدر پہ
جبين“ رکڻ جي آرزوءَ سان گڏ شمس العلماءِ مولانا
سيد مير حسن سان عقيدت و محبت جو اظهار هيٺين شعرن
۾ ڪيو:
وه
شمع بارگہ خاندان مرتضوي،
رهي
گا مثل حرم جس ڪا آستان مجهه ڪو.
نفس
سي جس ڪي کلي ميري آرزو ڪي ڪلي،
بنايا جس ڪي مروت نه نڪته دان مجهه ڪو،
دعا
يه ڪر ڪہ خداوند آسمان و زمين،
ڪري
ڦر اس ڪي زيارت سي شادمان مجهه ڪو.
اهڙيءَ طرح ڪن ٻين لفظن ۾ حضرت داغ دهلويءَ،
مولانا شبلي نعمانيءَ، مولانا حالي پاڻيپتي ۽
مولانا گرامي جي واکاڻ ڪيائين.
1995ع ۾ سيالڪوٽ مان ايف اي پاس ڪرڻ کانپوءِ،
اقبال گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخل ٿيو، جتان
1897ع ۾ بي اي. جو امتحان پاس ڪيائين. انهي ڪاليج
۾ پروفيسر ڊاڪٽر آرنلڊ کان فيلسوفيءَ ۽ حڪمت جو
درس ورتائين ۽ پنهنجي خداداد ذهانت ۽ قابليت جو
پورو پورو ثبوت ڏنائين. ڊاڪٽر آرنلڊ لاهور اچڻ کان
اڳ علي ڳڙهه ڪاليج جي پروفيسريءَ جي زماني ۾
مولانا شبليءَ تي پنهنجي قابليت جو اثر ويهاري چڪو
هو، هتي کيس اقبال جهڙو جوهر نظر آيو، جنهن جي
چمڪائڻ ۾ هن خوشي محسوس ڪئي. هو جديد فلسفي کان
سواءِ عربي ادبيات ۽ اسلاميات جو به ماهر هو، سندس
جڳ مشهور ڪتاب ”پريچنگ آف اسلام“ ان جو سچو شاهد
آهي. هن جي ڌيان جي ڪري اقبال چڱي ترقي ڪئي. هو
اقبال جي علمي کوجنائن جو دلي قدر ڪندو هو ۽ سندس
فلسفيانه انڪشافن جو داد ڏيئي، کيس اتساهيندو هو.
انهن
ڏينهن ۾ هڪ غير معمولي واقعي اقبال کي بيحد پريشان
ڪيو. هڪ مولوي صاحب، جو عالمِ دين به هو، توقع جي
خلاف ڪوڙ ڳالهايو. اقبال اهو ڏسي بيقرار ٿي ويو ۽
ڪيترن ڏينهن تائين انهيءَ مسئلي تي بي چينيءَ جي
عالم ۾ غور ڪندو رهيو. پڙهائي ڇڏائجي ويس، دل کڄي
ويس ۽ ڪجهه به نٿي اجهيس. پروفيسر آرنلڊ سندس اها
بي ڌياني ڏٺي ته کانئس انهي جو سبب پڇيائين، اقبال
اهو سمورو واقعو جيئن جو تيئن کيس ٻڌايو. پروفيسر
آرنلڊ نهايت همدردي سان سندس مونجهارو دور ڪيو ۽
چيائين ”آئنده زندگي ۾ توهان کي اهڙي قسم جي
بيشمار واقعن سان منهن سمهون ٿيڻو پوندو“ انهن
ڳالهين ڪري اقبال جو علمي شهرت جو چوٻول پري پري
تائين ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽر آرنلڊ هڪ ڀيري پاڻ چيو هو ته
اهڙو شاگرد استاد کي محقق بڻائي ٿو ڇڏي. انهي پڌري
ڪاميابي تي پنهنجي فاضل استاد جي باري ۾ ٿورائتي
هجڻ جا جيڪي جذبا سندس دل ۾ پيدا ٿيا، انهن جو
اظهار اقبال ”نالئه فراق“ جي سري سان پروفيسر
آرنلڊ جي 26- فيبروري 1904ع تي استعيفا ڏيئي، يورپ
وڃڻ کان پوءِ هيٺين شعرن ۾ ڪيو:
جا
بسا مغرب مين اي مڪان تيرا مڪين،
آه!
