• شيخ عبدالرزاق ”راز“
[تاثر]
محمد ابراهيم جويو صاحب
زندگيءَ جا سڄا سارا ڏهه سال ڪراچيءَ ۾ گذاريم.
ملڪ جي ورهاڱي کان اڳ جا نوخيزيءَ ۽ نوجوانيءَ جا
پرسڪون ۽ روح پرور سال نهايت تيزيءَ سان لنگهي
ويا، جي وري نه موٽندا. وقت جي واڳ ڪير ٿو موڙي
سگهي؟ جنهن جو فرض اڳتي وڌڻ آهي، پوئتي ورڻ سندس
قسمت ۾ لکيل ئي ڪونه آهي. منهنجي تعليم به ڪراچيءَ
سان بيحد گهاٽو تعلق ۽ نهايت ڳوڙهو ناتو رهيو اٿم.
مادي طور به ان ڏانهن جهڪيل آهيان ۽ روهاني طرح به
ڏانهنس مائل آهيان. جڏهن مرضي پويم ڪراچي وڃي
پهچان. پر هن زماني ۾ ڪراچيءَ جا ڀير ئي بدلجي چڪا
آهن. نه اهي دوست جن سان واندڪائيءَ جي ورونهن ڪئي
هيم، نه اهي يار جن سان ڪاليج جا ڇهه سال گڏ
گذاريا هئم، نه وري سڄڻ ساٿي ۽ مهربان جن سان ذهني
تربيت جا ڏهاڙا گهاريا هئم. سڀ ٽِڙي پکڙي ويا، جن
جا محراب بدلجي ويا ۽ ڀير ڦِري ويا. جيتوڻيڪ
ڪراچيءَ جي هر پاسي اجنبيت جي آدم بو لڳي پيئي
آهي، پر تنهن هوندي به ڪراچيءَ سان دلي ۽ ذهني
لڳاءُ آهي ۽ سال ۾ ٻه-چار ڀيرا ڪراچيءَ جو ڦيرو
لڳندو آهي، زندگيءَ جو ڄڻ اهو معمول بڻجي چڪو آهي.
وطن جي آزاديءَ کان هڪ سال پوءِ ڪراچيءَ جا وڻ ڇڏي
سکر ۾ سدائين لاءِ سڪونت اختيار ڪيم. سکر هونءَ به
منهنجو وطن آهي. زمين زرڙي، مٽ مائٽ، دوست احباب،
گهر گهاٽ سڀ سکر ۾ ئي آهن.
شيخ اياز ڄڻ ٻنڌڻن جو يار اٿم. 1952ع ۾ ساڻس گڏجي
ڪراچي روانو ٿيس. اياز کي نئين ڪار وٺڻي هئي ۽ مون
کي ڪراچيءَ وڃڻ جو بهانو گهربو هو. اياز کي سمجهُو
يا بااعتماد صلاحڪار سنگتيءَ جي گهرج هئي. ڀاڙو
اياز جي مٿان هو. کائڻ پيئڻ، رهڻ سهڻ جو ذمو مون
تي هو، جو منهنجا ساهرا اتي هئا. انهيءَ حساب سان
منهنجو ٽڪو به خرچ نه ٿيو.
اياز صاحب پنهنجي دل گهرئي دوست سان ملائڻ وٺي
هليو. رات جو وڳڙو هو. برنس روڊ جي پويان هڪ جاءِ
هئي. ڪَڙو کڙڪايوسين، هڪ سنهڙو ۽ پوري پُني قد جو
جوان گهٻرايل منهن سن ٻاهر نڪري آيو. هن جا مٿي جا
وار ڇڊا هئا. سندس اکين تي عينڪ چڙهيل هئي. سندس
منهن جي رنگت ڪڻڪائي کان وڌيڪ سڌريل هئي. نرڙ
ڪشادو، چپ سنها، ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل، نڪ ڊگهيرو.
سندس هڏين تي بنا ماس جي کل جو تَهه چڙهيل هو. ڏسڻ
سان سندس منهن پڙهڻ شروع ڪيم. سندس منهن تي
سنجيدگيءَ سان گڏ دورانديشيءَ جا آثار ڏسڻ ۾ ٿي
آيا. هو مون کي ڄڻ ڪو فلسفي نظر آيو. فلاسفر کي اڳ
ڪڏهن ڏسڻ جو وجهه ڪونه مليو هيم، پر ان جي شبيهه
ڪجهه اهڙي ئي نموني پنهنجي تصور ۾ قائم ڪئي هئم.
