نظم
•عبدالڪريم ”گدائي“
عيد اسان وٽ آئي!
ڏاڍي وقَت اڙانگي آهي عيد اسان وٽ آئي،
هر منهن تي آ مايوسي، هر مکڙي مُرجهائي.
ويڙهن ۽ ولهارن اندر موت جي ماٺ وسي ٿي،
ماروئڙيون سڀ مونجهيون ميريون ڇَتڙن ۾ آ ڇائي.
کنڊ، اٽو، گيهه اڻ لڀ ٿي ويا ڪپڙو عرشي چڙهي
ويو،
هر شئي جو ٿيو ملهه مهانگو ڪيئن ڪجي پورائي.
گلڙن جهڙا ٻار اگهاڙا ڪپڙن لئه واجهائن،
آهه اخوت اڻ لڀ اڄ ڀي ڪانهي هڪجهڙائي.
رستن تي اڄ ڀي ٿا ڏسجن انگ اگهاڙا سهسين،
انسانن جي مجبوريءَ تي اڄ دل آ ڀرجي آئي.
سوين نماڻيون نماڻيون آهن ڪوٽن اندر قابو،
اڄ ڀي هيڻن ساڻ هلي ٿي عمرن جي ارڏائي.
هيڻن جي ٻچڙن کي ناهي مانيءَ ڀور ميسّر،
ڏاڍن جا ڪتا ڀي کائن، بُسريون، مکڻ، ملائي.
خالق ڀي هن اوچ نيچ تي شرمائيندو هوندو،
حيف مگر سرمايي جي اک ڪين ڪڏهن شرمائي.
دنيا جو مزدور مگر اڄ ڪَــرَ موڙي آ جاڳيو،
جنهن کان آ مايوس دلين ۾ ڪجهه ڪجهه آشا آئي.
پنهنجي ڀي دستور ۾ ساٿي، آيو آ ڪجهه ڦيرو،
جنهن کان ڪجهه آئي آهي سانگين ۾ سرهائي.
جاڳايو جمهور کي آخر قائد جي للڪارن،
هارين ۽ مزدورن ۾ ڀي آه سجاڳي آئي.
محنت ڪش جو پورهيو پونجي هاڻي ڪونه ڦريندو،
ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن جي ساٿي، ڄاڻ ته آخر آئي.
همت ۽ پورهيي سان آخر دور سکن جو ايندو،
گهت وڌ وارو فرق نه رهندو ٿيندي هڪجهڙائي.
ڏينهن ڏکن جا يار ”گدائي“ آهن اچڻا وڃڻا،
نيٺ ته پنهجون عيدون ٿينديون، ٿيندا سڪر سڻائي.
•
سليم ڳاڙهوي
ترغيب
هر
قدم کي وقار ڏيندو هل!
آسمان کي غبار ڏيندو هل!
وقت توکي چئي رهيو آهي، قافلي کي پڪار ڏيندو هل.
زندگيءَ جو نشان تحرڪ آ، هل، هلڻ جي پچار ڏيندو
هل.
مزنلون خود هلي اڳيان اينديون، عزم جو اعتبار
ڏيندو هل.
تنهنجي پيرن کي گس چميون ڏيندا، حق کي هر دم
اُڀاريندو هل.
موت مردن کان مات کائي ٿو، زندگيءَ کي نِکار
ڏيندو هل.
ننڊ بيهڻ، هلڻ سجاڳي آهه، جاڳ، جاڳڻ جو جار
ڏيندو هل.
دل ۾ حق جا ديار جوڙي ڇڏ، سر کي سچ جو خمار
ڏيندو هل.
دل جي زخمن جي خون سان اي دوست!، چمن کي بهار
ڏيندو هل.
عزم عظمت نشين ٿيندو آ، شرط آهي، شعار ڏيندو هل.
رات، اوندهه، سفر ۽ رڻ پٽ آ، شعلو بڻجي شرار
ڏيندو هل.
سچ جو جهنڊو اُچو رکڻ خاطر، پنهنجي ڌريتيءَ کي
پيار ڏيندو هل.
ڏي ۽ وٺ سان جهان قائم آ، قلب وٺ ۽ قرار ڏيندو
هل.
ذوق، ذوقِ سليم ٿي ويندو،
روح نغمه نگار ڏيندو هل!
•
عنايت بلوچ
وطان ڏي سلام ۽ پيغام
اڏ
اي ڪانگا، وڃ وطن ڏي، دَمُ نه هڪڙو دير لڳاءِ،
ڪهڙي حال ۾ منهنجا ماروُ سنگتي ساٿي سڀ سُڻاءِ.
