• حافظ محمد احسن چنا
سند جو علم و ادب ۽ سنڌ جا عالم
جنهن سرزمين جا اسان فرزند آهيون، اها نه فقط دنيا
جي قديم ترين تمدن جي حامل آهي، بلڪ علمي نقطہء
نگاه کان به هن سرزمين جو ڳاٽ هزارن سالن کان وٺي
دنيا اڳيان اوچو رهيو آهي. موهن جي دڙي جا آثار
شاهد آهن. دنيا ڄاڻي ٿي ته اسان جو تمدن ۽ اسان جي
تهذيب اڄ کان پنج هزار ورهيه اڳ به انتهائي عروج ۽
اقبال تي پهتل هئا. اهو موهن جو دڙو اسان کي اها
به شاهدي ڏئي ٿو ته انهيءَ دؤر جا سنڌي، علم ۽ ادب
جا شائق هئا. ارچ انهن جا اکر ۽ انهن جا لڌل ڪتبه
لسانيات جا ماهر اڃا پڙهي ڪونه سگهيا آهن، تاهم
ايترو يقين ٿئي ٿو ته هن سرزمين جي قديم ترين قوم
نه ته علم کان غير آشنا هئي ۽ نه ڪنهن به طرح جاهل
ئي هئي.
سڪندراعظم جي زماني ۾ به اسان کي اهو معلوم ٿئي ٿو
ته هتي علم ۽ ادب جو ايتريقدر رواج هو، جو سنڌ جي
سرزمين ۾ ڪيئي عظيم الشان ڪتبخانا قائم هئا. جڏهن
اسڪندريه جو تاريخي ڪتبخانو مرتب ٿيو، تڏهن
ڪتبخاني جي گڏ ڪندڙن کي حسرت رهجي وئي، جو هنن جا
هٿ سموري دنيا جي علمي ميراث تائين ته پهچي سگهيا،
ليڪن سنڌ پنهنجي ڪتبخاني جا دروازا سندن دوست برد
کان بچڻ خاطر بند رکيا.
سنڌ جي هي مقدس سرزمين اسلامي علومن سان به پهرين
صدي هجريءَ جي آخر ۾ ئي آشنا ٿي. اسان جي سنڌي
بزرگن پنهنجي خداداد اهليت ۽ پنهنجي قديمي علمي ۽
ادبي استعداد سبب فوراً انهن علومن طرف توجهه ڏنو.
هيءَ ڪمال جي ڳالهه نه آهي جو ٻي صديءَ جي شروعات
۾ ئي انهن علومن ۾ اسان جي وڏن ايترو ته عروج حاصل
ڪيو، جو عربي زبان ۽ ادب جا خالق خود اسان جي ڪمال
۽ مرتبي تي واه واه ڪري اٿيا.
دنياي اسلام جو سڀ کان پهريون ڪتاب ربيع بن صبيح
بصري، سنڌ جي سرزمين ۾ يويه لکيو. مڪتوبات نبويءَ
جو مجموعو به سڀ کان اول ديبل جي هڪ عالم حضرت
ابوجعفر محمد بن ابراهيم جي هٿان اسلام جي ابتدائي
صدين ۾ مرتب ٿيو. جيڪڏهن اهو سنڌي عالم ’مڪاتيب
نبوي‘ جمع نه ڪري ها ته هوند اڄ اسان پنهنجي پياري
نبيءَ جي انهن جواهر پارن جي زيارت ۽ مطالع کان
محروم رهجي وڃون ها.
مغازيءَ جي فن تي به سڀ کان پهريون ڪتاب سنڌ جي هڪ
باشندي حضرت ابو معشر بن عبدالرحمان اسلامي دنيا
کي ڏنو. انهيءَ بزرگ جي مرتبي ۽ بلنديءَ جو هن مان
اندازو ڪري سگهجي ٿو، جو جڏهن (سنه 170 هجري ۾)
سندس لاڏاڻو ٿيو، تڏهن نه فقط سمورو بغداد سندس
جنازه نماز ۾ شريڪ هو، بلڪ هارون رشيد پاڻ خواهش
ڪري سندس جنازه نماز پڙهائڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
ان طرح حديث، رجال ۽ سِيَر خالص عربن جا پيدا ڪيل
علوم آهن، ليڪن اسان لاءِ ڪيڏي نه فخر ۽ مباهات جو
سبب آهي، جڏهن اسان ڏسون ٿا ته انهن علومن ۾ به
انهيءَ ساڳئي دؤر اولين ۾ خود اسان جي ئي سَوَن
سنڌين عربن جي گهر ۾ وڃي سندن استادي ڪئي ۽ کين
انهن علمن جون سندون مرحمت ڪيون.
