سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :9

 

افسانا

 

 

 

 

- عربي، فارسي ۽ هندي زبانن جا اهڙا ڪيترائي لفظ آهن، جن جي شڪل سنسڪرت جي لفظن جهڙي آهي. مثلاً فارسي لفظ ”سَر“ يا عربي لفظ ”سِر ّ“ ۽ سنسڪرت لفظ ”سر“ شڪل ٽنهي لفطن جي ساڳي، مگر معنائون ٻيون آهن. فارسي لفظ جي معنيٰ آهي ”چوٽي“ ۽ ماڻهوءَ جي مٿي کي به سر چئو آهي؛ عربي لفظ جي معني آهي ”ڳجهه“، ۽ سنسڪرت لفظ جي معنيٰ آهي ”تير“.

        مسلمانن توڙي هندن پنهنجي ذاتي راءِ موجب شاهه جي ڪلام جون جدا جدا پڙهڻيون مقرر ڪيون. اهو فقط هن ڪري، جو هڪ ته رسالي جي مختلف نسخن ۾ به فرق آهي ۽ خاص سبب هي ته شاهه جو ڪلام لکندڙ ۽ ڳائيندڙ سنڌ جي مختلف حصن جا ماڻهو هئا ۽ آهن، تن لفظن جا اچار پنهنجي ماحول موجب سمجهيا، لکيا ۽ اُچاريا. وري شهري زبان ۾ ته ٻهراڙيءَ جي زبان کان به وڏو فرق آهي. تنهنڪري ماڻهن پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ اختيار ڪيو.

- مخدوم طالب الموليٰ.

 

 

 

 

• نجم عباسي

(ڪهاڻي)

 

سي ڇا ڄاڻن، دل جي دنيا

 

        هينئر به ليٽندي ليٽندي، هو هڪ خوبصورت پئڊ جي پني تي لکي رهيو هو: ”اڄ پڻ اکڙين سڄن پنهنجا ساريا.“ هن جو بيماري پِيلو چهرو اندروني اُمنگ ۽ مسرت ڪري مسڪراهٽ سان ڀريو هو.

        هو مُدي جي تَپ ۾ مبتلا هو. مائٽن هن واسطي استپال ۾ خلاصو ڪمرو ورتو هو. ڪيترائي مرد ۽ عورتون واري ڦيري سان هن جي سار سنڀال لهڻ ايندا هئا. هن کي هتي ڳچ ڏينهن رهڻو پيو هو. منهنجي هن سال گهرائپ ٿي ويئي، ايتريقدر جو هو مون کي پنهنجا ذاتي معاملا پڻ ٻڌائڻ لڳو.

        هڪ ڏينهن چيائين: ”ڊاڪٽر صاحب! تو کان سواءِ هڪڙو ٻيو به منهنجو ڊاڪٽر آهي، جنهن جا نسخا پڻ باقاعدگيءَ سان مون کي ملندا رهن ٿا. اهو به ٻڌايانءِ ٿو ته هن جا نسخا، تو واري دوا کان وڌيڪ آرام ڏين ٿا.“ ائين چئي، هو مون ڏي مرڪي نهارڻ لڳو. هن جو ڪمزور چهرو خوشيءَ کان ٻهڪي رهيو هو. پوءِ پنهنجي حياتيءَ جو محبوب ترين راز ٻڌايائين.

        اهو ڊاڪٽر هو هن جي سوٽِ بصران. هوءَ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا هن ڏي چٺي لکندي هئي. ان ۾ سدائين ساڳي سِٽ هوندي هئي ته: ”مِٺڙا تون ڪيئن آهين؟ ڪڏهن گهر موٽندين؟ مان تنهنجي واٽ پيئي نهاريان.“


 

        اهي چِٺيون ادريس جو ڀاءُ کڻي ايندو هو. هن ٻڌايو ته جنهن ڏينهن کان هو اسپتال ۾ داخل ٿيو هو، تنهن ڏينهن کان، بصران باقاعدگيءَ سان اهي پريت ڀريا پرزا موڪليندي ٿي آئي. هو پاڻ به کيس جواب لکندو هو. هن بيماريءَ، سچ پچ ته ادريس لاءِ نئين ۽ نرالي خوشيءَ جو موقعو ميسر ڪيو هو، هن جي پيار جي ٻوٽي کي سڪ ۽ تڙڦ جو ريج ڏنو هو.