اُڏ اي ڪانگا وڃ وطن ڏي، دم نه هڪڙو دير لڳاءِ،
سِڪِ منجهان جي ڏيانءِ سنيها، سي اي پانڌي جلد
پڄاءِ،
پيار سندو پيغام اي پيارا جلدي پرين کي پهچاءِ،
هاڻي اُڏرڻ جي ڪر قاصد، ساعت هڪڙي ڪين ستاءِ،
ڪهڙي حال ۾ منهنجا ماروُ، سنگتي ساٿي سڀ سُڻاءِ،
ويهي رهه پر ڪين وطن ڏي، واڳ ورڻ جي جلد وراءِ.
آهن ڪهڙي حال ۾ منهنجا مانجهي مڙس ۽ مڻيادار،
سرس سَڀن کان سهڻا سنڌي، منهنجا دلبر ۽ دلدار،
منهنجي اکين جا تارا، منهنجا پيارا يار پرين
پنهوار،
منهنجا ڀائر، ڀينر، مائر، منهنجا ڪيچي ۽ ڪوهيار،
منهنجي سلامن جي گُلڙن جو هار حبيبن کي پاراءِ،
چئو سڀني کي آهي اوهان جي منهنجي جيءَ ۾ جانب
جاءِ.
ماڻهو مور ۽ مکڻا، مَنڙا، مِٺڙا، مُهڻا، مصريون
منَ،
سادا صاف سچاڻي سمجهن، ڪلفت جي تن جَن نه ڪن،
ريت پريت سندي هو پرکن، ٻيائيءَ ٻهروپيءَ کي ٻن،
نياڻيون سياڻيون قُربن هاڻيون، پنهنجن مڙسن ساڻ
مَگن،
منهنجي پاران سِڪ جو سڀني کي تون ڀيڙي ڀاڪر
پاءِ،
ڪنوار کي سندر سيند ۾ هاري، گهوٽ کي لالي ميندي
لاءِ،
ڏس
ته وڃي ڪي بادل برسا، جُهڙڦڙ لاتي مينگهه مَلار،
هارين هَر سنباهيا آهن، تاڙي جي ڪا آهي تنوار،
آهن ڪيئن پرين پرڏيهي، پکڙا تن جا ۽ پنهوار،
جلدي ڪَلَ لهي اچ ڪانگا، سَرهَا آهن سي سنگهار؟
ديس جون خبرون چارون مون کي سرگوشيءَ ۾ تون
سمجهاءِ،
منهنجن مِٺڙن ماروئڙن جون ڳالهيون تون ڳجهڙيون
ڳالهاءِ.
ڏس
ڪو پيهن تي هارين جي ٻڌجي ٿي ڪا هور هَڪَل،
ڏس ته ڪٿي ڪا ڪَٻٽي جي يا مَلَهه جي آهي راند
رَتل،
ڏس ڪي آهن سرتين، ٻارن، يارن جا ڪي ميل مَتَل،
ساهه اندر کي جي سيباڻا، پُور پون تن جا پلپل،
جيڪي رُٺل آهن هڪ ٻئي کان، تن پرين کي تون
پرچاءِ،
پنهنجي مٺڙيءَ ٻوليءَ سان اي ڪانگا سڄڻن کي
سرچاءِ.
پنهنجا باغ، ٻنيون ۽ ٻارا، پنهنجا واڙا مال
وٿاڻ،
پنهنجي پوک ۽ پنهنجو پاڻي، پنهنجي ڀونءِ ۽
پنهنجو ڀاڻ،
غيرت، عزت پنهنجو ورثو، پوءِ ڪڍون ڇو ڪنهن جي
ڪاڻ،
ديس ۾ موتين جون مالهائون، ”سِنڌو“ سارو هيرن
کاڻ،
سنڌ سندو ڪو ثاني ناهي، هر دم پيو هي ڳايو ڳاءِ،
ڊپ نه ڪر ڪو، ڊڄ نه ڪنهن کان، ڏونڪو واڄٽ جيئن
وڄاءِ.
اَنّ ٿيو ٽويا ۽ ڪاسا، يا ٿيا برڪت سان ڀنڊار؟
پيو ڪجهه هاريءَ جي هَڙَ ۾ يا هيل به ماڪڙ کي
پئي مار؟
جيت جڻيو ۽ ماڪڙ ماري، پوک تان جلدي جهار اُٿار،
محنت مڙسي سان پنهنجو ۽ پيڙهين جو تون جيءُ
جيار،
هاڻي ڇڏ مهمان نوازي، کاءُ ۽ پنهنجن کي
کاراءِ،
تنهنجون سهڻيون رسمون ليڪن، هاڻي جاني
ڪين جڳاءِ.
