”سنڌ صدين کان“ سيمينار لاءِ وزير اعظم پاڪستان،
جناب ذوالفقار علي ڀٽي جو بصيرت افروز پيغام
مان قائداعظم جي شهر ۽ صدين کان وهندڙ
سنڌوءَ جي سرزمين تي، ”سنڌ صدين کان“ بينالاقوامي
سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيل عالمن کي دلي
مبارڪون ٿو ڏيان. مون کي اميد آهي ته هي سيمينار
ان سلسلي جي پهرين ڪڙي ٿيندي، جنهن کي مرحلن ۾
ورهائي پاڪستان لاءِ بنايو ويندو. اهو ضروري آهي
ته اهڙن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، جتي علم جا
لڪل خزانا پوريل آهن. تاريخدانن آڏو وڏي ۾ وڏو
چئلينج اهو آهي ته علم جا اهي وڏا خزانا ڳولي هٿ
ڪيا وڃن، جن بابت معلومات دنيا جي مختلف ڪتبخانن ۽
عجائب- گهرن ۾ بند آهي، ۽ هن ملڪ جي ڌرتيءَ هيٺ
لڪل آهي. انهن خزانن جي علمي طريقي سان کوجنا ۽
کوجنا ڪندڙن جي ڄاڻ جي ڏي-وٺ مان اسان کي نه رڳو
سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن جي سڃاڻپ ملندي رهندي،
بلڪ سڄي پاڪستان جي تاريخي شخصيت ڄاڻڻ جي سلسلي ۾
نيون سوچون ملنديون. نتيجي ۾ پورو ڪم انساني تهذيب
جي اڻ کٽ پهلوئن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو هڪ وسيلو بنجي
پوندو. گلگٽ کان منهوڙي ۽ خيبر کان گوادر تائين
پوري پاڪستان جي تاريخ جو عڪس پيش ڪرڻو آهي. اميد
آهي ته هي سيمينار انهيءَ قسم جي ڪوشش کي تيز ڪرڻ
۾ مددگار ثابت ٿيندو. مان سيمينار جي انتظام ڪندڙن
کي مبارڪ ڏيان ٿو
۽
اميد ڪريان ٿو ته اسان جي معزز مهمانن جي پاڪستان
۾ رهائش خوشگوار ۽ نتيجه خيز ثابت ٿيندي.
-ذوالفقار علي ڀُٽو
گذارش
ضمير جو احتجاج
هن پرچي سان ”مهراڻ“ جو 24 سال شروع ٿي
رهيو آهي. ’مهراڻ‘ پنهنجي تخليقي ادب جي پيش ڪرڻ
جي حيثيت سان، جو مقام حاصل ڪري چڪو اهي، ان کان
ڪوبه عقل وارو انسان انڪار ڪري نٿو سگهي.
’مهراڻ‘! اڄ تائين جو ادب پيش ڪري چڪو آهي، اهو
زندگيءَ ۽ سماج جو ترجمان آهي. ’مهراڻ‘ علم ۽ فن
جي هر پهلوءَ تي، سنڌ جي صاحبِ فڪر شاعرن ۽
عالمن، فنڪارن ۽ افسانه نگارن جي شاهڪار تخليقن
کي شايع ڪندو آيو اهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو
’مهراڻ‘ سنڌ ۽ ان کان ٻاهر تائين مقبوليت ۽ شهرت
حاصل ڪري چڪو آهي.
’مهراڻ‘ جي علمي خدمت ۽ معيار متعلق
صاحبِ نظر ڄاڻن ٿا ته مهراڻ هڪ زنده ۽ حرڪت پذير
فڪر جو داعي آهي. هونءَ ته اسان جي وطن عزيز ۾
اهڙي ادبي ذخيري جي ڪابه اڻاٺ ڪانه آهي، جو
انسان ۽ ان جي ضمير کي مٺيون لوليون ڏئي ننڊ ۾
سمهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو اهي. اهڙي قسم جي بي
مقصد ۽ بي روح تحريرن جي به ڪا گهٽتائي ڪانهي،
جن جي پڙهڻ سان، پڙهندر کي الف ليليٰ جي رنگين ۽
هوشربا خوابن ڏسڻ جو شرف حاصل ٿئي ٿو. ظاهر آهي
ته اهڙي ادب جي رنگين ۽ هوشربا خوابن ڏسڻ جو شرف
حاصل ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته اهڙي ادب جو هن دؤر جي
انسان ۽ ان جي سماجي تقاضائن توڙي طبقاتي ڪشمڪش
۽ معاشري جي بدلجندڙ حالتن سان ڪوبه واسطو ناهي.