مشرق ڪي پسند آئي نه اس ڪو سر زمين،
آگيا
آج اس صداقت ڪا مري دل ڪو يقين،
ظلمتِ شب ضيائي روز فرقت ڪم نهين،
تاز
آغوش و داعش داغ حيرت چيده است،
همچو
شمع ڪشته درجسم نگہ خوابيده است
ذره
ميرئي دل ڪا خورشيد آشنا هوني ڪو ٿا،
آئينه ٽوٽا هوا عالم نما هوني ڪو ٿا،
نخل
ميري آرزوئون ڪا هرا هوني ڪو ٿا،
آه،
ڪيا جاني ڪوئي مين ڪيا سي ڪيا هوني ڪو ٿا،
ابر
رحمت دامن از گلزار من برچيد و رفت،
اند
ڪي هر غنچه هائي آرزو باريد ورفت.
کول
دئي گا دست وحشت عقدهء تقدير ڪو،
توڙ
ڪر پهنچون گا مين پنجاب ڪي زنجير ڪو،
ديکتا هي ديدهء حيران تيري تصوير ڪو،
ڪيا
تسلي هو مگر گرويدهء تقرير ڪو،
تاب
گرمائي نهين رکتا دهن تعمير ڪا،
خامشي ڪهتي هين جس ڪو هي سخن تصوير ڪا.
۽
جيستائين پنجاب جون زنجيرون ٽوڙي پاڻ به انگلستان
نه پهتو، تيستائين آٿت نه آيس، سندس روح کي چين نه
آيو.
شهرت جي شروعات:
لاهور جي قيام جي زماني ۾ اقبال جي شاعري عام منظر
تي آئي ۽ عام مشاعرن ۾ شريڪ ٿي داد سخن وٺڻ لڳو.
خيالن ۾ جيئن ته جدت ۽ نواڻ هئي، انهيءَ ڪري سندس
ڪلام بيحد پسند ڪيو ويندو هو. هڪ ڀيري ته سندس هي
شعر شاعريءَ جو حاصل قرار ڏنو ويو:
موتي
سمجهه ڪي شان ڪريمي نه چُن لئي
قطري
جو ٿي مرئي عرق العفال ڪي.
پوءِ
جڏهن هن زماني جي مذاق ۽ وقت جي تقاضائن موجب
انگريزي نظمن ۽ خيالن کي اردوءَ جو ويس پارائڻ
شروع ڪيو، ته سندس انهيءَ ڪوشش کي ڏاڍو ساراهيو
ويو.
تعليم کان آجي ٿيڻ کانپوءِ هو پهرين اورينٽل ڪاليج
لاهور۾ عربيڪ ريڊر ۽ پوءِ گورنمينٽ ڪاليج ۽
اسلاميا ڪاليج لاهور ۾ فلسفي ۽ انگريزي جو پروفيسر
مقرر ٿيو. انهن ڏينهن ۾ هن اقتصاديات تي هڪ ڪتاب
”علم الاقتصاد، لکيو. اهو سڀ کان پهريون مستند
ڪتاب آهي، جو انهيءَ موضوع تي اردو ٻولي ۾ لکيو
ويو.
ايم.
اي جي تعليم سان گڏوگڏ اقبال لا جي ڪلاس ۾ به
داخلا ورتي، پر امتحان جي هڪ پيپر ۾ فيل ٿي پيو.