جاڳن ٿا يا ننڊ ۾ آهن، منهنجا ماروُ منهنجا
مِٽَ،
ڪجهه اڳتي ڀي ورق ورائيون، يا پڙهندا پيا ساڳي
ست،
چانور ڏيڍ، جدا هرڪنهن جو يا ٿيا ٻَڌجي پاڻ ۾
پِٽَ،
جيڪي اڃا ڀي جاڳيا ناهن، شل نه لڳي ڪا تن کي
پِٽَ،
سرت، سجاڳيءَ، بيداريءَ جو، تون پيغام
وڃي پهچاءِ،
ننڊ نِهوڙيو جن کي، تن کي خوب جنجهوڙي ۽
جاڳاءِ.
وقت اچي ويو آهي وينجهر، ٿورو اک پَٽِ ٿيءُ
سجاڳ،
سالن کان تون ننڊ ۾ آهين، هاڻي جوڌا جلدي جاڳ،
ديرو دوُر ۽ پنڌ پرانهون، ماڻي وٺ تون منزل ماڳ،
کڻ
ڪهاڙي، ڏاٽو، ڪوڏر، ڏس پو ڀاڳيا پنهنجو ڀاڳ،
سنڌ کي محنت سان اي مانجهي، جڳ سڄي ۾
تون جرڪاءِ،
پنهنجو پاڻ ڪُڏي پئو ڪاهي، واهه نه بي
هرگز واجهاءِ.
ٻوسٽ، گُگهه انڌارو اُڪري، باهه جو ڀڀڙ ٻاري
ويهه،
ڪمزوري ڇڏ، شير بَبر ٿي، ڏاڍَ جا ڏونگر ڏاري
ويهه،
ماٺِ ۽ مجبوريءَ کي ميٽي، مردُودن کي ماري ويهه،
هِن ميدان ۾ پَر او ساٿي، سِرَ جو سؤدو ساري
ويهه،
طلم جي زنجيرن کي ٽوڙي، قيد جي ڪوٽن کي
ڪيراءِ،
ٻيڙين جي آواز جي بدران ڇم ڇم ڇيرين کي
ڇَمڪاءِ.
مُنهنجي جان جگر ۽ جِندڙي، سنڌڙي توسان منهنجو
سنگ،
جيڪو تو وٽ، تُنهنجو ناهي، تنهن سان منهنجي جاري
جنگ،
هَنجهه هُجن پيا هردم تو وٽ، ڪين ڏسان شل ڪوجها
ڪنگ،
تُنهنجا مُنهنجا سُندر سَپنا، رُوحن جو پڻ ساڳيو
رَنگ،
ڪُجهه ڀي ناهه ’عنايت‘ توريءَ، تون
مُنهنجي مان تُنهنجي لاءِ،
غرق اڃان ڀي جي غوطن ۾، تن کي سنڌڙي پار
پُڄاءِ.
•
”خواب“ حيدرآبادي
محسوسات
پيريءَ ۾ جواني جي ڇا ياد وري آئي،
ڄڻ جانِ زليخا ۾ پيدا ٿي توانائي.
مون جڏهن ڏٺو توکي، ٿو هوش و خرد سڀ گم،
تو
جڏهن ڏٺو مون کي، جهٽ هوش ۾ جان آئي.
تارن کي تڪيو مون ٿي، مون ڏي ٿي ڏٺو تارن،
محسوس ٿي مڙني کي طرفين جي تنهائي
چنڊ تي هي نشان ڪارا، پسَجن ٿا پري کان جي،
هي عڪس ڏسو ٿا جو، سا منهنجي جبين سائي،
ديدار سندءِ دلبر دارو ئي شفا آهي،
جت تنهنجي نظر پهتي، بي جان ۾ جان آئي.
پيرا به هئا پڌرا، پر مون نه سڃاتا سي،
مدهوشي ورائي وئي، منزل به تڏهن آئي.
طوفانِ حوادث جا چوگرد چڙهيا بادل،
ڪاهي رَسون منزل تي، آئي ڪڀ اِجها آئي.
دنيائي محبّت مان ٿيو ”خواب“ کي هي حاصل،
آغاز نراسائي، انجام ٿيو رسوائي.