زندگيءَ ۽ سماج کان فراريت پسند ادب جي پڙهڻ
سان، پڙهندڙ هڪ ته زندگيءَ جي موجوده مسئلن کان
غير واقف رهجي وڃي ٿو ۽ ٻيو ته
زندگيءَ جي جدوجهد ۽ جهاد کان فراريت حاصل ڪري،
ڀڄي وڃي گوشه نشين ٿئي ٿو. اهو اهڙو نقصان آهي،
جنهن جي تلافي ڪري نٿي سگهجي.
ائين چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه سمجهڻ گهرجي ته
اهو سڀڪجهه شعوري طور تي، سوچي ۽ سمجهي ڪيو پيو
وڃي. اهڙن ماڻهن اڳيان اهو مقصد رهي ٿو ته ماڻهن
کي پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي سماجي شخصيت کان ايترو
ته پري رکجي جو هو سدائين ماضيءَ جي وهمي ۽ افسرده
دنيا ۾ مست ۽ مگن رهندا اچن، نه انهن ۾ ڇنڊ ڇاڻ،
تحقيق ۽ تنقيد جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي ۽ نه ڪو
منجهن ذوق جماليات جو ڪو صحتمند روح پيدا ٿي سگهي.
حالانڪ صحيح ۽ درست، جاندار ۽ زندگي بخس ادب اهو
آهي، جنهن ۾ فڪر جي صحت سان گڏ تنقيدي مواد جي
صداقت به شامل هجي؛ جنهن جي پڙهڻ سان فڪر پيدا ٿئي
۽ آزاديءَ جو جذبو وڌي. ادب جي صحيح تعريف ئي اها
آهي ته ان ۾ تفڪر ۽ تدبر هجي، همت ۽ حوصلي جي
روشني هجي، حسن جو جوهر هجي، تعمير جو روح هجي ۽
ضمير جي تازگي هجي. انهن قدرن کان خالي ادب، ادب
ناهي پر تفريحي تحرير آهي، جنهن جي هجڻ ۽ نه هجڻ ۾
ڪوبه جوهري فرق ناهي.
حقيقت اها آهي ته اهو ادب جو انسان جي
شعوري صلاحيتن ۾ حرڪت نٿو پيدا ڪري، جو انسان ۾
خلش ۽ بيقراري نٿو پيدا ڪري ۽ جو انسان جي جمود ۽
خوابيده مزاج ۾ اضطراب نٿو پيدا ڪري، سو ادب ناهي،
پر زهرِ قاتل آهي. آخر اهو ادب ڪهڙو جو هيڻي ۽
مظلوم جي ڏکن
جي دوا نه ڏسي، پر اٽلندو کيس خواب ۽ وهم جي مٺيءَ
ننڊ ۾ سمهارڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ماضيءَ جي مٺين لولين
سان منجهس ذهني سڪون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
اها به صحيح حقيقت
آهي ته ادب ئي ولوله حيات جو نگهبان ٿئي ٿو،
جنهن جي پڙهڻ سان انساني سماج جي مادي ۽ اخلاقي
واسطن ۽ پيچ در پيچ سماجي ناتن جي خبر پئجي سگهي
ٿي، ۽ ان سان گڏ، انهن واسطن ۽ ناتن مان پيدا
ٿيندڙ عقلي ۽ ذهني، فڪري ۽ نفسياتي، جذباتي ۽
اخلاقي ڪيفيتن جي بصيرت پيدا ٿئي ٿي. اهڙي ادب
سان انسان جو سُتل ضمير جاڳي سگهي ٿو ۽ انسان جي
مرده شخصيت ۾ نئون روح پيدا ٿئي ٿو. منجهس حيات
۽ ڪائنات، تخليق ۽ ان جي مقصد متعلق بنيادي شعور
پيدا ٿئي ٿو. اهڙي انسان ۾ ئي جيئڻ جو سليقو ۽
ان سان گڏ زندگيءَ کي خوشگوار بنائڻ جو ولولو
پيدا ٿئي ٿو.