        بصران بابت ڳالهائيندي تڪبو ئي ڪونه هو. هو به هن کي سدائين هڪ ئي سٽَ لکندو هو: ”اڄ پڻ اکڙين سَڄَڻ پنهنجا ساريا.“

        هڪڙي ڏينهن هن وٽ هڪ ڊگهي اڇي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ ويٺل ڏٺم. هن جي وڃڻ کان پوءِ پڇيومانس ”هي ڪير هو؟“

        کلي جواب ڏنائين ”حورن جو مڙس!“

        ”اهو ته سندس شڪل صورت مان ئي پڌرو آهي، پر توسان ڪهڙو ناتو اٿس؟“

        پوءِ ادريس پوري تفصيل سان هن جي باري ۾ ٻڌايو:

        اهو مولوي، ادريس جي پيءُ جو سوٽ هو. هو ڪو ٺُڙڪو مُلو نه هو، پر عربيءَ جو وڏو عالم هو. ست حج ڪري چڪو هو. هن جي پرهيزگاري ۽ خدا ترسي تَــرَ ۾ مشهور هئي. ڪٽنب جا ڀاتي، هن جو بيحد احترام ڪندا هئا؛ ڪنهن کي به مجال نه هئي، جو هن جي حڪم کي اورانگهي. هو نه رڳو سندن مائٽ هو، پر روحاني مرشد پڻ. رڳو ادريس ئي اهڙو شخص هو، جو هن سان هر معاملي ۾ چڪريون کائيندو هو.  ٻئي هڪٻئي سان ڏاڍا بحث مباحثا ڪندا هئا. مولوي هن جي آزاد خيالي ۽ ترقي پسنديءَ تي طنز ڪندو هو، ته ادريس وري هن جي تنگ نظري ۽ قدامت پرسيءَ تي. هي سائنس ۽ عقليت جو حامي، ته هو وري وهم

پرستي ۽ اعتقاد پرستيءَ جو مبلغ. عزيز قريب ادريس جي هن ”بي ادبيءَ“ تي باهه ٿي ويندا هئا.

        ادريس چوڻ لڳو، ”مان ڪو هن کي هروڀرو ’حورن جو مڙس‘ ڪونه ٿو ڪوٺيان. اصل ۾ هن کي حورن بابت مسئلن بيان ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. هر هڪ بهشتيءَ کي ستر حورن ملڻ وارو مسئلو هو خوشيءَ ڀر ئي لهجي ۾ ۽ چپ چٽيندي، ور ور ڪري پيو ٻڌائيندو آهي. ۽ چئن شادين وارا مسئلا هو ڏاڍي تفصيل سان دهرائيندو رهندو آهي. هر ڪچهري، وعظ ۽ خطبي ۾ اهي هن جا وڻندڙ موضوع آهن، خود کيس به ٽي زالون آهن.“

        هن جي اسپتال ڇڏڻ کان پوءِ به اسين پيا ملندا هئاسين. هو گهڻو ڪري بصران جي پيار، ۽ پنهنجي خوشگوار مستقبل جي باري ۾ ڳالهيون ڪندو ۽ سٽون سٽيندو هو. يا مولويءَ کي دليلبازي ۾ شڪست ڏيڻ جو احوال ٻڌائيندو هو.

        ادريس ڪراچي ڪاليج ۾ ويل هجي. هڪ ڏينهن بصران جو پيءُ مون وٽ آيو ۽ چيائين ته ”بصران جي طبعيت ٺيڪ نٿي رهي، هن کي هلي ڏسو.“ اهو به ٻڌايائين ته ”دورا ٿا پونس، جن ۾ ڪڏهن کلي پئي، ڪڏهن روئي ۽ وڦلي پئي، سارو جسم پيو ڏڪيس ۽ ڇڙيون پئي هڻي. ماڻهن جو خيال آهي ته جِنُ اٿس. تعويذ ڦيڻا به گهڻائي ڪرايا اٿئون، پر فرق ئي ڪونه ٿو پئي“

        ظاهر هو ته بصران کي هسٽيريا هئي. پهرين منهنجو ڌيان ان طرف ويو ته شايد مائٽن شاديءَ ۾ دير ڪئي آهي، تڏهن ٿا اهي دورا پون؛ سو اشارو ڏنو مان ته ڇوڪريءَ کي جلدئي ’شينهن ڪُلهي چاڙهي‘ ڇڏيو. ان تي هن جي پيءُ چيو ته هن جي پرڻي جون ڳالهيون هلن پيون. مون


 

وري ويچاريو ته شاديءَ جو ٻڌي، ڇوڪريءَ کي خواهه مخواهه جي گهٻراهٽ ۽ وهم جاڳيا آهن، جنهنڪري اهي دورا ٿا پون، نه ته گهوٽ ته هن جو دل گهريو آهي.

        پوءِ سگهوئي هن شهر مان منهنجي بدلي ٿي ويئي.