1901ع ۾ هو پنجاب جي ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪمشنر جي
امتحاني مقابلي ۾ شريڪ ٿيو، پر ميڊيڪل بورڊ کيس
ڊاڪٽري لحاظ کان نااهل قرار ڏنو. جيتوڻيڪ سندس صحت
تمام سٺي هئي. انهي بي انصافيءَ جي خلاف ڪن اخبارن
نهايت زبردست احتجاجي نوٽ به لکيا. يورپ وڃي پي.
ايڇ ڊي ۽ بئريسٽري ڪرڻ جو خيال کيس انهيءَ
ناڪاميءَ جي ڪري آيو. انهيءَ زماني ۾ اقبال ڪشميري
مسلمانن ۽ انجمن حمايت الاسلام لاهور جي ساليانن
جلسن لاءِ اهي غير فاني نظم لکيا، جنهن ڪري سندس
شهرت آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. پوءِ مخزن جي
صفحن ۾ هڪ ٻئي پٺيان نظم ڇپيا، جي بيحد هر واسي
ٿيا ۽ سمورو هندستان سندس نالي سان گونجي اٿيو.
اقبال جو ترانو ”نيا شواله، (نئون شوالو) ۽ ٻين
قومي نظمن ملڪ ۾ سجاڳيءَ جي هڪ عام لهر ڊوڙائي ۽
سڀني کيس قومي سجاڳي ۽ نشات ثانيه جي حقيقت جو
ترجمان مڃي ڪري ورتو.
تعليمي سفر:
2-سيپٽمبر 1905ع تي اقبال انگلستان روانو ٿيو ۽
ڪئمبرج يونيورسٽي مان فلسفي ۾ سند حاصل ڪيائين.
پوءِ يورپ جي مختلف ملڪن جو سير ڪندو. جرمنيءَ
پهتو ۽ فلسفه عجم تي هڪ کوجنا وارو مقالو لکي
ميونڪ يونيورسٽي مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل
ڪيائين. جرمني مان واپس اچي لنڊن اسڪول آف
پوليٽيڪل سائنس ۾ داخل ٿيو ۽ بيريسٽري جو امتحان
اعزاز سان پاس ڪيائين.
انگلستان ۾ رهڻ واري زماني ۾ پروفيسر ميڪ ٽيگرٽ
کان ڏاڍو متاثر ٿيو. اقبال جي راءِ پٽاندر ميڪ
ٽيگرٽ جو فلسفو هڪ خاص قسم جو تصوف هو، جنهن عقل
جي روشنيءَ ۾ کيس يزدان شناسيءَ جو رستو ڏيکاريو.
پروفيسر نڪلسن ۽ پروفيسر برائون سان ته سندس چڱي
سنگت ٿي ويئي هيس. اهي ٻئي صاحب مشرقي ادبيات جا
زبردست ماهر ۽ نقاد هئا. سندس دوستيءَ جو هڪ فائدو
ته اهو به ٿيو جو اقبال کي فارسي ادبيات ۽ ٻين
اسلامي علمن جي اڀياس جو وجهه ملي ويو. ٻيو ته
اسلامي تهذيب ۽ مغربي تمدن جي ڀيٽ سندس اکيون کولي
ڇڏيون. ٽيون سندس علم ايترو وسيع ۽ ٻولي ايڏي پختي
ٿي ويئي، جو هو نئين دور جي شاعر جي حيثيت سان
شاعريءَ ۽ پيغمبري جو ٻٽو گڻ سوکڙي ٿي مليس. هن
اسلامي اصولن جي علمبرداري کي پنهنجي زندگيءَ جو
نصب العين قرار ڏيئي پنهنجي جذبن ۽ سوچن جي اظهار
لاءِ هڪ نئين راهه تلاش ڪئي. پهرين هو فطرت سان
محبت ڪرڻ جي تعليم ڏيندو ۽ قدرت جي مظهرن ۾ انوار
ربانيءَ جو مشاهدو ڪندو هو. پوءَ هو پيڪر انسانيءَ
۾ الله تعاليٰ جي صفتن جا جلوا ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ لڳو.
