سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :16

مقالا

 

- اچو ته غلط قياس آرائيون ۽ مفروضا، بي معنيٰ تشريحون ۽ ترڪيبون، ۽ بي بنياد مشابهتون ۽ تمثيلون ترڪ ڪريون، ۽ پنهنجي ذهني ۽ تعليمي، سياسي ۽ ثقافتي ترقيءَ کي روڪڻ کان بچايون. اسان کي فقط پنهنجي سرڪاري ۽ قومي زبان، يا سرڪاري ۽ قومي زبان کي مقرر ۽ مروج ڪرڻ، يا هڪٻئي سان خيالن ۽ جذبن جي ڏي – وٺ ڪرڻ لاءِ ڪي ذريعا ۽ طريقا ئي تلاش ڪرڻا اهن. جا ڳالهه اسان لاءِ تمام ۾شڪل نه، پر بلڪل آسان آهي. جنهن سلسلي ۾ سويت روس، سئٽرزلئند ۽ دنيا جي ٻين سڀني ’متفرق اللسان‘ ملڪن جي حالتن جو مڪمل طور ۽ وسيع مطالعو اسان جي رهبري ڪندو.

- محمد مسعود.

 

شمس الدين عرساڻي ايم. اي

 

سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو باهمي عمل

 

        اصل ۾ ’ٻولي‘ بنيادي طور صرف هڪ هوندي آهي، ليڪن ان جي اوسر ۾ ٻه مختلف ڌارائون شامل هونديون آهن. اهوئي سبب آهي جو ان جا ٻه مختلف روپ ’عام ٻول چال‘ ۽ ’ادبي يا ڪتابي‘ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ڪن مضمونن ۾ ’ادبي ٻولي‘ ۽ ’عام ٻولي‘ جو نالي ماتر ذڪر ايندو رهندو آهي، ليڪن ڪڏهن به ان تي سنجيدگيءَ سان بحث نه ڪيو ويو اهي، ته آيا ٻنهي درميان ڪو حقيقي فرق آهي ڇا؟ ۽ ان جون لازمي تقاضائون ڪهڙيون ٿين ٿيون؟ خصوصاً هڪ ’اسرندر ٻوليءَ‘ ۾ تمام گهڻي احتياط ۽ محنت جي ضرورت پوي ٿي ۽ ان جي عمل ۽ ردعمل تي نظر رکڻي پوي ٿي، جيئن معلوم ٿئي ته عملي ۽ فني طور اسان جون ڪوششون ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ ڪهڙيءَ طرح مدد رسائي سگهن ٿيون، جيئن ان جي اصليت به قائم رهي ۽ ساڳئي وقت اُها اڄ جي تهذيبي تقاضائن مطابق، هڪ پائدار ۽ گهرو، سولو ۽ آسان ذريعو به بنجي سگهي.

        تعليم ۽ سکيا ۾ ’عام ٻولي‘ يا ’ادبي ٻولي‘ ٻنهي مان ڪهڙيءَ کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ هو هڪ جي عمل ۽ دخل کي ڪيتريءَ حد تائين قبول ڪري سگهجي ٿو. انساني قدرن جي لحاط کان ٻنهي کي هڪجيتري اهميت ڏجي يا گهٽ وڌ. پهرين نظر ۾ اهو سوال نهايت سادو ۽ آسان تعليمي مسئلو (Academic Problem) ڏسڻ ۾ ايندو،