اسان جو اهو بنيادي عقيدو آهي ته ’ادب‘
محض تفريح جو سامان يا بيڪاريءَ جو مشغلو ناهي،
جنهن جي پڙهڻ سان رڳو ذهني سڪون کي پيدا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وڃي. ذهني سڪونَ لاءِ ته آفيم ئي ڪافي
آهي. اسان جي نظر ۾ ان قسم جو تفريحي ادب –
زندگيءَ جي ترجمانيءَ کان خالي ادب، سڪون کي
پيدا ڪندڙ ادب، زندگيءَ جي روشن ۽ ظاهر حقيقتن
کان اکيون ٻوٽيندڙ ادب – ادب ناهي؛ بر ’آفيم‘
آهي، جو لفظن، ترڪيبن، ڄملن ۽ عبارتن جي ڪيپسولن
۾ بند ٿيل آهي، جنهن جي استعمال ڪرڻ سان پڙهندر
هن سماج جي تلخ ۽ طبقاتي جدوجهد کان ٿوري وقت
لاءِ آجو ٿي وڃي ٿو. پر افسوس جو
سندس اها آجائي ۽ آزادي به تمام ٿوري وقت لاءِ
ٿي رهي ۽ اک پٽڻ کان پوءِ سندس سور ۽ ڏک ڏوڻا ۽
ڏهوڻا ٿي ٿا وڃن. ظاهر آهي ته اهڙو آفيمي ادب نه
هن دؤر جي انسان جي ڏکن ۽ سورن جو ڪو علاج پيدا
ڪري نٿو سگهي.
اسان جو اهو به عقيدو آهي ته ’ادب‘ غليظ
۽ گنديءَ زندگيءَ کي سنواريندڙ ۽ ستل ضمير کي
جاڳائيندر هڪ تخليقي عمل آهي ۽ ان حيثيت سان کيس
هڪ مقدس سماجي فرض پڻ چئي سگهجي ٿو. اهو ’ادب‘
جو پنهنجي معاشري جي خوشيءَ ۽ غم، رنج ۽ گنج،
بيقراريءَ ۽ ضطراب، مطالبي ۽ خواهش، ضرورت ۽
حاجت جي زنده ياد داشت ٿو بنجي، سو ئي صحيح ادب
آهي. اهڙي ادب کان سواءِ، زندگي بي مقصد، بي
روح، بي رنگ ۽ بي ثمر رهجي ٿي وڃي.
ٻيو ته سچي ۽ ڄاڻوءَ اديب جو قلم هڪ
اهڙو هٿيار آهي، جنهن جي مدد سان ڪوڙ ۽ ڪچ،
اونداهيءَ ۽ انڌير، ظلم ۽ تشدّد، استحصال ۽
استبداد سان جنگ جوٽي سگهجي ٿي. ظاهر آهي ته ان
قسم جو عمل ۽ ڪردار عبادت کان گهٽ نه آهي.
اسان ائين چوندي ڪنهن به مصلحت کي آڏو
اچڻ نه ڏينداسون ته اسان جو اهڙيون اديبن سان
ڪوبه واسطو ناهي، جي پنهنجي ’ذات‘ کي ئي
”ڪائنات“ قرار ڏين ٿا ۽ جي پنهنجي فرسوده روايات
جي دفترن کي مقدس ذخيرو قرار ڏين ٿا، ۽ جي سماج
جي تلخ ۽ تيز مطالبن کان فرار
حاصل ڪري، ماضيءَ جي موهوم ۽ رنگين داستانن ۾
وڃي پناه گزين ٿين ٿا، يا جيڪي حقيقت کان منهن
موڙي الف ليليٰ جي داستان سرائيءَ ۾ پڻ لاءِ
سڪون تلاش ڪن ٿا.
اسان انهن اديبن ۽ فنڪارن کي سلام ڪيون
ٿا، جن جي ادب ۾ ضمير ۽ روح جي روشني ۽ تازگي
موجود آهي، جن جي فن ۾ اصليت ۽ حقيقت جي خوشبوءَ
سمايل آهي، پيار ۽ پريت جي خوشبو – پنهنجائپ ۽
ڀائپيءَ جي خوشبو – انسانيت ۽ محبت جي خوشبو –
هن زمين تي وسندڙ مظلومن سان همدرديءَ جي
خوشبوءِ – آپدائن کان نجات ڏيداريندڙ حوصلي جي
خوشبو – ظلم ۽ استبداد جي خلاف نعره جنگ بلند
ڪندڙ دعوتِ جهاد جي خوشبو.