۽ چوٿون فائدو اهو ٿيو ته پروفيسر نڪلسن بعد ۾
سندس فارسي مثنوي ”اسرار خودي“ کي انگريزي ٻولي ۾
ترجمو ڪري کيس پوري يورپ ۽ آمريڪا ۾ روشناس ڪرائي
ڇڏيو.
انهيءَ هنڌ هن اسلام تي ڇهه مقالا پڙهيا، جنهن ڪري
سندس مذهبي کوجنائن جي ڌوم مچي ويئي. پروفيسر
ڊاڪٽر آرنلڊ ڪجهه مهينا موڪل وٺي مصر ويو ته لنڊن
يونيورسٽي اقبال کي سندس جاءِ تي عربيءَ جو قائم
مقام پروفيسر مقرر ڪيو.
واپسي:
تدريس جا ڇهه مهينا گذاري اقبال وطن واپس آيو، ۽
27 جولاءِ 1908ع تي سومر ڏينهن لاهور پهتو. لاهور
جي وڏن گرمجوشيءَ سان سندس آجيان ڪئي، ڀليڪار
ڪندڙ دوستن ۽ بزرگن ۾ هندو ۽ مسلمان سڀ شامل هئا.
اقبال نهايت کلمکائيءَ سان سڀني سان مليو ۽ ڏسندڙن
ڏٺو ته سندس مزاج ۾ ولايت مان موٽندڙن جهڙي ڪا ئي
ڳالهه نه هئي. جا سادگي سندس طبيعت ۾ اڳ هئي، اها
ئي ولايت مان واپس اچڻ ۽ اوچي تعليم حاصل ڪرڻ
کانپوءِ به موجود هئي.
ولايت وڃڻ کان اڳ اقبال گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾
فلسفي ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر هو ۽ وڌيڪ تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ موڪل تي ويو هو. واپس اچي اهو وري
گورنمينٽ ڪاليج ۾ پڙهائڻ لڳو، پر هاڻي کيس پڙهائڻ
سان گڏ وڪالت ڪرڻ جي به اجازت هئي ۽ حڪومت پنجاب
جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ طرفان سڀني ننڍين ڪورٽن
کي حڪم هو ته جنهن ڪيس ۾ اقبال پيش ٿئي، اهو
ٻنپهرن جي مانيءَ کان اڳ ٻڌو نه وڃي، انهيءَ مان
اقبال جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پهر ٻن
اڍائي سالن کان پوءِ ئي هن نوڪري تان استعيفا ڏيئي
بيريسٽريءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. دوستن ڪارڻ
پڇيو ته وراڻيائين ته ”مان نوڪري“ ۾ رهي آزاديءَ
سان پنهنجن خيالن جو اظهار نٿو ڪري سگهان.“
بئريسٽريءَ جي ذريعي کيس دولت ميڙڻ جو شوق نه هو.
رڳو اوترا ڪيس کڻندو هو، جن جي آمدنيءَ مان سندس
خرچ پورو ٿي سگهي. جڏهن اهو خرچ پورو ٿي ويندو هو
ته ڪيس کڻڻ بند ڪري ڇڏيندو هو. انهيءَ اصول ۾ هن
مرندي وقت تائين فرق اچڻ نه ڏنو.
اعزاز:
1920ع ۾ جڏهن اقبال جي فارسي مثنوي ”اسرار خودي“
جو انگريزي ترجمو ڪئمبرج جي پروفيسر نڪلسن ڪيو ۽
گڏوگڏ سندس ڪي مضمون درس عمل تي يورپ جي رسالن ۾
شايع ٿيا ته مغربي ملڪن تي سندس علمي قابليت جو
ڌاڪو ويهي رهيو. برطانيه جي حڪومت 1922ع ۾ کيس
نائيٽ(سر) جو خطاب عطا ڪري، پنهنجي معارف نوازيءَ
جو ثبوت ڏنو ۽ هندستان جي ڪن يونيورسٽين کيس ڊي.