مگر عملي طور ان جا گهڻيئي معنوي ۽ استعمالي پهلو ٿين ٿا. عام طور لساني ۽ تعلمي ماهرن طرفان ٻه نظريا پيش ڪيا وڃن ٿا: هڪڙا ادبي ۽ تحريري زبان تي زور ڏين ٿا ته ٻيا وري عام ٻوليءَ کي مؤثر سمجهن ٿا. جي تحريري ۽ ادبي زبان جي لساني اهميت کي قبول ڪنداسون، ته پوءِ غالباً هر ڪو ٺوس اصولن ۽ مقرر معيارن موجب ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪندو، ڇاڪاڻ جو اُها ’عام ٻول چال‘ کان گهڻو واضح ۽ مستحڪم (Stable) ٿئي ٿي. اهڙي طريقي تي عمل ڪرڻ سان يقيناً هڪ ’غير متحرڪ زبان‘ جي ترغيب ملندي ۽ ’قابل قبول لفظن ۽ زبان جي قاعدن‘ تي هردم اصرار رهندو. صحيح ڇا آهي ۽ غلط ڇا آهي، اُن جي پرک پروڙ وڌندي. تدريسي زبان جي طريقي (Language Learning Method) تي ڪاربند رهي، هڪ بنياد استوار ڪرڻو پوندو ۽ مدرسن ۾ محض ٺهيل ٺڪيل اصولن ۽ ’معياري تحرير‘ سان مطابقت رکندڙ ’ٻوليءَ‘ جو استعمال سيکاريو ويندو. (ڇاڪاڻ جو عام ٻولي ان جي برعڪس غير يقيني ۽ متبدل ٿئي ٿي) اهڙي اصول تي ڪاربند رهڻ سان وري انتهائي اختلاف جي صورت ۾، زبان جي صفائي يا خالصيت (Puristic)، قواعد پرستي (Pedantic) ۽ ٻوليءَ جي هر اصول ۽ قاعدي کي ادب مان ظاهر ڪرڻ جي رجحان پيدا ٿين جو انديشو رهي ٿو.

        جيڪڏهن ’تحريري زبان‘ جو ثانوي درجو تسليم ڪري، ’ٻول چال جي زبان‘ کي اوليت ڏينداسون ته پوءِ ڪنهن به غلطيءَ کي تسليم ڪرڻ بجاءِ بحٽ ۽ تڪرار رهندو، ۽ اٽلندو گرامر جي درستيءَ ۽ معياري اصولن تي به گاهي بگاهي طعن و تشنيع ٿيندي رهندي. انتهائي حالت ۾ وري، تحريري زبان کان بي توجهي ٿيندي. ڳالهائڻ واري انداز يا زباني فارم (Oral Form) لاءِ عزت ۽ چاهه پيدا ٿيندو. غير محذب ۽ ڄٽڪن، ضمني معياري ۽ هڪ کان گهڻن محاورن ڏانهن روش وڌندي رهندي، 

انڪري واحد معياري زبان (Standard Language) کي ضرب رسندي ۽ زبان جي يڪسانيت ۽ يڪجهتيءَ کي سدائين تقصان رسڻ جو انديشو رهندو. مون ڪيترا جملا امتحاني ڪاپين کي ساريندي گڏ ڪيا آهن، جي کي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو، ته درس ۽ تدريس ۾ ’معياري ٻوليءَ‘ کي هميشہ نظر انداز ڪيو ٿو وڃي، مثلاً

        1-      جهان آرام نصيحت ”واري“ ناول آهي.

        2-     تنهنجي لاءِ اسين ڪن جي محتاجي پيا ٿا ڪڍون.

        3-     جاڏي نظر پئي، ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ صبح ٿيڻ ”واري“ آهي.

        4-     ”سڀڪي“ پنهنجي ڪم سان رڌل هو.

        5-      هو درازن ۾ ڄائو هيو- هڪڙي دفعي شاهه صاحب درازن ۾ آيو. سچل سرمست کي ڏسي چيائين، ”جيڪي“ اسان ڪُنو رڌو آهي، انهيءَ جو ڍڪڻ هي ڇوڪر لاهيندو.

        6-     ”مون“ بستري تان اٿيس ۽ دروازو کولي جهاتي پاتم ته منهنجو گهرو دوست منهنجي در تي بيٺو آهي.

        7-     ”اسين ڪيترا“ فلم ڏٺا آهن- ”ڪيترا ڀيرا“ نمائش ڏٺي اٿسي- ڪيترا ميلا ڏٺا اٿسي.

        8-     هڪڙي ڏينهن ”اسين“ ڪاليج جي ڇوڪرن صلاح ”ڪئيسين“ ته آچر شام جو سير ڪرڻ هلنداسين.

        9-     بادشاهه سڄي ملڪ مٿان ”ڍلان“ معاف ڪيون.

        10-    ”مون“ انهيءَ ڳالهه ۾ بلڪل دلچسپي رکندو هوس.

        11-    هي ”سيٽون“ شاهه لطيف جي ڪلام مان ورتل آهن.

        12-    اسان گهر کان ٻاهر وڃڻ ۾ ”دڄونس“ ٿا.

