[
ڏيک – 7
]
يوسف:
(اُداس آواز ۾) نياز! شايد شام ٿي چڪي آهي. ڪمري ۾ اوندهه جا
پاڇا وڌي آيا آهن.
نياز:
ها، اوندهه ٿي رهي آهي سج لهي چڪو آهي. اڄوڪو
سج احمد جي زندگيءَ جو آخري سج هو، جيڪو هميشہ لاءِ لهي ويو.
يوسف: اسان جي زندگيءَ ۾ شايد اڃا گهڻا سج
اُڀرندا ۽ لهندا، پر احمد جي زندگيءَ ۾ هاڻي وري
سج ڪونه اُڀرندو. نثار! تون اڄ ماٺ ماٺ ڇو آهين؟
ڪجهه ته ڳالهائي، چپ چپات ۾ ته اسان جو ساهه ٿو
گهُٽجي.
نثار:
(ڏک وچان) آءٌ ڇا ڳالهايان! مون وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه
آهي ئي ڪونه. احمد اسان کي ڳالهيون ٻڌائي
وندرائندو رهندو هو.
هاڻي نه احمد رهيو آهي ۽ نه وري هن جون ڳالهيون.
نياز:
هاڻي اسين احمد جون رڳيون ڳالهيون ڳائيندا
رهنداسين.
يوسف:
احمد جا اسان تي وڏا وڏا ٿورا آهن. هن ڪڏهن به
اسان کي ڏک محسوس ڪرڻ نه ڏنو. هو جيتوڻيڪ اسان
کان عمر ۾ ننڍو هو، پر وڏن وانگر اسان جا دک درد
ٻڌندو ۽ آٿت ڏيندو هو.
نياز:
هن جي ماءُ کي هن بابت خبر ڪير ٻڌائيندو؟
يوسف:
اهو وڏي همت جو ڪم آهي. اسان مان جيڪو همت ساري
سگهي سوا اهو فرض پاڻ تي کڻي.
نياز:
منهنجو خيال آهي ته اسپتال مان نڪرڻ شرط اسان
سڀني کي گڏجي احمد جي ماءٌ وٽ هلڻ گهرجي.
يوسف:
اهو وڌيڪ مناسب ٿيندو. احمد ايترو ته اسان کان
لهڻي، ڪيئن نثار؟
نثار:
بلڪل. جيڪر مان هن جي آخري خواهش پوري ڪري سگهان ها.
(وٿي) سڀاڻي صبح جو جڏهن هوءَ ڇوڪري لنگهندي
تڏهن خالي دري ڏسي هوءَ ڇا سمجهندي؟ ان بابت
ڪجهه سوچيو اٿوَ؟
يوسف:
اڙي ها، اها ڳالهه ته وسري ويئي هئي. هوءَ سڀاڻي
پنهنجي پرينءَ جي منهن ڏسڻ لاءِ اتاولي هوندي.
خالي دري ڏسي هن کي ڏاڍي مايوسي ٿيندي، خبر ناهي
ته هوءَ احمد بابت ڇا سوچي؟
نياز:
هن کي ٻڌائڻ کپي. انتظار وڏو عذاب آهي. هن کي ان
عذاب کان بچائڻ کپي.
يوسف: ممڪن آهي ته دريءَ واري خالي بستري تي ٻئي
کي رهايو وڃي. ان بستري تي اسان جو حق آهي.
نياز:
ها. پر اسين سڀ ته ان بستري تي سمهي نٿا سگهون.
بهتر ٿيندو ته نثار کي ئي اهو بسترو ملي.
يوسف:
ها، مون کي ڪو اعتراض ڪونهي. نثار! هينئر ئي
سسٽر کي سڏي بسترو بدلارائڻ لاءِ چئو.
نثار:
اوهان جي مهرباني. (سڏ ڪندي) سسٽر! سسٽر!
نرس:
(ٻاهران ايندي) جيءُ!
نثار:
سسٽر، هڪڙي مهرباني ڪر. مان احمد جي خالي بيڊ تي
سمهڻ چاهيان ٿو. هينئر بسترو بدلارائي
سگهندينءَ؟
نرس:
بلڪل مان هينئر ئي وارڊ بواءِ کي سڏي تنهنجو بيڊ
بدلاريان ٿي. (ٿورو پري کان) وارڊ بواءِ هيڏانهن
اچ! هي بيد بدلارائڻو آهي. آهستي…آهستي… آرام
سان. (نثار جي ڪنجهڻ جو آواز)
نرس:
ٺيڪ آهي ادا، تڪليف ته ڪانه ٿي؟
نثار:
مهرباني سسٽر. مان ٺيڪ آهيان. صبح جو ياد ڪري
دريءَ جو پردو هٽائي وڃجانءِ.