لِٽ جون اعزازي ڊگريون عطا ڪري پنهنجو مان بلند
ڪيو.
عملي
سياست:
هونئن ته علامه اقبال ذهني طرح حريت پسند هو ۽
سندس سموري حياتي، سياسي، سماجي ۽ فڪري سڌارن ۾
گذري ۽ هو پنهنجن شعرن وسيلي پنهنجو زندگي بخش
پيغام دنيا کي ٻڌائيندو رهيو ۽ عمل جي لاءِ
اتساهيندو رهيو، پر عملي طرح هو سياسي ماڻهو نه
هو، ائين چوڻ جي باوجود ته
يه
عقده هائي سياست تجهي مبارڪ هون،
ڪه
فيض عشق سي ناخن ميرا هي سينه خراش.
سندس
سياسي سوچ ڪيترن سياستدانن کان وڌيڪ هئي. قائداعظم
محمد علي جناح جي خيال ۾ ته ”هڪ عملي سياستدان جي
لحاظ کان به هو غير معمولي حيثيت جو مالڪ هو“ دين
اسلام جي نصب العين ۽ ان جي شاندار آئيندي ۾ پوري
يقين رکڻ جي ڪري، هو انهن آڱرين تي ڳڻيل ڪن ماڻهن
۾ شامل هو، جن سڀ کان پهرين انهيءَ امڪان تي غور
ڪيو ته هند کنڊ جي اتر اولهه ۽ اتر اوڀر علائقن
کي، جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي، باقي هندستان کان
جدا ڪري هڪ اسلامي رياست ٺاهي سگهجي ٿي، وري اهو
سمجهڻ جي با وصف ته:
اقبال بڙا اپديشڪ هي من باتون مين موه ليتا هي،
گفتار ڪا غازي بن تو گيا، ڪردار ڪا غازي بن نه
سڪا.
سندس
ڪن گهڻگهرن دوستن ۽ عقيدتمندن ڏاڍي اسرار سان هڪ
ڀيري ته کيس پنجاب ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر بڻجي
ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو، 1926ع
جي چونڊن ۾ هو اميدوار ٿي بيٺو، ٻه اميدوار ته
سندس حق ۾ هٿ کڻي ويا، پر لاهور جي آرائين
برادريءَ جي هڪ اڳواڻ بزرگ ملڪ محمد الدين سان
سندس زبردست مقابلو ٿيو، اقبال کي به نيٺ ٿوري
گهڻي ڊڪ ڊوڙ ڪرڻي پئي.
23-
نومبر 1926ع تي چونڊن جو نتيجو نڪتو ۽ علامه اقبال
هزارن ووٽن جي گهڻائيءَ سان ڪامياب قرار ڏنو ويو.
مسلمانن جي صحيح عيوضيءَ جي حيثيت سان حضرت
علامه پنجاب ڪائونسل ۾ وڃي پنهنجي وس آهر ڪارائتو
ڪم ڪيو.
هن
هڪ ٺهراءُ اهو به پيش ڪيو ته مذهب جي بانين تي
اپمان ڪندڙ، شرانگيز ۽ ڪريل حملن جي ڇپائي کي
ٻنجي ڏيڻ لاءِ هڪ قانون مڙهيو وڃي ۽1927ع کان اهو
قانون هليو اچي.
تلوار کي ”هند هٿيار قانون“ کان آجي ڪرائڻ لاءِ هن
ٻيو ٺهراءُ پيش ڪيو، جو منظور ٿيو. اهڙيءَ طرح
”تلوار جي آزاديءَ جي اعلان“ تي هن هيٺيون نظم
چيو، جو ”ضرب ڪليم“ ۾ شامل آهي:
سوچا
ڀي هي اي مرد مسلمان ڪڀي توني،
ڪيا
چيز هي فولاد ڪي شمشير جگردار.