اسان انهن اديبن ۽ قلمڪارن کي به سلام
ڪيون ٿا، جن جي فن ۾ ”نفرت“ ۽ ”حقارت“ جون
چڻنگون دکي رهيون آهن – انهن قدرن ۽ معيارن جي
خلاف، جي معصوم زندگيءَ کان ان جو حسن، سچائي،
حوصلو ۽ ولولو کسي رهيا آهن.
هونءَ ته تاريخ جو هر دؤر، حق يا ٻاطل
جي نظرياتي ڪشمڪش کان خالي نه رهيو آهي، ۽ نڪو
ادب ۽ فن پاران، اهڙي ڪشمڪش کان ڪڏهن ڪناره ڪشي
اختيار ڪئي وئي آهي، پر جنهن نموني ۾، مرده ۽
پائمال قدرن ۽ جديد ۽ زنده معيارن جي وچ ۾ هن
عوامي دؤر ۾ نظرياتي جنگ هلي رهي آهي، تهڙي شايد
ئي ڪا اڳ لڙي وئي هجي!
بيشمار محاذن تي اها جنگ جوٽي وئي آهي.
ڪٿي ماضي پرستيءَ ۽ روايات پرستيءَ جو محاذ کليل
آهي ته ڪٿي ابهام پرستيءَ ۽ افاديت پرستيءَ جو
ميدان ڪار زار موجود آهي. ته ڪٿي اَدب برائـﻶ
ادب جو محاذ آهي ته ڪٿي ادب برائـﻶ زندگيءَ جو
ميدان آهي. ڪٿي بي مقصد ۽ خرافاتي ادب جي پاران
جنگ جاري آهي ته ڪٿي الزام تراشيءَ ۽ دشنام
طرازيءَ جي محاذ تي ڪشمڪش هلي رهي آهي.
ان قسم جي نظرياتي جنگ ۾ هر اديب ۽
فنڪار، شعوري يا غير شعوري طور تي شريڪ آهي، ڇا
لاءِ ته اديب ۽ فنڪار پنهنجي فن ۾ ڪنهن نه ڪنهن
نظريي ۽ فني قدر سان ضرور وابسته آهي.
ڏسڻو اهو آهي ته صحيح اديب ۽ فنڪار هن
نظرياتي جنگ ۾ ’حق ۽ باطل‘ مان ڪهڙي قدر ۽ معيار
جي پاران جنگ لڙي رهيو آهي. ظاهر آهي ته موجوده
سماج ۽ ان جي قدرن ۽ معيارن جي اصلاح ڪندڙ فن ئي
حق آهي، ۽ ان جي مقابلي ۾ آفيمي ڪيپسول کارائي،
الف ليليٰ جي رنگين محلن ۽ پهچائيندڙ ادب ئي
’باطل‘ آهي!
بيشڪ اڄ ’حق‘ مظلوم ۽ هيڻي جي طرف آهي، ۽ ’باطل‘
استبداد ۽ انسان دشمنيءَ جي علامت بنجي چڪو آهي.
تحسين جي لائق آهن اهي اديب ۽ فنڪار، جي
’حق‘ جي محاذ تي ضمير جي صداقت جو مظاهرو ڪري
رهيا آهن.
آسمان نيرو آهي.
وڏڙن جي ويچارن ۽ پراڻين پچارن ۾ ڪيئي
عجيب ۽ دلچسپ
ڳالهيون ملن ٿيون، جن جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان
ڪيترين ئي حقيقتن تي روشني پوي ٿي. هونءَ به حال
جي پاڙ ماضيءَ ۾ کتل چئي وڃي ٿي. ان حيثيت سان
اسان جي حال جو واسطو ۽ رابطو ماضيءَ سان هر حال
۾ قائم ۽ دائم آهي.