عربي شاعريءَ ۾ اسان جي سنڌي بزرگن ”ابوعطا ۽ ابن
ڪشاجم“ جو عربي نسل شاعر ۽ انهن جا زباندان حضرات
اڄ به نهايت عزت سان نالو وٺن ٿا. حماسہ جي مصنف
ابو تمام پنهنجي مجموعہ ۾، جتي خالص عربي النسل
شاعرن جي ڪلام کي جاءِ ڏني، اتي اسان جي سنڌي نسل
شاعرن جي انتخاب کي به آڻڻ کان سواءِ رهي نه
سگهيو. عرب سڳورا عجم جي غريب باشندن سان زبان۽
ادب جي باري ۾ ڪهڙو نه سهڻو سلوڪ ڪندا هئا.
اهو فقط اسان جي ئي سرزمين جي فرزندن کي شرف حاصل
آهي، جو عربن سان، خود سندن ئي پيدا ڪيل ۽ سندن ئي
زبان جي ادب ۾ سانن شانه بشانه هلندا رهيا. امام
اوزاعي رحمة الله عليہ جي شخصيت ڪنهن کان ڳُجهي
ڪانه آهي. اهو بزرگ اسلام جي انهن امامن مان آهي،
جنهن کي فقہ اندر پنهنجو جداگانه رستو آهي. صدين
تائين شام ۽ اندلس اندر سندس پيروي ڪندڙن جو وڏو
تعداد موجود هو، امام مالڪ سندس شاگرد هو ۽ امام
ابو حنيفه سندس معاصر ۽ مداح هو. سو به نسل جي
خيال کان سنڌي هو. ٻي صدي هجري جي وچ ڌاري اهو
بزرگ بيروت ۾ وڃي موت سان ملاقاتي ٿيو. اسان کي
فخر ڪرڻ گهرجي ته اهو به هن ئي اسان جي پنهنجي
سرزمين جو فرزند ارجمند هو.
حديث ، مغازي، رجال، سير ۽ ادب نه بجاءِ خود، ليڪن
تصوف جي ميدان ۾ به اسان جي هن سر زمين جي باشندن
کي سبق سيکاريا آهن. سوين سنڌي شهسوار اسان کي
انهيءَ ميدان جا به نظر ايندا. اسلامي تصوف جو
مشهور بزرگ امام حضرت بايزيد بسطاميءَ شيخ ابو علي
نئو مسلم سان رهاڻيون ڪيون.
جڏهن شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني هيڏي ٿي آيو،
تڏهن شهاب الدين سهرورديءَ کيس چيو ۽ تاڪيد ڪيو هو
ته باقي امانت مخدوم نوح بکريءَ کان وڃي حاصل ڪر.
اهي ابتدائي زماني جون ڳالهيون آهن، ليڪن هن پوئين
دؤر جا پنهنجا صوفي باصفا به ڏسو. ميان مير
لاهوري، شهزادي داراشڪوه جي پير جو پير، اسان جو
پنهنجو سيوهاڻي سنڌي هو. شيخ عيسيٰ سنڌي، جيڪو
شطاري طريقي جو امام هو، سو به اسان جو ئي پنهنجو
سنڌي هو. خان خانان جهڙو عظيم المرتبت جرنيل ۽
بهادر امير به رات ڏينهن برهانپور ۾ سندس صبحت
لاءِ پنڌ ڪندو هو. شيخ ابوالقاسم نقشبندي، مخدوم
آدم ٺٽوي، مخدوم بلاول ۽ مخدوم نوح جو تصوف ۾
مرتبو ۽ بلندي ڪنهن کان ڳجهي ڪانه آهي. انهن سڀني
بزرگن نه رڳو تصوف جي تعليم ڏني، ليڪن انهيءَ فن ۾
ڪيئي ڪتاب به ليکائون. خود ابوالحسن سنڌي ڏاهريءَ
جو ”ينابيع الحياة الابديہ“ امام غزاليءَ جي ڪتابن
کان به گوءِ کڻي ويو آهي.
انگريزن جي آمد کان ٿورو اڳتي وڌي ڏسبو ته اسان وٽ
هڪ ئي وقت ۾ آسمانِ علم ادب جا ڪيترا نه سج، چنڊ ۽
مشتري موجود هئا. ابوالحسن ڪبير، ابوالحسن صغير،
شيخ طيب سنڌي، شيخ رحمت ۽ شيخ عبدالله درٻيلائي،
مخدوم محمد امين ۽ سندس فرزند مخدوم محمد معين
ٺٽوي، مولانا جعفر بوبڪائي ۽ مولانا مخدوم محمد
هاشم ٺٽوي آهي بزرگ هئا، جن جي مدرسن ۽ مڪتبن مان
جيڪي علمي انوار بلند ٿيا، تن سڄي اسلامي دنيا کي
وڃي روشن ڪيو.
مولانا محمد حيات سنڌي رحمہ الله عليہ، ميان
ڦلاريه چاچڙ جو پت ۽ سکر ضلعي جي عادلپور ڳوٺ جو
رهاڪو هو. مدينہ عاليه ۾ عين روضه اطهر جي سامهون
ويهي، هُن اسلامي علومن جو درس جاري فرمايو، جتي
سوين مفسّر، محدّث ۽ هندستاني علماء وٽانئس سَند
وٺي ٻاهر نڪتا. امام محمد بن عبدالوهاب نجدي، اسان
جي انهيءَ سنڌي بزرگ جو شاگرد هو.