        مٿيان جملا ’هِڪَڪَري ٻولي‘ يا معياري محاورن لاءِ زيبائتا ناهن، ڇاڪاڻ جو آهي جدا جدا ننڍن ۽ وڏن محاورن ڏانهن رخ رکندڙ آهن. علمي ۽ تعليمي زبان ۾، اسان جو رويو هڪ ساريڪو هجي. اسان جا اطلاعات ۽ نشريات جا ادارا، درس ۽ تدريس جا ادارا هجن يا ڦهلاءُ ۽ اشاعت جا ادارا، سڀني کي اهڙي طرزعلم کي اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن مان هڪ يڪسان صورت رکندڙ ۽ شاندار ٻوليءَ جي اُسرڻ ۾ هَٿي ملي سگهي. ڇاڪاڻ ته ’ٻوليءَ‘ جي ترقيءَ جو انحصار ان جي يڪجهتيءَ ۽ عام فهم هجڻ تي آهي، انڪري تعليم جو حصول آسان رهي ٿو.

        منهنجو اهو مطلب هرگز ناهي ته مختلف خِطن جي رنگارنگ ۽ شاهوڪار محاورن ۽ ان جي قسمين قسمين اصطلاحن ۽ انوکن لفظن کي ادبي زبان ۾ اختيار نه ڪريون، بلڪ انهن کان سواءِ اظهارو بيان ۾ گهَرائي ۽ وسعت اچڻ تقريباً ناممڪن آهي. هن وقت سنڌيءَ ۾ لکندڙن جو تعداد ٻه اڳي کان گهڻو وڌيل آهي. اتر، لاڙ، وچولي کان سواءِ ٿر، بر ۽ جبل جا لکندڙ آهن، جن پنهنجي شعر ۽ ڪهاڻين ۾ رسيلي ۽ من موهندڙ ٻولي ڪم آڻي، مجموعي خيال کان ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ ۽ وسعت ۾ اصافو آندو آهي. اسان جيتقرير ۽ تحرير کڻي انوکي انداز ۽ مختلف لفظن سان مالامال هجي، تاهم ترڪيبي بناوت ۽ شڪل سباهت ۾ اُها ’واحد معياري سنڌي‘ ڏسڻ ۾ اچي. اسان جي لکندڙن کي مرڪز ڏي مائل (Centre petal) رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيئن ٻوليءَ جون سڀ ريکائون هڪ وَڏور روپ ۾ جذب ٿي وڃن. ’مرڪز گريز‘ رويو، ٻوليءَ جي يڪسانيت ۽ ترقيءَ لاءِ نقصانڪار ٿيندو.

        جيئن ’ادب‘ جو تصور ’عام ٻوليءَ‘ کان سواءِ ڪري نٿو سگهجي، تيئن ’عام ٻوليءَ‘ جي وجود ۽ پختگيءَ لاءِ، ادبي يا تحريري يا مصدقه ادبي روايت جو هئڻ تمام ضروري سمجهيو وڃي ٿو. رڳو تخليقي عمل ۽ قوت جي وسيلي ڪنهن ٻوليءَ ۾ وسيع تر معنويت پيدا ٿئي ٿي ۽ اُن ۾ حسن ۽ نکار اُپڙي ٿو. اها ڳالهه تيستائين ٻوليءَ ۾ وسيع تر معنويت پيدا ٿئي ٿي ۽ اُن ۾ حسن ۽ نکار اُپڙي ٿو. اها ڳالهه تيستائين ذهن نشين نه ٿيندي جيستائين اسان ٻوليءَ ۽ ادب جي باهمي عمل واري نُڪتي کي نه سمجهنداسون.

 

ٻولي ۽ ادب جو باهمي عمل

 

        ٻولي ۽ ادب جي باهمي عمل (Interaction of Language and Literature) مان مراد اهي ته ٻولي ۽ ادب پيئي پنهنجي پنهنجي دائره عمل ۾ هڪٻئي تي اثر انداز ٿين ٿا. انساني سماج جي نهايت اوائلي دؤر ۾ ڳالهائڻ جي سرگرميءَ مان ادب جنم ورتو، انڪري بظاهر ته ادب کي ثانوي حيثيت (Ancillary) ۾ ڳڻجي ٿو، ليڪن عملي دنيا ۾ علم و ادب جي بنيادي ضرورت کان ڪوبه انڪار ڪري نه سگهندو، جي سب هڪ خاص زبان ۽ تحرير ۽ بندس جا محتاج رهن ٿا. علم و فن جي تخليق سان گڏوگڏ هڪ علمي يا ادبي زبان جي تراس خراش جو عمل به بيڪ وقت جاري رهندو اچي ٿو، جيتوڻيڪ ان جو بنياد وري به ’عام ٻوليءَ‘ تي ئي آهي.