هڪ پراڻي پچار ۾ هڪ اهڙي ديس جي ڳالهه
ملي ٿي، جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته اتي جا مرد توڙي
عورتون، ٻڍا توڙي ٻار سڀ نگاهون جهڪائي هلندا
هئا. ڪنهن کي مجال هئي جو ڪو لوڻو ڦيرائي، هيڏي
هوڏي ڏسي سگهي! مٿي ڏسڻ ته بنهه پاپ قرار ڏنو
ويو هو. اگر ڪنهن مٿي ڪنڌ کڻي نهاريو مَس هوندو
ته متانئس سزا آئي ڪِ آئي! سڀني ماڻهن ۾ اهو وهم
ويهي ويو هو ته اهو حڪم اهڙي جوانمرد بادشاهه
ڪڍيو هو، جو پاڻ کي ماڻهن کان اوچ سمجهندو هو ۽
چوندو هو ته مون ڏانهن توڙي منهنجي تخت ڏانهن
نهارڻ ڪا سٿري ڳالهه ناهي! اهو قانون ايترو ته
سخت هو جو بادشاهه جا عزيز به ان جا پابند رکيا
ويا هئا. مجال جو سندس ڀاءُ، پٽ يا ماءُ ۽
شهزادي ڏانهنس ڪنڌ کڻي نهاري سگهي!
ڳالهه جا ڄاڻو چون ٿا ته ڪن ڏينهن
پڄاڻان جڏهن ان بادشاهه لاڏاڻو ڪيو، تڏهن سندس
پٽ تاج پهريو. تخت تي ويهڻ وقت به سندس ڪنڌ
جهڪيل هو. هن نئين بادشاهه ته مورڳو ان قانون ۾
سختي پيدا ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهو ته
ماڻهو پر ڪنهن پکيءَ کي به جرات ڪانه هئي جو مٿي
اک کڻي ڏانهنس نهاري سگهي. سندس وزير ۽ امير،
عزيز ۽ قريب، نوڪر ۽ چاڪر، ملازم ۽ ڪاروباري
ماڻهو ته ڇا، خود مذهب جا رکوال به ان حڪم جي
پورائيءَ ۾ جنبي ويا. ماڻهن کي ٻڌايو ويو ته
هيءَ هدايت سَون سالن کان هلندڙ آهي، جا وڏن نيڪ
مردن، خيرخواهن، علمن ۽ عقل وارن ڏني آهي. انهن
اسان کي نصيحت ڪئي آهي ته جيڪو به ڪنڌ مٿي ڪري
نهاريندو، سو پئون سٽ، ڪنهن دردناڪ عذاب ۾ مبتلا
ٿي، چُڙي چُڙي مري ويندو. انهن اهو به اسان کي
سمجهايو آهي ته آسمان مان جيڪي روشنيءَ جا ڪِرڻا
ٿا اچن، تن ۾ زهر مليل اهي. مٿي ڏسڻ شرط ڏسندڙ،
اکڇنڀ ۾ انڌو ٿي پوندو ۽ پوءِ سندس کَل سڙي
ويندي ۽ پوءِ چيچلائجي مري ويندو. اهو به ٻڌايو
ويو آهي ته آسمان ۾ جيڪا بجلي ٿي چمڪي، سا مٿي
ڏسندڙن کي سزائون ٿي ڏئي. نيڪ مردن جي انهن
ڳالهين جي تائيد ڪندي خود سائنس جي ڄاڻن به اهو
فيصلو ڏنو ته آسمان جو رنگ هيڊو آهي، ان ڏانهن
نهارڻ سان ماڻهو هيڊو ٿي، ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندي.
ان فيصلي تي چريائيءَ جي حد تائين
هلندڙن جي حياتي، ائين ته جانورن وانگر گذري وڃي
ها، پر جلدي اهڙو ڦيرو آيو جو ان هدايت وري ٻيو
نئون رنگ اختيار ڪيو. ٿيو هيءُ جو سڀني ماڻهن ان
تي ٺهراءُ ڪيو ته جنهن ماڻهوءَ تمام گهڻو وقت
ڪنڌ جهڪائي هلڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هجي، ان کي
ئي پنهنجو پڳدار بنائجي. نتيجو اهو نڪتو جو جي
نيچ ماڻهو، اوچ ماڻهن جي درجن تي پهتا تن ته
هيڪاري ان هدايت ۾ سختي پيدا ڪئي. انهن ٻڌايو ته
اڄ کان پوءِ ننڍڙي ٻار کي، پينگهي ۾ به اونڌي
مُنهن سمهاريو وڃي ۽ مُڙدن کي قبرن ۾ به اونڌي
مُنهن دفن ڪيو وڃي جيئن سندن رخ ڌرتيءَ ڏانهن
رهي.ان ديس جا رهواسي جڏهن ته ايامن کان ان
هدايت تي هري – مري چڪا هئا، تڏهن کين ان جو
احساس به نٿي پيدا ٿيو ته هيءَ هدايت ڪا اجائي
سجائي آهي؛ پاڻ مورڳو جيئن پوءِ تيئن ان تي ويا
ٿي هرندا.
