سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1961ع

مضمون

صفحو :15

        آهستي آهستي ڊاڪٽر رشر هن جي وارن جي چڳ سندس ڏندن مان ڪڍي. هاڻي ملم سان ڀريل سڻڀا هٿ هن جي وارن ۾ هئا

        نه…نه…!؟ منهنجا وار خراب نه ڪر، منهنجن وارن کي  هٿ نه

لاءِ، رسنا پنهنجي دل ۾ چيو، مگر زور سان ڪجهه به چئي نه سگهي. هن جو ساهه گهُٽجڻ لڳو. ليڪن رشر جا هٿ هن جي وارن ۾ ڦرندا رهيا

آهستي آهستي ڳچيءَ وٽ وارن جي اندر هو هٿڙا ڦيرائيندو، وارن جون چڳون سنواريندو رهيو، رشر کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو شعلن ۾ هٿ ڦيرائي رهيو آهي.

        اوچتو ئي اوچتو ڪر موڙي رسنا اٿي، هن جي اکين ۾ شعلا ٻري رهيا هئا، ۽ چپ ڪجهه کليل هئا. هن غضب جي هڪ نگاهه رشر تي وڌي ۽ پنهنجون ٻئي ٻانهون رشر جي گلي ۾ وجهي ڇڏيون، ۽ ديوانه وار هن جو منهن ۽ چپ چمڻ لڳي:

        ”ول…! منهنجا ول…منهنجا…منهنجا…منهنجا ول…“

        عجائب گهر ۾ مگن ٻنهي هٿن سان هن ڪاري عورت جي مجسمي جا پير پڪڙي روئي رهيو هو. ڪنڊ ۾ آهستي آهستي رڪارڊ وڄي رهيو هو.

        ڏينهن گذرندا ويا، مگن زياده کان زياده پنهنجي عجائب گهر ۾ مشغول ٿيندو ويو. ۽ محل نما گهر جو زنانو حصو رسنا جي مسرت آميز ٽهڪن سان گونجندو رهيو. هن جي چال ۾ زياده لچڪ اچي ويئي. هوءَ هر وقت جهونگاريندي رهندي هئي. هن تي بيهوشيءَ جا دورا به ڪونه پوندا هئا. ڪيترن ڏينهن گذرڻ بعد به هوءَ مندر ۾ نه ويندي هئي.

        ٽن مهينن بعد ڊاڪٽر رشر انگلنڊ هليو ويو. هن جي وڃڻ کان ڇهه مهينا پوءِ رسنا کي پٽ ڄائو، ڪروڙپتي خاندان جو وارث پيدا ٿي ويو. ڏاڏي جي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه هئي. خيرات لاءِ هن پنهنجو ٿيلهيون کولي ڇڏيون.

        پهريون دفعو مگن لال پنهنجي پٽ کي ڏٺو، ۽ ڪافي دير تائين خاموشيءَ سان ڏسندو رهجي ويو، رسنا اکيون بند ڪري ڇڏيون.

 هن جو چهرو هڪ مڪمل نقاب هو، ڊاڪٽر ۽ ٻه نرسون پريان بيٺيون هيون ۽ اهي به بيهي هن کي ڏسي رهيا هئا. ٻار نهايت خوبصورت هو، گلابي گلابي مٽولا ڳٽا، ۽ انهن جي مٿان نيريون اکيون.

        مگن جهڪي پٽ کي نهايت سنجيدگيءَ سان پنهنجن ٻانهن ۾ کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو، هن جي مٿي تي ائين چمي ڏني، ڄڻ هو هڪ صليب کي چمي ڏيئي رهيو آهي. پوءِ هن نهايت احتياط سان ٻار کي ساڳيءَ جاءِ تي سمهاري ڇڏيو. ۽ چپ چاپ ڪجهه چوڻ کان سواءِ ڪمري مان نڪري ويو.

        ٻئي سال ڊاڪٽر رشر وري علاج لاءِ آيو. هو صرف ٻن مهينن لاءِ آيو هو پر رسنا جي چوڻ تي هو ٻه-ٽي مهينا وڌيڪ ترسي پيو، هن جي وڃڻ کان ستن مهينن بعد رسنا کي ٻيو پٽ ڄائو. پهرين کان زياده خوبصورت ۽ تندرست هو. ٻئي پٽ ڄمڻ بعد رسنا آبهوا تبديل ڪرڻ لاءِ سئزرلئند هلي ويئي؛ پنهنجن ٻن پٽن سان. هن جو ارادو چند مهينن تائين يورپ جي سير ڪرڻ جو هو. ڪروڙپتي سيٺ اهو فيصلو ڪيو، ته ڊاڪٽر رشر سمورو وقت سفر ۾ رسنا سان گڏ هوندو ۽ هروقت هن جي صحت جو خيال رکندو.