اياز چيو ”ابراهيم جويو.“ پاڻ چيائين ”محمد
ابراهيم.“ مون چيو ؟ماشاءَ الله، ٻن نبين جي نالن
جو امتزاج. نالو نهايت برڪت ڀريو آهي. اياز مشڪڻ
لڳو. محمد ابراهيم جويو اکين جي آڏو هو، جنهن جو
نالو مان اياز کان ڪيترن سالن کان ٻڌندو رهيو
هوس. سندس ذڪر خير سان گڏ اياز سندس ساراهه جا ڍُڪ
ڀريندو هو. کيس ڏسڻ سان ذهن ۾ سندس شباهت جي وسريل
يادگيري آيم، پر سمجهيم ته کيس ڪنهن خواب ۾ ڏٺو
هئم.
هو حيرت مان اياز کي ڏسندو رهيو، جيئن گم سم ٿي
ڪنهن محبوب کي ڏسبو آهي. ڏٺم ته اهو گم سم ماڻهو
ڳالهائڻ لڳو ۽ اسان کي گهر ۾ اندر وٺي هليو. سندس
گفتگو نهايت مٺڙي لڳيم، ڄڻ سندس
نِڙيءَ ۾ ماکيءَ جي لار چنبڙيل هئي. سندس سڀاءُ نهايت سٻاجهڙو
نظر آيم. جيڪڏهن شاعر هجي ها ته پڪ پنهنجي مٺڙي
مکڙي مان گلن جي ورکا ڪري ها. چڱو ٿيو جو هو شاعر
نه ٿيو ورنه اياز کي شاعريءَ جي ميدان ۾ مات ڪري
هو پنهنجا بي حساب پوئلڳ پيدا ڪري ها. شاهه جي
ڪلام تي جويي صاحب بحث ڇيڙيو. مان سرڪاري ملازم
هوس. شاهه جي ڪلام کي ڇڏي سال گذري ويا هئا. ڀايان
ٿو ته اياز جو به ساڳيوئي حال هو. اياز ان مختصر
ملاقات مان استفادو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اياز
کان ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري“ وارو بيت
ٻڌم، جو ان رات جي گڏيل تاثرات جي زير اثر نظر آيو.
جويي صاحب سان ٻي ملاقات اياز جي ڪار ۾ ٿي. ساڻس
حيدرآباد تائين گڏ سفر ڪيم. اياز وقتي طور نهايت
گنڀير ٿي ويندو آهي. اياز ڪار جي فرنٽ سيٽ والاري
هئي، مان سمجهي ويس ته هو ان ڏينهن دل سان ڳالهين
ڪرڻ جي موڊ ۾ هو. جويي جهڙو پراسرار ماڻهو ڏسي مون
اياز کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو، تنهنڪري جويي سان خيالن جي
ڏي وٺ لاءِ هڪ نادر موقعو هٿ ڪيم. مان چئن ڪلاڪن
جي ڊگهي ملاقات ۾ سندس مريد ته ٿي نه سگهيس، پر
پنهنجي دل ۾ هڪ خاص ڇڪ محسوس ڪيم.
هن مون سان دل کولي ڳالهايو. نئون ادب، نئين
شاعري، روايتي ادب، معاشي ڪشمڪش، نظرياتي اختلاف ۽
طبقاتي انقلاب وغيره وغيره جهڙا موضوع زير بحث
رهيا. منهنجي لاءِ اهي نيون ڳالهيون ڪونه هيون، پر
ملازمت جي ڪري انهن ڳالهين کان ذرا پرڀرو رهجي ويو
هوس، ورنه اها تحريڪ ۽ رجحان تقسيم کان اڳ اسان جي
سامهون هن سرزمين تي وارد ٿيا هئا ۽ اسان
فراخدليءَ سان انهن جي آجيان ڪئي هئي. جويو صاحب
اُن زماني ۾ الاجي ڪٿي هو. گهٽ ۾ گهٽ ان ٻيڙيءَ جي
ملاحن ۾ شامل ڪونه هو، جنهن جي اسان 1944ع ۾
ڪراچيءَ ۾ نمائش ڪئي هئي.
جويي ۾ هڪ مقناطيسي اثر ڏسڻ ۾ آيو. مون تاريخ ۾
ڪيترين مقناطيسي شخصيتن جو مطالعو ڪيو آهي، جي
پنهنجي حساب سان تاريخ ساز بڻيا آهن. جويو به اهڙو
ئي جادوگر ٿي لڳو، غالباً منجهس نظربنديءَ جي قوت
آهن. جيڪڏهن هو شاعر هجي ها ته مان ضرور سندس چڳ
وڍيو مريد ٿي پوان ها.
حيدرآباد پهتاسون، اياز به هڪ وڏو ڇرڪ ڀريو. مون
ائين سمجهيو ته هو مراقبي ۾ ڪنهن نور جي جهلڪ ڏسي
ڏڪي ويو هو. جويي صاحب موڪلايو، اچڻ وڃڻ جا وعده
وعيد ڪري هو پنهنجي واهيري ڏانهن وريو ۽ اسان
پنهنجي منزل ڏانهن وڌياسين.
