سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :21

قريشي حامد علي خانائي – ايم – اي

 

مخدوم قاضي محمد عاقل سنڌي

        سنڌي جي مردم خيز زمين اها برڪت ڀري ۽ سڀاڳي آهي، جنهن هر دؤر ۾ وڏا جيد عالم، بزرگ ۽ صاحب ڪمال انسان پيدا ڪيا آهن، جن جي فيض جي پالوٽ صرف سنڌ جي اندر محدود رهي، بلڪ سنڌ جون سرحدون لتاڙي برصغير جي ٻين علائقن کي پڻ فيض ۽ برڪت سان مالامال ڪيو. مخدوم قاضي محمد عاقل سنڌ جي سرزمين جو هڪ وڏو جليل القدر بزرگ، صاحب ڪمال ۽ بلند پايي جو عالم ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب پنهنجي مرشد جي حياتيءَ ۾ ئي اعليٰ ۽ بلند مقام تي پهچي چڪو هو. پاڻ حضرت خواجه نور محمد مهارويءَ جو وڏو خليفو هو. پنجاب ۾ سلسلي نظاميه جي اشاعت ۾ سندس وڏو هٿ هو ۽ سندس ئي فيض ۽ برڪت ڪري چاچڙان، ڪوٽ مٺڻ ۽ احمد پور ۾ ڪيتريون ئي خانقاهون قائم ٿيون. کانئس ٻيا به ڪيترائي بزرگ ۽ مشائخ طريقت جيراهه ۾ فيض ورتيا. سندس متعلق حاجي نجم الدين ”مناقب المجوبين“ ۾ چوي ٿو ته ”هزارها مخلوق خدا جي سندس دروازي تان فيض حاصل ڪيو ۽ وڏي روحاني مرتبي کي پهتا [1].

        قاضي محمد عاقل صاحب جو علمي تبحر، شرع جي پابندي، بزرگانه شفقت، اخلاق ۽ مروت جي شهرت پري پري تائين هئي. ماڻهو سندس ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندا هئا ۽ هميشہ عقيدت منديءَ سان پيش ايندا هئا. قاضي صاحب هڪ معزز فاروقي خاندان مان هو. سندس وڏا مغلن جي دؤر حڪوت ۾ چڱي اثر رسوخ وارا هئا، وقت جا امير ۽ وزير 

سندن عزت ڪندا هئا. ان خاندان مان هڪ بزرگ حضرت محبوب الله الصمد مخدوم نور محمد هو. شاهجهان جي وزيرار ادت خان جا سندس خاندان سان گَهرا ۽ گهاٽا تعلقات هئا. شاهجهان جي طرفان لنگر جي خرچ لاءِ پنج هزار ايڪڙ زمين جا کين جاگير طور مليل هئا.

        ”مناقب فريدي“ جي مصنف شهنشاهه اورنگزيب ۽ سندس پوين جا ڪيترائي فرمان نقل ڪيا آهن، جن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ان دؤر جي حاڪمن پڻ سندن جاگيرن کي ان ساڳئي نموني ۾ برقرار رکيو. سندن مخدوم صاحب جو حسب نسب بيان ڪندي لکي ٿو ته ”شيخ علام، صالح محمد عاقل بن محمد شريف بن محمد يقوب بن نور محمد زڪريا عمري، سنڌي چشتي طريقي جو شيخ هو [2].

         سندس ولادت جي باري ۾ مولانا صاحب لکي ٿو ته ”سنڌ جي ڳوٺ ڪوٽ مٺڻ ۾ ڄائو هو، جو سنڌ ۽ بهاولپور جي سرحد وٽ آهي، انڪري کين سنڌي سڏيو ويو آهي [3]. پر اسان جي خيال موجب قاضي صاحب سنڌ جي ڪوئنريجا ذات مان هو ۽ اها قوم اڄ به سنڌ ۾ ڪافي انداز ۾ آباد آهي [4]. انهيءَ لحاظ کان قاضي محمد عاقل سرزمين سنڌ جهو املهه گوهر هو [5].