        جڏهن رسنا يورپ هلي ويئي، ان کان ٿورا ڏينهن پوءِ هڪ رات مگن لال پنهنجي پيءُ جي خوابگاهه ۾ ويو ۽ کيس چيو:

        ”هاڻي جڏهن ته اوهان جي خاندان جا ٻه وارث پيدا ٿي ويا آهن، ممڪن آهي ته ٽيون به پيدا ٿي وڃي – مان هتان وڃڻ چاهيان ٿو.“

        جتي وڻئي، وڃين سگهين ٿو. مون اڄ تائين تنهنجي ڪهڙي خواهش پوري نه ڪئي آهي. مون چاهيو ٿي ته تون به يورپ جي سير تي رسنا سان گڏ وڃيين. پر تو پاڻ انڪار ڪيو، ”هاڻي ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿو؟“ سيٺ چمن لال پڇيو.

        ”اوهان سمجهون ٿا. مون هي گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آه.“ مگن لال چيو.

        ”ڪنهن ٻئي گهر ۾ رهڻ چاهين ٿو؟

        ”نه، مون کي…مگن چوندي رڪجي ويو مان دراصل هي گهر هميشہ لاءِ ڇڏڻ چاهيان ٿو. مان اوهان کان هڪ پئسو به وٺڻ نٿو چاهيان. صرف چند شيون هتان کڻي ويندس. ۽ وري ڪڏهن به اوهان کي پنهنجي صورت نه ڏيکاريندس.“

        ”ڇو؟

        ”سبب اوهين ڄاڻو ٿا.“

        سيٺ چمن لال ڪافي دير تائين خاموش رهيو، پوءِ سخت لهجي ۾ چوڻ لڳو: ”احمق نه ٿيءُ، تون به جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي هجين ها ته ائين ئي ڪرين ها. خبر اٿئي، اسان جو خاندان هندستان جي پهرين ٽيهن خاندانن مان آهي. ۽ طاقت جي لحاظ کان اهي ئي ٽيهه خاندان هندستان تي حڪومت ڪن ٿا. وزيرن جا نالا ۽ عهدا بيشڪ بدلبا رهن ٿا. مگر حقيقت ۾ حڪومت اسان جي آهي. تون ڇا ٿو سمجهين، ڇا؟ مان پنهنجي انهيءَ طاقت ۽ دولت کي لاوارٽ ڇڏي ڏيان ۽ منهنجي دولت دشمنن جي هٿن ۾ هلي وڃي.“

        ”اهي ٻار منهنجا نه آهن ۽ اها زال منهنجي زال نه آهي.“

        ”اهڙيءَ طرح هي دولت جا اسان گذريل سؤ سالن ۾ گڏ ڪئي آهي. حقيقت ۾ اسان جي نه آهي. اخلاق جا اهڙا ٺلها صرف اسٽيج تي ۽ مذهبي ڪتابن ۾ انهن جا وڏا اعلان ٿين ٿا، مگر عملي زندگيءَ ۾ انهن ڳالهين جي ڪهڙي ضرورت آهي. تنهنجو ڏاڏو، پڙڏاڏو جيڪڏهن انهن اصولن تي هلن ها ته اڄ پاڻ ٻيئي فوٽ پاٿ تي هجون ها. احمق نه ٿيءُ.“

        مگن لال سخت ناراض هو، پڻس کيس جهلي ويهاريو. هو پاڻ پلنگ تي ويٺو هو. ڪرسي ۽ پلنگ جي وچ ۾ هڪڙي ننڍڙي ٽپائي هئي، جنهن تي سندس ٻنهي پوٽن جون تصويرون فريم ۾ رکيل هيون. سيٺ چمن لال جو هٿ ڪافي دير تائين تصويرن جي فريم تي ڦرندو رهيو، هن جون بيقرار آڱريون ڪڏهن هڪ فريم تي ڪڏهن ٻئي فريم تي ڦرڻ لڳيون. آخر هن نظرون مٿي ڪري پنهنجي پٽ ڏانهن؛ ۽ تصويرن ڏانهن، تيز نشتر جي انداز ۾ چيو:

        ”هڪ ڏينهن آءٌ به اهڙيءَ طرح پيدا ٿيو هوس.“

…               …                  …

        مگن لال اها دنيا ڇڏي ڏني، هينئر هو اڪيلو شهر جي رستن تي گهمندو رهيو. هلندي وقت هن پاڻ سان ڪجهه به نه کنيو هو، صرف چانديءَ جو اهو فريم جنهن ۾ آءٌ بند ٿيل هوس کڻي پنهنجي سوٽ جي کيسي ۾ وڌو. هن جي کيسي ۾ صرف ٻه-ٽي آنا هئا. انهيءَ حالت ۾ گهران نڪري آيو هو. چورن جيان پيءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ، چٺي وغيره لکڻ کان سواءِ. هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو وري گهر ۾ واپس نه ويندو، هو ڪيئن پنهنجي زندگي گذاريندو. هن کي ڪجهه به معلوم نه هو ته هو ڪهڙو ڪم ڪري سگهي ٿو. هن کي اهو به معلوم نه هو. دراصل ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين هن ڪوبه ڪم نه ڪيو. هن جو سڄو جسم اڄ تائين بلڪل بيڪار هو، هٿ، پير، دل دماغ، سڀ بيڪار هئا. هن کي پنهنجي جسم ٺيڪ ڪرڻ جو به ڪڏهن وقت نه مليو.


 

        ڇا به تي پوي، هو وري ڪڏهن به واپس نه ويندو. دير تائين هو رستن تي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهيو. هن بي مقصد آواره گهمڻ ٿي چاهيو. هن هلڻ چاهيو ٿي. هن کي ڊپ هو ته جيڪڏهن هو بيٺو ته متان کي گهر جو خيال نه اچي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ايترو نه هليو.

        رات جو يارهين بجي هو تڪجي سدانند روڊ تي نلڪي جي ڀرسان هڪ ٻارهن ماڙ، مگر نامڪمل بلڊنگ جي ٻاهران ريتيءَ ۽ بجريءَ جي مٿان سمهي رهيو. سمنڊ جي خوشگوار هوا لڳي رهي هئي. هو چيلهه سڌي ڪري پير ڊگها ڪري سمهي رهيو. هن کي ڪابه خبر ڪانه هئي. اوچتو ڪنهن هن کي جهنجهوڙيندي اٿاريو. وائڙو ٿي هن اکيون کوليون، سج جي تيز روشني هن جي اکين ۾ ڀالي جيان چڀي ويئي. هو اکيون مهٽيندو اٿي ويٺو. هڪڙي وٽيل سٽيل جسم واري صحت مند سانوري عورت ريتيءَ جي تغاري کڻي، هن جي مٿي کان بيٺي هئي. مگن صرف هن جون اگهاڙيون تنگون ڏٺيون ۽ هن ڇرڪ ڀريو. ’شينيءَ جو بٽ‘ هن جي نگاهه مٿي کڄي ويئي.

        ”اي بابو، اُٿ ڪيستائين ستو پيو هوندين؟ رات جو دارون زياده پِي وئين ڇا؟“ هن جا موتين جهڙا ڏند چمڪي رهيا هئا.

        ايترو چئي هوءَ ريتيءَ جي تغاري ڀري، هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ، تغاري کڻي بلڊنگ ڏانهن هلي ويئي. مگن ڪيتري دير تائين هن جي ڪمر جي لچڪ چلڪندڙ ڇاتين، گهاڙين تنگن ڏانهن حيرت مان ڏسندو رهيو.

        ”ڇا شينيءَ هيءَ عورت ڏسي پوءِ ڪارو بت بنايو هو!“ هو اٿي ويهي رهيو. پنهنجون ٻيئي ٻانهون ٽنگن تي ٻڌي ڇڏيون ۽ وري هن عورت کي ڏسڻ لڳو، جيڪا وري تغاري کڻي ريتيءَ لاءِ اچي رهي هئي – هن اچي کيس چيو:

        ”هاڻي پنهنجي گهر وڃ.“

        ”گهر ته ڇڏي ڏنو اٿم.“

        ”ته ڪم تي وڃ.“

        ”مان ڪو به ڪم ڪرڻ نٿو ڄاڻان.“ مگن چيو.

        ”ته پوءِ هيستائين ڪيئن زنده رهئين؟

        ”زنده هوس يا نه ان ۾ به شڪ آهي.“

        ”عجيب ماڻهو آهي،“ عورت چيو. هن جي وارن جي هڪڙي چڳ ڪِري سندس ڳٽي تي لٽڪي رهي هئي – هن جلديءَ مان انهيءَ کي ڇڪي چوٽي ۾ ملائي ڇڏيو. پگهر ۾ هن جو جسم چمڪي رهيو هو.

        ”مون کي اُڃ لڳي آهي.“ مگن لال پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائيندي چيو.

        ”او، هتي، سيمنٽ ۽ ريتي ملائڻ واري جاءِ تي نلڪو لڳل آهي. وڃ، پاڻي پِي جلدي اچ.“ عورت هٿ جي اشاري سان کيس چئي رهي هئي.

        مگن پاڻي پِي وري اچي ساڳي جاءِ تي ويهي رهيو.

        ”تون ڇو نٿو وڃين؟“ عورت تغاري ڀريندي چيو.