انهن مختصر ملاقاتين کان پوءِ 1955ع ۾ اسان جون
سلسليوار ملاقاتيون شروع ٿيون. ڪراچيءَ ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جي آفيس هئي. سرڪاري ملازمت کان آجو ٿيو
هوس، تنهن ڪري اڪثر ڪراچيءَ ۾ گذاريندو هوس.
لڳاتار ملاقاتن سبب جويي کي وڌيڪ ويجهي ڏسڻ جو
اتفاق ٿيو. مان گهڻو ڪري شام جو سندس آفيس ۾ ويندو
هوس. هن جو مطالعو نهايت وسيع آهي. هن گهڻو ڪري هر
ترقي پسند ٻوليءَ جي وڏن اديبن جون تصنيفون پڙهيون
آهن. ڏسڻ ۾ ائين هن گهڻو ڪري هر ترقي پسند ٻوليءَ
جي وڏن اديبن جون تصنيفون پڙهيون آهن. ڏسڻ ۾ ائين
ايندو آهي ته هو اديب گهٽ ۽ طالب علم وڌيڪ آهي.
هن جي شاعريءَ جي فن سان واجبي دلچسپي آهي، تنهن
ڪري هو شاعريءَ جي فني لوازمات کان گهٽ واقف آهي.
پر هو شعر تي هڪ سنجيده ۽ صحتمند تنقيد ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو آهي. فڪر جي اعتبار کان هو شعر تي گهڻو
ڪجهه چئي سگهي ٿو. سندس فڪر جي اپٽار ۾ گهڻو ڪري
مقصد ۽ نظريي جو دخل هوندو آهي. مان ذاتي طور
شاعريءَ ۽ انتها پسنديءَ جي خلاف آهيان. مان شعري
نظريات ۾ مفاهمت جو قائل آهيان. جيڪڏهن 1947ع کان
1952ع تائين نئين شاعريءَ تي جمود طاري نه ٿئي ها
ته ان دؤر جي شاعري سنڌي ادب جي هڪ اهم، دلپسند ۽
موثر روايت بڻجي پوي ها، جا اڄوڪي شاعريءَ تي ضرور
اثر انداز ٿئي ها.
ڪراچيءَ وارو فرصت جو زمانو غنيمت هو. اڪثر شام جو
وقت جويي جي ڪچهريءَ ۾ گذرندو هو. سنڌي ادب جي
مختلف مرحلن ۽ انيڪ موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ
ٿيندي هئي. ٻيا به نوجوان اديب قسم جا دوست وٽس
پهچي ويندا هئا، جن جو روزانه وٽس اچڻ معمول هوندو
هو. جويي صاحب جي علم ۽ معلومات جو مٿن ڌاڪو هوندو
هو. اهي ڄڻ سندن عقيدتمندن جي لڙهيءَ ۾ پوتل هئا.
ان زماني ۾ سراج سندس اسسٽنٽ هو. وضعدار نوجوان ۽
نهايت بااخلاق. هو پنهنجي ڪم ۾ لڳل هوندو هو. دفتر
کان فارغ ٿي ڪاليج ويندو هو، ليڪن پنهنجي فرائض
کان بخوبي واقف هو ۽ ماتحتيءَ جو حق بخوبي سرانجام
ڏيندو هو، جنهن ڪري اسان جي مشغوليءَ ۾ گهٽ شريڪ
ٿيندو هو.
سج لٿي مهل اسان ٽولو ٺاهي اسيمبلي بلڊنگ کان
نڪرندا هئاسين. رستي تي بحث مباحثو هلندو هو ۽
ڪنهن هوٽل تي چانهه جي چسڪي دوران خيالن جي ڏي وٺ
ٿيندي هئي. جويي صاحب جي علمي ڪچهري اڪثر معلوماتي
محفل بڻجي پوندي هئي. گهڻو ڪري سڀ سندس پوئلڳ هئا،
۽ هو ها ۾ ها ملائيندا هئا ۽ هن جي هر فيصلي جي
تائيد ڪندا هئا. هن جي بحث جي هر پهلوءَ ۾ وڏي
مقصديت پوشيده هئي. نظريو رکڻ هر انسان جو بنيادي
حق آهي. هو ترقي پسند ادب جو دلداده نظر ايندو هو.
مون کي هو ان وقت سوشلسٽ قسم جو ماڻهو ڏسڻ ۾ ايندو
هو. هينئر خبر نه آهي ته نئشنلسٽ آهي يا سوشلسٽ يا
ڪجهه ٻيو.