ڳالهه جي ڄاڻن لکيو آهي ته هڪڙو ڏينهن
خدا جو ٿيو. شهر جا ٻه ٻارڙا، هڪ ڇوڪرو ۽ ٻي
ڇوڪري، باغ ۾ راند کيڏي رهيا هئا. بهار جي مُند
به جوڀن تي هجي. باغ جي هر ٻوٽي ۾ قسمن قسمن جا
گل ٽڙيا بيٺا هجن ۽ چوڌاري هٻڪارون لڳيون پيون
هجن. ٻنهي ڄڻن گلن جي رنگن تي اچي پاڻ ۾ بحث
شروع ڪيو. ڇوڪريءَ جو چوڻ هو ته نيري رنگ جا گل
سڀني کان سهڻا آهن. ڇوڪر پهريائين ته رد ڏنو، پر
پوءِ چيائين: ڀيڻ! مان به ائين ئي سمجهان ٿو، پر
مصيبت اها آهي ته نيرو رنگ ڏاڍو گهٽ ٿو نظر اچي.
انڪري اڇو گل تمام سهڻو سمجهڻ گهرجي.
ڪنڌ ته ٻنهي جا هدايت موجب جهُڪيل هئا،
پر اتفاق اهڙو ٿيو جو گهمندي ڦرندي ڇوڪر جو پير
ڇٻر تان ترڪي پيو ۽ هو ٺڙاڪ ڪري وڃي ڪِريو. ڪرڻ
شرط پنهنجو مُنهن کڻي گاهه ۾ وڌائين. پر پوءِ
جهَٽ گذرڻ کان پوءِ، ڀيڻ کي ڏسڻ لاءِ ٿورو ڪنڌ
مٿي ڪري ڏانهنس نهارڻ جي ڪوشش ڪيائين. گاهه تان
اڃا پورو ڪنڌ به نه کنيو هئائين ته سندس نظر وڃي
آسمان تي پئي. ترڇي ۽ ٽيڏي نظر سان کڻي جو ڏسي
ته مار! آسمان جو رنگ اهڙو جهڙو نيري گل جو! ٽپو
ڏئي اٿي ويٺو. دانهن ڪري چيائين ته ڀيڻ! ڏس
آسمان به نيرو آهي نه! ائين چوندي وڏڙن جي هدايت
کان پاسيرو ته ٿيو، پر سندس دل ۽ دماغ مان اهو
خوف به نڪري ويو ته ڪو بجلي ايندي ۽ کيس ماريندي
يا ڪو کيس ڪافر سڏي سزا ڏئي سگهندو! جڏهن ڀيڻس
ويجهي آئي، تڏهن کيس چهٽي پيو ۽ رڙين ڪندي چوڻ
لڳو، ڀيڻ اجهو ڏس ته آسمان نيرو آهي! بلڪل نيرو
آهي، نيري گل وانگر!
پوءِ ته ٽپا ۽ ٺينگ ڏيندي وٺي شهر ڏانهن
ڀڳا. ڇوڪر جي زبان تي اها دانهن هجي ته ”آسمان
نيرو آهي – نيرو آهي، نيرو آهي – “ ان طرح دانهن
سان کڻي سڄو شهر مٿي تي کنيائين. ماڻهو ويچارا
اڳينءَ هدايت تي هِريل، سي هن پنهنجي عقيدي موجب
ڪفر جي ڳالهه کي ٻڌي اڳ کان به وڌيڪ زمين ڏانهن
جهڪڻ لڳا. کين ان خوف اچي ورتو ته بجلي آئي ڪِ
آئي!