        مخدوم صاحب جو والد بزرگوار مخدوم محمد شريف يارا واليءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي سندس ڪيترائي مريد ۽ معتقد ٿيا. مخدوم صاحب وڏو مرتاض بزرگ هو. زهد ۽ ورع، قناعت ۽ توڪل ۾ يگانهء روزگار بزرگ هو. سندس متعلق مناقب المحبوبين وارو صاحب هن طرح سان لکي ٿو ته ”مخدوم صاحب عالم باعمل ۽ صاحب برڪت هو“[6]. خواجه گل محمد احمد پوريءَ جي قول موجب ته ”مخدوم صاحب زهد ۽ ورع ۾ لاثاني هو“ [7].

        مناقب فريديءَ وارو صاحب، ڪوٽ مٺڻ جي آباد ٿيڻ متعلق هن طرح سان لکي ٿو ته ”جنهن زماني ۾ مخدوم محمد شريف يارا واليءَ ۾ سڪونت پذير هو، تنهن وقت اُتي جو هڪ بااثر بلوچ زميندار رئيس مٺڻ خان سندس وڏو معتقد ۽ مريد هو. هڪ دفعي، سيرسانگي جتي هن وقت ڪوٽ مٺڻ آباد آهي، ان هنڌان اچي ٻيئي ڄاڻ لانگهائو ٿيا. سنڌو درياهه جي وت سان پُر فضا ميدان ڏسي مخدوم محمد شريف صاحب فرمايو ته هن جاءِ تي هڪ بستي آباد ٿيڻ گهرجي، جيڪا الله وارن جو مسڪن بڻجي. رئيس مٺڻ خان بلوچ، مخدوم صاحب جي ان ارشاد پٽاندڙ ان هنڌ هڪ شهر ٻڌايو، جو پوءِ مٺڻ خان بلوچ جي نالي پوئتان ”ڪوٽ مٺڻ“ سڏجڻ ۾ آيو. مخدوم صاحب پاڻ به پوءِ ياراوالي کي ڇڏي اچي هن نئين وسايل شهر ۾ سڪونت اختيار ڪئي[7].

        قاضي محمد عاقل صاحب ننڍيءَ عمر ۾ قرآن پاڪ ياد ڪيو ۽ ان سان گڏ فن قرآت ۾ پڻ چڱو خاصو عبور حاصل ڪيو[8]. درسي ڪتاب پنهنجي والد وٽ پڙهي فراغت حاصل ڪيائين. سندس والد مخدوم محمد شريف پنهنجي دؤر جو يڪتاءِ بزرگ ۽ محدث دوران هو[9]. قاضي صاحب پنهنجي والد کان سواءِ حضرت شاهه فخر صاحب ۽ خواجه مهاوريءَ جن وٽ وڃي باقي علمن جي تحصيل ڪئي هئي. شاهه فخر صاحب کين شرح عبدالق ۽ سواءِ السبيل جو درس پڻ ڏنو هو[10]. خواجه مهاوريءَ کان حديث جي فن ۾ سَندَ ورتي هئائين[11]. طالب العلميءَ جي زماني ۾ قاضي صاحب جو حافظو ڏاڍو سٺو هو ۽ هر ڪنهن مسئلي کي حوالن سوڌو برزبان ياد ڪري ويندا هئا. سندس انهيءَ تبحر علمي جي باري ۾ خواجه گل محمد احمد پوري لکي ٿو ته ”مشرق ۽ مغرب ۾ سندس مثل ان زماني ۾ علم ظاهريءَ ۾ ٻيو ڪوبه ڪونه هو“[12].

        خواجه محمد عاقل علم جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ ڪوٽ مٺڻ ۾ هڪ وڏو ديني علمن جو درسگاهه قائم ڪيو، جنهن ۾ پاڻ خود درس وَ تدريس جو ڪم شروع ڪيائين. برصغير هند وَ پاڪ جي ڪيترن وڏن جيد عالمن کي گهرائي ان مدرسي ۾ مدرّس ڪري رکيائين. مدرسي جي خرچ پکي لاءِ هڪ وڏو لنگرخانو قائم ڪيائين ۽ ’تڪمله‘ وارو صاحب لکي ٿو ته ”ان کان پوءِ پاڻ شدني نالي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ وڃي رهيو ۽ اُتي به هڪ مدرسو ۽ لنگرخانو قائم ڪيائين*[13].