تنهن زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت، ترقي پسند مصنفين جي
انجمن جي جاءِ نشين بڻجي اڀري هئي. نوجوان طبقو ان
۾ شامل هو. جويو صاحب انهي طبقي جو سرواڻ هو. سنگت
جو سيڪريٽري جنرل اياز قادري هو، جنهن جي سنجيده ۽
نيڪ طبع مختلف طبعيتن جي نوجوان اديبن کي هڪ پليٽ
فارم تي ڪٺو ڪيو هو. مان اڪثر ان سنگت جي هفتيوار
ڪچهرين ۾ شامل ٿيندو هوس، ٻڌندو هوس ۽ تنقيد ڪندو
هوس. خوشگوار ماحول ۾ بحث مباحثو ٿيندو هو. نيڪ
نيتيءَ سان تنقيد ڪئي ويندي هئي. تنقيد ۾ جويو،
سوڀو، مرحوم احسان بدوي، سرڪي ۽ رباني ڀرپور حصو
وٺندا هئا.
جويو هڪ وڏو محنتي ۽ اورچ ماڻهو آهي. هو هڪ فرض
شناس استاد آهي. سنڌي ادبي بورد جي آفيس ۾ هن
پنهنجو رت ولوڙيو. جيڪڏهن جويو سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري نه هجي ها ته سنڏ کي شايد سماهي ”مهراڻ“
نه ملي سگهي ها. مهراڻ کي معياري پرچي بنائڻ ۾
جويي جي ڪوششن جو سندس بدترين مخالفن کي به اعتراف
ڪرڻو پوي ٿو. هن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي خدمت ڪئي
آهي. هن ننڍي کي وڏو ۽ وڏي کي تمام وڏو، گمنام کي
نامور بڻائي سنڌين سان روشناس ڪرايو آهي. هو
پنهنجي هم شرب اديبن کي نوازڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر
پنهنجي مخالف کي ڪنهن به حالت ۾ بخشڻ لاءِ تيار نه
هوندو آهي.
1963غ
کان پوءِ سنڌي ادب ۾ اختلاف راءِ جي ڪري هو مون
سان ناراض ٿي پيو. جويي جي هم خيال حلقي مون کي
ٿالهيءَ ڀاڄيءَ تان لاهي ڇڏيو. جويو صاحب ڏاڍو
ناراض هو، هو جذباتي ٿي ويندو هو.
ڪيترن سالن کان پوءِ هو مون وٽ آيو. منهنجي ڏوهن جي
فهرست پاڻ سان کنيو آيو. مون صفائي پيش ڪئي، پر
منهنجا سڀ دليل رد ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ مان
ساڻس حيدرآباد ۾ مليس، ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيائين. مان اڌ
ڪلاڪ نهايت خاموشيءَ سان سندس ڪاوڙ کي دل سان
هنڊائيندو رهيس، هو ٿڪجي پيو. مان به جواب ڪهڙو
ڏيان، هتي ته رڳو ناڪارئي ناڪار هئي. سندس جذبات
جي شدت کان لطف اندوز ضرور ٿيس. مونکي ڇڏڻ لاءِ
آفيس جي دروازي کان ٻاهر آيو، ڀاڪر پائي
موڪلايائين. مون مُرڪي سندس منهن ۾ ڏٺو، دل ۾ گرمي
محسوس ڪانه ڪيم، شايد ڀاڪر کان پوءِ به سندس دل ۾
مير رهجي ويو. منهنجي دل به صفا نه هئي. تن سالن
کن کان پوءِ هو سي. ٽي. امتحان جي سلسلي ۾ منهنجي
اسڪول ۾ آيو. مون سندس رسمي طور آجيان ڪئي. منهنجي
دل ان وقت بالڪل صاف هئي، پر ڀانيم ته سندس دل ۾
ميرائيءَ جو ڪو کرنڊ باقي رهيل هو.
بعد ۾ مان ساڻس هڪ پارٽيءَ ۾ مليس. هو نهايت خوش
اخلاقيءَ سان مليو. سندس سلوڪ نهايت قربائتو نظر
آيم، سمجهيم ته شايد هن حقيقت کي سمجهي ورتو آهي.
سندس دل تان شڪايت جو سمورو دفتر ميسار جي چڪو هو.
هو اڪثر مون سان ملندو آهي. گڏ ويهندا آهيون. هو
ساڳيو ئي 1952ع وارو جويو آهي، جنهن ۾ مقناطيسي
اثر نئين طرح ظاهر ٿيو آهي. سندس مخالف اڪثر چوندا
آهن ته هو مِٺي ڇُري آهي ۽ مان چوندو آهيان ته هو
مٺڙو ماڻهو آهي. وڌيڪ خبر خاوند کي، الله پنهنجي
حڪمت پاڻ ٿو ڄاڻي. |