نرس:
مونکي ياد آهي. چڱو، خدا حافظ.
(موسيقي)
[
ڏيک – 8 ]
(پردي هٽائڻ جو آواز)
يوسف:
(سڏ ڪندي) نثار! نثار! اڃا ستو پيو آهين ڇا؟
نثار:
اون! ها…اڇا هاڻي اک لڳي هئي. سڄي رات ننڊ ڪانه
آئي هئي.
نياز:
شايد دريءَ کلڻ جي انتظار ۾ ننڊ ڪانه آيهءِ؟
نثار:
ها. سچ پچ مون کي ڏاڍو انتظار هو. ائين ٿو لڳي ڄڻ
مان سالن کان پوءِ ٻاهرين دنيا کي ڏسندس. رستو، ماڻهو، موٽرون،
باغ، رنگا رنگي ٽڙيل گل، سائي ڇٻر ۽ ان تي کيڏندڙ
ٻار! ڪيڏو نه عجيب منظر هوندو! منهنجي دل خوشيءَ
وچان تڪڙي ڌڪ ڌڪ پئي ڪري.
يوسف:
(کلندي) هاڻي دريءَ مان ٻاهر به ڏسندين يا رڳو ڳالهيون ڪندو
رهندين؟
نثار:
ڏسان ٿو. پهرين دل ته ٻڌان. (ڪنجهندي اٿي ٿو)
اون…آه… (اوچتو هيرت وچان) اڙي! هي ڇا؟
يوسف:
ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيو؟
نثار:
او هو، منهنجا خدا! هي سڀ ڇا آهي؟
يوسف:
آخر آهي ڇا؟ تون ٻڌائين ڇو نٿو؟ ٻاهر ڇا ڏٺو اٿئي؟
نثار:
(مايوسيءَ وچان) ٻاهر؟ ٻاهر ڪجهه به ڪونهي.
نياز:
(رڙ ڪري) ٻاهر ڪجهه به ڪونهي!
يوسف:
هي تون ڇا پيو چئين؟
نثار:
مان سچ ٿو ڳالهايان. ٻاهر ڪجهه به ڪونهي. مون کي
ڪجهه به نظر نٿو اچي.
نياز:
هو وڏو رستو، جنهن تي موٽرون ۽ گاڏيون هلي رهيون
آهن ۽ ماڻهو اچي وڃي رهيا آهن؟
نثار:
نه نه، ڪوبه رستو ناهي.
يوسف:
۽ هو باغ! جنهن ۾ ڳاڙها، پيلا ۽ اڇا گل ٽڙيل آهن، جنهن جي چهچ
سائي ڇٻر تي ٻار ڊوڙي ڊڪي ۽ کيڏي رهيا آهن! باغ ته
آهي نه؟
نثار:
نه نه، باغ به ڪونهي. اهو سڀ ڪوڙ هو. سڀ ڪوڙ هو…
احمد اهو سڀ اسان کي ڪوڙ ٺاهي ٻڌايو هو. يا خدا!
هو ايترا ڏينهن اسان کي بيوقوف بنائيندو رهيو هو…
نياز:
پر به دريءَ مان ڪجهه ته نظر ايندو هوندو؟
نثار:
دريءَ جي هن پار هڪ وڏي پٿرن جي ديوار آهي ۽ پوءِ
رڳو ميدان ئي ميدان آهي، جتي سڃ کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به نه آهي.
يوسف:
او هو! پر نه نه، احمد اهو سڀ اسان کي بيوقوف
بنائڻ لاءِ نه ڪيو هو. هن اهي ڳالهيون اسان کي خوش
رکڻ لاءِ، وندرائڻ لاءِ گهڙيون هيون. هن اهو سڀ
اسان جي خاطر ڪيو هو.
نياز:
(ڏک وچان) احمد عظيم انسان هو. هن پاڻ تڪليف ۾ رهي به
اسان کي تڪليف محسوس ڪرڻ نه ڏني. شاهه سائين اهڙن
ئي ماڻهن لاءِ چيپ آهي ته ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ
منجهه اچي پوءِ بهار جي.“
نثار:
منهنجا خدا! مون احمد کي ڪيترو غلط سمجهيو هو. تڏهن هن
اهو سڀ اسان جي لاءِ ڪيو هو! احمد، منهنجا دوست!
آءٌ تنهنجي آخري خواهش کي پورو ڪندس. آءٌ تنهنجي
ماءُ وٽ، هن جو وڇڙيل پٽ، هن جو احمد بنجي ويندس…
آءٌ تنهنجي ماءُ وٽ ويندس…
[پڄاڻيءَ جي موسيقي]
(مرڪزي خيال هڪ فرينچ ڪهاڻيءَ تان ورتل)
[ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿوري سان] |