        ظاهري علمن جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ قاضي محمد عاقل ۽ سندس وڏي ڀاءُ ميان نور محمد کا باطني علم ۽ تزڪيه نفس لاءِ ڪنهن ڪامل مرش جي تلاش ۽ جستجو دل ۾ پيدا ٿي. انهيءَ زماني ۾ حضرت خواجه نور محمد مهاوري هڪ وڏو باڪمال بزرگ ۽ حال قال جو صاحب هو، سندس روحاني فيض سموري هند و پاڪ ۾ جاري هو. سندس وڏو ڀاءُ ميان نور محمد اڳ ۾ خواجه صاحب جو مريد ٿي چڪو هو[14]. قاضي اُچ شريف ۾ هلي اچي خواجه مهاروي رحه جي هٿ تي بيعت ڪئي.

 

خواجه قاضي محمد عاقل صاحب جو دهليءَ طرف سفر.

        خواجه قاضي محمد عاقل جي سوانح نگارن جي احوالن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ ڪيترائي ڀيرا دهليءَ وڃي شاهه فخر جي خدمت ۾ حاضري ڀري اٿس. پهريون سفر قاضي صاف يا پيادل طئي ڪيو هو، سندس مرشد جڏهن ان جو سبب دريافت ڪيو تڏهن پاڻ جواب ۾ چيائين ته ”مون خدا سان وعدو ڪيو هو ته فخر شاهه صاحب جي خدمت ۾ پيرين پنڌ پيادل ويندس[15]. ’مناقب المحبوبين‘ وارو چوي ٿو ته خواجه مهاوري رحه، مخدوم صاحب کي چوڏهن سونيون اشرفيون ڏنيون هيون ته اُهي شاهه فخر صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪجو[16]. چون ٿا ته ٻيو دفعو پڻ دهليءَ

جو سفر ڪيو هئائين ۽ ساڳيءَ عقيدت ۽ احترام سان فخر شاهه صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿي حاضري ڀري هئائين[17]. مناقب فريدي واري صاحب جو قول آهي ته انهيءَ دفعي واريءَ ملاقات ۾ شاهه فخر صاحب کان مخدوم قاضي محمد عاقل روحاني راز، رمزون ۽ تصوف جي دقيق مسئلن جي سمجهاڻي پرائي هئي[18]. ان سلسلي ۾ مناقب المحبوبين وارو صاحب هن طرح سان بيان ڪري ٿو ته ”مخدوم صاحب، شاهه فخر رحه کان شرح عبدالحق ۽ سواءِ السبيل جو درس پڻ ورتو هو“[19]. شاهه صاحب کان جڏهن مخدوم صاحب موڪلائي واپس ورڻ لڳو، تڏهن هُن کيس هي چار ڪتاب عنايت ڪيا هئا؛ مڪتوبات شيخ عبدالقدوس گنگوهي*، ڪتاب مطوّل، سواءِ السبيل ۽ لوا.ح جامي، شرح رباعيات جامي[20].

        قاضي محمد عاقل صاحب وڏو زاهد، عابد ۽ سير سلوڪ جو صاحب هو. هن عبادت الاهي ۾ وڏو مجاهدا ڪيا. سندس مجاهدن جي باري ۾ حافظ جمال چوندو هو ته ”قاضي صاحب جهڙا مجاهدا ٻيو ڪو ورلي بزرگ ڪري سگهندو“[21]. سموري حياتي ان حالت ۾ پوري ڪيائين. زندگيءَ جي پوئين دؤر ۾ پيريءَ ۽ ڪمزوريءَ سبب پڻ ذڪر اِلاهي زور سان ڪندو رهندو هو. سندس ذڪر جو آواز پري پري ميلن تائين پهچندو هو [22].

        نواب غازي الدين خان اسماءَ الابرار ۾ لکي ٿو ته ”قاضي صاحب ذڪر جو آواز مهار شهر کان فريد ڳوٺ تائين، جو ٽن ميلن جي فاضلي تي هو؛ پهچندو هو“ [23].