اس
بيت ڪا يه مصرع اول هي ڪه جس مين،
پوشيده چلي آتي هين توحيد ڪي اسرار.
هي
فڪر مجهي مصرع ثاني ڪي زياده،
قبضي
مين يہ تلوار ڀي آجائي تو مومن،
يا
خالد رضه جان باز هي يا حيدر رضه ڪرار.
شراب
جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪرڻ کانسواءِ
ته زمين تان ڍل معاف يا گهٽ ڪرائڻ ۾ انڪم ٽئڪس ۽
ايراضي جي معاملي جو فرق ٻڌائڻ ۽ زمين کي سرڪاري
ملڪيت کان وانجهايل قرار ڏيڻ تي حضرت اقبال جون
تقريرون ڏاڍيون زوردار، وزني ۽ ڊگهيون هيون؛ پر هن
محسوس ڪيو ته انهي وسيلي مان ڪو ڪارائتو نتيجو نٿو
نڪري سگهي، انهيءَ ڪري آئنده هميشه لاءِ هن انهيءَ
طرف خيال ڏيڻ ڇڏي ڏنائين.
مدراس ليڪچر:
1928ع ۾ اسلام تي ڪجهه ليڪچر ڏيڻ لاءِ اقبال کي
مدرسن ۾ ڪوٺايو ويو: ڊسمبر 1928ع جي آخري ڏينهن ۾
هو مدراس پهتو، ليڪچر به ڏنائين ۽ سلطان ٽيپو
شهيد جي مزار جي زيارت به ڪيائين، جو سندس ”مرد
مومن“ جو هڪ مثالي نمونو هو، اتان حيدرآباد دکن
وڃي هن ڪي ليڪچر ڏنا. هر هنڌ سندس شاندار آجيان
ٿي ۽ سندس خدمت ۾ سپاسناما پيش ڪيا ويا. اهي سڀني
خطبا ”Reconstruction
of Religious Thought in Islam “ جي نالي سان انگريزي ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ جن جو اردو
ترجمو به ”تشڪيل جديد اللهيات اسلاميہ“ جي شڪل ۾
ٿي چڪو آهي.
ٻه –
قومي نظريو:
1930ع ۾ هن آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس
جي صدارت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ مسلم ڪانفرنس جو صدر
چونڊيو ويو ۽ هن قوم جي صحيح رهنمائي ڪئي. انهيءَ
زماني ۾ هن ٻه قومي نظريو پيش ڪيو، جو اڳتي هلي
پاڪستان جي ٺهڻ جو سبب بنيو.
گول
ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت:
1930ع ۾ اقبال ٻي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ
انگلستان روانو ٿيو. انهيءَ کان پوءِ هن روم ۽ مصر
جو سفر ڪيو ۽ فلسطين جي موتمر عالم الاسلامي ۾
شرڪت ڪئي. روم ۽ قاهره ۾ هن مختلف ادبي ۽ سياسي
سنگتن جي اهتمام هيٺ ليڪچر ڏنا، جي بيحد پسند
ڪيا ويا.
1932ع ۾ ڊاڪٽر انصاري مرحوم جي دعوت تي غازي رئوف
کان هندستان آيو ۽ هن جامعه مليه اسلاميه دهليءَ ۾
ڇهه ليڪچر ڏنا، جن جي صدارت پاڻ ڪيائين.
انهيءَ سال هن ٽين گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ
وري انگلستان جو سفر ڪيو ۽ واپسي ۾ اسپين جي قديم
اسلامي آثارن جو سير ڪيو ۽ اهو غير فاني نظم چيو،
جو ”قرطبا جي مسجد“ جي نالي سان ڇپيو ۽ سندس ڪن
غيرفاني نظمن مان هڪ آهي.