اسان جنهن سر زمين جي حال ۽ مستقبال جي علمي ميراث
جا حامل آهيون، ان جي ماضيءَ اڳيان ڪيترن عرب ۽
عجم جي عالمن ڪنڌ
نوايو. اسان محسوس ڪريون ته اسان جي علمي برتري ۽ ادبي بلنديءَ
جي صدين کان وٺي دنيا قائل رهندي آئي آهي. ماضيءَ
جي احوال مان اسان ۾ پنهنجي لاءِ خودشناسي پيدا
ڪرڻ جو مقصد آهي.
اسان جي سنڌي زبان، برصغير جي قديم ترين زبانن مان
هڪ آهي ۽ سندس دامن اڪيچار علمي ۽ ادبي جواهرن سان
ڀريو پيو آهي. اسان جي زبان سان نزاڪت، الفاظن جي
وسعت ۽ نوت بيانيه ۽ ادائگيءَ جي مطلب جي لحاظ سان
جيڪڏهن عربي ۽ فراسي همعصريءَ جي دعويٰ ڪن ته ڪري
سگهن ٿيون جو انهن کي واجب آهي، ليڪن ٻي ڪنهن به
ديسي زبان ۾ اهو وِت نه آهي، جو رڳو اک کڻي نهارڻ
جي به همت ڪري سگهي. دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته
الفاظن جو ذخيرو جيترو اسان جي زبان ۾ موجود آهي،
اهو ٻيءَ ڪنهن به زبان کي نصيب نه ٿيو آهي. سنڌي
زبان جو ادب اگرچ اسان وٽ لکپڙهه ۾ گهڻو پوءِ آيو،
ليڪن زبان جي قدامت ۽ ان جي زباني ۽ روايتي ادب
جون نشانيون، پارَ ۽ پَتا سوين صديون اڳ پون ٿا.
ٻي صدي هجريءَ جي آخر ۾ برامڪن جي دربار اندر هڪ
سنڌي شاعر، جنهن پنهنجي سنڌي زبان ۾ مدحيه شعر
پڙهيو، اهو اسان کي اها ثابتي ڏئي ٿو ته سنڌي زبان
جي شاعري اڄ کان تيرهن صديون اڳ شروع ٿي.
اهڙيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو ته سن 288 هجري ۾ قرآن
شريف جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ٿيو ۽ ٻيو به هڪ ڪتاب
عبادات ۽ عقائد تي تصنيف ڪيو ويو. انهيءَ مان به
خبر پوي ٿي ته نه فقط تصنيف ۽ تاليف انهن ابتدائي
صدين ۾ ٿيندي هئي، بلڪ قرآن مجيد جو سڀ کان پهريون
ترجمو اسان ئي پنهنجي سنڌي زبان ۾ ڪيو. ان طرح
حافظ ابرو جي طفيل اسان کي هي به معلوم ٿيو آهي ته
طبرستان جي ڪتبخاني ۾ هڪ ساوند جي ڪنهن مصنف جو
عربي ۾ ترجمو ٿيل ڏٺو ويو. ساموندي سنڌ جو هڪ شهر
هو ۽ انهيءَ جي باشندي پنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ اڄ کان
اَٺ-نَو سؤ ورهيه اڳ اهو ڪتاب لکيو هوندو.
سنڌيءَ جي بيتن جو ڏس اسان کي ”ماموئي“ ۽ ”قاضي
قاضن“ جي ذريعي ملي ٿو، ليڪن انهن کان اڳ جو ڪلام
پڻ ملي سگهيو آهي. انهيءَ دؤر ۾ اهو پڻ ظاهر ٿي
چڪو اهي ته سنڌي زبان ۾ ڪافيون به چيون وينديون
هيون. اهي پار پتا، نشان ۽ نقطا انهيءَ زماني جا
آهن، جنهن جو سمورو علمي ذخيرو صدين جي اُٿل پُٿل،
زماني جي ڦير گهير ۽ بادشاهن جي مٽاسٽا اسان وٽان
گم ڪري ڇڏيو، ليڪن اسان جڏهن کان وٺي اک کولي ۽ ان
جي سنڀالڻ ۽ سموهڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان وٺي
جيڪڏهن اسان پنهنجي ذهن ۾ جائزو وٺنداسين ته
پاڪستان جي ڪابه ٻي زبان، سنڌيءَ جي سرمايه سان
همسري ڪري ڪانه سگهندي.
ماهرن اندازو لڳايو آهي ته اڄ تائين سنڌي زبان ۾
ڪتاب، پمفلٽ ۽ رسالا ننڍا وڏا هڪ لک کان زياده
شايع ٿيا آهن. |