 

        دنيا تڪليفن ۽ مصيبتن جو گهر آهي. هن دنيا جو ڪارخانو انسان لاءِ امتحان گاهه آهي، جنهن ۾ انسان کي صبر ۽ تحمل سان هرڪنهن مشڪل مسئلي کي حل ڪرڻو آهي. قاضي محمد عاقل 

صاحب جي وڏي ڀاءُ قاضي ميان نور محمد ديري غازي خان ۾ هڪ ٺيڪو کنيو هو. هڪ ڀيري قاضي صاحب ٺيڪي جي رقم وقت تي ادا ڪري نه سگهيو، ته شهر جي ناظم ان تي ڏمرجي کيس قيد ڪري بند ڪيو، ڇاڪاڻ جو قاضي محمد عاقل صاحب، ڀاءُ جي پاران ضامن هو. قاضي محمد عاقل پورا نَــوَ مهينا قيد ۾ گذاريا. قيدخاني واري زماني ۾ مخدوم صاحب سمورو وقت عبادت الاهي ۽ رياضت ۾ گذاريو. پاڻ هي شهر چوندا هئا:

اگر آن نه ماه مرا بدست نمي آمد!

شايد از نتيجئه شغل بي نصيب مي رفتم[24]

        سندس مرشد انهيءَ قيدخاني مان رهائيءَ واسطي وٽس ڪيترائي ماڻهو موڪليا، ليڪن پاڻ ان سلسلي ۾ مرشد ڏانهن هي نياپو موڪليندا رهيا ته ”برائي خلاص نفس خود عمل کردن حيا دامن گير مي شد[25]. آخرڪار قيدخاني مان آزاد ٿيا.

        سندن مرشد کين خلافت جو خرقو ڍڪايو. خلافت ملڻ کان پوءِ کين سندس مرشد مهاروي رحه ان ڳالهه جو تاڪيد ڪيو ته روحاني فيض کي عام ڪيو وڃي ته جيئن الله جي مخلوق سڌي رستي سان لڳي ۽ هدايت جو رستو وٺي ماڻهو روحانيت جا صاحب بڻجن*.

        قاضي صاحب جو لنگر شروعاتي زماني کان ئي جاري هو. طالب، مريد ۽ فقير سڀ ئي لنگر مان کائيندا هئا. ليڪن هڪ دفعي اهڙو وقت به آيو جو لنگر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ۽ ڪافي وقت فاقي ۾ گذريو، پر سندس طالبن، فقيرن ۽ مريدن ان مصيبت کي برداشت ڪيو ۽ ڪڏهن به صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو. خواجه گل محمد احمد پوري [26] ان تنگيءَ جي وقت ۾ سندن خانقاهه ۾ رهندو هو. اهو ذڪر ڪندي چوي ٿو 

ته: ”اگر ڪجهه ملندو هون ته لنگر ۾ ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ اگر لنگر مان ڪجهه بچندو هو ته پاڻ کائيندا هئا، نه ته بک ۽ فاقي ۾ رهندا هئا

خواجه صاحب ايستائين ڪجهه به نه استعمال ڪندا هئا، جيستائين سڀ فقير، طالب ۽ مريد کائي سير نه ٿيندا هئا“[27]

        خواجه قاضي صاحب سنت نبويءَ جي سختيءَ سان پابندي ڪندڙ بزرگ هو. سندس هميشہ اهائي ڪوشش هوندي هئي ته شرعي حڪمن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪيو وڃي ۽ سنت نبويءَ جي سختيءَ سان پيروي ڪئي وڃي. پنهنجي فقيرن ۽ مريدن کي ان لاءِ ڏاڍو تاڪيد ڪندا هئا. مناقب المحبوبين وارو صاحب لکي ٿو ته ”قاضي صاحب کي وفات کان ٿورو اڳ ۾ حضرت سرورڪائنات نبي ڪريم صه جن خواب ۾ فرمايو ته ”تو مارا بسيار خوش کردي کي همکين سنتهاري مارا زنده 

کردي“[28]. ان سلسلي ۾ خواجه جلال پوري جو قول آهي ته ”خواجه محمد عاقل فاني الرسول واريءَ منزل تي پهتل هو“[29].

        قاضي محمد عاقل صاحب وقت جو ڏاڍو پابند هوندو هو. مغرب جي نماز کان پوءِ ذڪر جي شعل ۾ مشغول رهندو هو. ان کان پوءِ رات جي ماني کائي سومهڻيءَ جي نماز پڙهي حلقو ڪڍي پنهنجن مريدن ۽ فقيرن کي وعظ ۽ نصيحت ڪندا هئا. هر ڪا نماز اڪثر باجماعت ادا ڪندا هئا. آڌيءَ رات جو وري تهجد جي نماز ادا ڪري، قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ مشغول رهندا هئا. طلابن کي درس ٻنپهرن جي نماز کان پوءِ وچين نماز تائين ڏينداهئا[30]، پاڻ نهايت ئي عمدو نفيس ۽ لطيف قسم جو لباس زيب تن ڪندا هئا. سندس قميص سيني کان هر وقت چاڪ رهندي هئي. مٿي تي ڪلاه قادري پهريندا هئا، پر جڏهن پاڻ ٻاهر پنهن سفر تي نڪرندا هئا ته دستار يا لونگي ٻڌندا هئا[31].