        سائنس گهڻو وسيع ٿيندي ٿي وڃي. انساني ذهن جي رسائي، هن نظام شمسيءَ کان پار نڪري، ڪائنات جي وسعتن ۾ گردش ڪري رهي آهي، انڪري علم و فن جي اظهار ۽ بيان لاءِ محض عام ٻولي ناڪافي ٿئي ٿي. ازان سواءِ موجوده ميڪانڪي دؤر ۾ انساني مسئلا گهڻا پيچيده ٿيندا ٿا وڃن، جن جي رد عمل ۾ پيدا ٿيندڙ انساني


 

نفسياتي جي باريڪ احساسن ۽ خواهشن کي سمجهڻ ۽ اظهار ڪرڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن نون لفظن ۽ نين معنائن جي ضرورت پوي ٿي. اهوئي سبب

آهي، جو ڏسبو ته اڄوڪيون ترقي يافته ۽ سائنٽيفڪ زبانون پنهنجي سرشت ۾ عام ٻولين هوندي به خاص زبانون تصور ڪيون ويون آهن.

        ڇا واقعي هر ٻوليءَ جون عملي طور ٻه صورتون آهن؟ ادبي زبان جي نوعيت عام ٻوليءَ کان مختلف آهي ڇا؟ انهيءَ نڪتي کي سمجهڻ لاءِ ضروري ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي تهذيبي ۽ سماجي ترقيءَ کي خيال ۾ آڻي، ان جو درجيوار ۽ باترتيب مطالعو ڪريون. تاريخي ۽ بنيادي طور ٻولي صرف هڪ ڳالهائڻ جي ذريعي نسل در نسل منتقل ٿيندي آئي آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ٻوليون پنهنجي فطرت يا مزاج ۾ ترقيءَ جو احتمال رکن ٿيون ۽ منجهن اهڙي پوشيده قوت مضمر آهي، جو اُهي ترقي يافته تهذيبن جون ترجمان بنجي سگهن ٿيون. اڄ جيڪڏهن ڪي ٻوليون گهڻو اوج تي پهتل نظر اچن ٿيون ته اُها ڪا منشا ايزدي نه هئي، بلڪ جن ٻولين کا سازگار موقعا ميسر ٿا، تن پنهنجي امڪاني قوت کي استعمال ڪيو ۽ ٻين ٻولين کان اڳتي وڌي ويون. ترقيءَ جي سلسلي ۾ پهريون استعمال باقاعده طور تي ’تحريري زبان‘ جي صورت اختيار ڪري ٿو ۽ ’تحريري زبان‘ وري اڳتي وڌي ’ادبي زبان‘ جي صورت وٺي ٿي، جا ئي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ ٻوليءَ جي واسطي انتهائي تڪميل جو ثبوت مهيا ڪري ٿي.