        ”بک لڳي آهي.“

        ”بک لڳي اٿئي ته ڪو ڪم ڪر.“ هوءَ تغاري کڻي هلي ويئي. جڏهن موٽي آئي ته مگن لال کيس چيو:

        ”مون کي ڪو ڪم وٺرائي ڏي.“

        ”ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟

        ”جيڪو تون ڪري سگهين ٿي.“

        ”مان تغاري کڻي سگهان ٿي.“

        ”مان به کڻندس.“

        عورت هن جو زرد چهرو، هن جو سنهڙو جسم ڏسي کِلڻ لڳي ۽ پوءِ هوءَ تغاري کڻي هلي ويئي. وري واپس آئي ته هڪ سفيد مڇن واري پوڙهي کي ساڻ وٺي آئي. مگن لال کي ڏسي سفيد مڇن واري جي چپن تي مرڪ تري آئي.

        ”اُٿي سڌو ٿي بيهه.“

        مگن لال اُٿي بيٺو، پوڙهي هن کي ننهن کان چوٽيءَ تائين ڏٺو ۽ پوءِ چيائين.

        ”ڪم ڪندين؟

        ”ها، ڪندس.“

        هتي مردن کي ڏيڍ رپيو روز ملي ٿو ۽ عورتن کي هڪ رپيو ملي ٿو. تنهنجو جسم بلڪ ڏوٻرو آهي، زناني جسم جهڙو. توکي صرف هڪ رپيو ملندو. هو کِليو.

        ”هلندس.“

        ”ته پوءِ کڻ تغاري.“

        سڄو ڏينهن هو تغاري کڻندو رهيو. پهرين ويهه-پنجويهه تغارين ته هن کي ڪابه تڪليف ڪانه ڏني، پوءِ آهستي آهستي تغاري ڳري ٿيندي وئي ۽ جسم مان پگهر نڪرندو رهيو. سج جا ڪِرڻا هن جي جسم ۾ سُين جيان چڀڻ لڳا. هن کي بار بار اُڃ پئي لڳي. هٿ پير ڳرا محسوس ٿيڻ لڳس. ڄڻ هن جي جسم ۾ رت جي بدران پگهاريل شيهو هلي رهيو هو. پوءِ به هو ڏند ڀڪوڙي سڄو ڏينهن تغاري کڻندو رهيو. ڏينهن ۾ ڏهه دفعا کيس خيال آيو ته هو تعاري ڇڏي هليو وڃي ۽ رستي تي هلندر ٽيڪيسن مان ڪنهن کي روڪي سڌو پنهنجي عيش و آرام واري محل ۾ وڃي. پر پوءِ به هو ڪم ڪندو رهيو. شام جو جڏهن هن کي موڪل ملي ته هو تغاري ريتيءَ جي ڍڳ تي رکي اتيئي سمهي رهيو. شام جي سامونڊي هوا آهستي آهستي سندس پگهر سڪائي ڇڏيو. هن کي نند اچڻ لڳي. هن کي خبر ڪانه پيئي ته ڪيڏي مهل سندس اک لڳي. اوچتو، رات جو ڪنهن هن کي اٿاريو. سانوري عورت هن جي ڀرسان بيٺي هئي ۽ کيس چئي رهي هئي:

 

        ”اُٿ، ماني کاءُ، بکيوئي سمهندين ڇا؟،

        هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، سمنڊ اونداهو ٿيندو ويو. ٻارهن ماڙ، نامڪمل بلڊنگ هڪ خوفناڪ ديوي جيان وات ڦاڙي بيٺي هئي. هن جي قدمن ۾ مزورن جون ننڍيون ٽوليون، باهه ٻاري ماني پچائڻ ۽ کائڻ ۾ مصروف هيون. ٽهڪڙا، ڳالهيون ۽ گاريون وغيره.

        هڪ ٿُلهي مانيءَ تي سانوري عورت ٿورو ساڳ رکي کيس ڏنو. پهريائين ته مگن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪيئن کائي. ڇاڪاڻ ته هو ڇرين ۽ ڪانٽن سان کائيندو هو. ٻيو ڪو به طريقو هن جي سمجهه ۾ نه آيو. مگر هن کي ڏاڍي بک لڳي هئي. هو ماني ڀڃي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان کائڻ لڳو. سانوري عورت مسڪرائيندي کيس ڏسي رهي هئي. کائڻ کان پوءِ هن چيو:

        ”ٻي ماني به ڏي.“

        ”اڄڪلهه راشن مهانگو آهي، پهريائين اسين به ٻه مانيون کائنيدا هئاسين، پر هاڻي اسين سڀ هڪ-هڪ ماني کائيندا آهيون.“

        ”مگر مونکي ڏاڍي بک لڳي آهي.“

        ”ته نل مان گهڻو پاڻي پِي سمهي رهه، ٻي ماني نه ملندي.“

        نل مان پاڻي پيئڻ بعد هو وري اچي سمهي رهيو. مگر هاڻي هن کي ننڊ نٿي آئي. آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. ۽ هو دير تائين انهن کي ڏسندو رهيو. پوءِ هو پاسو ورائي پنهنجي ڀر ۾ ليٽيل عورت کي غور سان ڏسڻ لڳو. هوءَ به جاڳي رهي هئي ۽ آسمان طرف ڏسي رهي هئي.

        ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ مگن لال هن کان پڇيو.

        ”تلسي“. هن چيو.

        ”تنهنجو گهر وارو ڪٿي آهي؟،

 

        ”مون پنهنجي گهرواري کي ڇڏي ڏنو آهي…“

        ”ڇو؟

        ”هو دارون پيئندو هو.“

        ”ٻار ٻچو؟

        ”هڪ ڇوڪري هئي، تاني، اها به مري ويئي.“

        هو دير تائين خاموش رهيو. ڪافي دير تائين هوءَ به ماٺ هئي. هوا جون لهرون اينديون ويون، ۽ مگن لال جي جسم ۾ به لهرون اُٿينديون رهيون.

        تلسيءَ پنهنجون ٻيئي ٻانهون پنهنجي ڇاتيءَ تي ٻڌي ڇڏيون هيون. هوءَ ڄڻ آسمان کي تَڪي رهي هئي. پوءِ اوچتو هن پڇيو.

        ”تنهنجو نالو؟،

        ”مگن“.

        ”گهرواري؟

        ”اها مون کي ڇڏي هلي ويئي.“

        ”ڪو اولاد؟

        ”ڪوبه ڪونه.“

        پوءِ سڄي رات تلسي ڪونه ڳالهايو ۽ مگن به تارا ڳڻيندي سمهي رهيو. جڏهن صبح جو اٿيو تڏهن هن جو سارو جسم ٻري رهيو هو، ۽ سڄي بدن ۾ سور هوس. پر هن تلسيءَ کي ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ تغاري کڻي سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو. ڪنهن ڪنهن مهل هن کي ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪم ڪندي ڪندي هن جو ساهه نڪري ويندو. پوءِ به هو ڪم ڪندو رهي ٿو. شام جو هڪ بلڪل بيستو ۽ بيجان ٿي زمين تي پئجي رهيو، رات جو تلسي هن کي جاڳايو. هوءَ هٿ ۾ ٿالهي 

کڻي هن جي ڀرسان بيٺي هئي، ۽ هن ڏانهن همدرديءَ وارين نگاهن سان ڏسي رهي هئي.

        ”توکي ته بخار آهي؟

        .ڪا دوا وٺندين؟

        ”نه، سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندس.“

        ”اٿي ماني کاءُ، اڄ توکي ٻه مانيون ملنديون.“ تلسيءَ ٿالهي هن جي اڳيان رکي ۽ پنهنجي ماني انهيءَ ٿالهيءَ مان کڻي ورتي؛ ۽ مگن کي چيائين تون ٿالهيءَ ۾ کاءُ. مگن ٿالهيءَ ۾ ماني کاڌي. ۽ ماني کائڻ بعد هو سمهي رهيو. ڪجهه بخار هوس، ۽ ڪجهه ٿڪ هوس، پر بلڪل بيخبر سمهي رهيو. رات جو تلسي ٻه-ٽي دفعا اٿي، هن مگن کي ريتيءَ جي ڍڳ تي بلڪل ٻارن جيان ستل ڏٺو. گول کينهوڙي وانگر گوڏن ۾ منهن هنيو پيو هو. تلسي پنهنجي پراڻي سوَڙ هن تي وڌي. صبح جو جڏهن هن کي اُڃ لڳي ته هن سوڙ پنهنجي مٿان ڏٺي. ڀرسان تلسي ستي پيئي هئي. نامڪمل ٻارهن ماڙ جي نامڪمل دروازن ۽ درين مان روشني اندر اچي رهي هئي. هن پنهنجي مٿي تي هٿ رکيو. بخار ڪالهه کان به وڌيڪ هوس، هن جا هٿ ريتي کڻن ڪري سُڄي پيا هئا. اڄ هن کي ڪم ڪندي بيحد تڪليف ٿي رهي هئي. اڄ هو ڪم ڪندي سهڪندو رهيو. اکين اڳيان انڌاري اچي رهي هيس. ڪڏهن ڪڏهن سڄو آسمان ڳاڙهو ڏسڻ ۾ پئي آيس. مٿي کي چڪر اچي رهيا هئس. تلسيءَ هن کي ڪم ڪرڻ کان منع ڪئي. مگر هن نه مڃيو. ڪِرندي، ٿاٻڙندي هو سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو. شام جو خودبخود هن جو بخار گهٽجي ويو. بدن هلڪو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو. ٻئي ڏينهن بخار وڌيڪ گهٽ ٿيو. ۽ تئين ڏينهن بخار بلڪل ختم ٿي ويو. دوا کان سواءِ، مگر هٿن جي حالت خراب ٿي چڪي هيس. تغاري کڻي کڻي کل ئي لهي ويئي هيس. ٽئين ڏينهن اهڙو حال ٿيس جو هو پنهنجن هٿن سان ماني به کائي نٿي سگهيو:

        ”مون وٽ اچ. مان توکي ماني کارايان.“

        ”نه.“ مگن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. مگر هن جيڪو مانيءَ جو گرهه ڀڳو، سو سندس هٿن مان ڪِري پيو.

        ”هيڏانهن اچ.“ تلسي دَڙيندي چيو. هن مگن جي ٿالهي سرڪائي پنهنجي قريب ڪئي.

        مگن به سرڪي وٽس ويو. تلسي هڪڙو-هڪڙو گرهه ڀڃي هن جي وات ۾ ڏيندي ويئي ۽ ٻيو گراهه ڀڃي پنهنجي وات ۾ وجهندي ويئي. ٻيئي گراهه چٻاڙيندا خوشيءَ مان هڪٻئي کي ڏسندا رهيا. تلسيءَ جون اکيون چمڪي رهيون هيون. مگن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سندس ورهين جو ڪٽ آهستي آهستي ڌوپجي رهيو آهي، ۽ هن جي روح جي چوطرف ڄميل برف آهستي آهستي ڳري رهي اهي.

        ماني کارائي، ٿالهي صاف ڪرڻ بعد تلسي ڪٿان تيل جي ننڍڙي شيشي ڪڍي آئي، ۽ مگن جي هٿن کي تي هڻي، هن پنهنجي هڪڙي پراڻي ساڙهيءَ مان ٽڪر ڦاڙي هن جي هٿن تي پَٽي ٻڌي.

        ٻئي ڏينهن هو انهن پَٽي ٻڌل هٿن سان ڪم ڪرڻ لڳو. چئن-پنجن ڏينهن بعد هن جا هٿ ٺيڪ ٿيڻ لڳا. سوڄ ختم ٿي ويئي. هينئر هو بنان تڪليف جي پاڻ ريتي ڀري ٿي سگهيو، هن جي جسم جي زردي آهستي آهستي دور ٿيندي ويئي. کليل هوا، کليل اُس، رات جو کليل فضا کان هن جي جسم ۾ هڪ نئين طاقت ڊوڙن لڳي. پندرهن-ويهن ڏينهن بعد هو ايترو سٺو ڪمائڻ لڳو، جو اڇن مڇن واري هن کي ترقي ڏيئي، مردن جي گريڊ ۾ رکيو. هينئر هن کي ڏيڍ رپيو ملڻ لڳو. هو تلسيءَ کي ڏينهن جي مانيءَ لاءِ پنج آنا ۽ رات جي مانيءَ لاءِ ڇهه آنا 

ڏيندو هو، ٻين آني جي چانهه پيئندو هو، ڪڏهن چئين آني جي. باقي پئسا هو تلسي وٽ رکندو هو. هن جو بوٽ ٽُٽي ويو هو، پتلون ڦاٽي ويئي هيس، گوڏن وٽان ڦاٽي ليڙون پيون لڙڪنديون هيس، مگر هو خوش هو.

        چند ڏينهن بعد تلسي هن لاءِ ڀوري رنگ جي گوڏ وٺي آئي. هن کان اها پتلون لهرائي کيس گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڏني. پهريائين ته هن انڪار ڪيو مگر تلسيءَ جو چهرو ڏسي هو مڃي ويو. اڄ هن چڱيءَ طرح غسل ڪيو، پهريون دفعو تلسيءَ هن جا ڪپڙا ڌوتا. هن جي وارن ۾ تيل وجهي چڱيءَ طرح مالش ڪئي. پهنجي ڦڻيءَ سان هن جا وار سنواريا، اڄ هوءَ بار بار بي اختيار مشڪي رهي هئي. جڏهن هلندي هئي ته هن جو جسم ڊيل جيان ٽِلندو ۽ ترندو پئي ويو.

        اهڙيءَ طرح ڪم ڪندي ڪندي هڪ مهينو وڌيڪ گذري ويو. مگن پنهنجي جسم ۾ هڪ نئين طاقت ۽ چُستي محسوس ڪرڻ لڳو. سندس ٻانهن جون مشڪون اُڀري ايون. سڄو جسم تازو ٿيندو ويو. پيرن جون تريون سخت ٿينديون ويس. بلڊنگ به تيار ٿي چڪي هئي باقي ٿورن ڏينهن ۾ ڪم ختم ٿي رهيو هو، پوءِ هنن کي هي جاءِ ڇڏڻي پوندي.