        خواجه قاضي محمد عاقل صاحب وڏي بلند اخلاق جا صاحب هئا. امير، غريب، پوڙها ۽ جوان سڀ سندن خدمت ۾ حاضر رهندا هئا ۽ پاڻ سڀني سان هڪ جهڙو برتاءُ ڪندا هئا. پاڻ سڀ ڪنهن کي نهايت خنده پيشاني ۽ محبت سان جواب ڏيندا هئا. پنهنجن مريدن ۽ فقيرن کي هميشہ صحيح مذهبي جذبات، خدا تي توڪل، ڀروسو ۽ هر مشڪل ۾ کانئس مدد مٺڻ جي صحيح ترغيب ڏيندا هئا. اڪبر شاهه ثانيءَ مغل، شهزادي جهان خسرو ۽ ڪائوس شڪوه کي قاضيءَ صاحب جو مريد بڻايو هو. آخري مغل شهنشاهه بهادر شاهه ظفر کي به قاضي صاحب سان ڏاڍي عقيدت هوندي هئي، بهادر شاهه ظفر جو هڪ شعر آهي:

دل فدا ڪرتـﻶ هين نام فخر دين پر اي ظفر،

هم هين ’عاقل‘ ربط ’عاقل‘ سـﻶ دلي رکهتـﻶ هين هم [32].

        دنيا ۾ جو گهڙو گهَڙيو آهي، سو ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن ڀُري ٿو. دنيا فنا جو مقام آهي. ڪئين نبي، ولي، پير، فقير ۽ شاهه هن دنيا مان لڏي وڃي خاڪ نشين ٿيا. خبر نه آهي ته هن خاڪ ڪيترن کي کائي کپائي ڇڏيو. نيٺ قاضيءَ محمد عاقل صاحب جي حياتيءَ جو مان ڀرجي آيو. پاڻ اٽڪل چار مهينا لاڳيتو بيماريءَ ۾ مبتلا رهيا. هڪ ڏينهن پاڻ پنهنجن مريدين ۽ فقيرن کي فرمايائون ته ”امروز در تمام حرج سفر کشيديم خوب شد که به منزل رسيديم[33]. ان تي سڀ حاضرين حيران ٿي ويا. سندن پيارو خليفو خواجه گل محمد احمد پوري زار زار رئڻ لڳو. ان ساڳئي ڏينهن 8-رجب سن 1229هه پاڻ هن دنيا مان وصال فرمايائون. شدانيءَ مان سندس لاش کي کڻي ڪوٽ مِٺڻ ۾ سُپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس تاريخ وفات هي آهي*:

دل ز داغ درد پرسوز و لهب،

رفت از دار فنا سوئـﻶ بقا،

مظهر نورمحمد، فخر دين،

هادي خلق خدا رفت از جهان!

جان بلب شد چون سخن گويد بلب،

رهبر دين، هديٰ عالي نسب.

شه محمد عاقل محبوب رب.

حسرتا دردا دريغا صد عجب.

آه واويلا وَ صد افسوس و درد،

خم تهي گشت و نمانده صاف درد!

چونکه تاريخ و مہِ سال وصال،

سرز جيب بيخودي برکرد و گفت:

کز جهان نور، جهان شخ محتجب.

درد باقي بهر انسان مضطرب.

از دل پر درد خود کردم طلب.

روز هشتم بود از ماه رجب 1229هه.

 -(تڪلمله سير الاولياء ص 155)               

اشارا ۽ وڌارا

[1]     حاجي نجم الدين: مناقب المحبوبين (فارسي) ص 123.

[2]    رسالو الرحيم سنڌي ”مشاهير نمبر سنڌ“: ص 74 بحوالا نزهة الخواطر جلد 7 ص 450.