        بعضي ڪن سازگار حالتن، سماجي تبديلين، سياسي اقتدار ۽ نظرين جي ڦهلاءُ سببان، ڪي ننڍيون ٻوليون به جلد ترقي ڪري ڇانئجي وڃن ٿيون، ليڪن وڏيون ٻوليون صرف سياسي ڪارڻ ۽ موافق حالتن جي ناپيد هجڻ سببان سست رفتاريءَ سان اڳتي وڌن ٿيون. پري ڇو وڃجي، پنهنجي ملڪ جي هڪ ٻوليءَ جو مثال ٿا وٺون. پنجابي ٻولي هند ۽ پاڪ جي اٽڪل پنج ڪوڙ ماڻهن جي ٻولي آهي. اوهه-اوڀر پنجاب، سرحد جي وادين ۽ ڪشمير جي حدن تائين عوام ۾ اظهار ۽ رابطي جو فطري ذريعو پنجابي ٻولي بنيل آهي. برطانوي ايام حڪومت دوران نون سڌارن ۽ نين پيدا ٿيل حالتن ۾ ننڍي کند جي ٻولين جي فطري ارتقا ۾ هڪ نئون موڙ پيدا ٿيو ۽ اُهي هڪ نئين ترقيءَ کان آشنا ٿيون. انهن جي رڳن ۾ هڪ نئون خون ڊوڙن لڳو، جنهن ڪري انهن ۾ توانائي ۽ يڪجهتي آئي. ليڪن جتي ٻيون ٻوليون جديد زماني جي تقاضائن سان هلڻ لڳيون، انهن ۾ تيز تر تخليقي عمل شروع ٿيو، اتي پنجابي ٻولي ساڳي رفتار سان اڳتي وڌي نه سگهي. ڇو جو بعض ناموافق حالتن جي ڪري اُها وسيع علائقي جي ٻولي هوندي به تعليمي ۽ سرڪاري ذريعي بنجڻ کان محروم رهجي ويئي، ۽ پڙهڻ لکڻ کان ڪٽجڻ سبب سندس تخليقي عمل تيزيءَ سان جاري رهي نه سگهيو. نتيجي طور ان جي جدا جدا محاورن (Dialects) ۾ انتشاري ڪيفيت پيدا ٿي. اُهي وهڪرا، جي هڪ چشمي ۾ گڏ ٿي ٻوليءَ کي سيراب ڪن هئا، سي مختلف هنڌن تان وهڻ لڳا ۽ ڌار ڌار ننڍين ننڍين ٻولين جي حيثيت ۾ مختلف نالن سان سڃاپجڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي مختلف محاورن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ يڪجا صورت پيدا ڪرڻ جو واحد سرچشمو علم و ادب جي تخليق آهي، جنهن کان پنجابي ٻولي عملا ڪٽيل رهي. ليڪن هينئر اُها ڪمي، پنجابي فلمي صنعت جي اُڀرڻ سببان ڪي قدر پوري ٿيندي نظر اچي ٿي. فن ۽ ادب جي سطح تي جدا جدا امڪاني محاورن جي ميلاپ مان هڪ معياري ۽ قبول عام ٻولي (Standard and Popular) نشونما وٺي رهي آهي.

        سچ ته ائين آهي ته ٻوليون پنهنجي دائري ۾ سماجي ڪارڪردگيءَ جو مؤثر  ذريعو رهنديون آيون، ليڪن جڏهن انهن ۾ فن ۽ ادب متعلق تحرڪ ۽ عمل پيدا ٿيو، تڏهن رفتي رفتي اُهي ٻولين مان


 

وڌي مڪمل زبانون بنجي ويون. ساڳي حقيقت موجوده دؤر جي وڏين ۽ ترقي يافته زبانن سان به لاڳو ٿئي ٿي. اڄ جي سائنسي دؤر ۾ به ٻوليءَ 

کي تقويت رسائڻ جو ڪوبه طريقو ناهي، صرف جنهن ۾ تخليقي عمل بتدريج وڌندو رهي ٿو، سا ٻولي وڌندي ويجهندي ۽ طاقتور بڻجي وڃي ٿي. ڪجهه صديون اڳ انگريزي، فرينچ يا ٻي ڪنهن به ترقي يافته زبان ۾ علم و ادب جي تخليق جو ڪم جاري ۽ ساري نه ٿئي ها ته پوءِ ممڪن آهي ته اڄ اُهي پنهنجن اصلوڪن هاڻوڪن نالن بجاءِ مرڳو مختلف ننڍڙين مڪاني ٻولين جي حيثيت جي سڃاتيون وڃن ها!

        سنڌي ٻولي، ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ، تهذيبي اوسر ۽ ڳالهائيندڙن جي طبعي لارن سببان گوناگون خصوصيتن جي حامل آهي. جيتوڻيڪ اسان جي ٻولي ڪنهن به دؤر ۾ عربي، انگريزي، فرينچ ۽ اسپينش وانگر هڪ مضبوط سلطنت اندر، شان ۽ شوڪت واري انداز سان ڪانه اُسري؛ نه وري اُها ترقيءَ ۾ هندي يا اردو وانگر ڪو سياسي ڇڪتاڻ جو پس منظر رکي ٿي يا اُن ۾ وري ڪو مذهبي جنوني جذبو ڪارفرما هو. اُن جي برعڪس، هُن سنڌي فطري ماحول اندر، صاف ۽ سٿري ادب زبان جي حيثيت ۾ ترقي ڪئي ۽ انتهائي نازڪ جذبن ۽ نفيس خيالن کي تقرير توڙي تحرير ۾ ظاهر ڪرڻ جي قابل بنجي ويئي.