        ”پوءِ اسين ڇا ڪنداسين؟، مگن پريشان ٿي تلسي کان پڇيو.

        ”هون! ٻي ڪنهن بلدنگ ۾ هلي تغاري کڻنداسين.“ تلسي بيپرواهيءَ سان چيو ”گهڻيون ئي بلڊنگون ٺهي رهيون آهن.“

        هن جي لهجي ۾ اهڙو ته گهَرو اطمينان هو، جو مگن کي به يقين اچي ويو. هو پاسو ورائي سمهي رهيو. اڃا هنن کي سُتي گهڻي دير ڪانه  ٿي ته هن جي ڪنن تي گوڙ ۽ شور جو آواز اچڻ لڳو. هو آواز تي ڇرڪي اُٿيو، اکيون کولي سجاڳ ٿيو. هڪڙو ماڻهو لتن ۽ مڪن سان تلسي کي ماري رهيو هو، تلسي زور زور سان رريون ڪري رهي هئي. ۽ پنهنجي پاڻ  کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ٻنهي ۾ جهڳڙو هلي رهيو هو. مگن لال گهبرائجي اُٿيو، ۽ هنن جي ڀرسان وڇي کانئن پڇڻ لڳو:

        ”ڇا آهي، ڇا آهي؟

        ”توکي ڇا آهي؟، هن بگڙجي چيو.

        ”هيءَ منهنجي گهر واري آهي، هن کي وٺي وڃي رهيو آهيان.“

        ”نه تون منهنجو گهر وارو آهين. نه آءٌ تنهنجي گهر واري آهيان. تو مون کي ڇڏي ڏنو.“ تلسي غصي مان چيو. ”جڏهن کان تو منهنجي تان کي ماريو. مون توکي ڇڏي ڏنو. اڄ ٻن سالن بعد توکي پنهنجي ياد آئي آهي؟،

        ”ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، هن کي معاف ڪري ڇڏ، هن جي گهر وڃ.“ هڪ ٻيو ماڻهو تلسيءَ کي سمجهائڻ لڳو.

        ”نه، مان هن سان گڏ ڪڏهن به نه وينديس. دارون پِي هن مون کي بُک ماريو. منهنجي سڄي ڪمائي به ڦري وٺندو هو. وڃي دارون پيئندو هو.“

        ”هاڻي ڪونه پيئندو.“ ٻئي ماڻهو چيو.

        مگن ڦري کاکر جي اڳيان آيو. ۽ غضبناڪ آواز ۾ چون لڳو:

        ”هن کي ڇڏي ڏي.“

        ”ڇو ڇڏيان، ڇا تون هن جو يار آهين؟

        مگن هن جي منهن تي هڪ زوردار ٺونسو هنيو. کاکر جي منهن مان رت وهڻ لڳو. مگن کي ڏاڍي حيرت لڳي. هن کي خبر ڪانه هئي ته هن جي ٺونشي ۾ ايتري طاقت هوندي! کاکر گار ڏيندي مگن سان چنبڙي ويو. جانٺو هڻي هن مگن کي ڪيرائي وڌو ۽ ٻيئي ٻکين پئيجي ويا. ڪڏهن هو هيٺ ته ڪڏهن هو هيٺ. نيٺ ٻئي ليٿريون پائيندا ريتيءَ جي ڍڳ تان کسڪندا هيٺ وڃي پيا. مگن غصي مان ٻنهي هٿن، پيرن سان ڌڪ هڻي رهيو هو. ڪجهه دير کان پوءِ کاکر سهڪڻ لڳو. هن جو دوست کاکر جي مدد لاءِ پهتو، ٻيئي گڏجي مگن جو مقابلو ڪرڻ لڳا. مگن ڏاڍي دليريءَ سان وڙهي رهيو هو. مگر هو ٻه هئا ۽ مگن اڪيلو هو. مگن هيسجڻ لڳو، ٻيئي گڏجي هن کي مارڻ لڳا. تلسي ميدان ۾ اچي ويئي. ڪڏهن هن هڪڙي کي ٺونشو ٿي هنيو. ته وري ڪنهن کيس ٿي ٺونشو هنيو. هن ڪڏهن کين پٿر ٿي هنيا، ڪڏهن جڪ کائڻ لڳي. ٻيو ماڻهو سَگهومتارو هو. هن تلسيءَ کي ڪيرائي وڌو. هاڻي لڙائي مگن ۽ هن جي وچ ۾ هئي. مگن هڪ ديواني جيان وڙهي رهيو هو. ائين پئي لڳو ته هو وڙهندي وڙهندي مري ويندو پر هار نه مڃيندو. پنهنجي بدن جو سور زور لڳائي مگن هن کي ڪيرائي وڌو پوءِ ڀرسان پيل هڪ وڏو پٿر کڻي هن جي مٿان بيهي رهيو.