[3]    رسالو ايضاً ص ايضاً

[4]    مناقب فريدي واري صاحب (ص 48) تي قاضي صاحب جو شجرو هن طرح ڏنو آهي.


 

مخدوم نور محمد

 

 

 

 

 

 

مخدوم محمد يعقوب

سلطان مخدوم

حاجي محمد اسماعيل

 

 

 

 

 

 

(هن جو اولاد ديره غازي خان ۾ رهيو)

 

 

 

 

 

مخدوم غلام حيدر   (هيءُ بزرگ ياراواليءَ ۾ درياهه سنڌ

جي ڪناري تي دفن ٿيل آهي)

مخدوم محمد شريف

 

 

 

 

 

مخدوم قاضي نور محمد

 

مخدوم قاضي محمد عاقل

 

        [5]  قاضي محمد عاقل ڪونئريجا قوم مان هو. اها قوم سنڌ ۾ ڪثرت سان آباد آهي. ساهتي پرڳڻي ۽ دادو ضلعي جي طرف اها قوم اڄ به آباد آهي ۽ چڱي سَرندي ۽ هوند واري قوم آهي. محمد يعقوب ڪرنئريجو ويجهڙي دؤر ۾ ان قوم مان سنڌ جو هڪ ناميارو حڪيم ٿي گذريو آهي. جيئن ته مغل حاڪمن جي فرمانن ۾ پڻ ڪونئريجو لفظ ملي ٿو. مناقب المحبوبين وارو صاحب لکي ٿو ته ”خواجه محمد عاقل جي خاندان مان هڪ نيڪ ۽ بزرگ شخص هڪ ڏينهن مسجد ۾ نماز تي آيو ۽ پڇيائين ته ڇا ڪنهن ٻانگ ڏني آهي؟ جماعتن عرض ڪيو ته اڃا ڪنهن به ٻانگ نه ڏني آهي. ان تي پاڻ مٽيءَ جو ڪؤنرو، جو سندس اڳيان رکيو هو، ان کي ڏسي چيائين ته اي ڪونئرا! اڄ تون ٻانگ ڏي. بس! ان کان پوءِ سندس لقٻ ڪونئريجو پئجي ويو. ڪونئرو ٺڪر جو ٿانءُ ٿيندو آهي. ”اصل ۾ ڪوزه بگو“ هو جو پوءِ بلدجي شايد ڪونئريجو ٿي ويو. (مناقب المحبوبين ص 119).

        [6]    مناقب المحبوبين ص 119.

        [*]    تڪلمله سير اللاويلياء ص 138.

        [7]    مناقب فريدي ص 49.

        [8]    تڪمله سير الاولياء ص 13- - مناقب فريدي ص 50.

        [9]    ڪتاب ايضاً ص ايضا.

        [10]   مناقب المحبوبين ص 121.

        [11]   تڪمله سير الاولياء ص 180.

        [12]   ڪتاب ايضاً ص 139.

        [13]   تڪلمه سير الاولياء ص 140.

        * تذڪرن مان اهيو ظاهر ٿئي ٿو ته قاضي محمد عاقل مشڪواة شريف، احياء العلوم، صحيح بخاري، لوائح و شرح قصيده، سواءِ السپيل، قصوص الحڪم، شرح موافق، شرح هدايت الحڪمت وغيره جهڙن علمي ۽ فقهي ڪتابن جو پڻ درس ڏيندو هو.

        [14]   ڪتاب ايضاً ص ايضاً.

        [15]   ڪتاب ايضاً ص 147.

        [16]   مناقب المحبوبين ص 122.

        [17]   تڪمله سير الاولياء ص 148.

        [18]   مناقب فريدي ص 58.

        [19]   مناقب المحبوبين ص 121.

        [20]   ڪتاب ايضاً ص ايضاً.

        * شرح عبدالقدوس گنگوهي تي مولانا جا هٿ اکر لکيل هئا ۽ شرح پڻ لکيل هوس. ان نسخي جي زيارت مناقب المحبوبين واري صاحب ڪئي هئي، جنهن جو هُن ذڪر ڪيو آهي.

        [21]   مناقب فريدي ص 58.

        [22]   تڪمله سير الاولياء ص 147 ۽ 148.

        [23]   مناقب المحبوبين ص 119.

        [24]   تڪمله سير الاولياء ص 149.