        ٻوليءَ جي سلسلي ۾ انهيءَ تاريخي ادبي ارتقا کي نظر انداز ڪرڻ، زبان ۽ ادب جي باهمي عمل کي وسارڻ، زبان کي محض خالص ’ڳالهائڻ‘ جي بنياد (Oral Basis) تي استوار ڪرڻ، هڪ نهايت مهلڪ غلطي ٿيندي. سموري تاريخ دوران استعمال ۾ ايندڙ زبان (Spoken Language) هڪ طرف اثر ڪيو به آهي ته وري ادبي فارم کان اثر انداز به ٿي آهي.

        هر ڪنهن زماني ۾ ’عام محاوري‘ تي ’ادبي زبان‘ اثرانداز رهي آهي. ته صرف ايترو بلڪ ان جي نقش قدم تي ’عام ٻولي‘ هلندي ۽ ان جي چوگرد عمل ڪندي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مختلف محاورن ۾ يگانگت پيدا ٿي ۽ هڪ عام فهم ٻوليءَ جي ارتقا ممڪن ٿي.

        اها به حقيقت آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جو سڌارو ۽ واڌارو، رڳو ڪن پوشيده آوازي ڦيرين گهيرين يا لساني تبديلين تي مدار نٿو رکي. جيڪا ٻولي اڄ اسين ڳالهايون ٿا، تنهن جي شستگي ۽ لطافت ۾ ٻين مذهب زبانن وانگر ارادي ڪوششون به شامل رهيون آهن، جيڪي وقت جي بهترين دماغن (شاعرن، اديبن ۽ عالمن) خودِ اظهاريت (Self-Expression) جي عمل اختيار ڪرڻ سان انجام ڏنيون. تاريخ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ان جو اثر ڏسي سگهجي ٿو. قاضي قاضن کان قليچ بيگ تائين ڏسبو ته عام ٻوليءَ کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ ادب هڪ اهم رول ادا ڪيو آهي.

        تاريخي ارتقا جي مختلف دؤرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ ۾ ادب جو واسطو پئي رهيو آهي. مثال طور اسان جي ٻولي ۽ ادب جي سنٻنڌ جو آڳاتو دؤر سومرن جي تاريخي دؤر کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٻوليءَ کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ادب جو خاص حصو رهيو آهي. ان وقت جي قصه گو ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي هلچل توڙي مذهبي، اخلاقي معلمن ۽ مبلغن جي تحريڪ مان ادبي اظهار جا ڪيئي اهڃاڻ واضح طور ملن ٿا. اهو صرف ادب پيدا ڪرڻ جو سعيو ۽ عمل هو، جنهنڪري ٻوليءَ جا منتشر وهڪرا هڪ جاءِ تي عمل ۾ اچي سگهيا ۽ ننڍن مڪاني ۽ ڏور مڪاني محاورن گڏجي هڪ يڪسان ٻوليءَ جي صورت اختيار ڪئي، انڪري نه رڳو ٻوليءَ جي گرامر ۾ باقاعدگي آئي، بلڪ نحوي ساخت (Syntax) ۽ اسٽائيل به پيدا ٿي، جا اڳ ۾ عدم موجود هئي.

        اهڙيءَ طرح سمن ۽ ارغونن جي دؤر ۾ متعدد سنڌي شاعرن جا نالا فارسي بياضن ۾ ملن ٿا ۽ سندن ڪجهه اشعار به. انهيءَ زماني ۾ 

ٻوليءَ جي لفظي متاع ۾ لازمي طرح سان ڪافي اضافو آيو هوندو، جا ڳالهه نهايت قدرتي آهي. نه صرف ايترو بلڪ سندن شعل سببان ئي، ’ادبي قالب‘ جي واٽ نروار ٿي، جنهن واسطي هڪ لفظي ترتيب گهڙيائون. انهن ڪوششن جي نتيجي ۾، ٻوليءَ جي سونهن، سوڀيا ۽ وسعت بيان ۾ واڌارو آيو. ان زماني جا ناميارا شاعر قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم ٿي گذريا آهن، سندن ڪلام جو ڪجهه حصو محفوظ رهجي ويو آهي. انهن به فطري طور اهائي ٻولي استعمال ڪئي هوندي، جا پنهنجي اردگرد ٻڌي هوندائون، تاهم ساڳئي وقت اهو به خدشو آهي ته ساڳي ٻوليءَ تي خود پاڻ به اثرانداز ٿيا هجن ۽ هنن ڪي اهڙا لفظي سڪا ۽ اصطلاح به ضربيا هجن، جن جو اڳ ۾ رواج ڪونه هو ۽ اُهي اڳتي هلي سندن مقبوليت ۽ سعي سان عام ٻوليءَ ۾ جاري ٿيا.