        ”هاڻي اٿيو آهين، ته هن پٿر سان تنهنجو مٿو ڦاڙي ڇڏيندس.“ مگن سهڪندي، مگر غضبناڪ لهجي ۾ چيو. مگن کي غصي ۾ ڏسي هن هٿ مٿي ڪيا. ستي ستي چيو:

        ”مون هينئر دارون پيتو آهي، تنهنڪري وڙهي نٿو سگهان. صبح جو ٽائيم هُجي ها ته توکي ڏينهن جا تارا ڏيکاريان ها هينئر معافي ڏي.“

        ايتري ۾ گهڻائي مزدور مرد، عورتون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا. کاکر اتان پنهنجي دوست کي وٺي هليو ويو. مگن آهستي آهستي پٿر هيٺ اچي اڇلي ڇڏيو.

        انهيءَ رات اڇين مُڇن واري، تلسي ۽ مگن کي صلاح ڏني ته هو ٻيئي ٻاهر نه سمهن پر جاءِ ۾ اندر ڪنهن ڪمري ۾ وڇي سمهن. ڪهڙي خبر ته هي وري ڪا بدمعاشي نه ڪن يا ٻين غنڊن کي وٺي اچن.        هڪ ڪمري جي اونداهيءَ فرش تي ٻيئي ستا پيا هئا. چپ چاپ سمنڊ جي ڇولين جو آواز مگن کي پنهنجي دل جي ڌڙڪن جو آواز لڳي رهيو هو.

        تلسيءَ تمام آهستگيءَ سان پڇيو.

        ”مگن!“

        ”جي.“

        ”تون منهنجي لاءِ ڇو وڙهيو آهين؟

        ”ايئن ئي.“

        ”گهڻا ڌڪ کاڌا هوندءِ،

        ”نه.“

        ”ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا اٿئي. مون کي ٻڌا:.“

        ”چوان پيو ته ڪٿي ڪو خاص ڌڪ ڪونه لڳو.“

        ”مان پڇان ٿي ته مگن! تون منهنجي لاءِ ڇو وڙهيو آهين؟

        مگن خاموش رهيو. اوچتو هن محسوس ڪيو ته تلسيءَ جو هٿ اهستي آهستي سندس جسم تي ڦري رهيو آهي. نهايت گنڀيرتا سان هوءَ چوندي ويئي.

        .هتي ڌڪ لڳو آهي…هتي ڌڪ لڳو آهي…“

        تلسيءَ جو زنانو هٿ مگن جي جسم تي ڦرڻ لڳو.

        ”اڙي، هي ڇا ڦري رهيو آهي، هيءَ ڇا ٿي رهيو آهي.“ مگن پنهنجو پاڻ پڇي رهيو هو. منهنجو جسم ڇو گرم ٿي رهيو آهي. زمين مان گرمي اٿي رهي آهي. سمنڊ جو شور اوچتو وڌي رهيو آهي. ديوارون ساهه کڻي رهيون آهن ۽ ڪهڙي خوشيءَ ۾ ڏڪي رهيون آهن. مگن پنهنجن هٿن مان چڻنگون نڪرندي محسوس ڪري رهيو هو. رڳن ۾ خون ڊوڙڻ لڳو ۽ سندس اکين ۾ شعلا ڀڙڪڻ لڳا. هن کِلندي تلسيءَ کي چيو

ته، ”توکي ڇا ٻڌايان، ته مون کي ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا آهن!“

…                    …                 …

        هينئر هو انهيءَ بلڊنگ کان پري شهر جي ٻئي حصي مان وڃي رهيا هئا. ڪم جي تلاش ۾…مگن جي هٿ ۾ تلسيءَ جو هٿ هو. هو ٻيئي نئين شادي ڪيل جوڙي جيان، هڪٻئي ڏانهن ڏسندا اکين ئي اکين ۾ مرڪندا، گڏ هلي رهيا هئا. هڪ وڏي محل نما عمارت ڏسي تلسي هيرت ۾ پئجي ويئي.

        ”ڪنهن راجا، جو محل آهي شايد.“

        مگن پنهنجي گهر جي عاليشان عمارت ڏسي زور سان کليو ۽ کلي چيو:

        ”ها – مگر هن محل ۾ سڀ نامرد رهن ٿا.“

        ائين چئي هو تلسيءَ کي ڇِڪي اڳتي وڌي ويو. محل پوئتي رهجي ويو. نظرن کان دور هميشہ لاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com