ڪنارا ڪشي:
اقبال جيستائين ڪم ڪرڻ جي قابل رهيو، بيريسٽريءَ
جي آمدني مان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندو رهيو؛
پر جڏهن طبيعت جي ناسازيءَ جي ڪري ڪنارا ڪشي
اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو ته سر راس مسعود جي
چوڻ تي رياست ڀوپال سندس ننڍن ٻارن جي پورائيءَ
لاءِ وظيفو مقرر ڪري ڇڏيو، جو سندس رحلت کان پوءِ
به ٻارن کي ملندو رهيو.
بيماري ۽ لاڏاڻو:
آخري
ڪجهه سال هو بيمار رهڻ لڳو. نظر ايتري ڪمزور ٿي
ويس، جو ايندڙ ويندڙ دوستن کي به مشڪل سان سڃاڻي
سگهندو هو، بُڪيءَ ۾ پٿر جي تڪليف به اڪثر رهندي
هيس،
1934ع ۾ عيد نماز پڙهي آيو ته کير ۽ سويون
کاڌائين، جنهن سان آواز ويهي ويس، ديسي ۽ انگريزي
ڪنهن علاج مان فائدو نه ٿيس.
1935ع ۾ سندس گهر واري کانئس جدا ٿي ويئي. انهيءَ
رنج ڪري سندس صحت اڃا به وڌيڪ خراب ٿي ويئي. 20-
اپريل 1938ع تي بيماريءَ جو اثر دل تي خطرناڪ حد
تائين پهچي چڪو هو. لاڏاڻي کان ڪجهه اڳ هيٺيون
قطعو پڙهي وقت اچڻ جو اعلان ڪيائين:
سرود
رفتہ باز آيد ڪه نايد،
نسيحي از حجاز آيد ڪه نايد،
سر
آمد روزگار اين فقيري،
دگر
دانائي راز آيد ڪه نايد.
20-
اپريل جي صبح جو سوا پنجين بجي مرڪندڙ منهن سان هن
دنيا مان موڪلائي ويو. ان وقت هو پنهنجي هن شعر جي
مجسم تصوير هو:
نشانِ مرد مومن يا گويم،
چو
مرگ آيہ تبسم برلب اوست
اقبال جي مزار:
شام
ڌاري جنازو کنيو ويو ۽ جامع مسجد جي ٻاهران ڏاڪڻ
جي ويجهو هڪ پاسي کيس دفن ڪيو ويو. مزار جي تعمير
هر طرح سندس شان جي پٽاندر ۽ پسگردائيءَ جي مغل
آثار پٽاندر ڪئي ويئي. قبر جي ڪتبي جو قيمتي پٿر
افعانستان جي بادشاهه جو خاص عطيو آهي. هاڻي اها
مزار ”زيارت گاههِ اهلِ عزم وهمت“ آهي ۽ ان جي
سنگ مرمر جي ڇت جي زينت جي شعر آهن. اهي حضرت
علامه اقبال جي انهن ٽن حيثيتن، شاعر، مفڪر ۽
استاد جو کليل اعلان ڪري رهيا آهن، انهن مان اهو
به معلوم ٿئي ٿو ته خود اقبال جي نگاهه ۾ اقبال ڇا
هو؟ ڪل ڇهه شعر آهن، ٻن جو لاڳاپو اقبال جي شاعر
جي حيثيت سان آهي، ٻن جو مفڪر جي حيثيت سان ۽ ٻن
جو استاد جي حيثيت سان، اقبال فرمائي ٿو ته شاعر
جي حيثيت سان مون کان هي ڪم ورتو ويو:
دم
مرا صفت باد غور دين ڪردند،
گياه
راز سرشڪم چو ياسمين ڪردند.