        [25]   ڪتاب ايضاً ص ايضاً.

        * تڪمله سير الاولياء (ص 150) ۾ آهي ته قاضي محمد عاقل ادب سان مرشد کي عرض ڪيو ته کدام کس پيش من آمده است که – آمرِ ونهي نمودم – اگر مرضي مبارڪ باشد خود يه خود بگويم. خواجه مهاروي رحه ان تي جوش ۾ اچي فرمايو:

اي ميان صاحب! روزﻵ باشد که ملائڪ آسمان بنام شما.

منادي دهندوخلائق از شرق وَ غرب بر آستان شما جبه سايند،

سبحان الله! شما مي فرمائيد که پيش من کسـﻶ نمـﻶ آيد!

 

        [26]  خواجه گل محمد احمدپوري-پنهنجي وقت جو وڏو جيد عالم هو. قاضي صاحب جو شاگرد ۽ خليفو هو. خواجه گل محمد 9-محرم سنه 1243 هه ۾ احمدپور (بهاولپور) ۾ انتقال ڪيو. خواجه صاحب کي فارسي نشر ۾ چڱو خاصو عبور حاصل هو. هن تڪمله الاولياء نالي فارسيءَ ۾ هڪ بهترين ڪتاب تصنيف ڪيو.

        [27]   تڪمله سير الاولياء ص 149.

        [28]   مناقب المحبوبين ص 123.

        [29]   ذڪر حبيب ص 80-79.

        [30]   مناقب المحبوبين ص 55-54.

        [31]   تڪمله سير الاولياء ص 144-مناقب فريدي ص 55.

        [32]   ڪتاب ايضاً ص 151.

        [33]   تڪمله سير الاولياء ص 151.

        * قاضي محمد عاقل رحه جي وفات کان پوءِ سندس لائق فرزند احمد علي سجاده نشين ٿيو ميان احمد علي نهايت بلند پايي جو عالم ۽ متقي بزرگ هو. پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندڙ هو. طبعيت جو سادو، حليم ۽ فطرتاً خليق هو. تاريخ 9-شعبان سنه 1231 هه ۾ وفات ڪيائين.

        قاضي ميان خدابخش – ميان احمد عليءَ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان خدا بخش مسند جي گاديءَ تي ويٺو. ٿورو وقت ڪوٽ مٺڻ ۾ رهيو ۽ پوءِ اُتان لڏي چاچڙان ۾ وڃي سڪونت پذير ٿيو. تڪمله سير الاولياء واري صاحب سندس ڪافي ساراهه ڪئي آهي. ميان خدا بخش مرجع خلائق بزرگ هو. (مناقب فريدي ص 81) اعليٰ درجي جو 

حڪيم پڻ هو. شرعيت جي سختيءَ سان پابندي ڪندڙ هو. قاضي ميان خدا بخش 12-ذيا لحج سنه 1269هه ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

        قاضي ميان غلام فخر الدين – قاضي ميان خدا بخش جي وفات کان پوءِ مولانا غلام فخر الدين مسند نشين ٿيو. مولانا صاحب متشرع عالم ۽ قوت حافظي جو صاحب هو. حديث جي فن ۾ ڪافي عبور هوس. تاريخ 5-جمادي الاول سنه 1288هه ۾ انتقال ڪيائين.

        قاضي محمد عاقل رحه جا خليفا: خواجه محمد عاقل رحه جي خليفن مان خليفو اڪبر سڀ کان پهريون خليفو هو. ۽ خواجه صاحب جو خاص صلاحڪار هو. تاريخ 3-ربيع الاخر سنه 1239هه ۾ وفات ڪيائين.

        مولوي عبدالله: مولوي عبدالله صاحب سندس خليفو هو. وڏو جيّد عالم ۽ بلند پايي جو بزرگ هو. شاهه ڪليم الله دهلويءَ جي ڪتاب جي شرح لکي اٿس.

        مولوي محمد اعظم: قاضي صاحب جي پيارن مريدن ۽ خليفن مان هو. حضرت قاضي صاحب سن گڏ رهندو هو. تاريخ 20-ذولحج سنه 1240هه ۾ وفات ڪيائين.

        ميان شريف الدين ۽ مولوي گل حسن پڻ سندس خليفن مان وڏا صاحب ڪمال بزرگ ۽ عالم ٿي گذريا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com