ڇوڪر کي نيٺ بادشاهه جي ڪارندن اچي
پڪڙيو ۽ کيس سزا ڏيڻ لاءِ پنهنجي پاڪ مندر جي
ڀِت سان ٽيڪ ڏئي اچي بيهاريائونس. گُرزن سان
سپاهين جو ساٿ گهرايائون ۽ کين حڪم ڪيائون ته
اسان جي اشاري ملڻ شرط سڀ گڏجي ڇوڪر ڏانهن گرز
اڇلائين، جيئن ڇوڪر قيمي جو ڍير ٿي وڃي!
هڪ سپاهيءَ ڇوڪر کي کِلندي ۽ مرڪندي ڏسي
اهو خيال ڪيو ته ڏسان ته آسمان جو رنگ ڪهڙو آهي
۽ ڇوڪر سچ ٿو چئي يا ڪوڙ ٿو هڻي. پنهنجي گرز کي
بهاني سان مٿي ڪيائين ۽ ڏيکاء اهو ڏنائين ته هو
چتائي اهو گرز ڇوڪر کي هڻي رهيو آهي. مٿي جو ڏسي
ته مار، آسمان برابر نيرو آهي! ڀرسان بيٺل ٻئي
سپاهي ٽئين کي ڪن ۾ چيو. آفيسر دانهن ڪئي، گرز
اڇلايو!
سپاهين گڏجي چيو: ”ڪوڙ! آسمان برابر
نيرو آهي. اسان ڇوڪر کي گرز نه هڻنداسون، اسان
کي بجلي ڪانه ماريندي!“ سپاهين گڏجي آسمان کي
ڏسڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن سپاهين کي سزا ڏيڻ لاءِ ڪا
بجلي نه ڪِري، تڏهن تماشبين هزارن ماڻهن به
نگاهون مٿي ڪري، ڏسڻ شروع ڪيو. آخرڪار بازارن
تائين ڳالهه پهتي ۽ اکڇنڀ ۾ ساري شهر ۾ هُل
ٿي
ويو ته ”آسمان نيرو آهي!“ نيٺ ساري شهر مٿي نهاري
پَڪ ڪئي ته برابر آسمان نيرو آهي! – هدايت وارو
اهو جادو ٽٽي پيو!
ڳالهه کي کٽائيندڙن آخر ۾ چيو آهي ته اڄ
تائين ان شهر ۾ جوڙي جا مجسما بيٺا آهن، ۽ سندن
نگاهون ۽ هٿ مٿي آسمان ڏانهن آهن.
- غ. م گ
”سنڌ صدين کان“ سيمينار
اخباربين دوست ڄاڻن ٿا ته مارچ جي 2-تاريخ
کان، ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ صدين کان“ موضوع تي هڪ عالمي
سطح تي مذاڪرو ٿي چڪو آهي. ان مذاڪري ۾ مشرق ۽
مغرب جي بين الاقوامي شهرت يافته عالمن ۽ محققن
شرڪت ڪئي آهي. هن سيمينار ۾، سنڌ جي تاريخ، علمي،
ادبي، ثقافتي، تمدني، تهذيبي، لساني توڙي اخلاقي
حيثيت تي شاهڪار مقالا پيش ڪيا ويا اهن.
ان سيمينار جي علمي حيثيت لاءِ ايترو چوڻ
ڪافي ٿيندو ته منجهس انگلنڊ، سئزرلينڊ، فنلنڊ،
فرانس، جرمني، آمريڪا، اتلي، نيدرلئنڊ ۽ آسٽريليا
جي مشهور يوينورسٽين ۽ علمي ادارن پاران اهڙن
مستشرق محققن شرڪت ڪئي آهي، جي ”سنڌ“ تي وڏي
تحقيقي معلومات جا صاحب آهن. انهن کان علاوه،
ايران، لبيا، سري لانڪا ۽ ترڪيءَ جي محققن پڻ شرڪت
ڪئي آهي. ان طرح سنڌ ۽ پاڪستان جي سؤ کن عالمن ۽
مبصرن پڻ مذاڪري ۾ حصو ورتو آهي.