نمود
لاله عه صحرا نشين ز خونناهم،
چنانڪہ باده لعلي بسا نگين ڪردند.
منهنجي نفس (منهنجي سخن سرائي) کان ڪارڪنان فضا و
قدر باد بهاريءَ جو ڪم ورتو. منهنجي قوم، منهنجي
ملت تي، سرءُ ڇانيل هئي، منهنجي شعر جي تاثير
انهيءَ کي بسنت جي رُت ۾ بدلائي ڇڏيو، مرڻينگ حالت
مٽجي ويئي، نئين زندگي موٽي آئي، منهنجي لڙڪن جي
برسات سان اهو سڪل سڙيل گاهه نئين سر سائو ٿي
ويو، ايتري قدر جو اهو گلشن ۾ با اعتبار رنگ ويو
چمبيلي وانگر ٽڙي ويو (هتي گاهه مان مراد محڪوم
۽ مغلوب قومون آهن.)
منهنجي اکين رت ڇڏيو ۽ هن لاله صحرائي (يعني گلشن
کان پري ڪسمپرسيءَ ۾ پهتل مسلم نوجوان(جي اهڙي
انداز سان سيرابي ڪئي، جو ڀائيچاري جي حسن سان
سندس مئل رڳن ۾ تازو رت اهڙي طرح جوش مان ڊوڙڻ
لڳو، جو ڏسندڙ سمجهيو ته اهو مسلم جو چهرو ناهي،
پر ڪنهن ڄڻ حسين پيالي ۾ شراب ارغوالي ڀري ڇڏيو
هجي، ڄڻ سندس چهرو سرخيءَ سان چمڪي رهيو آهي ۽
سندس تن بدن جهاد جي عزم جي جوش سان لبريز آهي.
مفڪر
جي حيثيت سان:
بلند
بال چنانم ڪہ بر سپهر برين،
هزار
بار مرا نوريان ڪمين ڪردند.
فروغ
آدم خاڪي ز تازه ڪاري هاست،
مه
وستاره ڪنند آنچہ پيش ازين ڪردند.
توفيق ايزدي منهنجي فڪر ۽ ادراڪ جي اڏام کي اهڙي
اوچائي بخشي آهي، جو مان آسمانن کان پري عروج
لاهور جي بلندين تي وڃي ٿو پهچان، ايتري قدر جو
خود فرشتن کي هزارين ڀيرا چڪاس وٺڻي ٿي پوي ته هي
وڃي ڪيڏانهن ٿو؟ هن جي اڏام جي پڇاڙي ڪٿي آهي؟ اهي
ڪهڙا ماڳ آهن، جتي اسان کي اڄ تائين پهچڻ نصيب نه
ٿيو؟
خاڪي
آدم جو انهيءَ محمودي مقام تائين رسائي حاصل ڪرڻ،
جتي فرشتن جا پَر جلندا هجن، سندس فڪر جي جدت ۽
تازه ڪاريءَ جي بدولت آهي. سج، چنڊ ۽ تارا بظاهر
تمام بلند ۽ روشن آهن؛ پر اهي سڀ مجبور مخلوق آهن،
جنهن رستي تي ڪائنات جي ٺهڻ کان هليا هئا، اڄ
تائين انهيءَ تي هلندا پيا وڃن، قيامت تائين
انهيءَ کان هيڏانهن هوڏانهن نٿا ٿي سگهن، وڌڻ ۽
اوسر جي صلاحيت فقط خاڪي آدم کي حاصل آهي، روشني
۽ نورانيت به کيس ئي عطا ڪئي ويئي آهي؛ پر انهيءَ
شرط سان ته هو انهن نعمتن مان فائدي وٺڻ جا صحيح
ڍنگ ۽ طريقا اختيار ڪري. بيٺل ۽ ڄميل ٿي ويهي نه
رهي. وڌڻ فقط تازه ڪاريءَ ۽ جدت مان حاصل ٿيندو
آهي. |