•
سروچ“ سجاولي
سا
دل مستو مست مدام
ڪاڪا ڀُون ڄڻندي آهي، ڀاڳن سانگي ”باغي ٻَار“،
ڪاڪا مِٽي ڏيندي آه، ماڻهو ڏاڍا مڻيادار،
ڪوڪو ديس اُوڀاڙيندو آ، اڻموٽ ۽ اڙٻَنگا يَار،
ڪاڪا ندي ڪندي آه، تِن کي جل ڦل باغ بهار،
جيئي پنهنجي سنڌو سُوهڻي، جنهن تي ڄمندا آهن
ڄام،
ڳائيندا جي ايندا آهن، جنهن دل بيتا پُر ڪر جام،
جنهن دل پيتا پُر ڪر جام، سا دل مَستو مست مدام،
سچل توتي لک سَلام
اهڙي سونهن سونهاري ڌرتي دُنيا ۾ جا ڌُوڃ رَهِي،
تنهن تي سچل جهرو سورهيه، ڪيئن ٿو ايڏا سُور
سَهي،
”اُتر اولهه“ ”اَڙاهه اوڙاهه“ هيڏانهن، هوڏانهن
ڏيل ڏَهي،
هيڏي ساري هاڙهي ۾ بس، هڪڙي هُن سان ويل وَهي،
پوءِ ڪيئن نه ڳائيندو ڙي ساٿي! سچل اَن الحق
ڪَلام،
سچل اَن الحق ڪَلام، ماڻهو جنهن تي ميڙ هشام،
جنهن دل پيتا پُر ڪر جام، سا دل مَستو مَست
مدام،
سچل توتي لک سَلام
پوراليءَ جي پاڻيءَ ۾ ميان، جذبو آه، جوهر آه،
پوراليءَ مان پيتو جنهن سو، ڪوپو آه، ڪيهر آه،
پوراليءَ مان پيتو جنهن سو، جوڌو آه، ڳوڌو آه،
پوراليءَ مان پيتو جنهن سو، ”هوشو آه، دو دو
آه“،
”مَرويسُون پر سنڌ نه ڏيسُون، ”مياڻيءَ واري“ جي
ٻڌ! مام،
مياڻيءَ واري جي ٻُڌ! مام، دم دم جنهن جا دل ۾
دام،
جنهن دل پيتا پُر ڪر جام، سا دل مَستو مست مدام،
سچل توتي لک سَلام
ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪارا قهري ڪِيسَ
ڏسي،
”هُن هارين جي ڀاءُ حيدر جي“، دل ڦوڙون کائي پئي
ڦسِي،
هُن ڪوڪاريو هُن ٻاڪاريو هو، چؤڪن تي چوراهن تي،
۽ هُو ڀي هو ڪِن ساٿين سوڌو، جيلن ۾ ڦاهن تي،
۽
هُن جي دل مان ڀي هو نڪتو، جيئي سنڌڙي صُبح شام،
جيئي سنڌڙي صُبح شام، جيئنِ سنڌڙيءَ جا سڀ گام،
جنهن دل پيتا پُر ڪر جام، سَا دل مَستو مست
مدام،
سچل توتي لک سَلام
ساڳيائي سڀ تو وارا، اي! سچل سائين اڄ پڻ سُورَ،
ساڳيا تنهنجي سانگين سان هِت، اڄ ڀِي آهن ڪِيسَ
ڪلورَ،
”شورن واريءَ پُل مَٿي“ ويا، وڍجي ڳارها پُٽ
ڳڀُورَ،
”ڄام جي ٽنڊي ۾ جي ماريا“، مارين تن جا پَل پَل
پورَ،
”موري واري مانجهيءَ“ مَرڪِي، پاريو آيل ساڻ
انجام،
پاريو آيل ساڻ انجام، ڪيهر ساٿِي ٿيو قتلام،
جنهن دل پيتا پُر ڪر جام، سا دل مَستو مست مدام،
سچل توتي لک سَلام
هڏڙيُون گُڏڙيون سنڌين واريون، اڄ ڀي ڪُت ڪباب
او سَائين،
سر مبارڪ سنڌين وارا، اڄ ڀي منجهه عذاب او
سَائين،
تنهنجي ٻوليءَ وارا آهن، قيدَن منجهه ڪتاب او
سائين،
پوءِ به لکجن روزانو پيا، بلڪل گيت گلاب او
سائين،
”لکبا رهبا آزاديءَ لئه، باغِي دوها بيت ڪَلام“،
باغي دوها بيت ڪلام، ڊاهيندا جي نحس نظام،
جنهن دل پيتا پُر ڪر جام، سا دل مَستو مست مدام،
سچل توتي لک سَلام
”سرويچن“ جي سِرَ جا سائين، صوفين جا سروان
سَچل،
سنڌڙي تنهنجي اڄ ڀي آهي، ساري رتــوّڇاڻ سَچل،
اڄ ڀي اُن جي سينڌَ سُڪل، ۽ اکڙين ۾ آلاڻ سَچل،
اڄ ڀي مارون مارن تي، بس آهن هر ڪنهن ٽاڻ سَچل،
اڄ
ڀي سنڌ گهرڻ جي لاءِ، خطري ۾ ٿو پئي اِسلام،
خطري ۾ ٿو پئي اِسلام، آکي مُلان هَڏ حرام،
جنهن دل پيتا پُر ڪر جام، سَا دل مَستو مَست
مدام،
سچل توتي لک سَلام
•
محبوب سروري
هٿ
هٿ
هلائن سڄو ٿا نظام جهان،
هٿ حقيقت ۾ افضل سڄي جسم کان.