ان مذاڪري ۾ نه فقط علمي ۽ تحقيقي مقالا
پڙهيا ويا، پر ان سان گڏ تنقيدي سوالن ۽ جوابن جي
پڻ ڏي – وٺ ٿي آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته
سيمينار ۾ پڙهيل مقالن ۽ تنقيدي مسئلن کي ٻن – چئن
مشهور علمي زبانن ۾ شايع ڪرڻ لاءِ پڻ انتظام ڪيو
ويو آهي.
سيمينار جي انعقاد توڙي اهتمام لاءِ سنڌ
گورنمينٽ جنهن علم دوستيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ان
لاءِ سرڪار جس لهڻو. خاص طرح سان سنڌ جي وزير
تعليم جناب پيار علي الانا ۽ سيمينار ڪميٽيءَ جي
ميمبر صاحبن جنهن خلوص ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو آهي،
اهو تعريف جي لائق آهي.
افسوس هي آهي جو ’مهراڻ‘ جي محدود صفحن ۾،
سيمينار متعلق ڪو علمي جائزو وقت تي پيش ڪري نه
سگهيا آهيون، اُميد ته ايندڙ پرچي ۾ ان جي تلافي
ڪئي ويندي.
سيمينار جي خصوصيت اها به آهي ته ان جو
افتتاح صدر مملڪت پاڪستان جناب چوڌري فضل الاهي
پاڻ ڪيو، ۽ پنهنجي خطاب ۾ ’سنڌ‘ جي عظمت جو دل
کولي اعتراف ڪيائين.
ان کان علاوه قائد عوام، وزير اعظم
پاڪستان، جناب ذوالفقار علي ڀٽي پاران هڪ خاص ۽
بصيرت افروز پيغام موڪلي، سيمينار جي اهميت ۽
افاديت متعلق تحسين جو اظهار ڪيو ويو آهي.
شڪريو:
آخر ۾ اداره ’مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽري محترم غلام رباني جو ازحد ٿورائتو آهي،
جنهن صاحب جي فني صلاح ۽ مشوري سان ’مهراڻ‘ جي
معيار کي برقرار رکڻ ۾ وڏي مدد ملندي رهي ٿي.
ان طرح ’مهراڻ‘ جي سابق اسسٽنٽ ايڊيٽر
محترم ”انور‘ هالائي جو پڻ شڪريو ادا ڪجي ٿو،
جنهن جي خلوص ۽ ڪارڪردگيءَ، ’مهراڻ‘ جي مواد جي
ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ وڏي هٿي ڏني آهي. تازو ’انور‘
هالائي کي ’مهراڻ‘ آفيس مان بدلي ڪري، ”گل ڦل“ جو
ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو آهي. دعا آهي ته شال علمي ۽
ادبي خدمت جي سلسلي ۾ هُو ڪامياب رهي ۽ ”گل ڦل“ کي
اوج تي پهچائي.
سنڌي ادبي بورڊ پريس جي مئنيجر مسٽر الله
بچايو يوسف زئي ۽ پريس جي سمورن ڪارڪنن ۽ پروف
ريڊر مسٽر ولي محمد طاهرزاده جو پڻ ادارو شڪر گذار
آهي، جن جي تعاون سان رسالي جو اعليٰ معيار قائم
رهندو اچي ٿو.
ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بوڪ اسٽال
جي مئنيجر مسٽر محمد امين بلوچ ۽ سندس عملي جو پڻ
ادارو شڪر گذار آهي، جي ”مهراڻ“ کي وقت تي اديبن،
عالمن ۽ خريدارن تائين پهچائڻ لاءِ توجهه ڪن ٿا، ۽
ان جي وڪري ۽ خريداريءَ جي سلسلي ۾ سنڌ جي بوڪ
اسٽالن ۽ اهل علم ماڻهن سان رابطو قائم، رکي،
’مهراڻ‘ جي وسيع اشاعت لاءِ ڪوشش ڪن ٿا.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن، افسانه
نگارن ۽ فنڪارن، محققن ۽ مقاله نگارن جي دلي شڪريو
ادا ڪجي ٿو، جن ’مهراڻ‘ لاءِ پنهنجو شاهڪار مواد
موڪليو آهي. اصل ۾ ’مهراڻ‘ جي مقبوليت سندن ئي
علمي ڪاوش جي مرهون منت آهي. اميد آهي ته اڳتي به
مهراڻ کي سڀني اديبن ۽ عالمن جو دلي تعاون حاصل
رهندو.
- غ ـ م ـ گ
***** |