        چئن مهنن بعد ڪراچيءَ وڃڻ ٿيو. رستي ويندي، ڪنهن ڏاڍي حُبَ ۽ گهرائيءَ مان اچي ڀاڪر پاتو. ڏٺم ته ادريس هو، هو ڏاڍو بدلجي ويو هو. مُدي جي تَپ  وقت به اهڙو ڏُٻرو ڪونه  ٿيو هو، جهڙو هاڻي نظر اچي رهيو هو. تپ دوران، ضعيف هوندي به هن جي چهري تي سدائين رونق رقص ڪندي رهندي هئي. پر غور سان ڏسڻ تي محسوس ٿيم ته هينئر ادريس اُداس هو. ڇا هو مُدي جي بخار کان به وڌيڪ خطرناڪ ڪنهن بيماريءَ جو شڪار بنيو آهي؟

        هن مون کي زيادهه سوچڻ يا پُڇڻ جي مُهلت ڪانه ڏني. چيائين ”ڊاڪٽر صاحب، مون پاڻ توسان ملڻ ٿي چاهيو. توکي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته زندگيءَ جي ميدان ۾ مولوي مون کي مَلهه ماري ويو.“

        مون پڇيومانس ”اهو وري ڪيئن؟“

        جواب ڏنائين ”بصران جي شادي هن سان ٿي ويئي!“

        ”هان!¼“ منهنجي وات مان رڙ نڪري ويئي.

        ڳالهه اعتبار جوڳي ڪانه هئي. مولويءَ جهڙي ديندار ۽ خداترس بزرگ اهڙو انڌير ڪيئن ڪيو هوندو؟ پر اها ته حقيقت هئي. ادريس جو اُداس چهرو، ويران نگاهون ۽ مايوس مُرڪ منهنجي سامهون هئا.

        ”جِنَ“ وارو معاملو به هاڻي منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو، ته شاديءَ جو ٻڌي، بصران کي دورا ڇو ٿي پيا.

 

        ادريس چيو ”توکي ته خبر آهي ته بصران ۽ مان پاڻ ۾ راضي هئاسين. اسان ٻنهي جي ماءُ پيءُ جي به ننڍپڻ کان تمنا هئي. منهنجي وڪالت پاس ڪرڻ کان پوءِ اسان جي شادي ٿيڻي هئي. پر مار پوي ان مولويءَ تي، اوچتو هن کي اچي شوق جاڳيو، ۽ پنهنجي ان خبيث خواهش جو اظهار عزيزن سان ڪيائين. هو ڀلا هنن جو مذهبي روح روان ۽ دنيا توڙي آخرت جو سنواريندڙ، سو بصران جو پيءُ اها پنهنجي خوشنصيبي سمجهڻ لڳو، ۽ منهنجي هاءِ گهوڙا تي به ڪن ڪونه ڏنائين. منهنجي پيءُ ماءُ به ان سوال تي منهنجو ساٿ نه ڏنو.

        پوءِ هن مون کي ذري پرزي ٻڌائي ته ڪيئن هن جي مائٽن، هن جي هن ”مبارڪ رشتي“ جي مخالفت ڪرڻ تي ملامت ڪئي.

        مون پڇيومانس ”پوءِ ڀلا تو مولويءَ کي شرمندو ڪونه ڪيو؟“

        جواب ڏنائين ”ڀائو، ڳالهه ئي نه پڇ. مولويءَ تي مون کي به ڏاڍيون باهيون هجن. دل پئي چوي ته ڪچو کائي ڇڏيانس. هڪ ڏينهن وڃي پڪڙيومانس. نيٺ اهو به چيومانس ته وڏو الله لوڪ بنيو پيو هلين، ڌيءُ جيڏي معصوم ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ۾ تنهنجي بزرگي ۽ خداخوفي ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ ان تي اميد جي خلاف، مولوي چِڙيو اصل ڪونه. مون ته سمجهيو ٿي ته غصي کان پاڳل ٿي پوندو، ڇو ته هن جي شخصيت تي سنئون سڌو حملو ڪيو هوم. مگر هن بزرگاني شفقت سان منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکي ڏاڍي نرمائيءَ سان مرڪي چيو: عالمن کان پڇ پٽ، مان اهو ڪو گناهه جو ڪم ته ڪونه ٿو ڪريان.

        ”ڊاڪٽر صاحب، مان مُڙڻ وارو ڪين آهيان. ان جو به اهڙو جواب ڏنومانس جو قبر تائين ڪين وسرندس¼سائين، ڪيئن به هجي، پر مولوين کي ڪنهنجي دل جي دنيا لُٽڻ جو حق ڏئي نٿو سگهجي!“

        هو ڪي ساعتون سانت ٿي ويو. وري چيائين ”هاڻي هڪڙي ڳالهه ڪري اندر ۾ وڍ پيا پون. ڳوٺ وڃڻ حالي ته ڇڏي ڏنو اٿم، پر ٻڌان پيو ته بصران جا هسٽيريا جا دورا، جي شاديءَ کان اڳ شروع ٿيا هئا، سي هاڻي هيڪاري وڌي ويا آهن. مان ته سمجهان ٿو ته وقت آخر منهنجا زخم ميٽي ڇڏيندو، پر بصران جو روڳ دائمي آهي. هن جي حياتيءَ جو لمحو لمحو عذاب ۾ گذرندو¼¼

        مون اڄ پهريون ڀڀرو هن خوبصورت نوجوان جي معصوم اکڙين مان آنسو وهندي ڏٺا. اهي معصوم اکڙيون اڄ پڻ پنهنجي پرينءَ کي ساري رهيون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com