ڇو
هٿن کان به افضل ٿا سمجهون زبان،
خود هٿن سان ڪيو ظلم آهي اسان،
هٿ سهن ٿا مصائب گهڻا صبر سان،
هٿ زبان وانگي ڪن ڪين آه و فغان،
هٿ اکين جئن نه هارن ٿا اشڪ روان،
هٿ ڀڄن جنگ مان ڪين پيرن جيان،
هن هٿن سان لکياسين سَوين داستان،
پر هٿن جي ثنا ۾ نه آيو بيان،
ڇو هٿن جو نه همدرد آهي ميان،
هن هٿن کان سواءِ زوري ايندي ڪٿان،
ڏي خدا ٿو مٿان پر ٻين جي هٿان،
هٿ بيابان کي ٺاهيو ڇڏن گلستان،
هٿ هلائي ٿا ڪنهن جي ڪيون آجيان،
هٿ
ئي مشڪلڪشا جو چون ٿا نشان،
هٿ عدالت ۾ بنجن ٿا نوشيروان،
هٿ هلاڪو ٿين، هٿ ئي چنگيز خان،
هٿ بنائن ٿا انسان کي پهلوان،
هٿ ئي گاما ۽ ڀولو ۽ رستم زمان،
ڇو هٿن جو مان حق تلف ٿيندي ڏسان،
ٿو هٿن جي ثنا مان هٿن سان لکان.
هٿ ئي فاتح ٿين هٿ ئي خيبر شڪن،
هٿ ئي الله اڪبر جو جهندو کڻن.
نيزا، تلوارون، ڀالا لڳائن ٿا هٿ،
هٿ ئي زخمي ٿا ڪن، زخم کائن ٿا هٿ،
دشمنن کان بدن کي بچائن ٿا هٿ،
هٿ ڪمائن ۽ کائن کپائن ٿا هٿ،
هٿ ئي پوکين پيهَن پچائن ٿا هٿ،
هٿ ئي ڪوڏر هڻن هر هلائن ٿا هٿ،
۽ بيابان کي گلشن بنائن ٿا هٿ،
پنهنجي استاد جي مار کائن ٿا هٿ،
پينگهو لوڏن ۽ جهولو جهلائن ٿا هٿ،
سي ئي سچ پچ حڪومت هلائن ٿا هٿ،
گردشن ساڻ زور آزمائن ٿا هٿ،
۽ لڪيرن سان قسمت ٻڌائن ٿا هٿ،
يار جي رخ تان پردو هٽائن ٿا هٿ،
ڪنهن پريءَ روُ جو چهرو پسائن ٿا هٿ،
قرب وارا ملڻ دم ملائن ٿا هٿ،
حال دل جو سمورو سڻائن ٿا هٿ،
هڪٻئي جي حقيقت ٻڌائن ٿا هٿ،
۽ پروان کي پنهنجو بنائن ٿا هٿ،
هٿ ئي ويجهو سڏن، هٿ اشارو ڏين،
هٿ اٿارن ڪِريل کي، سهارو ٿين.