        انهن کان پوءِ ڪلهوڙن جو دؤر اچي ٿو، جنهن کي ادبي ترقيءَ جو ’سونهري زمانو‘ سڏجي ٿو. واقعي آهي به ائين. ان ئي زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ اظهار ۽ بيان ۾ اوج حاصل ڪيو. ٻوليءَ جي اوسر ۾ شاهه لطيف جي ڪاوش گهڻي امداد رسائي، ان کي هڪ ڪلاسڪ جي درجي تائين پهچايو. سندس ڪلام جي ٻولي ۽ لفظي جوڙ پنهنجي ظاهري ترڪيب ۽ معنوي ساخت سميت هر دؤر تي ڇانيل رهيا. لطيفي روايت ٻوليءَ جو هڪ مخصوس رنگ پيدا ڪيو ۽ اهڙا قدر ۽ معيار قائم ڪيا، جي هر دؤر ۾ زبان جي صحت ۽ واڌاري جو صحيح طور تي بنياد بنيا. پنهنجي ئي زماني ۾ سنڌي آباديءَ جي اخراج ۽ وڏي تعداد ۾ ڌارين ماڻهن جي آمد جا واقعا رونما ٿي چڪا، جنهن بعد اها ڳالهه بعيد از امڪان نه هئي ته سنڌيءَ ۾ ڌاريان عنصر داخل ٿيندا رهن. اهڙيءَ صورتحال ۾ فقط ڪلاسيڪي ادب ئي آهي، جنهن هڪ مضبوط ڪوٽ وانگر ٻوليءَ جي حفاظت ڪئي ۽ ان جي اصليت کا قائم رکڻ ۾ مددگار بنيو. ڪلاسيڪي ادب اسان جي ٻوليءَ جي لغت کي پاڻ ۾ سميٽي محفوظ رکيو آهي. اُن ۾ ٻوليءَ جا اصل ڌاتو، محاورا، لفظي ڀَڃ گهَڙ ۽ نحوي ترڪيبون سلامت موجود آهن، جن تي ٻوليءَ جي انفرادي وجود جو انحصار آهي. اڄ جا عالم ۽ اديب وري به ادب ۽ فن جو رشتو ڪلاسيڪي ٻوليءَ سان ڳنڍي رهيا آهن، جنهن ۾ لطيفي ڪلام گهڻو رهبر ۽ معاون ثابت ٿيو آهي، انڪري علم ۽ ادب، فن ۽ صحافت، تعليم ۽ تحصيل ۾ نکريل، صاف، اجاريل ۽ خالص ٻولي وجود وٺي رهي آهي. حقيقت ۾ جيڪڏهن ڪابه ادبي روايت زنده نه هجي ها يا وري تحريري رواج زور نه وٺي ها ته پوءِ اڄ سنڌي ٻولي گهڻي مختلف هجي ها ۽ شايد اُها مرڪزيت ۽ يڪجهتي نه رهيس ها، جا کيس موجوده زماني ۾ حاصل آهي.

        ليڪن سوال ٿو پيدا ٿئي ته ادب مان عام ٻولي ڪيئن ٿي سيراب ٿئي؟ ٻوليءَ جي عام ۽ چالو لفطن ۾ اديب ڪيئن ٿا نين معنائن جا رنگ ڀرين؟ شعري صنعتون ۽ فني ڪاريگريون ڪيئن ٿيون ٻوليءَ مان جنم وٺن؟ اهي سڀ چيزون باهمي عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿين ٿيون. جيستائين ٻوليءَ ۾ ادبي يا تخليقي پهلوءَ جو غور سان جائزو نه وٺبو، تيستائين لساني نزاڪتن توڙي شعري ۽ فني سنڌي شعر جي صنعتن توڙي فني اندازن کي باقاعده سڃاڻي نه سگهيا آهيون ۽ نثر ۽ ظم جي مابين فرق کي محسوس ڪري نه سگهيا آهيون. سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي ڪيئن هڪٻئي تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن، ان جون ڪي ٿوريون عملي صورتون ۽ روپ ڏجن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com