هٿ عبادت ۾ الله اڪبر چون،
هٿ ئي پيشاني کان پهرين سجدو ٿا ڪن،
هٿ ئي ميندي رکن، هٿ ئي سهرا ٻڌن،
هٿ ئي اوّل ٿا چاهِ ذقن کي ڇهن،
هٿ ئي معشوق جي ڳل تي پهرين لڳن،
هٿ هٿن تي جڏهن پيار وارا رکن،
هٿ ئي وعدا ڏين، هٿ ئي وعدا وٺن،
جت زبان بند اکيون بند دليون ڌڪن،
هٿ ئي همّت ڪري رهنمائي ٿا ڪن،
اجنبي اجنبي پيار وارا ملن،
هٿ شروعات ڪن هٿ ئي ويجهو وڃن،
هٿ دلاسو ڏين خوف دل جو ڀڃن،
هٿ صراحي کڻن هٿ ئي ساغر ڏين،
هٿ ئي مدهوش ڪن هٿ سهارو ٿين،
ڀاڳ وارا اهي جي ٻوڪن ۾ پين،
مئي پيڻ سان ساقيءَ جا هٿ پڻ چمن،
هٿ ئي دلجوئي ڪن هٿ ئي ڳوڙها اگهن،
موت ويلي اکين تي سڄن هٿ رکن،
هٿ ڍڪائن ڪفن هٿ ئي ڪن ٿا دفن،
موت ويلي اکين تي سڄڻ هٿ رکن،
هٿ ڍڪائن ڪفن هٿ ئي ڪن ٿا دفن،
۽ لحد ۾ حبيبن جا هٿ ڪم اچن.
هٿ ئي حسن و نزاڪت جي چغلي هڻن،
هٿ حيا ۽ شرافت جي چغلي هڻن،
نرم نازڪ ۽ ننڍڙا نجيبن جا هٿ،
ماکي مصري کان مٺڙا عجيبن جا هٿ،
جئن شفاياب ڪن ٿا حبيبن جا هٿ،
تئن ڪري ڪين سگهندا طبيبن جا هٿ،
ٿا ٻڌائن جواني ۽ پيري به هٿ،
رهنمائي ٿا ڪن، دستگيري به هٿ.
صاف ۽ پاڪ پرده نشينن جا هٿ،
ڀورڙا ڀورڙا نازنينن جا هٿ،
برقعي کان به ٻاهر حسينن جا هٿ،
مور پردو نه ڪن مہ جبينن جا هٿ.
شهد آڱر سان ٿيو واه! ”شق القمر“،
چنڊ ٽڪرا ڪيو هٿ سان خيرالبشر.
هن هٿن سان ٿين ٿا گهڻا معجزا،
هٿ ابولهب جي لاءِ ”تبّت يدا“،
هٿ گهُرن ٿا دعا، هٿ گهرن بد دعا،
هٿ پکيڙي ڪو سائل هڻي ٿو صدا،
آهه مشهور حاتم جي هٿ جي سخا،
هٿ سان عيسيٰ مرده به زنده ڪيا،
نانگ ڳڙڪايا موسيٰ جي هٿ جي عصا،
دستخط کان سواءِ عهدناما ڪَچا،
دستخط سان ٿين فيصلا ٿا پڪا،
دستخط سان ڪي ڦاسي جي کائن سزا،
دستخط سان ڪي قيدي وڃن ٿا ڇٽا،
دستخط سان ٿين ختم جهيڙا جهٽا،
دستخط سان ٿين ڪارناما وڏا.
ٿا رٺل يار پنهنجي کي ٻئي هٿ ٻڏون،
هٿ ٻڌي ماهرو کان معافي وٺون.
هجرِ دلبر ۾ ڪن چاڪِ دامان به هٿ،
مشڪلاتن کي ڪن نيٺ آسان به هٿ،
زندگيءَ جو سڄو سازو سامان به هٿ،
هٿڪڙين سان وڃن سُوءِ زندان به هٿ،
۽ سبن ٿا لباس عروسان به هٿ،
ڪاتبِ شاعرانِ غزلخوان به هٿ،
سوگوارانڀ شامِ غريبان به هٿ،
دردمندن جو ڪن دارو درمان به هٿ،
واقف رازِ تختِ سليمان به هٿ،
ڪنهن گهڙي ٿا لکن شاهي فرمان به هٿ،
ڪن ٿا تحرير الفاظ قرآن به هٿ،
باليقين باعثِ شرفِ انسان به هٿ.
ٿا هٿن ساڻ محنت مشقّت ڪيون،
ڪوهساري ڪندي ٿا ٿين هٿ لِڦون.
هٿ محافظ ٿين مال ۽ جان جا،
هٿ نگهبان ٿين ساز سامان جا،